سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ويدانتي وڻڪار

 

صفحو :12

ٻڍو برهمڻ ۽ ڪرشن

 

        هڪڙو ٻڍو برهمڻ هوندو هو. هو پاڻکي وڏو ڀڳت سڏائيندو هو. جيڪي به ڪندو هو ته ائين ئي چوندو هو ”هري ڪرشن، هري ڪرشن، هي سڀ تنهنجي ئي ڪرڻي آهي.“ هڪڙي ڏينهن کي ٿورڙيون ساريون ٻاهر اُس ۾ سڪائڻ وڌيون هوائين. پئي جا گانءِ سا سڀ کائي ويس. ٻانڀڻ کي به لڳي چڙ، سو کڻنديئي ڏنڊو ڀر ڪري اهڙو ڪاپار ڌارو ڌڪ هنيائيس، جو هوءَ ويچاري اُتيئي ساڻي ٿي ڪري پيئي ۽ دم ڏنائين. ٻانڀڻ پڪاري چيو. ”هري ڪرشن، هري ڪرشن، هئِ سڀ تنهنجي ئيِ ڪرڻي آهي.“ رڪمڻي جا اُن ٽاڻي ڪرشن جي سنمک ويٺي هئي، تنهن پنهنجي پتيءَ کي چيو. ”سوامي، هيءُ ته وڏو ڪلنڪ، مها اَپراڌ توهان تي چڙهيو آهي.“ ڪرشن چيو. ”پياري، ڪو ڀولو ڪونهي. ڊڄ نه، اِهو گئو هچا جو پاپ هنجي سر تي آهي ۽ نه مونتي، پاڻيهي ڏسندينءَ.“

        ڪجهه ڏينهن کان پوءِ برهمڻ ٿانسڌ (برهم ڀوڄن) ڪرايو. ڪرشن به ملين برهمڻ جو روپ ڌاري اُتي اچي نڪتو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ٿڪون ۽ کانگهارا اُڇلائڻ لڳو. ٻڍو ڪروڌ ۾ ڀرجي ڪرشن کي ڀڀڪي ڏيئي چوڻ لڳو:- ”ڇا، هيءُ آهي منهنجي ڀلائيءَ جو ڀارو؟ تو اچي منهنجو سارو ڀنڊارو ڀرشٽ ڪري ڇڏيو آهي.“ ڪرشن وراڻي ڏني ”تون آهين ڪير، جو مونکي ٿو ڇينڀين؟ هيءُ ڀنڊارو ڪنهن ڪيو آهي؟ تو ڪيو آهي ڪيئن؟“ چي، ”مون نه ڪيو آهي ته ڪنهن ڪيو آهي؟ هاڻي بيهه ته ڏيکارياءِ ته ڪنهن ڪيو آهي؟“ ائين چئي ڪرشن کي ٿيلها ڏيئي ٻاهر ڪڍڻ لڳو. ڪرشن اُتيئي هنکي پنهنجو سچو سروپ ڏيکاري، چوڻ لڳو:- ”واه سائين واه! هن ڀنڊاري جو پڃ ٿيو تنهنجو ۽ گئو هچا ٿي منهنجي، ائين نه؟ چڱي ورڇ ڪئي اٿيئي. نه نه، اِهي ٻئي تنهنجا، پڃ ۽ پاپ تنهنجا، ٻئي تنهنجا آهن.“ ائين چئي پاڻ اَلوپ ٿي ويو.

        نوٽ:- اسانجو سڀاءُ ٿي رهيو آهي ته جڏهين ڪو چڱو يا سڪرت جو ڪم ڪريون، تڏهين اُنجو جسم پاڻ ڏي ڇڪيون ۽ پنهنجن گهٽائين ۽ بڇڙن ڪمن جو ڏوهه مڙهيون ايشور تي.

اَنهند جي جهڻڪار (آواز)

 

        اَنهند جي جهڻڪار، ٻڌي جنهن گر گيات1 سان؛
        مٽيو تنهن جي من مون، وڌ2 نکيد3 وهنوار؛
        چيٽي4 ۽ ڪنچر5 ۾، ڏسي ساکي سار؛
        اَهڙو پد اَپار، پائي پرچو6 پاڻ ۾.
سامي

وائي

 

    سندڙيان7 سڱڙي8، ڳالهه ڳجهڙي، مون ماريندي ڪڏهين؛
    جا وڄائين جتڙا، نه تنهن نڙ جهڙي؛
    مرليءَ کي جنهن مات ڪيو، نه تنهن تل9 تنڀڙي10؛
    تاريو جنهن توڏيءَ کي، نه سو گهنڊ نه گهنڊڙي؛
    ڌاريو جنهن ڏياچ کي، تندئان تنهن تکڙي؛
    نه سري نه سنڌ ڪا، نڪا هند ههڙي؛
    ڪوڙين واڄٽ ڪيترا، لکين لانءِ1 هڻندڙي؛
    ڪڙي ڪلاٽن2 کي، محبت وارن مٺڙي؛
    مٺايان مٺي گهڻو، چوندا جن چکڙي؛

 

    وانءُ اوناءِ اُنکي، ويهه م، کڻ وکڙي؛
    بي خود3 بابوُ سي ٿيا، ٻڙندي4، جن ٻڌڙي؛
    جا ساراهيل سجان5 جي، تنهن واکاڻ ڪهڙي؛
    سهسين سروُدن کي، پاڻا پوءِ وجهندڙي؛
    گهانڊار6 مرون موهيا، هئِ ماڙهو مهندڙي؛
    آهي، عبداللطيف چئي، مئا جياريندڙيِ.
                                                    شاهه – سرراملي.

اهنڪار

 

        ڪنهن سمي وياس رشي گهمندي ڦرندي اچي ڪورو کيتر مان لانگهائو ٿيو ته اوچتو سندس نگاهه وڃي ڪنهن ننڍڙي ڪيئين تي پيئي، جو سندس پيرن جو پڙلاءُ سڻي، سراڪو پائي، تڪڙو ڀڄڻ لڳو. ڊپ ٿيس ته متان چيڀاٽجي مري وڃان. رشي مشڪي دل ۾ سوچڻ لڳو ”ڏسو ته سهين، هيڏڙي تڏڙي ۽ ڪنئين جهڙي پراڻيءَ کي به ساهه ڪهڙو نه پيارو آهي!“ پوءِ پنهنجي يوگه ٻل وسيلي سهي ڪيائين ته اهو ڪينئون مشهور نارد سوامي پاڻ هو، جنهن پنهنجي اڳئين جنم جي ڪنهن ڪڪرم ڪري ههڙي نيچ جون پاتي هئي. سو کيس ڳالهائڻ جي شڪتي ڏيئي کانئس پڇڻ لڳو ”سوامي، هيءُ ڪهڙو سبب جو ههڙي ڪني ۽ ڪراهت جهڙي ديهي پائي ڪري اوهين ان جي بچائڻ لاءِ هيترو آتر آهيو؟“ ڪينئين وراڻي ڏني ”مهراج، اوهانجي چرنن ۾ نمشڪار، مون اڳئين جنم ۾ اهڙو ڪو اُگر پاپ ڪيو آهي، جنهنڪري منهنجي ههڙي دردشا ٿي آهي. پر وري منهنجي من کي اهڙو ڪو گهاتي ڀرم ويڙهي ويو آهي، جو هن ڪني اوستا ۾ به مان پاڻ کي گهٽ نه ٿو سمجهان ۽ پنهنجن دکن سکن سان سرچيو ويٺو آهيان. اوهان جي نظر ۾ هڪ تڇ جيت آهيان، پر مان پاڻ کي ائين ڪونه ٿو سمجهان، تنهنڪري ئي پنهنجي حياتي بچائڻ جو هيترو اونو اٿم.“

        هاڻي جڏهين هڪڙو خسيس ڪينئون به پاڻکي ڪي جو ڪي پيو سمجهي، تڏهين ڪهڙو عجب جيڪڏهين اسين به پنهنجي اکئين پاڻکي هيڏو وڏو ڏسڻ ۾ اچون. سچ پچ هڪ ننڍڙي اَڻي کان وٺي وڏي ۾ وڏي تاري تائين، هڪ هڪ ذرو انهي مان ۽ مان جي رنگ ۾ رتو پيو آهي، جنهن هي سڀ مانڊاڻ منڊيو آهي. ممتا مارڻ، پاڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي. جيڪڏهين اِهو مان ۽ مان جو مان ڪنهن به دستور هن جڳتر ماڻ ڌوپي وڃي، ته پوءِ سيک (باقي) وڃي رهندو اُهو هڪ ئي هڪ ايشور، اُهو پرم پاڻ، اُهو سرو ساکي، جنهنکي نه آهي آد نه انت، نه ڪال جو ڪليش، نه ديس جو ٻنڌڻ. ورلو جيوُ، انهي آءٌ پڻي جي اوڙاهه مان نڪري، پنهنجو سچو پاڻ سڃاڻڻ جي سامرٿي ساري ٿي.

