سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون

(ڀاڱو ٻيو)

باب: --

صفحو :11

14

جي. اي. ڪلڪرڻي

 

پردو

پرنسيپال ٺڪار چشمو لاٿو ۽ آڱوٺي ۽ وچين آڱر سان اَکيون دٻائيندي، هٿ واري انگريزي مخزن ٽيبل تي ڦٽي ڪيائين. پيرن ۾ سليپر پائيندي، هوُ اُٿيا ۽ دريءَ وٽ اَچي بيٺا، پر اُتي ايندي ئي خراب، سينور ـــ ڀريل پاڻيءَ جيان ڏسڻ ۾ ايندڙ ميري سائي رنگ جي پردي ڏانهن سندس ڌيان ويو، ۽ ڪنهن گونگي زخم کي بي خياليءَ وچان ڪو ڇهي وڃي، اُن وانگر سندس من پيڙا وچان ڇرڪي اُٿيو.

آس پاس سمورو ڪمرو، هن ڪنهن چتر جيان سجايو هئو. زندگيءَ جي سفر ۾ پنهنجي شاعريءَ جي شؤقين، چنچل من ۾ اُٿيل ڪومل لهروُڻ، هن هن يا هن چيز جي صورت ۾ مجسم ڪري ڇڏيو هئو. اُهو ڪمرو سندس زندگيءَ جي مٺڙي يادگيري هئو.

سامهون ديوار تي، سفيد سنگمرمر جي ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن کي، شيشم جي ڪاٺ ۾ ويهاري ٺاهيل، ’ڪاپري‘ ٻيٽ جو قدرتي نظارو هئو. اُهو هن خود ڪاپريءَ ۾ ئي خريد ڪيو هئو. اُن ننڍڙي چؤڪنڊي ۾ دلڪش ريشمي رنگن جا ڌنڌلا خواب ٻجهيل هئا. اُن تصوير جي اِردگرد اَکيون ٿڌيون ڪندڙ، نيري سمنڊ جي يادگيرين جي ذريءَ- ڀريل دشالو. ڪاپري ٻيٽ، نيري مخملي سمنڊ ئي اِئين پئي لڳو، جيئن نڪ ۾ پيل ڦلي، کاٻي پاسي ’ڊيگا‘ جي، سڌ ٻڌ کوهي نچندڙ نرتڪيءَ جو چتر هئو. رنگن جي ميل روپي لهرن تي ڦيڻ ـــ ڀريل جوڀن! اُن جي لڳو لڳ ’هوڪسايه‘ جي چتر ”لهروُن“ جو نقل ٽنگيل هئو. وڏي شاهي نانگ جي ڦڻ وانگر، وشال مدمست لهر، ٽپ ڏيڻ کان اَڳ کن لاءِ فخر وچان رڪيل، اُن جي سايي ۾ بي سهاري لڳندڙ پتڪڙا، ٽڪن جيان ماڻهو! اُن چتر ۾ سادگيءَ ۾ موروثي شاهوڪاري، وروڪڙ، زنده، تيز ليڪن ۾، سمرٿتا عجيب نموني اُڀري بيٺي هئي. هڪ ڪنڊ ۾ ڪي قدر ڳاڙهسري پٿر مان جڙيل سگڙي رکيل هئي. اُن جي ٻنهي پاسي ديوارن ۾ اَڌ ـــ گول جي شڪل ۾ پکڙيل ننڍڙي لئبرري هئي. ڪٻٽ مٿان، يونان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان ورتل، ٽوڪري کڻي ويٺل هڪ ڳوٺاڻي نينگر جي پڪل مٽيءَ جي مورتي رکيل هئي. اُها نينگر هڪ گوڏو زمين تي ٽيڪي، ٻيو گوڏو اُڀو رکي ويٺي آهي، جنهن تي پنهنجي کاڏي رکي اَٿائين، ٽوڪريءَ ۾ ڦل آهن، اَکين ۾ عجيب بيچيني! ڇا کپيس، اِن جي ڪائي ڄاڻ ڪانهي، پر ڪجهه مڙيئي کپيس ـــ اَهڙي تمنا! سڄو ڪمرو، سفيد گلن سان سجايل چيري جو درخت پئي لڳو. جپان ۾ ڏٺل گلن جي ڦوهاري مثل لڳندڙ آهي وڻ ۽ قسمين قسمين ننڍڙيون ڇٽيون کڻي ناز اَنداز سان تڙڳندڙ جپاني عورتن جون تصويرون سندس من تي ڀرت جيان ڇانيل هيون.

