سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ويدانتي وڻڪار

 

صفحو :10

ساٿي:- پر اوهان جيڪي مثال ڏنا آهن تن موجب ٻار ڏاڍا اهنڊ ۽ اڙٻنگه ٿيندا آهن ۽ ٻيو ماڻهو به رءِ ڏوهاري هو. پر جنهن اَٻلا جي مان ڳالهه ٿو ڪريان سا ته ڏاڍي گڻوَنت ۽ ڌرمشٽ ڳڻي ويندي آهي. هن جو هيترو ٻار جي وڇوڙي جو درد سٺو سو ڍئبو ته سندس ڀڳتيءَ جو ڦل ۽ پرتاب آهي؟

        مان:- نه نه. نه سچي نه. اِهو پاڻ ڏيکاري ٿو ته هن ۾ يان ۽ ڀڳتيءَ جو انگهه گهڻو گهٽ آهي. هوءَ جيڪڏهين ٻالڪ کان وڌيڪ ايشور جي پريم ۽ ڀڳتيءَ ۾ رهي ها ته هوند هن وڇوڙي جو ڏنگه ڪين لکائيس ها. پاڻ ايشور جا ٿورا مڃي ها، جنهن سندس موه ۽ ممتا مٽائي ڇڏي. پر جيئن ته انهي سروَ شڪتيوان جي مرضي نه آهي ته اهڙي ڌرمشٽ ديويِ اگيان جي اونده ۾ رهي، تنهنڪري ئي اُهو ٻار، جو سچ پچ سندس ڏنل هو، سو کانئس موٽائي ورتائين ڇاڪاڻ ته سندس ستا ۽ برڪت سان هن ٻار پنهنجي پتاجيءَ وٽ جيوَت پاتي. اسين ڀل کان پنهنجو سمجهي ويٺا آهيون، جو سچه پچه اسانجو آهي ئي ڪونه. اِها سندس ڀل، اِهو ڀرم ميٽڻ لاءِ هن اَٻلا کان ڏنل ٻار موٽائي ورتو. ٿورا ڏينهن هوُءَ وڇوڙي ڪري روئندي رڙندي. پر نيٺ سامت اينديس ۽ سمجهندي ته ٻار منهنجو ڪونه هو، پر ايشور جي اَمانت هئي ۽ ايشور ڌاران ٻيو ڪوبه اِسٿر نه آهي. سو جيڪڏهين هوُءَ ايشور ۾ پيار ڌريندي ته وڇوڙي جو ڊپ هنکي ٿيندوئي ڪين. پر جيڪڏهين هوءَ ايشوَر کان سواءِ ٻين دنيا جي وٿن ۾ موه رکندي ته اَؤس وڇوڙي جو دکه ڀوڳڻو پوندس.

        ساٿي:- ڇا، ٻار تڏهين پڃ جي مارڳه (واٽ) ۾ رنڊڪون آهن؟ ويچارا مٺڙا اَبهم. ديوتا روپ، جن جي ڪري ئي هي دکه روپي دنيا سکه جو اَسٿان ٿيو پوي، سي اسان جي واٽ ۾ اَٽڪون ڄڻ ڪنڊا آهن؟ اُهي پاڻ جڳتر جي ڏکئي ۽ اڙانگي سفر ۾ ٻل ۽ خوشي ٿا ڏين.

