مهاڳ
”المنقذ من الضلال“[1]
امام غزالي رحه جي هڪ اهم تصنيف آهي. منجهن
بيشمار فائدا آهن ۽ دور رس ڀلايون آهن. هيءُ ڪتاب
ايمان جو معيار ۽ عمل جو ميزان آهي، جنهن ۾ هر
کري کوٽي کي پرکيو ۽ توريو ويو آهي. حقيقت ۾ هيءَ
سعادت جي ڪنجي ۽ مومن جي وڃايل وٿ آهي. پڙهندڙ،
ان جي اڀياس سان پنهنجي ديني ڪمزوري دور ڪري.
پنهنجي وڃايل موڙي واپس حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪتاب جي
مطالعي بعد، دين ۾ کيس ڪو به دوکو ڏيئي نٿو سگهي،
ڇا لاءِ جو هي ان کي صحيح ايمان ۽ عمل سان اهڙو
مسلح ڪري ٿو، جنهن جي اڳيان بيهي مقابلي ڪرڻ جي
ڪنهن کي مجال ئي نٿي رهي. مخالفن جي اعتراضن کي
نهايت سنجيدگيءَ سان، سواءِ ڪنهن تعصب جي، اهڙو ته
ڇنڊيو ويو آهي، جو شڪ ۽ گمان جي ڪا جاءِ ئي نه
رهي آهي.
سهوليت خاطر ڪتاب جو نالو ”ڇوٽڪارو“ رکيو ويو
آهي، جنهن ۾ بلاشبه نجات جو سڀ سامان موجود آهي.
و آخر دعوانا الحمدلله رب العالمين.
حيدرآباد (سنڌ) غلام حسين جلباڻي
7 جنوري، 1959ع
امام غزالي
”حجته ا لا سلام“[2]
امام ابو حامد محمد بن محمد بند محمد بن احمد
غزالي، سن 450 عيسويءَ خراسان پرڳني جي طوس شهر ۾
ڄائو هو. سندس والد ان ڪتڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ ان
وقت گذري ويو. جڏهن امام صاحب اڃا ننڍو. وفات
کان کان اڳ کين سندن ڀاءُ احمد سان گڏ، هڪ صوفي
دوست جي حوالي ڪيو هئائين. جنهن هنن ٻنهي کي عبادت
۽ علم جي پرورش ڏني ۽ هڪ مدرسي ۾ علم جي تحصيل
لاءِ ڇڏيائين. اهڙي ءَ طرح سان هي ٻئي ڀائر علم
پرائڻ ۾ لڳي ويا. محمد غزاليءَ ۾ ننڍپڻ کان ئي.
روشن دماغيءَ ۾ تيز فهميءَ جون نشانيون چمڪڻ لڳيون
۽ سندس وسيع فڪر ۽ خيال، فقيهن جي تنگ دائري کان
کيس ٻاهر آڻڻ لاءِ ڇڪيندا رهيا. جڏهن پاڻ جوان ٿيا
تهڏهن فقيهن جي کٿل دليلن ۽ ڪذب آميز بيانن کان
مطمئن ٿي نه سگهيا. علم الڪلام جي گهري اڀياس لاءِ
پوءِ نيشاپور[3]
روانا ٿيا، جتي هڪڙي وڏي صوفيءَ، ”امام الحرمين“
جي هٿ هيٺ رهي، سکيا ورتائون ۽ اتي مختلف مذهبن
۽ انهن جي اختلافن کي چڱيءَ طرح پڙهيائون؛ ۽ ان
سان گڏ، ”جدل“[4]
منطق ۽ فلسفي جي به تعليم ورتائون. ان کان پوءِ
تصنيف ۽ تاليف جو ڪم شروع ڪيائون ۽ هتي ئي علم
متعلق کيس ڪجهه شڪ شبها. جاڳيا. امام الحرمين جي
وفات بعد سندن تعارف سلجوقي وزير”نظام الملڪ“ سان
ٿيو، جنهن بغداد ۾ هڪ اهڙي مدرسي(المدرسته
النظاميه) جو بنياد وڌو هو، جو ان وقت علمن جي هڪ
يونيورسٽي شمار ڪيو ويندو هو ۽ هتي غزاليءَ کي سن
484 هجري، بمطابق 1091عيسوي ۾ استاد ڪري مقرر ڪيو
ويو، جتي هن پنهنجي زبان جي فصاحت، ڳوڙهن نڪتن ۽
باريڪ اشارن سببان گهڻي شهرت حاصل ڪئي. بغداد ۾
رهي ڪري غزاليءَ فلسفي جو عميق اڀياس ڪيو. فارابي
۽ ابن سينا جي ڪتابن جو مطالعو ڪيائين، جنهن بعد
پنهنجو ڪتاب ”مقاصد الفلاسفه“ لکيائين جو فلسفي ۾
سندس دقيق ڄاڻ ۽ وسيع معلومات جو ڪافي دليل آهي.
