سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

 

صفحو:4

احتجاج

اوچتو رت جي بوءِ محسوس ٿي ته مون گهر کان ٻاهر نڪري ڏٺو. منهنجي گهر تي رت جا ڇنڊا لڳل هئا ۽ گهر جو رستو به رت سان ريٽو ٿيل هو.

مان پاڙي جي ٻين گهٽين ڏانهن ويس. پاڙي جون سڀ گهٽيون رت هاڻيون هيون.

مان شهر ۾ نڪري پيس. شهر جا سڀ رستا رت ۾ ٻُڏل هئا.

مان انسانيت جي قتل جِي ايف آئي آر ڪٽرائڻ لاءِ پوليس اسٽيشن تي پهتس پر منهنجي فرياد داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو.

مان شهر جي پوليس چيف وٽ ويس ۽ کيس چيم، شهر ۾ انسانيت جو قتل ٿيو آهي، پر منهنجي ايف آئي آر نٿي داخل ڪئي وڃي!“

پوليس چيف پڇيو، تو وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته انسانيت جو قتل ٿيو آهي؟

چيم، منهنجي شهر جا سڀ رستا رت سان ڳاڙها ٿيل آهن!“

پوليس چيف وراڻيو، هن شهر جا رستا ته گهڻي وقت کان ڳاڙها آهن. اها ڪا نئين ڳالهه ناهي!“

پوليس چيف کان مايوس ٿي مون احتجاج ڪيو ۽ شهر جي اهم شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيس.

وقت جو حڪمران مون وٽ پهتو ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ چيائين.

وراڻيم، شهر ۾ انسانيت جو قتل ٿيو آهي، پر پوليس چيف منهنجي ڳالهه ٻُڌڻ لاءِ تيار ناهي. جيسين انسانيت جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويندو، تيسين منهنجو احتجاج جاري رهندو.“

حڪمران پڇيو، ڪنهن جي خلاف ڪارروائي ڪيون؟

چيم، انهن سڀني رت پياڪ جانورن جي خلاف، جن کي هن شهر ۾ داخل ٿيڻ کان نه روڪيو ويو ۽ هاڻي انهن منهنجي شهر جي رستن جو رنگ ڳاڙهو ڪري ڇڏيو آهي!“

 

متحرڪ ماڻهو

 

اڇي رنگ جا ڪپڙا پهريندڙ متحرڪ ماڻهو روز صبح جو گهر کان نڪرندو هو. رات جو گهر واپس پهچندو هو ته، اڌ رات تائين ڪتاب ۽ اخبارون پڙهندو هو. بستري تي سمهڻ کان پوءِ، ننڊ اچڻ تائين لڳاتار ڪجهه سوچيندو رهندو هو.

هڪ ڏينهن صبح جو هو گهر کان ٻاهر نڪتو ته، هڪ ئي رنگ جا ڪپڙا پهريل ڪجهه ماڻهو هن کي کنڀي کڻي ويا.

هو ڪيترن ڏينهن تائين گم رهيو ۽ پوءِ هڪ رات هن کي کڻي ويندڙ ماڻهن سندس اکين تي پٽي ٻڌي، کيس شهر جي ويران رستي تي ڇڏي ڏنو. هو واپس پنهنجي گهر موٽي آيو.

متحرڪ ماڻهو غير متحرڪ نه ٿيو.

هڪ ڏينهن هو پنهنجي شهر جي رستي تان وڃي رهيو هو ته، ٻي رنگ جا ڪپڙا پهريل ڪجهه ماڻهو هن کي کنڀي کڻي ويا.

هو ڪيترن ڏينهن تائين گم رهيو ۽ پوءِ هڪ رات هن کي کڻي ويندڙ ماڻهن سندس اکين تي پٽي ٻڌي، کيس زخمي حالت ۾ ٻئي شهر جي ويران رستي تي ڇڏي ڏنو. هو زخمي حالت ۾ ٻئي شهر کان واپس پنهنجي شهر موٽي آيو.

هن ڪيترن ئي ڏينهن تائين پنهنجي تشدد ٿيل جسم جو علاج ڪرايو ۽ وري متحرڪ ٿي ويو.

هڪ رات هو گهر ۾ ستل هو ته، ٽئين رنگ جا ڪپڙا پهريل ڪجهه ماڻهو زبردستيءَ هن جي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ کيس کنڀي کڻي ويا.

هو ڪيترن ڏينهن تائين گم رهيو ۽ پوءِ هڪ رات هن کي کڻي ويندڙ ماڻهن، کيس سندس شهر کان ٻاهر هائي وي جي ڀرسان ڦٽي ڪري ڇڏيو.

