سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

 

صفحو:8

درد جو صحرا

نوجوان ٿري عورت سانوري، پنهنجو ڇهن مهينن جو بيمار ٻار کڻي تڪڙي تڪڙي اسپتال ۾ داخل ٿي. سندس معصوم ٻار وڏي مشڪل سان ساهه کڻي رهيو هو.

سانوري ڊاڪٽر جي ڪمري ڏانهن وڌي ته اسپتال جي اهلڪار کيس روڪي، قطار ڏانهن اشارو ڪيو.

اسپتال ۾ ڪيتريون ئي عورتون اڳ ۾ موجود هيون، جيڪي سڀئي پنهنجن ننڍڙن بيمار ٻارڙن کي کڻي ڊگهي قطار ۾ بيٺيون هيون.

سانوري ڊگهي قطار جي آخر ۾ وڃي بيهي رهي.

هر گذرندڙ گهڙيءَ سان سانوريءَ جي ٻار جي طبيعت وڌيڪ بگڙي رهي هئي.

سانوريءَ اسپتال جي اهلڪار کي ٻه ٽي ڀيرا منٿ ڪئي ته، کيس اڳ ۾ ڊاڪٽر وٽ موڪليو وڃي پر اهلڪار هر ڀيري سانوريءَ جي ڳالهه ٻُڌي، اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي.

سانوريءَ جي ٻار اوچتو هڏڪيون ڏيڻ شروع ڪيون ته، سانوريءَ رڙ ڪئي، مري ويندو... منهنجو ٻچڙو مري ويندو....!“

قطار ۾ بيٺل عورتن ڪنڌ ورائي سانوريءَ ڏانهن ڏٺو. ڪيترين ئي عورتن سانوريءَ کي اڳتي وٺي، ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ موڪلي ڇڏيو.

ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ پهچي، سانوريءَ هڪ نظر پنهنجي هنج ۾ جهليل هڏڪيون ڏيندڙ ٻار ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ تڪڙ ۾ ٻار کي ڊاڪٽر طرف وڌائيندي رڙ ڪئي، ”الله جي واسطي منهنجي ٻچڙي کي بچايو!“

ڊاڪٽر ٻار کي تپاسڻ لاءِ هٿ وڌايو ته، ٻار آخري هڏڪي ڏئي ماءُ جي هنج ۾ لڙڪي پيو.

سانوريءَ جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو.

ڊاڪٽر ٻار کي تپاسي، سانوريءَ ڏانهن ڏسندي چيو، مري ويو.“

سانوريءَ رڙيون ڪري روئڻ شروع ڪيو.

ڊاڪٽر سانوريءَ ڏانهن ڏسندي چيو، رڙيون ڪرڻ سان تنهنجو مري ويل ٻار جيئرو ڪونه ٿيندو. ٻيو ٻار ڄڻجانءِ.“

سانوريءَ پارَ ڪڍندي وراڻيو، هي منهنجو ٻيو ٻار هو!“

ڊاڪٽر ڊگهو ساهه کڻي چيو، جوان آهين، ٽيون ٻار ڄڻجانءِ.“

سانوريءَ سُڏڪا ڀريندي چيو، نه، هاڻي مان ٽيون ٻار نه ڄڻينديس.“

ڊاڪٽر حيرت منجهان سانوريءَ کان سوال ڪيو، ڇو... ڇونه ڄڻيندينءَ ٽيون ٻار؟

سانوريءَ پنهنجي مٿي کي ڌَڪَ هنيو. سندس دانهن ۾ ٿر جي سڄي صحرا جو درد سمائجي ويو، منهنجو پهريون ٻار سال ۾ مري ويو. ٻيو اڄ ڇهن مهينن ۾ مري ويو. انهيءَ ليکي سان ٽيون ٻار ته ٽن مهينن ۾ ئي مري ويندو!“

 

ڪاسائي

 

ڳڀرو نوجوان جو لاش گهر پهتو ته پوڙهي پيءُ کان دانهن نڪري ويئي. پيءُ پنهنجي هٿ سان هڪڙو ڌڪ پنهنجي مٿي تي هنيو، سندس اکين مان ٻه لڙڪ لڙيا ۽ پوءِ هو ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم ٿي ويو.

نوجوان جي لاش ڀرسان ويٺل سندس ڇهه ڀينرون پنهنجي پنهنجي وات تي هٿ رکي گونگا ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون. سندن نڙين تي ڄڻ نَنهنُ اچي ويو ھجي، جو پيءُ ۽ ڀائرن جو حڪم هيو ته، عورت جو آواز گهر کان ٻاهر نه وڃڻ گهرجي.

قتل ٿيل نوجوان جا ٽي ڀائر گهر پهتا. ڀاءُ جو لاش ڏسي فيصلو ڪيائون ته لاش دفنائڻ کان اڳ ۾ پلاند ڪبو.

ٽنهي ڀائرن هٿيارن ۾ هٿَ وڌا ته سندن پوڙهو پيءُ سمجهاڻيءَ خاطر اچي هنن جي اڳيان بيٺو، اڙي تڪڙ نه ڪيو. تڪڙ ڪندئو ته ڪنهن فيصلي يا جرڳي ۾ ڏنڊ ڏوهه به اسان کي ئي ڏيڻو پوندو. هنن توهان جي ڀاءُ تي ڪارنهن جو الزام هڻي پنهنجي ڇوري به ماري آهي. اسان جي گهر ۾ به ڇورين جي کوٽ ته ناهي!“

ڇهن ئي ڀينرن دهشت مان ڇرڪي، مئل ڀاءُ تان نظرون هٽائي جيئرن ڀائرن ۽ پيءُ ڏانهن ڏٺو، جيڪي ڪاساين جيان هنن ڏانهن ڏانهن ڏسي رهيا هئا.

ڇهن ئي ڀينرن جا جسم پهرين کان وڌيڪ ڪنبي رهيا هئا.

 

ڪَرب

 

ليڪچر ڏئي ڪاليج جي ڪلاس روم منجهان نڪتس ته، پنهنجي ذهين ترين شاگردياڻيءَ کي ڪوريڊور جي هڪ ڪنڊ ۾ بيٺل ڏٺم. هن منهنجو ليڪچر ته اٽينڊ نه ڪيو هو پر ڪوريڊور جي ڪنڊ ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري روئي رهي هئي.

سندس ويجهو وڃي شفقت سان پڇيم، ڇا ڳالهه آهي بابلا، ڇو پئي روئين؟

هن ڪنڌ کڻي مون ڏانهن ڏٺو ۽ ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. سندس اکين منجهان لڳاتار لڙڪ وهندا رهيا.

پڇيم، ڪاليج جي ڪنهن شاگرد تنگ ڪيو اٿئي؟

هن انڪار سان جهڪيل ڪنڌ لوڏيو.

پڇيم، ڪنهن استاد دڙڪو ڏنو اٿئي؟

هن ڪنڌ مٿي ڪرڻ کان سواءِ وراڻيو، نه سر.“

پڇيومانس، ته پوءِ ڇو پئي روئين بابلا؟

هن هڪ دٻيل سڏڪو ڀريو ۽ ڪنڌ مٿي ڪري منهنجي چهري ڏانهن ڏسندي چيائين، اڄ بابا ڏاڍو ياد پيو اچي!“

اوه... همدرديءَ ۽ پيار سان سندس مٿي تي هٿ رکندي پڇيم، ڪڏهن گذاري ويو آهي؟

سڏڪا ڀريندي چيائين، بابا ته جيئرو آهي سر... پر....“

هڪدم پڇيم، پر ڇا!؟

لڙڪ لاڙيندي چيائين، بابا ٻي شادي ڪرڻ کان پوءِ ڪڏهن به واپس اسان جي گهر ناهي آيو. مون پنجن سالن کان بابا کي ناهي ڏٺو... !“

هن ٻيهر ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي وات تي هٿ رکي سڏڪن جي آواز کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.

