جيڪڏهن منهنجو مخالف اڃا به کڻي پڇي ته ”ڀلا جڏهن
تنهجي هٿ ۾ اهڙي تارازي آهي، ته پوءِ ماڻهن ۾ جو
مت ڀيد (اختلاف) آهي، تنهن کي دور ڇو نه ٿو ڪرين؟
”ان جو جواب مان هي ڏيندس ته جيڪڏهن ماڻهو مون کي
ڪن ڏيئي ٻڌن، ته پوءِ مان سندن اختلاف دور ڪري
سگهندس، مون پنهنجي ڪتاب ”القسطاس المستقيم“ ۾
اختلاف دورڪرڻ جو طريقو بيان ڪيو آهي، پوءِ تون
ان تي غور ڪر، توکي هي بخوبي معلوم ٿيندو ته اهو
حق آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهو ان ڏانهن ڪن ڏين ته اهو سچ
پچ انهن جي اختلاف کي صفا مٽائي ڇڏيندو، پر افسوس
جو ماڻهو(ڏانهس) ڪن نه ٿا ڏين! هڪ جماعت مون ڏانهن
ڌيان ڏنو ۽ مون انهن جو اختلاف دور ڪيو. تنهنجو
امام ماڻهن جي نه ٻڌڻ جي باجود به انهن جو اختلاف
مٽائڻ چاهي ٿو، پر پوءِ اڄ تائين اهو اختلاف ڇو
نه مٽايو اٿس؟ ۽ حضرت علي رضه امامن جي سردار
هوندي به ان اختلاف کي ڇو نه ختم ڪيو؟ يا تنهنجو
امام اها دعويٰ ڪري ٿو ڇا ته هو پنهنجي ڳالهه ٻڌڻ
لاءِ سڀني ماڻهن کي زبردستيءَ سان ڇڪي پاڻ وٽ
آڻيندو؟ جي ائين آهي، ته پوءِ هن وقت تائين انهن
کي ڇو نه مجبور ڪري آندو اٿس؟ ڀلا ان لاءِ هن ڪهڙو
ڏينهن مقرر ڪيو آهي، ڇا، سندس دعوت سبب خلق ۾
زياده ڦوٽ نه پيئي آهي؟ ۽ مخالفت ڪندڙن ۽ انڪار
ڪندڙن جو تعداد وڌي نه ويو آهي؟ هائو، هن اختلاف
جي ڪري هن نقصان جو اڳي ئي خطرو هو، جو پنهنجي
پڇاڙي وڃي، خون وهائڻ، ملڪن کي برباد ڪرڻ، ٻارڙن
کي يتيم ڪرڻ ۽ ڦرلٽ تي ڪندو توهان جي هن اختلاف
کي دور ڪرڻ جي برڪتن سببان دنيا ۾ جو ڪجهه ٿيو
آهي، ان جو مثال ئي نه ملندو(يعني اٽلو اختلاف ۾
حد کان زياده اضافو ٿيو آهي.)
اڃا به (هو) جي کڻي سوال ڪري ته ”تون ته ماڻهن ۾
اختلاف دور ڪرڻ جي دعويٰ ڪرين ٿو، پوءِ ان
ماڻهوءَ لاءِ تون ڇا ٿو چوين، جو مخالف مذهبن ۽
مقابل اختلافن درميان منجهيل آهي، جنهن لاءِ اهو
لازمي نه آهي ته تنهنجي مخالف کي ڇڏي، توکي ٻڌي؟
تنهنجي مخالفن مان گهڻا توسان اتفاق نه ٿا ڪن،
لهذا تنهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ هاڻي فرق ڪو نه رهيو“.
