سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ويدانتي وڻڪار

 

صفحو :9

پرجا پتئ جي چوڻ جو مطلب هو ”گيان جي اَکه (پراگنا نيتر).“ پر اُهي برهم کي پرٽوو (پاڇو) سمجهي پڇڻ لڳا، ”سوامي، ڪهڙو پرتبمب؟ اُهو جو پاڻيءَ ۾ پسجي ٿو يا جو درپڻ (آرسيءَ) ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟“ پرجا پتيءَ وراڻي ڏني ته اُهو ٻنهي ۾ لکائي (ڏيکاري ڏئي) ٿو ۽ کين آگيا ڪيائين ته وڃي هڪڙو پيپ پاڻيءَ سان ڀري کڻي اچو ۽ اُن ۾ پاڻکي پسايو. جڏهين اُنهن اِئين ڪيو تڏهين کانئن پڇڻ لڳو ته ڪيئن، ڇا پيو ڏسڻ ۾ اچي. چي، ”اسان کي ته پنهنجو پاڻ صاف ئي صاف پيو ڏسڻ ۾ اچي. سارو سرير ننهن کان چوٽيءَ تائين پيو منجهس بکي.“ تنهن تي پرجا پتيءَ کين چيو ”چڱو ڀلا، هاڻ پاڻ سينگاري ٺهي ٺڪي وري اچي پنهنجو ديدار ڪريو؛ يعني ته چڱا چريتر ۽ سکيءَ جون چار مکيه *ساڌنائون (لڇڻ) ڌارڻ ڪري اچو، پر اُنهن کي سمجهه ۾ نه آيو. اُهي ٺهجي ٺڪجي، پيپ ۾ نهارڻ لڳا ۽ پڪاري چوڻ لڳا ”اسين ته پنهنجو پاڻ هو به هو پسي رهيا آهيون؛ جهڙو آهي اسانجو سرير سهڻو ۽ سينگاريل، تهڙوئي آهي اسانجو پرتبمب.“ تنهن تي پرچا پتيءَ آکين ”اِهوئي اَٿوَ آتما. اِهوئي آهي اَجر، اَمر ۽ آنند روپ برهم.“ پوءِ نه ٻئي سک سکيا پرائي خوش ٿي پنهنجي پنهنجي ماڳه موٽيا. پرجا پتئ، هنن کي هيئن ويندو ڏسي دل ۾ ڄاتو ته هننکي سچ جي ڪابه پروڙ ڪانه پيئي آهي. جهڙا ڪوڙا آيا، تهڙائي ويا. منهنجي سکيا مان ڪو گهڻو ڪونه وٽيندا.

