سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ويدانتي وڻڪار

 

صفحو :5

آشرم جو سوامي جانٺو ۽ ڪرڙ وڍ جو. سندس ڏاڙهي اَوسٿا آهر ڏاڍي ٺاهوڪي پئي لڳي. سندس مهانڊو موچارو ۽ سڻڀو ستايو هو. گيروءَ رتا ڪپڙا پهريل هئس، جن ڄڻ چانڊوڪيءَ ۾ جهلڪا پئي ڏٺا. اُڀرندي پاسي منهن ڪري ٻاهر پٿر تي ويٺو هو ته راڌا ۽ ڪرشن پرنام ڪري سندس پيرن تي ڪري پيا. مهنت کين آشيرواد ڏني ۽ پڇائين ته توهين ڪير آهيو ۽ ڪٿان ٿا اَچو. ڪرشن هٿ جوڙي چوڻ لڳو ”مهاتما جي، هيءَ نينگر مها راجا سوراج جي ڪنيا آهي، جو کيس ساڻ ڪري، وڏي اَٽالي سان بن ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ نڪتو هو، جتي جهنگلي هاٿين جي جهنڊ منجهن ٽاڪوڙو وجهي ڏنو. سڀڪو ڇڙ و ڇڙ ٿي ويو، ۽ هيءَ راڄڪماري پنهنجي پيءَ کان وڇڙي وائڙن جيان ڊوڙندي ڀٽنڪديِ رهي، ته مٿس هڪ وڏي چيتي جي نگاه پيئي جو ڄڻ اُتس موهجي سندس پٺ وٺندو پئي آيو. هو مرون کيس ماري کائي کپائي ڇڏي ها، پر ڀاڳن سان مان اچي اُتي نڪتس. ننڍي هوندي ٻاڻ وديا ۾ ڏاڍو ڀڙ هوندو هوس، تنهن اوٽ تي مون چيتي کي ٻاڻ هڻي ماري نينگر کي بچايو. مونکي هن اَٻلا جي ڳالهه ٻڌي اُتس ڪهل آئي ۽ پرن ڪيم ته جيسين کيس سندس پيءُ وٽ نه پهچائيندس تيسين سکه ٿي نه سمهندس. سڄو ڏينهن رلياسين ڦرياسين، پر شڪارين جو پتو ڪونه پيو. ٿڪ ۽ بکه کان بر ٿي، بن جي ڀوَن کان پاڻ بچائڻ لاءِ راتوڪي رات اوهانجي اَجهي هيٺ رهڻ لاءِ آراڌنا ٿا ڪريون. اوهانجي پوتر تائي اسان لاءِ وڏي اوٽ ۽ آٿت آهي.“ مهنت سندن چڱي آجيان ڪئي ۽ راڄڪماريءَ سان پڻ ڏاڍي هنئاري (همدرديِ) ڏيکاريائين. پوءِ ڪجهه ٿورو سندن کائڻ لاءِ آڻي اڳيان رکيائين. مهنت شڪاريءَ  جي همٿ، سورهيائي ۽ ديا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو ۽ مانارٿ ڪري، ٿڪ ڀڃڻ لاءِ کيس ٿورو شراب پڻ آڇيائين. کيڏاري آهيري (شڪاري) سندس ٿورا مڃي اُهو شراب ڳيت ڪري ويو ۽ گيگه ملائي پئجي رهيو ۽ کونگهرا هڻڻ لڳو. راڄڪماري به ڪنهن ڪنڊ پاسي پاٿاري وجهي پئجي رهي. اڃا ڪلاڪ کن ئي ڪين نبريو، ته هو مهنت راڄڪماريءَ جي ويجهو اچي، هوريان هوريان کيس اُٿارڻ لڳو.راڄڪماري سجاڳه ٿي، مهنت کي ڀرسان ڏسي، ڏمرجي پڇڻ لڳي، ”ڇا کپيئي؟“ مهنت چيو ”اي سندري، منهنجي بي اَدبي معاف ڪر. مون تو جهڙي من موهڻي ۽ ايشوريِ سونهن جيوَت ڀر ڪڏهين ڪانه ڏٺي. ڪهرو جيوُ ههڙي اَپار سوڀيا ههڙو اَملهه رتن……“ چور!‘ چرٽا! ڇا، اِهو آهي تنهنجو تپ؛ اهو آهي تنهنجو تياڳه؛

