سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

 

صفحو:5

اندرَ جو ٻار

گامونءَ، ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙ جي سامهون، هڪ بيحد اهم ۽ سگهاري شخص تي سخت تنقيد ڪئي ۽ سڀ سچ چئي ڏنو.

بيحد اهم ۽ سگهاري شخص ۾ تنقيد برداشت ڪرڻ جي عادت نه هئي. سچ ٻُڌي کيس سخت ڪاوڙ لڳي ۽ هُو گامونءَ کي ڪرڙين نظرن سان ڏسي، اکين ئي اکين ۾ ڌمڪي ڏئي ھليو ويو.

مون بيحد فڪرمنديءَ سان گامونءَ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، موقعو مهل ڏسي ڳالهائيندو ڪر. اڄ تو تمام سگهاري ماڻهوءَ کي ڪاوڙايو آهي، جيڪو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو!“

گامونءَ سنجيدگيءَ سان چيو، سچ کان وڌيڪ طاقتور ڪو به ناهي!“

چيومانس، تنهنجو موقعي مهل کان سواءِ ڳالهائڻ، مون کي ٻاراڻي حرڪت لڳندي آهي!“

منهنجي ڳالهه ٻُڌي گامون مُرڪي پيو. چيائين، ها، ان ڪري ته منهنجي اندر جو ٻار اڃان زندهه آهي.“

ٿورو ڪاوڙ منجهان چيومانس، آخر تنهنجي اندر جو ٻار ڪڏهن وڏو ٿيندو ۽ ڪڏهن تون عقل کان ڪم وٺندين!؟“

گامونءَ وراڻيو، جنهن ڏينهن اندر جو اهو ٻار وڏو ٿي ويو، ان ڏينهن گامون مري ويندو.“

حيرت مان پڇيم، اندر جو ٻار وڏو ٿيڻ سان گامون ڇو مري ويندو!؟

گامونءَ چيو، سڀ سچ به ته اندر جو اهو ٻار ئي ڳالهائيندو آهي، جيڪو ڪنهن کان به نٿو ڊڄي!“

 

ٽيون دوست

 

نواب کي سرڪاري ڪرسي ملي ته، هن پنهنجن اعتبار جوڳن ٽن دوستن جي ميٽنگ ڪوٺائي ۽ رازداريءَ سان چيو، زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ئي ڪنهن خوشنصيب کي موقعو ملندو آهي ته، هو ٿوري وقت ۾ گهڻو ڪجهه حاصل ڪري ۽ سڄي زندگي آرام سان گذاري!“

ٻن دوستن حسرت سان ٿڌو ساهه کڻي هاڪار سان ڪنڌ لوڏيا ۽ ٻنهي کيس بي دليءَ سان واڌايون ڏنيون. ٽئين دوست ڪوبه ردعمل ظاهر نه ڪيو.

نواب ٽئين دوست جي خاموشيءَ کي نظرانداز ڪري، وڌيڪ رازداريءَ سان چيو، توهان ٽئي منهنجا دوست آهيو. مان چاهيان ٿو ته منهنجي ڪرسيءَ منجهان توهان ٽئي به فائدو حاصل ڪيو.“

ٻن دوستن جون واڇون کُلي پيون. ٽيون وري به خاموش رهيو.

نواب وري به ٽئين دوست جي خاموشيءَ کي نظر انداز ڪري، ڪجهه سوچي چيو، جيڪڏهن توهان منهنجي لاءِ ڪم ڪيو ته مان توهان کي دولتمند ڪري ڇڏيندس.“

هڪ دوست چيو، دولتمند ٿيڻ لاءِ مان توهان جي حڪم جو غلام ٿيڻ لاءِ تيار آهيان.“

ٻئي دوست، پهرين دوست ڏانهن اشارو ڪري هڪدم چيو، دولت خاطر مان اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ به تيار آهيان، جيڪو هي نه ڪري سگهندو...“

نواب ٽئين دوست ڏانهن ڏسي پڇيو، تون ڇو چپ آهين؟

ٽئين دوست وراڻيو، مان ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ ۾ دعا جا هَٿَ کڻڻ چاهيان ٿو. اهو چئي ٽئين دوست دعا لاءِ هٿ کنيا ته نواب ۽ ٻن دوستن به دعا گهري.

دعا کان پوءِ ٽئين دوست، نواب ۽ ٻن دوستن ڏانهن ڏسندي چيو، مان هن ميٽنگ ۾ آخر تائين فقط ان ڪري ويٺو هئس ته، مون کي توهان ٽنهي سان، توهان جا ضميرَ مري وڃڻ جي تعزيت ڪرڻي هئي!“

اهو چئي ٽيون دوست اٿي هليو ويو.

انهيءَ ٽئين دوست جو نالو گامون هو.