پنهنجن هن ڪتاب جي جواز لاءِ اماز غزالي چوي ٿو
ته هن ”فيلسوفن تي تنقيد ڪرڻ ۽ کين ڪوڙي ثابت ڪرڻ
کان اڳ، انهن جي راين کي سمجهڻ جو ارادو ڪيو.
جيتوڻيڪ هي ڪتاب علمي بحث جي ڪري ناميارو آهي.
تنهن هوندي به سڀئي دليل هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن
ٿا ته غزاليءَ هي ڪتاب ڪو علم لاءِ خاص رغبت خاطر
نه لکيو آهي، مگر ان ۾ هي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته
جيئن فڪري شڪ شبها ويندا رهن ۽ اندروني پريشاني
باقي نه رهي. حقيقت ۾ هن ان بعد، پنهنجو مشهورو
ڪتاب، تهافت الفلا سفته“ تاليف ڪيو. جنهن ۾ هن علم
جي قدر ۽ منطقي دليلن بابت پنهنجا شڪ ظاهر ڪيا
آهن. اڳتي هلي، سندس شڪ هڪ اهڙيءَ حد کي اچي
پهتا. جو هن درس تدريس کان ڪناره ڪشي ڪئ، پنهنجي
اهل اولاد ۽ مال کي به ڇڏي ڏنو” تهافت الفلاسفته“
جي لکڻ بعد يا ان کان ٿورو پوءِ، سن 1005ع ۾ هو،
پنهنجي نانءَ ناموس ۽ شان شوڪت کي خير باد چئي،
بغداد مان روانو ٿيو. هن راهه وٺڻ ۾ به کيس گهڻي
اٽڪ ٿي ۽ نفس سان ڪٺن مجاهدو ڪرڻو پيس. سندس بلند
مثال هن دنيا کان گهڻو مٿانهون هو ۽ هن خوخ محسوس
ڪيو ته هو دنيا جي رذيل شين جي مقابلي ڪرڻ جي
پوري طاقت رکي ٿو ۽ ان جي ”عملن“ کي ”غير علمي“
طريقي سان باطل ثابت ڪرڻ جي منجهس ڪافي سگهه آهي،
مگر هي يقين ٿي چڪو هوس ته هاڻ اهو سندس فرض آهي
ته هو هڪ ٻئي رستي تي هلي، جو کيس هن دنيا کان
گهڻو گهڻُ مٿي کڻي وڃي، ۽ جتي هو حقيقتن جي
اونهاين کي خوب سمجهي سگهي.
هن عرصي ۾ غزالي هڪ سخ بيماريءَ ۾ مبتلا
ٿي پيو، جنهن کانئس دنيا ۾ رهڻ جو آسرو ئي ڇڏائي
ڇڏيو. پر عين ان وقت سندس حقيقي مهم جو راز کلي
پيو. بس پوءِ ته پنهنجي نفس جي سڌاري ۽ صفائيءَ
لاءِ صوفيانه مشقن ۾ لڳي ويو، تان جو هو آئينده کي
منهن ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار ٿي پيو ۽ ديني سڌاري،
اجتماعي ۽ سياسي اصلاح ۽ اسلامي دنيا جي ڀلي جي ڪم
لاءِ لائق ٿي ويو. اسلامي دنيا ان وقت غزالي جهڙي
ماڻهوءِ جي ڏاڍي محتاج هئي، جڏهن يورپ ۾ صليبي
لشڪر، مسلماني ملڪن تي حملي ڪرڻ جون تياريون ڪري
رهيا هئا ۽ هن پاڻ کي ديني عقيدي جي بچاءِ لاءِ
خوب تيار ڪري رکيو هو. منجهس هي عقيدو گهر ڪري
ويو هو ته هو ٻين جو سڌارو به تڏهن آڻي سگهندو،
جڏهن پهريائين هو پنهنجو سڌارو آڻيندو ۽ ٻيو ته
هو انهن مسجد دن (دين کي جياريندڙن) مان ٿيندو،
جن جي لاءِ حديث ۾ آيل آهي. ته الله تعاليَ هر
سئو سال پڄاڻا انهن کي موڪليندو آهي.[5]
بغداد کان نڪري هو حج بيت الله جي ارادي سان
راونو ٿيو ۽ ڏهن ورهين تائين، فقيرن جي لباس ۾
سرگردان، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڦرندو رهيو. دمشق کان
بيت المقدس، اتان وري مصر ويندي، اسڪندريه تائين ،
چڪر ڪاٽيندو رهيو ۽ اهو سارو وقت عبادت، پرهيت
گاريءَ ۽ نفس سان مجاهدي ڪرڻ ۾ گذاريائين. نيٺ
مختلف شهرن جو گشت ڪندو، مسجدن جون زيارتون
ماڻيندو، بيابانن ۽ برپٽن ۾ اجهو ڳوليندو، غارن ۾
نويڪلو ٿي گهڙيون گهاريندو. ۽ ٻيون ڪيتريون ئي
سختيون سهندو ۽ ڏک ڏولاوا ڏسندو رهيو. هن سفر جي
آخر ۾ دين جي دعوت ڏيڻ جي پڪي ارادي ڪرڻ بعد،
ماڻهن کي پاڻ سڌاري آڻڻ لاءِ، عمل جو طريقو اختيار
ڪيو. پوءِ سهي سنڀري پنهنجو ڪتاب”احياعه العلوم
الدين“ لکيائن. ان کن پوءِ هو نيشاپور ڏانهن واپس
وريو. هتي اچڻ سان هو درس تدريس، وعظ ۽ تعليم،
عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهيو. آخرڪار پنهنجي ئي
وطن”طوس“ ۾ سن 505 هجري بمطابق 1111ع ۾ وفات
ڪيائين.
