سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون

(ڀاڱو ٻيو)

باب: --

صفحو :2

3

شري. م. ماٽي

 

ڪرشڻا ـــــ ڪناري جو رام - ونشي[1]

جتي خونخوار جانور به پاڻ کي اَڪيلو اَڪيلو محسوس ڪن، اُن جبل جي ماٿريءَ ۾ هڪ وڏي شاهي ڇپ تي ’ستيا‘ آرام سان ويٺو هئو. هن ڏانهن توهان رڳو ڏسو ها ته توهان جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ها. هن لاءِ ڪجهه به ڪري سگهندڙ ۽ رت جي پياسي، پنهنجي ڪهاڙي هن ڇپ جي لاهه تي رکي هئي. اُن ڪهاڙيءَ جي هڪ ئي ڌڪ سان، هن ڪيترائي سر ٽڪرا ٽڪرا ڪيا هئا. ڪاري کٿي کي ٻٽو ويڙهي پاسي ۾ رکيو هئائين، جنهن مٿان پنهنجو ذريءَ ـــ لڳل پلءُ وارو، ڳاڙهو پٽڪو رکي ڇڏيو هئائين. پنهنجو مقصد پورو ڪري، سامت جو ساهه کنيو هجائين، اِئين ڏيکاري ڏيئي رهيو هئو. پنهنجو ڪرتو لاهي، ڳاڙهي پٽي سان ڪشي ٻڌل پائجامو ٿورو مٿڀرو ڪري ويٺو هئو، اِنڪري سندس سرير جي سونهن ظاهر ٿي پيئي هئي. سور ويرتا ۽ همٿ جي ’رهڻ جي جاءِ‘ ــــ سندس ڇاتي ڪافي مضبوط ۽ مٿي اُڀريل هئي. اُها ڏسي سندس طاقت جو اندازو ڪوبه لڳائي سگهي ها، ڇا به هجي، پر هن جوان جي پيشانيءَ وارا وار، سندس لونڌڙين ڏانهن هٽڻ لڳا هئا.

حجام سان هن جو مکا ميلو ڪڏهين ٿو ٿئي، اِن جو پتو، چوڪسي رکندڙن کي به اڃا ڪونه پيو هئو، پر سندس ڪرائيءَ جهڙيون ٿلهيون مڇون رعبدار، شاندار ڇڳا لڳي رهيون هيون. آڏو رخ وٺي، وڌندي وڌندي، ڳل جي وارن کي شامل ڪري، اُهي سندس ڪنن تائين وڃي پهتيون هيون. کاٻي ڪن مان لڙڪندڙ گول والو، ڪابه وڏ ــ گهراڻي زال، پنهنجي نٿ ڪري اِستعمال ڪري ها. ٿورو پرڀرو سندس جوتو ــــ هڪ سبتو ۽ ٻيو اُبتو ـــ پيو هئو. ان جوتي جي هڪ ئي ٺڪاءَ سان هن ڪيترن کي اُڦٽ ماري ڇڏيو هئو. ’نرسو‘، ’ڌونڊيا‘، ’يلليا‘، ’پانڊيا‘ ــــ اِهي چار ڄڻا سندس سامهون گول ٺاهي ويٺا هئا، ۽ سندن سامهون پٿر بازي ڪندڙ سندن کانڀاڻيون رکيون هيون. وندر جي لحاظ کان، هٿ ۾ جهليل آرسيءَ ۾ ڏسندي، ’ستيا‘ مڇين مان ڪو وار پٽي رهيو هئو. پنهنجي هٿ جي بند مٺ، هوُ ٻنهي مڇين تي ڦيريندو هئو، ته اَڻ ـــــ واقف ماڻهن کي جيڪر اِئين لڳي ته ’ستيا‘ هاڻ ڪجهه ڳالهائيندي پر ’ستيا‘ کي ائين ڳالهائيندو، گهڻو تڻو ڪنهن به ڏٺو ڪونه هئو. اِن اَدا مان سندس ساٿين کي رڳو ايتري سڌ پوندي هئي ته سندس من ۾ ڪا زوردار هلچل متل آهي.