هي هن جو ٻيو سوال آهي جنهن جو جواب اجهو هي آهي
ته پهريائين ته هيءَ ڳالهه خود تنهنجي به خلاف
وڃي رهي آهي، ڇا لاءِ ته جڏهن تون هڪ منجهيل کي
پاڻ ڏانهن گهرائيندي، ته پوءِ هو تو کان پڇندو ته
”ڀلا تون پنهنجن مخالفن کان ڪيئن بهتر آهين، جو
جڏهن جو گهڻا عالم(اهل العلم) تنهنجي مخالفت ڪن
ٿا؟“ ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جو مون کي خبر پوي ته تون
ان کي ڪهڙو جواب ڏيندين! ڇا تون جواب ۾ هي چوندي
ته منهنجي امام جو بنياد نص تي ٻڌل آهي؟ پر تنهنجي
ان نص واريءَ دعويٰ ڪير مڃيندو، جڏهن هن الله جي
رسول کان نص ٻڌي ئي ڪانهي؟ هن ته فقط تنهنجي
دعويٰ ٻڌي آهي، ۽ اهو به ٻڌو آهي ته جيڪي عالم
آهن تن سڀني جو هن ڳالهه اتفاق آهي ته هي سڀ ڪجهه
تنهنجو هٿرادو ٺاهه ۽ ڪوڙ آهي. اڃا به سمجهه کڻي
ته هو نص کي تسليم ڪري ٿو،(هتي ته تنهنجي امام جي
دعويٰ نص تي ٻڌل آهي) پوءِ کڻي هو اصل نبو جي
معاملي ۾ منجهيل ئي رهي ۽ پڇي ته ” فرض ڪري وٺ
ته تنهنجو امام پنهنجي سچائيءَ ڏيکارڻ لاءِ حضرت
عيسيٰ عليه السلام جهڙو معجزو پيش ڪري ٿو، ۽ چوي
ٿو ته منهنجي سچائيءَ جو ثبوت هي آهي ته مان
تنهنجي پيءُ کي جيئرو ڪري سگهان ٿو، ۽ واقعي هن کي
جيئرو به ڪيائين ۽ هن(منهنجي پيءُ) مون کي اهو به
چيو ته هو (امام) صحيح آهي تڏهن به مان ان جي
سچائي ڪڙي آڌار تي معلوم ڪريان، جڏهن خود عيسيٰ
عليه السلام جي ساڳئي اهڙي معجزي تي به ماڻهن کيس
سچو نه سمجهيو .... اٽلو ڪيترا مشڪل سوال کڻي آڏو
آندائون، جي سواءِ باريڪ عقلي نظر جي حل ٿيو نٿا
سگهن ۽ عقلي نظر ته وري اوهان وٽ معتبر نه آهي، ۽
نه وري معجزي جي سچائيءَ جا دليل ايستائين سمجهي
سگهبا، جيستائين جادوءَ کي سمجهيو نه ويو آهي، ۽
ان معجزي درميان فرق نه معلوم ڪيو ويو آهي، ۽
هي به نه معلوم ڪيو ويو آهي آهي ته الله تعاليٰ
پنهجي ٻانهن کي گمراهه نه ٿو ڪري، گمراهه ڪرڻ ۽ ان
جي رد ۾ جواب ڏيڻ، اهو ڪهڙو نه اوکو مسئلو آهي، سو
به ته عالم آشڪار آهي، هاڻي هن سڀني ڳالهين کي
تون ڪيئن دفع ڪندين؟ ۽ هوڏانهن تنهنجو امام ڪو
پنهجي مخالفن کان زياده اطاعت جو مستحق نه آهي! هي
معاملو ڪري به نظري دليلن ڏانهن تنهنجو امام ڪو
پنهنجي مخالفن کان زياده اطاعت جو مستحق نه آهي!
هي معاملو وري انڪار ڪرين ٿو، ۽ تنهنجو مخالف به
اهي ئي دليل پيش ڪري ٿو، جي تون پيش ڪرين ٿو، مگر
هو اڃا به وڌيڪ صاف ۽ چٽيءَ طرح سان ٻڌائي ٿو!
(مطلب) هي سوال ڦيرو کائي مٿن اهڙو لڳو آهي، جو
جيڪڏهن انهن جا ننڍا وڏا به گڏجي ان جو جواب ڏين
ته، هرگز ڏيئي نه سگهندا.
هي غلط عقيدو فقط ڪوتاهه نظر ماڻهن جي ڪري ئي
وڌندو ۽ پکڙندو رهيو، ڇا لاءِ جو هو فقط انهن جي
سوالن جا جواب ڏيندا رهيا ۽ انهن جي ڪمزوريءَ کي
ڳولي، انهن ئي سوالن کي موٽائي سندن منهن تي
هنيائون(يعني انهن”جواب“ جو طريقو اختيار ڪو ۽ نه
”قلب“ جو) انهيءَ سببان ئي هي بحث ويو ڊگهو ٿيندو،
جو نه انهيءَ ذريعي ڪنهن کي سمجهائي ٿو سگهي ۽ نه
مخالف کي ماٺ ئي ڪرائي ٿو سگهي. جيڪڏهن ڪو
”تعليمي“ وري هيئين چوي ته”هيءُ ته الٽو جواب(قلب)
آهي ۽ ڇا ان جو جواب هي آهي ته جيڪڏهن منجهيل ائين
کڻي چوي ته، مان منجهيل آهيان ۽ هو ان مسئلي جو
تعين نه ٿو ڪري سگهي، جنهن ۾ منجهيل آهي، ته پوءِ
ان حالت ۾ کيس چيو ويندو ته تون هڪ اهڙي بيمار
مثل آهين، جو چوي ٿو ته مان بيمار آهيان، ۽ اصل