غزاليءَ جي اڀياس مان اسين ڏسون ٿا ته
سندس حياتيءَ ۽ سندس ماحول درميان ڪيترو نه گهرو
تعلق آهي. جهڙيءَ طرح سندس اندروني پرشاني ۽ فڪر
شڪن کيس پنهنجي زندگي بدلائڻ لاءِ آماده ڪيو،
اهڙيءَ طره ان سندس مسافريءَ سندس عبادت ۽ سندس
رياضت پڻ سندس خيالن کي ڦيرڻ، سندس طريقي کي مقرر
ڪرڻ ۽ دين ۾ عملي اصلاح آڻڻ لاءِ کيس شوق ڏيارڻ ۾
ڪافي اثر پيدا ڪيو آهي. ڏسجي ٿو ته هنن ڏهن سالن ۾
غزاليءَ لکپڙهه جو ڪم هٿان نه ڇڏيو هو. مگر ڪن
ٿورن وقتن تي، جي هن عبادت ۽جاءِ مٽائڻ (هڪ هنڌ
کان ٻئي هنڌ وڃڻ رهڻ) ۾ صرف ڪيا. ان عرصي ۾ امام
صاحب ”احياعه العلوم الدين“ جو ڪفاي حصو لکي چڪو
هو، ۽ ٻيا به ڪيترائي ديني ڪتاب تصنيف ڪري چڪو
هو. لهذا سند تصنيف جو شمار گهڻو وڌي ويو هو. سندس
سڀ بحث مباحثا ديني فڪر جي چوڌاري ڦرن ٿا. جنهن
لاءِ هن پنهنجي ساري زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي.
سندس تصنيفات جي امتيازي ۽ نادر خصوصيت هيءَ آهي،
جو انهن ۾ موضوع جي وحدت (وحدته الموضوع) قائم رکي
وئي اهي ۽ منجهن بنيادي فڪر جي چٽائي پيش ڪيل آهي
۽ پنهنجي نظرين جي بچاءِ لاءِ سمجهاڻيءَ جي طاقت
سمايل آهي. حقيقت ۾ غزاليءَ کي پنهنجو نرالو اسلوب
هو، جنهن مان حياتي ڇوليون هڻي ٿي نڪري ۽ جو لفظي
صنعت کان خالي آهي ۽ چٽائي ۽ صفائي سان بلڪل ڀرپو
ر آهي. پڙهندڙن ائين پيو محسوس ڪندو ته هتي هڪ دل
آهي، جي ڀڙڪا پيئي کائي ۽ هڪڙو فڪرو آهي جو گشت
پيو ڪري ۽ هڪ ارادو آهي جو لکائي رهيو آهي، جڏهين
غزاليءَ جو توجهه سندس لغوي غلطين، لفظن ۽ ترڪيبن
تي پوري ڌيان نه ڏيڻ طرف ڇڪايو ويو، تڏهين جواب ۾
چيائين ته ”سندس اصلي مقصد آهي، معنائون بيان ڪرڻ
۽ انهن جي تحقيق ڪرڻ ۽ نه لفظن ۽ جملن جي ڇنڊڇاڻ
ڪرڻ.“ اسين الله سائينءَ جي ساراهه ڪريون ٿا. جو
امام صاحب جن لغت جي علمن ۾ پاڻ کي مشغول نه رکيو
۽ نه وري لفظي صناعت جو ڪم اهتمام ڪيو، ڇاڪاڻ ته
جيڪڏهن هو ان طرف توجهه ڏئي ها ته پوءِ سندس لکيت
جي سمجهاڻيءَ ۾ اهڙي قوت ۽ اهڙو جوهر نه هجي ها.
