جهمورو ۽ سرڪاري بيحسي
”ٻچا
جهمورا.“
”جي
استاد.“
”هيڏانهن
اچ.“
”اچي
ويس.“
”ڦيرِي
ڏي.“
”ڏئي
ڇڏيم.“
”ڪٿي
آهين؟“
”پنجاب
۾.“
”پنجاب
۾ ڇاهي؟“
”وڏي
رش آهي. ماڻهو هڪ ٻئي مٿان ڳاهٽ پيا ٿين!“
”ٻچا
جهمورا.“
”جي
استاد.“
”هيڏانهن
اچ.“
”اچي
ويس.“
”ڦيرِي
ڏي.“
”ڏئي
ڇڏيم.“
”ڪٿي
آهين؟“
”خيبرپختونخواه
۾.“
”خيبرپختونخواه
۾ ڇاهي؟“
”وڏي
رش آهي. ماڻهو هڪ ٻئي مٿان ڳاهٽ پيا ٿين!“
”ٻچا
جهمورا.“
”جي
استاد.“
”هيڏانهن
اچ.“
”اچي
ويس.“
”ڦيرِي
ڏي.“
”ڏئي
ڇڏيم.“
”ڪٿي
آهين؟“
”بلوچستان
۾.“
”بلوچستان
۾ ڇاهي؟“
”وڏي
رش آهي. ماڻهو هڪ ٻئي مٿان ڳاهٽ پيا ٿين!“
”ٻچا
جهمورا.“
”جي
استاد.“
”هيڏانهن
اچ.“
”چي
ويس.“
”ڦيرِي
ڏي.“
”ڏئي
ڇڏيم.“
”ڪٿي
آهين؟“
”سنڌ
۾.“
”سنڌ
۾ ڇاهي؟“
”وڏي
رش آهي. ماڻهو هڪ ٻئي مٿان ڳاهٽ پيا ٿين!“
”ٻچا
جهمورا.“
”جي
استاد.“
”سڄي
ملڪ ۾ رش آهي!؟“
”ها
استاد، وڏي رش آهي!“
”ڪيتري
رش آهي؟“
”پراڻي
زماني وارين سئنيمائن جي کڙِڪِي توڙ هفته کان وڌيڪ
رش آهي!“
”ايڏي
رش ڇا تي ٿي آهي؟“
”بيحسيءَ
جي پروگرام تي!“
”بيحسيءَ
جي پروگرام ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟“
”مردَ
هڪ ٻئي مٿان ڪِري رهيا آهن، عورتون چيڀاٽجي رهيون
آهن ۽ ٻار ريهاٽ ڪري روئي رهيا آهن!“
”بيحسيءَ
جي انهيءَ پروگرام جو ڪهڙو نتيجو نڪتو آهي؟“
”ڪورونا
جو راڪاس رش ۾ گهڙي آيو آهي، جنهن ڪري ڪيترائي
صحتمند ماڻهو به ڪورونا جي وبا جو شڪار ٿي ويا آهن!“
زيان
هو روز صبح جو اٿي اخبار ڏسندو آهي.
ڪا به هيڊنگ پڙهڻ کان سواءِ فقط هڪ نظر وجهي، هو
هڪدم ٻي خبر جي هيڊنگ ڏانهن ڏسندو آهي. هن جون
نظرون تڪڙيون تڪڙيون اخباري هيڊنگز تي ڦِرنديون
رهنديون آهن. انتهائي اهم خبرن کي به نظر انداز
ڪري، هو پنهنجي مطلب واري خبر جي ڳولا ڪندو رهندو
آهي.
هو فقط موت جو خبرون تلاش ڪندو آهي!
وبا جي ڏينهن ۾ هن کي دنيا ۾ روز هزارين ماڻهن جي
مرڻ جو خبرون نظر اينديون آهن پر انهن هزارين
مرندڙ ماڻهن جي خبرن سان هن جي ڪا به دلچسپي ناهي
هوندي، تنهن ڪري اڪثر کيس مايوسي نصيب ٿيندي آهي.
اهڙي حالت ۾ هو سخت ڪاوڙ منجهان ڏند ڪرٽي، اخبار
کي مروٽي هڪ طرف ڦٽي ڪري ڇڏيندو آهي.
هو روز هزارن جي تعداد ۾ مرندڙ انسانن جي خبرن
منجهان ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي موت جي خبر ڳوليندو
آهي، جنهن جي وفات تي تعزيتي خبر جاري ڪري سگهجي!
اڄ به هن صبح سان اخبار کنئي. هن جي اکين جا تارا
اخبار جي صفحن تي تڪڙا تڪڙا هيڏانهن هوڏانهن
ڦِرندا رهيا پر هن کي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي موت جي
خبر نظر نه آئي، جنهن جي لاءِ تعزيتي خبر جاري
ڪري، پنهنجو نالو اخبار ۾ ڇپرائي سگهجي!