سندس مٿي تي هٿ رکي چيم، نه روءُ بابلا!“

هن ڪنڌ مٿي ڪري منهنجي مُنهن ڏانهن ڏسي، نھايت ڪَرب منجهان سُڏڪندي چيو، سر... جن جا پيئر مري ويندا آهن، انهن جي قبر ته هوندي آهي. مون وٽ ته پنهنجي پيءُ جي قبر به ناهي، جتي وڃي مان هن لاءِ روئي سگهان.... !“

 

نوڪرياڻي

 

گهر جو ڪم ڪندڙ نوڪرياڻي روز جيان پورهيو ڪرڻ لاءِ پهتي ته، گهر جي مالڪياڻيءَ اچڻ سان ئي کيس دڙڪا ڏنا، تنهنجي اچڻ جو ڪو مقرر وقت ڇو ناهي؟ ڪڏهن اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ ايندي آهين ته ڪڏهن ڪلاڪ دير سان ٿي اچين!“

نوڪرياڻيءَ ڪنڌ هيٺ ڪري آهستي وراڻيو، پنجن گهرن جو ڪم ڪندي آهيان ۽ پنڌ ايندي آهيان، تنهن ڪري ٿوري گهڻي دير سوير ٿي ويندي آهي بيگم صاحبه .“

نوڪرياڻيءَ جو جواب ٻڌي بيگم صاحبه کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي. هن وري نوڪرياڻيءَ کي دڙڪا ڏنا.

نوڪرياڻيءَ ڪوبه جواب نه ڏنو.

نوڪرياڻيءَ گهر جو ڪم شروع ڪيو ته، مالڪياڻي ٿوري ٿوري دير کان پوءِ کيس بنا ڪنهن سبب جي دڙڪا ڏيندي رهي.

نوڪرياڻي خاموشيءَ سان ڪم ڪندي رهي ۽ سوچيندي رهي،  ’اڳي ته بنا سبب جي ڪڏهن به دڙڪا نه ڏيندي هئي، اڄ الائي ڇا ٿيو آهي بيگم صاحبه کي!‘

نوڪرياڻيءَ گهر جو ڪم پورو ڪري، وڃڻ کان اڳ ۾ نهايت احترام سان پڇيو، بيگم صاحبه، توهان اڳي ته بنا سبب جي مون کي ڪڏهن به دڙڪا نه ڏنا هئا پر اڄ اهڙو ڇا ٿيو آهي جو....“

بيگم صاحبه نوڪرياڻيءَ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي ڪاوڙ سان وراڻيو، ڏسين ڪونه ٿي ته گهر جا سڀ اي سي بند آهن. رات کان بجلي بند آهي!“

نوڪرياڻيءَ پنهنجي رئي جي پلئه سان پگهر اگھيو ۽ ٿڌو ساهه کڻي چيو، بيگم صاحبا، توهان هڪ رات بجلي بند ٿيڻ جي ڪري پريشان ٿي ويا آهيو. اسان کي ٽي سال اڳي بجليءَ وارن وڏو بل موڪليو ھو، تڏهن کان اسان جي گهر ۾ بجلي بند آهي!“

عورت ڪٿا

 

هوءَ جنهن گهر ۾ رهندي هئي، انهيءَ گهر لاءِ هن ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين اهوئي ٻُڌو هو ته، اهو سندس پيءُ جو گهر آهي!

هن جي شادي ٿي ته ٻُڌائين، اهو سندس مڙس جو گهر آهي!

مڙس مري ويس ته اهي آوازَ سندس ڪَنن تي پَوڻ شروع ٿيا ته، هي تنهنجي پُٽ جو گهر آهي!

هڪ ڏينهن پُٽَ هڪ ڪاغذ کڻي اچي سندس اڳيان رکي چيو، هن تي پنهنجي آڱوٺي جو نشان هڻ.“

هن ڪاغذ تان ڪنڌ کڻي پٽ ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، ڇو هڻان آڱوٺي جو نشان؟

پٽ وراڻيو، مان هي گهر کپائڻ ٿو چاهيان.“

هن حيرت سان ٻيو سوال ڪيو، پر ڇو!؟

پٽ ڪاوڙ منجهان جوابي سوال ڪيو، تون ڪير ٿيندي آهين مون کان پڇڻ واري!؟

هن صدين کان سيني ۾ سان جواب ڏنو، گهرَ جِي مالڪياڻي مان آهيان!“

پٽ کي ماءُ جي اها ڳالهه نه وڻي. هن ماءُ جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ کيس گهر کان ٻاھر ڪڍي، در بند ڪري ڇڏيو.

هوءَ ڪيتري دير تائين گهٽيءَ ۾ بيهي دروازي ڏانهن ڏسندي رهي پر دروازو بند ئي رهيو.

هوءَ ڊگهو پنڌ ڪري چوواٽي تي پهتي ۽ چئني پاسي نهاريائين. سندس اکين ۾ صدين جو ٿَڪُ هو. هن پنهنجي گهر وڃڻ ٿي چاهيو پر چئني ڏَسائن ۾ هن کي ڪوبه پنهنجو گهر نظر نه آيو.

ڪٽهڙي ۾ بيٺل عورت

 

عورت سان ڏاڍائي ٿي ته هوءَ دانهن کڻي پوليس آفيسر وٽ پهتي.

پوليس آفيسر عورت جي ايف آئي آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو، توسان ڏاڍائي ڪندڙ اسان کان وڌيڪ ڏاڍو آهي!“

عورت انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم جي اڳواڻ وٽ وڃي دانهن ڏني.

انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم جي اڳواڻ وراڻيو، اڄڪلهه اسان عورتن جي حقن بابت سيمينار ڪرائڻ جي تيارين ۾ مصروف آهيون، تنهن ڪري هن وقت اسان تنهنجي ڪابه مدد نٿا ڪري سگهون.“

عورت هڪ اديب وٽ پهچي ظلم خلاف آواز اٿارڻ لاءِ عرض ڪيو.

اديب عورت ڏانهن اڻ وڻندڙ نظرن سان ڏسندي چيو، مان رومانوي داستان لکندو آهيان. ظلم خلاف آواز اٿارڻ منهنجو ڪم ناهي!“

عورت هڪ شاعر وٽ پهچي ظلم خلاف آواز اٿارڻ لاءِ گذارش ڪئي.

شاعر وراڻيو، مان پنهنجي محبوب جي اکين ۽ ادائن تي غزل لکڻ لاءِ سوچي رهيو آهيان. مهرباني ڪري منهنجي تخليقي عمل ۾ رخنو نه وجهه.“

عورت هڪ دانشور کي وڃي دانهن ڏني.

دانشور چيو، مان اجتماعي معاملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو آهيان. انفرادي مسئلن تي سوچي پنهنجو وقت وڃائڻ نٿو چاهيان.“

عورت هڪ سياستدان وٽ پهچي ظلم خلاف ڳالهائڻ لاءِ چيو.