متحرڪ ماڻهوءَ جو جسم غير متحرڪ هو ۽ هن کي اڇي رنگ جي ڪپڙن بدران ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا..

 

دوربين

 

مان هڪ وڏي جبل جي چوٽيءَ تي بيٺو هئس ۽ مون وٽ تمام گهڻو پرتي ڏسڻ واري دوربين موجود هئي.

مون دوربين وسيلي پهاڙ جي ڀرپاسي ۾ موجود انساني آبادين ڏانهن ڏٺو. وڏي پهاڙ جي چئني پاسي بنيادي ضرورتن کي بنا انساني آبادي موجود هئي!

مون پرتي ميداني علائقي ڏانهن نهاريو، جتي هر طرف هيڻن حالن وارا انسان موجود هئا. عورتون پاڻيءَ جي ڳولا ۾ پريشان هيون ۽ انهن جا مٽيءَ هاڻا ٻار انگ اگهاڙا هئا!

مون صحرا طرف نظر ڦيرائي، جتي شڪاري مورن ۽ هرڻن کي ماري رهيا هئا. صحرائي ڳوٺن ۾ معصوم ٻارڙا غذائي کوٽ ۽ بيمارين سبب تڙپي تڙپي مري رهيا هئا!

مون چئني ڏسائن ۾ پنهنجي ديس جي شهرن ڏانهن ڏٺو. سڀني شهرن ۾ بدامني ۽ گندگي ڦهليل هئي. گندگيءَ ۽ ڌپ سبب ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا هئا!

مون پنهنجي پرڳڻي جي گاديءَ واري شهر طرف نهاريو. شهر جي زمين تي قبضا گيرن گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهي، روشنين جي شهر کي ڪنڪريٽ جو جهنگ بڻائي ڇڏيو هو، جنهن ڪري هوائون شهر کان رُسي ويون هيون ۽ شهر واسي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيا هئا!

مون پرڳڻي جي گاديءَ واري شهر کان اڳتي سمنڊ طرف نهاريو. سمنڊ جي گدلي ٿيل ڪناري کان پرتي، ٻيٽن تي ڌارين لاءِ نوان شهر ٺاهڻ لاءِ قبضا ٿي رهيا هئا ۽ ڌرتيءَ ڌڻين کي ٻيٽن جي ويجهو اچڻ کان به روڪيو پئي ويو!

مون پرڳڻي جي گاديءَ واري شهر ۾ موجود حڪمران جي محل ڏانهن ڏٺو. پرڳڻي جي حڪمران ۽ سندس واڳ ڌڻيءَ سميت ڪجهه وزير فقط ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ ٻيا سڀئي وزير، مشير ۽ درٻاري ننڊ پيا هئا!

 

سمنڊ ڪناري روئندڙ ماءُ

 

سمنڊ جي ڪناري تي اُها بيحد حَسين ۽ نوراني چهري واري ٻڍڙي عورت هڪ پٿر مٿان ويٺي روئي رهي هئي.

هن کي ڏسي مون کي پنهنجي امڙ ياد اچي وئي. مان نوراني چهري واري ٻڍڙي عورت جي ڀرسان وڃي، سندس پيرن ۾ ويهي رهيس.

هن هڪ نظر مون ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ وري سمنڊ ڏانهن ڏسندي روئندي رهي.

مون امڙ جهڙي عورت ڏانهن همدرديءَ ۽ محبت سان ڏسندي پڇيو، ڇو پئي روئين امان!؟

هن ڪوبه جواب نه ڏنو. سمنڊ ڏانهن پري ڪٿي ڏسندي رهي ۽ سندس اکين منجهان لڳاتار لڙڪ وهندا رهيا.

مون هن جو هٿ جهلي ڏک ۽ پيار سان وري پڇيو، امڙ، ڇو ٿي روئين تون؟“

امڙ جهڙي عورت ٿڌو ساهه کڻي هڪ نظر مون ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ سمنڊ ڏانهن ڏسندي چيائين، مان پنهنجي ٻچڙن لاءِ پيئي روئان!“

منهنجي دل کي ڌڪ لڳو، اندر منجهان سُور جي سَٽَ اڀري. سوچيم، جنهن ماءُ جا ٻچڙا سمنڊ ۾ گم ٿي وڃن، انهيءَ جو درد ڇا هوندو... امڙ جهڙي پياري عورت جو درد مون پنهنجي اندر ۾ اوتجندي محسوس ڪيو. ڪجهه دير خاموش رهيس ۽ پوءِ پڪ ڪرڻ خاطر پڇيم، تنهنجا ٻار سمنڊ ۾ ٻڏي ويا آهن ڇا؟