 

وتايو، گامون ۽ ٽيون شخص

 

بادشاهي درٻار جي ٻاهران کوڙيل خيمي ۾ شعر و شغل کاتي جو وزير ويٺو هو. سندس خيمي جي ٻاهران تمام ڊگهي قطار ۾ ڪيترائي شاعر، قصه گو، ناٽڪ نويس، محقق ۽ تاريخ نويس بيٺا هئا. انهن سڀني جي هٿن ۾ درخواستون هيون ۽ اهي سڀئي هڪ ٻئي کي اڻ وڻندڙ نظرن سان ڏسي رهيا هئا. خيمي جي ٻاهران بيٺل دربانَ، شعر و شغل کاتي جي وزير کي فرشي سلام ڪرڻ ۽ درخواست پيش ڪرڻ لاءِ، ڊگهي قطار ۾ بيٺل قلمڪارن کي واري واري سان خيمي ۾ اندر پئي موڪليو.

قلمڪارن جي ڊگهي قطار کان ٻاهر هڪ اهڙو قلمڪار بيٺو هو، جيڪو ڪنهن مهل قطار ۾ بيٺل قلمڪارن ڏانهن ڏسي ٽهڪَ ڏئي رهيو هو ته، ڪنهن مهل رڙيون ڪري روئي رهيو هو!

وتائي اهو لڪاءُ ڏٺو ته هن خيمي جي ٻاهران بيٺل دربانَ کان وڃي پڇيو، اهي سڀ قلمڪار شعر و شغل کاتي جي وزير کي ڇاجيون درخواستون ڏيڻ لاءِ بيٺا آهن؟“

دربان وراڻيو، اهي سڀ قلمڪار تمغي جا طلبگار آهن. هرڪو چاهي ٿو ته وزير باتدبير، بادشاهه سلامت کي سفارش ڪري کيس بادشاهي تمغو عطا ڪرائي.“

وتائي حيرت سان قلمڪارن جي قطار ڏانهن ڏٺو.

دربان پڇيو، تون به ڪو قلمڪار آهين ڇا؟“

وتائي وراڻيو، نه. منهنجو نالو وتايو آهي ۽ قطار ۾ بيٺل اهي قلمڪار منهنجي گفتن کي مشڪري سمجهندا آهن!“

دربان رازداريءَ سان چيو، لمڪارن جي چوغي ۾ ڪيترائي ماڻهو اصل ۾ پاڻ مشڪرا هوندا آهن. چاهين ته تون به بادشاهي تمغي لاءِ درخواست داخل ڪرائي سگهين ٿو.“

وتائي وراڻيو، فقيرن کي تمغي جي طلب ناهي هوندي.“

وتايو ڪجهه فاصلي تي پيل خالي بينچ تي وڃي ويهي رهيو ۽ سوچَ ۾ پئجي ويو.

اوچتو گامون اچي وتائي جي ڀرسان ويٺو.

وتائي هڪ نظر بادشاهي طمغي جي طلبگار قلمڪارن جي قطار کان ٻاهر بيٺل اڪيلي قلمڪار ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ گامونءَ ڏانهن ڏسندي پڇيو، اهو قلمڪار ٽهڪَ به ڏئي ٿو ته رڙيون ڪري روئي به ٿو. اها ڪهڙي ماجرا آهي؟

گامونءَ وراڻيو، اِهو قلمڪار ٽهڪَ بادشاهي طمغي جي طلبگار قلمڪارن ڏانهن ڏسي پيو ڏئي ۽ روئي ديس جي دردن سبب احتجاج خاطر ٿو.“

وتائي ڪنڌ ورائي هڪ ئي وقت کِلندڙ ۽ روئندڙ قلمڪار ڏانهن ڏٺو ته گامونءَ چيو، اِهو اُهو قلمڪار آهي، جنهن بادشاهي تمغو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي!“

وتائي مُرڪي وراڻيو، فقيرن جيان اهو قلمڪار به تمغي جو تمنائي ناهي ته، پڪ سان اهو بي تاج بادشاهه آهي!“

 

ٻيا ماڻهو

 

گامونءَ کان پڇيم، مان سدائين ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ڇو آھيان، منهنجي زندگيءَ جون مشڪلاتون ختم ڇو نٿيون ٿين؟

گامونءَ ٿورو ڪاوڙ منجهان مون ڏانهن ڏسندي چيو، انهيءَ جو قصوروار تون پاڻ آهين!“

حيرت سان وراڻيم، مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن جي سزا ختم ئي نٿي ٿئي پر اها سزا منهنجي زندگيءَ سان گڏ جاري رهي ٿي!؟

گامونءَ منهنجي ڇاتيءَ تي آڱر رکي تلخيءَ سان چيو، تو سدائين عهديدار کي ليڊر سمجهيو آهي. اها ئي تنھنجي سڀ کان وڏي غلطي آهي!“

مون کي گامونءَ جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.