سياستدان وراڻيو، مون وٽ تنهنجي لاءِ وقت ناهي. اڄڪلهه مان اقتدار جي ڪرسي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهيان.“

عورت حڪمران جي خدمت ۾ حاضر ٿي ظلم جو داستان بيان ڪيو.

حڪمران وراڻيو، مون وٽ تنهنجي لاءِ وقت ناهي. اڄڪلهه مان اقتدار جي ڪرسي بچائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهيان.“

عورت عدالت ۾ پهچي انصاف جو در کڙڪايو.

منصفَ عورت سان ڏاڍائي ڪندڙ کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيٺل عورت منصف ڏانهن ڏسندي عرض ڪيو، مون سان انصاف تڏھن ٿي سگهندو، جڏهن ڏاڍائي ڪندڙ ظالم سان گڏ، سماجي سطح تي مون سان ناانصافي ڪندڙ سڀئي ماڻهو عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريا ويندا.“

عورت جي ڳالهه ٻُڌي منصف سوچ ۾ پئجي ويو.

 

معصوم فريادي

 

زال، مڙس ۽ سندن ٻن سالن جو ٻار عدالت ۾ موجود آهن.

اها عورت ۽ مرد ٻئي اعلي تعليم يافته آهن. ٻئي هڪ ئي ڪارپوريٽ آفيس ۾ نوڪري ڪندا هئا. گڏ ڪم ڪندي هنن جي دوستي ٿي ته، هو آفيس کان ٻاهر به ڪڏهن ڪڏهن گڏ وقت گذارڻ لڳا. وقت سان گڏ پاڻ ۾ وڌيڪ ويجھا ٿيا ته، ٻنهي هڪ ٻئي لاءِ دل ۾ پيار محسوس ڪيو.

مرد، محبت جي عالمي ڏينهن تي عورت کي شاديءَ لاءِ پروپوز ڪيو ته، عورت جي چهري تي مُرڪ اچي وئي ۽ هن هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ هنن شادي ڪري ڇڏي.

شاديءَ کان ڪجهه عرصو پوءِ زال مڙس جي وچ ۾ ننڍا ننڍا اختلاف ٿيڻ شروع ٿيا پر ڪنهن موقعي تي مڙس صبر کان ڪم ورتو ته، ڪنهن مهل زال خاموشي اختيار ڪئي.

سندن پُٽ جو جنم ٿيو ته ٻنهي هڪ ٻئي کان وڌيڪ خوشي محسوس ڪئي پر سندن اختلافَ تڏهن به ختم نه ٿي سگهيا.

پُٽ جي عمر ٻه سال ٿي ته، زال مڙس جا اختلاف وڌي وڻ ٿيا.

زال طلاق گُهري پر مڙس طلاق ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

زال عدالت پهچي خلع جي درخواست داخل ڪئي.

هاڻي عدالت ۾ جج جي سامهون هڪ طرف جي ڪٽهڙي ۾ مرد بيٺل آهي ۽ ٻئي پاسي واري ڪٽهڙي ۾ عورت موجود آهي، جنهن جي هنج ۾ ٻن سالن جو ٻار آهي.

جج عورت ڏانهن ڏسي چوي ٿو، هي عدالت توهان کي ٻيهر هڪ ڪلاڪ لاءِ اڪيلائي ۾ ڳالهائڻ جو موقعو ڏئي ٿي، جنهن کان پوءِ عدالت فيصلو ٻڌائيندي.“

جج جي حڪم تي زال، مڙس ۽ سندن ٻار کي عدالتي عملي جا اهلڪار اڪيلائي ۾ ڳالهائڻ لاءِ هڪ ڪمري ۾ ڇڏي اچن ٿا.

هڪ ڪلاڪ کان پوءِ زال، مڙس ۽ سندن ٻار واپس آندو وڃي ٿو ته، پُٽ ماءُ جي بدران پيءُ جي ڀاڪر ۾ آهي.

جج جي سامھون هڪ طرف جي ڪٽهڙي ۾ عورت وڃي بيهي ٿي ۽ ٻئي طرف جي ڪٽهڙي ۾ مرد پنهنجي پٽ کي ڀاڪر ۾ جهلي وڃي بيهي ٿو.

جج عورت ڏانهن ڏسي پڇي ٿو، هاڻي ٻڌايو، توهان ڇا ٿا چاهيو؟

عورت چوي ٿي، مان خلع حاصل ڪرڻ چاهيان ٿي.“

جج خلع جو فيصلو ٻڌائڻ کان پوءِ چوي ٿو، هي عدالت ٻار کي ماءُ جي حوالي ڪري ٿي.“

عورت پنهنجي ڪٽهڙي مان نڪري مرد جي ڪٽهڙي وٽ وڃي ٿي ۽ ٻار کي سندس پيءُ کان وٺي ٿي ته، ٻن سالن جو بي سمجهه ۽ معصوم ٻار پيءُ ڏانهن وڃڻ لاءِ ٻانهون سڌيون ڪري زور زور سان روئڻ لڳي ٿو.

جج اهو منظر ڏسي سوچي ٿو، انڌي قانون سبب ٻن سالن جي انهيءَ معصوم ٻار کي سزا ملي آهي، جنهن جو ڪوبه ڏوهه ناهي! ۽ پوءِ جج ڊگهو ساهه کڻي رمارڪ ڏئي ٿو، جڏهن محبت جا رشتا تٽندا آهن ته، انهيءَ جو درد محبت جي رشتن مان جنم ورتل رت جا رشتا ڀوڳيندا آهن!“

جج پنهنجي چيمبر ۾ هليو وڃي ٿو ۽ عدالت ۾ معصوم ٻار رڙيون ڪندو رهي ٿو.

 

ناراض منصف

 

ديس جي سڀ کان وڏي عدالت ۾ ننڍڙي نياڻيءَ سان جنسي ڏاڍائيءَ جي فيصلي جو ڏينهن هو.

وڏي عدالت جي وڏي ايوان ۾ وڏي منصف جي سامهون ڪٽهڙي اندر اهو ملزم بيٺو هو، جنهن تي چئن سالن جي ننڍڙي نياڻيءَ سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جو الزام هو.

منصف عدالت جي ايوان ۾ ويٺل انهيءَ ماءُ ڏانهن ڏٺو، جنهن جي هنج ۾ سندس چئن سالن جي ڌيءَ هئي.

جنسي زيادتيءَ جو شڪار ٿيل معصوم نياڻي ماءُ سان چنبڙيل هئي ۽ هن پنهنجو مُنهن ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ لڪائي، اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون.

منصفَ ڪنڌ ورائي ڪٽهڙي ۾ بيٺل ملزم ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ فيصلو ٻڌايو، سمورين ثابتين کان پوءِ معصوم نياڻيءَ سان ڏاڍائي ڪندڙ کي موت جي سزا ڏجي ٿي.“

عدالتي ايوان ۾ موجود ماڻهن منصف جي فيصلي تي واهه واهه ڪئي ته، ماءُ جي جسم سان چنبڙيل معصوم نياڻي امڙ جي هنج مان لهي، ڊوڙندي عدالتي ايوان کان ٻاهر هلي وئي.

منصف ۽ عدالت جي ايوان ۾ موجود سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا.