هن سخت ڪاوڙ منجهان اخبار مروٽي ڦٽي ڪئي ۽ ڏند
ڪرٽيندي، خودڪلامي واري انداز سان ڀڻڪيو،
”اڄوڪي
اخبار جا پئسا به زيان ٿي ويا!“
احتجاج
اوچتو رت جي بوءِ محسوس ٿي ته مون گهر کان ٻاهر
نڪري ڏٺو. منهنجي گهر تي رت جا ڇنڊا لڳل هئا ۽ گهر
جو رستو به رت سان ريٽو ٿيل هو.
مان پاڙي جي ٻين گهٽين ڏانهن ويس. پاڙي جون سڀ
گهٽيون رت هاڻيون هيون.
مان شهر ۾ نڪري پيس. شهر جا سڀ رستا رت ۾ ٻُڏل هئا.
مان انسانيت جي قتل جِي ايف آئي آر ڪٽرائڻ لاءِ
پوليس اسٽيشن تي پهتس پر منهنجي فرياد داخل ڪرڻ
کان انڪار ڪيو ويو.
مان شهر جي پوليس چيف وٽ ويس ۽ کيس چيم،
”شهر
۾ انسانيت جو قتل ٿيو آهي، پر منهنجي ايف آئي آر
نٿي داخل ڪئي وڃي!“
پوليس چيف پڇيو،
”تو
وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته انسانيت جو قتل ٿيو آهي؟“
چيم،
”منهنجي شهر جا سڀ رستا رت سان ڳاڙها ٿيل
آهن!“
پوليس چيف وراڻيو،
”هن
شهر جا رستا ته گهڻي وقت کان ڳاڙها آهن. اها ڪا
نئين ڳالهه ناهي!“
پوليس چيف کان مايوس ٿي مون احتجاج ڪيو ۽ شهر جي
اهم شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيس.
وقت جو حڪمران مون وٽ پهتو ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ
چيائين.
وراڻيم،
”شهر ۾ انسانيت جو قتل ٿيو آهي، پر پوليس
چيف منهنجي ڳالهه ٻُڌڻ لاءِ تيار ناهي. جيسين
انسانيت جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويندو، تيسين
منهنجو احتجاج جاري رهندو.“
حڪمران پڇيو،
”ڪنهن
جي خلاف ڪارروائي ڪيون؟“
چيم،
”انهن سڀني رت پياڪ جانورن جي خلاف، جن کي
هن شهر ۾ داخل ٿيڻ کان نه روڪيو ويو ۽ هاڻي انهن
منهنجي شهر جي رستن جو رنگ ڳاڙهو ڪري ڇڏيو آهي!“
ٻهروپيا
منهنجي ڌرتيءَ به پياسي هئي ۽ مان به اُڃايل هئس.
مان پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ڌرڻو هڻي ويهي رهيس.
ڌرتيءَ جا گيت لکندڙ شاعر اتان گذريو ته، مون کيس
ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ جي گذارش ڪئي.
شاعر چيو،
”مان
ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي پياس بابت هڪ لازوال گيت
لکندس.“ اهو چئي شاعر هليو ويو.
ڪهاڻيڪار اتان گذريو ته، مون کيس ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ
جي گذارش ڪئي.
ڪهاڻيڪار چيو،
”مان
ڌرتيءَ جي دانهن جهڙي هڪ ڪهاڻي لکندس.“
اهو چئي ڪهاڻيڪار هليو ويو.
ڊراما نگار اتان گذريو ته، مون کيس ڌرڻي ۾ شامل
ٿيڻ جي گذارش ڪئي.
ڊراما نگار چيو،
”مان
هڪ ڊرامو لکندس، جنهن ۾ پياس جي شدت جا اهڙا منظر
هوندا، جو ڏسندڙن جون اکيون آليون ٿي وينديون.“
اهو چئي ڊراما نگار هليو ويو.
ڪالم نگار اتان گذريو ته مون کيس ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ
جي گذارش ڪئي.
ڪالم نگار چيو،
”پاڻيءَ
جي کوٽ خلاف مان هڪ زبردست ڪالم لکي، هن اهم مسئلي
بابت پنهنجو تجزيو پيش ڪندس.“ اهو چئي ڪالم نگار هليو ويو.
هڪ چترڪار اتان گذريو ته مون کيس ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ
جي گذارش ڪئي.
چترڪار چيو،
”مان
هڪ اهڙي شاھڪار پينٽنگ ٺاهيندس، جنهن وسيلي پنهنجي
ديس جي پياس دنيا کي ڏيکاريندس.“ اهو چئي چترڪار هليو ويو.