پر اُهو سينور ـــ ڀريل پاڻيءَ جيان لڳندڙ پردو انبت  ڪوئي زخم پئي لڳو. ٽن درين کي ٽي زخم ـــ سڙندڙ زخمن وانگر! اهي هوا سان ڦڙڪيا ٿي ته اِئين ٿي لڳو ڄڻ ڄميل رت سخت پيڙا وچان پئيءَ ڌڙڪيو. دڪان مان جڏهين سندس زال اِهو ڪپڙو ورتو پئي، تڏهين هن کيس سانتيڪي نوع ۾، صاف صاف چيو به هئو ته اِهو ڪپڙو ڪمري جي ماحول کي اَصل چچري ڇڏيندو. رنگن جو ميل ڪنهن گيت وانگر آهي. هڪ بي سري رنگ سان باقي رنگ ڍرڪي مرده ٿيو پون. اِها ڳالهه هيءُ ماڻهو ڪڏهين سمجهندا؟ ڪنهن پيالي ۾ بلڪل ڳاڙهو شيرين اوچو شراب رکجي، اُن وانگر اُهو ڪمرو ۽ اُن ۾ زندگيءَ جي جذبات جي چنچل خوشبو، پر ڪنهن ڳالهه تي ضد ٻڌي، ماڻهن کي اُها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ، کين ڪڏهين به خيال ڪونه آيو. هڪ ڄاتل سڃاتل ماڻهو ههڙو بڇان ڏياريندڙ، سڙيل لاش وانگر لڳندڙ رنگن جو ڪپڙو چونڊي، اِن لاءِ کين ڏاڍو شرم محسوس ٿيو هئو ۽ ڪوئي اوچتو بدن مٿان گند ڪچرو اڇلي، ان ريت سرير سيٽي، سندن من گونگو بڻجي چڪو هئو.

”توهان کي ته اَسانجو ڪجهه به پسند ڪونه پوي!“ ڪپڙو خريد ڪندي سندن زال، هيل تائين پرايل پنهنجي آزمودي سان، دٻيل آواز ۾ چيو.

۽ اِهو هڪ خيال کان سچ به هئو، هيل تائين جي ويهن سالن ۾، پنهنجيءَ زال جي پسنديءَ خاطر يا کيس خوش ڪرڻ خاطر، هنن ڪجهه به ڪونه ڪيو هئو. هنن پنهنجن سوٽن جا مڙيئي رنگ، سج جي روشنيءَ ۾ ڏهه ڀيرا تپاسي پسند ڪرڻ جي ريت جوڙي ڇڏي هئي. هن، سندن لاءِ هڪ لڱا ٻه ’ٽايون’ پسند ڪري ورتيون هيون، انهن مان هڪ جي ڏهين ليڪ تمام گهڻو ٿلهي هئڻ سبب ۽ ٻيءَ جو رنگ ڪنهن ٻليءَ جي ڪيل اُلٽيءَ مثل هئڻ سبب، هنن اُهي ٻئي ’ٽايون‘ ڊرائيور کي ڏيئي ڇڏيون. نه رڳو ايترو پر هوءَ تيستائين ان ڪمري ۾ ويهي ڪانه سگهندي هئي، جيسين ان ڪري جي رنگن سان ميل کائيندڙ ساڙهي نه پائيندي هئي. باغ بنسبت به ساڳئي ڪار. يادگيريون تازون ڪري، گذريل زندگيءَ تي اَرغواني جادو ڪندڙ، هزار چشمن واري ’رات ـــ راڻيءَ‘ جي خوشبو کيس کپندي هئي. پر هنن وڏو، مدهوش ڪندڙ، پيرن هيٺ لتاڙيل جهنگلي گل جهڙي، گذريل يادگيرين ڏانهن حقارت وچان نهاريندڙ ’مئگنوليا‘ پوکيو هئو. زندگيءَ جي هر هڪ بوند، ڄڀ تي لرزائي، چکڻ کانسواءِ ڪڏهين به قبولي، هنن اَڳيان ڪونه وڌائي سندن زندگيءَ جي هر لمحي کي اک هئي؛ پر ان اَک ۾ صرف سندن پاڇي جون غفائون تراشيل هيون.

