11
نا. گ. گوري
پاڻيءَ چُڪو، رت ـــ چُڪو
آڪاس ۾ تريءَ جيتري ڪڪر به ڪٿي نظر نٿي آيو. سمورو آڪاس ’هوائي‘
جيان ٻري رهيو هئو. ٻاهر پيلي پيلي، ڪڙڪ ۽ رسيلي
اُس هئي، ۽ لهسيل ۽ لوُهاٽيل ڌرتيءَ مان هٻس نڪري
رهي هئي. ڳڙ جي پت مان ٻاهر نڪتل مک، جهڙيءَ طرح
هوريان هوريان گينداڙجندي اَڳيان سرڪندي آهي،
تهڙيءَ طرح اسان جي گاڏي الله آباد ڏانهن وڃي رهي
هئي. اسان جي گاڏي ۾ گردي ڪا گهٽ ڪانه هئي، پر
اَڃا به ڪڏهين هم ـــ سفرن جي سامان تي ته ڪڏهن
سندن پيرن تي پير رکي، ڪاڪوس تائين وڃي پئي
سگهياسين، پر هر مسافر کي اِها ڄاڻ هئي ته هڪ دفعو
الله آباد اسٽيشن تان گردي گاڏيءَ ۾ گهسي آئي ته
پوءِ دهلي پهچڻ تائين ايتري خلا سائي به ملڻي
ناهي. اِن ڪري، جيئن ئي الله آباد جي ’آئوٽر ڪئبن‘
لتاڙي، اسان جي گاڏي اَڳتي وڌي. ۽ پٽا مٽائڻ وقت
کڙ کڙ جو آواز ڪنن تي پيو، تيئن ئي مسافر پنهنجي
پنهنجي جڳهه تي هوشيار ٿي، سوڙها سنگهوڙا ٿي ويهي
رهيا. درين وٽ ويٺل مسافرن، ڳڙکيون بند ڪري ڇڏيون
۽ جهڙيءَ طرح مورچي تي بيٺل سپاهي، دشمن جي حملي
کي موٽائڻ لاءِ ڇپ ماري ويهندا َآهن، تهڙيءَ طرح
اسان جي ڇپ ماري ويٺاسين. گاڏي ۾ ٺونسي ڀريل اُنهن
سئو کن ماڻهن ۾، کن پل ۾ نئين برادري پيدا ٿي
ويئي.
ايتري ۾ گاڏي، الهه آباد جي پلئٽفارم تي آئي. گاڏي هڪ جهٽڪي
ڏيئي بيهي، اُن کان اَڳ ئي ميريون سائي رنگ جون
وَرديون پاتل سپاهين اَسان جي گاڏي تي حملو ڪيو.
اِنچ ٿلهن ٽرن وارن بوٽن سان ٺڪ ٺڪ ڪري، هيڏانهن
هوڏانهن ڊوڙندڙ سپاهين سان، سڄو پلئٽفارم ڄڻ سٿجي
ويو هئو. اَسان جي گاڏي جي در وٽ، پنهنجو وڏو شاهي
بسترو آڏو رکي، اُن تي اترو ئي وڏو شاهي پنهنجو
سرير سنڀاليندي، هڪ مارواڙي ’مغل سراءِ‘ کان ويٺو
هئو، اوچتو دروازو کلڻ تي، هو در پٺيان چپجڻ لڳو،
ته اِئين وٺي ڪيڪڙاٽون ڪرڻ لڳو، جيئن گدڙ جي ٽنگ،
ڪنهن ڦندي ۾ ڦاسجڻ تي، هوُ ڪيڪراٽون ڪرڻ لڳندو
آهي. اَسان سڀ، ”اَندر مت آئو، يهان جڳهه نهين
هئه“ وغيره جملا، درد اَنگيز آواز ۾، واڪا ڪري چوڻ
لڳاسين، پر اَسانجين رڙين، ڪيڪڙاٽين جي پرواهه
ڪنهن کي هئي؟ ڏاڙهين مڇين وارا سک سپاهي، طري
واريون پڳڙون پاتل پنجابي ۽ جاٽ سپاهي، ڌڙا ڌڙ
اندر گهسي آيا. اُنهن پهرين، پلئٽفارم واري پاسي
جون سڀ دريون کوليون، ۽ پوءِ اُنهن درين مان ڇا ته
سامان اَندر ڦٽو ڪرڻ لڳا! بندوقون ڪٽ بئگس، بسترا،
ڳؤريون پيتيون، - سامان جو ڄڻ ته هڪ پهاڙ گاڏي ۾
ٺاهي ڇڏيائون، هيڏانهن درين ذريعي سامان اَندر
اَچي رهيو هئو، ۽ هوڏانهن دروازي ذريعي سپاهي
اَندر گهسي رهيا هئا. اَندر ويٺل اسان سڀ مسافر
اصل چٿجي وياسين! پگهر سبب اَسانجن ڪپڙن مان
بدبوءَ اچي رهي هئي. هٿن ـــ پيرن ۽ چهري تي ڪوئلي
جي دز چڙهي ويئي هئي. ٽي چار ڪلاڪ گاڏي مردارن
جيان پئي رڙهندي هلي، اِنڪري اصل بيزار ٿي ويا.
هئاسين. مٿان وري هيءُ سپاهين جو مڪڙن جهڙو حملو!
اُنهن حالتن هيٺ، برٿي، مون غصي وچان چيو، ”خبر
ناهي، هيءَ بلا اَسان تي ئي ڇو ڪڙڪي آهي، لشڪري
گاڏي ۾ ڇونٿا وڃي گهسن؟“
”فوجي ماڻهو آهن، کين پڇندو ڪير؟ اِهائي غنيمت سمجهو، ته اسان
کي گاڏيءَ کان ٻاهر ڪونه اُڇليو اَٿائو.“ سامهون
واري بينچ تي ويٺل هڪ ٻڍڙي مسلمان، تماڪ جي پڪ وات
۾ گهمائيندي چيو.