اِها آهي تنهنجي پوتر تائي؟ ايئ ننڌڪ! لعنت آهي، تنهنجي اِنهي ويدڪ وديا کي؛ ڌڪار آهي، تنهنجي انهن گيروءَ رتن ڪپڙن کي. هيءُ تنهنجو رشي روپ رڳو مکر ۽ پاکنڊ آهي.“ ”کميا، منڌ!“ مهنت ورنايو، ”تپشا ڏاڍي ڏکي آهي. سچو پچو تپ آهي. ڪا ماڻڻ جي وٿ نه آهي. پوترتائي ۽ تياڳه سي ته رڳو نالي جا ٻاهريان ڏيکه آهن. هو مورک هوڏانهن کونگهرا پيو هڻي. اهڙي گهاٽي گهوٽي پياريِ اَٿمانس، جو ٽي چار ڏينهن مورڇا ٿيو پيو هوندو. ائِ سرڳه جي اَپڇرا! ائِ ديوي! هاڻي-“ ”ڪميڻا! ٻنڌڪ!“ راڌا پڪاريو، پر ڪروڌ وچان سندس گلو گهٽجي پيو ۽ وڌيڪ ڪڇي نه سگهي. اڃا اِهي اکر سندس واتون اُڪليائي ڪين، ته هو الوٽ ٻڍو شڪاريِ، ڀيانڪ نانگه جو روپ ڌاري، ڦڻ ڪڍي، ڦوڪون ڏيندو، اُن مهنت تي اُلر ڪري آيو. مهنت وائڙو ٿي، ڊپ کان اُٿي ڀڳو. شڪاري، نانگه، ڪرشن، ڪجهه ڪال سندس پٺيان پيو، پر هو سڀ جو ساپيل، ائين ڀڳو جيئن کاريءَ هيٺان ڪانءُ ۽ بن جي ڪنهن ڪنڊ پاسي کسڪي نڪري ويو. راڌا ۽ ڪرشن وري اچي پاڻ ۾ گڏيا ۽ راڌا چوڻ لڳي ”مان ڪهڙي نه مورکه هيس جو ٻاهرئين ڏيکه تي ڀنڀلجي ويس. تياڳه ڪو……“ اڃا هن ايترو چيوئي ڪين، ته ڪرشن پڪاري چوڻ لڳو، ”جهل، راڌا، مونکي جهل؛ مونکي نٻاڻان ڪير ٿو گهلي.“ راڌا تپرس ۾ پئي، هن کي ٻانهن کان جهليو؛ پر ڇا اَچرج! جو هوءَ به ساڻس گڏ گهلجي پئي ويئي. هن پاڻکي اِسٿر رکڻ لاءِ گهڻوئي يتن ڪيو، پر سڀ ويرٿ ٿيو. ڪا اَڌڀت (ڳجهي) شڪتي کين پاڻ ڏانهن ڇڪيندي پئي ويئي؛ پر ڪيڏانهن، تنهنجي راڌا کي سمڪ نه رهي. هن اَنڀؤ ڪيو ته ڪا وڄ شڪتيءَ جهڙي ڌارا کين پاڻڏي ڇڪي رهي آهي؛ پر ڪٿان ٿي اچي ۽

