سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون

(ڀاڱو ٻيو)

باب: --

صفحو :10

13

شنڪر پاٽيل

 

بي مؤسوم برسات

اُس جي ڪائي ٻري رهي هئي. هوا بلڪل بند هئي، آڪاس ۾ بادل ڇانيل هئا، اِنڪري گهٽ محسوس ٿي رهي هئي. ويٺي ويٺي بدن پگهر ۾ شل ٿي ٿئي ويو. ڇانوَ جي لحاظ کان جهوپڙيءَ ۾ ويهڻ تي به ٻاهران لڪ اَندر اَچي رهي هئي. گرمي ڪافي وڌي چڪي هئي.

جهوپڙيءَ ۾ نويڪلو ويٺل تاتيا ديسائيءَ کي گرميءَ سبب گهٽ محسوس ٿي رهي هئي. ڄڻ ته بدن ڪنهن بٺيءَ ۾ پڄري رهيو هئو. ليٽيءَ ليٽيءَ جڏهين چين نه مليس، تڏهين تاتيا اُٿي ويٺو. بدن تان جهٻو لاهي، هوُ پگهر اُگهڻ لڳو ۽ اُگهاڙي بدن سان هوا کائڻ لاءِ ويهي رهيو، لڏندڙ ڳچيءَ سان، پٺ کي ڪمان بڻائي ٻنهي پيرن تي اوڪڙو ويهي، هوا کائڻ لڳو؛ پر گرمي گهٽ نه پئي ٿي. ساري ڀوُنءَ سڪل ڪپڙي جيان جلي رهي هئي. ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ ويهڻ تي به بدن پڄريو پئي. هوا ۾ هڪ عجيب قسم جي ٻٽ هئي. هوا بلڪل بند هئي. ڀنڊاري ۾ ٺوُنسي ڀريل اَناج جيان ماڻهن جي حالت بڻي هئي.

پنهنجو جهٻو هٿ ۾ جهلي، تاتيا لڳاتار هٿ لوڏي رهيو هئو. ڪنبندڙ هٿ سان هوا ڪري ڪري سندس هٿ ئي ڏکڻ لڳو. هٿ ٿڪجي پيس ته لاچار ٿي، تاتيا پنهنجن ٻنهي هٿن جا پنجا زمين تي رکي، ماٺ ڪري ويهي رهيو.

اُس اتري ته تيز هئي، جو اکيون کولي ٻاهر ڏسڻ به مشڪل هئو، اَصل اَکين جا تارا ٻاهر نڪري ٿي آيا، تاتيا پنهنجي ڳچي گوڏن وچ ۾ جهلي، پيرن جي ترين ڏانهن ڏسندو رهيو. ويٺي ويٺي بدن پسيني سبب چڪ چڪ ڪرڻ لڳس، اِنڪري تاتيا، جهٻي کي ئي مروٽي سروٽي، پٺيان آڏو جهلي، پٺ اُگهڻ لڳو. بدن گهڻو اَگهڻ سان به پسينو گهٽيو ئي نه پئي. هنومان وانگر بدن مان پسينو سمي رهيو هئو. دل ۾ آيس پئي ته ڪٿي وڃي پاڻيءَ سان سنان ڪريان يا ڪنهن تلاءَ ۾ وڃي تڙڳان. گهٽ ٻوساٽ اَصل برداشت نه پئي ڪري سگهيو.

تاتيا جنهن جڳهه تي ويٺو هئو، اُن جڳهه تان ئي هٿ وڌائي، گهڙي مان ٿڌو پاڻي، مٽيءَ جي پيالي ۾ ڀري، ڏوگهيائين ۽ويٺي ويٺي ڊگها ساهه کڻڻ لڳو. لڏندڙ ڳچي سنڀاليندي، پپر جي وڻ جي پنن جيان ٿر ٿر ڪنبندڙ هٿن جون آڱريون، آڌار لاءِ زمين تي ٽيڪي، هوُ ويهي رهيو ۽ اُس گهٽجڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