”بلڪل ٺيڪ ٿا چئو، بابا!“ هڪ وچولي عمر جي عورت، نراڙ کان
هيٺڀرو لٽڪندڙ پلءَ جي اوٽ ۾ ٽيڪو ڏيندي چيو، ”هنن
پلٽڻ وارن جي ذات ئي جهنگلي آهي! کين ڪائي ديا ـــ
ميا ڪانهي!“
گاڏيءَ ۾ ويٺل اَسان جهونا مسافر، هنن نوَن مسافرن لاءِ اِئين
ئي ڪجهه ڳالهائي رهيا هئاسين، پر هنن، ان ڏانهن
ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو. هو پنهنجو پنهنجو سامان ٺاهي
رکڻ ۾ محو ٿي ويا. پنهنجون ڳؤريون پيتيون، بينچن
هيٺان ۽ ’ڪٽ بئگس‘ مٿي ٺاهي رکيائون، اَهڙي طرح،
جيئن تيئن ڪري، پنهنجي ويهڻ لاءِ جاءِ تيار ڪري
ورتائون. سندن بدن مان نڪرندڙ پگهر، سندن وردين
مان؛ صاف ڏسجي رهيو هئو. اسان ته پسيني ۾ تر ٿي
ويا هئاسين. ٽوڪرن ۾ ڀريل مرغين جيان، اسان جي ڦر
ڦر ۽ چين چين چالو هئي، ايتري ۾ هنن مان هڪ ٿلهو
متارو، ٽن ٻلن وارو سک اُٿي بيٺو، ۽ پنهنجي بلند
آواز ۾ چوڻ لڳو، ”سڀ سامان ٺاهي رکيوَ؟“
”هائو، سردار جي!“
”ته پوءِ هاڻ ٿورو آرام ڪري وٺو...“ اِئين چئي، هن پنهنجيءَ ڪمر
جي پٽيءَ جو بڪل ذرا ڍلو ڪيو ۽ هيٺ ويهندي ويهندي
چيائين، ”ختم ٿي. آخر جنگ ختم ٿي. پنجن سالن
کانپوءِ گهر جو ديدار نصيب ٿي رهيو آهي.“
ڏاڙهي ـــ مڇين جي جهنگل وچ مان سندس وات مان لفظ چڱيءَ طرح
نڪري ئي نه سگهيا. سندس اَکيون هڪدم ڀرجي آيون۽
ڪجهه اَڳيان جهڪي، هو ماٺ ڪري ويهي رهيو. سندس
ڀرسان ويٺل هڪ ڊگهي مسلمان پنجابي سپاهيءَ،
پنهنجين مڇين جا وَر، هٿ جي پٺئين حصي سان مٿي
موڙيندي، پنجابي ٻوليءَ ۾ چيو، ”فڪر نه ڪر، يار!
جهنم مان زنده موٽيا آهيون، اِها خدا جي قدرت آهي.
اِنشاءَ الله، آئينده به سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو!“
خبر ناهي ته دوست جي اِن آٿت سان سردار جيءَ جو من ڪيتري قدر
تازو توانو ٿي ويو، پر، هووري سنئون ٿي ويٺو ۽
پنهنجيءَ ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريندي ڀڻ ڀڻ ڪيائين،
”واه گرو! واه گرو!“
ايتري ۾، بينچ جي پٺئين پاسي کان، هڪ پتڪڙو اَڇو گورو هٿ، سردار
جيءُ جي ڪلهي تي پيو، ۽ ”ڪاڪا! ڪاڪا!“ اَهڙا پيارا
توتلا لفظ ڪنن تي پيا. اسين سڀ اوڏانهن ڏسڻ
لڳاسين. مڪائيءَ جي سنگه جي تاندورن جهڙا ملائم
ڳاڙهسرن ڀورن وارن ۽ شرارتي ڀورن اَکڙين وارو، هڪ
اَڇو گورو ٻار، سهي جي پنجي جهڙو پنهنجو هٿ، اُن
سکه سپاهي جي ڪلهي تي رکي، چئي رهيو هو، ”ڪاڪا!
ڪاڪا!“
اُن سک سپاهيءَ، سندس ٻئي پتڪڙا هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليا ۽ ڪيتري
دير اِئين ئي جهلي ويٺو رهيو. هُو ٻار، هن ڏانهن
بي پرواهيءَ وچان نهاري رهيو هئو ۽ هوُ اُن ٻار
ڏانهن .... ڪافي دير تائين اِهو جاري رهيو. ههڙو
جبل جيڏو سپاهي، اَندر ئي اَندر ۾، اُن نازڪ ڇهاءَ
سبب گويا پگهرجي رهيو هئو، ٽٽي رهيو هئو. پر سندس
زبان مان لفظ به نه ٿي اَڪيلو. سردار جيءَ جي شاهي
هاٺي، سندس لشڪر پوشاڪ، ۽ سندس گهاٽيون مڇيون ڏسي،
اُن ٻار جي من ۾ جيڪو دٻدٻو پهرين نظر سان پئدا
ٿيو هئو، اُهو کن پل ۾ غائب ٿي ويو. ۽ سندس
ڏاڙهيءَ ۾ پنهنجيون لال لال آڱريون اَتڪائي، هڪ
ٽهڪ ڏيئي پنهنجيءَ ماءُ کي چيائين، ”اَمي! شير
ديکو!“
پاسي ۾ برقعو پائي ويٺل ماڻهس، کيس ڌمڪائيندي روڪيندي چيو، چيو،
”آَنور! ڪيسا بدتميز لڙڪا هئه!“
پر سردار جيءَ کي اَنور جو مذاق شايد وڻيو. هن کلندي کلندي،
سندس ڳلن تي پنهنجيون آڱريون رکندي چيو ”اَڇا؟ مئن
شير هون؟ ڦر توُ ڪؤن هئه؟ خرگوش نا؟“
اسان اِهو سمورو رنگ ڏسي رهيا هئاسين، پر مان من ۾ سوچي رهيو