ڪيڏانهن ٿي کين نئين، تنهنجي کيس ڪل نه پيئي. ڪرشن کي ليلائي، هن وچتر چرتر جو ڪارڻ پڇڻ لڳي. گهڻي ستائڻ تي ڪرشن چوڻ لڳو، ”مونکي پاڻ سڌ نه ٿي پوي. نڄاڻا، ڪو ڀڳت پريم جي ٻل سان اسانکي پاڻ ڏانهن گهلي رهيو آهي؛ ۽ کلي چوڻ لڳو، ”ڏس، ڀڳوَنت تي ڪيتري نه ڀيڙ آهي.“ اهڙيءَ ريت ڳالهيون ڪندا، اچي ڪنهن سندر ڦل واڙيءَ ۾ نڪتا، جتي راڌا کي نڪا ڏسڻ ۾ آئي ڊگهي ڏاڙهي، نڪو ڀڳئان ڪپڙا؛ پر هڪڙو ڀولي ڀاءُ ۽ کل مکه ڪونڌر، نپٽ نئينءَ ۽ نرم سيج تي سکوپت ۾ ليٽيو پيو آهي ۽ ڇہ اَڌ ڍڪيل سندر ناريون چڪلي پائي پيئون کيل ڪن. راڌا موڙو ڏيئي، تنڪي سان پڇيو ”سوامي، هيءُ آهي اوهانجو ڀڳت؟“ ڪرشن، ڏاڍيءَ ٺهر سان چوڻ لڳو، ”ترس، راڌا، ڏس ڇا ٿو ٿئي.“ اڃا سندن اچڻ جي آهٽ ئي ڪانه پيئي، ته هو اَڌ اوڍيل ڪامڻيون تڙتڪڙ ۾ پاڻ ڍڪي، لڄ ۽ ڪڄ ڪنان اُٿي ڀڳيون؛ ۽ هو ڳڀرو ڪمار ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ سڪ وچان، پريم ۾ گد گد ٿي، راڌا ڪرشن کي جُهاري چوڻ لڳو، ”ائِ پرم ايشور، ائ پرم آتما! ڀلي آئين، نچ آئين، تنهنجي آئي منهنجا وڏا ڀاڳه آهن؛ شل سدائين تنهنجي چرنن جو ڌيان منهنجي چت ۾ رهي؛ شل سدائين تنهنجيءَ پريم ڀڳتيءَ ۾ ئي ڀنو رهان. تنهنجي اَپار ديا اڳيان منهنجا جپ، تپ، تيرٿ ۽ ساڌن سڀ تڇ آهن. تنهنجي مهما ڪير چئي سگهي؟ نه آهي اَنت نه پار؛ ائِ نرگڻ! تنهنجي گڻن جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي، ڪهڙا ڳائي، ڪهڙا ڳايان؟ تنهنجي وڏائيءَ جي ڪهڙي واکاڻ ڪريان؟ نه اٿم ٻل نه بوجهه. ڇا تنهنجو تيج! ڇا تنهنجو پرتاب! ڄڻ اَڻ ميو، اَٿاهه کير سمنڊ لڳو پيو آهي. سج، چنڊ، تارا ۽ ڪتيون ۽ هي سڀ مها منڊل، ڄڻ انهي مهران جون مؤجون آهن؛ ٻوڏون

۽ باهيون، ڄڻ سندس واءَ واچوڙا آهن. هيءُ آڪاس، هي پاتال، هي سمنڊ، پربت ۽ نديون، جي اسانجي ننڍائيءَ کان هيڏا وڏا پيا ڀاسن سي ڄڻ، انهي اٿاهه جل جا پپوٽا (ڦوڪڻا) آهن. ويرين جي چرهڻ ۽ لهڻ جو نيم، سندن

گجگاه گجگوڙ، ۽ اَنيڪ پٿون ۽ اَملهه پدارٿ جي سندس تري ۾ آهن، تنجو ته ديوتائن به اَنت نه پاتو آهي. منهنجا نماڻا نيڻ، تنهنجي سونهن سوڀيا جي ساگر ۾، برسات جي بوندن جيان لولين ٿي وڃن ٿا. منهنجو من ۽ ٻڌي تنهنجو دب درشن پائي ائين پيا تڙڦن، جيئن هوائي ڇٽڻ مهل، آڪاس ۾ ڀڙڪندي آهي. جڏهين تنهنجو جيس يا مٽ آهي ئي ڪونه، جڏهين بي اهڙي ڪا وٿ آهي ئي ڪانه، جنهن سان مان تنهنجي ڀيٽ ڌريان، تڏهين تو ۾ لئي ٿي وڃڻ بنا، توکي ڪيئن سڃاڻي سگهندس؟ تون ئي سڀ آڪار آهين؛ تون ئي نر آڪار آهين؛ تون ئي سروچل آهين؛ تون ئي اچل آهين؛ تون ئي سرو نام، سرو روُپ آهين؛ تون ئي نالي ۽ روپ کان رهت آهين؛ تون ئي ديش ۽ ڪال آهين؛ تون ئي ديس ۽ ڪال کان پري ۽ نيارو آهين، توننڍي ۾ ننڍو آهين، تون وڏي ۾ وڏو آهين؛ تنهنجي مهما چوڻ کان ٻاهر آهي؛ تنهنجو انت ڪنهن نه پاتو آهي. تون مونکي هينئر مانکي ديهيءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچين ٿو؛ پر جڏهين توکي پاڻ ۾ پيهي ڏسان ٿو، تڏهين تون وڃين وڌندو ۽ ويجهندو، تان جو سڀ سج، چنڊ ۽ تارا، سڀ سمنڊ نديون ۽ تلاه سڀ ماڻهو ۽ مرون تنهنجي ئي رچنا پيئي ڀاسي، پر جڏهين اڃان به وڌيڪ اَنتر مک ٿيان ٿو، ته هيءَ سرشٽي ۽ سارو پسارو سڀ تون ئي تون پاڻ آهين ۽ تو ۾ ئي لئي ٿي وڃي ٿو ۽ رڳو جهت اَننت پريم ۽ اَننت آنند پيو ڏسڻ ۾ اچيم. ائ ايشور! اي اَنتر جامي! مونکي پنهنجو آدي سروپ ڏيکار. اُهو نر آڪار روپ جو نه