        وروچن، اَسرن جو وڏيرو جڏهين وطن وريو، تڏهين پنهنجي پرجا کي ٻولڻ لڳو ته هاڻ مان آتما اِئين اَنڀؤ ڪري ٿو (سمجهڻ لڳي ٿو) ته مان مار ٿو کپان، منهنجو نرادر ٿيو آهي. مان ئي ٿو دک سور سهان ۽ مان ئي ٿو رئان ۽ هنجون هاريان. اِهو ڪيئن آتما ٿيندو؟ اهڙي آتما مان ڪهڙو سؤد سڪرت؟ ڀلائي ڪري مون کي آتما جو سچو گيان ڏيو. پرجاپتئ چيو ”سچ، آتما وڌيڪ اُتم ۽ نرمل آهي. هاڻي جيڪڏهين تون ڄاڻڻ لاءِ اهڙو آتر ۽ منتظر آهين ته ٻٽيهه ورهيه ٻيا به هتي ترس ته سوجهي پويئي.“ تنهن تي اِندر وري به اُتي ترسي پيو. انهي مدي پوري ٿيڻ پڄاڻا وري به پرجا پتيءَ کي واجهائڻ لڳو ته ديا پالي نج سروُپ جو ديدار ڪرايوم. تنهن تي پرجاپتي ورجائڻ لڳو ته آتما اُها اوستا آهي جنهن ۾ جيوُ سپني کان آجيءَ گهور اُونگهه (گهريءَ ننڊ) ۾ وڃيو آرامي ٿئي جتي کيس پنهنجو ڄاڻ به نٿو رهي. اِهوئي آهي برهم، جنهنکي نه آهي آد نه اَنت، نه آهي ڏر نه ڏهڪاءُ. انهيءَ اُپديش اِندر کي ڪجهه وقت ٺاپر ڏنو، پر پوءِ ستت ئي وڏوُن ڏسڻ لڳو، چي، جنهنکي ننڊ ۾ نه آهي پنهنجي سچيتي نه ٻئ ڪنهن به وَٿ جي، سو ڄڻ ته اُنهي سمي لاءِ ناس ٿي چڪو آهي، اُهو ڪيئن آتما ٿيندو؟ جهڙو آهي تهڙو نه. وري به شڪجي پرم پتا پرجاپتيءَ وٽ سوالي ٿي آيو، چي، سوامي، جڏهين سپني کان آجيءَ گهريءَ نند ۾ اڳلي کي ڪا به سرت سماءُ نه ٿي رهي؛ نه آهيس پنهنجو ڄاڻ نه ڪنهن تت جي عناصر جو، سو ڄڻ اُنهيءَ ٽاڻي لاءِ نپٽ ناس ٿي ويو آهي، تڏهين اُهو آتما ڪيئن چئبو؟ تنهنتي پرجا پتئ وراڻي ڏني ته تحقيق، آهي به ائين، هاڻي سيک (باقي) پنج سال ٻيا به برهمچاري ٿي مون وٽ رهه ته توکي اَندر جو سوجهرو ٿئي. سندس پريرڻا پائي اِندر ٻيا به پنج ورهيه اُتي ٽڪي پيو. اُنهيءَ عرصي پڄاڻان هو وري به ليلائڻ لڳو، جنهن تي پرجا پتيءَ هيٺين اکرن ۾ آتما جي سچي سروپ جي سمجهاڻي ڏني. ٻڌ ته ٻڌايانءِ، مگهوان! ته آتما جو سچو سروپ يا سڀاءُ ڪهڙو آهي. هيءَ ديهي کڻڀنگر ۽ ناسوَنت آهي، تڏهين به اُنهيءَ نرآڪار ۽ اَمر آتما جي رهڻ جو اَسٿان آهي. جڏهين آتما ديهيءَ ۾ ٿاڻو ڪري ٿو يعني ته پاڻ کي ديهيءَ سان ٻڌل ڄاڻي ٿو، تڏهين پاڻ کي ڪام، ڪروڌ ۽ ٻين ڪلپنائن (ترشنائن) جي وس سمجهي ٿو، نه ته پنهنجي اصولوڪي سڀاءَ ڪري هو ديهيءَ ۽ ٻنڌڻن کان آجو آهي. هو نرموهي آهي يعني موهه ۽ ممت کان پري آهي، نه اٿس ڪنهن سان قرب نه ڪراهت. جيئن وايو. ڪڪر، وڄ ۽ گجگوڙ کي ڪو روپ يا رنگه نه آهي، پر نيلي آسمان مان نروار ٿين ٿا، تهڙيءَ ريت گيان جي گجگاهه تيج ۽ پرتاب دواران جيو ديهئ جي موهه ۽ ٻنڌڻن جي ڦرڻي کان فارغ (مڪت) ٿي پنهنجو سچو سروپ ڌاري ٿو. (هن جو مطلب اِهو ٿو ڀائنجي ته جيئن وايو وغيره آسمان ۾ گپت آهن پر سج جي تابش ڪري نڪري نروار ٿين ٿا تيئن آتما به ديهيءَ ۾ لڪل رهي ٿو پر گيان جي پرڪاس هيٺ هو ديهيءَ کان الڳه ۽ نيارو پروڙجي ٿو.) يعني ته جيءُ يا آتما جو ديهيءَ کان نرالو ۽ الڳه آهي، سو پنهنجو پاڻ وڃائي، اُتم ۾ اُتم پرش ٿيو پوي. پوءِ ڀلي هو اَڏول ٿي جيئن چاهي تيئن هلي، کائي پيئي، جشن ڪري ۽ مؤجون ماڻي. ڀلي ته ناچ ۽ ڳاڃ (گانا) ڪري، گاڏيون گهوڙا رکي ۽ عيش آرام ۾ گذاري، توڻي دينا جي سڀڪنهن وهنوار ۾ رڌل رهي، ته به هن جو من ڪنهن سان ڪونه ٿو لڳي. هو ساکي ٿي جڳتر ۾ ورتي ٿو، ڇاڪاڻ ته هنکي ڪابه چاهه يا چنتا نه آهي، ۽ هو ڀلجي به ديهئ کي آتما نٿو سمجهي ۽ ڄاڻي ٿو ته آتمائي رڳو سروَ سچ آهي ۽ ٻيو سڀ ناسونت ۽

مٿيا. جيئن وهٽ وانو، جنهن گاڏيءَ سان جوٽيل آهي، تنهنکان الڳه ۽ نرالو آهي، تيئن آتما به نيارو آهي، جيتوڻيڪ ديهيءَ سان لاڳاپو اٿس.