مان سوچَ ۾ پئجي ويس.

گامونءَ مون کي خاموش ڏسي چيو، جنھن ڏينھن تو عهديدار ۽ ليڊر جي فرق کي سمجهي ورتو، انهيءَ ڏينهن تنهنجي تقدير بدلجي ويندي. تون ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي زنجيرن منجهان آزاد ٿي ويندين.“

ڪجهه سوچي پڇيم، ليڊر ۽ عهديدار ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي؟

گامونءَ لفظن تي زور ڏيندي چيو، ليڊر پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو آهي، جڏهن ته عهديدار فقط ڪرسيءَ تي ويٺو هوندو آهي ۽ فيصلا ڪي ٻيا ماڻهو ڪندا آهن.

 

شڪاري

 

گامونءَ هرڻ جو شڪار ڪرڻ ۽ هرڻ کي ڪُهڻ جي وڊيو فيس بڪ تي ڏٺي ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. گامونءَ هرڻ جي درد کي پنهنجي دل ۾ محسوس ڪيو ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهي پيا.

گامونءَ گيم انسپيڪٽر کي شڪاريءَ خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي درخواست ڏني پر گيم انسپيڪٽر شڪاريءَ خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي.

گامون شڪاريءَ ۽ گيم انسپيڪٽر خلاف رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتو ته، گامونءَ جي ڳالهه ٻُڌي صوبيدار ٽهڪ ڏيئي چيو، سڄي ملڪ ۾ روز ڪيترائي ماڻهو ماريا وڃن ٿا، انهن مارجي ويل انسانن مان به ڪيترن جي رپورٽ ئي داخل نٿي ٿئي. تون وري هرڻ کي مارڻ جي دانهن کڻي آيو آهين!“

گامونءَ حيرت ۽ ڏک سان وراڻيو، هرڻ انهن جانورن ۾ شامل آهي، جن جي شڪار تي اسان جي ملڪ ۾ بندش آهي.“

ٿلهي پيٽ واري صوبيدار اوڳرائي ڏيندي چيو، هرڻ جو مزيدار گوشت کائي ڏسين ته خبر پوئي. اهي بندشون مڙئي سرڪاري ڪاغذن ۾ هونديون آهن!“

گامونءَ شڪاريءَ، گيم انسپيڪٽر ۽ صوبيدار خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو.

گامون عدالت کان گهر ڏانهن واپس وڃي رهيو هو ته، سندس موبائيل فون تي ڪنهن نئين نمبر تان ڪال آئي. ڪال ڪندڙ کيس ڌمڪي ڏيندي چيو، شڪار جو شوق ته اسان ضرور پورو ڪنداسين، پوءِ هرڻ جو شڪار ڪيون يا ماڻهو ماريون. ياد رکجانءِ ته جيڪڏهن اسان ماڻهوءَ جو شڪار شروع ڪيو ته، اسان جو سڀ کان پهريون شڪار تون ئي هوندين.“

گامونءَ بنا خوف جي سڪون سان وراڻيو، مون کي هر دور ۾ هيسائڻ، دٻائڻ ۽ مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر گامون هر دور ۾ موجود هوندو آهي ۽ سچ ڳالهائيندو رهندو آهي!“

 

شرم

 

گامونءَ جون اکيون ڳاڙهيون هيون. سخت ڪاوڙ منجهان چيائين، تو سچ لکڻ بند ڪري سٺو ناهي ڪيو!“

وراڻيم، منهنجي سچ لکڻ سان ماڻهن کي ڪاوڙ ٿي لڳي!“

چيائين، اهو تنهنجو مسئلو ناهي. اهو انهن ماڻهن جو مسئلو آهي، جن کي سچ نٿو وڻي.“

چيم، سچ لکي ماڻهن کي ڪاوڙائي، مان تو جيان پنهنجا دشمن پيدا نٿو ڪرڻ چاهيان.“

چيائين، ڪُوڙ تي واهه واهه ڪندڙ ماڻهو ڪڏھن به تنهنجا دوست نه ٿي سگهندا، اهي فقط پنهنجي مفادن جا دوست هوندا آهن.“

وراڻيم، ها، مڃان ٿو ته تنھنجي ڳالهه سئو سيڪڙو سچ آهي!“

گامونءَ غور سان منهنجي مُنهن ۾ ڏسندي چيو، خسيس مفادن خاطر سچ نه لکڻ کان پوءِ، تو آئيني ۾ پنهنجو مُنهن ڏٺو آهي؟

چيم، نه.“

گامونءَ آئينو کڻي منهنجي سامھون جهليو.

مون آئيني ۾ پنهنجو مُنهن ڏٺو ۽ پنهنجي چهري تي ندامت جا آثار ڏسي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيم.

گامونءَ پڇيو، ڪنڌ ڇو هيٺ ڪري ڇڏيئي؟

وراڻيم، "مون کي پنهنجي شڪل نٿي وڻي!"