هوس ته هيءُ ماءُ ـــ پٽ گاڏيءَ ۾ آيا ڪٿان؟
هوءَ مائي ۽ هوُ ٻار الله آباد کان پهرين ته اسان جي گاڏي ۾
ڪونه هئا، ته پوءِ ههڙيءَ گرديءَ ۾ هو اندر آيا
ڪيئن؟ اَسان کي عجب لڳو، شايد سپاهين جي ٻوڏ جي
وڪڙ ۾ اچي هو ٻئي پنهنجو پاڻهي گاڏيءَ اندر ڦٽا
ڪيا ويا هئا، سهي جي ٻچڙي جهڙي اَن لسڙاٽ ۽ گهڻ
ـــ ڳالهائو ٻار طرف اسان سڀ مسافر حرص وچان ڏسي
رهيا هئاسين، ۽ هو سردار جيءُ کان هڪ پٺيان ٻيو
سوال پڇي رهيو هو،
”گاڏي ڪڏهن ڇٽندي؟“
”بس، هاڻ ڄاڻ ڇٽي.“
”توهان هيءُ ڪهڙا ڪپڙا پاتا آهن؟“
”فوجي ماڻهن کي اَهڙا ڪپڙا ئي پائڻا پوندا آهن.“
”هن بندوق سان ڇا ڪبو آهي؟“ ”گولي چوڙبي آهي...ٺاٺا!“
”ڪنهن کي هڻندا آهيو گولي؟“
”ماڻهن کي.“
”ڇو؟“
”هو دق ڪندا آهن، اِنڪري!“
اَنور جا سوال ڪڏهين به کٽڻا ناهن، اِن جي ڄاڻ ماڻهس کي هئي،
اِنڪري کيس چيائين، ”اَنور! اڃا ڪيتري بڪ بڪ ڪندي؟
سردار جي چوندو ته اَنور بلڪل شرارتي ڇوڪرو آهي-
ڏاڍو دق ٿو ڪري!“
ماءُ جي اِن ڌمڪيءَ ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏيئي، اَنور، پنهنجا هٿ،
سردار جيءَ هٿن ۾ اُهين ئي رکي، ڪي قدر ماءُ طرف
جهڪيو، ۽ پنهنجا ملائم، وار، ڪڪڙ جي ڪلنگيءَ وانگر
لوڏيندي، شرارت وچان ٿورو مرڪندي چيائين، ”۽ پوءِ
سردار جي مون کي گولي هڻندو؟“
سردار جيءَ هڪدم اَنور کي ڇڪي ڇاتيءَ لاتو ۽ لاڏ وچان سندس ڳلن
کي پٽيندي چيائين، ”پاڳل! ڳالهائي ته ڪيئن ٿو! تو
جيان چمڪندڙ بلبل کي به ڪو گولي هڻندو آهي؟“
۽ پوءِ سندس ڌيان اِتان هٽائڻ لاءِ چوڻ لڳو، ”چڱو ڀلا! توکي
ڪهڙو ٽول کپي. ٻڌاءِ!“
اَنور بي فڪر بڻجي چيو، مون کي ٽول ٻول نه کپي.“
پوءِ کيس هڪدم ياد آيو ته کيس اُڃ لڳي آهي، پنهنجيءَ ماءُ طرف
مڙي، هو سندس گود ۾ گهسي ويو ۽ ضد ڪرڻ لڳو، ”اَمي
مون کي پاڻي ڏي نه. اَلاهي اُڃ لڳي آهي.“
ماڻهس خالي لوٽو سندس سامهون ڪندي چيو، ”پاڻي ته اَڳهڻو گرديءَ
۾ هارجي پيو، توکي خبر ڪانهي؟ ضد نه ڪبو آهي،
پاڻيءَ لاءِ! هاڻ لکنؤ پهچڻ تي پاڻي... وچ ۾ ڪجهه
به نه!“
سردار جي هڪدم اُٿي بيٺو ۽ چيائين، ”ڀيڻ، مون کي ڏي لوٽو، مان
اِجهو ٿو ڀري اچان.“ اِئين چئي هن لوٽو ورتو ۽
دريءَ مان پنهنجو سمورو سرير ڌڪي به ڇڏيائين! سندس
سنگتي چئي رهيا هئا، ”اُڌم سنگهه! گاڏي ڇٽڻ جو وقت
اچي ڀريو آهي. اسان ٿا ڏيون پنهنجي بوتل مان پاڻي،
تون نه وڃ...“
پر، ”ڄاڻ آندم!“ چئيءَ اُڌم سنگه پلئٽفارم تي ٽپ ڏنو ۽ نل طرف
ڊوڙيو. منٽ ۾، گاڏي لنبي سيٽ وڄائي، هلڻ لڳي،
دريءَ ڀرسان ويٺل مسافر ٻاهر جهڪي، پلئٽ فارم طرف
ڏسي رهيا هئا. گاڏو پڪڙڻ لاءِ تيز ڊوڙندڙ اُڌم
سنگهه کي سندس زور زور سان چئي رهيا هئا، ”ايندڙ
اسٽيشن تي اَچجانءِ...“ ڪو وري چئي رهيو هئو، ”ذرا
تيز ڊوڙ!“ اِن ساري گڙ ٻڙ سبب اَنور عجب ۾ پئجي
ويو هئو. مون ڪو ڏوهه ته ڪونه ڪيو آهي؟ ’چاچا جي‘
گاڏيءَ مان ڪري ته ڪونه پيو؟ اِن شڪ سبب، سندس
اَکين مان شرارت غائب ٿي ويئي، اُڃ ۽ لڪ سبب سندس
ڳلن تي بخار جي سرخي چڙهڻ لڳي. گاڏي جي رفتار تيز
ٿي رهي هئي. ”هاڻ اچي ڪونه سگهندو.“ اِئين چئي هن
پنجابي مسلمان سپاهيءَ، پنهنجي پاڻيءَ جي ٿيلهي،
اَنور اَڳيان جهلي. اُن مان اَنور اڃا ٻه ڍڪ مس
پيتا هوندا، ته ايتري ۾ دروازي مان سردار جيءَ جا
لفظ ڪنن تي پيا، ”اَنور! ڏس، پاڻي آندو اٿم!“
اِهي لفظ ٻڌندي ئي، اَنور هڪدم پاڻيءَ جي ٿيلهي هٽائي ڇڏي ۽
سردار جي طرفان اڳيان جهليل لوٽي مان پاڻي پيئڻ
لڳو. سردار جيءَ هڪ هٿ ۾ لوٽو جهليو هئو ۽ سندس
ٻئي هٿ جون آڱريون اَنور جي وارن ۾ ڦري رهيون
هيون.