نرسوُءَ چيو، ”نائڪ! ڪم ته ڏاڍو سٺو ٿيو. جڏهين اَسان بگهڙ جيان بستيءَ ۾ ڌوڪي پياسين، تڏهين اصل ٻائيتال مچي ويو! ماڻهو اصل پڇ پائي وٺي ڀڳا!“

پانڊيا چيو، ”هن پاٽل جي رشتيدار ڏاڍو پريشان ڪيو. پر هڪ پادر ٺڪاءُ ٿيس ته ڍيري ٿي ڪري پيو!“

ستيا زور زور سان کليو، ڳڙن جهڙا سندس سفيد ڏند، مڇين جي سايي مان، کن لاءِ ٻاهر نڪري چمڪي ويا. ”ها، اِهو ته ٺيڪ، پر ’يلليا‘ چڱو زور ڏيکاريو؛ نه ته اوءَ لوهه جي پيتي ڪيئن هلي ها!“ ’تاتيا‘ چيو. ’ستيا‘ ٽيڪو ڏيڻ ڪاڻ ڪنڌ ڌوڻيو.

تاتيا اَڳتي چيو، ”يلليا‘ تنهنجو پيءُ ڪو هاٿي ـــ ٻاٿي هئو ڇا؟“ سڀ کلڻ لڳا، ”چئن ڄڻن کان جيڪا پيتي هلي ڪانه، اُها هن اَڪيلي کڻي ڪلهي تي رکي! اصل حد ڪري ڇڏيائين!“

”پر نائڪ!“ يلليا چيو، ”هوُ گلي جو هار منهنجي ’رڪمي‘ کي ڏجو.“

نائڪ (ستيا) قبوليت طور وري ڪنڌ ڌوڻيو.

تاتيا چيو، ”تون ڪؤڙو نه هجين ها ته تنهنجي ڌيءُ، نائڪ جي زال نه ٿئي ها ڇا؟“

رڪمي، يلليا جي ڌيءَ هئي. يلليا کي ٻيا راموشي گهٽ ليکيندا هئا، پر هوُ ’ستيا‘ جو وڏو ڀڳت هئو. پيءَ وانگر رڪمي به ڊگهي، سڊول ۽ طاقتور هئي. جيتوڻيڪ ڪاري ڪلوٽي هئي، پر روش ڏاڍا دلڪش هئس، ڪرشڻا ۽ ڀيما ندين جي سنگم جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾، يلليا جو گهر هئو. رڪمي اُتي ئي رهندي هئي. سندس لاءِ ذات ڀائي ـــ سٺو، زبردست، رعبدار شخص ــــ اَچي موٽي ويو هئو.

ڏسندي ڏسندي سج لهي ويو ۽ پوءِ هيءُ اَرڏا، حرڪتي ماڻهو خبر ناهي ته ڪٿي ويا.