هن انڪار سان ڪنڌ لوڏي، آسائتين اکين سان مون ڏانهن ڏسندي چيو، نه، منهنجا ٻچڙا سمنڊ ۾ موجود آهن پر انهن کي بچائڻ جي ضرورت آهي.“

هن جي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي. حيرت سان پڇيم، ڇا مطلب امان!؟

سُڏڪا ڀريندي جواب ڏنائين، سمنڊ ۾ موجود ٻيٽَ منهنجا ٻچا آهن!“

مون حيرت سان پڇيو، تون ڪير آهين امان؟

منهنجي امڙ جهڙي عورت ڏکويل نظرن سان سمنڊ ڏانهن ڏسندي وراڻيو، مان سنڌ آھيان!“

 

وتايو فقير اِن ٽربل

 

وتائي فقير چيو، ٻُڌو اٿم ته ادبي ميلي ۾ تو مون کي فليش فڪشن رائيٽر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي!“

وراڻيم، ها فقير، مون چيو هو ته وتايو فقير سنڌ جو سڀ کان وڏو فليش فڪشن رائيٽر آهي.“

وتايو فقير ڪاوڙجي پيو.

چيم، ناراض ٿيڻ بدران توکي منهنجي مهرباني مڃڻ کپي فقير.“

وتائي حيرت سان پڇيو، ڪهڙي ڳالهه جي مهرباني مڃيان!؟

چيم، انهيءَ ڳالهه جي ته، مون توکي سڀ کان وڏو فليش فڪشن رائيٽر چيو.“

وتائي سخت ڪاوڙ منجهان پڇيو، تو ايئن ڇو ڪيو!؟

چيم، اڄڪلهه جي ليکڪن کي پنهنجي نڪ کان اڳتي ڪجهه به نظر ناهي ايندو. مون به پنهنجي نڪ کان اڳتي نهارڻ جي ڪوشش ڪئي ته، مون کي ٻيو ڪوبه ڪهاڻيڪار نظر نه آيو...“

وتائي منهنجي ڳالهه ڪَٽيندي پڇيو، ته پوءِ تو منهنجو نالو ڇو ورتو؟

وراڻيم، جڏهن مون کي پنهنجي نڪ کان اڳتي ٻيو فليش فڪشن رائيٽر نظر نه آيو ته، پوءِ وري مون تصور جي اک سان ڏٺو ته منهنجي نظر توتي پئجي وئي!“

وتائي فقير جي نرڙ تي گهنج پئجي ويا. فڪرمنديءَ سان چيائين، ۽ تو بنا سوچڻ سمجهڻ جي چئي ڇڏيو ته، وتايو فقير سنڌ جو سڀ کان وڏو فليش فڪشن رائيٽر آهي!“

چيم، ها فقير، حقيقت به اها ئي آهي.“

وتايو وڌيڪ ڪاوڙجي پيو. چيائين، مون کي ڪهاڻيڪار چئي غلط ڪيو تو...!“

وراڻيم، مون غلط ڳالهه ناهي ڪئي!“

وتائي وراڻيو، اڄڪلهه ڪهاڻيڪار سڏرائڻ خطري کان خالي ناهي!“

مون ڪو جواب نه ڏنو. سوچ ۾ پئجي ويس.

وتائي فقير سخت فڪرمنديءَ سان چيو، تو وارو يار جهونو جوڳي پنهنجي هڪ ڪهاڻيءَ جي ڪري مصيبت ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. منهنجيون ته سان ڪيل سڀ ڳالهيون منهنجي ڳچيءَ ۾ پئجي وينديون!“

 

انسان جي آتم ڪٿا

 

ڌرتيءَ تي هر طرف جنگيون، وبائون، بيماريون، آفتون ۽ مصيبتون پکڙجي ويون. چئني ڏَسائن ۾ ڪٿي به سڪون واري ماڳ جو ڏَسُ نه پئي مليو. اهڙي ڪنهن ماڳ جو ڏَسُ پَتو نه ملڻ سبب، مون بنا ڪنهن منزل جي سفر جو سانباهو ڪيو.

مان سرسبز وادين منجهان گذريس ته ڪٿي اهي هاري ۽ مالهي به نظر نه آيا، جيڪي ڌرتيءَ جي ڪينواس تي رنگَ ڀريندا هئا!