اَهڙي نٽهڻ اُس ۾ هڪ ماڻهو جبل تي چڙهندو مٿي آيو ۽ جتي تاتيا ويٺو هئو، اُن جهوپڙيءَ طرف اَچڻ لڳو، اُس ۾ ٽڪڻ ٽپي نه، اِن لحاظ کان هن ڌوتيءَ جي هڪ ڇيڙي سان پنهنجو مٿو ڍڪي ڇڏيو هئو. سندس هلڻ سان اهو ڇيڙو به لپاڪ لپاڪ آواز ڪري رهيو هئو. اُهو آواز ٻڌي، تاتيا جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻندي پڇيو، ”ڪير آهي؟“

تاتيا جي نزديڪ کپ کوڙي ويهندي هن جواب ڏنو. ”مان ماليءَ جو سکبا آهيان. اُس ڪافي تيز آهي، تاتيا!“ اِئين چئي، پير پساري سڌو ٿي ويٺو ۽ ڌوتيءَ سان پگهر اگهندي چيائين، ”ٿڌو پاڻي باڻي آهي ڇا؟“

”هوس ڏس، هن گهڙي ۾ اَٿيئي. ڪيڏانهن ويو هئين ههڙيءَ نٽهڻ اُس ۾؟“

پهرين ٻه پيالا پاڻيءَ جا پي، وات اُگهندي سکبا چيو ”ويو هوس ڪنبور.“

”ڇاجي لاءِ؟“

”صبح صبح جو اُتان هڪ ماڻهو آيو هئو، بري خبر کڻي....“

تاتيا ڇرڪ ڀري چيو، ”ڇو؟ ڪوئي گذاري ويو ڇا؟“

”ها، تاتيا منهنجو سهرو رمندو رهيو.“

”سو وَري ڪيئن؟ ڪجهه ٿيو هوس ڇا؟“

”نه ڪو ڏک نه ڪو سوُر، ڪجهه به نه اوچتو ئي اوچتو مؤت آيس.“

”ائين اوچتو ڪيئن هليو ويو؟“

”بس!“ڄڻ پاڻ سان ڳالهائيندو هجي، اِئين سکبا ڳالهائڻ جاري رکندي چيو، ”منهنجي سس ماني کڻي کيت تي ويئي. منهنجو سهرو ماني کائڻ لاءِ اَڳ کوهه تي ويو. اُتي هٿ پير ڌوئي، ڏاڪا چڙهي، پنهنجيءَ جهوپڙيءَ وٽ جيئن تيئن پهتو ۽ زمين تي ڪري پيو.... ڪرڻ سان خاموش ٿي ويو! منهنجي سس جيسين مانيءَ جي هڙ جي ڳنڍ ڇوڙيءَ تيسين سمورو کيل خلاص ٿي ويو. اِهو ڇا ٿيو، سو ڏسڻ لاءِ منهنجي سس اَڳيان وڌي ويئي ته هو نه ٻولي نه چري! اُتي جو اُتي ٿڌو ٿي ويو هئو! ڪجهه پتو ئي ڪونه پيو. مون کي هيئن يا هونئن ٿي رهيو آهي. اِهو ٻڌائڻ لاءِ هن وات به ڪونه کوليو. ڪال ئي اوچتو آيس، ته هوُ ويچارو ڇا ڪندو؟ ڇا ته ويچاري کي مؤت آيو!“

سانت ڪري ويٺل تاتيا جي من ۾ هلچل شروع ٿي ويئي. گهٻرايل من سان، تاتيا ٻئي هٿ لوڏي چيو، سکبا چريا! هيءَ سڀ سچ ناهي. ماڻهوءَ جو ڀروسو ئي ڪونه رهيو آهي. ماڻهو هينئر آهي، ته پوءِ ناهي ـــ اَهڙي گت ٿي آهي. ڇاڇا نه پيا ٻڌون اَڄڪلهه!“

ايئين چئي تاتيا چپ ڪري ويهي رهيو. پنهنجي لڏندڙ ڳچي گوڏن وچ ۾ رکي، زمين طرف يڪ ٽڪ نهاريندي، ويٺو رهيو. تاتيا ٻاهران جيتوڻيڪ سانت هئو، پر اندر کاڄي رهيو هوس. ڪنهن برتڻ ۾ پاڻي وجهي، اُن ۾ نليءَ ذريعي ڦوڪڻ سان جيئڻ ڦوٽا مٿي ايندا آهن، تيئن تاتيا جو من ڇلڪي رهيو هئو. کيس سندس ٻيڙيءَ زال جا لفظ ياد آيا:

”ههڙي مينهن ۽ واچوڙي ۾ ٻنيءَ ڏانهن ڇا لاءِ ٿا وڃو؟ گهر ۾ ٿانئيڪو ٿي ويهڻ ڇڏي، ڇو ٿا منهنجو ساه مٺ ۾ ڪرايو؟“

تاتيا گونگو بڻجي ويهي رهيو. ڪجهه دير کانپوءِ سکبا ڌوتيءَ جو هڪ ڇيرو وري مٿي تي رکي چوڻ لڳو، ”چڱو مان هاڻ هلان ٿو، ڪڪر به مڙي آيا آهن، برسات پوي، اُن کان اڳ وڃي ٿو گهر پهچان.“

بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي تاتيا ڪنڌ ڌوڻيو ۽ لپاڪ لپاڪ آواز ڪندڙ ڌوتي جو ڇيڙو سنڀاليندي، سکبا جبل لهي، ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي تي وڃي پهتو.

سکبا پري ٿيندو ويو ۽ آخر نظر کان پري ٿي ويو، اوچتو هوا جو جهوٽو آيو، هيڏانهن هوڏانهن ڀڄندڙ هوا، جهوپڙيءَ ۾ گهڙي، تاتيا جي بدن جي اِردگرد ڦيريون پائڻ لڳي. جهوپڙيءَ جون لڪڙين مان ٺهيل پتيون کڙکڙ ڪري وَڄڻ لڳيو، جهوپڙي زور زور سان ڌڏڻ لڳي، ڇت ذوُم سان آڪاس طرف ڪٿي اُڏامي ويئي. ڇت اُڏامي ويئي ڇا، اِهو جاچڻ لاءِ تاتيا مٿي نهاريو ته ڇا ڏسي ته ڇت جي لڪڙيءَ مان لٽڪندڙ ڪهاڙيءَ، ڪرڻ تي هئي، اُها کڻي وٺڻ لاءِ تاتيا تڙ تڪڙ ۾ اُٿي بيٺو ته واچوڙو کيس ڪجهه سوچڻ ئي نه ڏئي. ٻيڙيءَ جي بادبان ۾ جيئن واءُ گهسي ايندو آهي، تيئن سندس ڌوتيءَ سندس ٻنهي ٽنگن جي وچمان پٺيان ڌڪجڻ لڳي. هو اَڳيان وک وڌائي ئي نه سگهي. هوا رستو روڪي بيٺي. هٿ مٿي ڪري ڪهاڙيءَ ڪڍڻ مشڪل ٿي پيو. صاف صاف ڏسڻ ۾ به نه پئي آيس. ٻاهرين مٽي اَکين ۾ گهسڻ لڳي، بدن ڌڏڻ لڳس. آخر هڪ هٿ سان، ڀت جو آڌار جهلي، هن اُها ڪهاڙي جيئن تيئن ڪري ڪڍي ورتي ۽ اڏامندڙ مٽي اَکين ۾ نه پوي، اِن لاءِ اکيون بند ڪري ويهي رهيو. ويتال[1]جيان ڀڄندڙ واچوڙو ڪنن ۾ گهسڻ لڳس. اَکيون کولڻ به مشڪل ٿي پييون.

واچوڙو ڦيراٽيون پائي پائي اَڳيان نڪري ويو ۽ ڪڪرن جو ميڙ چرڻ لڳو. سفيد بادل ڪارا ٿيڻ لڳا. ننڍن ننڍن بادلن جا ٽڪرا هڪ ٻئي ۾ گڏجي مسجي، آسمان تي ڇائجي ويا. اُس غائب ٿي ويئي ۽ لوُساٽيل کيت، بادلن جي ڇانوَ هيٺ ڍڪجي ويا. اوچتو گڙ گڙاهٽ شروع ٿي ويئي.