        اوديا جو اَڀمان، مٽي نه ڪرت ڪرم ساڻ؛
        توڙي سڀ ساڌن ڪري، ڪٿي ڪيول گيان؛
        تڏهين ٿئي نرٻان1، جڏهين سامي جڙي سروپ سان.
        ڏنو جنهن ديدار، سامي سپرين جو؛
        مٽيو تنهنجي من مان، اوديا جو اڀمان؛
        آتم پد اپار، پائي پرچو پاڻ ۾.
 

        تياڳيو جنهن اهنڪار، تنهن سرڀ تياڳه ڪيو؛
        سامي سيتل جل جان، نري ٿيڙو ٺار؛
        اندر ٻاهر دهه دسا، ڏسي ساکي سار؛
        ڄاڻي سڀ سنسار، ڪلپت پنهنجي جئ جي.

 

من آهي بانورو باندر

 

        من کي وس ۾ ڪرڻ ڏاڍو اؤکي آهي. هنکي بانوري باندر سان ڀيٽ ڪئي اٿن. سچه پچه آهي به اَهڙو. هڪڙو باندر هوندو هو، ڏاڍو چلولو ۽ چنچل، جيئن سڀني باندرن جو سڀاءُ ٿيندو آهي. ڄڻ اِهو بس نه هو ته ڪنهن مڌ (شراب) پياري مست ڪري ڇڏيس. وري جو ڏنگيس وڇونءَ، تنهن ته هيڪاري لوڇو وجهي ڏنس. پئي بل کاڌائين ۽ ڇڙهيون هنيائين. اڃا انهي لوڇي ۾ ئي هو ته ڪنهن وير (ڀوُت) اچي منجهس واسو ڪيو تنهن ته هڻي تالان والان ڪري ڇڏيس. سڄو ڏينهن پئي کيليائين. نه هو هيٺ نه مٿي. ويچاري سان ڏاڍي ويڌن هئي. ڪير جو ورنن ڪري سگهي. اسانجو من به اَهڙو ئي مڳه ۽ مواس آهي. سڄو ڏينهن باندر واري هڻ هڻ اَٿس. هڪ پل جو به آرام نه اٿس. وري جو اچي ڪامنا روپي کيپ (نشو) چڙهيس، پوءِ ته هيءُ سائين، ڪنهن جي جهلڻ پلڻ جو نه آهي. ٻين جون آسائون ۽ منشائون پوريون ٿيندو ڏسي، اچو کيس ساڙي ۽ ريس جو وڇون ڏنگي. پڇاڙيءَ جو اَهنڪار روُپي ڀوت اچو کيس ورائي. پوءِ ته هو پاڻ جهڙو ڪنهنکي ڪونه ٿو سمجهي. پيو ڊگه ڇڏي ۽ دڙه هڻي. اهڙي من کي وس ڪرڻ ڪهڙو نه ڏکيو آهي!

        مها ٻلي نالي هڪڙو راجا ٿي گذريو آهي. هن سڄو جڳتر جيتيو؛ ديوتائون، دئت ۽ ماڻهو، تڏهين به ترپتي نه ٿيس. پنهنجي منتريءَ کان پڇيائين ”آهي ڪو ٻيو وڌيڪ ملڪ جو فتح ڪريان؟“ منتريءَ چيس، ”ها، اُهو آهي ”پنهنجو پاڻ.“ عيسيٰ مسيح مهاپرش سچ چيو آهي ته ”جنهن جڳتر جيتيو ۽ پاڻ ٻوڙيو، سو جهڙو آهي تهڙو نه.“ پاڻ مارڻ ڪو سلو نه آهي. هن ۾ گهرجي دل ۽ دماغ جو پاڻ ۾ سنجوڳه ۽ سلوُڪ، پورن سمپت (سلوڪ)، پوُرن گيان ۽ پوُرن پريم. اي ايشور، اي جڳت پتا، اي جوتي سروپ، ست چت آنند روپ، جو سدائين منهنجي هردي ۾ پيوسين، اي سوامي، مڪني هاٿيءَ کي پالڻ ۽ پنهنجي آگيا ۾ آڻڻ سولو آهي، چيتي ۽ رڇ جو ٻوٿ ٻڌڻ سولو آهي، شينهن تي سواري ڪرڻ سولي آهي، پنهنجي آجيوڪا لاءِ جدا جدا ڌاتن کي ڦيري سون ڪرڻ، جڳتر ۾ لڪو ڀڻڻ، ديوتائين کي ٻڌو ٻانهو ڪرڻ، سدائين جواني ماڻڻ، باهه تي سمهڻ ۽ ٻيون به اَنيڪ عجيب ۽ غريب شڪتيون پرائڻ سوليون آهن، پر پاڻ (من کي) مارڻ، اي سوامي، نهايت ڪٺڻ ڪاريه آهي.

سنسار جو وڻ

 

        سنسار جو وڻ اُڀري ٿو برهم (پرميشور) منجهه. سندس پار آهي برم. سندس ٻج آهي مايا. پپر جي وڻ وانگر ڪنهن به ساعت ناس ٿي وڃي. سندس پاڙ مٿي ته سندس ڏار (شاخون) هيٺ ئي هيٺ زمين اندر

وڃن وڌندا. کيس *پترن جي ترشنائن جو پاڻي ملي ٿو. سندس ٿر آهي ٻڌي. حواس آهن سندس ڏر (پور). وڏا تت (هوا، پاڻي، آڪاس، اَتيادڪ) آهن سندس ٽاريون. وشيون يعني جڳت جا پدارٿ آهن سندس پن. ڌرم ۽ اَڌرم آهن سندس ٻور. جيوَن جا دکه سکه آهن سدس ڦل. سرڳه، نرڳه ۽ ٻيا لوڪ آهن ڄڻ آکيرا جن ۾ ديوتائون ۽ پتر پکين وانگر رهن ٿا. کل کل، ٽهه ٽهه، روئڻ ۽ راڙو، اِهي آهن اُن وڻ جا گهونگهاٽ. جيتوڻيڪ سنسار جو نه آهي آد، نه اَنت، تڏهين به مرگهه ترشنا جي جل يعني رچ جي پاڻيءَ وانگر جوٺ ۽ مٿيا روُپ آهي يعني مٿس ڪو ڀروسو نه آهي، ڇاڪاڻ ته منجهس سدائين پيئي اُٿل پٿل ٿئي. پر جڏهين اُنهي پرم پاڻ، اُنهي سروَ سچ، اُنهي پرم جوت جي اوش (سوجهرو) اُتس پوي ٿي، تڏهين پاڻ کان پاڻيهي گم ٿيو وڃي.