چيائين، تنهنجو ضمير اڃا زندهه آهي، تڏهن ته سچ نه لکي سگهڻ کان پوءِ توکي پنهنجي شڪل نٿي وڻي!“

مون ڪو به جواب نه ڏنو. ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو رهيس.

گامونءَ چيو، ڪنڌ ڇونه ٿو مٿي ڪرين؟

مان خاموش رهيس. منهنجو ڪنڌ جُهڪيل ئي رهيو.

گامون ڪجهه دير مون ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ڪاوڙ منجهان چيائين، جيڪو ليکڪ سچ نه لکي سگهي، ان کي ٻُڏي مرڻ گهرجي!“

مون ڪو به جواب نه ڏنو.

گامونءَ پڇيو، ڪنڌ ڇو نٿو مٿي ڪرين؟

ڪنڌ مٿي ڪرڻ کان سواءِ چيم، مان شرم ۾ ٻڏي ويو آهيان.

 

انتظار حسين جون اکيون

 

صبح جو گامون ضروري ڪم لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتو ته، وبا جي ڏينهنِ سبب سڄي گهٽي ويران هئي پر انتظار حسين پنهنجي گهرَ جي دِڪيءَ تي انتظار جي حالت ۾ ويٺل هو. گامون ٽن ڪلاڪن کان پوءِ واپس آيو، تڏهن به انتظار حسين پنهنجي گهرَ جي دِڪيءَ تي ساڳئي حالت ۾ ئي ويٺل هو.

منجهند جو گامونءَ گهرَ کان ٻاهر ليئو پائي ڏٺو ته، وبا جي ڏينهنِ سبب سڄي گهٽي ويران هئي پر انتظار حسين پنهنجي گهرَ جي دِڪيءَ تي انتظار جي حالت ۾ ويٺل هو.

شام جو گامون ضرورت جو سامان وٺڻ لاءِ گهر کان ٻاھر نڪتو ته، وبا جي ڏينهنِ سبب سڄي گهٽي ويران هئي پر انتظار حسين پنهنجي گهرَ جي دِڪيءَ تي انتظار جي حالت ۾ ويٺل هو.

رات جو گامون پَسار ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاھر نڪتو ته، وبا جي راتين سبب سڄي گهٽي ويران هئي پر انتظار حسين پنهنجي گهرَ جي دِڪيءَ تي انتظار جي حالت ۾ ويٺل هو!

گامون روز صبح، منجهند، شام ۽ رات جو انتظار حسين کي ساڳئي انتظار واري حالت ۾ ويٺل نظر ايندو رهيو.

ڪيترائي ڏينهن گذري ويا پر انتظار حسين جو انتظار ختم نه ٿيو!

هڪ ڏينهن گامونءَ، انتظار ڪندڙ انتظار حسين جي ڀرسان وڃي کائنس پڇيو، انتظار حسين، تون ڪيترن ڏينهن کان لڳاتار ڪنهن جو انتظار پيو ڪرين؟

انتظار حسين ڊگهو ساهه کڻي، خشڪ ٿي ويل چپن سان وراڻيو، مان پنهنجي ليڊر جو انتظار پيو ڪيان!“

گامونءَ حيرت سان پڇيو، ڇو پيو ليڊر جو انتظار ڪرين!؟

انتظار حسين ڏرا ڏئي ويل اکين سان اڳ ۾ گهٽيءَ جي ٻنهي پاسي نهاريو ۽ پوءِ هن گامونءَ ڏانهن ڏسندي چيو، ووٽ وٺڻ مهل ليڊر مون سان واعدو ڪيو هو ته، هر مشڪل وقت ۾ هُو مون سان گڏ هوندو!“

گامونءَ پڇيو، ڇا ووٽ وٺي وڃڻ کان پوءِ، ليڊر وري ڪڏهن توسان ملڻ آيو آهي؟

انتظار حسين ناڪار سان ڪنڌ لوڏي وراڻيو، نه، انهيءَ کان پوءِ ته مون هن کي ڏٺو به ناهي. هاڻي ته انتظار ۾ منهنجيون اکيون پٿر ٿي ويون آهن!“

گامونءَ پڇيو، توکي خبر آهي ته تنهنجيون اکيون پٿر جون ڇو ٿي ويون آھن؟

انتظار حسين انڪار سان ڪنڌ لوڏيو.

گامونءَ غور سان انتظار حسين جي اکين ۾ ڏسندي چيو، انتظار حسين، تنهنجيون اکيون ان ڪري پٿر جون ٿي ويون آهن، جو تنهنجي ليڊر جي دل پٿر جي آهي!“

 

دشمنن جي شهر ۾

 

شهر واسي سچ ٻُڌڻ جا عادي نه هئا پر گامونءَ کي سچ ڳالهائڻ جي عادت هئي.