منصفَ ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيل نياڻيءَ جي ماءُ ڏانهن ڏٺو ته، عورت اٿي بيهي عرض ڪيو، منهنجين ٻين نياڻين سان به ڏاڍائي ٿي آهي!“

منصف حيرت سان پڇيو، ڪٿي آهين تنهنجيون اهي نياڻيون؟

عورت جي جواب کان اڳ ۾ ئي، ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيل سندس چئن سالن جي نياڻي ايوان ۾ واپس آئي. سندس پٺيان هزارين معصوم نياڻيون وڏي عدالت جي وڏي ايوان ۾ داخل ٿي ويون، جن ۾ ڪيتريون بانبڙا پائيندڙ ننڍڙيون نياڻيون به شامل هيون. ڪيتريون ئي ننڍڙيون نياڻيون ريهاٽ ڪري روئي رهيون هيون ۽ ٻيون سخت هيسيل بيشمار نياڻيون خوف سبب ڪنبي رهيون هيون.

منصف حيرت سان عورت ڏانهن ڏسندي پڇيو، ڇا اهي سڀ ٻارڙيون تنهنجيون نياڻيون آهن!؟

عورت جي اکين منجهان ٻه لُڙڪ ٽِمي ڌرتيءَ تي ڪِريا ته، عدالتي ايوان ۾ بارش کان پوءِ جهڙي مِٽيءَ جي مَهِڪَ ڦهلجي ويئي.

عورت ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو، ها، مان انهن سڀني نياڻين جي ماءُ آهيان.“

منصف پڇيو، ڇا انهن سڀني معصوم نياڻين سان جنسي ڏاڍائي ٿي آهي؟

عورت وراڻيو، جيڪي نياڻيون روئي رهيون آهن، انهن سان ڏاڍائي ٿي چڪي آهي ۽ جيڪي ڪنبي رهيون آهن، اهي سڀئي ڏاڍائي ٿيڻ جي خوف ۾ مبتلا آهن!“

منصف پڇيو، انهن جي خوف کي ڪيئن ٿو ختم ڪري سگهجي؟

عورت وراڻيو، ڏاڍائيءَ جي خوف ۾ مبتلا نياڻين کي خوف مان تڏهن نجات ملندي، جڏهن ڏاڍائي ڪندڙ وحشين کي سرِعام ڦاهي ڏني ويندي.“

عورت جي ڳالهه ٻُڌي منصف پنهنجي سامهون رکيل انڌي قانون جي مجسمي طرف نهاريو ۽ پوءِ هن مجسمي کي هٿ ۾ کڻي، ناراض نظرن سان مجسمي جي اکين ڏانهن ڏٺو. منصف جي دل چاهيو، جيڪر هو مجسمي جي اکين تان پَٽي لاهي ڦِٽي ڪري ڇڏي پر انڌي قانون جي پٿر سان ٺهيل مجسمي جِي اکين تي پَٽي به پٿر جي ئي ٻَڌل هئي!

 

ٽارگيٽ ڪلر

 

موٽر سائيڪل تي پويان ويٺل دوست کي هن گهٽيءَ جي ڪنڊ تي پان واري جي ڪئبن اڳيان لاهيندي چيو، تون تيز پتيءَ وارا ٻه پان تيار ڪرائي وٺ، تيسين مان پنهنجو ڪم ڪري واپس ٿو اچان.“

هو تيزيءَ سان موٽر سائيڪل هلائيندو ٻه گهٽيون اڳيان وڃي ٻڌايل جاءِ تي پهتو. گهٽيءَ جي اونداهي ڪنڊ ۾ موٽر سائيڪل بيهاري، هو پاسيرو ٿي سيٽ تي ويهي رهيو. ٻن منٽن جي انتظار کان پوءِ سندس موبائل فون تي ڪال آئي. ڪال ڪندڙ چيو، هُو جيڪو ماڻهو بلو ڪار طرف اچي رهيو آهي، تنهنجو اڄوڪو ٽارگيٽ اهو آهي.“

هن ليمپ پوسٽ جي هلڪي روشنيءَ ۾ سامهون ايندڙ شخص طرف ڏسي پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. نيم ويران رستي تي نيم اونداهيءَ ۾ کيس پنهنجي لاءِ ڪوبه خطرو نظر نه آيو. جيئن ئي اهو شخص پنهنجي ڪار وٽ پهتو ته، ڪار جو دروازو کلڻ کان اڳ ئي هڪ گولي اچي سندس سيني ۾ لڳي ۽ هو ڪار جي ٽائر ڀرسان ڪِري پيو.

موٽر سائيڪل روڊ تي اسڪريچ هڻندي پانَ جي ڪئبن اڳيان بيٺي. سندس دوست هڪدم موٽر سائيڪل تي هن جي پويان ويٺو ۽ موٽر سائيڪل پوري اسپيڊ سان اڳتي هلي وئي.

باربي قِيو ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ کان پوءِ هن ٽيبل تي پيل بل تي هڪ نظر وجهي دوست کان پڇيو، هڪ ماڻهوءَ جو وزن ڪيترو هوندو آهي؟

دوست ڏند کوٽيندي بي فڪريءَ سان وراڻيو، خبر ناهي، هوندو پنجاهه سٺ ڪلو گرام.“

هن ٽارگيٽ ڪلنگ جي معاوضي طور مليل پندرهن سئو ۾ هڪ سئو روپيا ٻيا وجهي، سورهن سئو رپيا بل واري پليٽ ۾ ڦِٽي ڪيا ۽ سگريٽ دکائيندي چيائين، اڄڪلهه ڪيڏي مهانگائي ٿي وئي آهي يار، پنجاهه سٺ ڪلو جي ماڻهوءَ سان ٻاڪري گوشت جي هڪڙي ڪلو واري ڪڙھائي به نٿي ملي!“

 

 

 

ٽائيم بم

 

هن ڪار چوري ڪئي ۽ ڪار هدايتون مليل هنڌ تي کڻي ويو. ڪار ۾ ٽائيم بم فِٽ ڪري، ڪار واپس سندس حوالي ڪئي وئي.

هو رات جو واپس گهر پهتو ته سندس سمورا گهرڀاتي ننڊ پيا هئا.

صبح جو تيار ٿي وڃڻ لڳو ته سندس ننڍڙي پٽ نئين ڪار ۾ گهمڻ جي فرمائش ڪئي.

هن هيٺ جهڪي معصوم پٽ کي چمي ڏيندي چيو، ٿوري دير ۾ اچان ٿو، پوءِ گهمڻ هلنداسين.“

هو ڪار ڊرائيو ڪري مخصوص جاءِ تي هدايتون وٺڻ لاءِ پهتو. هدايتن سان گڏ نوٽن جون ڪجهه دستيون به سندس حوالي ڪيون ويون.

دهشتگرديءَ جي واردات لاءِ ٽارگيٽ ڪيل هنڌ تي پهچي، هن شهر جي مصروف ۽ پرهجوم علائقي جو جائزو ورتو. هن ڪار کي وڌيڪ رش واري جاءِ تي پارڪ ڪيو ۽ ٽائيم بم جو ٽائيمر سيٽ ڪري ڪار مان لهي ويو.

هو سامهون ئي ڪجهه فاصلي تي انهيءَ بلڊنگ جي ستين فلور تي پهتو، جتي سندس هدايتڪار جا ڪارندا بم ڌماڪي جو منظر ڏسڻ لاءِ پهچي چڪا هئا.