اُن نظاري جو قدر ڪندي، اُن پنجابي مسلمان پنهنجي پاڻيءَ جي
ٿيلهي واپس پنهنجيءَ جڳهه تي رکي، ۽ اِهو نظارو
عجب وچان ڏسندڙ ٻين سپاهين مان هڪ ’جاٽ‘ سپاهيءَ
ڪجهه کلندي چيو، محبت ڪهڙي چيز آهي، ڏسو!“
گلاب جي پنکڙيءَ تي پيل ماڪ ـــ ڦڙو چونڊي کڻجي، اهڙيءَ نزاڪت
سان، انور جي چپن تي آيل پاڻيءَ جو وهڪرو پنهنجين
آڱرين سان اُگهندي، سردار جيءَ ايترو ئي چيو، ”هيل
تائين، منهنجو ’لڇمڻ‘ به ايترو ئي ٿي ويو هوندو!“
جيسين اِهو جملو پورو ٿئي، تيسين چؤماسي جي تلاوَ جيان سردار
جيءُ جون اکيون لبالب ڀرجي چڪيون هيون. هوُ وڌيڪ
ڪجهه به ڳالهائي ڪونه سگهيو.
ان بعد ٻه اَڍائي سال گذري ويا هوندا. ٻن ڏينهن کان پوءِ
آزاديءَ جو ڏينهن هئو ـــ پهريون آزاديءَ جو ڏينهن
ڪرول باغ ۾ جامع مليا جي مدرسي ۾ آزاديءَ جي ڏينهن
ملهائڻ لاءِ تياري جاري هئي. سڄو مدرسو وَلين ـــ
ٻوٽن سان سينگاريو ويو هئو. شاگردن جي آنند ۽
اُتساهه جي ڪا حد ئي ڪانه هئي. مان هر هڪ ڪلاس روم
۾ ويس. شاگردن طرفان گهڻيءَ محنت سان تيار ڪيل،
مشق پچايل سهڻا اکر ڏٺم، وَليون ۽ ٻوٽا ڏٺم،چتر ۽
رانديڪا ڏٺم، ٻارن لاءِ ’ڪئنٽين‘ ٻار خود هلائي
رهيا هئا، اُتي کائڻ جون چيزون به ٻار خود ٺاهي
رهيا هئا. هندستان جا ٻال ـــ ناگرڪ اُتي بڻايا
پئي ويا. ڊاڪٽر ذاڪر حسين ۽ سندس ساٿين جي سپنن جي
ڦلواڙيءَ ۾ پلجندڙ ڪومل سلائي ڄڻ ته اُن ڏينهن
پنهنجين اکين اڳيان ڏسي رهيا هئاسين، ايتري ۾ گهنڊ
وڳو ۽ اسان کي مدرسو ڏيکاريندڙ ماستر اِطلاع ڏنو
ته هاڻ ’هال‘ ۾ ٻار ريهرسل ڪندا، هلو ته اُها
توهان کي ڏيکاريان.
پهرين جامع مليا جو نغمو ڳايو ويو. اُن بعد، ابتدائي اسڪولن ۾
جهڙا ’پروگرام‘ ٿيندا آهن، اَهڙا ڏٺاسين، اُهي
مقرر سانچي ۾ ’گهڙيل‘ پروگرام ڏسي، بيزار ٿي مان
اُٿڻ لاءِ سوچي ئي رهيو هوس ته ايتري ۾ عظيم شاعر
’اِقبال‘ جي ”ساري جهان سي اَڇا“ جو سر ڪنن تي
پوَڻ سبب، مون ڪجهه دير ويهڻ جو فيصلو ڪيو. صاف
سٿري اُردوءَ ۾ اها نظم ڳائيندڙ، اُهوشاگرد ڪير
هئو؟ گوري گلاب جيان تازي تواني چهري، ايلسي جي گل
جيان شيرين اَکين وارو ڇوڪرو ڳائي رهيو هئو،
”هم بلبلين هئن اُسڪي، وَهه گلستان همارا“
(هوءَ اَسان جو باغ آهي، ۽ اَسان اُن جون بلبليون آهيون.“)
”بلبل! گورو گورو چهرو! شيريون شيريون اَکيون! منهنجي يادگيري
پوئتان مڙڻ لڳي، رنگ منچ تي اُهو ڇوڪرو ڳائي رهيو
هئو،
”اي آب ـــ رود ـــ گنگا، آتا هئه ياد مجهه ڪو،
اُترا تيري ڪناري، جب ڪاروان همارا!“
”اي آب ـــ رود- گنگا، آتا هئه ياد مجهه ڪو...“
ته پوءِ مون کي ڇو نٿو ياد اَچي؟ کيس ڪٿي ڏٺو هئم؟ ڪٿي؟
”هندي هئن هم، وطن هئه هندوستان همارا“ اِئين چئي
جڏهين هن ڳائڻ بند ڪيو ۽ تاڙين جو ڦهڪو ٿيو، تڏهين
رهيو ڪونه ٿيو ۽ هڪدم مون سان گڏ آيل ماستر کي
مخاطب ٿي چيم،”هي شاگرد ڪير آهي؟“
”هوُ نه؟ اَنور حسين، مدرسي جي بلڪل حاضر جواب
شاگردن مان هڪ آهي!“
”لکنؤ جو، ها لکنؤ جو، آهي ڇا؟“
توهان ڪيئن سڃاڻوس؟“
مون رڳو کلندي جواب ڏنو، ”نه، نه. اَهڙي سڃاڻپ ڪانهي!“
اَنور! هاڻ ياد تازي ٿيڻ لڳي، مدرسي جي ڪارپردازن کان موڪلائي
جڏهن ٻاهر نڪتس تڏهن گهڻن ڏينهن کان گم ٿيل ڪنهن
اَنمول چيز جي اوچتو واپس هٿ اچڻ تي جيتري خوشي
ٿيندي آهي، ايتري خوشي مون کي ٿي، پکين جي پرن
جيان منهنجو من هوا ۾ تري رهيو هئو. هوءَ اونهاري
جي منجهند، گاڏيءَ جي اوءَ گردي، هوُ گهر واپس وڃڻ
لاءِ آتا سپاهي، اَنور، سندس ماءُ ۽ هن سک سپاهي
جون، پيار سان ٽمٽار اَکيون ـــ مون کي کن پل لاءِ
اِئين لڳو ڄڻ ته مان گاڏيءَ ۾ ويٺو آهيان.!