        جنهنکي ڏني ٽيڪ، ست گر پوري سچ جي؛
        سو محڪم رکي من کي، ڇوڙي ڇڏي نه ڇيڪ؛
        سامي چئي سنسار ۾، ورتي ساڻ وويڪ؛
        توڙي ڀوڳي ڀوڳه اَنيڪ، ته ڀي نيارو رهي نڀ جان.
        تنهن کي لڳي ڪين، جنهن من ماري وس ڪيو؛
        توڙي رهي راڄ ۾، توڙي ڪڍي ڪوپين1؛
        پرچي2 ڏٺائين پاڻ ۾، آتم پد پربين3؛
        تنهن ۾ لنوُ لين، سامي رهي سنسي ري.
        جڳه ۾ جڳه جهڙو، سامي سم هلين؛
        توڙي چاهه چلين، ته ڀي راجا رانول ديس جو.
 

        آتما اُهو آهي جو جڏهين ڏسڻ جو سنڪلپ ڌاري ٿو تڏهين تون ڏسين ٿو، جڏهين سنگهڻ جو سنڪلپ ٿو رکي تڏهين تون سنگهين ٿو، جڏهين ڳالهائڻ جو سنڪلپ ٿو ڪري تڏهين تون ڳالهائين ٿو، جڏهين ٻڌڻ ٿو چاهي تڏهين تون ٻڌين ٿو ۽ جڏهين هو ويچارڻ جو سنڪلپ ٿو ڪري تڏهين تون ويچار ڪرين ٿو. من آهي اَندر جي اکه جا سڀ چاهنا جون وشيون (وٿون) ڏسي ۽ جاچي ٿي ۽ اُنهئِ من جي اَندرينءَ اکه جي وسيلي آتما اِهي سڀ چوڙي ۽ ماڻي ٿو. ديوتائون به پنهنجي برهم لوڪ ۾ اُنهئِ آتما جي اُپاسنا ڪن ٿا، تنهنڪري ئي اُنهن کي سڀ لوڪ پراپت ٿيا آهن ۽ سندن سڀ من جون مرادون سڌ ٿين ٿيون. جنهن آتما کي لوڙي لڌو آهي تنهنجون سڀ ڪامنائون پوريون ٿين ٿيون ۽ هو سڀيئي لوڪ ماڻي ٿو. اِئين آکيو پر جا پتئِ. اِئين اُتيو اُن. پوءِ اِندر ڪرتارٿ ٿي گهر موٽيو ۽ سڀ ديوتائون سندس سوڀ ڏسي سرها ٿيا.

        مٿينءَ وارتا مان پرسڌ آهي ته آتما ديهيءَ کان نرالو آهي. نڪي جاڳرت، نڪي سپن. نڪي سشپتي اوستائن جو ڄاڻ ئي آتما آهي. هو اکين، ڪنن، نڪ ۽ ٻين گيان اندرين کان پري آهي، پر سنڪلپ شڪتي، جا سندن (اِندرين جي) ڪمن تي چوڪسي رکي ٿي، جيئن ڪ ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، سا آتما جو هڪ روُپ آهي. آتما من کان مٿي آهي، پر من ۾ جا ويچار شڪتيءَ جي نيان (تلاءُ) آهي سان اُن جي ڌارا آهي. آتما سڀ وٿون ماڻي ٿو. اُهوئي من ۽ اِندرين جي ساري وهنوار جو مول تت آهي. اُهوئي اِنسان جي اَنت سڇيتي آهي. اُهو ئي سروَ ڄاڻو آهي. اُهوئي، من اِندرين ۽ ديهيءَ دواران جڳتر ۾ پيو راند رچائي ۽ کيل ڪري، پر تنهن هوندي به سڀ کان نرپک (اَلڳه) ۽ نيارو آهي.