صحرا منجهان لنگهيس ته ڪٿي اهي لاڏائو به نظر نه آيا، جيڪي سدائين سفر ۾ هوندا هئا ۽ سندن پيرا پويان ايندڙن کي رُڃ ۾ اُڃ مرڻ کان بچائي، واٽ ڏيکاريندا هئا!

پهاڙن جا پنڌ ڪيم ته ڪٿي اهي ڌراڙ به نظر نه آيا، جيڪي پنهنجين رڍن کي چارڻ لاءِ ايندي ويندي نظر ايندا هئا ۽ پهاڙن تي چڙهندڙ ٿڪل مسافرن کي کير پياريندا هئا!

سامونڊي پَٽيءَ تي ڊگهو پنڌ ڪيم ته ڪٿي پرڏيهين جا پاڻيءَ وارا جهاز ۽ مُهاڻن جا اهي ٻيڙا به نظر نه آيا، جن جي لنگرانداز ٿيڻ سان سمنڊ ڪناري زندگي رقص ڪندي هئي!

سرسبز وادين، صحرائن، پهاڙن ۽ سامونڊي ڪنارن تي هر طرف ويراني نظر آئي ته مان ٿڪجي، شام ڌارا ساهي پٽڻ لاءِ سمنڊ ڪناري هڪ ناريل جي وڻ هيٺان ليٽي پيس. سمنڊ کي پٺي ڏئي اکيون بند ڪيم ته اک لڳي وئي.

تيز ڇولين جي آواز تي جاڳيس ته، منهنجو مُنهن سمنڊ طرف هو. سج لهي رهيو هو ۽ هڪ خالي ٻيڙي منهنجي سامهون خشڪيءَ تي بيٺل هئي! ٻيڙيءَ کي قدرت جو تحفو سمجهي مان پنهنجي جاءِ تان اٿيس ۽ ٻيڙيءَ ۾ وڃي ليٽي پيس. سج لٿو ته وري تيز لهرن جو آواز ٿيو ۽ اهي لهرون ٻيڙيءَ کي گهلي سمنڊ ۾ کڻي ويون!

خشڪيءَ تي ته مون کي جنگين، وبائن، بيمارين، آفتن ۽ مصيبتن کان بچڻ لاءِ ڪٿي به ڪا پناهگاهه نظر نه آئي هئي، تنهن ڪري مون پاڻ کي سمنڊ جي حوالي ڪري ڇڏيو.

رات ٿي ته سمنڊ مٿان ستارا جهرمر ڪري رهيا هئا. دور ڪٿي آسمانُ سمنڊ مٿان نِوڙي آيو هو. سمنڊ ۾ ٻيڙي لوڏا کائي رهي هئي ۽ ڊگهي فاصلي تي ستارا سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي رهيا هئا. ٻيڙيءَ جي هندوري ۾، منهنجي اکين ۾ ننڊ لهي آئي!

صبح جو اک کُلي ته ٻيڙي هڪ ننڍڙي ٻيٽ جي ڪناري تي بيٺي هئي. انهيءَ ٻيٽ تي ڪجهه ڊگها وڻ هئا ۽ وڻن جي وچ ۾ هڪ جهوپڙي هئي.

مون جهوپڙيءَ جي ويجهو وڃي سڏ ڪيو،وئي آهي...؟

اندران آواز آيو، ها، ڪوئي آهي ۽ اُهو تنهنجي لاءِ اوپرو ناهي. اندر هليو اچ.“

مان اندر داخل ٿيس ته هڪ شخص پٺيرو ويٺل هو. مُنهن ورائي مون ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ چيائين، جتان آيو آهين، اوڏانهن واپس هليو وڃ.“

وراڻيم، پر مان ته جنگين، وبائن، بيمارين، آفتن ۽ مصيبتن کان بچڻ لاءِ ڪنهن پناهگاهه جي ڳولا ۾ آهيان!“

هن پٺيرو ويٺي ئي جواب ڏنو، جنهن ڏينهن تو پاڻ سان دشمني ختم ڪري ڇڏي، ان ڏينهن توتان سڀ جنگيون، وبائون، بيماريون، آفتون ۽ مصيبتون دور ٿي وينديون، نه ته هڪ ڏينهن تون پاڻ ختم ٿي ويندين! ايترو چئي هن مون ڏانهن مُنهن ڦيرايو ۽ مان اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته، هن جي جاءِ تي به مان ئي موجود هئس!

 

ديوارون

 

وقت جو حڪمران عوام پاران تنقيد ڪرڻ تي ڪاوڙجي پيو.