اسين هتي غزاليءَ هجي سڀني ڪتابن کي شمار ڪرڻ نه
ٿا گهرون، باقي انهن مان سندس ڪن اهم ڪتابن جي زڪر
ڪرڻ تي ڪفايت ڪريون ٿا، ڇا لاءِ جو انهن جو فلسفي
سان تعلق آهي. انهن مان هڪ آهي ”المنقذمن الضلال“
جو هن پنهنجي پوين ڏينهن ۾ تصنيف ڪيو هو. پنهنجي
موضوع جي لحاظ کان ادبي دنيا ۾ ان جهڙا ڪي ٿورڙا
ڪتاب لڀندا. هي ڪتاب، اسان جي اڳيان غزاليءَ جي
تفڪر ۽ حقيق جي پٺيان سندس جدوجهد جي حالات جي شرح
بيان ڪري ٿو؛ اهو گويا سند س فڪري زندگي جو ترجمو
آهي، جو اسان کي غزالي جا شڪ شبها ۽ مختلف مذهبن
تي سندس بحث مباحثا کولي ٻڌائي ٿو ۽ آخر ۾ اها
راءِ پيش ڪري ٿوجنهن کان هو مطمئن ٿيو آهي، تنهن
کان پوءِ، فلسفي ۾ سندس ڪتاب جهڙوڪ”مقاصد الفلا
سفته“ ۽ تهافت الفلاسفته“ ۽ منطق ۾ ”معيار النظر“
۽ اخلاق ۾ ”ميزان العمل“ مشهور آهن، سندس ڪتابن ۾
زياده ناميارو ۽ وڏو ڪتاب ”احياعه العلوم الدين“
آهي، جنهن ۾ هن مسلمانن جي ڇوٽڪاري جا رستا ٻڌايا
آهن ۽ هنن لاءِ عقيدن جي حقيقت کولي سمجهائي آهي ۽
معاملات ۽ عبادت کي مفصل طور بيان ڪيو آهي.
المنقذمن الضلال
ديباچو
سڀ ساراهه انهيءَ الله سائين کي سونهي،
جنهن جي شان سان هر رسالو ۽ مقالو شروع ڪيو وڃي
ٿو. ۽ برڪتون محمد مصطفيٰ ﷺ تي هجن، جو نبوت ۽
رسالت جو صاحب آهي ۽ سندس آل ۽ اصحاب تي هجن، جي
گمراهيءَ کان هدايت جي راهه ڏيکاريندڙ آهن.
هاڻي، اي منهنجا ديني ڀاءَ[6]
تو مون کان پچيو آهي ته مان تنهنجي اڳيان کولي
پڌرو ڪريان ته عملن جي منزل مقصود ڇا آهي؟ ۽ ناهن
جا ڪهڙا راز آهن؟ مذهبن ۾ ڪهڙيون منجهائيندڙ
ڳالهيون ۽ ڪهڙيون اونهاريون آهن؟ مان توکي اهو به
ٻڌايان ته مختلف فرقن ۾ جو مونجهارو آهي، ان مان
حق کي جدا ڪري ٻاهر آڻن ۾ مون ڪهڙيون تڪليفون
سٺيون؟ ۽ اهو به ته ٻڌايان ته مان تقليد جي تري
کان مٿي ٿي، صحيح مشاهدي جي بلندي تي پهچڻ ۾
ڪهڙيءَ جرئت ۽ همت کان ڪم ورتو. تون چاهين ٿو ته
مان توکي هيءَ خبر ڏيان ته مون پهريائين ”علم
الڪلام مان ڪهڙو فائدو حاصل ڪيو؟ ۽ پوءِ ”اهل
التعليم“ وارن جي طريقي ۾ ڪهڙيءَ ڳالهه کي ڌاريم،
جي حق کي هٿ ڪرڻ لاءِ امام (معصوم) جي تقليد جو
شرط لڳائين ٿا ۽ ان بعد فلسفي جي طريقي بابت ذڪر
ڪريان، ته ان ۾ ڪهڙي ڳالهه کي رد ڪيو اٿم ۽ آخر ۾
مون تصوف کي ڇو پسند ڪيو ؟ علاوه ان جي توکي هي
پڻ ڄاڻ ٿيندي ته ماڻهن جي مختلف عقيدن جي سمجهڻ
لاءِ جا مون (لاڳيتي) جستجو ۽ڳولا ڪئي، ان سان سچ
جو نچوڙ مون اڳيان ڪيئن کلي ظاهر ٿيو. ان مان هي
به توکي معلوم ٿيندو ته بغداد ۾ علم جي نشر ۽
اشاعت کان مون کي ڪهڙيءَ چيز پري رکيو، حالانڪ
اتي شاگرد به گهڻا هئا، ۽ وري گهڻي عرصي گذرڻ بعد
ڪهڙيءَ ڳالهه مون کي موٽائي نيشاپور آندو اهو مان
تنهنجي گذارش جو جواب ڏيان ٿو، ڇاڪاڻ ته ڏسان ٿو
ته تون هي سڀ ڪجهه دل جي سچائيءَ ۽ چاهه سان پڇي
رهيو آهين. الله سائين جي امداد گهرندي، مٿس توڪل
رکندي، سندس توفيق طلبيندي، ۽ وٽس ئي پناهه
وٺندي، چوان ٿو ته؛ اوهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته
شال الله تعاليَ اوهان کي هدايت ۾ ڪامل ڪري ۽ حق
تي هلڻ اوهان لاءِ آسان ڪري، ته ماڻهن جو دينن ۽
قومن ۾ جو اختلاف آهي ۽ مذهبي رهنمائن ۾ گهڻن فرقن
۽ طريقن سببن، جا (پاڻ ۾) مخالفت آهي، سو سڀ سچ پچ
هڪ اونهي سمنڊ مثل آهي، جنهن ۾ اڪثر لوڪ ٻڏي ويا،
۽ وڃي ڪي ٿورا سلام بچيا، هرهڪ فرقو ائين ٿو
سمجهي ته هو ئي ڇوٽڪاري وارو آهي. ”هر جماعت
پنهجي ئي ۾ مست آهي.“[7]
اها حقيقت آهي جنهن ڏانهن نبين جي سردار اڳيئي
اشارو فرمايو آهي ته منهنجي ”منهنجي امت ٽيهتر
فرقا ٿيندي، جنهن ما ڇوٽڪاري واري فرقو فقط هڪ
هوندو“[8]
سندن هي اشارو اچي سچ ثابت ٿيو آهي.