سڌيون

        هڪڙو جوڳي ڪنهن رشيءَ وٽ ويو ۽ مرڪي چوڻ لڳس ته مان هوا ۾ اُڏامي سگهان ٿو، زمين ۾ اندر مهينن جا مهينا رهي سگهان ٿو، پاڻيءَ تي سڪيءَ وانگر پنڌ ڪري سگهان ٿو، ۽ ٻيون به گهڻي ئي عجيب غريب سڌيون ڄاڻان. رشيءَ اَنمنيو جواب ڏنس ”بابا“ پکي هوا ۾ اُڏامن ٿا، ڪينئان اندر زمين ۾ ورهين جا ورهيه رهن ٿا، مڇون پاڻيءَ ۾ رهن ٿيون، پوءِ جيڪي ننڍڙا ننڍڙا ساهوارا ئي پيا ڪن، سو جي تو ڪيو ته اُن ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ ڪوشش ڪري ايشور جي واٽ وٺ، سڀ کي پيار ڪر، نئڙت سک. ٿوري ۾، ته اِهو ڪوڙو اَڀمان ڦٽو ڪر. ممتا مار ته ڪا گت ٿئيئي، نه ته پسونءَ مان آهين.

ٻالڪ ۽ مني

        هڪڙو مني هوندو هو، ويدن شاسترن ۾ ڏاڍو ڀڙ – پر اِنهن شاسترن سندس اندر جي اُساٽ نه مٽائي. سندس چاهنا هئي ته سمورن ايشور جو گيان پرايان. جڏهين ڏٺائين ته شاستر ڪا به سهائتا نه ٿا ڪن، تڏهين شهر ڇڏي بن ۾ وڃي ڪٽيا ٺاهي ايڪانت ۾ رهڻ لڳو ۽ سمورو ڌيان انهي مسئلي حل ڪرڻ ۾ ڏنائين.

        ڪٽيا سمنڊ جي ڦاٽ کان ٿورو پرڀرو هئي، جتي سمنڊ جي لهرين ۽ ڇولين جو پڙلاءُ سندس ڪن تي ڪونه پوندو هو. آسپاس سن ۽ سانت لڳي پيئي هوندي هئي ۽ هيءُ مني به انهي ڌن ڌيان ۾ لڳي رهيو. ڏينهن رات اِها ئي تات، اِها ئي فڪرات. مهينا، بلڪ ورهيه به گنوري ويا، تڏهين به سوجهرو ڪونه پاتائين. جوانيءَ جو پور لنگهي ويو، پرين به پاڻ پسايو، تڏهين به هيءُ اَورچ ۽ اُديوگي مني اِهو ڀيڌ ڀڃي نه سگهيو. هڪڙي ڏينهن، اُداس ۽ مايوس ٿي سمنڊ جي ڪناري تي پئي آيو ويو، انهيءَ ويچار ۾ ته ڇا ڪريان، وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ ڇڏي ڏيان يا نه، ته اوچتو سندس نگاهه وڃي ڪنهن ٻالڪ تي پيئي جو درياءَ جي ڪپ تي ڪنهن وندر ۾ مشغول هو. ڀايائين ته ڪنهن مهاڻي جو ٻچو آهي، جنهنکي سندس پيءُ اُتي ڇڏي، پاڻ ويو آهي پري سمنڊ ۾ مڇيون مارڻ. پر وري به ويچار ٿيس ته ڇو هيڏڙي ننڍڙي ٻالڪ ڪي پيءُ گهر کان ٻاهر آڻي اُتي ڦٽو ڪيو آهي؛ تنهن ڪري اڳڀرو وڌي وٽس ويو ۽ کانئس ڪي سوال پڇڻ لڳو. پر هن ڪو ڌيان ڪونه ڏنو. پنهنجي ئي هڻڌڻ ۾ ئي پورو هو. پنهنجن ننڍڙن هٿن سان سمنڊ جو پاڻي ٻڪ ڀري پئي ٻاهر اُڇلايائين.

هيءَ عجيب روش ڏسي، مني وائڙو ٿي ويو ۽ ڇوڪر کان پڇيائين ”بابا، تون ڪير آهين؟ ۽ ڇو پيو هيئن سمنڊ مان پاڻي ڪڍي ٻاهر اُڇلائين؟“ ڇوڪر کي واندڪائي ڪٿي جو جواب ڏئي؟ نيٺ جڏهين منيءَ تمام گهڻو هلاکه ڪيس، تڏهين ورچي، وڌيڪ سوالن جوابن کان ڇٽڻ لاءِ هڪڙوئي ڀيرو کيس ورجائي چيائين ”سائين، مونکي اوهان سان ڳالهائڻ جي واندڪائي ڪانه آهي. ڏسو ڪين ٿا ته مونکي هي سڀ پاڻي ڪڍي، سمنڊ کي سڪائڻو آهي.“ منيءَ وراڻي ڏني ”نينگر، ڪي چريو به ٿيو آهين؟ هي اَٿاهه سمنڊ آهي تنهنجي سڪائڻ جو؟ سڀ جڳتر جا جيو گڏجي به، اهڙي اُدم ڪرڻ جو ويچار به نه ڪندا.“ ”ڇو سائين؟“- ابهم جواب ڏنو- ”ڀڳونت جي ڳجهه ۾ هٿ وجهڻ، سندس اَنت لهڻ تنهنجي لاءِ آسان آهي؛ باقي هيءُ حد ٿيل سمنڊ سڪائي سندس تر پاتال لهڻ، منهنجي لاءِ محال آهي؟“ ائين چئي، نينگر اُتي جو اُتي الوپ ٿي ويو؛ پر سندس ميٺاج ڀريل وچن هنجي هردي ۾ اَهڙو ته چڀي ويا، جو سدائين سندس ڪنن ۾ پيا ٻرندا هوا ۽ کيس اَتي آنند ڏيندا هوا. اُنهي ڏينهن کان پوءِ هن اِهي سڀ اجايا وهم ۽ وسوسا، خيال ۽ خفا بنهه ڇڏي ڏنا ۽ ايشور جو انت لهڻ بدران کيس پيار ڪرڻ لڳو ۽ سچو ڀڳت ٿي پيو؛ ۽ جڏهين هو انهي ٻار کي ياد ڪري روئندو هو، جنهن کيس اوندهه جي اوڙاهه مان ڪڍي سوجهري ۾ آندو، تڏهين اُهو ٻالڪ کلندو ڪڏندو، نچندو ٽندو اچي کيس درسن ڏيندو هو ۽ ساڻس روح رهاڻ ڪندو هو ۽ هيءُ مني به پريم جي اُمنگه ۾ اهڙو گد گد ٿي ويندو هو جو کيس پنهنجي سريز جي سوجهي ڪان رهندي هئي ۽ پيو پڪاريندو هو ”ائ منهنجا ڍولڻ، ائِ منهنجا لاڏلا.“

وديا، ڌرم، سچ

        وديا- جا شيءِ مون نه ڏٺي آهي، سا ڪيئن وسهان ته آهي؟ جيڪڏهين ايشور آهي ته مونکي ڏيکار، نه ته هي سڀ اجائي بڙ بڙ ۽ بڪواس آهي.

        ڌرم – تون مڃين ٿو ته تارا ۽ نکتر آهن؟

        وديا – ها، بيشڪ.

        ڌرم – اِها توکي سڌ آهي؛ پر سچ پچ تو ڪڏهين تارو ڏٺو آهي؟

        وديا – نه، پر سندس روشنائي ۽ جهلڪا ڏٺا اٿم.

        ڌرم – تڏهين تون تارن جي هئڻ ۾ ڀروسو نه ٿو رکين؟

        وديا – ها، ڇو ڪين؟

        ڌرم – تڏهين تون ڪيئن ٿو چوين ته ايشور ڏيکار، نه ته مان اعتبار ڪونه ڪندس؟ هاڻي مان ٿو توکان ساڳيو سوال پڇان. چوانءِ ٿو ته مونکي پنهنجو تارو ڏيکار، نه ته مان توتي اعتبار ڪونه ڪندس.

        وديا – پر مان ثابت ڪري سگهان ٿو.