        مٿئين درشٽانت مان نه رڳو آتما جي سهج سڀاءَ جي برکه پوي ٿي، پر ايترو به نرنءِ ٿئي ٿو ته آتما لوڙي لهڻ لاءِ نه رڳو اَندر جو اُمنگه، پر من جي شڌئ ۽ سچئ سڪ جي هئڻ جو ضرور آهي. جيڪڏهين آتما جي کوجنا اُڇاتري (بنا اُتساهه) ۽ کوٽي نيت سان ڪبي ته سڀ پورهيو اَڪيار ٿو ۽ نقل ٿيندو. اُٽلو ماڻهو جائي آوارو ويندو ۽ سندس من ڀرشٽ ٿيندو، جيئن وروچن جو حال ٿيو. سچ نيٺ به سچ آهي، ڪڏهين به لڪڻ جو نه آهي. هن توڙي ٻين وگيان جي ڳالهين ۾ سچ پاڻيهيِ درجي به درجي ماڻهوءَ جي ٻڌيءَ انوسار کلي نروار ٿيندو.

        تات پرج:- آتما جون چار اَوستائون آهن، (1) جاڳرت، (2) سپن، (3) سشپت (سکوپت) ۽ (4) تريا اَوستا. 1- ڄاڳرت اَوستا ۾ آتما من سان مليِ اَندر گهت (هردي) ۾ رهي ٿو، ۽ من ۽ اندرين جي وسيلي سجاڳيءَ

۾ ديهيءَ تي راڄ ڪري ٿو. 2- سپن اَوستا ۾ اِندريون سانت ۾ رهن ٿيون ۽ وڃيو من ۾ وسرام پائين. پر من کي آرام نه آهي. آتما من جي معرفت ديهيءَ اندر پيو رڳن ۾ چڪر هڻي ۽ نسوُن ۽ ناڙيون نوُسي ۽ سپنا لهي، جي (سپنا) جاڳرت اَوستا جي واشنائن جا روُپ آهن؛ يعني جاڳرت افوستا ۾ جيڪي به ماڻهو ڏسي وائسي، ڀوڳي ۽ ماڻي ٿو، تن جون واشنائون سپني جو روُپ ڌاري پرگهٽ ٿين ٿيون. 3- سشپت يا سکپت اَوستا ۾ آتما جو من ان ميلاپ ٽٽيو پوي ۽ من ۽ اِندريون ٻئي ماٺ ۾ رهن ٿيون، ۽ دل جي *پرديءَ اَندر گهڙي مکيه پراڻ ۾ وڃو پرويش ڪن؛ پر مکيه پراڻ هلندو رهي ٿو ۽ آتما، گهت (دل) جي آڪاس ۾، اُپانڌين يعني ٻنڌڻن جي ڦرني کان آجو ٿي، برهم ۾ تدرُپ (هڪ روُپ) ٿي وڃي ٿو يعني ته پر ماتما سان لئ ٿي وڃي ٿو. اِها چوٿين اوستا تريا آهي. برهم ۾ لئ ٿي وڃڻ کان پوءِ هو وري سجاڳه ٿي موٽي پنهنجي اصلوڪي جاڳرت اَوستا ۾ اچي ٿو. پر هو هينئر نرپک ۽ نيارو آهي ۽ ساکي ٿي جڳتر ۾ وڌيِءَ ۽ ويچار سان ورتي ٿو. ۽ ڪنهنکي گهٽ نٿو ڄاڻي ۽ پريم جو اَوتار ٿي پوي ٿو. پوءِ هو سڀ ۾ هڪ ئي هڪ ايشور ڏسي ٿو، بلڪ پاڻ ئي پرم ايشور ٿيو پوي.

        جاڳرت ۾ جوئي، سپني ۾ سوئي اچي؛
        سمهي سکپت ۾، ڪري آنند اُهوئي؛
        تريا سان تدروُپ ٿي، ساکه ڏئي سوئي؛
        آتم اُهوئي، جو چئي کي چيتن ڪري.
        اکين جو اسٿان، تنهنکي جڳت چوي جا ڳرتا؛

 

        ڪايا ڳڙ ۾ ڪنٺ جو، سو سپني جو سمان؛
        سکوپت سرير ۾، هردو هيڪر ڄاڻ؛
        ڪايا جي ڪاپار ۾، تريا ٿاهر ٿان؛
        هي چؤگهرو ؤگان، آهي اونڪار جو.
        اوديا جو اڀمان، جاڳرت سپن سکوپتي؛
        سمجهي ڏس سامي چوي، تريا منجهه گيان؛
        تريا ڪورن نزٻان، ساکي اَٿي سڀ جو.
 