        مان:- نه نه، اُهي رنڊڪون نه آهن، جيسين دل اندر اُها جاءِ والڙي اٿن، جا جيڪر اسين ايشور کي اَرپن ڪريون. هوُ ئي سناٽن (نت) ۽ پرم پرش آهي. هوُ ئي ساري هستيءَ جو ڪرتا ۽ ڀرتا آهي ۽ سڀڪجهه سندس ئي وس آهي. جيئن ڪا آيا (نوڪرياڻي) پنهنجي ڌڻيءَ جي ٻارن جي سار سنڀال لهندي آهي ۽ کين ماءُ وانگر ڀائيندي ۽ پيار ڪندي آهي، کين پرڀائي لوليِ ڏيئي سمهاريندي آهي ۽ جي آڏو اُبتو هلندا آهن ته کين ڇنڀيندي ۽ سيکت ڏيندي آهي، پر سڀ وقت ائين ڄاڻندي آهي ته اُهي سندس ٻار نه آهن، پر سندس ڌڻيءَ جا آهن، تهڙيءَ ريت جيڪڏهين پيءُ يا ماءُ پنهنجن ٻارن کي ايشور جا ٻار ڪري سمجهن ۽ پاڻ ايشور جي پاران سندن سنڀاليندڙ ٿي رهن ته پوءِ ٻنڌڻ آهي ئي ڪونه، پوءِ اَٽڪ آهي ئي ڪانه.

        ساٿي:- تڏهين پوءِ ڀلا ڇو اوهانجي پرڀوءَ اِهي دکه، سور، ڳڻتيون، اياڻپ ۽ اگيان پيدا ڪيائ جيڪڏهين اوهانجو ايشور سچ پچ اهڙو شڪتيوان هجي ها. جيئن اوهين چئو ٿا، ته پوءِ هو اِهي سڀ وڪار اُسرڻ ئي ڪونه ڏئي ها ۽ سارو جڳتر اٿاهه آنند جون اسٿان بنائي ڇڏي ها. پوءِ سيکت ڏيئي سڌارڻ جو ضرورئي ڪونه ٿئي ها.

        مان:- توهين دکن، سورن، ڳڻتين، اَياڻپ ۽ اَگيان کي ڌڪاريو ٿا؛ مگر سکه، سهنجه، لؤج ۽ لاس لاءِ ڪيئن نه واجهائي رهيا آهيو!

        ساٿي:- سو ته ٺهيو پيو آهي.

        مان:- پر پيارا سائين! دکه کان سواءِ سکه نٿو ٿي سگهي. اَگيان کان سواءِ گيان نٿو ٿي سگهي.

        ساٿي:- هان! سو وري ڪيئن؟

        مان:- سمجهو ته سانڌهه ساڳيو ۽ هڪجهڙو سکه ئي سکه لڳو پيو آهي، جنهن ۾ ڪو به سنڪت نه آهي. جيسين اوهان اُنهيءَ پنهنجيءَ سکيءَ اَوستا جي ٻيءَ ڪنهن وچولي يا پوريِ پني اَوستا سان ڀيٽ نه ڪئي آهي تيسين اوهانکي سڌ نه پوندي ته ڪيتري قدر اُها سکي آهي؛ ڇاڪاڻ ته اسين پاڻکي تڏهين سکي ٿا سمجهون جڏهين اُنهي کان گهٽ سکي اَوستا سان ڀيٽ ڌريون ٿا، يعني جنهن ۾ ڪي ڪجهه دکه به گڏيل هجي ۽ جيترو وڌيڪ دکه اوتروئي وڌيڪ سکه ماڻڻ ۾ مزو ٿو اچي. ڀيٽ ڪرڻ سان ئي ماڻهوءَ کي ڪل تي پوي ته اڳي پاڻ ڪهڙو دکي هو ۽ هاڻ ڪهڙو نه سکي آهي. بکايل کي جيترو کاڌي مان سواد ايندو اوترو اڻ بکايل کي نه ايندو. گيان ۽ اگيان جي حالت ۾ به ايڏوئي ڦير آهي. اوهين پاڻکي وڌيڪ ودوان تڏهين سمجهندا جڏهين اوهين پنهنجي شڪول واريءَ اوستا سان ڀيٽ ڪندا. انهيءَ مان پرسڌ آهي ته جيڪڏهين اوهين آنند ۽

گيان جي سکه ۽ ٻين اهڙن اُتم پدراٿن جا ڪانکي آهيو ته انهن سان گڏ اوهانکي دکه، سوُر ۽ اگيان وغيرهه کي به منهن ڏيڻو پوندو. دکه ۽ سکه ساڳيءَ شيءِ جا ٻه پاسا آهن. دکه کان سواءِ سکه ملڻو نه آهي ۽ نه سکه کانسواءِ دکه. تنهنڪري اوهان جو اَنومان (ويچار) ته دنيا ۾ سانڌهه سکه ئي سکه ملي سگهي ٿو سو بهي نٿو سگهي.