سندس وهنواري، رکي، ڪنبل جيان کهري من لاءِ کين بيحد تکي مگر گونگي نفرت هئي. کيس لئبريريءَ کي ته هٿ لڳائڻ به ڪونه ڏيندا هئا. ’ٿامسن‘، ’فليڪر‘، ’گيٺي’، ’برٽن‘، ’ليئو پارڊي‘، ’گريڪ اَئنٿالاجي‘ ’چيني شاعري‘ اِنهن سڀني ڪتابن کي ڪي مخصوص جڳهيون هيون. انهن مخصوص جاين تي ئي انهن جي دنيا، تصوير جي اَک جي پتليءَ جيان چمڪندي هئي. شاعر ’ٿامسن‘ جي ڀرسان شاعر ’فليڪر‘ جو ناٽڪ ”حسن“ ئي کپي. پيڙت، چنچل من، مشرقي زندگيءَ جي ڪلپنا جي ڀرسان، ڌنڌلي، اَبتر، شوخ تان جي نزديڪ ئي ساندهه تڙڦي پيو. اَنگ اَنگ لرزائي ڇڏيندڙ، سرير واسنا جي ڦيڻ ۾ ٻوڙيندڙ، گرما گرم موسيقي ۽ چهبوڪ جي ڦٽڪن سان اڏامندڙ خون جا آلا ڪرڻا ـــ من جي اِردگرد ڦيريون پائيندڙ سمرتين جا سفيد ڪبوتر، زندگيءَ کي يادگيرين جو هڪ به آرائشي گهيرو نه هئڻ ڪري، ڪنهن نانگڻ جيان اَنگ وَرو ڪڙ هلائي ويندڙ، آگ ڀرئي سرير واري، سمرتين کان خالي چپن واري نرتڪي ـــ ساري سنسار کي وڪوڙي ويل دک ڏانهن اسٿر نظرن سان ڏسندڙ، ’ٻڌ‘ جا سانت، پرسن نيڻ، ۽ زنده بدن مان ڪوري ڪڍيل گرما گرم ماس ـــ ٽڪر جو آلو لال رنگ ـــ شمشان ۾ قبر مٿان، صليب جي سايي ۾، کن لاءِ بهشت ماڻيندڙ ڪتن جو جوڙو، - اِهي سڀ اُنهيءَ آزمودي ۾ ئي ليکجڻ کپن. ڇو ته، هڪ کانسواءِ ٻئي کي ڪائي معنى ٿي ڪانهي، ’ٿامسن‘ جي ڀر ۾ ئي ’فليڪر‘ ۽ ’برٽن‘ کپن. اِن کانسواءِ انهن ڪتابن جي چمڙي جي جلدن ۾ به اَهڙو تضاد هئو. ’ٿامسن! خاڪي رنگ جو ’فليڪر‘ ڪارسري لال رنگ جو. ’برٽن‘ جي ڪتاب تي ڦڪي سائي رنگ جو جلد هئو. سڀ ڪتاب هڪ هنڌ هئڻ تي اِئين لڳندو هئو ڄڻ مور جي پڇ تي ڪنهن لال رنگ اوتيو آهي، جيون ڍڪي ڇڏيندڙ گهري نراشا جي پاسي ۾ گرما گرم رت ـــ ماس ۽ واسنا ڀريل شاعريءَ جون مصرعون، مور جي پڇ مٿان لال رنگ، سفيد ڇاتيءَ تي نيري ڇريءَ جو لال زخم، - اسپين ۾ ڏٺل، ڍڳن جي ويڙهه ۾، ڪاري ڍڳي جي ڀرسان واريءَ ۾ پيل ٻڪ جيترو ڪارو رت ـــ فرينچ هوٽل ۾ ڳائيندڙ ڇوڪريءَ جي سفيد پستانن سبب ڦوُڪيل ساٽين جي گهگهي تي لڳايل تازا ڪارسرا ڳاڙها ’ڪارنيشن‘ جا گل ـــ ’ٿامسن‘ جي ڀرسان ئي ’فليڪر‘، ’برٽن‘ کپن...