آتم ڦولواڙي مان – صفحه 169-170

        چار حالتون سڀني جيون تي وارد ٿين ٿيون. پهرين جاڳرت يعني نا سوُت يا اوجاڳو؛ ٻين سوپن يعني ملڪوُت يا خواب؛ ٽين سکوپت يعني جبروُت يا الوُت ننڊ؛ چوٿين تريا يعني لاهوُت يا گيان. جنهن مهل من جي ورتي يعني خيال اکين ۾ قائم اچي ٿئي ٿو، تنهن مهل حالت ناسوُت يعني جاڳرت آهي؛ جنهن مهل خيال اُتان لهي ڪنٺ ۾ اچي رهي ٿو، تنهن مهل ملڪوُت يعني سپنو اچي ٿو؛ جنهن مهل اُهو خيال اچي هردي ۾ ٺهري ٿو، تنهن مهل جبروُت يعني گهري ننڊ اچي وڃي ٿي؛ ۽ جڏهين خيال گيان ۾ اچي، سرير جي سنٻنڌ کان فارغ ٿئي ٿو، تڏهين جيوُ لاهوُت يعني تريا ۾، پرماتما سروُپ ٿئي ٿو. اِنهي مان ثابت ٿيو، ته اهي چار حالتون فقط خيال جي جاءِ بدلائڻ ڪري ئي اچن ٿيون، ۽ انهن جي هستي، سواءِ خيال جي ٻي ڪانهي. يعني ته جڏهين خيال اکين ۾ جائگير

ٿي، جاڳرت صورت ۾ جهان کي ڏسي ٿو، تڏهين سپنو ۽ گهري ننڊ ٻئي گهم آهن؛ جڏهين خيال ڪنٺ ۾ واسو ڪري سپني ۾ جڳتر کي پسي ٿو، تڏهين جاڳرت ۽ گهري ننڊ ٻئي ڪنهن؛ جڏهين خيال دل ۾ رهي، اگيان ڪري پنهنجي هستيءَ کان بيخبر ٿئي ٿو، تڏهين جاڳرت ۽ سپنو ٻئي نٿا رهن؛ ۽ جڏهين خيال گيان ۾ پرورت ٿي گيان جي صورت پرماتما سروپ کي پڇاڻي ٿو، تڏهين جاڳرت، سپنو، اَلوٽ ننڊ ٿيئي کئ ٿي وڃن ٿا. پوءِ لاهوت يا ثريا جي نسبت ۾ اِهي ٽيئي حالتون باطل آهن؛ ڇاڪاڻ ته اِهي حالتون هڪ ٻئي جي مخالفت ڪري هميشہ قائم نٿيون رهن؛ ۽ لاهوت (تريا) سڀني حالتن جي هئڻ يا نه هئڻ ۾ هڪجهڙي آهي. انهيءَ ڪري فقط سوئي ست آهي ۽ باقي ٽيئي حالتون ڪوڙيون ۽ ڪلپت آهن. جهان فقط اِنهن ٽن حالتن جو نالو آهي. اِهي ٽيئي حالتون هن چوٿين حالت جي مقابلي ۾ سپني وانگر آهن، اِنهيءَ ڪري جهان به سپني سمان مٿان جاتو وڃي ٿو ۽ مٿي ڄاڻايل حالتن ڪري هي جاڳرت، سوپن ۽ سکوپت اوسٿائون انسان تي وارد ٿين ٿيون، ۽ چوٿين حالت يعني تريا سا فقط عارف ارٿانت گياني پرش جي آهي. پوءِ ثابت ٿيو ته فقط گياني پرش سجاڳه آهي ۽ ٻيا سڀيئي لوڪ ننڊ ۾ آهن.