دانشور اتان گذريو ته مون کيس ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ جي
گذارش ڪئي.
دانشور چيو،
”مان
شام جي چانهه تي دوستن سان پاڻيءَ جي کوٽ بابت
گفتگو ڪندس.“ اهو چئي دانشور هليو ويو.
هڪ سياستدان اتان گذريو ته مون کيس ڌرڻي ۾ شامل
ٿيڻ جي گذارش ڪئي.
سياستدان هاڪار سان ڪنڌ لوڏي، موبائيل فون سان هڪ
ڪال ڪئي ۽ پوءِ مون سان ڌرڻي ۾ شامل ٿي ويهي رهيو.
مون سياستدان جا ٿورا مڃيا.
ٿوري دير اندر ميڊيا جا ڪجهه ماڻهو ڪئميرائون کڻي
پهچي ويا. سياستدان ڪجهه فوٽو ڪڍرايا ۽ اٿي هليو
ويو!
مجبوري
چيائين،
”مان خودڪشي ڪرڻ ٿو چاهيان، مهرباني ڪري
منهنجي مدد ڪر.“
مون هن کي گهڻو ئي سمجهايو. کيس خودڪشي ڪرڻ کان
روڪڻ جي ڪوشش ڪيم پر هن منهنجي ڳالهه نه مڃي.
چيائين،
”خودڪشي ڪرڻ منهنجي مجبوري آھي. توکي مجبور
انسان جي مدد ڪرڻ گُهرجي.“
هن جي مدد جو فيصلو ڪري، مان هن کي شهر جي سڀ کان
وڏي بلڊنگ جي ڇت تي وٺي ويس.
هن گهڻ ماڙ عمارت جي ڇت تان هيٺ نهاري چيو،
”قبضن سبب رستو سوڙهو ٿي ويو آهي. هتان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ
سان سوڙهو ٿيل رستو ڪيتري دير تائين بند ٿي ويندو!“
مان هن کي انڊس هاءِ وي تي وٺي ويس.
هن انڪار سان ڪنڌ لوڏي چيو،
”هن
شاهراهه تي هونءَ ئي وڌيڪ ماڻهو ٿا مرن. مان هتي
مرندڙ ماڻهن جي انگ ۾ واڌاري جو سبب نٿو بڻجڻ
چاهيان!“
مان هن کي ريلوي لائين تي وٺي ويس.
ريل اچڻ ۾ دير ڪئي ته هن چيو،
”اسان
جي ملڪ ۾ ريل سدائين ليٽ هوندي آهي. آخر مان
خودڪشيءَ لاءِ ڪيترو انتظار ڪندس!“
مان هن کي سنڌو درياهه جي ڪناري تي وٺي ويس.
سنڌوءَ ڏانهن ڏسندي چيائين،
”درياهه
۾ ته ٻُڌي مرڻ جيترو پاڻي به ناهي جو مان خودڪشي
ڪري سگهان!“
مان هن کي شهر جي هڪ هوٽل تي وٺي ويس ۽ چيم،
”هتي ڪجهه گُهرائي کائي ڇڏ، ٿوري دير ۾ ئي مري ويندين.“
هن ڪوبه جواب نه ڏنو. ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو.
پڇيومانس،
”خودڪشيءَ جو ارادو تبديل ڪري ڇڏيو اٿئي
ڇا؟“
انڪار سان ڪنڌ لوڏي چيائين،
”نه!“
چيومانس،
”ته پوءِ کاڌو ڇو نٿو گُهرائين!“
ٿڌو ساهه کڻي چيائين،
”مون
وٽ کاڌو کائڻ جيترا پئسا هجن ها ته مان خودڪشي ڇو
ڪيان ها!“
پاروٿي زندگي
سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽر دوائن جي پرچي لکي، نوجوان
مريض جي هٿ ۾ ڏيندي چيو،
”هي دوائون ٻاھران اسٽور تي ملنديون.“
غريب نوجوان دوائن جي ڊگهي لسٽ ڏسي چيو،
”مون
وٽ انهن منجهان هڪڙِي گوري خريد ڪرڻ جيترا پئسا به
ناهن. مون کي سرڪار طرفان ملندڙ دوائون ڏيو. مان
ڏاڍو غريب ۽ بيروزگار آهيان.“
ڊاڪٽر، نوجوان ڏانهن ڏسندي مُرڪي وراڻيو،
”اسپتال
جي ڪائونٽر تان ٺهرايل پرچيءَ ۾ تنهنجو نالو ته
امير لکيل آهي!“
نوجوان ٿڌو ساهه کڻي چيو،
”مان
غريب ابنِ غريب آهيان. مون تي امير نالو منهنجي
غريب پيءُ الائجي ڇو رکيو هو!“
ڊاڪٽر مُرڪي چيو،
”غريب
جا ٻارَ، مان ڪجهه نٿو ڪري سگهان. سرڪاري دوائون
ختم ٿي ويون آهن.“
نوجوان ڪنڌ هيٺ ڪري خاموشيءَ سان ڊاڪٽر جي ڪمري
مان نڪري ويو.