اُماس جي رات سان سان ڪري رهي هئي ۽ اِندا پرڪو جي گهر جي دروازن تي ڪلف ــــ ڪڙا ڏنل هئا ۽ جتي ڪٿي سانت هئي. ٻڍي کي اَڃا ننڊ ڪانه آئي هئي. ايتري ۾ گهٽ مٿان ڌڙا ڌڙ پٿر پوڻ لڳا. سڀ ماڻهو، بستري تي اُٿي ويٺا ۽ ٿر ٿر ڪنبڻ لڳا. برابر، نؤڪر به هئا. پر کين به ته پنهنجو ساهه پيارو هئو، نه! کين به ته ٻار ٻچا هئا. خؤف سبب هر ڪنهن جون بٻيون منجهامي وييون. ڳوٺ ڪو ڳوٺ نه، واهڻ ئي هئو. ۽ ههڙي زبردست حملي وقت ڪوئي ڇا ڪري سگهندو! دروازي تي ڌڙا ڌڙ پارائي ٺڪا ٿي رهي هئي. ڪي شخص روشن دان مان، ته ڪي در ڀڃي اندر آيا. هاڻ ڇا ٿيڻو هئو! گهر ــــ ڌياڻي ساوتري ٻائي همٿ ڪري، اڳيان وڌي ويئي. ٻڍي گهوٽس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن ڪانه ٻڌي. اَندر آيل ماڻهن اَڳيان هن هٿ جوڙيا. هوءَ جلدي سمجهي ويئي ته منجهن ”ستيا“ ڪير آهي، کيس، هن وري نمسڪار ڪيو ۽ چيائين، ”’ستيا‘ جي! اَسان کي مار نه، اَسان وٽ جيڪي ڪجهه آهي، تنهنجي حوالي ٿا ڪريون. جي جيئرا رهياسين، بچي وياسين، ته وري مال ملڪيت ميڙي وٺنداسين. ٻار ڪٿي به وڃي محنت ڪندا، پر کين مار نه!“ ستيا يڪ ٽڪ ساوتري ٻائيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳو.

هن وري چوڻ شروع ڪريو، ”گهر ۾ جيڪي به ڳجهه ڳٺا آهن، اُهي تنهنجي پلءَ ۾ ٿي وجهان. منهنجي توکي رڳو هڪ وينتي آهي.“

ستيا چيو، ”تون آخر چوڻ ڇا ٿي چاهين؟“

ساوتري چوڻ لڳي، ”اَسانجي گهر، توهان مهمان آيا آهيو، ٻه گرهه کائڻ بنا واپس نه وڃجو. پهرين ماني کائي وٺو، پوءِ گهر جو سڀ ڪجهه توهان کي ڏينديس.“

ستيا، يلليا- سڀ، ”هيءُ ڇا؟“ ـــ اَهڙي سوالي نگاهن سان هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا، پانڊيا چيو، ”مائي! ٺاهي وٺ ماني، ڏاڍي بک لڳي اَٿئون.“ سڀ ڄڻا اڱڻ ۾ آرام سان ويهي رهيا. گهر جي زالن جلدي تياري ڪئي. بي وقتو کير به ڏڀجي ويو. مڙس کي مخاطب ٿي، ساوتريءَ ڏاڍيان چيو، ”ٻڌو ٿا؟ گهر ۾ جيڪي ڪجهه آهي، گڏ ڪرڻ شروع ڪريو. ماني کائي وٺڻ ته پوءِ اُهي سڀ ستياجيءَ جي حوالي ڪنداسين.“ راموشين خوشيءَ وچان ماني کاڌي. اهڙا طعام هنن ڪڏهين به کاڌا ڪونه هئا. آخر ۾، ساوتريءَ سڀني کي کير ــــ چانور پرڇي ڏنا. ماني کائي جڏهين هوُ سڀ اُٿيا، تڏهين ساوتريءَ زيور جي پيتي آڻي ستيا جي اَڳيان رکي ۽ پاڻ، پٽ، نهر، ڌيئر سڀ سامهون اَچي بيٺا. ستيا جون متيون مجهامي ويون. هن ساوتريءَ کي ڏنڊوت ڪيو. پوءِ چوڻ لڳو، ”ساوتريءَ  ٻائي! تون سچي ساوتري آهين. اَسان کي کير، چانور کارايئه. ڀڳوان تنهنجو ڀلو ڪري، تنهنجو وار به ونگو نه ٿيندو. هيءُ زيور ڇا ڪبا؟ وڃ، کڻي وڃي رک. مان تنهنجو ڀاءُ آهيان، تون منهنجي ڀيڻ آهين؛ ڪنهن وقت گهرجي ته ضرور سڏ ڪجانءِ.“ ـــ ائين چئي، ستيا سڀني کي اِشارو ڪيو ۽ هوُ هڪدم ٻاهر نڪري غائب ٿي ويا.