        ڌرم – ائين ته مان به توکي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته ايشور ڪو اَنوُ مان نه آهي، پر سچي ڳالهه آهي. تحقيق سچ پچ آهي. تون پاڻ سڌ (ثابت) ڪري چڪو آهين ته نانهه مان آنهه ڪانه ٿي هوندي، پر ضرور آنهه مان ئي آنمهه ٿيندي. هي جڳتر پاڻ کان پاڻيهي ڦٽو يعني اُتپن ٿيو آهي، ڪنهن رچيو يا خلقيو نه آهي. سدائين آهي ۽ سدائين هوندو. تون پاڻ چئي چڪو آهين ته جڙ ۽ چيتن شڪتي ناس ٿيڻ جا نه آهن. ايشور اَنادي (سدائين قائم) سروُ شڪتيوان ۽ سرؤڳيه (سروَ ڄاڻو) آهي. پرٿم

(پهريون) ڪارڻ اَنادي، سروُ شڪتيوان ۽ سروَڳيه آهي، جنهن کان ٻاهر ٻيو ڪجهه ڄاڻڻو نه آهي، جنهن شڪتيءَ کان ٻاهر ٻي ڪا شڪتي نه آهي، ڇاڪاڻ ته سڀ ڪجهه منجهس ئي سمايل آهي. اِهو پرٿم ڪارڻ آهي، جنهن کي اسين ايشور ڪري ٿي سڏيون. هيءَ ساري سرشٽي، هيءُ سارو برهمانڊ پرٿم ڪارڻ مان ڦري نروار ٿيو ۽ پرٿم ڪارڻ جو نتيجو يعني ڪاريه ٿي پيو. ڪارڻ ۽ ڪاريه ٻئي ساڳيا آهن. اڙي وديا، تون پنهنجن اکين تان اِهي پٽ پردا پاسي ڪر، ته ڪا ٻيٽ پويئي. هوڏانهن هن تڏڙي تاري ڏانهن نهار، جو پيو ٽمڪي. اُن کان پري وري ٻي سرشٽي اٿيئي، تنهنکان پري ٽين، پوءِ چوٿين، پوءِ پنجين، وت ڳڻيندو. سندن ڪاٿوئي ڪونهي. سندن پڄاڻي، اَنت آهي ئي ڪونه. بي انت جا مايا بي اَنت ئي ڄاڻي. ڇو پيو لوڏاکائين؟ ڪهڙيءَ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو آهين؟ رڳوڻو من نه آهي. من کان مٿي وري ٻي هڪڙي تٿ (وٿ) آهي، جا لڏي ئي ڪانه، جا هڪ ٿائينڪي (اِسٿر) آهي، جا سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي. اُها آهي آتما. تون تارا ڏسين ٿو؟ سڀاڻي انڌو ٿي پوين، پوءِ ڪيئن چوندين ته تارا آهن ڪي نه؟ تون جڙ وٿون تورين ۽ ماپين ٿو؛ جيڪڏهين تنهنجو جهڻ جو حواس گم ٿي وڃين، ته پوءِ ڪيئن سمڪ پوندئي ته جڙ پدارٿ آهن ڪي نه؟ جيڪڏهين ڪو ٿورڙوئي ڌڪ يا ڦاڙ يا ڪاٻي اَڻ لکي (ڳجهي) حرڪت تنهنجي ميڄالي کي رسي، ته پوءِ توکي ڪهڙي سرت پوندي ته جڳتر آهي يا نه؟ پري پري، من کان گهڻو پري آهي نرليپ، نر اَنجن ۽ اَنادي آتما. رڳو هڪڙو ڀيرو اُن پرم آتما کي پروڙ ته ڪو نستارو ٿئيئي.

        وديا – پر اِها پروڙ ڪيئن پوي؟

        ڌرم – اندر، پنهنجي گهٽ ۾ نهار؛ پاڻ سڃاڻ، اسين ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي، انهيءَ چئن – انهيءَ وسرام جي تلاش ڪنداسين، جنهن لاءِ تون هيترو نهاري رهيو آهين ۽ ٻئي گڏجي هٿ هٿ ۾ ڏيئي، هڪ ٿي پنڌ پونداسين ۽ اسانجو نالو ”سچ“ ٿيندو.

 

        ڪلپت سڌ ڪيو، اڻ هوندو سنسار سڀ؛
        سپني ۾ سامي، چئن1 نانا روپ ٿيو؛
        پاڻ ڀلائي پنهنجو، سنسي منجهه پيو؛
        تڏهين ڀرم ويو، جڏهين جاڳي جڙيو پاڻ سان.
        اِڇا وي اِسرار ٿيو، خياليءَ جي خيال ۾،
        جنهنجو آد نه اَنت ڪو، نڪو پار اورار؛
        من ٻڌ واڻيءَ کان پري، ڪير ڪري تڪرار؟
        سامي سمجهي سار، سنتن هڪ سوگهو ڪيو.
        اِنڇا وي اچرج ٿيو، خياليءَ جي خيال ۾؛
        سامي سمجهي ڪونه ڪو، اِها ڳالهه اَٻجهه؛
        ڪوڙين ۾ ڪنهن هڪڙي، گرمکه لڌو ڳجهه؛
        جنهنکي جوڙي جهجهه2، ستگور ڪيو سروپ سان.

مان جي مؤج

ٽٻڪو (1)

        ڇا مان ڇا ٿيو؟ ڪهڙو وئل وهي ويو؟ اصل ڇا هو؟ اصل سانت ئي سانت، سم سانت لڳي پيئي هئي. نه هو لڙ نه لٽاڪو – نه ڀڻ نه ڀڻڪو – آنند جو اٿاهه آراهه لڳو پيو هو، نه هئي ڇولي نه ڇلڪو – ڇا

سندس اؤج، ڇا اُهاءُ (پرتاب)؛ ڇا سمپت، ڇا سيتلتائي، ڇا سندس سونهن، ڇا سوجهرو – سهسين سجن، سهسين چندن، سهسين تارن ۽ نکترن جي اوش کان به اُجل هو. جوت جو سروپ هو – پريم جو پرڪاش هو – نئڙت جو نياڻ (ساگر) هو. جيڪي هو سو پاڻ هو. ڪير جو ورنن ڪري سگهي. ويچار شڪتيءَ کان ٻاهر هو.

        اوچتوئي اوچتو منجهس اچي لڙ جاڳيو. کيس پنهنجي هستيءَ جي سمڪ (ڄاڻ) پيئي نه ”مان آهيان.“ ”مان ڪهڙو؟“ ”مان ڪيڏو؟“ ”مان ههڙو!“ ”مان هيڏو!“ ”ڪهڙو ۽ ههڙو“ مان کيس روپ ۽ رنگه چڙهي ويو. ڪيڏو ۽ هيڏو مان انهي روپ ۽ رنگه کي انگه يعني حد ويڙهي ويئي. کن پلڪ جي به ويرم ڪانه ٿي. جهڙو ۽ جيڏو پاڻ سنڀاليائين، تهڙو ۽ تيڏو ٿي پيو. کانئس پوءِ يا پري وري هئي ٻي حد. تنهن کان پوءِ وري ٽين حد. اِئين ويئون حدن پٺيان حدون پونديون، تان جو اُنهن جو ته اَنت ئي نه رهيو. ڀلا آتت وري ٿيندو ڪيئن؟ اَنت معني آهي پڄاڻي، نهايت – سا ته ٿي ڪانه – اُتي ٻڌي يعني ويچار شڪتي به هلي نه ٿي سگهي. ويچار شڪتيءَ کي جيتوڻيڪ حد نه آهي، ڇاڪاڻ ته اُها گيان شڪتيءَ جي ڌارا آهي، تڏهين به، ديهي، جنهن سان سندس سنٻنڌ آهي تنهنکي حد آهي ۽ اُها ڪال، ڪارڻ ۽ ديش (هنڌ) جي وس آهي. تنهنڪري کيس به حد اچو وڃي، ۽ ديهئ جو وت کان ٻاهر ڪم نه ٿي ڪري سگهي. انهي ”مان ۽ مان“ جي ڪلپنا (خيال) ته هيڏو مانڌاڻ مچايو آهي! هيترو ڏڦير ۽ ونجوڳه وڌو آهي! هي سڀ جيڪي ڏسڻ يا ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، هي ساري ُتپتي (سرشٽي) ”مان ۽ مان“ جو پسارو آهي، تون ۽ مان جو کيل آهي.