امير نالي واري غريب نوجوان اسپتال کان ٻاهر نڪري،
سامھون موجود ميڊيڪل اسٽور ڏانهن ڏٺو. هن ٿڌو ساهه
کڻي، ڊاڪٽر پاران لکي ڏنل دوائن واري پرچي پنهنجي
خالي کيسي ۾ رکي ۽ اڳتي وڌي ويو.
هو سرڪاري اسپتال کان ٿورو اڳتي پهتو ته روڊ جي
پاسي ۾، گند جي ڍير تي هن کي سرڪاري اسپتال جي
عملي پاران ڦٽي ڪيل دوائون نظر آيون. هن پنهنجي
کيسي منجهان دوائن واري پرچي ڪڍي پڙهي ۽ گند جي
ڍير تي اڇلايل دوائن منجهان، ڊاڪٽر پاران لکي ڏنل
دوائون ڳولي ڪڍيون.
هو اڃان گند جي ڍير تي ئي بيٺو هو ته، ڀرسان
گذرندڙ هڪ شخص هن ڏانهن ڏسندي چيو،
”گند جي ڍير تي ڦٽي ڪيل دوائون ڊيٽ
ايڪسپائرڊ ۽ زهر برابر هونديون آهن!“
امير نالي واري غريب نوجوان ڊگهو ساهه کڻي وراڻيو،
”اسان جي ملڪ ۾ غريب جي زندگي به ته زهر جهڙي ئي آهي. ماني به
سدائين پاروٿي کاڌي اٿم، دوائون به پاروٿيون ئي
سهي....
!“
اهو چئي، امير نالي واري غريب نوجوان ڊيٽ
ايڪسپائرڊ دوائون پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيون!
آخري نوٽ
مسڪين ٻُڍڙو مريض علاج لاءِ سرڪاري اسپتال پهتو.
ڊگهي انتظار کان پوءِ مريض جو وارو آيو ته کيس
ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ موڪليو ويو. اسپيشلسٽ ڊاڪٽر مريض
کي تپاسڻ کان سواءِ چيو،
”سرڪاري اسپتال جي پراڻين مشينن تي تنهنجي
مرض جي تشخيص نه ٿي سگهندي، تنھن ڪري تون شام جو
منهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ تي اچجانءِ.“
مسڪين مريض شام جو پنهنجي گهر ۾ موجود سمورا پئسا
کڻي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جي پرائيويٽ ڪلينڪ تي پهتو.
اچڻ شرط هن کان ڳري في وصول ڪئي وئي ۽ پوءِ کيس
مريضن جي ڊگهي قطار ۾ ويهاريو ويو. ڊگهي انتظار
کان پوءِ سندس وارو آيو ته کيس ڊاڪٽر جي ڪمري ۾
موڪليو ويو. مريض کي تپاسڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر ڪميشن
وارين دوائن جي ڊگهي لسٽ لکي ۽ مريض کي هڪ مخصوص
ميڊيڪل اسٽور جو ڏَسُ ڏئي، پندرهن ڏينهن کان پوءِ
ٻيهر اچڻ جو چئي روانو ڪري ڇڏيو.
اڻ ڄاڻ مسڪين مريض مخصوص ميڊيڪل اسٽور تي پهچي،
ڊاڪٽر جي لکي ڏنل ڊگهي لسٽ مطابق دوائون خريد ڪيون
ته سندس کيسو خالي ٿي ويو.
پندرهن ڏينهن کان پوءِ مسڪين مريض قرض کڻي
اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي پهتو. مريض کان ٻيهر
ڳري في اوڳاڙي وئي. ڊاڪٽر کيس ٻيهر ڪميشن وارين
دوائن جي ڊگهي لسٽ ڏئي، پندرهن ڏينهن کان پوءِ وري
اچڻ لاءِ چئي روانو ڪيو ۽ مريض کي مخصوص ميڊيڪل
اسٽور تان ڊگهي لسٽ مطابق، ڪميشن واريون دوائون
خريد ڪرڻيون پيون.
ٽيون ڀيرو ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ لاءِ مسڪين مريض کي
پنهنجي گهر جا ٽپڙ کپائڻا پيا. ڳري في، پندرهن
ڏينهن کان پوءِ وري اچڻ جي هدايت، دوائن جي ڊگهي
لسٽ ۽ مخصوص ميڊيڪل اسٽور جو ورجاءُ ٿيو، پر مرض
گهٽجڻ بجاءِ وڌندو ئي رهيو.