ننڍو ماستر ڪرسيءَ جي پٺ کي ٺيڪ ڏيئي، پير اَڳيان ڪري، تماڪ جو چموٽو وات ۾ وجهي، ويٺو هئو. سامهون، ماکيءَ جي مکين جي ڀوُن ڀوُن جيان، ننڍڙن ٻارن جو گوڙ شور جاري هئو. وڏو ماستر ويٺي ويٺي پڳڙين جوڙڻ جي ڪرت ڪري رهيو هئو. ڪرسيءَ سامهون هڪ ڪارو کٿو پکڙيل هئو، جنهن مٿان ٻه ٽي پڳڙيون گنڍيل ـــ منجهيل پييون هيون. شاگردن کي هڪ حساب ڪرڻ لاءِ ڏيئي، ماستر ڪلاس جو ڪم جاري رکيو هئو ۽ پاڻ پڳڙيءَ جي پيٽ ۾ کليل پنجو وجهي، پڳڙيءَ جي ڪناري موڙي رهيو هئو. گروءَ جي شيوا معنى وديا جي حاصلات، ائين معصوم بڻجي سمجهندڙ هڪ ڊگهين ڄنگهين وارا وديارٿي، پڳڙيون ٺيڪ ٺاڪ ڪري، ماستر صاحب اَڳيان جهلي رهياهئا. ڇوڪرن جو گوڙ شور بند ڪرڻ لاءِ، وچ وچ ۾، وڏو ماستر، هڪ بيد جو لڪڻ زور سان زمين تي سٽيو پئي. اِها هميشه جي ڪرت ڪار جاري ئي هئي ته ايتري ۾، اِسڪول جي حاطي ٻاهر، ڪا گڙٻڙ ٿي هئي، اِئين ڏسڻ ۾ آيو. جيڪا، ماڻهن جي ٿوري گهڻي اَچ ــــ وڃ هوندي هئي، اها هڪدم بند ٿي ويئي ۽ پنج ــــ ڏهه ماڻهو رڙيون ڪندي ڀڄڻ لڳا. اوسي پاسي جا گهر ڦٽاڦٽ بند ٿيڻ لڳا. اُنهن ۾ ئي واٽهڙو زالون، ڌوڪي اندر گهڙي ويون. واچوڙي لڳڻ سان جيئن رستو سنسان ٿي ويندو آهي، تيئن رستو سنسان ٿي ويو. اِها ڀڄ ــــ ڊڪ ڏسي، ڪتابن بدران ٻاهر وڌيڪ ڌيان ڏيندڙ ٻارن رڙيون ڪري چيو. ”ماستر صاحب! ماستر صاحب! هوُ ماڻهو ڇو پيا ڀڄن؟“ ننڍو ماستر سجاڳ ٿي، ۽ وڏو ماستر پڳڙيءَ مان هٿ ڪڍي، ورانڊي ۾ آيا مس ته ٻه ٽي ڀاڄوڪڙ، ”ستيا آيو، ستيا آيو“ چوندا، اِسڪول ۾ پناهه وٺڻ لاءِ گهسي آيا. سندن آواز، هوُ پاڻ به ٻڌي نه پئي سگهيا. ”ستيا“ ٻڌي، شاگردن ۽ ماسترن جي ٻولتي بند ٿي ويئي. مصيبت وقت، ننڍ ـــ وڏائيءَ جو فرق اِئين مٽجي ويندو آهي. سڀني جي ڪمزوري ظاهر ٿي پيئي ۽ ماستر گهٻرائجي، اَجايو هيڏانهن هوڏانهن ڊڪ ـــ ڊوڙ ڪرڻ لڳا. پر هاڻ ڊپ ڪرڻ لاءِ به وقت ڪونه بچيو هئو.