هڪ ڀير ڀل وچان، سندن زال اُنهن ڪتابن جي جاءِ مٽائي، اُن ڏينهن هنن چانهه به ڪانه پيتي، کين مٿس غصو ڪونه آيو، پر اَکيون بند ڪري ويٺل ڪنهن ڪتي جي گلڙي جيان لڳندڙ سندس مورک من جي باري ۾ کين البت ڪافي ديا آئي، هوُ کيس سڀ ڪجهه ڪيئن سمجهائن؟ زندگيءَ کي ڪنهن ’للي‘ جي گل جهڙو خوبصورت مقدار کپي. ڪنهن شاهي هيري ۾ جيئن روشنيءَ جو پاڇو هوندو آهي، ان ريت آزمودي کي زيبائتي، زنده جاويد صورت گهرجي. جذبات جي پاڳل مونجهاري کان ته خوابن سان ڀريل ڄار بهتر آهي. اِنسان ڇا آهي؟ اِهي آزمودا قبول ڪرڻ لاءِ ۽ انهن لاءِ ڪوشس جاري رکندڙ، خسيس، مٽيءَ جي ملهه وارو ينتر! پر اِهو سڀ هوُ کيس ڪيئن سمجهائن؟ اِهي ڪتاب هيڏانهن هوڏانهن رکڻ سان انهن جو جادو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، هي سائو پردو، هن ڪمري جي دلڪش ڪومل سندرتا تي اَتياچار آهي، بلڪل بي رحم زخم آهي ’بالا‘ کان به وڌيڪ بي رحم....

سندن پٽ ’بال‘، هنن جي دل تي هڪ زخم هئو. گذريل پندرهن سالن ۾، هنن سندس نالو به ڪونه اچاريو هئو. هن وٽان سندس ماءُ کي هر مهيني خط ايندو هئو. ڏاڍي اتساهه وچان، وڏين وڏين اَکين وارن، پنهنجن  ٻن ٻارن جا فوٽا گهر موڪليا هئائين. سندن نهن هر سنڪرات تي، بلور جهڙو شفاف، صاف عمدو حلوو، گلاب جي گلن سان ڀريل ٿيلهيءَ ۾ موڪليندي هئي. پر هنن ڪڏهين انهن فوٽن ڏانهن نظر کڻي به نه ڏٺو ۽ ڪڏهين ان حلوي جو داڻو به ڪونه چکيائون. هنن جي ليکي ’بال‘ مري چڪو هئو ۽ جڏهين ’بال‘ ئي چڪو هئو ته کيس زال ۽ ٻار وري ڇا جا؟ جڏهين بال، ان ساڳئي ڪمري ۾، (ميري شرٽ، ڀڙڪيلي ڪاري رنگ جي ’ڪارڊرايه‘ پئنٽ پاتل ’بال‘ کي ڏسي، هنن جو مٿو اِئين ڏکڻ لڳو هئو، جيئن نڪ ساڙيندڙ بانس سنگهڻ سان ڏکندو آهي) هنن کي اِهو اَچي چيو ته مان ڪاليج ڇڏيان ٿو ۽ بمبئيءَ وڃان ٿو، اُن ئي وقت ’بال‘ هنن جي زندگيءَ مان نڪري چڪو هئو، پر سندس خط گهر ايندو هئو ته سندن ڪي قدر ڦڪو چهرو، من جي پيڙا وچان گويا ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لڳندو هئو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنڌ هيٺ ڪري، هوُ ڪرسيءَ تي ويٺا هوندا هئا. ’بال‘ سندس زندگيءَ تي هڪ اَهڙو داغ هئو جو هوُ ڪڏهين به مٽائي نٿي سگهيا.