        نوٽ – مان ۽ مان يعني اَهم يا اَهنڪار جي معني هتي اَڀمان نه آهي پر اُها ”مان ۽ مان“ جي سمڪ (ڄاڻ)، اٿوا پاڻ پسڻ جي اِنڇا، جا جل جي پپوٽي وانگر ڦٽي يا نڪري نروار ٿئي ٿي، جنهنکي مايا. پر ڪرتي يا قدرت ڪري چئجي ٿو.

        ڪال (وقت) به اُنهي ويل ”مان ۽ مان“ جي سمڪ سان گڏ، اُن منجهان ئي اُتپن ٿيو يعني جاڳيو. اِها آهي جاڳرت اوستا.

        جيسين اهو مان ۽ مان جو منجهارو اندر مان نه نڪتو آهيون، جيسين ديس (جڳهه)، ڪال ۽ ڪارڻ جي پرڀاوَ (اثر) کان پري نه ٿيا آهيون تيسين اسانجو چاڙهو نه آهي؛ پيا جوڻين جا چڪر ڀوڳينداسين ۽ دکه سور سهنداسون. جڏهين اِهي سڀ ٻنڌڻ ٽٽندا، تڏهين وڃي انهي آنند روپ اَڇ، اُنهي ست چت آنند روپ ۾ سمائجي سم روپ (هڪ روپ) ٿي وينداسين.

        اِها سمڪ، اها ويڌن ڇو ٿي ۽ ڪڏهين ٿي؟ ڇو ٿي سو ايشور پاڻ ڄاڻي. باقي ٿي اَزل کان؛ اد جڳه آد کان هلي اچي. ايشور اَنادي (انت) ۽ بي انت آهي. اُتپتي ۽ پڙلاءِ يعني پرڪرتي به اَنادي ۽ بي اَنت آهي. پر اَننت ڀيرا ٿي آهي، پيئي ٿئي ۽ پيئي ٿيندي. بس بهيڙ کي آهي ئي ڪانه، پل پل منجهس مٽ سٽ پيئي ٿئي، پيئي ڦري ۽ گهري، تنهنڪري مٿس ڀروسو نه آهي. انهي ڪري پرڪرتي مٿيا روپ آهي، پر جيئن ته به اَننت (بي انت) ٿي نه ٿا سگهن، تنهن ڪري پرڪرتي ايشور جو ئي هڪ روپ آهي. ايشور مان نڪتي آهي ۽ نيٺ ايشور ۾ ئي لاءِ ٿي وڃي ٿي. ايشور کان ٻاهر ٻيو ڪجهه نه آهي. ساڳيءَ ريت وقت يعني ڪال يا سمون به اَنادي ۽ بي انت آهي ڇاڪاڻ ته وقت ڪڏهين نه هو؟ جڏهين ڪجهه نه هو، جا ٿيڻي نه آهي، تڏهين به وقت ته هو ئي هو. جڏهين ۽ تڏهين به ته وقت جو نالو آهي. وقت ئي ٿا ٻولين. وقت (ڪال) ۾ پل پل مٽ سٽ پيئي ٿئي، تنهن ڪري پرڪرتيءَ يعني اُتپتيءَ وانگر

 

مٿيا روپ آهي، يعني ته اِسٿر نه آهي، بقاءُ نه اٿس.

 

        ڪلپ1 مٺو جيءُ، وڃي پيو وستار ۾؛
        ڀرم ۾ ڀلي ڪري، دهه دس ڳولي پيءُ2؛
        تپ تيرٿ ساڌن ڪري، سهي گرمي سيءُ؛
        گهر ۾ ونڊجي ويءُ، سو سامي ڏسي ڪين ڪي.
                              

ٽٻڪو 2

 

        نر آڪار جو سمرن ٿي نٿو سگهي. جنهنکي آڪار ئي نه آهي، تنهنجو سمرن ڪيئن ٿي سگهندو؟ تنهن کي ڪيئن ڌيائي سگهبو؟ جائي ڪو روُپ اڳيان هجي، جنهن تي ڌيان لڳي. سو روپ کان سواءِ ايشور جو ڌيان لڳي نٿو سگهي. پر ڪهڙو روپ؟ جنهن به سندر روپ جو اسين ويچار ڪري سگهون يا جنهن به روپ ۾ اسين هنکي ڏسڻ چاهيون؛ پوءِ ڪنهن ماڻهونءَ جو هجي يا ٻئي ڪنهنجو ته اُنهي روپ ۾ ايشور کيس درسن ڏيندو. جيڪڏهين اُتم ۾ اُتم پش جو هجي ته وڌيڪ چڱو.

 

        ”سڃاڻي نه صورت ري3 – صورت هڏم سوجهه؛
        ٿيءُ ٻاراڻي ٻوجهه – وڃائي وجود4 کي.“
                                                        ( شاهه )

 

        جي سڃاڻڻ ٿو چاهين ته صورت کان سواءِ ٿي نٿو سگهي ۽ سڃاڻڻ آهي ڏسڻ، درسن پائڻ. سو سروپ کان سواءِ درسن ڪونهي. ”صورت هڏ ۾ سوجهه.“ اِهو ڀڳتيءَ جو اوچو ڏاڪو آهي. اُن کي پر يا پرم ڀڳتي چوندا آهن، جنهن ۾ روپ يا رنگ جو ڀيد نڪريو وڃي ۽ من غير گمان ڪڍي، وهم ۽ وسوسا وساري، وڃيو اُتي آرامي ٿئي، جتي نه آهي آد نه اَنت ڪو، نه اير نه ڦير، يعني پاڻ اُنهي نر آڪار، ست چت آنند روپ ۾ لين ٿيو وڃي.

        ”صورت سوجهه ۾ تنهنجي، تون پيءُ1 پڇين جو،
        سخن آهي سو، جو منهن مقابل2 نه ٿيئي.“
                                                        ( شاهه )

 

ايشور جو آسٿان

 

        سري رامچندرجن جڏهين بنواس ۾ هئا، تڏهين والميڪي رشيءَ کي چترڪوٽ پربت تي گڏيا. کيس آراڌنا ڪيائون ته ديا پالي ٻڌايو ته ڪهڙو هنڌ چڱو آهي، جتي مان ۽ سيتا سهنجائيءَ سان رهي سگهون. رشيءَ مشڪي ڏاڍي ٺهر سان، جهيڻي ۽ ڪومل واڻيءَ ۾ هيٺينءَ ريت اُتيو:-

        ”سوامي – تون ئي ساري سرشٽيءَ جو اَجهو ۽ آشرم آهين. ساري چنا – ساري اُتپتي تنهنجو ئي آسٿان آهي. هڪ اَڻو، هڪ هوَ به

توکان ٻاهر نه آهي، تنهن هوندي به جيئن تون چوين ٿو ته سيتا ماتا _چت شڪتي) به توسان گڏ رهڻي آهي، تنهنڪري اي راگهونش، اي راگهو ڪل جا سرومڻي – ٻڌ ته ٻڌايانءِ ته ڪهڙي جڳهه تنهنجي رهڻ لائق آهي. تون انهن جي هردي ۾ رهه، جن جي من ۾ سدائين سڪوت ۽ شانتي پيئي وسي، جي دنيا جي موهه ممت کان پري، قرب ۽ ڪراهت کان ڇٽل آهن، جي سدائين تنهنجي ڀڳتيءَ ڀاوَر ۾ ئي ڀنا رهن ٿا ۽ اهو پنهنجو ڌرم پالي سنتوکه ۾ رهن ٿا، جن کي اندر ۾ ڪا به تمنا نه آهي، جن کي دکه ۽ سک، هرکه ۽ سوڪ، ۽ ٻيا اهڙا آڏا جوڙا هڪ سمان آهن، جن پنهنجا ڌرم ۽ ڪرم سڀ توکي ارپي ڇڏيا آهن، تون، پنهنجي ۽ سيتا ماتا جي رهڻ لاءِ اُتي پنهنجو آسن اَڏ، جن کي سنسار جي رهه ريت (گلا ۽ ساکه) جو ڪو سانگو نه آهي، جي دنيا جي ٻنڌڻن کان نيارا ۽ مڪت آهن، جي سدائين تنهنجي ڀڳتيءَ جي رنگه ۾ رتا پيا آهن. سوامي، تون اُتي، اُنهن جي دل ۾ ديرو ڄماءِ جي توکي ڇهن وڪارن (ڪام، ڪروڌ، لوڀ، اَتيادڪ) کان رهت، ترشنائن کان مٿي، سرو وياپڪ، سڀ هنڌ سمايل، بي انت، سمورن هستيءَ سمورن سچيتيءَ جو روپ ڪري سمجهن ٿا ۽ جت ڪٿ تون ئي تون پسي رهيا آهن.