مرض به ٻڌائي نه سگهي ۽ وري ان جو علاج به چاهي
ٿو،“ ان کي پوءِ چيو ويندو ته مطلق مرض جي لاءِ ڪو
علاج ئي ڪونهي، هاڻ! خاص مرض جو علاج بيشڪ آهي،
جيئن ته مٿي جو سرو، اسهال ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا مرض
(جي ڪنهن نه ڪنهن نالي سان سڏيا وڃن ٿا) ساڳيءَ
طرح منجهيل کي به جڳائي ته هو ٻڌائي ته ڪهڙيءَ
ڳالهه ۾ منجهيل آهي، پوءِ جيڪڏهن ڪا ڳالهه
ٻڌايائين ته مان ان کي ان جي صحيح هجڻ کان خوب
واقف ڪندس، ۽ ان ڳالهه کي انهن پنجن تارازين ۾
توري ڏيکاريندس، جن کي جڏهن ڪو سمجهي ٿو وٺي، ته
پوءِ يقيناً انهن جي سچائيءَ جو اقرار ڪري ٿو، ۽
انهن جي تور تي ڀروسو ڪري وٽ. ميزان ۽ وزن جي صحيح
هجڻ کي هو پوءِ ائين سمجهي ٿو جيئن حسابن جو شاگر
حسابن ۽ حسابن جي ماستر کي صحيح سمجهي ٿو ته هو جو
ڪجهه حسابن متعلق ٻڌائي رهيو آهي، سڀ صحيح آهي،
مون هي سڀ ڪجهه پنهنجي ڪتاب ”القسطاس الستقيم“ جي
ويهن صفحن ۾ کولي سمجهايو آهي، جو چاهي ان کي ڏسي
سگهي ٿو.
اسان جو هت هي ارادو ڪونهي ته انهن جي مذهب جو
بگاڙ بيان ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو مون اڳي ئي
”المستظهري“ نالي ڪتاب ۾ ٻڌايو آهي ۽ ان بعد
پنهنجي ڪتاب ”حجته الحق“ ۾ پڻ ذڪر ڪيو اٿم ۽ اهو
انهن جي ڪلام جي جواب ۾ لکيل آهي، جو مون اڳيان
بغداد ۾ پيش ڪيو هو ۽ ٽيون وري ڪتاب ”مفصل الخلاف“
۾ به آيل آهي، جنهن ۾ ٻارنهن باب آهن، ۽ اهو انهن
جي ان ڪلام جي جواب ۾ آهي جو همدان ۾ مون اڳيان
رکيو ويو ۽ چوٿون ڪتاب ”الدرج“ آهي جو جدولن سان
لکيو ويو آهي. ان ۾ به انهن جي ڪمزور اعتراضن جو
جواب آهي، جي طوس ۾ منهنجي آڏو آندا ويا هئا،
پنجون ڪتاب ”القسطاس المستقيم“ آهي، جو هڪ مستقل
ڪتاب آهي، جنهن جو مقصد ان ميزان جي خبر ڏيڻ آهي،
جنهن سان علمن جي صحيح پرک ٿي سگهي، ۽ هي ڳالهه
ظاهر ڪري ڏيکارڻ آهي ته جيڪو به ان کي سمجهندو
تنهن کي ”معصوم امام“ جي ڪا گهرج ڪانه پوندي پر هت
منهنجو مقصد هي ثابت ڪري ڏيکارڻ آهي ته انهن
(باطنين) وٽ ڪابه اهڙيءَ شيءِ ڪانهي جا سندن مرض
کان کين ڇڏائي، (سندن) خيالن جي اونداهين کان ڪڍي
ٻاهر ڪري پنهنجي امام جي تعين لاءِ هو ڪابه ثابتي
پيش ڪري نه ٿا سگهن. ۽ اها ئي منجهن وڏي ڪمزوري
آهي.
اسين انهن سان گهڻو وقت جهڳڙندا رهياسين ۽ آخر ۾
انهن جي انهيءَ ڳالهه کي به کڻي قبول ڪيوسين ته
واقعي تعليم ۽ معصوم معلم جي ضرورت آهي ۽ اهو
معصوم معلم به اهو ئي آهي جنهن کي انهن مقرر ڪيو
آهي پوءِ انهن کي پڇيوسين ته اهو علم ڪهڙو آهي جو
توهان ان ”معصوم امام“ کان سکيو آهي؟ ان کان پوءِ
اسان انهن آڏو ڪجهه اعتراض به آندا، مگر هن انهن
کي سمجهيو ئي نه، انهن جو حل ٻڌائڻ ته اڃا پري
ڳالهه ٿي. جڏهين هو اسان جي سوالن جي جوابن ڏيڻ
کان عاجز رهجي ويا، ته پوءِ ”غائب امام“ جي پاسي ۾
لڪڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا ته ”ماڻهو کي گهرجي ته ان
ڏانهن رجوع ٿئي“ عجب جي ڳالهه آهي جو انهن پنهنجي
ساري عم معصوم معلم جي ڳولا ۾ وڃائي ڇڏي آهي ۽
ڏاڍو خوشين ۾ آهن ته هنن ان کي ڳولي لڌو آهي، مگر
انهن ته هن کان ڪابه ڳالهه ڪانه سکي آهي، سندن
مثال ان ماڻهوءَ جيان آهي، جنهن کي پليتي ٿڦيل آهي
۽ پاڻيءَ جي ڳولا ۾ پاڻ کي ايترو ته ٿڪائي ٿو ڇڏي،
جو جڏهن پاڻيءَ تي پهچي ٿو تڏهن وري ان کي ڪم به
نه ٿو آڻي سگهي ۽ ائين ئي پليتيءَ سان ٿڦيل رهي
ٿو.