ڪنهن ڏٺو، نه جاتو آهي.“ اڃا اهي واڪ سندس مکان نڪتائي ڪين، ته هو ڪونڌر ۽ ڪرشن، ٻئي وچ سڪتيءَ جي ٻل سان، هڪ ٻئي ۾ ملي تدروپ (هڪ روپ) ٿي ويا. راڌا جي اندر جي درشٽي کلي پيئي، ۽ هنکي ساڳئي هنڌ رڳي جوت ئي جوت ڏسڻ ۾ آئي، جا ويئي وڌندي، تان جو پرٿويءَ پٺيان پرٿوي؛ جڳتر پٺيان جڳتر؛ ۽ هيءُ سارو برهمانڊ سج جي ڪرڻن ۾ ترورن وانگر پئي تريو، جو نيٺ نرمل جوت ۾ ملي سم جوت ٿي پيو، جتي نه هو ڪرشن نه هو ڪونڌر، نه هو رنگه نه هو روپ، نه هو انگه نه هو آڪار. راڌا جنهنکي ئي رڳو هيءُ دب درشن مليو هو، تنهن ليکي اَٿاهه اَڇ، اَڻ ميو آنند، ۽ اَنهد جي جهڻڪار لڳي پيئي هئي. ههڙي نرت (ديدار)! ڇا هئي سندس جوت!، ڇا هو تيج! ڇا تجلو! جنهن جي سندر سهائيءَ ۾ سهسين سجن؛ سهسين چنڊن ۽ سهسين ٽارن جي اوش (روشنائي) اونده سمان هئي. اهڙو آنند اچي اُتپن ٿيس، جو سرير جي به سوجهي نه رهيس، ڄڻ ديهيءَ ۾ بديهي (ديهيءَ بنا) ٿي ويئي. ٿوريءَ مهل کان پوءِ راڌا سامت ۾ آئي ۽ پاڻ کي نهنجي محلات ۾ ڪرشن جي آنٽي (ڳراهٽڙيِ) ۾ ڏسي چوڻ لڳي، ”اي مانڊين جا مانڊي! توئي مونکي سيکاريو آهي ته سچو سنياس ڇاکي چئجي. سچو سنياس ٻاهران ٻارن ۽ زالن کي تياڳڻ پر من ۾ اُنهن جو ويچار ڌرڻ ۾ نه آهي؛ تڪي گهر تڙ ڇڏي وڃي بن ۾ رهڻ ۾ آهي؛ نڪي اِسترين جي مٺي واڻي ۽ منوهر راڳه روپ ڇڏي، پکين جي لات سڻڻ ۾ آهي. سچو سنياس ته من جو آهي؛ جيسين ديهي، هيءُ اَسٿول (ٿلهو) سرير قايم آهي، تيسين ديهيءَ سنٻنڌي شيون ڇڏي ڪين سگهيون، سنسار ته اندر جو ڇڏڻ گهرجي ۽ نه ٻاهر جو. من جي چنچلتائي (چت جي ورتي)، ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار، اِهي ئي سچو سنسار آهن. تنهنجي سنمکه رهي، دنيا جي وشين کان منهن موڙڻ ئي؛ دنيا ۾ رهڻ پر دنيا جو نه ٿيڻ ئي، توکي ڄاڻڻ آهي؛ ۽ اهڙو آنند پائي، سڀ نام ۽ روپ وسارڻ ئي سچو سنياس اهي. هن ڪپٽي مهنت، ديهئي ڪري، (ٻاهران) دنيا جا پدارٿ ڇڏي ڏنا هئا، پر من ۾ سانڍيو ويٺو هو؛ ۽ هن ڳڀرو ڪونڌر ديهيءَ ڪري، سڀ مزا پئي ماڻيا پر من ۾ سڀ ڇڏيو ويٺو هو. هڪڙو بن جي ايڪانت ۾ به ايشور کان پري هو. ٻيو، ناچن ۽ گانن؛ راڳن ۽ روپن وچ ۾به ايشور سان لئي هو. اِهوئي ڪارڻ آهي، جو پهرئين توکي ڪونه سڃاتو، جيتوڻيڪ تون وٽس لنگهي وئين، ۽ توکي ڏسي شرم جي ٻل سان توکي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو ۽ آنند روپيِ لهر ۾ لڙهي توسان لئي ٿي ويو.