هيٺ ڪنڌ جهڪائي ويٺل تاتيا، گوڏن تي هٿ ٽيڪي، اُٿي بيٺو، موتئي وارين اَکين سان آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳو، جيئن ڌنڌ ۾ ٿيندو آهي، تيئن سڀ ڪجه اونداهو بڻجي چڪو هئو. بادل گرجي رهيا هئا. اولهه کان لال لال ڌوڙ جا بادل ذوم سان اچي رهيا هئا، اِئين پئي لڳو ڄڻ ته سمورو ڳوٺ، آگ ۾ ڀسم ٿي ويو آهي ۽ ڳاڙهي ڌوڙ آسمان تائين وڃي پهتي آهي، هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندڙ واچوڙي جا اِهي گهوڙا تيز رفتار سان نزديڪ اچي رهيا هئا. ڏسندي ڏسندي وڄ چمڪڻ لڳي ۽ پاڻيءَ سان ڀريل بادل ويجهو اَچڻ لڳا.

تاتيا پٺ ڦيري، ٻنين ۾ ڪم جاري هئو. اُن طرف هٿ مٿي ڪري، سڏ ڪيائين، ٿڌي هوا جو جهوٽو بدن کي ڇهڻ لڳو. اِنڪري اَڳهڻو لاٿل جهٻو، جهوپڙيءَ ۾ اَندر اَچي، پاتائين، ڪنبل مٿان پيل رومال کڻي، پنهنجي مٿي تي ٻڌائين، ڪن بنهه ڍڪي ڇڏيائين ۽ جهٻي جا بٽڻ پائي، تاتيا پنهنجي پٽ ۽ ٻين ماڻهن جي واٽ نهارڻ لڳو.

هوا ذوُم سان لڳي پئي، ٿڌي هوا جو جهوٽي سان لڱن ۾ سياٽا پئي پيا. ڇڻي ويل پن اُڏامڻ لڳا. ڏسندي ڏسندي واچوڙو سان سان ڪري آيو ۽ سامهو بيٺل گدامڙيءَ جو جهونو وَڻ کڙ کڙ ڪرڻ لڳو، چيچاٽ ڪرڻ لڳو. وَڻ مٿان ويڙهيل وَل هوا ۾ لوڏا کائڻ لڳي، ول ۾ پڪل ميوا ول مان ڇڄي هيٺ ڪرڻ لڳا. سامهون ڏسڻ ۾ ايندڙ ڳوٺ، مٽيءَ سان ڍڪجي ويو. تاتيا ڳوٺ ڏانهن يڪ ٽڪ ڏسڻ لڳو، پر واچوڙي ۾ وڪوڙيل گهر ڄڻ ته غائب ٿي ويا. هوا سان، ڳوٺ جي سرحد تي بيٺل وڻ ڌڏڻ لڳا. ڦيريون پائيندڙ پکي، جهوٻا کائڻ لڳا ۽ برسات جا گول گول ڦڙا ٿوري ٿوري مفاصلي تي پوَڻ لڳا.

اوچتو تاتيا پاڻ کي نستو سمجهڻ لڳو. برسات پوڻ تي، جيئن زمين مان هٻس نڪرندي آهي، تيئن تاتيا جي من جي حالت هئي، جيئن جيڪي پوکيا ئي نه هجن اُهي ٻوٽا اُسرڻ لڳن، تيئن تاتيا جي من ۾ اُهي ويچار پيدا ٿيڻ لڳا جي هن چاهيا ئي نه ٿي. گدامڙيءَ جي وڻ جا چيچاٽ ڪن کائڻ لڳس، جهوپڙيءَ ۾ اَڪيلو ويٺل تاتيا اُداس بڻجي، ڪنهن سنگتيءَ جي واٽ نهارڻ لڳو.

کيتن مان هاري ناري ڊوڙندا تاتيا جي جهوپڙيءَ ۾ آيا، پٽ کي ڏسي تاتيا کي ذرا آٿت مليو. چهري تي پيل مينهن ـــ ڦڙا اُگهندي، شورام جهوپڙي جي در وٽ بيٺو هئو. تاتيا سندس منهن ڏانهن يڪ ٽڪ ڏسڻ لڳو. ايتري ۾ وڄ چمڪي ۽ روشنيءَ جو تجلو شورام جي چهري تي کن لاءِ ڦهلجي ويو.