انهن مان ڪي اهڙا آهن، جي خاص علم رکڻ جي دعويٰ ڪن
ٿا، مگر اهو علم جو هو بيان ڪن ٿا، سو فيثاغورس[1]
جو ڪمزور فلسفو آهي. هو اڳواڻن فيلسوفن مان آهي ۽
سندس فلسفو، ٻين فيلسوفن جي فلسفي کان گهڻو ڪريل
آهي، جنهن جي ارسطا طاليس پڻ ترديد ڪئي آهي ۽ سندس
فلسفي کي (گهڻو) ڪمزور ۽ ڪريل ثابت ڪري ڏيکاريو
آهي. تنهن هوندي به ڪتاب ”اخوان الصفا“ ۾ سندس
پيروي ڪئي ويئي آهي، جو سچ پچ ته فلسفي جو ڦوڳ(ڪن
ڪچرو) آهي. عجب ته وري هي آهي، جو اهي سڄي ڄمار
علم جي طلب ۾ سرگردان رهندا اچن ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن
قسم جهڙي ڪمزو ۽ بگڙيل علم تي وڃي راضي ٿين ۽ ان
سان گڏو گڏ وري هن گمان رکن ته هنن علمن جي بنهه
چوٽي وڃي سرڪئي آهي! هي اهي ماڻهو آهن، جن کي
اسان خوب آزمايو آهي ۽ انهن جي ظاهر ۽ باطن ۾
گهڻو اندر گهڙي ويا آهيون، ۽ ڏٺو اٿئون ته انهن جي
تعليم مان عام ماڻهن ۽ ڪم عقل وارن کي سواءِ دوکي
جي ٻيو ڪي ڪين ٿو ملي، هو انهن کي ”معصوم معلم“ جي
ضرورت بيان ڪري ڦندي ۾ ڦاسائين ٿا. انهن جو وڌيڪ
بحث هن ڳالهه تي آهي، (جو هو چون ٿا) ته فقه جي
ذريعي جي ڪا ضرورت ڪانهي، سندن هي سوال گهڻو مضبوط
۽ لاجواب آهي، تان جو هڪ متلاشي اچي، ”معصو معلم
جي ضرورت جي کانئن مدد گهري ٿو ۽ کانئن پڇي ٿو ته
”هن جو علم پيش ڪريو، ته جيئن اسين به سندس تعليم
مان فائدو حاصل ڪريون“ باطني اتي هار کايو وڃي، ۽
ذرا توقف ڪري، چوي ٿو ته ”هاڻي جڏهن ته تو پنهنجي
هيءَ تڪليف منهنجي سامهون پيش ڪئي آهي، تڏهن مان
ان جي حل ڳولڻ جي ضروري جاچ ڪندس، منهنجو غرض
(تنهنجي عقيدي متعلق) هيتري قدر هو ۽ بس“ هن کي
خبر آهي ته جيڪڏهن اڃان ذرا اڳتي وڌندو، ته گهڻو
بدنام ٿي پوندو، ۽ مشڪل ڳالهه کي حل ڪرڻ ته
درڪنار، مگر ان جي سمجهڻ کان به عاجز رهجي
ويندو، ان جواب ته اڃا پري ڳالهه ٿي! هيءَ سندن
حال جي حقيقت آهي. توهان سندن امتحان وٺو، ۽ پوءِ
يقينا توهان انهن کي ڌڪاريندؤ، جهڙيءَ طرح جڏهن
اسان انهن کي آزمايو ته پوءِ انهن کي ڌڪاري
ڇڏيوسون.