        سنياسي ڪير آهي؟ سچو سنياسي اُهو آهي، جو ڌرم، ڪرم، تياڳي، مان ۽ منهنجائيءَ جي ڪلپنا ڪڍي برهم يعني ايشور جي شرن پئي ٿو، ۽ رشين جا هيٺيان مها واڪيه ويچاري ٿو، جهڙوڪ ”اِهوئي تون آهين،“ ”اِهوئي برهم آهي،“ “نانا جو ته نالو ئي ڪونهي؛“ ۽ نرنيءَ ۽ ڊپ کان اٿي ڀڳو ۽ ٻئي پريم ۽ ڀڳتيءَ ڪري ٿو ته مان ئي برهم آهيان جو ساري سرشٽيءَ ۾ اَچل ۽ اَٽل سماڌي ڌاري، رمي رهيو آهيان. اِهوئي جيو پوڄا جوڳو اهي، اِهوئي آهي سچو جوڳي، اِهوئي آهي سچو پرمنس، اِهوئي آهي سچو اَوڌوت ۽ اِهوئي آهي سچو برهم گياني.

نرلنڀ اُپنشد

        سچو سنياس آهي پاڻ سڃاڻڻ يعني آتم گيان – انهي پر ماڻي ڳالهه جو تات پرج هيٺينءَ ريت سمجهڻ گهرجي.

        راڌا آهي ٻڌي يا چت شڪتي، ۽ ڪرشن آهي سروُپ  يا آتما، شڪار (دنيا جي وشين يعني خوشين پٺيان ڊوڙڻ)، بن جا مست هاٿي (دنيا جا ڏکه ۽ ڏوجهڙا)، ۽ چيتو (ڊپ)، اِهي مڙيئي راڌا ڪرشن اڳيان مٿيا روپي آهن؛ پر مهنت (رجس يا رشنائون) انهن کي سچو سمجهيو ويٺو آهي. ماڻهون ڏهاڙي وشين (خوشين) روپي هرڻيءَ پٺيان ڊوڙي ٿو، ۽ دکه روپي مست هاٿي هنکي وڪوڙي وڃن ٿا ۽ ڊپ روپي چيتو هنجي پٺ نٿو ڇڏي. پر وشيون (خوشيون) دکه ۽ ڊپ اِهي ٽيئي تمس (اگيان) آهن، جي سروپ اڳيان ڄڻ هڪ ڪهاڻي آهن، جو شڪاري وانگر چيتي روپي ڊپ کي ڀڄايو ڇڏي. راڌا آهي گيان شڪتي يعني ٻڌي، جا دنيا جي تامسي مايا کان منهن موڙي يعني ايان جي اوُندهه مان نڪري، ڪرشن