گامون سچ ڳالهائيندو رهيو.

شهر ۾ سندس دشمنن جو تعداد وڌندو رهيو.

کيس چيم، سچ ڳالهائڻ ڇڏي ڏي، نه ته مارجي ويندين!“

چيائين، مان سچ ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندس ته مري ويندس!“

چيومانس، ته پوءِ ڪنهن ٻئي شهر وڃي سچ ڳالھاءِ. هن شهر جا سڀ ماڻھو تنهنجا دشمن ٿي چڪا آهن!“

گامون پنهنجي شهر مان لڏي ٻئي شهر هليو ويو.

ڪجهه عرصي کان پوءِ هو واپس موٽي آيو.

پڇيومانس، واپس ڇو موٽي آئين؟

گامونءَ وراڻيو، جنهن شهر ۾ لائبريري، باغ ۽ راندين جو ميدان نه هجي، انهيءَ ۾ رهڻ کان دشمنن جي شهر ۾ رهڻ وڌيڪ بهتر آهي!“ 

ڪتا

ٻار کي ڇِتي ڪتي چڪ پاتو ته غريب ماءُ پنهنجي معصوم ٻار کي کڻي سرڪاري اسپتال پهتي. کيس چيو ويو، اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ جي ويڪسين موجود ناهي.“

ماءُ پريشانيءَ منجهان پڇيو، ڪٿان ملندي ويڪسين؟

کيس چيو ويو، اسپتال جي ٻاهران ميڊيڪل اسٽور تي ملندي.“

پريشان ماءُ ننڍڙي ٻار کي سيني سان لائي ميڊيڪل اسٽور تي پهچي ويڪسين جي گُهر ڪئي پر ويڪسين جي قيمت ٻُڌي، مسڪين ماءُ جو ساهه سُڪي ويو. بيوس ماءُ مايوس ٿي، ٻار کي گهر واپس کڻي وئي.

هر گذرندڙ ڏينهن سان ٻار جي حالت خراب ٿيندي رهي.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻار مري ويو ته ماءُ، ٻار جو لاش کڻي احتجاج ڪيو.

رستي تان گذرندڙ گامونءَ، ڏکويل ماءُ جي ويجهو پهچي پڇيو، تنهنجو ٻار ته مري ويو، هاڻي ڇو پئي احتجاج ڪرين!“

ماءُ هٿن ۾ جهليل پنهنجي ٻار جي لاش ڏانهن ڏسندي، سُڏڪو ڀري چيو، مون کي ٻُڌايو وڃي ته، ڪتي جي چَڪَ جِي ويڪسين جا سرڪار طرفان ملندڙ پئسا ڪيڏانهن ٿا وڃن!؟

گامونءَ افسوس سان وراڻيو، اهي پئسا وڏا ڪتا کائي ٿا وڃن....!“

انهيءَ مهل اوچتو ڪٿان ڪتو ڀونڪيو ته، مري ويل ٻار جي ماءُ ڇرڪي پئي ۽ هن دهشت منجهان رڙ ڪري پڇيو، ڪتا مار مهم جا پئسا ڪيڏانهن ٿا وڃن!؟

گامونءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو، اهي پئسا وري ننڍا ڪتا کائي ٿا وڃن... !“

امرتا جي ماءُ

گامون شهر جي چوواٽي تي بيهي هجوم جي سامهون احتجاج ڪندي چئي رهيو هو، هاسٽل ۾ مارجي ويل شاگردياڻي امرتا جي موت جي جاچ کان اڳ ۾، درسگاهه جِي سڄي انتظاميه کي عهدن تان هٽايو وڃي!“

انتظاميه جي همدرد هڪ شخص سخت ڪاوڙ منجهان پڇيو، درسگاهه جي انتظاميه ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي!“

گامونءَ رڙ ڪري چيو، اصل مجرم کان وڏو ڏوهاري اهو هوندو آهي، جيڪو ڏوهه کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. درسگاهه جي انتظاميه پنهنجي نااهليءَ کي لڪائڻ لاءِ ڪَکَ رکڻ ٿي چاهي. انتظامه شاگردياڻيءَ جو خون لوڙهڻ ٿي چاهي!“

هجوم ۾ موجود هڪ ڏکويل عورت اوچتو گامونءَ ڏانهن وڌي آئي ۽ کيس چتائي ڏسندي پڇيائين، انتظاميه خلاف احتجاج ڪري تون پاڻ کي خطري ۾ ڇو ٿو وجهين!؟

گامونءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو، ڏاڍ خلاف آواز نه اٿاري سگهجي ته ٻُڏي مرجي!“

عورت گامونءَ جا هٿ جهلي چيو، تنهنجي جذبي کي ڏسي مون کي پڪ ٿي ويئي آهي ته امرتا جون خون نه لُڙهندو.“

گامونءَ حيرت سان پڇيو، توهان ڪير آهيو؟

گامونءَ جي سوال تي عورت جون اکيون آليون ٿي ويون. تمام وڏو ساهه کڻي، انتهائي ڪَرب سان چيائين، مان امرتا جهڙين سڀني ڇوڪرين جي ماءُ آهيان!“

گامون جي اکين منجهان ٻه لڙڪ ٽميا ۽ ڏکويل عورت جي پيرن تي وڃي ڪِريا.