صوفين جا طريقا
مان جڏهن هنن علمن کان فارغ ٿيس، تڏهن
صوفين جي طريقن طرف پنهجي مضبوط ارادي ۽ همت سان
موٽيس. مون کي هي اڳي ئي معلوم هو ته انهن جو
طريقو ”علم“ ۽ ”عمل“ سان مڪمل ٿئي ٿو. انهن جي عمل
مان مراد هيءَ آهي ته نفس جي لاهين چاڙهين کي
لتاڙي پار پئجي، ردي اخلاق ۽ ڪنن صفتن کان پاڻ کي
پا صاف ڪجي، ايتري قدر جو دل کي سواءِ الله
تعاليٰ جي بلڪل خالي ڪري ڇڏجي ۽ ان کي سندس ياد
سان سينگاري ۽ زيب ڏجي. مون لاءِ علم عمل کان وڌيڪ
آسان هو. تنهن ڪري انهن جي علم جي تحصيل سندن
ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ سان شروع ڪيم؛ مثلاً ”قوت
القلوب“ جو ابوطالب مڪيءَ[2]
جو لکيل آهي، الحارث المحاسي[3]
جا ڪتاب ، ۽ جنيد[4]،
شبلي[5]
ابوبزيد بسطاميءَ[6]
جن جون چوڻيون ڪرڻيون ۽ انهن جي وڏن جو ڪلام نظر
مان ڪڍيم، تان جو اچي انهن جي علمي مقصدن جي تهه
کي پهتس ۽ جو ڪجهه تعليم ۽ سماع جي ذريعي حاصل ڪرڻ
ممڪن هو، سو سڀ پرايم.
مون تي هيءَ حقيقت ظاهر ٿي ته انهن جي خاصيتن ۾،
جا نهايت اهم خاصيت اهي، سا تعليم جي رستي تي
ڪڏهين حاصل ڪري نٿي سگهجي، ان کي فقط ”ذوق“ حال ۽
اخلاق ردوبدل (تبديل صفات) سان ئي حاصل ڪري سگهجي
ٿو. تندرستي ، ڍوء ۽ انهن (ٻن) جي سبنن ۽ شرطن کي
سمجهڻ ۽ خود تندرست ۽ ڍوال هجڻ درميان ڪيترو نه
فرق آهي! اهڙيءَ طرح سان نشي جي سبب کي سمجهڻ، جو
انهن بخارن جي غلبي جي هڪ حالت آهي، جي (بخار)
معدي کان مٿي چڙهيو اچيو فڪر جي جاين تي غالب پون
ٿا، ۽ خود نشي ۾ ڪيترو نه تفاوت آهي! نشئي جڏهن
نشي جي حالت ۾ آهي، ته هن کي ان نشي جي معنيٰ ۽
ان جي بنيادن کي ڄاڻي ٿو، مگر ان هوندي به هو ان
نشي کان صفا خالي آهي. طبيب، بيماريءَ جي حالت ۾
صحت ۽ ان جي سببن ۽ ان جي دوائن کي خوب ڄاڻي ٿو،
مگر تنهن هوندي به هو پاڻ صحت وڃاوي ويٺو آهي.
اهڙيءَ طرح سان زهد؛ ان جي شرطن ۽ سببن جي حقيقت
کان ڄاڻڻ ۽ خود زاهد (پرهيزگار) ۽ دنيا کان لاتعلق
جي وچ ۾ به فرق آهي، مون يقين سان سمجهي ورتو ته
اهي (صوفي) ”احوال“ جا مالڪ آهن ۽ نه ”اقوال“ جا
يار ۽ جو ڪجهه علم جي ذريعي حاصل ڪرڻ ممڪن هو، سو
ته مون (بلاشڪ) حاصل ڪيو آهي، هاڻي باقي اهو ڪجهه
وڃي رهيو آهي، جو تعليم ۽ سماع سان ڪڏهين به هٿ
ڪري نٿو سگهجي، مگر ان کي فقط ”ذوق“ ۽ سلوڪ“ سان
ئلهي سگهجي ٿو، ان کان سواءِ ٻي ڪابه راهه نه آهي.
مان جنهن وقت شرعي ۽ فلسفي علمن جي تفتيش ۾ رڌل
هوس، ۽ ان دوران ۾ جن علمن سا مون مٿو هنيو ۽ جي
رستا مون طئي ڪيا، تنهن وقت مون کي الله تعاليٰ،
نوبت ۽ آخرت ۾ پورو پورو ايمان حاصل ٿي چڪو هو.
ايمان جا هي ٽي اصول منهنجي اندر ۾ گهڻا پختا
ٿي ويا هئا. ڪنهن معين، کليل ثابتيءَ سببان نه،
مگر ٻين ڪيترن سببن، لاڳاپن ۽ تجربن جي ڪري، جن جو
تفصيل ڳاڻيٽي کان ئي ٻاهر آهي.