ڪرول باغ کان باراکنبا ڏانهن ويندڙ بس جي ڊرائيور زور زور سان
’هارن‘ (سڱڙي) وڄائي، مون کي رستي تان پري ٿيڻ
لاءِ اِشارو ڪيو، پر مون اُهو ڪونه ٻڌو. آخر
ڊرائيور زور سان ’بريڪ‘ دٻايو. هڪ ڪرڙي چيخ ڪري بس
جو ڀاري ڏيل، مون سان لڳي بيٺو ۽ ڪنڊ تي ويٺل سک
دڪاندار، ”اَڙي بابوجي! بابوجي!“ ڪندو مون ڏانهن
ڊوڙيو. مان ڪهڙي سنڪٽ مان بچي ويو هوس، اِن جي مون
کي ڄاڻ ئي ڪانه هئي. ڊرائيور هڪ ڀيرو مون ڏانهن
حقارت وچان نهاريو ۽ منهنجا ڪپڙا ڏسي، گاريون نه
ڏيئي، صرف غصو ڪندي، بس چالو ڪيائين! هن لنبي چؤڙي
سک، منهنجو هٿ پڪڙي، ڪي قدر مذاق اُڏائيندي پڇيو،
”خود ڪشي ڪرڻ جو اِرادو هئؤ ڇا؟“ مون مشڪندي چيو،
”نه“
”اَصل ذري تان بچي ويؤ! ڪهڙي خواب ۾ محو هئؤ؟“
مون کيس جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. اوچتو کانئس پڇيم، اُڌم
سنگهه! توهان هتي ڪيئن؟“
مون کيس سندس نالو کڻي سڏ ڪيو ته هوُ ويچارو منجهامي پيو. ”مون
کي ڇو نٿو ياد اَچي ته توهان کي ڪٿي ڏٺو اَٿم؟“
اِئين من ئي من ۾ پاڻ کي ڏوهه ڏيندي، ظاهر ۾ مون
کي چوڻ لڳو، اَچو بابو جي! معاف ڪجو، توهان کي
سڃاتم ڪونه! ذرا دڪان ۾ پيرو ته گهمائي وڃو!“
اِئين منهنجي آجيان ڪندي، مون کي پنهنجي دڪان ۾
وٺي ويو. دڪان ۾ پيل بينچ، هٿ سان ئي ڇنڊي صاف
ڪندي، اُڌم سنگهه مون کي چيو، ”تشريف رکو،
بابوجي!“
بينچ تي ويهندي ويهندي چيومانس، ”توهانجو لڇمڻ هاڻ اسڪول ۾
ويندو هوندو نه، ڪٿي آهي هوُ؟“ مهمان کي هيتري
گهروُ ڄاڻ آهي ۽ اَسان کي ڪجهه ياد نٿو اَچي. اِن
خيال وچان هوُ وائڙو ٿي ويو. سندس دل ۾ ٿيندڙ
تڪليف مان محسوس ڪري پئي سگهيس.
”لڇمڻ نه؟ هو پنڊيءَ ۾ آهي....“ اهڙا معمولي جواب مون کي ڏنائين
۽ ٻيهر خاموش ٿي ويو. مون کيس اُن مسافريءَ جي ياد
ڏياري، ۽ پڇيومانس، ”هوُ اَنور ياد اَچيوَ ٿو؟ هوُ
جامع مليا جي مدرسي ۾ آهي. اَڄ ئي کيس ڏٺم.“
”هو مسلمان ڇوڪرو؟ ها، هوندو. جامع مليا ۾ نه هوندو ته ٻيو ڪٿي
هوندو؟“ اُڌم سنگهه بلڪل مٿان مٿان ڳالهائي رهيو
هئو. مان سندس اکين ڏانهن ڏسي رهيو هوس. اُتي مون
سنيهه ـــ ڀاونا جو ڪٿي پاڇو به نظر نه آيو سوچيم،
هيءُ فؤجي ماڻهو، دکن جي ندين جهڙا هوندا آهن ڇا؟
يا ته ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏينديون، يا ته رڳو پهڻ ۽
پٿر! سندس جذبات جو چشمو وڌيڪ کوٽ کوٽ ڪرڻ سان
نڪري ٿو ڇا، اِهو ڄاڻڻ لاءِ چيومانس،”ڏاڍو پيارو
پيارو ڇوڪرو آهي، نه؟“
منهنجي اَڳيان چانهه جوُ پيالو سرڪائيندي، اُڌم سنگهه چيو، ”ها،
بيشڪ سونهري آهي، پر نانگ آهي.“
چپن سان لڳايل ڪپ هڪدم هٽائيندي، ڇرڪندي پڇيم، ”ڇا مطلب؟“
”بابو جي! مسلمانن جو اؤلاد آهي هوُ ـــ اِهو نه وساريو.“
اڌم سنگهه ذرا ڪؤڙاڻ ڀري مرڪ مشڪيو ۽ سندس اَکين ۾ ڪرپاڻ جي ڌار
چمڪندي نظر آيم.