غريب پوڙهو شخص هر پندرهين ڏينهن اسپيشلسٽ ڊاڪٽر
جي پرائيويٽ ڪلينڪ تي ويندو رهيو، هن جي گهر جو
سامان وڪرو ٿيندو رهيو، هن تي قرض به چڙهندو رهيو
۽ سندس مرض به وڌندو رهيو!
جڏهن بيمار پوڙهي کي نه ڪٿان قرض ملڻ جي اميد رهي
۽ نه ئي سندس گهر ۾ وڪرو ڪرڻ جهڙو ڪو سامان بچيو،
تڏهن مسڪين ٻُڍڙو اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي پهتو
ته، ڳري في ڏيڻ کان پوءِ وٽس تمام گهٽ پئسا بچيا.
هن ڊاڪٽر کي دوائون گهٽ لکڻ جي گذارش ڪئي. ڊاڪٽر
سندس ڳالهه ٻُڌي اڻ ٻڌي ڪري، وري به ڪميشن وارين
دوائن جي ڊگهي لسٽ لکي ڏيڻ کان پوءِ چيو،
”تنهنجي
لاءِ اهي سڀ دوائون کائڻ بيحد ضروري آهن، نه ته
مري ويندين.“
سخت بيمار ٻُڍڙي ڪلينڪ منجهان ٻاهر نڪري، پنهنجي
کيسي ۾ پيل آخري نوٽ ڪڍي ڏٺو ۽ ميڊيڪل اسٽور ڏانهن
وڃڻ بجاءِ، بازار مان وڃي هن پنهنجي لاءِ ڪفن خريد
ڪري ڇڏيو!
حياتي هوتن ريءَ
پُٽَ جي وڏي بنگلي جي ننڍڙي ۽ ڪنڊائتي ڪمري ۾
بستري تي پيل بيمار پوڙهو شخص سخت پريشان هو. کٽ
تي اڪيلو پيل بيمار شخص پاسو ورائڻ توڙي ڪنڌ
ڦيرائي ڪمري جي در ڏانهن ڏسڻ ۾ به سخت تڪليف محسوس
ڪري رهيو هو، پر تنهن هوندي به هو هر هر ڪنڌ
ڦيرائي دروازي ڏانهن ڏسي رهيو هو.
ٽي ڏينهن گذري ويا هئا جو پوڙهي بيمار شخص گهر جي
ڪنهن به ڀاتيءَ جو مُنهن نه ڏٺو هو. هن کي پنهنجي
نُنهن جو ته نه، پر پُٽ َ جو ڏک ضرور هو. سندس پُٽ
هونءَ ته روز ٻن چئن منٽن لاءِ وٽس لنگهي ايندو هو
۽ سندس طبيعت پڇي هليو ويندو هو پر اهو به ٽن
ڏينهن کان کيس ڏسڻ ئي نه آيو هو.
منجهند جي وقت نوڪرياڻي هن لاءِ ماني کڻي آئي ته،
بيمار پوڙهي کائنس پڇيو،
”سڀ گهر وارا ڪٿي آهن؟“
نوڪرياڻيءَ ڪوبه جواب نه ڏنو، جو هوءَ بيگم صاحبه
جي حڪم جي پابند هئي، جنهن کيس چئي ڇڏيو هو،
”وڙهي سان ڳالهائڻ جي ڪابه ضرورت ناهي.“
نوڪرياڻيءَ کي خاموش ڏسي پوڙهي ٻيهر ڳالهايو،
”منهنجو
پُٽ ۽ پوٽو مون سان ملڻ ڇو نٿا اچن؟“
نوڪرياڻيءَ هڪ نظر دروازي ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ آهستي
وراڻيو،
”صاحب اسلام آباد ويل آهي.“
پوڙهي ھڪدم پڇيو،
”ڀلا
منهنجو پوٽو ڪٿي آهي؟ مون کي انهيءَ جي ڏاڍي سڪ
لڳي آهي!“
نوڪرياڻيءَ ڪو جواب نه ڏنو. هن هڪ نظر رحم جوڳي
حالت ۾ پيل پوڙهي ڏانهن همدرديءَ سان ڏٺو ۽ ميز تي
ماني رکي، خاموشيءَ سان ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي.
بيمار پوڙهي کي لڳو ڄڻ هو انسان نه، ڪمري ۾ پيل
پراڻي سامان جيان ئي ڪو سامان هجي، جنهن کي سندس
پُٽَ به گهرَ جي ڪنڊائتي ڪمري ۾ رکي وساري ڇڏيو
آهي! اهو سوچي بيمار پوڙهي جون اکيون ڀرجي آيون.