مون اڳيان هيءَ ڳالهه خوب ظاهر ٿي ويئي هئي ته خدا
تعاليٰ جي خوف (تقوي) کان سواءِ ۽ نفس کي اجاين
خواهشن کان روڪڻ بغير، آخرت جي سعادت جي ڪا اميد
ڪانهي. ان ڳالهه جو منڍ هي هي آهي ته دل جو لاڳاپو
دنيا کان ڪاٽيو وڃي، هن فريبي دنيا کان منهن
موڙي، غير فاني گهر ڏانهن منهن ورائجي، ۽ پنهنجو
سارو خيال الله تعاليٰ ڏانهن ڦيرائجي. هاڻي هي
تڏهين ئي ٿي سگهندو، جڏهين ماڻهو پنهنجي مال، شان
شوڪت ۽ ٻين ڪمن ڪارين کان پاڻ کي ڇني پر ڪندو.
پوءِ مون پنهنجي حال جي چڪاس ورتي ۽ ڏٺم ته مان ته
ڪيترن ئي لاڳاپن ۾ جڪڙيو پيو آهيان، جن مون کي هر
طرف کان گهيرو ڪري ورتو آهي. نيٺ پنهنجي علمن جو
ملاحظو ڪيم، جن ۾ بهترين ڪم تدريس ۽ تعليم جو آهي،
ڏٺم ته مان ته اهڙن علمن ۾ رڌل آهيان، جن مان آخرت
لاءِ ڪوبه کڙتيل نه ٿو نڪري. موٽي، تدريس متعلق
پنهنجي نيت جو جائزو ورتو. ڇا کڻي ڏسان ته اها(درس
۽ تدريس جو ڪم، جو مان ان وقت ڪندو هوس) به خدا
تعاليٰ ڪرڻ نه آهي. مگر ان جو اصلي سبب نالي ۽
ناموس جو حاصل ڪرڻ آهي. بس پوءِ ته يقين ٿيم ته
مان هڪ پاڻيءَ کاڌل ڪمزور ڪناري جي اصل ڇيڙي تي
آهيان ۽ مان دوزخ جي بلڪل ويجهو اچي پهتو آهيان،
هاڻ جيڪڏهن پنهنجي حال جو سڌارو نٿو ڪريان. ته
منهنجو بچڻ ڪونهي.
مان ان تي ڪافي عرصي تائين فڪر ڪندو رهيس، مگر
ڪنهن قطعي فيصلي تي ڪو نه پهتو هوس. هڪ ڏينهن
اهو پڪو ارادو ٿي ڪيم ته بغداد کان ٻاهر نڪري
وڃان ۽ هنن حالتن کي خير باد چئي ڇڏيان. ته
وري ٻئي ڏينهن اهڙي ارادي کي پئي ٽوڙيم. هڪ قدم
اڳتي ٿي وڌايم، ته ٻيو وري پٺتي ٿي هٽايم، جيڪڏهن
آخرت جي شوق صبح جو اچي ٿي ورايم ته وري خواهش جي
لشڪر شام جو سخت حملو ڪري کيس چٽ ڪري ٿي ڇڏيو. هڪ
طرف دنيا جي خواهشن مون کي پنهنجي زنجيرن سان ڇڪي
هٿ ويهارڻ ٿي گهريو، ته ٻئي طرف وري ايمان جو
پڪاريندڙ پڪاري رهيو هو ته ”ڪوچ ڪر، ڪوچ ڪر !
تنهنجي عمر باقي ٿوري وڃي رهي آهي ۽ تو اڳيان سفر
اڃا گهڻو وڏو آهي ۽ جو ڪجهه علم ۽ عمل تو وٽ آهي،
سو سڀ رياءُ ۽ فريب آهي، تون جيڪڏهن آخرت لاءِ
هينئر تياري نه ڪندين ته پوءِ ڀلا ڪڏهين تيار
ٿيندين ؟ ۽ جيڪڏهن تون هي لڳ لاڳاپا هاڻي قطع نه
ڪندين ته پوءِ ڪڏهن ڪندين؟ “ ان وقت دل جو جوش
حرڪت ۾ آيو ٿي ۽ اتان ڀڄي وڃڻ جو ارادو پختو ٿيو
ٿي!