”آيو، آيو“ چوندي چوندي، ستيا سچ پچ اسڪول  جي ورانڊي ۾ اچي ٺڪاءُ ڪيو. ماسترن کي لاچار اڳيان وڌي اَچڻو پيو. نانگ جي ڦڻ اڳيان جيئڻ گولگل گانءِ اچي، اَهڙي ڪار ٿي. مکر ڪري کلندي، ٻه چار دفعا هٿ هيٺ مٿي ڪري، نمسڪار ڪيائون ۽ پوءِ ”اَچو اَچو!“ چيائون. ستيا ۽ سندس ساٿي اندر آيا. ستيا ڪلاس ۾ ڦرڻ لڳو. ماستر به ڊڄندي ڊڄندي، ”ها، ها،“ ”هون، هون“ ڪندا گڏوگڏ هلڻ لڳا. جيتوڻيڪ ستيا جو چهرو شوخ ۽ خوفناڪ پئي لڳو، پر سندس هلت چلت بلڪل حليم ۽ سانتيڪي هئي. سندس ڳالهائڻ سنيهه ـــ ڀريو ۽ جهيڻو هئو، هوُ وچ چ ۾، ٻاهر رستي ڏانهن ڏسي رهيو هئو. هوُ ڪنهن ٻار جي پٺ ٺپري کيس شاباسي ڏيئي رهيو هئو، ته ڪنهن کي پيار وچان ويجهو آڻي، هن سان لاڏ ڪوڏ ڪري رهيو هئو. ايتري ۾ ڪي راموشي ٿالهه کڻي اندر آيا ۽ ستيا جو اِشارو پائي، اُهي ٻارن ۾ پيڙا ـــ برفي ورهائڻ لڳا. ٻار ڏاڍا خوش ٿي ويا. ڳوٺ جو اڪيلو حلوائي، روئندو ـــ رڙندو ورانڊي ۾ بيٺو هئو.

ڌونڊيا کيس چيو، ”پٽ ماءُ جا، روئين ٿو؟ ٻارن کي ذرا کائڻ ڏي!“

گڻو حلوائيءَ روئندي چيو، ”دادا، پٺي ماريو، پيٽ نه ماريو، منهنجو سڄو مال هتي کڻي آيا آهيو. هاڻ مان غريب ڪاڏي ويندس؟“

پنهنجي گردن ورائي، ستيا هن ڏانهن ڏٺو. هن پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ ”هيڏي اچ!“ چئي هڪ نوٽ سندس هٿ تي رکيائين. اهو ڏسي، گڻوءَ جون اکيون ئي ڦاٽي ويون. سڄي عمر ۾ هن سئو جو نوٽ ڏٺو ڪوه هئو. خالي ٿالهه ۽ سئو جو نوٽ کڻي، گڻو اتان جلد ئي کسڪي ويو. ڊڄي ڊڄي جمع ٿيل تماشبين، پري پري ڀڄي ويا ۽ ڌونڊيا يلليا، پانڊيا ۽ سندن نائڪ ستيا ڪٿان آيا ۽ ويا ڪيڏانهن، اِن جو پتو ماڻهن کي پوڻ کان اَڳ ئي، اُهي جلدي غائب ٿي ويا. ماسترن جي پيٽ ۾ ساهه پيو. هوا جي سوساٽ سان گڏ، چنڊ جي ”پوروا ـــ نکٽ“ واري برسات پوڻ سان آرام ايندو آهي، تيئن سڀني سامت جو ساهه کنيو. ڏسندي ڏسندي، اِها پيڙن ـــ برفيءَ جي ڳالهه، ٻين ڳوٺن تائين ڦهلجي ويئي ۽ آسپاس جي علائقي جا ڳوٺ اِن لحاظ کان دٻاءَ هيٺ هئا، ته ڪٿي اِهو واچوُڙو وَٽن ته ڪونه ايندو. ٿورن ڏينهن کانپوءِ هڪ ڳوٺ ـــ جيڪو سچ پچ ته هڪ جهونو شهر هئو، جو هاڻ ڦٽي چڪو هئو ـــ مان هڪ عجيب غريب خبر آئي.