جوانيءَ جي شروعات کان ئي جڏهن ويهن سالن جي عمر
کي نه رسوي هوس، ويندي اڄ ڏينهن تائين جڏهن ڄمار
پنجاهه کان اڳڀرو ٿي چڪي آهي، مان هميشه هن
اونهي سمنڊ جون ڇوليون جهاگيندو ،سند تهه ۾
بهادرن جيان ۽ نه کيديءَ ۽ بزدل مثل ٽٻيون هڻندو
رهيس؛ هر اونداهيءَ جي ڇيڙي تائين ڪاهيندو ويس
هر مشڪل سان بلڪل بي پرواهيءَ سان پيش آيس ۽ سڀ
ڪنهن اوڙاهه ۾ ڌڪيندو ويس ۽ هر فرقي جي عقيدي جي
جاچ ۽ هر قوم جي مذهب جي رازن جي تحقيقات ڪندو
رهيس، ته جيئن حق ۽ باطل کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري
پڌرو ڪريان ۽ اهل سنته ۽ اهل بدعته درميان فرق
ظاهر ڪريان.
جڏهن ڪو ”باطني“[9]
ٿي منهن پيو، تڏهن ان جي ”بطانت“ کي سمجهڻ لاءِ
چاهه سان ڪوشش ٿي ڪيم ۽ جڏهن ڪنهن ”ظاهري“[10]
سان ٿي ملاقات ٿي ته ان وقت سندس”ظهارت“ کان واقف
ٿيڻ کان سواءِ کيس نٿي ڇڏيم، وري جڏهن ڪو فيلسوف
ٿي ميلو، تڏهن به اهو ئي قصد ڪيم ته ان جي فلسفي
جي تهه کان پاڻ کي با خبر رکان. مون ڪنهن به
”متڪلم“[11]
کي بغير سندس ڪلاڪ ۽ بحث جي غرض کي پروڙڻ کان
سواءِ نه ٿي ڇڏيو. اهڙيءَ طرجگھ سان جڏهن ڪو
”صوفي“ ٿي مليو تڏهن ان جي ”تصوف“ جي راز کي رسڻ
لاءِ ڪائ ڪسر باقي نه ٿي ڇڏيم جنهن وقت ڪنهن
”عابد“ بندي کي ٿي ڏٺم، تنهن وقت هي جاچيندو رهيس
ته آخرڪار سندس ”عبادت“ جو انجام ڪهڙو آهي“
”زنديق“[12]
۽ ”معطل“[13]
سان جڏهن معالوم ٿي درپيش آيو، تڏهن به اها ئي ڌن
رهي ته انهن ڳالهين کي ڳوليان ۽ سمجهان جن هن کي
اهڙي ”مذهب“ اختيار ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو ۽ آماده ڪيو
آهي.