هن هڪ تمام ڊگهو ساهه کڻي زور سان اکيون بند ڪيون
ته، لڙڪ سندس ٻنهي لوندڙين طرف وهي ويا.
ڪجهه دير گذري ته هن پنهنجي بيحد پياري پنجن سالن
جي پوٽي جو آواز ٻُڌو،
”ڏاڏا....
!“
بيمار ڏاڏي اکيون کولي، مرڪي در ڏانهن ڏٺو.
پنجن سالن جو معصوم پوٽو اڳتي وڌيو ۽ هن ڏاڏي جي
سيني تي مٿو رکي ڇڏيو. ڏاڏي ڏاڍي پيار سان ليٽيل
حالت ۾ ئي پوٽي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.
ان مهل ئي ڪمري جي دروازي وٽان سندس نُنهن جي رڙ
ٿي،
”وهان منهنجي پُٽ کي به بيمار ڪندئو ڇا؟“
پوڙهي ٿڌو ساهه کڻي چيو،
”امان،
مون کي ڪا وچڙندڙ بيماري ته ناهي جو منهنجو پوٽو
به بيمار ٿي پوندو!“
نُنهن اڳتي وڌي آئي. هن پنهنجي پُٽ کي ٻانهن کان
وٺي ڇڪي ڏاڏي کان ڌار ڪيو ۽ سخت ڪاوڙ منجهان چيو،
”توهان
پاڻ ڪنهن وچڙندڙ بيماريءَ کان گهٽ آهيو ڇا؟ اسي
سال عمر ٿي وئي اَٿوَ، تڏهن به اسان جي جان نٿا
ڇڏيو....
!“
لُڙڪ ميڙيندڙ ڀيڻ
گهر کان ٻاهر وڃڻ لڳندو هئس ته، مون کان ٻه سال
ننڍي ڀيڻ پڇندي هئي،
”ڪاڏي ٿو وڃين ادا؟“
وراڻيندو هئس،
”دوستن
سان راند کيڏڻ ٿو وڃان.“
روئڻهارڪي ٿي چوندي هئي،
”مان
به ته تنهنجي دوست آھيان. مون سان راند کيڏ نه ادا.“
ڀيڻ جي ايئن چوڻ سان مان ٻاهر وڃڻ جو ارادو تبديل
ڪري گهر ۾ ويهي هن سان راند کيڏندو هئس.
راند کيڏندي مون کي ڌڪ لڳندو هو ته، هوءَ منهنجي
اکين تان ڳوڙها اگهندي هئي!
اها اڌ صدي اڳ جي ڳالهه آهي. تڏهن اسان ٻئي ٻار
هئاسين!
اڄ مون ٻيهر ٻار بڻجي هن کي چيو،”اُٿ
ته راند کيڏڻ هلون!“
ڀيڻ ڪوبه جواب نه ڏنو.
هوءَ ڌرتيءَ جي سطح کان ڪجهه فوٽ هيٺ وڃي سمهي پئي
آهي ۽ مان ڌرتيءَ جي سطح تي بيٺو آهيان!
منهنجيون اکيون برسڻ کان بس نٿيون ڪن پر منهنجا
لُڙڪ ميڙيندڙ اهو نازڪ ننڍڙو هٿ موجود ناهي...!
ساڳيو رستو
پُٽ مهيني کان پوءِ منجھند مهل ڳوٺ آيو ته پوڙهي
ماءُ جون اکيون ٺري پيون. ماءُ، پُٽ کي ماني ڏئي،
گهر جا ڪم جلدي پورا ڪري ڪمري ۾ آئي ته پُٽ ننڊ
پيو هو. ماءُ، پُٽ جي ڀرسان ويهي رهي. پُٽ ننڊ
ڪندو رهيو ۽ ماءُ سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي
رهي. لڳاتار کيس پيار سان ڏسندي رهي، ڄڻ پنهنجي
اکين جي اُڃَ اُجهائڻ جي ڪوشش ڪندي هجي.
شام جو پُٽ ننڊ مان جاڳيو ته پنهنجي سمارٽ فون کڻي
ويهي رهيو. ماءُ مهيني کان پوءِ آيل پُٽ منجهان
اکيون ئي نه ٿي ڪڍيون پر پُٽَ جون اکيون مسلسل
پنهنجي سمارٽ فون جي اسڪرين تي کُتل هيون. ڪنهن
مهل هن واٽس ايپ تي پنهنجي شهري محبوبا کي ميسيج
پئي ڪيا ته ڪنهن مهل فيس بڪ تي سندس تصويرون ڏسي
پنهنجيون اکيون پئي ٺاريون.