حڪمران، نه فقط سچ چوڻ پر سچ ٻُڌڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي.

سچ تي پابندي لڳي ته گامون تپي باهه ٿي ويو.

چيائين، مان اظهار جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ هلائيندس!“

مان ڊڄي ويس.

چيومانس، آهستي ڳالھاءِ ديوان کي به ڪَنَ هوندا آهن!“

ڏاڍيان چيائين، مان سڀني ماڻهن کي ٻُڌائيندس ته اظهار جي آزادي انهن جو بنيادي انساني حق آهي!“

اهو چئي هو اٿي هليو ويو.

هن اظهار جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس تحريڪ ناڪام ٿي وئي.

هو واپس موٽي آيو.

پڇيومانس، تنهنجي تحريڪ ناڪام ڇو وئي؟“

گامونءَ ڏُک سان چيو، اڳي ديوارن کي ڪَنَ هوندا هئا، هاڻي ماڻهن ڪَنن ۾ ديوارون ٺهرائي ڇڏيون آهن!“

 

افسانو

 

گامونءَ افسانه لکڻ شروع ڪيا ته چيومانس، توکي افسانه نگار ٿيڻ بجاءِ تاريخ نويس ٿيڻ گُهرجي ها.“

چيائين، تاريخ ڪوڙ سان ڀري پئي آهي. مان اهڙو ڪم نه ڪري سگهندس.“

چيم، افسانن ۾ جو ڪوڙ لکندو آهين!“

گامونءَ مُرڪي چيو، افساني کي ڪوڙ ۽ تاريخ کي سچ سمجهي پڙهيو ويندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته، تاريخ ۾ ڪوڙ ۽ افساني ۾ سچ لکيو ويندو آهي!“

 

گامون روڊ

 

گامونءَ مختلف سياسي پارٽين، سماجي جماعتن ۽ ادبي تنظيمن جي جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ شروع ڪيو. هو سياسي، سماجي ۽ ادبي اڳواڻن جون تقريرون ڏاڍي غور سان ٻُڌڻ لڳو. ڪيترن ئي جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ هن جلسن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو.

ڪنهن ٻُڌايو ته گامون بيمار ٿي پيو آهي.

مان گامونءَ جي طبيعت پڇڻ لاءِ سندس گهر ويس ته، هو مون کي چڱو ڀلو نظر آيو.

افسوس سان چيم، سچ ڳالهائڻ جي ڪري تو پنهنجا بيشمار دشمن پيدا ڪيا آهن.“

گامون بي فڪريءَ سان مرڪي پيو.

چيم، تنهنجي دشمنن هُلايو آهي ته گامون بيمار ٿي پيو آهي!“

گامونءَ وراڻيو، مان واقعي بيمار ٿي پيو آهيان.“

گامونءَ ڏانهن غور سان ڏسندي پڇيم، ڇا ٿيو آهي توکي؟

گامونءَ جي چهري تي اڳ ۾ ڪاوڙ ظاهر ٿي ۽ پوءِ هن ٿڌو ساهه کڻي ڏک سان چيو، جلسن ۾ ڪوڙ ٻُڌي ٻُڌي منهنجا ڪَنَ پچي پيا آهن!“

گامونءَ جلسن ۾ وڃڻ ته ڇڏي ڏنو پر هو مختلف سياسي پارٽين، سماجي جماعتن ۽ ادبي تنظيمن جي جلوسن ۾ نظر اچڻ لڳو. هن ڪيترن ئي جلوسن ۾ شريڪ ٿي وڏا پنڌ ڪيا. ڪجھ عرصي کان پوءِ اوچتو هن جلوسن ۾ شريڪ ٿيڻ به ڇڏي ڏنو.

هڪ ڏينهن هو رستي ويندي مليو ته پڇيومانس، تو جلوسن ۾ هلڻ ڇو ڇڏي ڏنو؟

گامونءَ ڏک سان ڊگهو ساهه کنيو ۽ پوءِ ذومعني انداز سان وراڻيو، جلوس سان گڏ غلط رستي تي پنڌ ڪرڻ کان بهتر آهي ته اڪيلي سِر پنڌ ڪجي. اهو چئي گامون اڪيلو ئي ڊگهي رستي تي هليو ويو.

گامون انهيءَ ڊگهي رستي تي روز پنڌ ڪندو آهي، جنهن ڪري انهيءَ رستي کي شهرواسي گامون روڊ چوندا آهن.

ڪيترن ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي اڳواڻن گامون روڊ تان گذرڻ ڇڏي ڏنو آهي.