آزاديءَ جي ڏينهن جو نشو گهڻي دير ڪونه ٽڪيو، ڪيئن ٽڪندو؟
ڦلواڙي ڦوهه جوانيءَ ۾ هجي، ۽ رات جي بيحد ٿڌ ۾ گل
سڙي وڃن، اَهڙي حالت بڻي هئي، ملڪ جي پهرئين
آزاديءَ جي ڏينهن منگل گيتن جي چالو هوندي ئي،
مانڊوي جي ڇت کي گويا آگه لڳي ويئي. آمرتسر،
لاهور، سيال، ڪوٽ، - هڪ ٻئي پٺيان شهر، ڳوٺ،
بستيون جلڻ لڳيون، ۽ اُها غير رواجي جهنگل جي
باهه، ٻوڏ جيان، چئني طرفن ڏانهن ڦهلجڻ لڳي، اُن
سروناش ڪندڙ ردر جي ٽاندو جو پير اَڄ هتي ته سڀان
هتي ٿي پيو. سندس ڊمروءَ جو گنڀير آواز آڪاس
ڪنبائيندي دهليءَ جا منارا ڌوڏڻ لڳو هئو. اُن
ڀيانڪ مذاق جو ٺڪاءُ اسانجن ڪنن تي اچي، اسان جي
سوچڻ جي شڪتي پل پل ۾ لوُلي بڻجي رهي هئي. اسان جي
مٿان چڙهيل اِنسانيت جو نقاب فاش ٿي رهيو هئو. ان
تي بگهڙ جون اکيون نڪري رهيون هيون، چيتي جا نهن
اُسري رهيا هئا، جهنگلي سوئر جا سوئا وڌي رهيا
هئا!، هيل تائين اِنسان ڪهڙيءَ ڳالهه کي پيارو
ليکيو آهي؟ محبوبا جو پيار؟ ڪهڙيءَ ڳالهه کي پوتر
سمجهيو اَٿائين؟ ماتا جا آنسو؟ ڪهڙيءَ ڳالهه کي
مڌر ڀانيو اَٿائين؟ ٻالڪن جي مرڪ؟ - ته اِنهن مڙن
ئي پيارين، پوتر ۽ مڌر چيزن کي پيرن هيٺان لتاڙي،
سندن دردناڪ چيخن کي پنهنجي ٽهڪن ۾ ٻوڙي، پنهنجن
جي خون سان لنبيل، پنهنجا پنجا بيحيائيءَ وچان مٿي
ڪري، اَسان ـــ حيوان بڻجي ويل، اسان ـــ ننگا
بڻجي اُن پرلئه ۾ سڄي سنسار اڳيان خوشيءَ وچان نچي
ٽپي رهيا هئاسين. پنهنجين ماتائن جي ڇاتين، پتنين
جي سٿرن، ۽ اَبهمن جي گَلن ۽ ڏينهن ڏٺي جو هٿ وجهڻ
جا نظارا کليل اکين سان ڏسڻ جي نؤبت هڪ اِنسان،
ٻئي اِنسان لاءِ آندي هئي.!
دهلي اڃا جلي ڪانه هئي؛ پر پنجاب مان جهنگل جي باهه جي ڄڀين
جيان ايندڙ خبرون، اُن کي ڌوڏي رهيون هيون؛ دهلي
بي صبر بڻجي رهي هئي، دکي رهي هئي، ڪنجهي ڪرڪي رهي
هئي! هندو ـــ سکن جي اکين ۾ رت مڙي آيو هئو ۽
مسلمانن جي دماغ ۾ خوف جو سايو. اَڄ فيروز شاه روڊ
تي ڪٿي درگاه ڪيرائي ويئي، ته سڀان سبزي منڊيءَ ۾
ڪنهن کي خنجر ٽنبيو ويو، ته پرينهنءَ پراڻي قلعي
جي نزديڪ مسلمانن جي گهرن مٿان پٿر بازي ٿي، -
اهڙا واقعا ٿيڻ لڳا. ”جهنگل جي باهه“ جون اِهي
اَوائلي ڄڀيون هيون.... وسڪاري جون اِهي پهريون
بوندون هيون. آهستي آهستي انهن جي رفتار وڌندي
ويئي. ۽ اولهه پنجاب مان تتل ’لاوا‘ جي وهڪري
جيان، جڏهين هندو ـــ سکن جي ٻوڏ، سونيپٽ ـــ پاڻي
پٽ مان ٿيندي دهليءَ ۾ گهڙي، تڏهين ماڻهن جون
دليون جلي ڪوئلا بڻجي ويون، - ۽ اُهي ڪوئلا جلدي،
ڏسندي ڏسندي ٽانڊا بڻجي پيا. پناهگيرن جي زبان مان
نڪرندڙ هڪ هڪ لفظ ٻڌندڙن کي بيهوش ڪري رهيو هئو، ۽
سندن اکين مان لڙندڙ هر هڪ لڙڪ بيهوشن کي خيبث
بڻائي رهيو هئو. دهليءَ جي ماڻهن جي مهراڻ مان هڪ
ئي گجگوڙ گونجي رهي هئي، ”بدلو! اِنتقام!!
اِنصاف!!!“
هوريان، هوريان، هر چؤواٽي تي ماڻهن جا ميڙ جمع ٿيڻ لڳا، اُهي
پاڻ ۾ ڪجهه ڀڻ ڀڻ ڪري، ڪو فيصلو ڪري، غائب ٿي ٿي
ويا، اِيئن ٿي لڳو ته دهليءَ ۾ اَڳه ڪڏهين به نه
ڏٺل ماڻهو ڏسي رهيا هئائسين. ۽ واقف ماڻهو به غير
واقف لڳي رهيا هئا، ڇو ته سندن چهرن تان وافقيت جو
ڀاو اُگهجي ويو هئو. ماڻهو يا ته گونگا بڻجي رهيا
هئا، يا ته رد بدل ڪري رهيا هئا، يا ته گهر ۾ لڪي
ويهي ٿي رهيا يا ته فاحش بڻجي رهيا هئا، رستن تي
زالن ـــ ٻارن جي آمدرفت ذري گهٽ بند ٿي چڪي هئي.
اَلبت اُڌم سنگهه جي دڪان تي اَچ وڃ وڌيڪ نظر آيم.