        ساٿي:- ماڻهو ڪين سرڳه لوڪ جي ڳالهه ڪندا آهن جتي اِندر راجا راڄ ڪري ٿو ته اُتي سدائين سکه ئي سکه پيو وسي. انهيءَ بابت اوهانکي ڇا چوڻو آهي؟ (تڏهين) شايد اوهانجا نگم ۽ شاستر رڳو ڪوڙ ۽ واهيات پيا ٻولين؟

        مان:- سڀ سچه. جيڪي سرڳه جا سکه ٿا ماڻين تنکي دنيا جي اڳين دکن جي يادگيري آهي. انهن کي پنهنجن اڳين دکن جو آزمودو آهي، تنهنڪري اڳينءَ دکي اوستا جي ڀيٽ ۾ اُهي سرڳه جا سکه ڏاڍي چوڄ سان ماڻين ٿا.

        ساٿي:- (ڳالهه جو سلسلو ڦيرائي) چڱو ڀلا. هاڻي اچو پنهنجي اصلوڪي سوال تي. توهان جو چيو ته ايشور آهي سڀني شڪتين جو سنجوڳه يا ميلاپ جو اسانجي اِنڇائن جي آڏو ٿو اچي ۽ اسان کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائي ٿو، ته ائين چئبو ته اها اَسان بنسبت هڪڙي آڏي شڪتي آهي جا ستنتر ۽ سروَ شڪتيوان آهي ۽ جا سدائين اسانکي پيئي روڪي، پر کيس ڪو روڪڻ وارو ڪونه آهي. ڀلا، اُنهي ستا کي سمجهه آهي؟ هنکي اسان وانگر دکن، سکن جي سمڪ (لکه) پوي ٿي؟

        مون کيس ورجائي چيو ”اِنهيءَ ستاجي جوڙ ۽ ڪرڻي ته ڏسو. ڪهڙو نه نيتيءَ انوسار ۽ نيمن پرماڻي پيئي هلي. ڇا، اِها سجل، اِها سنجٽ، اهي نيم ۽ ڪرم سڀ اگيان جي اوندهه مان ڦٽي نڪتا آهن؟ گلن ڏي نهاريو، ڪهڙي نه رؤنق لاهيو بيٺا آهن؟ پرڪر تيءَ جي سونهن

سوڀيا جي ڪهڙي ساکه ڪجي؟ چوَ ڏس چتاڻو لڳو پيو آهي. اِهي سڀ نانا روپ ۽ رنگه، اِهي سڀ عجيب ۽ غريب نظارا ۽ ڀانت ڀانت جا پٿون ۽ پدارٿ، جي اوهانجي ئي اؤجن ۽ اُلولين ماڻڻ لاءِ آهن، ڇا، اِهي اُنهيءَ جيوَ (پرش) مان نڪرندا جنهنکي نه آهي سوچ نه ويچار، نه هوش نه حوصلو؟ اوهين پاڻ ڏي نهاريو. اوهين ڪجهه نه آهيو، اوهان کي اُها طاقت (قدرت) ئي بنائي ٿي. اُها هوريان هوريان اوهانکي اگيان جي هيٺئين ڏاڪي کان مٿي گيان جي اُتاهين چوٽيءَ تي چاڙهي ٿي. جيڪڏهين اوهين اُن شڪتيءَ جي ڪمن ۾ ڳوڙهو ويندا ته توهانکي آهسته آهسته معلوم ٿيندو ته جيڪا سار سنڀال اوهانجا مائٽ اوهانجي ڪري رهيا آهن، تنهن کان هزار ڀاڱا وڌيڪ پريم سان هوءَ اوهانجي پرگهور لهي ٿي.