”... شورام، پٽ! هيءُ سامان ته ذرا ٻاهر رکي اَچ. توهان ڇو ٿا وڃو ٻاهر؟ پير - پهرين[2] ماڻهوءَ کي وڄ کنوڻ وقت ٻاهر نه نڪرڻ کپي.“ تاتيا کي پنهنج زال جي ڳالهه ياد آئي.

تاتيا، ٿر ٿر ڪنبدڙ هٿن سان ويجهو پيل ڪهاڙيءَ کڻي، ٻاهر اَڱڻ ۾ ڦٽي ڪئي ۽ منهن ـــ سامهون بيٺل پٽ شورام ڏانهن ڏسندي، چيائين، ”شورام! ڳوٺ جون حالتون ته قياس ـــ جوڳيون ٿيون لڳن. واچوڙو ئي عجيب پيو لڳي!“

شورام، سامهون واچوڙيءَ ۾ وڪوڙيل ڳوٺ ڏانهن ڏسندي چيو،  ”چ.... چ.... چ.... ڇا ته وا چوڙو لڳو آهي!“

سڀ عجب ۾ پئجي سامهون ڏسندا رهيا، واچوڙيءَ ته غضب ڪري ڇڏيو هئو. ڳوٺ جي سرحد تي بيٺل وڻ هڪ پاسي جهڪي رهيا هئا. جهڪيل وڻن مان ميوا ڇڻي رهيا هئا. ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا. سڪل ڇڻيل پن، سرڻ جيان مٿي اُڏامي رهيا هئا. وڏين وڏين شاخن وارا درخت، جهڪي جهڪي زمين سان نڪ گسائي رهيا هئا.

”.... هاڻ عمر اَچي ٿي آهي. نڪ زمين سان گسائڻ لڳا آهيو، هاڻ ڪڏهين به اوچتو رام کي پيارا ٿي وينداسين.“

”توکي وري ڪهڙو آهي مرڻ جو ڊپ؟“

 ”ڳالهه اِئين مذاق ۾ نه اُڏايو. ڪاشي- راميشور کي ته ڇڏيو، پر گهٽ ۾ گهٽ شنگڻاپور جو مهاديو ۽ ”گوڪرڻ“ جي تيرٿ ـــ ياترا ته ڪرڻ کپي نه؟ جيسين جيئرا آهيون تيسين ٿورا سومر ته سڪيار ٿا ڪريون. اَڃا ڪيتري دير وجهنداسين؟“

وڄ وڌيڪ کنوڻ لڳي ته سامهون بيٺل هاري ـــ ناري ٿورو پٺيان هٽي، هيٺ ويي رهيا. ويٺي ويٺي، ساهه مٺ ۾ جهلي ٻاهر ڏسڻ لڳا. ايتري ۾ اَکيون چڪا چؤنڌ ڪندڙ روشني ٿي. ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ وڄ جو عجب غريب ڪڙڪاٽ سموري پسگردائيءَ ۾ گونجڻ لڳو. ڪن گويا ٻوڙا ٿي ويا. سڄي سرير کي ڄڻ ڌڌڪو رسي ويو. ”لڳي ٿو، وڄ ڪٿي مڙيئي ڪري آهي، پٽ!“

اِئين چئي، تاتيا ڏڪندڙ کاٻي هٿ جي آڱرين سان هٿ جي چيچ کي ڇهي ڏٺو. چيچ ۾ اَنگوُٺي ناهي، اِهو ڄاڻي کيس ڌڌڪو رسيو.