’بال“ بمبئيءَ ۾ آچار جو وڏو واپاري هئو. جڏهين ڪاليج ڇڏي، گهر مان نڪتو تڏهين هن هڪ پائيءَ جي به مدد گهري ڪانه هئي، پر اڄ کيس بمبئيءَ ۾ پنهنجو گهر هئو، پر هنن (پرنسيپال ٺڪار) کيس پنهنجي من جي پٽيءَ تان هميشه لاءِ ميساري ڇڏيو هئو. سندن پٽ اَچار جو ڌنڌو ڪندو آهي، اِها رڳو ياد تازي ٿيندي هئي ته سندن من لڄ وچان جلي خاڪ ٿي ويندو هئو. ننڍي هوندي ڪيتري نه اُميد ۽ اُمنگ وچان هنن ’بال‘ کي لئبريريءَ ۾ تصويرن جا ڪتاب ڏيکاريا هئا! ’مائيڪل لائنجيلو‘ جا عاليشان، غيررواجي ’موجيز‘، ’ٽشي وَين‘ جا مائيدار، زنده جاويد رنگن جا ڪرشما، ’ورمير‘ جا روشني جي ڪرڻن سان اُڻيل نازڪ ڪپڙا، ڪنهن ڌنڌلي ياد سان دل ۾ ڪوريئڙي جي ڄار جيان لڳندا ’ديبران‘ جون تصويرون، ۽ ’ويلاسڪيتر‘ جو، ظالم سخت حرص جي نشيءَ ۾ الوُٽ لڳندڙ، ڏهين ’پايس‘ ’پوپ‘ جو ’پورٽريٽ‘ ۽ اُن ۾ برش جي گهڪي سان رت پيدا ڪندڙ رنگن جي هوشياري. ـــ انهن ڳالهين جا ڪيترائي ٻج هنن ’بال‘ جي من ۾ ڇٽيا هئا! جنهن چهري لاءِ هزارين جهاز سمنڊ ۾ ٻوڙيا ويا. ۽ ’اليم‘ جا آڪاس کي چمندڙ محلات ۽ منارا خاڪ ۾ ملي ويا، اُن جي باري ۾ پنهنجا صاف ڇپر بند ڪري، هوُ ڳالهائڻ لڳا جيئن کانئس ٻاهرين دنيا بلڪل وسري وڃي، لفظن ۾ لڪل پرين جو مدهوش ڪندڙ حسن، پرن جو آواز گڏ ٿيڻ تي پيدا ٿيندڙ نيرا سپنا، هنن رانديڪن جيان ’بال‘ اَڳيان رکيا هئا، پر ’بال‘ جو جيون ئي وئرٿ نڪتو. هن پنهنجو پاڻهي ڪڏهين به شاعريءَ جو ڪتاب ڪونه کوليو. ڪنهن سورهن سالن جي نينگر جيان لڳندڙ ڪنهن شعر جي مصرع ڏسي هوُ پاڳل ڪونه ٿيندو هئو. پڇاڙيءَ جو ته، اِئين چئي ته مان آچار جو واپار ڪندس، هن سندن سڀني پاڳل سپنن کي چوُر چوُر ڪري ڇڏيو. سندن ’مئگنوليا‘ مٿان ٿڪ اُڇلي، هن اهو ڄڻ گندي، سينور، ڀريل پاڻيءَ جي دٻي ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيو. هن جي وڃڻ کانپوءِ پرنسپال ٺڪار دروازو بند ڪيو. پوءِ اَڌ ڪلاڪ سندن اَکين مان آنسو وَهيا پئي. سندن جيون جون پنکڙيون ڇڻيون پئي. نيٺ هنن پنهنجي دل جي زخمي حصي کي بي رحميءَ وچان ڏنڀ ڏيئي مردار بڻائي ڇڏيو. ’بال“ جي اِرگرد ٽڙيل پکڙيل مرده خوابن جا لاش هنن خشڪ اَکين سان ڦٽي ڪري ڇڏيا. سوُئر کي جيئن جلدي جلدي ٻار ٿيندا آهن، تيئن ’بال‘ وٽ پئسو اَچڻ لڳو پر پرنسپال پاڻ کي وَنش ـــ هيڻ سمجهڻ لڳو. جنهن زندگيءَ ۾ شعر جي هڪ مصرع به ڪانه لکي، ڪنهن گل جي خوشبوءِ تي جيئن مدهوش ٿي وڃبو آهي، ان ريت، جنهن کي هڪ لفظ جو به رنگ، سر، يا ان جي اڻت وڻي ئي ڪانه، تنهن کي پنهنجو پٽ مڃڻ لاءِ سندن من تيار ڪونه هئو.