        ساٿي:- سو وري ڪيئن؟ اُها شڪتي ته پاڻ منهنجن انڇائن جي آڏو ٿي اچي. پر منهنجا مائٽ، جيڪي به کانئن گهران سوتتڪال ۽ خوشيءَ سان ڪڍيو ڏين.

        مان:- جڏهين اوهانجون انڇائون اجوڳه ۽ اڻ سهائينديون هونديون آهن تڏهين اوهانجا مائٽ اوهانکي ڪين روڪيندا آهن؟ اسانجا حواس ئي اسانجي انڇائن جا ڪارڻ آهن. جيسين اسانجون اِنڇائون نه روڪيون ويون آهن، تيسين اسانجا حواس اِندريون) اسانکي هيڏانهن هوڏانهن پيا ڀٽڪائين ۽ هميشہ اسانکي گهمراهه ڪن ۽ جيڪي کئي ۽ اَست آهي تنهنکي اسين ست ۽ اکئي وسهي ويٺا آهيون. سو انهن انڇائن جي روڪڻ ڪري اسان جون ڀلون به روڪجن ٿيون. اِنهي ۾ اسانجو ڪيترو نه ڀلو آهي. انهي شڪتيءَ جي پوري وقت تي آڏو اچڻ ڪريئي اسانکي

پنهنجي سچي پچي اوستا جي پروڙ پوي ٿي.

        ساٿي:- پر اوهانجا شاستر ته انهي سڪتيءَ کي، جنهن کي توهين ايشور ٿا سڏيو، گهڻن ئي سندر اِسترين ۽ پرشن جا روُپ ڏيندا آهن. ڀلا، اُنهي جو اَڀيپرايه (مطلب) ڪهڙو؟ توهانجي ڳالهائڻ مان ائين ٿو معلوم ٿئي نه ايشور کي ڪو اَهڙو روُپ ٿي نٿو سگهي، يا جيڪڏهين ڪو روُپ اٿس ته اِهو ساري سرشٽي آهي. ساري سرشٽي اُنهيءَ بي اَنت شڪتيءَ جو سرير آهي. انهيءَ کي نه نر سڏي سگهجي ٿو نه مادي، پر نر ۽ ماديون ۽ هي سڀ سوکيم ۽ اَسٿول پدارٿ اُن مان ئي اُٽپن ٿيا آهن.