 

بدمعاش

 

نوجوان ڇوڪرِي گهٽيءَ مان وڃي رهي هئي.

ڪجهه فاصلي تي ناليءَ ۾ هڪ ڪتو ويٺو هو. ڇوڪري ويجھو پهتي ته ناليءَ ۾ ويٺل ڪتي ڇوڪري ڏانهن ڏسي ڀونڪڻ شروع ڪيو.

ڇوڪريءَ ڇرڪي ڪتي ڏانهن ڏٺو ۽ تڪڙي تڪڙي اڳتي وڌي وئي.

ڪجهه فاصلي تي هڪ نوجوان دِڪيءَ تي ويٺو هو. ڇوڪري ويجھو پهتي ته دِڪيءَ تي ويٺل نوجوان ڇوڪريءَ ڏانهن ڏسي سيٽي وڄائڻ شروع ڪئي.

ڇوڪريءَ ڇرڪي نوجوان ڏانهن ڏٺو ۽ تڪڙي تڪڙي اڳتي وڌي وئي.

گهٽيءَ جي ٻئي طرف کان گامون اچي رهيو هو، جنهن اهو سڀ ڪجهه ڏٺو.

ڇرڪيل ڇوڪري تحفظ جي احساس سبب گامونءَ جي ڀرسان پهچي بيهي رهي.

گامونءَ، ڇوڪريءَ جي مٿي تي هٿ رکندي چيو، هڪ ئي گهٽيءَ ۾ ويٺل ٻن بدمعاشن ۾ فرق فقط اهو ئي آهي ته، هڪ کي ڀونڪڻ ايندو آهي ۽ ٻئي کي سيٽي وڄائڻ ايندي آهي!“

 

گامون گردي

 

گامونءَ وڌندڙ غنڊا گرديءَ خلاف احتجاج ڪيو ته، غنڊن گامونءَ تي حملو ڪري کيس مارڪٽ ڪئي.

غنڊن کيس چيو، اسان جي خلاف ڳالهائڻ ڇڏي ڏي، نه ته اسان توکي ماري ڇڏينداسين.“

گامونءَ وراڻيو، سچ چوڻ منهنجي لاءِ ساهه کڻڻ جيترو ضروري آهي. مان سچ ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندس ته مري ويندس. مان زندهه رهڻ خاطر سچ ڳالهائيندو رهندس!“

گامون، غنڊن خلاف رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتو.

پوليس، گامونءَ جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري، کيس ڌمڪيون ڏئي ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

گامونءَ پوليس گرديءَ خلاف احتجاج ڪيو ته، صوبيدار گامونءَ وٽ اچي کيس چيو، پوليس جي خلاف ڳالهائڻ ڇڏي ڏي، نه ته اسان توکي فل فرائي ڪري ماري ڇڏينداسين.“

گامونءَ وراڻيو، سچ چوڻ منهنجي لاءِ ساهه کڻڻ جيترو ضروري آهي. مان سچ ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندس ته مري ويندس. مان زندهه رهڻ خاطر سچ ڳالهائيندو رهندس!“

گامونءَ کي پوليس، گامون گرديءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪري، چالان ڪري ڇڏيو.

گامونءَ عدالت مان ضمانت ڪرائي ورتي ۽ هاڻي وڪيل گرديءَ خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي!

 

پنج سال

 

مون شاهراهه تي پهچي ڊگهو پنڌ ڪيو ۽ چوڪ تي پهچي، حڪمران جي محل واري رستي تي وڃڻ چاهيو ته، چوڪ تي بيٺل سپاهيءَ مون کي اڳتي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو.

مون ڪاوڙ منجهان سپاهيءَ ڏانهن ڏسندي چيو، تون منهنجو رستو روڪڻ وارو ڪير ٿيندو آهين!“

سپاهيءَ وراڻيو، مان سرڪاري سپاهي آهيان ۽ مون سرڪار جي حڪم تي ئي تنهنجو رستو روڪيو آهي.“

مون ڊگهو ساهه کڻي چيو ”هاڻوڪي حڪمران ووٽ وٺڻ کان اڳ ۾ مون کي چيو هو ته، حڪمران ٿيڻ کان پوءِ هُو وري مون ڏانهن ايندو پر اڃا تائين ناهي آيو.“

سپاهيءَ ڪوبه جواب نه ڏنو.