شين جي حقيقتن کي پروڙن جي پياس ننڍپن کان وٺي ئي
منهنجي عادت ۽ خصلت ٿي چڪي هئي، اها هڪ طبي ۽
فطرتي شيءِ هئي، جا الله تعاليٰ منهنجي سرشت ۾
رکي هئي. هيءَ نه ته منهنجي اختياري ڳالهه هئي ۽
نه وري ڪا حيله سازي هلندي هلندي جيئن جوانيءَ جي
ويجهو آيس، تيئن تقليد جي رسي منهنجي گردن مان وئي
ڍري ٿيندي ۽ اهي عقيدا، جي ورثي ۾ مليا هئا، سي
ڀڄي ڀور ٿيا، ڇاڪاڻ جو ڏٺم ته عيسائي ٻار عيسائيت
تي ئي نپجي وڏا ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح سان يهودين جا
نينگر، يهوديت تي وڌن ٿا ۽ مسلمانن جو اولاد وري
مسلم گهر جي پرورش وٺي ٿو. نبي سائين جن جي حديث
اڳيئي ڪنين پئي هئي. جنهن ۾ پاڻ فرمايو هئاون ته
”هر ٻار فطرت تي پيدا ٿئي ٿو؛ پر پوءِ ان جا پيءُ
ماءُ آهن، جي ان کي يهود، نصراني ۽ مجوسي بنائين
ٿا،“[14]
بس پوءِ ته اصلي فطرت جي حقيقت کي سڃاڻڻ لاءِ
منهنجي اندر ۾ هڪ جوش جاڳيو ۽ ارادو ڪيم ته انهن
عقيدن جي حقيقت کي به سمجهان، جي والدين ۽ استادن
جي انڌي تقليد ڪرڻ سببن پيدا ٿين ٿا. ۽ هن تقليد
۽ تعليم ۾ فرق به ظاهر ڪريان، جن جي ڪري حق ۽ باطل
جي امتياز ڪرڻ ۾ اختلاف نمودار ٿئي ٿو. لهذا
پنهنجي دل ۾ چيم ته سڀ کان اول، منهنجو مطلب شين
جي حقيقتن جي ڄاڻ سڃاڻ لهڻ آهي، تنهن ڪري اهو
ضروري آهي ته علم جي حقيقت جي جاچ ڪئ وڃي ته اها
ڇا آهي؟ پوءِ هيءَ ڳالهه مون اڳيان ظاهر ٿي پيئي
ته ” يقيني علم“ ئي آهي، جنهن ذريعي شيون اهڙو ته
کلي پڌريون ٿين ٿيون، جو پوءِ شڪ جي ڪا جاءِ نه ٿي
رهي، جنهن ۾ غلطي ۽ وهم جو ڪو امڪان ئي نه آهي، نه
وري ڪو دل ۾ ئي اهڙو خيال اچي سگهي ٿو. يقيني علم،
خطا کان هر حالت ۾ خالي هجي ۽ غلطي کان اهڙو اڻ
گس ۽ سلامت هجي، جو جيڪڏهن ان کي ڪوڙي ڪرڻ جي
ڪيتري به ڪوشش ڪئي وڃي، ته اها ڪنهن به قسم جو ڪو
شڪ ۽ انڪار پيدا نه ڪري، پوءِ اهڙي ڪوشش اهو شخص
ئي ڇو نه ڪري، جو پٿر کي سون ۾ بدلايو ڇڏي، ۽ لٺ
کي نانگ جي صورت ڏيئي سگهي! هاڻي جڏهن مون کي پڪ
آهي ته ڏهه، ٽن کان وڌيڪ آهن ته پوءِ ان حالت ۾
جيڪڏهن ڪو کڻي مون کي چوي ته ”نه نه ، ٽي ڏهن کان
وڌيڪ آهن ۽ ان جي ثابتيءَ ۾ مان هن لٺ کي نانگ ٿو
بنائي ڏيکاريان“ ۽ پوءِ سچ پچ ائين ڪري به
ڏيکاريائين ۽ مون خود پاڻ اکين سان به ڏٺو، پر ان
سببان جنهن ڳالهه جو مون کي علم آهي (ته ڏهه ٽن
کان گهڻا آهن) تنهن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ پيدا ٿي
نه ٿو سگهي. هان هن جي اهڙي شعبده بازيءَ تي عجب
ضرور کائيندس، باقي پنهنجي علم ۾ شڪ ته ڪڏهن به
ڪري نه ٿو سگهان، ان کان پوءِ هي به سمجهيم ته
جنهن به شي کي مان هن نموني سان نٿو ڄاڻان ۽ ان تي
هن قسم جو ڪو يقين به آڻي ٿو سگهان. ته پوءِ اهو
علم بي ڀروسي ۽ بي سلامتي نه آهي، سو ”يعني علم“
هرگز نه آهي.