ماءُ، پُٽ جي واندي ٿيڻ جو انتظار ڪندي رهي. گهڻي
دير کان پوءِ پُٽ موبائيل فون تان نظر کنئي ته
ماءُ ڊگهو ساهه کڻي چيو،
”پُٽَ،
اڳي اٺين ڏينهن ايندو هئين، پوءِ پندرهين ڏينهن
اچڻ شروع ڪَيُئي پر هن ڀيري اچڻ ۾ سڄو مهينو لائي
ڇڏيئي!“
پُٽَ ڪجهه سوچي وراڻيو،
”امان،
ڳوٺ اچڻ جو رستو هاڻي ڊگهو ٿي ويو آهي!“
ماءُ حيرت سان پڇيو،
”شهر
ڏانهن ويندڙ رستو ته ساڳيو ئي آهي، هاڻي اهو رستو
ڊگهو ڪيئن ٿي ويو پُٽ!؟“
پُٽ، ماءُ جي ڳالهه جو ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ، چانهه
جي فرمائش ڪئي ۽ پنهنجي موبائل فون کڻي وري مصروف
ٿي ويو.
ماءُ چانهه ٺاهڻ وئي ته پُٽ جي موبائيل فون تي
سندس شهري محبوبا جو فرمائشي ميسيج آيو،
”اڄ رات مون کي ڊنر لاءِ وٺي هلجانءِ.“
ماءُ چانهه کڻي ڪمري ۾ داخل ٿي ته پُٽ شهر وڃڻ جي
تياري ڪري چڪو هو. هن ماءُ کان چانهه جو ڪپ وٺڻ
کان سواءِ چيو،
”مان
شهر واپس پيو وڃان.“
ماءُ جي دل اداس ٿي وئي. ڏُک سان چيائين،
”مهيني
کان پوءِ آيو آهين، هڪڙي رات به نٿو رهين!“
پُٽ وقت ڏسندي وراڻيو،
”مون
کي تمام ضروري ڪم آهي امان. وڃڻو ئي پوندو.“
ماءُ فڪرمنديءَ سان چيو،
”
ٿي وئي آهي پُٽ. چوين ٿو ته رستو به ڊگهو ٿي ويو
آهي. صبح جو وڃجانءَ.“
پُٽ پنهنجو سفري بيگ کڻي دروازي ڏانهن ويندي چيو،
”ڳوٺ اچڻ جو رستو ڊگهو ٿي ويو آهي امان، شهر واپس وڃڻ جو رستو
ڊگهو ناهي ٿيو.“
آخري ڏينهن
هو پنهنجي نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ واري ڏينهن، آفيس
ٽائيم پورو ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ۾ مري ويو.
آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندڙ سندس دوستن کي هن جي وفات جي ڏک
سان گڏ اهو ڏک به ٿيو ته، نوڪريءَ دوران گذاري وڃڻ
سبب، اداري جي قائدي موجب سندس پونئيرن کي اهو
مالي فائدو نه ملي سگهندو، جيڪو هن جي زندگيءَ ۾
رٽائر ٿيڻ سان ملي ها!
ٻئي ڏينهن هن جو نوجوان پٽ، مري ويل پيءُ جي آفيس
۾ گڏ ڪم ڪندڙ، پيءُ جي دوستن سان گڏجي سندن باس
سان مليو. سڀني گڏجي باس کي گذارش ڪئي ته، اداري
جي رڪارڊ ۾ مري ويل جي وفات هڪ ڏينهن پوءِ ڏيکاري
وڃي، جيئن سندس پونئيرن کي مناسب مالي فائدو حاصل
ٿي سگهي.
باس انڪار ڪندي چيو،
”هن
جي موت جي تاريخ قدرت جي طرفان مقرر ٿيل هئي. مان
ڪير ٿيندو آهيان هن جي مرڻ جي تاريخ کي تبديل ڪرڻ
وارو...
!“
باس جي انڪار کان پوءِ هن جو پٽ سخت ڏکارو ٿي هليو
ويو.
ڪجهه عرصي کان پوءِ هن جي پُٽ کي ساڳئي اداري ۾
فوتي ڪوٽا تي نوڪري ملي ته، پُٽ خوشيءَ منجهان
نوڪريءَ جو آرڊر ڏسندي چيو،
”چڱو
ٿيو جو بابو پنهنجي نوڪريءَ جي آخري ڏينهن تي،
آفيس ٽائيم پورو ٿيڻ کان اڳ ۾ مري ويو، جو مون کي
نوڪري ته ملي. جيڪڏهن مرڻ ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ دير ڪري ها
۽ آفيس ٽائيم پورو ڪري رٽائر ٿي وڃي ها ته، مون کي
ته نوڪري ئي نه ملي ها!“
تماشو
سيارو آيو ته مون پنج سال اڳ لنڊا بازار مان خريد
ڪيل اڇي رنگ وارو پراڻو ڪوٽ ڪڍي پاتو.