يعني آتما جي شرن وٺي ٿي، ساڇو ڪين چيتي هاٿيءَ جي ڳالهه تان کلندي. جيتوڻيڪ پاڻ ڪرشن جي سنمک آهي، ۽ تمس (اَگيان- مايا) کان مٿي آهي، تڏهين به هوءَ وهمن کان نپت آجي نه آهي ۽ موهه ۾ ڦاسيو وڃي. اِنهي ڪري هوءَ ترشنا روپي مهنت (رجوگڻ) ڏانهن نيئي وڃي ٿي. آتما (ڪرشن) جنهنجي سنگ ۾ ٻڌي (راڌا) مٽجي گيان ٿيو پوي، سو سندس رکيا ٿو ڪري ۽ نانگ جو روُپ ڌاري ترشنائن کي تڙيو ڪڍي. (گيتا نمبر 59). جڏهين رجس جيتجي وڃي ٿوتڏهين ستو (اَندرين جوت) (تمس ته اڳيئي ناس ٿي ويو آهي) رڳو وڃي رهي ٿو، سو سروپ (ڪرشن) ۽ گيان شڪتي (راڌا) ٻنهي کي يعني ڪرشن ۽ راڌا کي پاڻ ڏانهن کينچيو وٺي. ستو آهي کل مکه ڪونڌر، جو سڀاءَ ڪري سيتل آهي؛ ۽ نرم ۽ ڪومل سيج آهي سک آسڻ ۽ ڇهه ڪامڻيون آهن، من ۽ پنج اندريون جي نرمل ستي گڻ اڳيان پييون کيل ڪن. پر هنکي ته سروئي آنند آهي. اُهي اڌ ڍڪيل آهن جي ستو کي پاڻ ڏانهن موهڻ جو يتن ڪن ٿيون. جيڪڏهين نپٽ نر لڄ هجن ته هوند ڪراهت اچي وڃي ۽ موهي ڪين سگهن. جڏهن راڌا ڪرشن يا اُپاسنا مورتي يعني آتما اوڏڙو اچي ٿو، تڏهين اهي ڀڄي وڃن ٿيون، ۽ ستو گڻ ۽ سروپ هڪ ٻئي ۾ ملي نرليپ ۽ نر آڪار جوت ٿي وڃن ٿا، جنهنجي راڌا يعني گيان شڪتيءَ کي ڪا سوجهي نٿي رهي ۽ هوءَ ديدار پسندي ئي بي سر تي ٿيو پوي. اِهو آهي اُپنشدن جو سنياس.

        جڏهين مٿين نروڪلپ (سنسي کان آجي) سماڌي يا نشت ٽٽي

ٿي، ۽ گيان شڪتي سرت ۾ اچي ٿي، تڏهين موهه کان آجي ۽ نرسنسي ٿي، پاڻ سان نينهن لائي، جدا جدا روپ ڌاري، سرو ليلا پکيڙي، شڪاري – نانگ، ايشور ۽ برهم جيها اَنيڪ کيل کيلي پيئي موجون ماڻي ۽ پاڻ وندرائي.