اُهي گراهڪ ته ڪونه هئا. هڪ ڀيري ڪافي وڏو ميڙاڪو
اُتي ڪٺو ٿيل ڏٺم، ان ڏينهن منهنجي ۽ اُڌم سنگهه
جي اوچتو ملاقات ٿيڻ بعد، وچ وچ ۾ سندس دڪان تي
ليئو پائيندو ويندو هوس. اِن ڪري ڪا خاص ڳالهه ٿي
آهي ڇا، اِهو ڏسڻ لاءِ مان اَڳتي وڌي ويس، ڇا ڏسان
ته اُڌم سنگهه بت بڻجي ويٺو آهي ۽ باقي ڄڻا سندس
چؤگرد گول ٺاهي بيٺا آهن. ڪوئي ڳالهائي ڪونه رهيو
هئو. چوندا آهن ته جانور کي جانور جو احساس رڳو
سنگهڻ جو حواس ذريعي ٿي ويندو آهي. اَهڙي طرح لال
لال، ڪارا ڪلوٽا ويچار سندن من ۾ سوُن سُون ڪري
رهيا آهن ـــ اِئين مون کي لڳو. منهنجي من جي ڪنهن
ڪنڊ ۾ اُنهن ويچارن جي ڪيميا ٽمي رهي هئي؛ منهنجين
اَکين تي به ڪنهن ڌنڌ جو سنهو تهه چڙهي رهيو هئو.
مان به بدليو هوس، مون آهستگيءَ سان کيس سڏ ڪيو،
”سردار جي!... اُڌم سنگهه!“
اُڌم سنگهه هڪ ٻئي ۾ ڳتيل پنهنجا هٿ ڇڏائي، مون ڏانهن ڄمي پٿر
ٿيل نظرون اُڇليون. پڇيومانس، ”ٿيو ڇاهي؟“
عجب رکائيءَ سان کلندي، اُڌم سنگهه چيو، ٿيندو وري ڇا؟ جيڪي
راولپنڊيءَ ۾ ٿيو، سيال ڪوٽ ۾ ٿيو، ۽ ملتان ۾ ٿيو،
ساري پنجاب ۾ ٿيو. اهوئي ٿيو!“
”ڇا مطلب؟“
”منهنجي ته ستياناس ٿي ويئي، بابوجي!
اُڌم سنگهه اُٿي، منهنجي ڪلهن تي لوهي ”بريڪ“ جهڙا هٿ رکي چيو،
”ڪائي حرڪت ڪانهي...“ ۽ پوءِ ڄڻ ته مون کي ئي نه،
اُتي جمع ٿيل ماڻهن کي ئي مخاطب ٿي نه، دهليءَ ۾
اَلڳ اَلڳ هنڌن تي جمع ٿيل اَهڙن ميڙن ۾ بيٺل لکين
ماڻهن کي مخاطب ٿي چيائين، ”سڀان دهليءَ ۾ قيامت
ٿيندي، سڀن ئي نانگن کي چپي چيٿاڙيو ويندو.“
۽ سچ پچ دهليءَ ۾ ٻئين ڏيهن قيامت جو ڏينهن اچي ئي ويو. مسلمانن
جا ٽولا، ٻارن ۽ زالن کي وٺي، جيڏانهن واٽ ملين ٿي
اوڏانهن، ڪنڌ جهڪائي وڃي رهيا هئا. وچ رستن تي،
ڏينهن ڏٺي جو مٿن حملا ٿيڻ لڳا. ڌڙا ڌڙ گهر جلڻ
لڳا، ڪرڻ لڳا، هوا ۾ جلندڙ گهرن مان نڪرندڙ دونهين
جي بانس گڏجڻ مسجڻ لڳي. آڪاس ۾ ڄڻ دونهاٽيل تهه
چڙهي ويو. بنا ريڍار جي رڍن کي بگهڙ گهيرو ڪري
بيٺا هجن ۽ رڍن جي ڌڻ مان هڪ هڪ رڍ چونڊي کڻي
ويندا هجن، اَهڙوئي ڪجهه اُن ڏينهن سڄي شهر ۾ هليو
پئي ۽ مان ڪٿي هوس؟ ڇا پئيء ڪيم؟ منهنجي من ۾ ڪهڙا
ويچار پيدا ٿي رهيا هئا؟
مون کي اِهو سڀ ناپسند ڇو هئو؟ نه سچ پچ نه مون خود ڪنهن کي به
ڪونه لٽيو، ڪنهنجي پاسرين هيٺ ڇرو ڪونه کپايم.
ڪنهن مسلمان جوانڙيءَ کي پنهنجي گهر گهلي ڪونه
ويس. اِهو سچ آهي پر ڇو؟ منهنجي دل ڪمزور هئي،
اِنڪري! پر ٻين جي اِها وحشاني هلت ڏسڻ ۾ مون کي
هڪ مخفي خوشي حاصل ٿي رهي هئي، اِهو قبول نه ڪرڻ
کي ڪهڙي معنآ آهي؟ اِنڪري ئي ته مان رستن تي گهمي
ڦري ۽ جئن رنگ منچ تي ٿيندڙ درشيه، پهرين قطار ۾
ويهي ڏسبا آهن، تيئن اُن ڀيانڪ ناٽڪ جو هر هڪ
واقعو چاهه وچان ڏسي رهيو هوس. پاڙهيل چيتو جيئن
ڪاري هرڻ جي ڳچيءَ مٿان ٽپ ڏيئي سندس نرم نازڪ
نڙيءَ ۾ پنهنجا تکا ڏند کپائيندو آهي ته ڏسندڙن جا
هٿ ڪيئن ڪنبڻ لڳندا آهن ۽ ڏند ڪيئن ڪرٽبا آهن!
جانورن جو ’جماع‘ ڏسي، ڏسندڙن جو خون گرم ڪونه
ٿيندو آهي ڇا؟ ۽ سندن عضون ۾، هر اَنگ ۾، ’ڀوڳ‘ جي
خواهش ڪانه ڊوڙندي آهي؟ اُن منجهند جو مان اهڙوئي
درشڪ بڻجي پيو هوس. اَکين آڏو گذرندڙ نظارن ۾ سم
رس ٿي، اُنهن، نظارن ۾ وَهايل خون ۾ تصور ذريعي
پنهنجا هٿ لنبي، بهادريءَ جو مزو ماڻيندڙ، اُنهن
درشين ۾ ماڻهن طرفان زبردستيءَ گهلجندڙ جوانڙين جي
خوف وچان ٿرٿر ڪنبيندڙ گورين گورين ڇاتين تي
پنهنجا ئي پنجا دٻائي رهيو آهيان، اَهڙي تصور ۾
محو، هڪ تماشبين! سندن هر ڪم ۾ مان مانسڪ طور
حصيدار هوس، سندن هر هڪ اَتياچار ۾ شريرڪ طور نه
هوندي به مانسڪ طور ڀاڱي ڀائيوار هوس ئي!