 

ٽارچر سيل

 

اظهار جي آزاديءَ تي پابندي لڳي ته، گامون ڪاوڙ منجهان ٽڀي باهه ٿي ويو. هن بندش جي باوجود سچ ڳالهائڻ بند نه ڪيو.

ڪجهه ماڻهو آيا ۽ گامونءَ جون اکيون ٻَڌي، کيس کنڀي کڻي ويا. ڊگهي سفر کان پوءِ، انهن گامونءَ کي پنهنجي صاحب جي اڳيان پيش ڪيو.

صاحب گامونءَ کي سمجهائيندي چيو، سچ ڳالهائڻ نه ڇڏيندين ته مارجي ويندين!“

گامونءَ ڊگهو ساهه کڻي چيو، مان سچ نه ڳالھائيندس ته مري ويندس!“

صاحب گامونءَ کي وارننگ ڏئي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. صاحب جا ماڻهو گامونءَ جي اکين تي پٽي ٻَڌي کيس سندس شهر جي ٻاهران ڦٽي ڪري ويا. گامونءَ پنهنجي اکين تان پَٽي لاهي ڦٽي ڪئي ۽ شهر ۾ داخل ٿيڻ سان ئي، اڳي کان وڌيڪ ڪَڙو سچ ڳالهائڻ شروع ڪيو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شهر منجهان گامون گم ٿي ويو.

ٽارچر سيل ۾ سخت تشدد کان پوءِ گامونءَ جي زبان وڍي وئي. زبان وڍيندڙ گامون جي زبان کڻي ٽارچر سيل جو دروازو بند ڪري رهيا هئا ته، گامونءَ ٻيهر ڳالهايو، توهان منهنجي زبان ته وڍي سگهو ٿا پر تڏهن به مون کي سچ ڳالهائڻ کان روڪي نٿا سگهو!“

گامونءَ جي زبان ٻيهر وڍي وئي ته گامونءَ وري به ڳالھايو، توهان ڪڏهن به مون کي سچ ڳالهائڻ کان نه روڪي سگهندئو!“

گامونءَ جي زبان ڪيترائي ڀيرا وڍي وئي پر هو ڳالھائيندو ئي رهيو. ٽارچر سيل جي انچارج پنهنجي صاحب کي رپورٽ ڪئي، گامونءَ وٽ بيشمار زبانون آهن. انهن سڀني زبانن کي وڍڻ ناممڪن آهي!“

صاحب پنهنجي باس کي رپورٽ موڪلي، جنهن ۾ لکيل هو، گامونءَ کي آزاد ڪرڻ ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي، ڇوته اڄ جي دؤر ۾ زبان بندي ممڪن ناهي!“

گامون اڃان به ٽارچر سيل ۾ موجود آهي ۽ سچ ڳالهائي رهيو آهي!

 

جيئري مري ويل ماڻهو

 

ٻيانوي سالن جو اهو ٻڍڙو شخص، ٻن سالن کان پوءِ انهيءَ ساڳئي دڪان تي ويو، جتان هن نوي سالن جي عمر ۾ هڪ ڪفن خريد ڪيو هو.

دڪان تي اڳ ۾ ئي ڪجهه گراهڪ موجود هئا، تڏهن به دڪاندار نئين آيل پوڙهي گراهڪ ڏانهن مُرڪي ڏٺو ۽ چيو، اڳتي هليا اچو سائين. ڇا کپي؟

پوڙهو پوئتي ئي بيهي رهيو. کنگهندي چيائين، توهان گراهڪن منجهان واندا ٿي وٺو. مون کي تڪڙ ناهي.“

دڪاندار ٻين گراهڪن سان مصروف ٿي ويو ۽ پوڙهو شخص پنهنجي لَٺِ هٿ ۾ جهلي، پاسي تي پيل اسٽول تي ويهي رهيو.