ايشور لاءِ اُساٽ

        هڪڙو چيلو ويو گروءَ وٽ، چيائينس، ”سوامي، ڀلائي ڪري مونکي ست مارڳه يعني ڌرم جي واٽ ڏسيو.“ گرو سندس منهن ۾ نهاري، مشڪي، ماٺ ۾ رهيو. جوان به ڏاهاڙي کيس ايشور جي درسن لاءِ ليلائيندو ۽ واجهائيندو رهيو. نيٺ هڪڙي ڏينهن جڏهين ڏينهن تمام تتل هو ۽ اُهمي به ڏاڍي هئي، تڏهين ٻڍي، جوان کي چيو ته بابا، هل ته دريا مان ٽٻي ڏيئي اَچون. جوان ٽٻي ڏني ته ٻڍو به سندس پٺيان ٽٻي ڏيئي کيس ڏاڍي زوم سان اَندر پاڻيءَ ۾ جهلي روڪي بيهي رهيو. جوان اچي منجهاڻو. ساهه ئي نه کڻي سگهي. جڏهين ڏاڍو ماندو ٿيو ۽ گهوٽا کائڻ لڳو، تڏهين ٻڍي کيس ڇڏيو. جڏهين هو ٻاهر آيو، تڏهين ٻڍي پڇيس، ”ٻڌاءِ، ڇا لاءِ پئي واجهائءِ“ چي ؟ساهه کڻڻ لاءِ.“ ٻڍي ورنايو، ”جيڪڏهين اهڙيءَ ريت ايشور کپيئي ته پوءِ ويرم ئي ڪانهي، پلڪ منجهه جهلڪ. جيسين توکي اِها اُڪير اندر ۾ نه اُتپن ٿي آهي، تيسين تون ڪيترا به مٿا موُنا هڻين، پستڪ پڙهين يا پاڻ کوهين ته به توکي ڌرم جو پتو ڪونه پوندو، تيسين تون اهڙو آهين جهرو ناستڪ، رڳو ايترو، جو ناستڪ ۾ سچائي آهي، تو ۾ اُها نه آهي.

سون ساريڪي ماٺ

        ٽي ڄڻا گڏجي سرڳه ڏانهن ٿي ويا. واٽ تي ڏٺائون ته هڪڙي سرڻ ڪنهن نانگه کي جهپيو کنيو وڃي. هڪڙي چيو ”اڙي! ڏسو ته سهين، ته ڪئين نه پاپي سرڻ نانگه کي کنڀيو کنيو وڃي.“ اڃا اهي وڃن سندس واتان نڪتا ئي ڪين ته جهٽ هيٺ ڌرتيءَ تي ڪري پيو. ٻئي سنگتيءَ هيءَ روبڪار ڏسي هڪدم پڪاري چيو، ”اڙي! پاپي نانگه سچ

پچ اهڙيءَ جٺ جو لائق هو، چڱو ٿيس.“ ته هو به هيٺ ڪري پيو. ٽيو ڄڻو، جو ماٺ ۾ رهيو، سو سک سان وڃي سرڳه پهتو.

        سياڻو ماڻهون ڪڏهين به اُٻهرو ٿي پنهنجو رايو نه ڏيندو آهي، پر سدائين ايشور جي ڀاڻي تي راضي رهندو آهي؛ اُن جي گت اُوُ ڄاڻي.

ايشور کپي

        هڪڙو ٻڍو ڏهاڙي مندر ۾ وڃي ڳچ وقت ايشور کي آراڌنا ڪندو هو ته ڀلائي ڪري مونکي پنهنجي چرنن جو ڌيان ڏي. ٻيا سڀ مندر مان ٿي هليا ويندا هوا، پر هيءُ ساڌ پوءِ به ڏهاڙي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُتي بيهي، اکين ۾ پاڻي آڻي، جا هنجي عادت ٿي رهي هئي، ايشور کي ليلائي چوندو هو، ”سوامي، مونکي پاڻ ۾ لاءِ ڪر.“ هو پاڻکي ٻين ڀڳتن کان سرس ۽ مهاپرش سمجهندو هو. هنجي هيترو وقت مندر ۾ رهڻ ڪري، مندر جو مهنت ڏاڍو بر ٿي پيو. سهي ڪيائين ته سندس ڀڳتي سچي نه آهي، تنهنڪري چاهيائين ته اِها سندس هير پڃان. هڪڙي ڏينهن جڏهين ٻڍو ٻيهي هميشہ وانگر ٻاڏائڻ لڳو، تڏهين مهنت، ديوتا جي مورتيءَ پٺيان لڪي تمام عجيب ۽ اَلوڪڪ واڻيءَ ۾ چيو، ”هلي آءُ، (ڙي) ٻڍا، سگهو آءُ ته توکي لوَلين ڪري ڇڏيان.“ ٻڍي ڀانيو ته سچ پچ ايشور آهي جو پيو ڳالهائي، سو ڊپ وچان اُٿي ڀڳو ته متان کيس ڳڙڪائي نه وڃي. انهي ڏينهن کان پوءِ وري هن مندر ۾ پير ڪونه پاتو، ۽ گهر ۾ به اڪيلو رهڻ ۾ ڊپ ٿيندو هوس، ۽ سمهندو به گهڻن ڄڻن جي وچ ۾ هو ته متان پاپي پرميشور کيس چورائي نه وڃي.

موهه

(آتم ڦلواڙي صفحه 80، گل ٽيويهون.)

        موه رکڻ مان اِنسان کي سواءِ ماندگيءَ ۽ پريشانيءَ جي ٻيو ڪي پراپت نٿو ٿئي. بيوفائي، آپسوار ٿيڻو، ڪوڙ، اَندر – ڪارائي، ٻيائي، وغيره، اِهي ته دنيا جي چرخي چورڻ لاءِ گويا بازون آهن. هنن مان صدق ۽ سچائيءَ جو آسرو رکڻ، ڄڻ پنهنجي لاءِ ڏٺا وائٺا رت پياڪ دشمن پئدا ڪرڻا آهن. ڪڏهين ڀلندي به دنيا ۽ دنياوي ماڻهن مان وفائيءَ ۽ سهائتا جي آس نه رکجي.

        هن فاني دنيا مان وفا گهرڻ، گويا ٻٻرن کان ٻير پڇڻا آهن. هن بي بقا ۽ بي وفا جهان مان وفا جي اُميد ڪداچت نه ڪجي. جڏهين ڪي ڳنڍ ۾ اٿئي يا بڻيو بيٺو آهين، يا چار پئسا ڪمائي سگهين ٿو، يا تو مان ڪنهنجو ڪارج سري سگهي ٿو ته پوءِ ته چئني طرف چاپلوسيءَ جا جهنڊا کتائي رهندا ۽ ”سائين، سائين،“ ”تون منهنجو، تون منهنجو“ پئي پوندي، جائين مايا به ڏني پٺ ته يار به چڙهيا اُٺ! جئن هڪ سالڪ فرمايو آهي:-

        آزمائش جا ڪيم ته ڏٺم ته سڀ مطلب جا يار! مطلب مهل مٺ مٺ ڪري پيا ڳالهائين؛ جائين ڪم لٿو، ڊکڻ (واڍو) وسريو. پوءِ تون ڪير مان ڪير!)