چيم، جيڪڏهن تون مون کي حڪمران جي محل طرف وڃڻ نه ڏيندين ته، مان حڪمران سان تنهنجي شڪايت ڪندس.“

سپاهيءَ بنا ڪنهن تاثر جي وراڻيو، ”انهيءَ ڳالهه جي مون کي ڪابه پرواهه ناهي، ڇوته حڪمران پاڻ مون کي انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي ته، جيئن مان محل ڏانهن ويندڙ ماڻهن کي روڪيان.“

مون انتهائي ڏُکَ سان محل ڏانهن ويندڙ رستي کي ڏسي سپاهيءَ کان پڇيو، ”ته ڇا مان واپس هليو وڃان؟

سپاهيءَ وراڻيو، ”اها تنهنجي مرضي، باقي جيڪڏهن تون هتي بيٺو رهين ته مون کي ڪو اعتراض ناهي.“

مان اتي ئي رستي تي بيهي رهيس. سوچيم، حڪمران جي سواري هتان گذرندي ته مان حڪمران جو رستو روڪي کيس پنهنجا وعدا ياد ڏياريندس.

مان سڄو سال رستي تي موجود رهيس پر حڪمران انهيءَ رستي تان نه گذريو.

سپاهيءَ چيو، وڌيڪ انتظار ڪرڻ اجايو آهي. واپس هليو وڃ.“

مون واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

مان ٻيو سال رستي تي موجود رهيس پر حڪمران انهيءَ رستي تان نه گذريو.

سپاهيءَ چيو، وڌيڪ انتظار ڪرڻ اجايو آهي. واپس هليو وڃ.“

مون واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

سپاهيءَ پڇيو، تون حڪمران سان ملڻ لاءِ ايڏو انتظار ڇو پيو ڪرين؟

چيم، ووٽ وٺڻ کان اڳ ۾ حڪمران ڪيترائي وعدا ڪيا هئا. هن اهو به چيو هو ته، حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ مان هڪ ڪروڙ ماڻهن کي روزگار سان لڳائيندس پر سندس دور ۾ مون کي بيروزگار ڪيو ويو آهي!“

سپاهيءَ ڪوبه جواب نه ڏنو، هو منهنجي ڳالهه ٻڌي مرڪي پيو.

منهنجي انتظار جو ٽيون سال هلي رهيو هو ته، هڪ ڏينهن حڪمران جي سواري شاهراهه تي ايندي نظر آئي. منهنجي اکين ۾ اميد جي جوت جرڪي پئي.

حڪمران جي سواري منهنجي انتظار واري رستي بدران چوڪ تان ٻي رستي ڏانهن هلي وئي!

مون ڏک ۽ حيرت سان سپاهيءَ کان پڇيو، حڪمران جي سواري هن رستي تي ڇو نه آئي؟

سپاهيءَ ڪوبه جواب نه ڏنو.

رستي تان گذرندڙ گامونءَ مون ڏانهن ڏسي چيو، انتظار ڪرڻ بدران ٻيو ڪجهه وڃي ڪر...“

گامونءَ ڏانهن ڏسندي پڇيم، پر ڇو؟

گامونءَ ڪاوڙ منجهان وراڻيو، ان ڪري جو حڪمران جنهن رستي تان ووٽ وٺڻ لاءِ ايندا آهن، انهيءَ رستي تان پنج سال ناهن گذرندا.“

 

مارڪيٽ ويليو

 

گامونءَ جون مالي حالتون سخت خراب ٿي ويون. بکون ڪاٽڻ سبب هو ڏٻرو ٿي ويو ۽ سندس پاسراٽيون نڪري آيون.

چيومانس، سچ ڳالهائڻ کان سواءِ ڪو ٻيو ڪم به ڪندو ڪر، نه ته بک مري ويندين!“

چيائين، سچ ڳالهائڻ کان سواءِ مون کي ٻيو ڪو به ڪم نٿو اچي!“

چيومانس، ڪو ڌنڌو روزگار به ڪر، ڳالهين سان پيٽ ناهي ڀربو!“

گامونءَ پڇيو، ڇا ڪيان مان؟

ڪجهه سوچي وراڻيم، ڪيترائي وزير مُشير تنهنجا واقفڪار آهن. ڪنهن وزير مشير کي نوڪريءَ لاءِ درخواست ڏي.“

ڪاوڙ منجهان مُنهن ۾ گُهنڊ وجهي چيائين، مان گامون آهيان، درخواستي دانشور ناهيان!“

مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. گامونءَ جهڙي ماڻهوءَ کي اهڙي صلاح نه ڏيڻ گهربي هئي.