هن ستين فلور جي اپارٽمينٽ جي دريءَ وٽ ڪارندن جي ڀرسان بيهي، روڊ جي ٻئي پاسي ٽائيم بم فِٽ ٿيل ڪار طرف ڏٺو ته ڇرڪي پيو. ڪار جي ڀرسان سندس زال به موجود هئي، جنهن جي هڪ هٿ ۾ شاپنگ بيگس هيون ۽ ٻئي هٿ ۾ سندس ننڍڙي پٽ جو هٿ هو. سندس پٽ ڪار کي سڃاڻي، ماءُ ڏانهن ڏسي ڪار طرف اشارو ڪيو. سندس زال پٽ سوڌو ڪار جي ويجهو وڃي ايئن بيهي رهي، ڄڻ هوءَ سندس انتظار ڪندي هجي.

ستين فلور جي دريءَ وٽ بيٺل دهشتگرد پنهنجي زال جي موبائل نمبر کي ٽچ ڪيو پر ڪال نه لڳي. ڪال ڊراپ ٿيڻ کان پوءِ هن موبائل فون ۾ ئي ٽائيم ڏٺو. ڌماڪو ٿيڻ ۾ اڃا ٽي منٽ هئا. هن هڪدم اپارٽمينٽ مان نڪري لفٽ ڏانهن ڊوڙ پاتي.

روڊ تي ٽريفڪ جي وچ مان ڊوڙندي، هن جي نظر روڊ جي ٻئي طرف ڪار جي ڀرسان بيٺل پنهنجي معصوم پٽ تي کتل هئي. هن کي پڪ هئي ته، هو تيزيءَ سان ڊوڙندو پنهنجي پٽ کي ڪار کان پرتي کڻي ويندو پر اڃان هو روڊ جي وچ تي ئي هو ته، ڌماڪو ٿي ويو ۽ رت جا ڇنڊا اچي سندس مُنهن تي لڳا.

 

خودڪش بمبار

 

ننڍي عمر واري خودڪش بمبار ڪفن جهڙا اڇا ڪپڙا پهريا ته سندس ساٿين کيس جنت ڏانهن وڃڻ جون واڌايون ڏنيون.

بمبار جي مُنهن تي مُرڪ اچي وئي ۽ ڪنهن تصور سان سندس اکين ۾ خمار لهي آيو.

خودڪش جيڪٽ جي تياريءَ ۾ ٿوري دير ٿي ته بمبار ٿڌو ساهه کڻي چيو، جنت ۾ ستر حورون منهنجي انتظار ۾ آهن ۽ توهان مون کي دير ڪرائي رهيا آهيو!“

بمبار جي ڳالهه ٻُڌي سندس ماسٽر مائينڊ چيو، ٿورو صبر ڪر ۽ جيڪٽ ۾ وڌيڪ بارود ڀرجڻ ڏي.“

بي سمجهه بمبار بي صبريءَ سان وراڻيو، بارود گهڻو وجهو يا ٿورو، پر مون کي جلدي روانو ڪيو. مان حورن کي وڌيڪ انتظار ڪرائڻ نٿو چاهيان!“

ماسٽر مائينڊ مُرڪي، بمبار کي سمجهاڻي ڏني،ڌماڪو ڪرڻ سان تون هڪدم ستر حورن وٽ جنت ۾ ته پهچي ويندين، پر تنهنجي ڪيل ڌماڪي سان جيترا وڌيڪ ماڻهو مرندا، جنت ۾ اوترا ئي وڌيڪ تنهنجا درجا بلند ٿيندا.“

بمبار، خودڪش جيڪٽ ۾ وڌيڪ بارود ڀرجڻ جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندو رهيو. جڏهن جيڪٽ تيار ٿيو ته بمبار، عقيدت ۽ احسانمنديءَ سان ماسٽر مائينڊ جا هٿ چميا ۽ ٻاهر نڪري ويو.

خودڪش بمبار مسجد ۾ نمازين جي وچ ۾ وڃي بيٺو ۽ سجدي ۾ ويندي هن ڌماڪو ڪري ڇڏيو. ڌماڪو ٿيڻ شرط هن پنهنجو جسم سڙندي ۽ پَٽجندي محسوس ڪيو. کيس پڪ هئي ته ڌماڪي کان پوءِ اها ٿوري دير جي تڪليف آهي، ڪجهه دير اندر ئي هو جنت ۾ داخل ٿي ويندو، جتي ستر حورون سندس انتظار ڪري رهيون آهن. جڏهن گهڻي دير تائين سندس عذاب ختم نه ٿيو ته هن اکيون کولي ڏٺو. سندس جسم دوزخ جي باهه ۾ سڙي رهيو هو ۽ دوزخ جون خوفناڪ بلائون سندس جسم تان گوشت پَٽي رهيون هيون!

دهشتگردي

دهشتگردن سان ويڙهه خاطر سرڪار پاران جوڙيل هڪ جٿي جي اڳواڻ، پنهنجي اعلي اڳواڻ کي اطلاع ڏنو، اسان سخت مقابلي کان پوءِ چئن دهشتگردن کي ماريو ۽ ٽن کي گرفتار ڪيو آهي!“

اعلي عملدار، اهلڪارن لاءِ انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ کان وڌيڪ اعلي عملدار کي اطلاع ڏنو، اسان جي بهادر جٿي تمام سخت مقابلي کان پوءِ چئن خطرناڪ دهشتگردن کي ماريو آهي ۽ ٽن تمام خطرناڪ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي!“

وڌيڪ اعلي عملدار، اهلڪارن جي پروموشن جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ وزير صاحب کي اطلاع ڏنو، اسان جي بهادر جوانن، پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ انتهائي سخت مقابلي کان بعد، چئن تمام خطرناڪ دهشتگردن کي مارڻ کان پوءِ ٽن تمام وڏن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي!“

شهرت جي شوقين وزير صاحب جي حڪم تي، تڪڙ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو ويو.

وزير صاحب ٻانهون لوڏيندي ڊگهي پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان پوءِ چيو، اسان جي بهادر جوانن چئن دهشتگردن کي ماري ۽ ٽن تمام وڏن دهشتگردن کي خطرناڪ هٿيارن سميت گرفتار ڪري، ملڪ کي تمام وڏي دهشتگرديءَ کان بچائي ورتو آهي!“

اهو چئي وزير صاحب فخر سان چيو، وڏن دهشتگردن جا چهرا ۽ انهن وٽان هٿ آيل خطرناڪ هٿيار ميڊيا کي ڏيکاريا وڃن.“

چئن دهشتگردن کي مارڻ کان پوءِ ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪندڙ جٿي جي اڳواڻ، پريس ڪانفرنس ۾ آندل دهشتگردن جي مٿان پيل چادر کنئي ته، ٽن معصوم ٻارڙن جا هيسيل چهرا ظاهر ٿيا ۽ انهن جي سامهون ميز تي پيل چادر کنئي وئي ته ان تي کير پيئڻ جو هڪ فيڊر رکيل هو!

 

شاهه زمان جو ڊرائنگ روم

 

رستي تي هو اوچتو منهنجي سامهون اچي بيٺو.

پڇيائين، مون کي سڃاڻين ٿو؟

مون سندس چهري ۾ نهاريو ۽ انڪار سان ڪنڌ لوڏيم.