بندر

        منهنجي ڪمري جي ڀرسان نم جي وڻ تي ڪوئل جي ڪلڪار، نندرا ديويءَ، جيوت جي جننيءَ، جا سڀني جيون کي پنهنجي پريم ڀرئ ڪومل گود ۾ نپائي رهي آهي، تنهنکي چتائڻ لڳي ته پاڻ سويل ئي وڃي پنهنجي سانئڻ رات سان ڀيڙي ٿئي، جا هاڻ وهامڻ تي آهي ۽ وڃي ڪي ٻيا اُساٽيل ماڳه وسائيندي، جتي سندس ٺار جي گهڻي گهرج آهي. انهي کڙڪ تي هوءَ مونکي اُٿيئي ڇڏي هوريان هوريان کسڪي نڪري ويئي ۽ مون به ڪجهه وقت پاسن ورائيندي، جڏهين ڏٺو ته ننڊ نٿي اچي تڏهين اُٿي کڙو ٿيس. تنهن وچ ۾ ٻين پکين جهڙوڪ ڪڪڙ – ڪانوَ – ڪٻر – ڳيري پنهنجون رس ڀريون ٻوليون ٻولي، منهنجو الس اُکوڙي ڇڏيو ۽ مان به سندن سنئون خوشيءَ ۾ ڀرجي، هنڌ ڇڏي، هٿ منهن ڌوئي، ڪپڙا ڪري نڪري پيس بندر ڏانهن گهمڻ.

        مدراس جي سمنڊ جو ڪنارو. واهه، ڪهڙو نه سندر ۽ رمڻيڪ هنڌ آهي! هڪڙي پاسي جهاڳه سمنڊ جي ٿڌي ۽ تراوت ڏيندڙ هير پيئي لڳي، ته ٻئي پاسي سٺي ۾ سٺيون ۽ من موهيندر جڳهين جي بهيڙ (قطار) ٺهي بيٺي آهي، جنهن مدراس جي رؤنق هيڪاري نزاڪت دار ڪري ڇڏي آهي. ڀر ۾ وري اَهڙوئي سمندر مرينا نالي پارڪ (چؤگان) آهي. انهن جي نظاري ڏسنديئي جيڪو وڏي ڀاڳي اُتي صبح جو سويل پسار ڪرڻ نڪريو وڃي، سو آنند ۾ ڀرجي گد گد پيو ٿئي. اُنهيءَ وقت من، دنيا جا سڀ واسطا وساريو ڇڏي ۽ ٻاراڻي ٻوجهه ۽ اَگوندرائي اچيو واسو ڪري. اُنهي ٽاڻي، ماڻهو ائين پيو سمجهي ته ڄڻ جڳتر مؤجن ماڻڻ لاءِ هڪڙو وندر جو اَسٿان آهي ۽ رشيِ ۽ مني جي سنساريڀ سکن کان ونءُ ويندا آهن، تن جي ڳالهين کي ليکيئي ڪونه. منهنجو من به اهڙي مزاج ۾ هو، جڏهين اوچتو مون ڪنهن جهوني سنگتئِ کي پنهنجي اڳيان بيٺو ڏٺو. هن سان ٻيو به هڪ ساٿي هو، جنهنکي مون اڳه ڪڏهين ڪونه ڏٺو هو. اسين ٻئي پاڻ ۾ گڏياسين ۽ هن مونکي پنهنجي ساٿيءَ سان سڃاڻپ ڪرائي. ڳالهين ڪندي منهنجي نئين سنگتيءَ پنهنجو رايو ڏنو ته ايشور بابت جيڪي به ماڻهو پيا ٻولين، تنهن ۾ سند ڀروسو نه آهي، ۽ چوڻ لڳو ته

منهنجي نظر ۾ ايشور اگم آهي، جنهنجي نه ڪنهنکي سڌ آهي ۽ نڪا سڌ پئي سگهي ٿي. تنهنڪري اهڙيءَ ڳالهه جي اُپٽار ڪرڻ ئي نه گهرجي. جنهنجو اسانکي پتو پئي نه سگهي، تنهن لاءِ ڇو پيا پاڻ پتوڙيون؟ ۽ مون ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو ته سائين، اوهانجو ايشور ۾ نشو آهي؟ مون چيو ”هائو- ڇو ڪين؟“ تنهن تي پاڻ پڇڻ لڳو ”چڱو، ڀلا ٻڌايوم ته ايشور ڇا آهي؟“

        مان:- ايشور اُهو آهي جو اوهانجي انڇائن کي آڌو اچي ٿو ۽ اوهانکي توڙي ساري سرشٽيءَ کي ڪنهن به روڪ ٽوڪ کانسواءِ، جيئن کيس وڻي تيئن هلائي ٿو.

        ساٿي (نئون سنگتي):- (کلي) ارٿ ته اهڙو. واهه جو عجيب ورنن!