        تڏهين چئبو ته پراوا ۽ پنهنجو دشمن آهي. ڌاريو نه اسانجو وقت وئرٿ ٿو وڃائي، نه خيال کي پريشان ٿو ڪري، نه دؤلت ۾ ڀائيوار ٿئي ٿو، سڀ ڳالهه ۾ سک ڏئي ٿو. انهي جي اُبتڙ پنهنجو ته اسانجي قيمتي وقت، پوتر دل ۽ ڌن تنهين کان کاٽ ٿو هڻي. تڏهين پوءِ دوست دشمن آهي ۽ دشمن دوست آهي. اگيان ڪري جيوکي پروڙ نٿي پئجي سگهي. آخر ته سڀني سان ٽٽندي. تنهنڪري سڀ کان نيارو رهي، پنهنجو پاڻ ۾ مگن رهڻ ئي آنندت آهي.

آتما (پراگنا)

 

        جيسين هن اَڌڀت (اچرج روپ) جڳتر کي، جو سچو پيو ڀاسي پاڻ کولي نروار ڪرڻ لاءِ لاچار ڪريون، تنهنکان اڳ ۾ پراگنا اٿوا آتما، جنهنجي جڳتر سان هيڪڙائي ثابت ڪرڻي آهي، تنهنجي سهج سڀاءَ يا سروپ بابت جيڪي سو وستار سان ورنن ڪرڻ واجب آهي. اڳيئي ثابت ٿي چڪو آهي ته اِهو پراگنا پنهنجو سچو پاڻ آهي ۽ ڪوڙي پاڻ يعني اَهنڪار کان نيارو آهي. سندس سڀاءُ ست، چت، آنند روپ آهي. ايتري به سڌ اَٿئون ته هو اِسٿر (هڪ ٿائينڪو) آهي، يعني ته منجهس ڪابه مٿ ست يا چرپر ڪانه ٿي ٿئي، تنهنڪري هو ساکي ٿي، اسانجو چلولو ۽ ويڇڻ سڀاءُ چڱيءَ پر پرکي ٿو ۽ ٻيو ته اَهنڪار، سنڪلپ شڪتي، ٻڌي ۽ منس، جيتوڻيڪ هرهڪ جي ورتي يا ڪرت نرالي نرالي آهي، تڏهين به سندن تت يا ذات ۾ تفاوت ڪونهي.

        اِنهي جو مطلب هيءُ آهي ته سڀ ڦير گهير، سڀ مٽ سٽ ڪال ۽ ديس جي وس آهي. ڪال ۽ ديس کان ٻاهر مٽ سٽت جو ويچار ٿي نٿو سگهي، ۽ جيڪي به اسٿريا اَچل آهي، سو ڪال ۽ ديس جي ٻنڌڻن کان ٻاهر آهي، يعني ته بي اَنت ۽ اَنادي (نت قائم) آهي. پراگنا، اچل (اِسٿر) هئڻ ڪري پاڻ ڪاريه (نتيجو) ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته سڀڪا مٽ سٽ آهي نتيجو يعني ڪاريه ڪنهن ڪارڻ جو. اِهو پراگنا، اسانجو ”سچو پاڻ“ آهي، تنهنڪري اسين هنکي آتما ڪري سڏيون ٿا. اسين سچ پچ بي اَنت ۽ اَنادي آهيون ۽ اسان جو پاڻ کي حد ڏيئي ڇڏي آهي سو آهي نتيجو اگيان جو، جنهنکي مايا يا اَوديا به ڪري سڏيندا آهن. مايا جو اَصل نسل يا سچو سروپ ڪهڙو آهي، تنهنجي ڪل پوءِ پوندي؛ پر اِنهي ۾ تر ماتر به شڪ نه آهي ته اسين سڀ اَنادي ۽ بي انت آهيون؛ اسين سڀ پراگنا آهيون؛ ۽ پراگنا اَچل هئڻ ڪري اَکنڊ آهي يعني ته کيس ڀڃي يا ونڊي وراهي نٿو سگهجي، تنهنڪري پراگنا کي سچي پچي حد ڪٿي به نه آهي. نڪي بي انت وڌي گهڻا ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري پراگنا پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جهڙو ٻيو ڪونه آهي ۽ هي سڀ روپ ۽ رنگه ۽ حدون رڳو ڏيکاري ڏيئي رهيا آهن؛ کين سچي پچي هستي آهي ئي ڪانه، رڳو من جو ڀرم آهي. ويدانت به ائين ٿو چوي ته جيئن اُهوئي ساڳيو سج پاڻيءَ جي جدا جدا ٿانون ۾ پنهنجي جاءِ جدا جدا ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تيئن بي حد پراگنا ڪئين انيڪ ۽ اڪياچر روپن يعني حدن ۾ ڏيکاري ڏئي ٿو.

        گل گل پسي گودريا، گهڻا ۾ ڀانئيج؛

        سوئي سو سڃاڻيج، هي هو آهي هيڪڙو.

                                            (شاهه)

        انهي مان پڌرو آهي ته اسانجو منس، ٻڌي، سنڪلپ شڪتي ۽ اَهنڪار اِهي سڀ آتما جا ڇلي روپ آهن، ۽ هي سڀ جيڪي به آهي، هي سڀ بي شمار سرشٽيون، سج، چنڊ ۽ تارا، بي انت پراگنا يعني آتما کان الڳه نه آهن، پر رڳو ڏسڻ ۾ ائين پيا اچن. سرتي به اهڙو ئي سر ٿي آلاپي: ”تحقيق مان هيٺان، مان مٿان، مان اڳيان، مان پٺيان، مان اُڀرندي، مان الهندي، مان اُتر، مان ڏکڻ، مان سڀ پاسي کان ٿو پسران. سڀ ڪجهه مان ئي مان آهيان. سچ پچ آتما هر هنڌ پسري رهيو آهي. ڇا هيٺ، ڇا مٿي، ڇا اڳيان، ڇا پٺيان، ڇا اُتر، ڇا ڏکڻ، ڇا اُلهندي، ڇا اڀرندي سڀ پاسي هوُئي هو رمي رهيو آهي. سڀڪجهه هو پاڻ آهي.“ (ڇاند وگيه اُپنشد).