”ڇا پيا ڳوليو؟“

چيچ کي ڇهندي تاتيا چيو، ”لڳي ٿو، چيچ مان اَنگوٺي ڪري پيئي آهي.“

اَنگوٺي گم ٿي ويئي، اِهو ڄاڻي سڀ هاري گهٻرائجي ويا، ۽ هيڏانهن هوڏانهن اَنگوٺي ڳولڻ لڳا، ويٺي ويٺي آسپاس هٿوراڙيون هڻندي، هڪ ڄڻي پڇيو، ”ڪيترن تولن جي هئي؟“

شورام کلي چيو. ڪيترن تولن جي وري ڇاجي؟

ٽامي جي ئي، ٽامي جي!“

سڀ کلڻ لڳا ته تاتيا به ڪوڙو کلندي چيو، ”مان پير ـــ پهريون آهيان نه، اِنڪري منهنجي زال مون کي اِها اَنگوٺي پائڻ لاءِ مجبور ڪيو هئو. هينئر کنوڻ کي کنوندو ڏسي اُن ٻڍڙيءَ جي ياد تازي ٿي ويئي. صبح جو گهر ۾ ڪٿي وساريم يا ڪٿي ڪري پيئي، ڪجهه ياد نٿو پوي.“

”ڇو؟ پير ـــ پهرئين ماڻهوءَ کي وڄ جو ڊپ ٿيندو آهي ڇا؟“ هڪ ٻئي هاريءَ پڇيو.

تاتيا ڪجهه چوڻ لاءِ وات کولي ئي کولي، ان کان اڳ سامهون وڄ ڪنهن نانگڻ جيان سرڪندي گم ٿي ويئي. ڪاريءَ پٽيءَ تي ڪلڪ سان ليڪ ڪڍجي اِن ريت! وڄ اِئين جهلڪو ڏيئي غائب ٿي وئي ۽ واءُ وَري زور سان گهلڻ لڳو. مينهن ”ٺاٺا“ ڪري وسڻ لڳو ۽ مٽيءَ مان هٻس چوگرد ڦهلجي ويئي. گدامڙيءَ جو وڻ اِئين جهوُمڻ لڳو ڄڻ منجهس ڪو ڀوت آيو هئو. جهوپڙيءَ ۾ گهسي آيل هوا سان ڇت کڄڻ لڳي. گهنگهور گهٽائون زور زور سان گرجڻ لڳيون، اِئين پئي لڳو ته جهوپڙي ڪکن سميت اُڏامي ويندي.

ڪرونڊڙو ٿي ويٺل تاتيا، پٽ کي چوڻ لڳو، ”خبر ناهين ته ماڻهين اَندر ڇا پيئي ڪري!“

دوُم سان هوا لڳڻ سبب، گدامڙيءَ جو وڻ جهڪڻ لڳو. وڻ تي ويڙهيل وَل ڄڻ ته ٽپ ڏيئي ٻاهر اَچي پيئي، هوا سبب اُکڙيل ول اِئين لڳي رهي هئي، جيئن ٽوپيءَ مان نڪتل زري لڳندي آهي. ول مان نڪتل ميوا، ڦٽي ڪيل کينهي جيان بدن مٿان ڪرڻ لڳا. گدامڙِيَ جو وڻ ته نيٺ ته ڍرڪي پيو. برسات آڏي ـــ ڦڏي پوَڻ لڳي، برسات جو پاڻ پير ڇهڻ لڳو. برسات سان گڏوگڏ ڳڙا به وَسڻ لڳا. اَڱڻ ۾ سڪائڻ لاءِ چيزون پکڙيل هجن، اِن ريت ڳڙا اَڱڻ ۾ پکڙجي ويا. شورام ۽ ٻيا ماڻهو ڳڙا ميڙڻ لڳا. هوا جو زور گهٽجڻ تي برسات به گهٽجڻ لڳي. هوا جي اَندر گهسي اَچڻ سبب آڪاس ڏانهن، ڇت جو اُڏامڻ بند ٿي ويو. ڇت مان آڏي ايندڙ برسات بند ٿي ۽ بوند بوند ٿي ڇت مان پاڻي ڳرڻ لڳو. سامهون جمع ٿيل پاڻيءَ ۾ ڦڙا نچڻ لڳا. هٿن ۾ گڏ ڪيل ڳڙا ڳري ويا، جنهن تنهن کي ٿڌ سبب سياٽا پوَڻ لڳا، پنهنجي کاڏي، گوڏن تي رکي، اوڪڙو ويٺل شورام پان ـــ سوپاريءَ جي ٿيلي ڪڍي چوڻ لڳو، ”پوک مان ڪيترا سنگ پٽيهءُ ماروتي؟“