ليڪن شيطان موٽي اچي ٿو چيو ته ”هيءَ هڪ عارض
حالت آهي، تون ان سان اتفاق نه ڪر، ڇا لاءِ جو
اها جلد ئي هلي ويندي، ۽ جيڪڏهن تون ان اڳيان
جهڪندين ۽ هن هيتري ساريءَ عزت ۽ شان کي ڇڏيندين
۽ هن آرام ۽ امن جي زندگيءَ کان منهن موڙيندين،
جيڪا هر ڏک ۽ سور کان خالي آهي ته پوءِ هڪ ڏينهن
تون پنهنجو پاڻ سنڀاليندين، پر افسوس جو ان وقت
توکي هي سک نصيب ٿئي نه سگهندو.“
اهڙيءَ طرح مون دنيا جي خواهشن جي ڇڪڻ ۽ آخرت جي
ڪشش درميان تقريباً ڇهن مهينن (پهرين رجب سن
488هه) تائين پئي لوڏا لما کاڌا. انهيءَ مهيني ۾
هيءَ ڳالهه اختيار جو دامن ڇڏائي وڃي اضطرار کي
رسي، ان وقت الله تعاليٰ منهنجي زبان خشڪ ڪري ڇڏي
۽ مان سبق ڏيڻ کان روڪجي پيس. دل چاهيم ٿي ته هڪ
ڏينهن درس ڏيئي پنهنجن شاگردن جي دل خوش ڪريان،
مگر زبان هڪ لفظ به ٻولي نه سگهي ۽ مان بلڪل
لاچار رهيس. آخرڪار زبان جي هن روڪ دل ۾ مونجهه
پيدا ڪئي. جنهن سان گڏ هاضمو به وڌندو رهيو ۽ کاڌي
پيتي جو ڪو سواد باقي نه رهيو. نه ڪو شورو ئي ٿي
ڳهي سگهيس ۽ نه وري ڪو لقمو ئي ٿي هضم ٿيم قوتون
ايتري قدر ته ضعيف ٿي ويون جو طبيب به منهنجي
علاج کان نااميد ٿي ويا. ۽ چيائون ته ” هيءَ دل
جي بيماري آهي، جا ساري جسم ۾ پکڙجي ويئي آهي،
جنهن جو هن کان سواءِ ٻيو ڪو به علاج ڪونهي ته دل
کي ڳڻتيءَ کان ڇڏايو وڃي.“
جڏهن پنهنجي ڪمزوري محسوس ڪيم ۽ اختيار پنهنجي
هٿن مان ويندي ڏٺم، تڏهن الله تعاليٰ ڏانهن موٽي
پناهه گهريم، جيئن ڪو لاچار ۽ مجبور جنهن کي ڪا ٻي
واهه نه هوندي آهي، موٽي اچي سندس پناري پوندو
آهي. نيٺ منهنجو انهيءَ سڏ اونايو، جو ”بي وس جو
سڏ اونائي ٿو، جڏهن هو کيس پڪاري ٿو.“[7]
۽ منهنجي لاءِ دنيا جي عزت ۽ آبرو، اولاد ۽ دوستن
کي ڇڏي وڃڻ، سهنجو ڪري ڏنائين، بظاهر ته مڪي ڏانهن
ارادو ڪيم، حالانڪ دل ۾ شام وڃڻ جي نيت ڪئي هيم، ۽
اهو بهانو ان ڪري ڪيم جو خوف هوم ته متان خليفي ۽
دوستن کي حقيقت جي خبر نه پوي (۽ پوءِ شام ۾ قيام
ڪرڻ کان روڪي نه ڇڏين) بغداد کان ٻاهر نڪري وڃڻ جي
حيلي کان مون سهڻي نموني ۾ سلجهايو ، ۽ هن ارادي
سان ٻاهر نڪري آيس ته وري ان ۾ هر گز نه گهڙندس،
عراق جي سڀني مذهبي پيشوائن لاءِ مان نڪته
چينيءَ جو هڪ نشانو بڻجي پيس، ڇا لاءِ جو انهن ۾
ڪوبه هڪڙو اهڙو ڪو نه هو، جو منهنجي هن حالت کان
روگردانيءَ کي هڪ ديني سبب سمجهندو هجي، ڇاڪاڻ ته
هو انهيءَ خيال جا هئا ته اهو (تعليم ڏيڻ وارو ڪم)
دين ۾ هڪ وڏو درجو آهي. انهن جي علم جي اها هيءَ
حد هئي!