دڪاندار آخري گراهڪ کي سامان ڏئي واندو ٿيو ته، هن پوڙهي ڏانهن ڏسي چيو، حڪم ڪيو سائين، توهان کي ڇا کپي؟

پوڙهو شخص اڳ ۾ کنگهيو ۽ پوءِ پنهنجي لَٺِ جي سهاري سان اٿيو ۽ ڪائونٽر وٽ پهچي چيائين، مون کي خريد ته ڪجهه ناهي ڪرڻو پر ڪجهه کپائڻو آهي!“

دڪاندار ناگواريءَ سان وراڻيو، اسان هول سيل مارڪيٽ منجهان مال خريد ڪندا آهيون. رستي ويندڙن کان ڪجهه ناهيون وٺندا.“

پوڙهي شخص پنهنجي ڪلهي تان بوڇڻ لاهي، بوڇڻ ۾ ٻَڌل ڳنڍ کولي ۽ هڪ اڇو ڪپڙو ڪڍي ڪائونٽر تي رکندي چيو، ٻه سال اڳ هي ڪفن مون توهان جي ئي دڪان تان خريد ڪيو هو.“

دڪاندار حيرت سان پڇيو، ڪنهن جي لاءِ خريد ڪيو هو توهان اِهو ڪفن؟

پوڙهي شخص وراڻيو، مون هي ڪفن پنهنجي لاءِ خريد ڪري رکيو هو.“

دڪاندار مُرڪي، طنز سان چيو، مرڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو اَٿَوَ ڇا؟

پوڙهي شخص تمام ڊگهو ساهه کڻي وراڻيو، فلحال ته مهانگائيءَ اسان غريبن کي جيئري ماري ڇڏيو آهي!“

دڪاندار ڪفن جي ڪپڙي کي کولي، چڱيءَ طرح جاچي ڏٺو. ڪفن کي پاڻ وٽ رکي، هن ڪجهه نوٽ ڪڍي پوڙهي شخص کي ڏنا.

ٻيانوي سالن جو اهو ٻُڍڙو شخص ڏڪندو، پنهنجي لَٺِ جي سهاري سان ڪفن واري دڪان تان هيٺ لٿو ۽ پوءِ هو دال، چانور ۽ اٽو خريد ڪرڻ لاءِ، ڪفن واري دڪان جي ڀرسان ئي موجود ٻئي دڪان ۾ اندر هليو ويو.

 

ڪفن موٽائي ڏيو

 

ٻيانوي سالن جو اهو ٻڍڙو شخص پنهنجي لاءِ ٻيو ڀيرو ڪفن خريد ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو، جنهن پهريون ڀيرو پنهنجي لاءِ خريد ڪري رکيل ڪفن، بک مرڻ کان بچڻ لاءِ واپس ڪري ڇڏيو هو!

انهيءَ ٻڍڙي شخص ٻن سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصو پهرين پنهنجي لاءِ ڪفن خريد ڪري رکيو هو. ڪجهه مهينا اڳ جڏهن انهيءَ پوڙهي ماڻهوءَ وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، تڏهن هن ساڳئي دڪان تي ڪفن واپس ڪري وڃي دال، چانور ۽ اٽو خريد ڪيو هو.

ڪفن دفن جي سامان واري انهيءَ دڪان تي ڪجهه نه ڪجهه گراهڪ ته اڳي به هر وقت موجود هوندا هئا پر وبا جي ڏينهنِ ۾، هاڻي انهيءَ دڪان تي ڪفن خريد ڪندڙن جي وڌيڪ رش هئي.

ٻيانوي سالن جي ٻڍڙي ماڻهوءَ کي لٺ جي سهاري تي بيهي پنهنجي واري جو ڪيتري دير تائين انتظار ڪرڻو پيو. جڏهن سندس وارو آيو ته، ماسڪ پاتل دڪاندار پوڙهي ڏانهن ڏسندي چيو، جلدي ٻڌايو سائين، توهان کي ڇا کپي؟

پوڙهو شخص ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ ۾ ٿورو کنگهيو ته، دڪاندار ڇرڪي پوئتي ٿي ويو. ٻڍڙي جي پٺيان پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيٺل ماڻهن ۾ پوڙهي شخص جي کنگهڻ سبب پريشاني ۽ بيچيني پکڙجي وئي.

دڪاندار پري کان ئي تڪڙ ۾ وري پڇيو، جلدي ٻڌايو ڇا کپي؟

پوڙهي شخص پنهنجي ڪلهي تان بوڇڻ لاهي، بوڇڻ جي ڪُنڊ ۾ ٻَڌل ڪجهه نوٽ ڪڍيا ۽ کنگهندي چيو، مان ٻه سال اڳي پنهنجي لاءِ خريد ڪيل ڪفن ڪجهه مهينا اڳ ۾ موٽائي ڏئي ويو هئس. مون کي اهو ڪفن واپس گهرجي.“

دڪاندار بيزاريءَ ۽ ڪاوڙ منجهان وراڻيو، خبر ئي نٿي پوي ته توکي مرڻو به آهي يا ناهي مرڻو.... !“