ڪنڊ رکيل ٽوڪريءَ ڏانهن اِشارو ڪندي ماروتيءَ چيو، ”ذري گهٽ اَڌ ٽوڪرو ڀريل آهي.“

”بس؟“

”کيت ۾ گهڙيس ئي ٽئين پهر ۾، مٿان وَري هن برسات رولو وڌو نه!“

”چريا، برسات پيئي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي پيئي؟“ ٻئي هڪ ڄڻي پري کان ئي چيو، ”ڇي! ڇي! مينهن ته کپندو هئو، هن مؤسوم ۾!“

سوپاريءَ جا باريڪ ٽڪرا ڪندي پڇيو، ”هاڻ هر کيڙڻ جو ڪم سورهن آنا ڄمندو. نه؟“

وڄ جا ڪڙڪاٽ بند ٿيا. هوا به ’سان سان‘ ڪرڻ بند ڪيو. شورام قسمين قسمين ڪمن جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳو. ڳالهه ٻولهه شروع ٿي ويئي. پوءِ پري ويٺل ييدؤ نانا ويجهو ايندي چيو، ”تاتيا توهان ڇو ماٺ ڪري ويٺا آهيو؟ طبيعت ٺيڪ ڪانه اَٿوَ ڇا؟“

ڪافي دير کان اُداس من سان اڪيلو ويچار ڪندي ويٺل تاتيا، هڪ دفعو کنگهي چيو، ”سکوُ مالهي...“

”ڇا ٿيس؟“

”سندس سهرو رمندو رهيو چون ٿا ته اوچتو ئي گذاري ويو.“

”گذاري ويو؟ کيس  ٿيو ڇا هئو؟“

سڀ ڪن لائي ٻڌڻ لڳا، ڪنبل بدن تي برابر وجهندي، سنڀالي ويهندي، تاتيا ٻڌل حقيقت سربستي ٻڌائي ڇڏي، سڀ خاموش ٿي ويا ۽ پنهنجي پنهنجي من ۾ ڪجهه سوچيندا رهيا. آخر خاموشي ٽوڙيندي، ييدو نانا ٿورو کنگهي چيو، ”ٽيو ڏينهن، ڪنڀار جي ٻڍڙي زال به ائين ئي گذاري ويئي نه؟ هلندي ـــ ڳالهائيندي گذاري ويئي!“

تاتيا اوڪڙو ويهندي چيو، ”ڪير؟ راموُ ڪنڀار جي زال؟“

”ٻيو نه ته؟ ڪمند ڇلي کاڌائين پئي ته اوچتو مؤت آيس! چڱي هلندڙ ــ چلندڙ مائي...“

جهوني زماني جون يادگيريون تازيون ٿيندي ئي تاتيا چيو، ”سندس شادي جڏهين ٿي، تڏهين اَسانجو پهريون پٽ چائو هئو. اَسان کان ڏهه ـــ پندرهن سال کن ننڍي هوندي، سندس پهريون ڇلو، اَسانجي گهر واريءَ ئي ڪرايو هئو.“

برسات بند ٿي. ڪڪر ڪروُ مرو ٿيڻ لڳا. هوا آهستي آهستي گهلڻ لڳي جيڏانهن تيڏانهن ٿڌڪار ٿي ويئي.

۽ پاڻي مٿان کيڏي رهيو هئو. واچوڙي ۾ وڪوڙيل ڳوٺ هاڻ صاف ڏسڻ ۾ پئي آيو.

ڳالهه اڌ ۾ ئي ڇڏي، تاتيا خبرداريءَ سان اُٿي بيٺو، ڪنبل ڪلاهه وانگر ٺاهي مٿي تي رکيائين ۽ ڪن تائين ايندڙ لٺ، هٿ ۾ کڻي هو بنا ڪجهه چوڻ جي، اُٿي هلڻ لڳو. جيئن ئي تاتيا لٺ کڻي ٻاهر نڪتو، تيئن ئي شورام چيو، ”ڪيڏانهن هليا؟“