هن پنهنجي بوسڪيءَ جي قميص جي ڪالر کي ٺيڪ ڪندي چيو، ٿورو غور ڪر.“

مون غور سان سندس چهري ڏانهن ڏسندي وراڻيو، معاف ڪجو، مان توهان کي نٿو سڃاڻان.“

هن پنهنجي اکين تان قيمتي چشمو لاهيندي چيو، ڀلا هاڻي ڏس، سڃاتئي؟“

مان ڪجھ دير هن ڏانهن ڏسندو رهيس.

هو منهنجي سامهون خاموش بيٺو مرڪندو رهيو.

چيم، توهان جو چهرو ته ڪجهه ڏٺل لڳي ٿو پر...“

هن ٽهڪ ڏئي ٻانهون کوليندي وراڻيو، اڙي مان شاهه زمان آهيان!“

مون هن کي ڀاڪر ڀائيندي چيو، اڙي شاهو.... !“

ڀاڪر پائڻ کان پوءِ هن منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ ڀرسان بيٺل ڊبل ڪيبن گاڏيءَ ڏانهن وڌيو ته، گاڏيءَ جي ڀرسان بيٺل گارڊ دروازو کوليو.

شاهه زمان مون کي گاڏيءَ ۾ ويهڻ لاءِ چيو ته، مان هن سان انڪار نه ڪري سگهيس، جو هو منهنجي ننڍپڻ جو دوست هو.

اسان ٻئي پرائمري اسڪول ۾ گڏ پڙهيا هئاسين. پرائمري کان پوءِ هو وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ڪراچيءَ هليو ويو، جتان پوءِ هن کي سندس والد اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهه موڪلي ڇڏيو هو. پرائمري اسڪول کان پوءِ اڄ اسان جي اوچتو پهرين ملاقات ٿي هئي. وچ ۾ وڏو زمانو گذري ويو هو، جنهن ڪري اڄ مان هن کي سڃاڻي نه سگهيو هئس.

شاهه زمان ڏانهن ڏسندي پڇيم، ڪيڏانهن پيو کنيو ھلين مون کي؟

مرڪي چيائين، فلحال ته گهر پيا هلون، پوءِ ڪنهن محفل ۾ هلي وينداسين....“

سندس محل نما گهر جي ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿياسين ته سامهون واري ديوار تي پئي، جنهن تي شڪار ڪيل جانورن جون مينڍيون ۽ شاهه زمان جي وڏن جون پراڻي زماني جون يادگار بندوقون ٽنگيل هيون. ٻين ديوارن ڏانهن نظر ڦيريم ته مون کي بيحد خوشي ٿي، جو ڪيترن ئي قيمتي شوپيسز ۽ پينٽنگز سان گڏ هڪ بڪ شيلف به موجود هو.

مان اٿي وڃي بڪ شيلف جي ڀرسان بيٺس ۽ هڪ ڪتاب کڻي ڏسندي چيم، شاهو، تنهنجو خانداني شوق ته هٿيارن سان کيڏڻ ۽ شڪار ڪرڻ هجي ها پر مون کي خوشي ٿي آهي ته، تو هٿيارن بدران ڪتابن سان دوستي ڪئي آهي!“

شاهه زمان جو ٽهڪ ٻڌي ڪنڌ ورائي هن ڏانهن ڏٺم ته، هو جديد دور جي هڪ بندوق کي صاف ڪري رهيو هو. ٽهڪ ڏيڻ کان پوءِ مُرڪي چيائين، مون اڄ تائين انهن ڪتابن مان ڪنهن ڪتاب کي کولي به ناهي ڏٺو. شوقَ ته منهنجا به اهي ساڳيا ئي شڪارن ۽ هٿيارن وارا آهن، ڪتاب ته مڙئي ڊرائنگ روم جي سجاوٽ خاطر رکيل آهن!“

 

بوتل، بوٽ ۽ ڪتاب

 

مين روڊ تان ڪار ٽرن ٿِي هڪ گهٽي ۾ پهچي بيهي رهي.

هن ڏهه هزار رپيا ڪڍي ڊرائيور کي ڏنا.

ڊرائيور ڪجهه فاصلي تي موجود هڪ دڪان جي کڙڪيءَ اڳيان رش ۾ شامل ٿي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ ڊرائيور ڪاغذ ۾ ويڙهيل بوتل آڻي، ڪار جي پوئين سيٽ تي هن جي پاسي ۾ اچي رکي ڇڏي.

شهر جي فيشن ايبل علائقي مان گذرندي، هن ڪار روڪرائي ۽ هڪ مشهور ڪمپنيءَ جي ٻوٽن جي دڪان ۾ هليو ويو. هڪ بوٽ پسند ڪري هن قيمت پڇڻ کان سواءِ پئڪ ڪرايو ۽ ڪائونٽر تي وڃي، بل ڏسي هن کيسي مان پندرهن هزار رپيا ڪڍي ڏنا.

شهر جي رش واري پراڻي علائقي ۾ هن ڪار روڪرائي ۽ ڪتابن جي دڪان ۾ هليو ويو.

ڪيتري دير تائين هو مختلف شاعرن جا ڪتاب اٿلائي پٿلائي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ هن دڪاندار کان هڪ مشهور شاعر جو ڪتاب گُهريو.

دڪاندار بيحد سهڻو ضخيم ڪتاب ڪڍي، ڪائونٽر تي سندس اڳيان رکيو.

هن ڪتاب کڻي کوليو ۽ ڪتاب جي قيمت ڏسندي حيرت سان چيو، ڇهه سئو رپيا.... !“

دڪاندار بنا دير جي چيو، توهان پنج سئو ئي ڏيو پر ڪتاب کڻي وڃو.“

نه، ڪتاب ڏاڍا مهانگا ٿي ويا آهن!“ اهو چئي هن ڪتاب واپس ڪائونٽر تي رکيو ۽ دڪان مان ٻاهر نڪري ويو.

لفظن جا جادوگر ۽ هڪ ڇوڪري

ادبي دنيا ۾ نئين آيل نوجوان ليکڪا جي حُسن جي هر طرف هاڪَ ٿي وئي.

هڪ شاعر، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، دل چوي ٿي تنهنجين نيرين اکين جي سمنڊ ۾ ٻُڏي وڃجي!“

ليکڪا پنهنجي پرس منجهان ڪارا گلاسز ڪڍي اکين تي چاڙهي ڇڏيا.

هڪ ڪهاڻيڪار، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، مان تنهنجي زلفن جي ڇانوَ ۾ سمهڻ ٿو چاهيان!“

ليکڪا پنهنجي کُليل وارن کي پوتيءَ ۾ ويڙهي ڇڏيو.

هڪ ناول نگار، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، مان سڄي زندگي توسان گڏ رهڻ ٿو چاهيان!“

ليکڪا، ناول نگار کان پرتي وڃي بيهي رهي.

هڪ ڊراما نگار ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، مان تنهنجي احساسن کي ڇُهڻ ٿو چاهيان!“

ليکڪا پنهنجو مُنهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.

هڪ چترڪار، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، مان تنهنجي زندگيءَ ۾ خوشين جا رنگ ڀرڻ ٿو چاهيان!“

ليکڪا، چترڪار جي ڳالهه ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي.

هڪ ماهرِ لسانيات، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، تون منهنجي سامهون ويٺي رهين ته مان تنهنجي حُسن بابت ڪو نئون لفظ ٺاهيان!“

ليکڪا اٿي پرتي وڃي ويٺي.