بي اعتقادي ۽ علمن جو انڪار[15]
مون پوءِ پنهنجي علمن جي تفتيش شروع ڪئي، ۽ ڏٺم ته
مان اهڙي علم(يقيني علم) کان بلڪل ڪورو آهيان، فقط
اهو شيون جن جوتعلق حواسن سان آهي، يا جيڪي
”ضروري سچ“ آهن، تن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو
ڄاڻان تنهن ڪري چيم ته هاڻي هن نا اميديءَ کان
پوءِ مشڪل ڳالهين کي سمجهڻ ڪاڻ مون لاءِ رڳو هڪڙي
واٽ کليل آهي، ۽ اها هيءَ آهي ته شين کي ظاهر ظهور
هجڻ جي بنياد تي سمجهيو وڃي ۽ اهي (ظاهر ظهور)
ضروري سچ ۽ حواس ورايون شيون آهن(جن کي انسان
بخوبي ڏسي ڪري، ۽ خيال ۾ آڻي سگهي ٿو) لهذا اهو
ضروري ٿي پيو آهي ته پهريائين انهن کي بخوبي
سمجهجي ته جيئن هي يقين ٿئيم ته منهنجو محسوسات تي
ڀروسو ڪرڻ ۽ ضروريات کي غلطين کان آجو سمجهڻ به
اهڙو ئي آهي ڇا جهڙو مان هن کان اڳ تقليد جي
معاملي ۾ سمجهندو هوس ته ان ۾ ڪا غلطي ڪانهي، يا
جيئن جو اڪثر ماڻهو نظر يات کي غلطين کان دور ۽
سلامت خيالن ڪن ٿا؛ منهنجو ڀروسو هڪ ثابت حقيقت
مثل آهي، جنهن ۾ ڪو به شڪ نه آهي! پوءِ ته
محسوسات ۽ ضروريات تي غور لاءِ نهايت ڪوشش ساڻ
متوجهه ٿيس ته جيئن ڏسان ته مون کي انهن متعلا ڪو
شڪ ته نه آهي،(يا ڪو شڪ جو امڪان به آهي.) ليڪن هن
شڪ پيدا ڪندڙ ڪوشش، آخر ڪار مون کي هن نتيجي تي
آڻي رسايو، جو مان محسوسات کي به غلطين کان سلامت
نه سمجهڻ لڳس، هي شڪ ويو وڌندو ۽ پکڙيو ۽ ٻڌائڻ
لڳو ته محسوسات تي ڀروسو ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟ سڀ
کان زياد ه طاقتور حس اک جو آهي ۽ اها به جڏهن
پاڇي کي ڏسي ٿي ته سمجهي ٿي ته اهو بيٺو آهي ۽ چري
ڪو نه ٿو، ۽ پوءِ اهو فيصلو ٿي ڪري ويجهي ته پاڇي
کي ڪا حرڪت ڪانهي، مگر ڪجهه وقت کان پوءِ تجربي ۽
مشاهدي ڪرڻ مان ڄاڻي ٿي ته اهو چرندڙ آهي ۽ اهو ڪو
هڪ ئي دفعي ڪو نه چيو آهي پر در جي بدر جي ٿور
ٿورو ٿي چرندو رهيو آهي ايتري قدر جو هو ڪنهن به
وقت بيٺو ئي ڪونهي وري جڏهن تاري جي طرف نهاري
ٿي، ته ان کي دينار برابر ننڍو ڏسي ٿي، ليڪن
جاميٽري (هندسه) جي حساب هي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي
ته اهو مقدار ۾ زمين کان به وڏو آهي.
محسوسات جا اهي ۽ اهڙا ٻيا به گهڻائي مثال آهن،
جو ناهن متعلق حس پنهنجو حڪم ڏئي ٿو ته وري عقل ان
کي اهڙو ڪوڙو ڪري ٿو ڏيکاري، جو حس لاءِ پنهنجي
بچاءَ جي ڪا راهه ئي نه ٿي رهي. پوءِ چيم ته
محسوسات ته ڀروسو به هاڻ نه رهيو غالباً ”عقليات“
جي بنادي (پهرين اصولن مان آهن، شايد اهي اعتبار
جوڳا هجن. جيئن اسان جو چوڻ ته ڏهه ٽن کان وڌيڪ
آهن ۽ نفي ۽ اثبات ڪنهن به شيءِ ۾ هڪ ئي وقت جمع
ٿي نٿا سگهن ۽ جيئن ته ڪابه شيءِ ۾ هڪ ئي وقت جمع
ٿي نٿا سگهن ۽ جيئن ته ڪابه شيءِ حادث ۽ قديم ٿيو
نٿي سگهي ۽ نه وري موجود ۽ معدوم يا واجب ۽ محال.[16]
اتي حس ڦري چوڻ لڳو ته ”ڇا عقليات تي ڀروسي رکڻ
مان به تون اها اميد نه ٿو رکين ڇا، جا محسوسات تي
ڀروسي رکڻ ۾ رکي هيئي؟ تحقيق هن کان اڳ تون مون
تي ڀروسو ڪندو آئين، پر جڏهن وري عقل آيو ته ان
اچي مون کي ڪوڙو ڪيو ۽ سچ پچ جي عقل وچ ۾ نه اچي
ها، ته تون مون کي صحيح سمجهندو رهين ها. ممڪن
آهي عقل جي ادراڪ کان ٻاهر ڪا ٻي شيءِ هجي، جا
جڏهن ظاهر ٿئي ٿي ته اچي هن عقل کي به ڪوڙو ڪري! ۽
جهڙي طرح جڏهن عقل ظاهر ٿيو تڏهن حس کي ڪوڙو ڪري
ڏيکاريائين؛ پر اهڙي اد راڪ جو رونام (ظاهر) نه
ٿيڻ ڪو ان جي نه ٿيڻ ۽ نه هئڻ جو دليل نه آهي!