        سڌانت يعني ندان ڳالهه جو ڏاڍو بي ڀئو پيو لڳي، پر دليل بازي جا هلائي ويئي آهي سا نهايت جبري ۽ اڻ گس آهي، جنهنکي ڪوبه ريٽي يا کنڊن ڪري نه ٿو سگهي. اسان کي لاچار مڃڻو پوندو ته اسان منجهه ڪا اهڙي وٿ – ڪا اهڙي ڪلا مؤجود آهي، جا اسانجي پورن جو ڀرجهلو آهي، ۽ اِها ڪلا ڇاڪاڻ ته اچل آهي، منجهس ڪابه اُٿل پٿل ڪانه ٿي ٿئي، تنهنڪري، بي حد، اَنادي (نت قايم) ۽ اَکنڊ روپ آهي. اسانجي منس، ٻڌي، سنڪلپ شڪتي ۽ اَهنڪار، انهن سڀني جو سار يا تت ساڳيو آهي، پر هرهڪ جي ورتڻ ٻي بي آهي. اِهي الڳه الڳه ڪم اَندرواري يا جيوَ کي ڪراڻا پون ٿا، ڇاڪاڻ ته هو اڳيان سببان پاڻکي توڙي ٻاهرئين جڳتر کي پراگنا کان ٻاهر ڪجهه به ٿي نٿو سگهي؛ ۽ نڪي پراگنا اندر ئي ڪجهه ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پراگنا اچل هئڻ
ڪري اَکنڊ آهي، يعني ته سندس ڀاڱا ٿي نٿا سگهن. ويدانت چوي ٿو ته سرشٽيءَ ۾ ڦير رڳو ٽن ڳالهين ڪري ٿئي ٿي؛ هڪڙو جدا جدا جنس هئڻ ڪري، جيئن وڻ ۽ ٽڪري؛ ٻيو جنس ساڳي پر جدا جدا هئڻ ڪري، جيئن هڪڙو اَنب جو وڻ ٻئي انب جي وڻ کان جدا آهي، ٽيون سڄي ۽ ڀاڱي جي وچ ۾ تفاوت، جيئن وڻ ۽ سندس ٿڙ،. اَننت ۽ اکنڊ آتما کان ٻاهر يا الڳه ڪجهه نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته انهي حالت ۾ هو بي اَنت ٿي نٿو سگهي ۽ نڪي سندس جهڙو کانئس ٻاهر ٻيو ڪي ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پوءِ ٻه بي اَنت ٿي پوندا، جا ناشدني آهي. نڪي سندس ڪو ڀاڱو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڻ اکنڊ آهي. تنهنڪري جيڪي آهي سو آتما. هو اَنوُپ آهي. سندس مٽ يا ثاني ٻيو ڪونه آهي. اُپنشد وري وري چون ٿا ته آتما بنا ٻيو ڪجهه نه آهي؛ ۽ ڇاڪاڻ ته هو بي انت ۽ اکنڊ آهي، تنهنڪري هي سڀ روُپ ۽ رنگه ۽ حدون رڳو ڏيکاءُ آهن. هڪڙو گهڻا ڪونه ٿو ٿئي، پر گهڻا ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اِهو آهي ويدانت جو پرتڪ پر ماڻ (ظاهر ثابتي). هي سڀ رچنا مان ئي (پنهنجو سچو پاڻ) ٿو اُپايان، مان ئي ٿو نپايان، مان ئي ٿو لين ڪريان، مان ئي هي ارو اَڌ ڀت (اَچرج جهڙو) جڳتر آهيان. (ڪيوليه اُپنشد.) هو سڀ جو پاڻ آهي؛ پاڻ ئي سڀ آهي. اچل آتما لاٿاني آهي. هو ئي سروَ سچ آهي. هوئي ست آهي، هوئي چت آهي، هوئي آنند آهي. آتما کان ٻاهر جڳتر آهي ئي ڪونه. اٽما کان ٻاهر نه آهي آنند، نه آهي اَجهو، نه آهي اوٽ. سارو جڳتر آتما (جو رچيل) آهي. هڪڙو کس کس جو داڻو به آتما کان ٻاهر نه آهي.

        ”خاوند ري خالي سئيءَ پاهو نه ڏسان“

                                ( سامي)

        هي سارو جڳتر آتما جوئي روبڪار آهي؛ سندس ئي چمتڪار

آهي. (ٿيجوبندو اُپنشد.) جڏهين هي سڀ نانا رنگه ۽ روپ مٽيا آهن تڏهين پڪ ڄاڻ ته جيڪڏهين ڪجهه به مونکان ٻاهر آهي ته اُهو به جوٺ ۽ مٿيا آهي. جيڪڏهين وانجهي پٽ جا وچن ڊيڄارين ته چئبو ته جڳتر کي هستي آهي. جيڪڏهين سهي جي سڱن سان هاٿيءَ کي ماري سگهجي ته چئبو ته جڳتر کي هستي آهي. جيڪڏهين رڃ جو پاڻي اُڃ مٽائي ته چئبو ته جڳتر کي هستي آهي. انهي مان ثابت آهي ته جيڪي به درشٽمان آهي يعني جيڪي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سو سڀ مٿيا آهي.

        جڳتر کي آتما کان ٻاهر هستي آهي ئي ڪانه ۽ هي سڀ ڀيڌ ڀاءُ رڳو ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو. اهو آهي ترڪ شاستر جو ندان ٺهراءُ، جو اسين انگيڪار ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهيون، پر سچي پچي پرکه ته پوندي اَنڀؤ ڪرڻ، پروڙڻ سان ته اسين بي انت ۽ انادي آهيون.

        اڳي چيو ويو آهي ته آتما جو سهج سڀاءُ يا سروپ ست، چت، آنند روپ آهي، سمپورن هستي، سمپورن (گيان) ڄاڻ ۽ سمپورن آنند. جيڪڏهين هو سروَ (سمپورن) هستي نه آهي ته بي انت ٿي نٿو سگهي. هو صرف ڄاڻ آهي، ڇاڪاڻ ته هو پراگنا جو سروپ آهي، جنهنکي سروَ سچيتي يا چت شڪتي به چئجي ٿو؛ ۽ هو سرو آنند آهي. ست، چت، آنند، اِهي ڪي آتما جا گڻ يا لڇڻ نه آهن. اِهي، آتما جا جدا جدا ڀاو يا روپ آهن؛ ۽ جيڪي ست آهي، سو اوس چت (ڄاڻ) ۽ آنند آهي ۽ جيڪي چت (ڄاڻ) آهي سو ست ۽ آنند ۽ جيڪي آنند آهي سو ست ۽ چت آهي. جيڪڏهين اِهي گڻ هجن ها، ته ٻيو نه، ته به خيال جي صورت ۾ آتما کان الڳه رهي سگهن ها. هستي، پراگنا ۽ آنند ئي آتما آهي. تنهنڪري اهي ڪي صفتون يا گڻ نه آهن، پر ڄڻ ساڳيءَ شيءِ جا، سندس روپن آهر، جدا جدا نالا آهن. جهڙي جهڙي روپ جي ڏيکاري تهڙو تهڙو نالو؛ جيئن ٻڌ، سڌارٿ، گوتم، اهي ساڳئي ماڻهوءَ جا جدا جدا نالا آهن. ست، چت، آنند کي گڻ لڳائڻ ناشدني آهي، ڇاڪاڻ ته اهي بي حد کي حد ڏيو ڇڏين ۽ دوئي ٿا بکائين (پاڻ ۽ سندس گڻ). مگر ايترو چئي سگهبو ته اهي جدا جدا نالا آهن؛ جهڙو جهڙو انهي سروپ جو ويچار تهڙو تهڙو نالو؛ جيئن اَچل، اَگم، اَکنڊ، امر، اڪال، اجوُني، نر آڪار، نرگڻ، سناٽن ۽ ٻيا.

        مٿين ڳالهين مان پر سڌ آهي ته برهم يا ايشور ۽ آتما ۾ ڪو ڀيڌ نه آهي. سرو آتما ۽ اندر وارو ٻئي هڪ آهن، نه ته ٻه بي انت ٿي پوندا.

 

سچو سک

جي من جي شانتي ۽ سچو سکه چاهيو ٿا

ته پڙهو هيٺيان ڌرمي ڪتاب

 

      ڌرمي ڪتاب                           جيونچرٽر

هتو اُپديش         0-0-1       جڳت گورو           0-0-1

ڏهه اُپنشد          0-8-0       گورو گوبند سنگه    0-10-0

جپ سان يوگه      0-6-0       ڪيشبچندر سين    0-8-0

وياکياڻ دواڪر     0-5-0       ڀارت جون ديويون    0-10-0

آنند جو باغ       0-5-0       سنڌ جا سنت        0-8-0

هندو پرڀ          0-5-0       سري اُڏيرو لعل       0-8-0

هندو ڌرم جي سکيا             0-6-0               بڳت مالها 1  0-5-0

هري درشن         0-4-0       ڀڳت مالها 2        0-5-0

گانڌي گيتا        0-4-0       آريه ديويون           0-5-0

سکه سنديش      0-4-0       ٻڌ ديو               0-4-0

ڪلياڻ گيتا        0-4-0       آريه ناري چرتر       0-8-1

1.      هيري جون ڪڻيون       0-8-0               گورن جا جيونچرتر     0-12-0

گيارس مهاتم     0-4-0       سنڌ جا مڻيا         0-6-0

ڪرم ڦل          0-0-1       ساڌو سماگم         0-6-0

پرهمچريه           0-4-0

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com