هڪ محقق، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، مون کي ڪجهه وقت ڏي ته مان تنهنجي سونهن تي تحقيق ڪيان!“

ليکڪا تڪڙ ۾ اٿي وئي.

هڪ دانشور، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، تون منهنجي ويجهو اچي ويهه ته، مان حُسن جي فلسفي تي ڪجهه غور فڪر ڪيان!“

ليکڪا وڌيڪ پرتي ٿي وئي.

هڪ ڪالم نگار، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، تون ڪجهه دير منهنجي ڀرسان ويهه ته مان تنهنجي سونهن جو مشاهدو ماڻي، حَسين چهرن بابت هڪ ڪالم لکان!“

ليکڪا کي ڪالم نگار جي ڳالهه نه وڻي. هوءَ ڪالم نگار کان گهڻو پرتي هلي وئي.

هڪ نقاد ليکڪا جي ويجهو آيو ته، ليکڪا کي تنقيد جو خوف ورائي ويو.

نقاد، ليکڪا جي لکڻين تي تبصرو ڪرڻ کان سواءِ چيو، تون دنيا جي حَسين ترين ڇوڪري آهين!“

ليکڪا جي چهري تي مُرڪ پکڙجي وئي ۽ هوءَ اڳتي سُري، نقاد جي وڌيڪ ويجهو اچي وئي.

دانشور

هن ڪهاڻيون لکيون پر ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان پاڻ مڃائي نه سگهيو، فقط ٻوڙ هاريندو رهيو.

ڪهاڻيون لکڻ کان توبهه ڪري شاعري ڪيائين پر دلين کي گرمائي نه سگهيو، بس رنڍا ئي روڙيندو رهيو.

شاعري ڇڏي ڪالم لکڻ شروع ڪيائين پر فقط ڪاڳر ئي ڪارا ڪندو رهيو.

ڪنهن صلاح ڏنس ته ڪتاب ڇپجڻ سان ادبي دنيا ۾ مڃتا ماڻي سگهجي ٿي.

پبلشرن جي انڪار کان پوءِ هن کي پنهنجي خرچ تي پنهنجا ڪتاب پاڻ ئي ڇپرائڻا پيا ۽ بازار ۾ وڪرو نه ٿيڻ تي مفت ۾ ورهائڻا پيا.

پنهنجي خرچ تي ڪتابن جون مهورتون به ڪرايائين ته پاڻ سان رهاڻيون به رچرايائين پر مڃتا جي منزل ماڻي نه سگهيو ۽ پوءِ هن لکڻ ڇڏي ڏنو.

گهڻي وقت کان پوءِ مليو ته ڏاڍو خوش هو.

چيائين، اجايو پئي رنڍا روڙيم ۽ ڪاڳر ڪارا ڪيم! هاڻي فقط ادبي، تعليمي ۽ سماجي پروگرامن ۾ تقريرون ڪندو آهيان ۽ ماڻهو مون کي دانشور چوندا آهن!“

مسافر

اها خوبصورت عورت ريل ۾ منهنجي سامهون واري سيٽ تي ويٺي هئي. هن جون نظرون پنهنجي موبائيل فون ۾ هيون ۽ منهنجيون نظرون منهنجي موبائيل فون ۾ هيون. ڪافي دير کان پوءِ هن پنهنجي موبائيل فون رکي ۽ هينڊ بيگ منجهان هڪ ڪتاب ڪڍيو.

منھنجي نظر هن ڏانهن وئي ته منهنجي چهري تي مُرڪ اچي وئي. مون کي مرڪندي ڏسي هن جي چهري تي ڪاوڙ اچي وئي. هن تيز نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڪتاب پڙهڻ لڳي.

ريل هلندي رهي.

هوءَ ڪتاب پڙهندي رهي ۽ منهنجيون نظرون پنهنجي موبائيل فون جي اسڪرين ۾ اٽڪيل رهيون.

ٽن ڪلاڪن کان پوءِ هن ڪتاب بند ڪيو ته، غير ارادي طور تي منهنجي نظر هن ڏانهن هلي وئي.

خوبصورت عورت ڪاوڙ منجهان مون ڏانهن ڏسندي چيو، توهان پنهنجو ڪيترو وقت موبائيل تي وڃايو آهي!“

وراڻيم، مون پنهنجو وقت وڃايو ناهي محترمه!“

طنز سان چيائين، پنجن ڪلاڪن کان توهان جي هٿ ۾ موبائيل فون موجود آهي. ڏسڻ ۾ ته پڙهيل لکيل ٿا لڳو. توهان وٽ سفر ۾ پڙهڻ لاءِ ڪو ڪتاب هجڻ گهرجي ها!“

ٽرين منهنجي منزل تي بيهڻ واري هئي.

مون پنهنجو بيگ کڻندي مرڪي وراڻيو، سفر ۾ توهان ڪتاب پڙهندا رهيا آهيو ۽ مان موبائيل فون تي ڪتاب لکندو رهيو آهيان!“

خوبصورت عورت انتهائي حيرت سان چيو، ڇا.... !“

وراڻيم، توهان منهنجو ئي لکيل ناول پئي پڙهيو ۽ مان موبائيل فون تي پنهنجو نئون ناول لکي رهيو هئس!“

هن حيرت سان مون ڏانهن ڏٺو.

خوبصورت عورت حيرت سبب ڪجهه ڳالهائي نه سگهي ۽ مان تڪڙو در ڏانهن وڌي ويس، جو ريل انهيءَ اسٽيشن تي فقط ٻه منٽ بيهندي هئي.

 

شاهه زمان جو ڊرائنگ روم

 

چيائين، مان محقق آهيان. تو وانگر خيالي ڪهاڻيون ناهيان لکندو.

مُرڪي وراڻيم، مان تخليقي ليکڪ آهيان محقق صاحب. مون کي تنهنجي تحقيق سان ڪا به دلچسپي ناهي!“

مُنهن ۾ گُهنڊ وجهي چيائين،توکي تحقيق جي اهميت جو اندازو ئي ناهي!“

وراڻيم، تخليق لاءِ تحقيق لازم ناهي پر تحقيق لاءِ تخليق جو هجڻ ضروري آهي!“

انسانيت زندهه آهي

مسجد ۾ فائرنگ ٿي ته ڪيترائي ئي انسان مارجي ويا.

مسلمانن سان گڏ ٻين مذهبن جي ماڻهن به درد محسوس ڪيو ۽ مسجد جي اڳيان مري ويلن جي ياد ۾ گل رکيا.

مندر تي حملو ٿيو ته ڪيترائي انسان مارجي ويا.

هندوئن سان گڏ ٻين مذهبن جي ماڻهن به درد محسوس ڪيو ۽ مندر جي اڳيان مري ويلن جي ياد ۾ ڏيئا ٻاريا.

گرجا گهر ۾ دهشتگردي ٿي ته ڪيترائي انسان مارجي ويا.

عيسائين سان گڏ ٻين مذهبن جي ماڻھن به درد محسوس ڪيو ۽ گرجا گهر جي اڳيان مري ويلن جي ياد ۾ شمعون روشن ڪيون.

بيشمار انسانن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ به مسجد، مندر ۽ گرجا گهر جا دروازا کليل آهن.

ماڻهن شڪست ناهي کاڌي، خوف ۾ مبتلا ناهن ٿيا ۽ نه ئي هڪ ٻئي لاءِ سندن دلين جا دروازا بند ٿيا آهن.