        مان:- ائين هجي به. جيڪڏهين توهانکي ڪوبه روڪڻ وارو نه هجي ها، ته مان جيڪر اوهانکي ”ايشور“ سڏيان ها. ايشور کي جيئن وڻي تيئن ڪري سگهي ٿو. سڀ ڪجهه سندس وس آهي. هنکي ڪوبه روڪڻ وارو ڪونهي. انهيءَ ڪري اسين هن کي سرو شڪتيوان ڪري سڏيندا آهيون. پر اوهانکي اهڙي شڪتي آهي ئي ڪانه. پل پل – ٽپ ٽپ تي ۽ سڀڪنهن پاسي اوهانکي ٺوڪرون پيئون لڳن، اوهين نستا ٿي بيٺا نهاريو. جيڪي اِتفاق ۽ واقعا، جيڪي اؤر اؤر ڳالهيون، اوهانجي آس پاس هلي رهيون آهن، ۽ جي اوهانکي چؤڌاري وڪوڙي ويئون آهن، تن جي ئي وس ۽ آڌين آهيو. انهن سڀني اؤر اؤر ڳالهين جي سنجوڳه يعني ميلاپ کي اسين ”ايشور“ سڏيندا آهيون.

        ساٿي:- چڱو ڀلا؛ سمجهو ته مان انڌو آهيان ۽ مونکي ڪنهن پياري سنگتيءَ کي ڪنهن ٻئي ڳوٺ ۾ گڏجڻ تي مرضي آهي، پر مان غريب ۽ ناتوان آهيان. انهي حالت ۾ اِها اَنڌائي، غريبي ۽ ناتواني منهنجي اِنڇا کي روڪين ٿيون ۽ منهنجي من جي مراد پوري نه ٿي ٿئي. تنهنڪري اوهانجي چوڻ موجب منهنجي انڌائي، غريبي ۽ ناتواني، انهن ٽنهين جي ميلاپ کي ”ايشور“ چئبو؟

        مان:- جيڪڏهين مان چوان ته الف آهي بربار ب + ت + س + ڪ + ل + م + ٻين اڪيچار اکرن جي ته ائين چئبو ڇا ته الف هرهڪ جدا جدا اکر ب يا ت يا س يا ڪ يا ل يا م جي برابر آهي؟ نه نه. انهيءَ ڳالهه ڪندي، مونکي ٻي هڪڙي ڳالهه من تي تري آئي آهي. ڪنهن سمي چار اَنڌا هاٿي ڏسڻ هليا. ڪنهن کيس ڪٿان جهليو ته ڪنهن ڪٿان، ۽ هرڪو پنهنجي سمجهه آهر بات بڪڻ لڳو. جنهن سوند کان جهليو سو چوي ته هاٿي آهي جهڙو ٿلهو ڏنڊو، جنهن ڪن کان پڪڙيو سو چو ته هاٿي آهي جهڙو ڇڄ، جنهن پيٽ تي هٿ گهمايو سو چؤ ته هاٿي آهي پاڻيءَ جي پيپ جهڙو، ۽ جنهن ٽنگه کان جهليو سو چوي ته هاٿي آهي جهڙوٿنڀ. اچي پاڻ ۾ آئٽيا. تان جو هڪڙو (اکين) سڄو اچي اُتان لانگهائو ٿيو، جنهن سموري ڳالهه سڻي کين سچي حقيقت کان واقف ڪيو.

        نوٽ:- شاهه عبداللطيف پڻ ساڳي ڳالهه ڏانهن هيٺين بيت ۾ اِشارو ڪيو آهي؛-

        مئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي ڪيو به انڌن؛
        ڪي مناڙين هٿن سين، اکين ڪين پسن؛
        في الحقيقت فيل1 جي، سڄا سڃاڻن؛
        سندي سردارن، بصيرت2 بينا3 ڪري.
 