’بال‘ سندن من تي ميري سائي رنگ جو گندو پردو هئو.

اُهو پردو سندن سنگمرمري سندرتا جي سنسار ۾ ڦڙڦڙائڻ لڳو. هنن سون جي باريڪ تارن سان سجايل پنهنجو ’پائيپ‘ کنيو، پر سندن هٿ ٿرٿر ڪنبڻ لڳو. گهڻي ڪوشش جي باوجود، هوُ ’پائيپ‘ دکائي ڪونه سگهيا. آخر اُهو پائيپ جيئن جو تيئن واپس ’ڊرائر‘ ۾ رکي ڇڏيائون. هنن ڪٻٽ جو در کوليو، ’ٿامسن‘ ٻاهر ڪڍيائون. ۽ پيڙا وچان جليل پاڳل من سان، جيئن ڇانو ۾ نيڻ ـــ هيڻ تي گهمبو آهي، ان ريت ’ٿامسن‘ جي ڪوتائن ۾ گهمڻ لڳو.

اُنهن مان دل ۾ ڏاروُن وجهندڙ دک ـــ ڀريو شوُڪارو ٻڌڻ ۾ آيو. اُن ۾ نماشام جي روشنيءَ ۾ هڪ هڪ ٿي ڇڻندڙ پنن جي ويا ڪلتا هئي. ڪنهن قبر مٿان آلي چانڊاڻ ڦهليل هجي، اَهڙي سانوري اُڻ تڻ هئي. سڀ لفظ خوابن جي ڀوتن جيان پئي لڳا. اَلانفيس ڪپڙا ڄڻ ته ڦهليل هجن، اِن طرح لڳندڙ واريءَ تي پيرن جا نشان، لهرون اُڀري مٽائي وڃن، اَهڙيءَ طرح آنسن ـــ ڀريل اکين مان لڙڪن جون لڙيون جاري ٿي، گم ٿي وييون.  `You went your unremexmbering way` تون آئينءِ ۽ بيٺي پير ئي، آلن پيرن سان موٽي ويئينءَ....  Nothing begins, noting ends هر آزمودي کي دک جي، رت جي ڦڙن جي قيمت ڏيڻي پوندي آهي. گل ٽڙن ٿا ۽ ساڳئي سڀاويڪ نموني غائب ٿين ٿا، پر اُنهن جي ياد اَلبت دل ۾ گهر ڪري ٿي، ۽ ساندهه ستائيندي ٿي رهي... ’فليڪر‘، ’برٽن‘... واريءَ جي ننڍن ـــ وڏن ڌڙن مٿان لکين چانڊوڪين جي ٿلهي مخملي آڪاس جي پس منظر ۾، اُٺن جو ڪاروان لڏندو لمندو هلڻ لڳي ٿو. شراب وانگر گهاٽي رنگ جا هندستاني غاليچا ۽ ٻگهه پکين ۽ واگهن جون ڪوري ڪڍيل تصويرن واريون تلوارون کڻندڙ واپاري، سمرقند جي سفر جو گانو، سونهري آواز ۾ ڳائڻ لڳن ٿا، ٻن چئن سون جي دينارن لاءِ؟ ڇي ڇي! For the lust of knowing what should not be known, we take the goiden journey to samarkand. .... سندن زوردار آواز سان آسمان جو پردو ٿرٿر ڏڪڻ لڳو، واريءَ تي پيل راڪاسي سايا کن لاءِ جاڳي اُٿيا ۽ واريءَ جو ڪڻو ڪڻو ٽڙي پيو. پرنسپال ٺڪار جي من تي پيل ڪارو پردو جلي خاڪ ٿي ويو ۽ بيحد خوشيءَ  وچان، جوت جيان لرزڻ لڳو. ايراني صراحيءَ واري شراب سان سرخ ٿيل لفظ، حورن جي لچڪدار رقص، سان مدمست ٿيل مصرعون (برٽن) جي عربي عورتن وانگر مست، مدهوش ۽ ننگيون لڳندڙ يادگيريون، مؤت جو ’رڪ‘ پکي اُڏاڻو آهي، اِهو ٻڌائيندڙ ’عمر خيام‘ جو قلندري آواز.... گلن جو پاڇو پاڻيءَ ۾ ڏسڻ گهرجي، ’بانس‘ جي وڻ جو پاڇو چانڊاڻ ۾ ڏسڻ کپي ۽ ڪنهن حسينا جو پاڇونزاڪت سان اڻيل پردي تي ڏسڻ کپي ـــ اِئين کليو کلايو سڻائيندڙ رسڪ چيني شاعر.... اِهي سڀ پرنسپال ٺڪار جي من ۾ چڀڻ لڳا. واڱڻائي، پيلين چڻگن جي چؤنر جهولندي هجي، اِن ريت پرنسپال ٺڪار جون يادگيريون اُڀري اٿيون، ۽ اُنهن مان رنگين مصرعن ۽ تصويرن جا شعلا اڏامڻ لڳا، ۽ اِندريون مدهوش ڪندڙ خمار ـــ ڀريل سک سبب سندن اَکيون ڀرجي آيون.