        مان:- ها. هاڻ اوهين ايشور جي سرو وياپي روُپ جو ٿا ذڪر ڪريو. پر مون هينئر اوهان سان ڳالهه ڪئي ته اُها شڪتي اسانکي مائٽن کان هزار ڀاڱا وڌيڪ پيار ڪري ٿي ۽ سڀ پرڪار جي شڪتين جو ڀنڊار آهي ۽ اُنکي روڪڻ وارو ڪوئي نه آهي. اهڙي حالت ۾ هنکي جڳتر ۾ پنهنجو پرم پيارو، پرم پريمي، اَتي سندر، سچو سڄڻ. ويجهي ۾ ويجهو مائٽ ڪري سمجهڻ سڀاويڪ وڌيڪ سهنجو ۽ من کي وڻندڙ لڳي ٿو. جڏهين اسانجي اهڙي اَوستا ٿئي ٿي، تڏهين اُها شڪتي، نر چئوس يا مادي، اسان لاءِ پريم جو اکٽ ڀنڊار ٿيو پوي، ڇاڪاڻ ته اُها سرؤ ديالو ۽ سرؤ پريم شڪتي ڇا نٿي ڪري سگهي؟ ائين ڪين چئبو ته هو اگم ۽ اگوچر آهي، يعني ڄاڻن ۽ سڃاڻڻ کان ٻاهر آهي. سندس پرم پريم ۽ پرم ديالو سڀاءُ ئي ثابت ڪري ٿو ته ائين هرگز نه آهي. جڏهين ڪڏهين، اُنهن نردوش ۽ پوتر پرڪرتيءَ جي ٻارن آڳاٽن رشين ۽ منين کي پنهنجي اَڻ ڏٺي پتا ۽ اَڻ ڏٺي ماتا جي درسن ڪرڻ جي پياس ٿيندي هئي، جنهن سندن ٿورڙيون گهرجون پوريون ٿي ڪيون، سندن پرگهور ٿي لڌي، اؤکيءَ ويلي سندن رکيا ٿي ڪئي، سندن آسرمن کي اَتي سندر ۽ ايشوري سڳنڌ سان ڀريل گلن سان سينگاريو ٿي، جنهن ڏهاڙي پرڪرتيءَ جي سهڻن ۽ سٺن آڪاس واسي راڳيندڙن جي مٺي لات ۽ للڪار سان کين وندرايو ٿي، تڏهين اُهو ماتا يا پتا ڪيئن ٿو پاڻ لڪائي سگهي؟ هو برهما، وشنو يا شؤ، سرسوتي، لڇمي يا درگا (ڪالي) جو روُپ ڌاري، کين پنهنجو

درسن ڏيندو هو. انهي مان پڌرو آهي ته اسانجا شاستر ايشور جي ديا جو وستار ٿا ڪن، جا هن هر وقت پنهنجن پيارن ڀڳتن ۽ ڀلن پرشن تي ڪئي آهي. اِنهن مها پرشن ئي اسانجا ويد ۽ شاستر رچيا. انهن کي جيڪا ٿوري گهڻي ايشور جي ٻوجهه پيئي ۽ جيڪي ڏٺائون يا جاپيائون، سو هو پوين جي ڀلي لاءِ لکي ويا.

        ساٿي:- جيڪڏهين اوهانجو ايشور سچ پچ اهڙو ديالو ۽ پريمي آهي ته ائين ٿي سگهي ٿو، پر مونکي هنجي ديا ۽ پريم ۾ گهڻو شڪ آهي. هي جو اوهان هينئر چيو ته انڇائون اسان کي ڀنڀلائين ٿيون سو اوهانجي چوڻ موجب ڀلن جي چنبي کان پاڻ بچائڻ لاءِ اِنڇائون تياڳڻ ئي سٺي ۾ سٺو اُپاءُ آهي.

        مان:- ها – ويتر جيڪڏهين اوهانکي ڪا اِنڇا آهي ئي ڪانه ته ايشور پاران اوهانکي ڪابه روڪ ڪانه ٿيندي. اوهانجو ۽ ايشور جو پاڻ ۾ پڪو پر چاءُ (سلوڪ) ٿي ويندو. اوهانجو ڀلو ايشور جي ڀلائيءَ سان ملي ويندو. پوءِ اوهانجا خيال ۽ هن جا خيال هڪ ٿي ويندا، يعني اوهين پنهنجو ننڍو پاڻ، سندس پرم پاڻ ۾ ائين وڃائي ڇڏيندا، جيئن ڪ درياهه سمند ۾ پاڻ وڃائي ڇڏيندو آهي.

        هينئر سج به راسون رڱي ٿورو مٿڀرو ٿيو هو ۽ سندس سڌر ڪرڻائن به وڻن جي ٽارين وچان لياڪا پائي اسانکي ياد ڏياريو ته هاڻ موٽڻ جي مهل ٿي آهي ۽ اسان کي وڃي پنهنجي ڪرت ڪار کي لڳڻ

گهرجي. پوءِ ته هڪ ٻئي کان موڪلائي روانا ٿياسين.