منهنجي دل ته پوءِ ان جي جواب ۾ ذرا هٻڪي پئي، ۽
حواس سندس شڪ کي، ننڊ واريءَ حالت جي مثال مان
وڌائيندا رهيا ۽ کيس چوڻ لڳا ته ڇا تون جو ڪجهه
ننڊ ۾ ڏسين ٿي، ان تي اعتبار نه ٿي ڪري ۽ اتي
ڪيترين حالتن کي خيال ۾ آڻي ٿي، جن کي تون قائم
دائم سمجهين ٿي ۽ انهن ۾ ڪو شڪ نه ٿي آڻين پر وري
جڏهن تون جاڳين ٿي ته ڄاڻي ٿي ته هي سڀ خيال ۽
ڀروسا بي بنياد ۽ بي اصول هئا.
لهذا تون ان ڳالهه تي ڪيئن يقين رکي سگهين ٿي ته
هجو ڪجهه تون جاڳڻ جي حالت ۾ حس يا عقل سان سمجهي
ڪرين ٿي، سو سڀ، بنسبت تنهنجي موجود حالت جي، صحيح
۽ سچ آهي ؟ ممڪن آهي تنهنجي مٿان اهڙي حالت اچي
وئي آهي (وارد ٿئي)، جنهن جو لاڳاپو تنهنجي جاڳڻ
(سجاڳي) تنهنجي جاڳڻ واريءَ حالت سان اهڙو هجي،
جهڙو تنهنجي جاڳڻ واريءَ حالت جو تنهنجي ننڊ
واريءَ حالت سان آهي ۽ تنهنجي سجاڳي (جاڳڻ واريءَ
حالت) بنسبت انهيءَ (حالت) جي ننڊ مثل هجي! پوءِ
جڏهين تون انهيءَ حالت کي رسندين ته اتي توکي يقين
ٿي ويندو ته جيڪو تو عقل سان سوچيو سمجهيو هو، اهو
سڀ بي فائدو خيال هو ۽ بس شايد اها اها حالت هجي،
جنهن جي صوفي دعويَ ڪن ٿا، هو چون ٿا ته جڏهن هو
پاڻي ۾ ٽٻيون هڻن ٿا ۽ پنهنجن حواسن کان گم
ٿيون وڃن ٿا، تڏهن هو ان وقت اهڙين حالتن جو
مشاهدو ڪن ٿا، جي عقل (معقولات) سان ٺهڪي نه ٿيون
اچن.
اها حالت شايد موت آهي، جنهن ڏانهن الله جي رسول
اشارو فرمايو آهي ته ”ماڻهو ننڊ ۾ آهن، جڏهن
مرندا، تڏهن سجاڳ ٿيندا.“ ٿي سگهي ٿو ته هن دنيا
جي حياتي، بنسبت آخرت جي، مثل ننڊ جي هجي، پوءِ
جڏهن ڪو مري ٿو ته هو اتي اهڙيون حالتون ڏسي ٿو
جي هن دنياوري زندگي جي خلاف آهن ۽ پوءِ ان وقت
کيس چيو وڃي ٿو ته ”تحقيق اسان تنهنجو پردو تو تان
هٽايو آهي، سو اڄ ڏينهن تنهنجي نظر ڏاڍي تيز
آهي.“[17]
امام غزاليءَ کي(حجته الاسلام جو لقب
مليل هو.
هت ” ديني ڀاءَ “ مصنف جي تصور ۾ آيل شخص
ڏانهن اشارو آهي، ته جيئن سلڻ ۾ سهنجائي ٿئي
۽ بس.
”زنديق“ ان کي ٿو چئجي، جو زمان جي بقاءِ جو
قائل هجي، ۽ سندس عقيدو هجي ته هيءَ دنيا ائين
پئي هلندي ۽ فنا نه ٿيندي يعني دهري ۽ ملحد.
الله تعاليٰ
جي صفتن جي انڪار ڪندڙ کي ”معطل“ سڏجي ٿو.
مداخل السفطته جحداالعلوم؛- سفسطته، يوناني
لفظ
آهي (سوفيزسا
Sophisma
جنهن جي معنيَ آهي شين جي ڄاڻ ۾ مهارت هجڻ“ انهيءَ مان ئي يوناني
لفظ”سفسطيس“(sophists)
نڪتل آهي، هاڻ ان مان مراد آيه ماڻهو آهن، جي
ڦلائيندڙ قول استعمال ڪن ٿا ۽ ڪلام ۾ ٻئي کي ٺڳڻ خاطر مغالو پيدا ڪندا
آهن، ڇاڪاڻ ته انهن تعليم کي هڪ هنر ڪري
ورتو هو ۽ پنهنجن شاگردن کي اهڙا سبق
پڙهائيندا هئا. جيئن هو بحث مباحثي ۾ ڪامياب
ٿي نڪرڻ ۽ مخالف جي هر دليل کي صيح يا غير
صحيح طريقي سان ڊاهي وجهن.
معدوم؛ نابود، فنا ٿيل، واجب ؛ ضروري، لازمي ،
محال؛ ناممڪن غير ضروري، اجايو.
|