بادشاهي فيصلو

هڪ سال جي گم ٿيل معصوم ٻار کي سندس پيءُ ماءُ تائين پهچائڻ لاءِ سمورا حيلا هلايا ويا، پر ٻار جا ماءُ پيءُ هٿ نه آيا. جڏهن سرڪار جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون، تڏهن هڪ سائنسدان اعلان ڪيو ته، هو انهيءَ ٻار کي سندس پيءُ ماءُ تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو.

سائنسدان ٻار کي پنهنجي ليبارٽريءَ ۾ کڻي ويو. ڪيترن ڏينهن جي لڳاتار ڪوشش کان پوءِ، سائنسدان انهيءَ ٻار جي دماغ ۾ جنم وٺندڙ خيالن جون تصويرون ڪڍڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. انهن تصويرن ۾ ڪجهه تصويرون هڪ عورت ۽ مرد جون به هيون. ٻار انهيءَ عورت ۽ مرد جو خيال اچڻ تي ڪنهن وقت مُرڪيو ٿي ته ڪنهن وقت رُنو پئي.

سائنسدان اعلان ڪيو ته، هن انهيءَ ٻار جي دماغ ۾ موجود سندس پيءُ ۽ ماءُ جي خيالن کي تصويرن جي صورت ۾ حاصل ڪري ورتو آهي!

سائنسدان جي ڳالهه تي ڪيترن ماڻهن اعتبار نه ڪيو ۽ انهن تصويرن کي جعلي قرار ڏنو، پر جڏهن انهن تصويرن وسيلي ٻار جا ماءُ پي ملي ويا ته، ملڪ ۾ ٿرٿلو مچي ويو.

ڪيترائي وزير، مشير، سياستدان، سرڪاري آفيسر، صنعتڪار، واپاري ۽ ٻيا وائيٽ ڪالر ڪرمنل ماڻهو سخت پريشان ٿي ويا. انهن سڀني بااثر ماڻهن، انهيءَ سائنسدان کي سماج لاءِ خطرو قرار ڏيندي، ملڪ جي بادشاهه کان مطالبو ڪيو ته، سائنسدان کي سدائين لاءِ قيد ڪيو وڃي.

بادشاهه، انهن بااثر ماڻهن جي مطالبي تي غور ڪرڻ جو وعدو ڪيو.

رات جو بادشاهه خفيه نموني سائنسدان جي ليبارٽي ۾ ويو ۽ پنهنجي دماغ ۾ موجود خيالن جو تصويرون ڪڍرائي ڏٺيون. اهي تصويرون ڏسڻ کان پوءِ بادشاهه سخت حيران ٿي ويو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بادشاهي محل مان، سائنسدان کي ملڪ جو سڀ کان وڏو بادشاهي تمغو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.

جلد ئي شاهي تقريب جو بندوبست ڪيو ويو ۽ بادشاھ سلامت پنهنجي هٿن سان سائنسدان کي اعلي ترين تمغي سان نوازيو.

ٻئي صبح تي شاهي مهمان خاني ۾ سائنسدان مئل حالت ۾ مليو!

سائنسدان جي موت تي بادشاهي محل منجهان اعلان ڪيو ويو، اسان جو ملڪ دنيا جي عظيم ترين سائنسدان کان محروم ٿي ويو آهي، جنهن ڪري بادشاهي فرمان مطابق ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪجي ٿو.“

عاشقَ سدائين انتظار ڪندا آهن!

هوءَ روز صبح جو باغ ۾ واڪ ڪرڻ ايندي هئي ۽ مان روز هن کي ڏسڻ لاءِ باغ ۾ ويندو هئس. مان هڪ نظر هن ڏانهن ڏسي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندو هئس ۽ وري جڏهن هن جي ويندڙ قدمن جا آواز ٻڌندو هئس ته، ڪنڌ کڻي هن ڏانهن نهاريندو هئس. جيسين هوءَ باغ منجهان ٻاهر نه هلي ويندي هئي، تيسين مان هن کي ويندي ڏسندو رهندو هئس.

هوءَ گلن جي وچ ۾ جاگنگ ٽريڪ تي واڪ ڪندي هئي ۽ مان بڙ جي وڏي وڻ جي هيٺان رکيل بينچ تي ويٺل هوندو هئس. هن جي وڃڻ کان پوءِ مان به خاموشيءَ سان اٿي باغ کان ٻاهر نڪري ويندو هئس.

هڪ ڏينهن مان ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو هئس ته، هوءَ خاموش قدمن سان هلندي منهنجي ڀرسان اچي بيٺي. جهڪيل ڪنڌ سان منهنجي نظر هن جي پيرن تي پئي ته مان اٿي بيهي رهيس.

پڇيائين، تون هتي روز ڇو ايندو آهين؟

وراڻيم، فقط توکي ڏسڻ لاءِ.

هن حيرت سان مرڪي پڇيو، فقط هڪ نظر مون کي ڏسڻ لاءِ...!؟

ڪنڌ هيٺ ڪري چيم، ها... ۽ پوءِ توکي ويندي لڳاتار ڏسندو رهندو آهيان.

پڇيائين ڇا تون مون کي سدائين لاءِ پنهنجي اکين جي اڳيان رکڻ چاهيندين؟

مون کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار نه آيو. مون ڪنڌ کڻي هن ڏانهن ڏٺو پر ٻي يقينيءَ سبب ڪو به جواب نه ڏئي سگهيس.

هن هڪدم پڇيو، جلدي ٻڌاءِ ها يا نه؟

مون تڪڙ ۾ چيو، ها.

هوءَ مرڪي پئي. چيائين، منهنجو انتظار ڪجانءِ. مان شام جو واپس اينديس.

مان هن جو انتظار ڪرڻ لاءِ اتي ئي، بڙ جي پوڙهي وڻ هيٺان رکيل بينچ تي ويهي رهيس.

شام جو هوءَ نه آئي، ٻئي ڏينهن صبح جو به هوءَ نه آئي.

مان لڳاتار اتي ويٺو رهيس... ۽ منهنجي زندگيءَ جي شام ٿي وئي!

مان وڃڻ لڳس ته، بڙ جي قديم وڻ چيو، تون ڀلي هليو وڃ پر مان هن جو صدين تائين انتظار ڪندو رهندس.

Micro Fiction

زندگي

چيائين، گهڻو نه لِک، ٿڪجي پوندين.

وراڻيم، روز نه لکندس ته، ساھ ڪيئن کڻندس!“

O

بک

ڳورهاري عورت

پنهنجي اڻ ڄاول ٻار جا ڪپڙا

وڪرو ڪري ڇڏيا!

Oمصور

 

چيائين، آهين ته مصور پر ڪم مالهيءَ وارو پيو ڪرين!

وراڻيم، دنيا ۾ مالهيءَ کان وڏو مصور ڪوبه ناهي.

وقت

چيم، تون پراڻي گيت جهڙي خوبصورت آهين.

ٽهڪ ڏئي چيائين، نه، مان گراموفون واري دور جي ناهيان!

O

لاڪ ڊائون

 پيءُ جو آخري سگريٽ پُٽ چورائي ويو.

O

پنهنجي ٻَني

 

پڇيائين، تون سڀ ڪهاڻيون فقط سنڌيءَ ۾ ڇو ٿو لکين؟

وراڻيم، مان پاڻي پنهنجي ٻنيءَ کي ڏيڻ ٿو چاهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com