        انڌائي، غريبي، ۽ ناٽوانيءَ جي ميلاپ کي ايشور سمجهڻ اهڙو آهي، جهڙوڪ هاٿيءَ کي ڏندو سمجهڻ. اوهانجا مائٽ گهڻن ڳالهين ۾ اوهانجي انڇائن جي آڏو ايندا آهن. تنهنڪري اُهي سموپورن ايشور ڪونه ٿي پيا. پنگت يا سرڪار جيڪڏهين اوهانکي ڪنهن ڪڪرم ڪرڻ کان روکيندي ته اُها ڪا ايشور ڪانه ٿي پيئي. اوهان کان وڌيڪ پرهيل ۽ سياڻو ۽ سگهارو ماڻهو جيڪڏهين اوهانجي ڪنهن ڪم ۾ رنڊڪ وجهي ته انهي ڪري هو ڪو ايشور ڪو نه ٿي پيو. پر سموري روڪ شڪتي جا اوهانجي آڏو پيئي اَچي، سائي ”اِيشور“ آهي.

        ساٿي:- ها، پر جڏهين اسين هاٿيءَ ڏي نهاريندا آهيون، تڏهين هروُ ڀروُ اسين سندس سڄي ڏيل ڏي ڪونه نظر ڊوڙائيندا آهيون؛ ڪڏهين سندس سونڍ تي نرت پوي ته ڪڏهين ڪنن تي. پوءِ اسين اُنهنجي ڀيٽ انهن جهڙين ٻين شين سان ڪندا آهيون. ساڳئي ريت اسانکي اوهانجي ايشور جي جدا جدا ڪلائن تي نظر ڊوڙائڻ ۽ اُنهن تي پنهنجو رايو ڏيڻ جو هرڪو حق آهي. ارٿانت جڏهين مان ڏسان ٿو ته ڪنهن ودوا جو هڪڙوئي سڪيلڌو ٻار مري ويو آهي ۽ هنکي ڪو ٻيو پڇڻ وارو ڪونهي، هوءَ وڇوڙي جي ڏکن ۽ بکن وگهي ڳري پاهه ٿي ويئي، تڏهين اُها شڪتي جنهنکي اوهين ايشور جي نالي سان سڏيو ٿا، سا بي رحم ۽ نردئي ڪانه چئبي؟ اهڙي ڪٺور سواميءَ (ايشور) جي شيوا ڪرڻ اسانکي ڪيئن جڳائي؟

        مان:- جڳائي ڪي نه جڳائي، اوهان جي دل چاهي ڪي نه چاهي، تڏهين به توهين سندس شيوا ڪرڻ لاءِ لاچار آهيو. ٻڌايو، اوهين ڇاٿا ڪري سگهو؟ اوهين پاڻ وهيڻا ۽ ستنتر نه آهيو. نپٽ سندس حڪم جي ڏوريءَ ۾ ٻڏا پيا آهيو. جت ڪٿ وگهن ۽ رنڊڪون اوهانجي آڏو پييون اچن. اُها شڪتي ڪٺور ۽ ظالم هنڪري ڏسڻ ۾ ٿي اچي جو اوهان رڳو سندس هڪڙو پاسو پرکيو آهي، ٻيا پاسا تپاسڻ اوهانکي وسري ويا آهن، جي سنگهر (زنجيريءَ) جي ڪڙين وانگر هڪ ٻئي ۾ اَڙيا۽ جڙيا پيا آهن. جهڙيءَ ريت رڳو هاٿيءَ جي ڪن تي نظر پوڻ ڪري هو تمام بدزيبو (بڇڙو) ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر جيڪڏهين سندس بدن تي نگاهه ڪبي آهي ته ڏاڍو ٺاهوڪو پيو لکائيندو آهي. مائٽ ڪڏهين ڪڏهين ٻارن کي سيکت ڏيڻ لاءِ لڪڻ ڪم ۾ آڻيندا آهن. لڪڻ هڻڻ آهي ڏاڍو خراب، پر جڏهين مائٽن جي مراد جو ويچار ٿا ڪريون، تڏهين ساراهه ڪرڻ بنا رهي نٺا سگهون. سرڪار ڏوهيءَ کي ڦاسي چاڙهي ٿي. ڦاسي چاڙهڻ آهي ڏاڍو اُگرو ۽ پاپ جو ڪم، پر جنهنکي ڦاسي ڏني ويئي، تنهن پنهنجي زال ۽ ٻارن کي خون ڪيو هو. جڏهين اها سڌ پوي ٿي، تڏهين ڦاسيءَ جي سزا اسانکي بڇڙي نٿي لڳي. اِنهيءَ مان پڌرو آهي ته جو ڪم اسانکي پاپ جو ٿو ڏسڻ ۾ اچي، سو جي ڳوُڙهو وڃبو ته سچ پچ پاپ جو نه به هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com