پوڙهي شخص وڏا ساهه کڻندي چيو، سرڪار پاران امداد ۾ ملندڙ رقم وٺڻ لاءِ رش ۾ وڃي ڦاٿو هئس. چيڀاٽجي اڌ مئو ته اتي ئي ٿي پيو هئس، هاڻي وري بخار سان گڏ ساهه مُنجهڻ لڳو آهي!“ ٻيانوي سالن جي ٻڍڙي شخص مُٺ ۾ پيل نوٽَ ڪائونٽر تي رکندي پنهنجي ڳالهه جاري رکي، لڳي ٿو ته اها امدادي رقم منهنجو سِرُ کڻندي. سرڪاري امداد جا هي پئسا توهان کڻو ۽ مون کي منهنجو ڪفن موٽائي ڏيو.... !“

 

ڪفن جا ٽڪرا

 

ٽيانوي سالن جو پوڙهو شخص هڪ هٿ ۾ کاڌي جي سامان جو ٿيلهيون کڻي، ٻئي هٿ ۾ جهليل لٺ جي سهاري سان هلندو گهر ۾ داخل ٿيو ته، هو پنهنجي ٻيانوي سالن جي پوڙهِي زال ڏانهن ڏسي حيران ٿي ويو. گهر پهتل سهڪندڙ پوڙهو در جي ڀرسان ئي بيهي حيرت منجهان زال ڏانهن ڏسندو رهيو. ٿَڪ ۽ سهڪي سبب هو ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو ته، خاموشيءَ سان آهستي آهستي هلندو اڱڻ ۾ وڻ جي هيٺان پيل کٽ تي وڃي ويهي رهيو.

سخت گرميءَ ۾ ڊگهو پنڌ ڪري گهر پهچڻ سبب پوڙهي شخص جا ڪپڙا مڪمل طور تي پگهر ۾ آلا ٿي ويا هئا. پگهريل جسم سان چنبڙيل ململ جي اڇي رنگ واري قميص منجهان سندس هڏِين جِي مُٺ جهڙو ڏٻرو جسم نظر اچي رهيو هو. کٽ تي ويهڻ کان پوءِ به سندس سهڪو گهٽ نه ٿيو. وات سان ڊگها ساهه کڻڻ ڪري هن جو سينو هيٺ مٿي ٿي رهيو هو ۽ سندس ڪنڌ جون رڳون ڇڪجي رهيون هيون.

کٽ جي ڀرسان فرش تي ويٺل پوڙهي عورت اٿي. هن گھڙا منجيءَ تي رکيل گلاس کڻي گهڙَي ۾ وڌو ۽ پاڻيءَ جو گلاس ڀري اچي مڙس جي هٿ ۾ ڏنائين. پوڙهي مڙس ڏڪندڙ هٿ سان گلاس ورتو. هن ڪجهه پاڻي پيتو ۽ ڪجهه هٿ جي ڏڪڻيءَ سبب سندس پگهر هاڻن ڪپڙن تي هارجي پيو.

پوڙهيءَ مڙس جي ڀرسان کٽ تي پيل سيڌي جي سامان جون ٿيلهيون کڻي چلهه جي ڀرسان رکيون ۽ موٽي اچي وري فرش تي ويهي هن ڪئنچي کنئي.

مڙس اُڀ ساهيءَ سبب ڊگها ڊگها ساهه کڻندي حيرت سان چيو، مان ته پنهنجي لاءِ رکيل ڪفن وڪڻي سيڌو وٺي آيو آهيان. تو چيو هو ته بک مري ويندينءَ پر تون پنهنجي لاءِ خريد ڪري رکيل ڪفن نه کپائيندينءَ، پوءِ تو پنهنجي ڪفن کي ٽڪرا ٽڪرا ڇو ڪري ڇڏيو آهي؟ !“

عورت پنهنجي ڪفن جي بچيل باقي ڪپڙي تي ڪئنچي هلائيندي وراڻيو، منهنجي هِڪڙي ڪفن منجهان کوڙ ماسڪ ٺهي پوندا.“

مڙس جي نرڙ تي گهنج پئجي ويا. وڏا ساهه کڻندي وڌيڪ حيرت سان پڇيائين، وڃين ته ڪيڏانهن ڪونه ٿي. ڇا ڪندينءَ ايڏا ماسڪ؟

پوڙهي عورت ٿلهن شييشن وارِي نظر جِي عينڪ پائي، سئيءَ ۾ ڌاڳو وڌو ۽ پوءِ ڪفن جي ٽُڪرن منجهان هڪ ٽڪرو کڻي ماسڪ سبندي چيو، هڪ ماسڪ تون پائجانءِ، ٻيا سڀئي ورهائي ڇڏينديس. متان ڪو ماڻهو منهنجي ڪفن منجهان ٺاهيل ماسڪ پائڻ سبب وبا ۾ مرڻ کان بچي پوي!“

پوڙهو شخص زال جي ڳالهه ٻُڌي، سڌو ٿي کٽ تي ليٽي پيو ۽ سندس ساهه جو پکي پرواز ڪري ويو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com