”وڃان ٿو گهر.“

”وري ڪهڙو ريچڪ آيؤ؟ واٽ ئي پاڻ ڪيترو ڀرجي پيو هوندو، خبر اَٿؤ؟ پوءِ ويندؤ ڪيئن؟“

”واٽ تي پاڻي هوندو ته اُپاڌيايه جي ٻنيءَ مان لنگهي ويندس.“

”۽ گپ چڪ مان پير ٻاهر نڪرندؤ سهين.“

”پاڻهي نڪرندو.“ اِئين چئي، تاتيا ڪنهن جي به نه ٻڌي، اڳيان وڌڻ لڳو. ٿورو اڳيان زمين تي پيل ڪهاڙي ڏسي هوُ ترسيو، ۽ شؤرام کي چيائين، ”شورام! اَڱڻ ۾ بيٺل نم جو وڻ ڪيرائي ڇڏجانءِ.“

”ڇاجي لاءِ؟ جيڪا ٿوري گهڻي ڇانوَ آهي، اُها به ختم ڪري ڇڏيون؟ اُس ۾ جانوَر ـــ ٻانوَر به ٻڌي سگهندا آهيون...“

”اِها ڳالهه ڪانهي، نم جو وڻ وڄ لاءِ سڻائو ٿيندو آهي. اِها اَجائي مصيبت ڇاجي لاءِ رکجي؟ اِهو وڻ سڀاڻي ڪيرائي ڇڏج. اَڄ شام جوئي سڀ تياريون ڪرائي ڇڏجانءِ.“

اِئين چئي، تاتيا جبل تان هيٺ لهڻ لڳو، برسات جو پاڻي اڃا به جبل تان ڊوڙندو هيٺ وڃي رهيو هئو. تاتيا بلڪل خبرداريءَ سان هيٺ لهڻ لڳو. لٺ سان اَندازو لڳائي، پوءِ وک کڻڻ لڳو.

ايتري ۾ سندس هڪ ڀائيٽو سهڪندو سهڪندو ڳوٺ واري طرف کان ڊوڙندو ايندو ڏنائين. ڳوٺ جي گهٽين لتاڙڻ ڪري، سندس ٽنگون گوڏن تائين گپ سان لنبيل هيون، گپ ۾ ڌوتي خراب نه ٿئي، اِن لاءِ هن اُها گوڏن کان مٿي ڪري ڪمر ۾ ٺوُنسي ڇڏي هئي. کيس نزديڪ ايندو ڏسي، تاتيا اُتي ئي جبل تي بيهي رهيو. سندس پيرن وٽان وَهندڙ پاڻي، کيس پاڻ سان گڏ گهيلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، سهڪندي آيل ڀائٽيو ويجهو پهتو ته تانيا هڪ ڳوڙهو ڳيهي، جيئن تيئن کانئس پڇيو، ”ڇوڙي؟ ڊڪندو ڇو آيو آهين؟“

”ڊوڙان نه ته ڇا ڪريان؟“

تاتيا جبل تي ئي هڪدم ويهندي چيو، ”ڇا ٿيو؟“

”ٿيندو وري ڇا؟ ڪاڪي ذرو دم پٽ به نه پئي ڏئي. چوڻ لڳي، ’ڊوڙندو وڃي اِئين چئينس ۽ هڪدم واپس اَچ’ اِئين اَصل رڻ ٻاري ڏنائين، برسات ۾ ئي گهر مان ڌڪي ٻاهر موڪليائين. پوءِ ڇا ڪريان ها؟“

اِئين چئي، هن بند مٺ مٿي ڪئي ۽ هڪ هڪ لفظ تي زور ڏيندي چيائين، چڱو مان وڃان ٿو جئن جلدي جلدي وڃي ڪاڪيءَ کي چئي سگهان، پر هيءَ اَنگوٺي وٺو. ياد ڪري چيچ ۾ پائڻ لاءِ چئي اَٿائين!“

پنهنجي هٿ جي تريءَ تي رکيل اُن ٽامي جي اَنگوٺي ڏانهن، تاتيا بت بڻجي ڏسندو ئي رهيو.


 


[1]  ڀوتن جو راجا - اَنوادڪ

[2]  ڄمڻ وقت جنهنجا پير، پهرين ٻاهر نڪرن، اُهو شخص. اَنوادڪ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com