منجهند جو ٻه کن لڳا هوندا، جامع مليا جي پاسي گڙٻڙ ٿيڻ جي خبر
منهنجن ڪنن تي پيئي. منهنجي پيٽ ۾ ڪٿي اوچتو ڪو
چلڪاٽ ٿيو. -۽ مان هڪدم اُن طرف مڙيس، جامع مليا
طرف ڏٺم ته ڪرمزي رنگ جي دونهين جا بادل، ابتدائي
مدرسي جي عمارت مان مٿي وڃي رهيا هئا، پر وارن وڻن
جي ڪاراٽيل پنن ۽ ڪاغذن جا گهنجيل ۽ ڪارا ٺڪر ٿيل
چوٿا، هوا ۾ اُڏامي رهيا هئا. گهٻرايل ڪانون ـــ
ڪبوترن جو هڪ ڇت تان ٻيءَ ڇت ڏانهن اُڏامندي
ٿيندڙگوڙ شور جاري هئو ۽ ماڻهن کي مرڪب هل بکيڙو
ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هئو. ٻه ٽي سئو مسلمان عورتون ـــ
مرد ۽ ٻار اُتان مون طرف اَچي رهيا هئا؛ اَچي وري
ڇاجي رهيا هئا؟ ڊپ سبب پير ڄڻ لنگڙا ٿي پيا هئن،
اِنڪري گهلبا پئي آيا؟ رستي جي ٻنهي پاسي جمع ٿيل
ماڻهن جا ميڙاڪا هنن ڏانهن حقارت وچان نهاري رهيا
هئا ۽ هلڪڙا لفظ چئي ٽهڪ ڏيئيءَ رهيا هئا، پر
ماڻهن اَڃا ضابطو ڪونه وڃايو هئو. ڪنهن کي هٿ ڪونه
لڳائي رهيا هئا.
پر ڪنڊ واري اُڌم سنگهه جي دڪان وٽ اُها ٽولي جيئن ئي پهتي،
تيئن ئي سمورو نظارو ئي بدلجي ويو. پنجاهه ـــ
پنجهتر جوان، اُن هيسجي هيسجي اَڳيان سرڪندڙ قافلي
مٿان وڃي ڪڙڪيا. لٺين ۽ خنجرن جا ٺڪا ٺڪ وار ٿيڻ
لڳا. انهن حملن سبب مرد ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ
لڳا، ٻارن کي ڇاتين سان لڳائي، زالون گانين جيان
رنڀڻ لڳيون. برتڻ اونڌا ڪري پاڻيءَ جي وهڪرو جيئن
وهائبو آهي، تيئن خون جو وهڪرو اُن ڏامر جي رستي
تي جتي ڪٿي وَهڻ لڳو. هيٺ ڪريل ماڻهو هٿ پير هڻي،
لڇي ڦٿڪي ڪيڪون ڪري، ۽ آخر خاموش ٿي ٿئي ويا.
ايتري ۾، جهڙيءَ طرح باز جي چنبي ۾ جڪڙيل پکي چيخ ۽ ڪيڪڙاٽ ڪندو
آهي، اَهڙيءَ طرح دل ڏاريندڙ چيخ، منهنجن ڪنن تي
پيئي. ڇا ڏسان ته اُڌم سنگهه پنهنجي کاٻي هٿ جي
لوهي پنجي ۾، هڪ ٻار جا وار پڪڙيا هئا، ۽ سندس
ساڄي هٿ وارو، خون آلوده ڪرپاڻ، اُن ٻار جي ڇاتيءَ
۾ کتل هئو، اُن ٻار جي نيرين اکين منجهان جوت ڄڻ
ته اُجهامي چڪي هئي ۽ سندس پتڪڙا چپ خوف وچان سفيد
ٿي، عجيب نموني ٻيڻا ٿي پيا هئا. شايد کيس ڪجهه
چوڻو هئو، پر سندس چپن مان لفظ ٻاهر ئي نه ٿي
نڪتا...
ها. مون اُن ٻار کي سڃاتو، اَنور هئو، - اَنور ئي هئو. گل جيان
ٽڙندڙ، سهي جيان نازڪ، بلبل جيان چهڪندڙ اَنور!
نه، هن کي مرڻ نه گهرجي، پنهنجي سموري طاقت گڏ
ڪري، مون کي رڙ ڪري چوڻو هئو، ”اُڌم سنگهه هٿ پري
ڪر! هوُ پنهنجو اَنور آهي!“ پر اِهي لفظ منهنجي
زبان مان ٻاهر نڪرن، اُن کان اَڳ ئي اُڌم سنگهه جي
ڪرپاڻ جي ڌار، اُن ڪومل دل کي چيري چڪي هئي.
جنهن جا ريشم جهڙا ڪڪا وار، اُڌم سنگهه تنهن ڏينهن سهلايا هئا،
بيحد گرميءَ وقت، کيس پنهنجن هٿن سان جنهن کي پاڻي
پيئاريو هئائين، اُهو سهو، اُهو بلبل، دهليءَ جي
ڏامر جي رستي تي ڪريل چڪي کن رت جي دٻي ڀرسان هاڻ
خاموش پيو هئو! سندس چپن جي سرخي هاڻ واپس آئي
هئي. اُس جي چمڪي سان سندس گورن ڳلن تي وري سرخي
مڙي آئي هئي ۽ سندس نرم ڪڪا وار، ريشم جي جوڙين
جيان چمڪي رهيا هئا. مون کي اِئين لڳو ته اُڌم
سنگهه اَگر ٻيهر سندس ويجهو وڃي ته اَڃا به سندس
ڪلهن تي پنهنجا سهي جهڙا هٿڙا ڌري، کيس لاڏ وچان
جيڪر سڏي، ”چاچا جي!...“ |