پر اِن جادوءَ جا ڪپڙا گويا ڪنهن ڌونڌاڙيا هجن، اِن ريت اها مدهوش ڪندڙ دنيا غائب ٿي ويئي. کين اِئين لڳو ته ڪٿان ڪو آواز پيو اَچي ـــ گهگهو، ڪٺور، غير واقف، ڪارائيءَ جي ڏندن جيان، نانگن جيان لڇندڙ... ”اَسان ڪجهه سندر، سپنن ـــ ڀريو نرماڻ ڪيو. اَسان مٽيءَ مان ماڻهو ڪيو، لفظن کي شراب بڻايو، آزمودي جا اَمر بشپ جڙيا، نه ته تون خسيس...  ۽ تنهنجي مسڪين داغيل دنيا... اُن ۾ تنهنجو گندو، سينور ـــ ڀريل پردو... پردو...“‎

پرنسپال ڪتاب واپس رکيا ۽ هوُ چمڙي جي ڪرسيءَ تي ويٺا، ’بال‘ جي يادگيريءَ جو ڪنڊو ڪڍي ڇڏيو هئائون، اِن کانسواءِ سندس ڏوهه هڪ رواجي اِنسان خلاف آهي، هڪ خسيس اِنسان جو خسيس پٽ جو آچار جو واپار ڇا ۽ پنهنجو مٽڪي جي ٽڪري جهڙو جيون ڇا! اَڄ آهي، سڀان نه هوندو. ’هو ڪسايه‘ جي تصوير ۾ چٽيل عاليشان لهر هيٺ ڪرونڊڙا ٿي ويٺل، نڪما ماڻهو اَسان ئي آهيون! پر هيءُ دريءَ تي پردو! ’ڊيگا‘ ’هوڪسايه‘ جي تصويرن سامهون، ’ٿامسن‘، ’خيام‘، ’گيٺي‘ جي ڪتابن سامهون، ’ڪاپري‘ ٻيٽ جي آمر سندرتا جي سپنن‘ ڀريل سنسار ۾، هيءُ سائو ميرو پردو بي حيائيءَ وچان ڦڙ ڦڙائي، اِهو خيال ئي هنن لاءِ سهڻ کان ٻاهر هئو. اُن منگل، پراچين جڳت مٿان ڄڻ اَسان ٿڪ اڇلي آهي، اَهڙو ڪجهه جيڪو معاف نه ٿي سگهي، ڪو بيحد گندو ۽ حيواني ڪم ڪيو آهي- اَهڙي ڄاڻ کين پيئي. سندن اَکين جون ڪنڊون گويا جلڻ لڳيون، ۽ سندن بدن جو ڪڻو ڪڻو زهريلي شرم وچان ساندهه تڙڦڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com