گامون مون کي خاموش ڏسي مرڪي پيو. چيائين، وزيرن ۽ مشيرن جا ڪَنَ ڪوڙ تي هريل آهن، تنھن ڪري مون کي ڏسي، اهي پنهنجو رستو مَٽائي ٻئي طرف هليا ويندا آهن!“

چيم، تو وٽ ڪو ٻني ٻارو به ناهي، تنھن ڪري تون ڪو ڪاروبار ئي ڪر.“

گامونءَ کي منهنجي اها صلاح وڻي ۽ هن هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مليو ته پڇيومانس،تنهنجو ڪاروبار ڪيئن پيو هلي؟

گامونءَ افسوس سان چيو، ايوانن کان فوٽ پاٿن تائين، سڄي ملڪ ۾ ڪوڙ ٿو وڪامي. اسان جي ملڪ ۾ سچ جي ڪا به مارڪيٽ ويليو ناهي!“

 

گامون ۽ مان

 

گامونءَ پنهنجي ذاتي لائبريريءَ جا ڪتاب ڇانٽي ڪرڻ جو فيصلو ڪري، شاعريءَ واري بڪ شيلف منجهان ڪجهه ڪتاب کنيا ۽ انهن کي ڦاڙڻ لڳو ته مون هڪدم چيو، شاعري ته روح کي گرمائيندي آهي. شاعريءَ جو دنيا جي انقلابن ۾ وڏو ڪردار آهي ۽....“

گامونءَ منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو، مان انهن قصيدا گو شاعرن جا ڪتاب ضايع پيو ڪيان، جن وقت جي حڪمرانن جي شان ۾ قصيدا لکيا آهن.“

مون ڪوبه جواب نه ڏنو.

گامونءَ ڪجهه دانشورن جا ڪتاب ڪڍي ڦاڙڻ شروع ڪيا ته، مون ڪاوڙ منجهان چيو، اهي ڪتاب ته انهن ڏاھن جا آهن، جن عقل ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون لکيون آهن. انهن ڪتابن کي ته نه ڦاڙ.“

گامونءَ وراڻيو، جڏهن ڏاها پنهنجي ڏاهپ کي ڪيش ڪرائڻ لڳن ته، پوءِ سندن ڏاهپ کوٽي سِڪي جهڙي ٿي پوندي آهي.“

مان خاموش رهيس.

گامون تاريخ جي شيلف منجهان ڪجهه ڪتاب کڻي ڦاڙڻ لڳو ته، مون رڙ ڪري چيو، اهو ڇا پيو ڪرين گامون، تاريخ ته قومن جي يادگيري هوندي آهي!“

گامونءَ جي چهري تي سخت ڪاوڙ جو تاثر ظاهر ٿيو. تاريخ جي هڪ ڪتاب جا ورق ڦاڙيندي چيائين، هن ڪتاب جهڙا سمورا ڪتاب تاريخ نه پر وقت جي حڪمرانن پاران منشين کي ڏنل ڊڪٽيشن آهن!“

گامون اڃان تاريخ جا ڪتاب ڦاڙي رهيو هو ته، مون افسانوي ادب جي بڪ شيلف منجهان پنهنجا سمورا ڪتاب کڻي ورتا.

گامونءَ حيرت سان مون ڏانهن ڏسندي پڇيو، "تو پنهنجا ڪتاب ڇو کنيا آهن!؟

وراڻيم، تو افسانوي ادب جا ڪتاب ڦاڙڻ شروع ڪيا ته، مان پنهنجن ڪتابن جو اهڙو حشر ٿيندي نه ڏسي سگهندس.“

گامونءَ مون ڏانهن چتائي ڏسندي چيو، پنهنجا ڪتاب واپس رکي ڇڏ.“

واپس رکڻ بدران مان پنهنجن ڪتابن کي وڌيڪ مظبوطيءَ سان جهلي بيٺو رهيس.

گامون منهنجي مُنهن تي پريشاني ڏسي مُرڪي پيو. چيائين، فڪر نه ڪر، مان افسانوي ادب جو ڪوبه ڪتاب نه ڦاڙيندس.“

منهنجي چهري جي پريشاني حيرت ۾ بدلجي وئي. چيم، تو شاعريءَ، ڏاهپ ۽ تاريخ جا ڪيترائي ڪتاب جو ضايع ڪيا آهن....“

مون اڃا پنهنجي ڳالهه پوري ئي نه ڪئي ته، گامونءَ چيو، مان افسانوي ادب جو ڪوبه ڪتاب ان ڪري ضايع نه ڪندس ته، حڪمران پنهنجي شان ۾ افسانو ناهن لکرائيندا.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com