ايشور ڪٿي آهي

        ڪوڌي هرنايه پنهنجي پٽ پرهلاد کي چيو ؟اڙي ڀؤندؤ، ڪٿي آهي تنهنجو ايشور جنهن تي تون هيترو موهت ٿيو آهين، ۽ جنهن جي بنا اَرٿ نالا پڪاري پل پل پيو سمرين؟“ ڇوڪر رشيءَ وراڻي ڏني ”مونکي ته جت ڪٿ ايشور تي ايشور پيو ڀاسي؛ جيڪي ڏسان ٿو سو ايشور، جيڪي ٻڌان ٿو سو ايشور، جيڪي چکان ٿو سو ايشور، جيڪي سنگهان ٿو سو ايشور، جيڪي ڇهان ٿو سو ايشور، جيڪي لکايان ٿو سو ايشور، ايشور بنا ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. باقي تنهنجي اکين تي اَنڌ جو لٽ چڙهيل آهي سو تون ڪٿان ڏسي سگهندين؟ جن جي اکين ۾ ڪٽر، سي ڪيئن ڏسندا ايشور؟ سي ڪيئن پرين پسن، موڙيسر1 جنين2 اکين ۾؟

زال

(ليکڪ:- آئلداس ڇٻلداس – سنسار سماچار

13 اپريل 1933ع تان ورتل.)

        زال هڪ وڻندڙ سريلو هارمونيم (باجو) آهي جنهن جي سرن مان ڪروڌ ۽ پيار جا آلاپ اُڀرن ٿا. اهڙي هارمونيم مان وڻندڙ دل پسند آلاپ ڪڍڻ لاءِ سٺي ڪاريگر جي ضرورت آهي. اِهوئي هار مونيم جو سٽيج آهي سو ڪاريگر جي ٿوريئي ٿرڪي وڃڻ ڪري ڏکن جي کاڻ ٿيو پوي.

تنهنجي ڪري هميشہ اهڙي ڪاريگر کي سنڀالي زال روپي هارمونيم تي هٿ ڦيرڻ گهرجي ۽ هميشہ هن مان سريلا ۽ مٺا آلاپ ڪڍندي دل کي راحت ڏيندو وٺي.

        زال هڪ هڏين ۽ ماس جو لچڪدار اِنساني جانور آهي، جنهنکي شاندار مشڪون، اِشاري ۽ ميڇ ڏيندڙ ٻه اکيون، هڪ بي صبر زبان ۽ ڦر ڦر ڪندڙ سونڊ آهي. دنيا جا ماڻهو اهڙي جانور جا هميشہ پوڄاري آهن.

        هن جهان ۾ زال اهو خدائي فرشتو آهي، جنهن جي سواري هميشہ مرد روپي ڍڳي تي ٿئي ٿي. انکي نئنن روپي ڪٽار آهي جا سنگدل ظالم کي به زخمي ڪري ڇڏي. هنکي گلاب روپي ڳل آهن جنتي دنيا جا ڀؤنئر ڀون ڀون ڪيو هنجي اُپما ڪن ٿا. هنجي وات ۾ زبان روييِ بنسري آهي جا دنيا جي گهڻن انسانن تي جادوءَ جهڙو اثر ڪيو ڇڏي. اهڙي خدائي فرشتي اڳيان اسانجي به وارون وار نمشڪار آهي. زال هڪ عجيب مرلي ۽ ڍٻڪي وڄائيندڙ بازيگر آهي. مرلئي جي اثر هيٺ ۽ ڍٻڪئ جي آواز تي مرد ڀولي وانگر پڇ لوڏي مرلي وڄائيندڙ جي اِشاري تي نچي رهيو آهي.