گهر کان ٻاهر نڪتس ته هڪ نوجوان، جنهن کي ڪارو ڪوٽ
پاتل هو، انهيءَ مون کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
مون ڪاري ڪوٽ واري نوجوان کان سبب پڇيو ته هو مون
تي وڌيڪ ڪاوڙجي پيو. هن رڙ ڪري ڪاري ڪوٽ وارن ٻين
نوجوانن جو منهنجي اڇي رنگ واري ڪوٽ ڏانهن ڌيان
ڇڪايو ته، ڪارا ڪوٽ پهريل ڪيترائي نوجوان ڏنڊا کڻي
مون ڏانهن وڌيا.
مون جان بچائڻ لاءِ ڊوڙڻ شروع ڪيو ته، ڪارن ڪوٽن
وارا نوجوان هجوم جي صورت ۾ منهنجي ڪڍ لڳا. مان
ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي ساڻو ٿي بيهي رهيس ته، ڪاري ڪوٽ
وارن ڪيترن ئي نوجوانن مون تي لتن، مُڪن ۽ ڏنڊن
سان حملو ڪري ڏنو.
مون ڌڪَ سهندي چيو،
”توهان
ته ماڻهن کي انصاف وٺي ڏيندا آهيو. مون سان
ناانصافي ڇوٿا ڪيو؟“
جواب مليو،
”اڇو
ڪوٽ سزا جي لائق آهي. اسان انصاف جون تقاضائون
پوريون ڪري رهيا آهيون!“
ڪاري ڪوٽ وارن نوجوانن سخت تشدد ڪري، منهنجو اڇي
رنگ جو ڪوٽ رت سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو.
موقعي تي موجود پوليس وارا تماشو ڏسندا رهيا!
مون رت سان ريٽو ٿيل ڪوٽ لاهي ڦِٽو ڪيو. شديد زخمي
حالت ۾ اسپتال ڏانهن ويندي، سخت سيءَ سبب مون هڪ
ريڙهي تان ٻيو پراڻو ڪوٽ خريد ڪري پاتو.
سرڪاري اسپتال جي دروازي وٽ پهتس ته، اڇي رنگ جا
ڪوٽ پاتل ڪيترائي نوجوان مون کي ورائي ويا ۽ انهن
مون تي لتن، مُڪن ۽ ڏنڊن سان حملو ڪري ڏنو.
مون ڌڪَ سهندي چيو،
”توهان
مسيحائي پيشي سان لاڳاپيل آهيو. توهان ته ماڻهن جي
زخمن تي پها رکندا آهيو. علاج ڪرڻ بدران منهنجو
وڌيڪ رَتُ ڇوٿا وهايو؟“
جواب مليو،
”توکي
ڪارو ڪوٽ پاتل آهي. تنهن ڪري تنهنجو انهيءَ نموني
علاج ڪري، اسان مسيحائي پيشي جو تقدس بحال ڪري
رهيا آهيون!“
موقعي تي موجود پوليس وارا تماشو ڏسندا رهيا.
انهيءَ ڏينهن کان پوءِ مون پوليس وارن جا ڪپڙا
پائي ڇڏيا آهن ۽ هر هنڌ تماشو ڏسڻ لاءِ موجود
هوندو آهيان!
نسخو
ٿري ماءُ پنهنجي انتهائي ڪمزور ۽ بيمار معصوم ٻار
کي هنج ۾ کڻي، ڀر واري ڳوٺ جي صحت مرڪز تي پهتي.
ڊاڪٽر معصوم ٻار کي تپاسي، نسخو لکي ماءُ کي ڏيندي
چيو،
”اھا دوا اسان وٽ ڪونهي.“
ماءُ پنهنجي ڳوٺ موٽڻ بدران بيمار ٻار کي کڻي،
ڊگهو پنڌ ڪري مٺي شهر پهتي ۽ ڊاڪٽر جو لکيل نسخو
ميڊيڪل اسٽور واري کي ڏنائين.
ميڊيڪل اسٽور واري نسخو پڙهي چيو،
”اھا
دوا اسان وٽ ڪونهي.“
ماءُ پريشانيءَ منجهان پڇيو،
”اھا
دوا ڪٿي ملندي؟“
ميڊيڪل اسٽور واري وراڻيو،
”ڊاڪٽر
لکيو آهي ته ٻار کي ماءُ جي ٿڃ جي ضرورت آهي!“
ماءُ پنهنجي هنج ۾ جهليل ٻار طرف ڏٺو.
ٻار ڏانهن ڏسندي ماءُ جي چهري تي موت جهڙي مايوسي
ڦهلجي وئي، ڇو ته بک سبب سندس ٿڃ سُڪي وئي هئي! |