ڀڳتيءَ جو پرتاب

        جن ڏينهين پانڊوَ بن واس ۾ هوا، تن ڏينهين درواسا رشي راجا دريوڌن جي ڪچهريءَ ۾ لنگهي آيو. راجا سندس ڀلي ڀت آجيان ۽ مهماني ڪئي. رشي اَتي پرسن ٿي کيس ور گهرڻ لاءِ چيو. پاپي دريوڌن جي سدائين اِها اَبلاڪا هوندي هئي ته ڪنهن به ريت پانڊون جي هاڃي ٿيئي. هن چترائي ڪري کين بن واس ڏياريو هو، پر جڏهين ٻڌائين ته اُتي به هو ڏاڍو آنند ۾ رهن ٿا، ۽ رشين ۽ منين جي سنگه ۾ وندريا وتن، تڏهين هيڪاري سک ڦٽي پيس، ۽ ايرکا وچان وجهه وٺيِ رشيِءِ کي چوڻ لڳو ”سوامي، يڌشٽر مهراج اسانجي ڪل جو ڳهڻو ۽ اتم پرش آهي. هو هينئر پنهنجن ڀائون سان بن ۾ رهي ٿو، ڀلائي ڪري اوهين هڪ ڀيرو پنهنجن سڀني ششن سميت اُن مهاتما پرش وٽ اتٿي (مهمان) ٿي وڃي رهو؛ سو به اُنهي مهل جڏهين سشيل ۽ سوڀياوان پنچالا جي راڄڪماري برهمنن ۽ پنهنجن ڀتارن کي کارائي پاڻ ڀوڄن ڪري وڃي آرامي ٿئي.“ انهي ور گهرڻ ۾ دريوڌن جي اِهائي نيت هئي ته درواسا رشي پنهنجن انيڪ چيلن سان ڪمهلو وڃڻ ڪري پانڊون تي بوجو ٿي پوندا ۽ سندس پوري پرگهور نه ٿيڻ ڪري رشي ڪوپ ٿي کين سراپ ڏيندو. رشي کين وچن ڏيئي پنهنجن ڏهن هزارن چيلن سان بن ڏي اُسهيو۽ ڏاڍو دير دير سان پانڊون وٽ وڃي مهمان ٿيو. يڌشٽر جنهنکي من تي ڪوبه کٽڪو ڪونه هو، سو پنهنجن ڀائرن سان گڏجي رشيءَ کي وٺي اچڻ لاءِ اڳواٽ ويو ۽ سندن ڇڱيءَ ريت آدر ستڪار ڪري کين اِشنان پاڻي ۽ پوڄا پاٺ ڪري سگهوئي اچي رسوائي وٺڻ لاءِ چيائين. رشي انهي ويچار ۾، ته راجا اسان هيترن ڄڻن جي ڌام ڪيئن ڪري سگهندو، ڳڻتيون کائيندو، درياه تي اشنان ڪرڻ لاءِ اُسهيو. تنهن وچ ۾ سريش ۾ راڻي دروپدي جا سدائين پنهنجن ڀتارن جي ڀڳتيءَ ۾ رهندي هئي سا ڏاڍيءَ چنتا ۾ پئجي ويئي ۽ جڏهين ڏٺائين ته ٻيو ڪو چاڙهو ڪونهي، تڏهين اندر ۾ ڪرشن کي ڌيائي چوڻ لڳي ”اي وڏين ٻانهن وارا ڪرشن ۽ ديوڪيءَ جا لاڏلا! تنهنجي مايا پرٻل آهي. ائِ واسديو! تنهنجي شڪتي اکٽ آهي. مان تنهنجي شرن آئي آهيان، منهنجي پئجه رک. منهنجا ڏکڙا دور ڪر. تون ئي ساري سرشٽيءَ جو سرجڻهار آهين، تون ئي ٿو نپائين ۽ تون ئي ٿو اُنکي سنگهار ڪرين. تون آتما، تون ئي پرم آتما آهين. تون ئي سڀ جيون جو جيارو آهين. تون اُتم ۾ اُتم آهين. تون سوچ ويچار جي پار آهين. تنهنجو اَنت ڪنهن نه پاتو آهي. اي نڌرن جا آڌار! جي تنهنجي اوٽ وٺن ٿا، تن تي سدائين تنهنجي ڪرپا آهي، تون هن اَڌين تي به ديا جي درشٽي ڌر. تون ساري سرشٽيءَ جو سار ۽ سناتن ٻج آهين. تون ئي سڀني پدارٿن جو مول ۽ پرم جوت آهين. مان تنهنجي شرن آئي آهيان. اڳي به تو ڪئين ڀيرا منهنجي سهائتا ڪئي آهي، هن اوکيءَ ويلي به منهنجي پت رکه. پرم ايشور، پرم آتما. اُنتر يامي سري ڪيشؤ دروپديءَ جي آراڌنا سڻيِ ۽ اتوکي ڏسي اُنهي دم اُتي اچي سهڙيو. واسديو کي ڏسنديئي، دروپدي آنند ۾ ڀرجي کيس پرنام ڪري رشين جي ڪمهلو اچڻ جي ڳالهه چوري.

        ڪرشن:- مونکي بکه ڏاڍو هلاڪه ڪيو آهي، ڀلائي ڪري انهيِ اَکٽ ڪنيِء مان، جا توکي سورج نارائڻ ڏنيِ آهي، مونکي ڪجهه کائڻ لاءِ ڏي.

        دروپدي:- اِها اَکٽ ڪني ته ايستاءِ ڀريل رهندي آهي جيسيتاءِ مان کائي اُٿان. مان هاڻي کائي اُٿي آهيان ۽ ڪني سکڻي پبئي آهي. مونوٽ ٻيو ڪجهه به نه آهي جو توکي کائڻ لاءِ ڏيان.

        ڪرشن:- هي مهل کل ٺٺوليءَ جي نه آهي. ڪني ڏينم ته ڏسان من ڪو داڻو ڪڻو ڪنڊ پاسي رهيو پيو هجي. مان بکه کان ڏاڍو وياڪل آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com