        زال هڪ انساني مشين آهي جنهن ۾ سرهي تيل، ڪريم،پائوڊر ۽ صابڻ وجهڻ جي ضرورت آهي. هيرن، جواهرن ۽ سونن ڪوئلن جي ڪم آڻڻ سان هوءَ مرد لاءِ چڱي روٿي ۽ ٻار ٻچا پئدا ڪري سگهندي. جيڪڏهين مٿيون شيون هن مشين لاءِ ڪم نه آنديون وينديون ته هوءَ جلدي بگڙجي پوندي ۽ وڏا آواز ڪري مغز کپائيندي.

        سياڻن زال جي ڀيٽ انسان جي پاڇي سان ڪئي آهي. جيئن پاڇي جي پٺيان ڊوڙڻ سان پاڇو هٿ نٿو اَچي ۽ اڳتي ئي ڀڄندو ٿو وڃي، پر وري به پٺ ورائي هلڻ سان اُهو ساڳيو پاڇو پنهنجي پٺ وٺندو اچي.

ساڳيءَ طرح مڙس جيئن زال کي گهڻو پيار ڪري ٿو ۽ هنجي پٺ وٺي ٿو تيئن هوءَ اڳتي وڌندي وڃي ٿي، پر هن ڏانهن بي پرواهي ڏيکارڻ ڪري هوءَ پاڻهي مرد پٺيان پاڇي وانگر رڙهندي رهي ٿي.

        زال هڪ ڪئامار پڃرو آهي جنهن ۾ مرد روپي ڪئي کي ڦاسائڻ لاءِ سونهن روپي مٺائي رکيل آهي. بيوقوف مرد اُن مٺائي جي لالچ تي اُن پڃري ۾ گهڙي ٿو جنهن ۾ هو ڪئي وانگر ڦٿڪي پنهنجا پساهه پورا ڪري ٿو.

        زال ذات جو سڀاءُ آهي موهڻ، وس ڪرڻ؛ پرجي نه موهي سگهي يعني ته ڪنهن کانئس منهن موڙيو ته زال پاڻ سندس وس ۾ رهي ٿي، سندس اَدب ڪري ٿي، کيس مان ۽ عزت ڏئي ٿي، کانئس ڊڄي ٿي ۽ ڍڪ پردي ۾ يعني شرم ۽ حيا سان رهي ٿي. ٿوري ۾ ته جي مرد حيا وارو آهي ته زال به اَوس حيا ۽ شرم واري ٿي رهي ٿي.

26 جولاءِ 1928                                       رامچند صوڀراج

گيان جي بنسري

(ليکڪ:- چوهڙ آر-آڏواڻي – سنسار سماچار

اخبارن مان ورتل

        هڪ سنت جو وچن آهي ته سنسار ۾ اَٺ شيون ڀليون آهن. (1) اِسترين لاءِ حياءُ ڪرڻ ڀلو آهي. (2) جوان کي تياڳه ڪرڻ. (3) پڙهيلن کي ڀڄن ڪرڻ. (4) ڌانوانن کي دان ڪرڻ. (5) دوست کي پيار ڪرڻ. (6) حسن واري کي حسن وڌائڻ. (7) بادشاهه کي انصاف ڪرڻ. (8) فقيرن کي

معرفت (آتما-گيان) سمجهڻ. جوان جو تياڳه نه ڪري سو اهڙو آهي سپ موتي بنا. پڙهيل ٿي ڀڄن نه ڪري سو اهڙو آهي جهڙو وڻ ڦل بنا. ڏنوَنت ٿي دان نه ڪري سو اهڙو اهڙو آهي جهڙو تلاءُ پاڻيءَ بنا. دوست ٿي پيار نه ڪري سو آهي ڄڻ سرير آتما بنا. سندر ٿي حسن نه وڌائي سو اهڙو آهي جهڙو تير ڪمان بنا. بادشاهه ٿي انصاف نه ڪري سو اهڙو آهي بادل برسات بنا. فقير ٿي ڪري معرفت نه ڄاڻي سو اهڙو آهي جهڙو ڏيئو روشنيءَ بنا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com