ماڻهو منهنجي هن رستي اختيار ڪرڻ جي سببن کي ڳولڻ
۾ گهڻو منجهي پيا، جيڪي عراق کان پري هئا، تن جو
هي خيال هو ته اهو هن ڪري آهي جو هن (غزاليءَ) کي
حڪومت طرفان ڪجهه خطرو محسوس ٿيو آهي ۽ اهي جي
سرڪاري حلقن جي ويجهو هئا ۽ جن ڏٺو پئي ته ڪيئن
نه سرڪاري حلقا مون سان تعلق وڌائڻ گهرن ٿا ۽ مون
کي گهڻو چاهين ۽ گهرن ٿا ۽ مان باوجود ان سببن
کائن منهن موڙيان ٿو ۽ سندن ڳالهه ئي نه ٿو وٺان،
سي هن راءِ جا هئا ته ”اهو آسماني امر آهي، ان جو
هن کان سواءِ ٻيو ڪو سبب ڪونهي، اهل اسلام ۽ علم
وارن(جي نصيبن) کي بد نظر لڳي آهي.“
بس پوءِ مون بغداد کي الوداع ڪئي ۽ جو ڪجهه مال
هو، سو خيرات ڪري ورهائي ڇڏيم، پاڻ ۽ پنهنجي اولاد
لاءِ فقط قوت گذران جيترو رکيم اهو مان آسانيءَ
سان ڪري ٿي سگهي، ڇا لاءِ جو عراق جي دولت خير جي
ڪمن لاءِ هميشه موجود رهندي هئي، ۽ اها مسلمانن
لاءِ وقف ٿيل هئي، دنيا ۾ مون ڪٿي به اهڙو سٺو
مالي انتظام نه ڏٺو آهي، جو هڪ عالم کي پنهنجي
اولاد لاءِ گذر مهيا ڪري ڏئي. مان پوءِ شام ۾
داخل ٿيس، جت مون تقريباً ٻه سال گذاريا، اهو
ساروئي عرصو اڪيلائيءَ، رياضت، مجاهدي، نفس کي پاڪ
ڪرڻ اخلاق کي سڌارڻ۽ دل کي الله تعاليٰ جي ياد
لاءِ صاف ڪرڻ ۾ صرف ڪيم، جهڙيءَ طرح مون صوفين جي
علم مان پرايو هو. دمشق جي مسجد ۾ گهڻي وقت تائين
اعتڪاف ۾ رهيس. ان جي مناري تي چڙهي دروازو بند
ڪري سڄو ڏينهن ائين اڪيلائيءَ ۾ گذاريندو هوس.
اتان به ڪوچ ڪيم ۽ بيت المقدس ۾ داخل ٿيس. جتي به
سارو ئي ڏينهن دروازو بند ڪري صخرة[8]
جي اندر ئي اندر پاڻ منهون رهڻ لڳس.
pythagoras
هڪ
مشهور يوناني
فيلسوف
ابوطالب لمڪي(388هه) نهايت صالح ۽ عابد بندو
هو هن توحيد
۾ ڪجهه تصنيفون ڪيون آهن، بيان آهي ته سندس
صوفيانه رياضتون ڏاڍيون سخت هيون، ڪيتري زماني
تائين کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هئائين، ۽ فقط گاهه
ٻوٽن تي گذر ڪندو هو، جنهن سببان سندس چمڙي به
سائي ٿي پيئي هئي، هڪ دفعي جڏهن بغداد ۾ آيو
ته پنهنجي و عظم ۾ ڪجهه صوفيانه ڪلام به
ملايائين، جنهن ڪري ماڻهن کيس ٿو کٽا ڪري
ڇڏيو، سندس ڪتاب ”قو ت القلوب“ تصوف ۾ هڪ بي
نظير ڪتاب آهي، جنهن جهڙو کائنس اڳ اڳ ليو نه
ويو آهي.
الحارث المحاسبي(297هه) چون ٿا ته کيس اهو
نالو هن ڪري مليو آهي، جو هو پنهنجي نفس
جوخوب حساب وٺندو هو. پنهنجي زماني جي برڪ
عالمن مان هڪ هو ۽ شرعي علمن جي غير معمولي
ڄاڻ رکندڙ هو. ڳالهه ڪن ٿا ته هن حديث،فقه
ڪلام ۽ تصوف ۾ ٽن سون جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکيا
آهن.
الجنيد (297هه) سندن ولادت ۽ نشو و نما عراق
۾ ٿي، امام ابوثور جن جي هٿ هيٺ فقه سکيائون.
پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ لاثاني شخص هو. حقيقت
متعلق جو ڪجهه لکيو اٿن. سو اڳي ئي مشهور آهي.
صوفين جي نظر
۾
هو پوين عالمن جو سردار آهي.
الشبلي (247-334هه) پاڻ بغداد ۾ ڄاوا ۽
نپنا هئا. هو الله تعالي ٰ جي انهن بندن مان
هڪ آهي، جن پنهنجي ساري حياتي عبادت ۽
رياضت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، سندن صحبت ۾ غير
معمولي جاذبيت هئي، جيئن جو عام طور وڏن صوفين
۾ ڏٺي وڃي ٿي.
ابويزيد البسطامي (264هه) سندن ڏاڏو مجوسي هو،
جنهن پوءِ ايمان آندو. جڏهن کانئس پڇيو ويو
ته” تو هيءَ معرفت ڪيئن حاصل ڪئي؟“ ته جواب
ڏنائون ته” بکئي پيٽ ۽ ننگي بت سان“ پاڻ چوندا
هئا ته ”جيڪڏهن توهان ڪنهن شخص کي ڪرامتون
ڪندڙ ڏسو، ايتري قدر جو هو هوا ۾ اڏامندو هجي،
ته ان تي ٺڳجي هر گز نه وڃو، ۽ ڏسو ته هو
امر و اونواهي ۽ شرعي احڪامن جي پيروي ڪري
ٿو يا نه “ سندس مقالا ۽ مجاهدا گهڻو ئي مشهور
آهن.
|