اِهو ڳوٺ ننڍو هوندي به ڏاڍو شاندار هئو ۽ اُتي جي بازار ۾ واپار به چڱو هئو. اَڄ اُتي بازار لڳڻ جو ڏينهن هئو، ٻنهي پاسي جوئر جا ڍڳن جا ڍڳ لڳل هئا. توهر جي دال، چڻن جي دال، ڪڻڪ جا ڍڳ به وچ وچ ۾ هئا، پر مکيه طور بازار جوئر جي ئي هئي. هيل برسات بنهه ڪانه پيئي هئي، ۽ آسپاس جا جهنگل سڪڻ لڳا هئا، کيت سڪڻ لڳا هئا؛ پوءِ به بازار ۾ جوئر اَڻ ـــ مئي آئي هئي. پر اَها هميشه جيان موٽي ـــ متياري ڪانه هئي. ڳوٺاڻا گراهڪ هيٺ جهڪيا ٿي، پيلا داڻا ڏسي، انهن جي خوشبوءِ سنگهيائون ٿي، ۽ ”جوئر سنهي آهي،“ ”تازي ناهي“ اِئين ڪجهه مڙيئي چيائون پئي. ”گهڻين ٿو ڏين؟“ ـــ اِئين به اجايو پڇيائون پئي، پر اگهه ڪافي چوٽ چڙهيل هئا، اُهي هن ڀيري ڪافي گهٽجي ويا هئا. چالو قيمت پنجن تي به نه بيٺي، اَڃا به هيٺ ڪرڻ لڳي. پوءِ به گراهڪن جي اکين ۾ پاڻي هئو. ويچارا ڇا کائن؟ جوئر ته هئي، پر وٽن اها ڳنهڻ جيترا به پئسا ڪٿي هئا؟ پنهنجن جوتن کي رسيون ٻڌي، ماڻهو پنج پنج ست ـــ ست ڪوهه پنڌ ڪري آيا هئا، پر اگهه ٻڌي، سندن ڪنن مان ٺڪاءَ نڪري ويا. ۽ مڇين ۾ مٽي، ڏندن ۾ مٽي، ڪنن ۾ ڌوڙ ـــ اِئين بيزار ٿيندا آيا هئا. مرد ماڻهو ڳڻتيءَ ۾ ڳري ويا هئا. سندن اڱرين کي پڪڙي، ”بابا اَسان کي ٽول وٺي ڏي، بابا... مون کي ڳڙ وٺي ڏي“ ـــ اِئين چوندي، سندن ٻار بازار ۾ رکيل، کائڻ جي چيزن ڏانهن ڏسي رهيا هئا. مائرن جي کيڻ ۽ سڪل ڇاتين کي معصوم ٻار خواهه مخواه چنبڙي رهيا هئا. جهور ٻڍن مٿي هٿ پئي ڪيا ۽ چيائون پئي، ”ڀڳوان جو ڪوپ آهي! هاڻ ڪيئن هلبو؟“ ٻه ٽي هزار ماڻهو جمع ٿيا هئا، پر سڀ جک ماري رهيا هئا. ايتري ۾ اوڀر طرف ڌوم مچي ويئي؛ ”آيو، آيو، آيو!“ هڪدم ڪهرام مچي ويو. ”ڪير آيو؟“ باپ ڙي! ستيا آيو! ستيا آيو“ سوا ـــ سوا سئو راموشي، بازار ۾ بي ڌڙڪ ڪاهي پيا. سڀني جي وچ ۾ ستيا، ڏيئن جي هار مث: اُڀو هئو. ”ستيا“ ٻڌي، واڻيا ـــ واپاري جوئر جا ڍڳ ۽ دوڪان ڇڏي وٺي ڀڳا. بکايلن کي ڀڄڻ جي ضرورت ڪانه هئي. ”ساهه ئي نڪرندو نه؟ بس نه؟“ اِئين جيڪو تيڪو چوڻ لڳو، ايتري ۾ شينهن جي گجگوڙ جهڙي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي. ”غريبو! کڻو! کڻو! جوئر! رات جو پيٽ ڀر ماني کائجو!“ پراڻيون ڳوڻيون ويڙهي سيڙهي ڪڇن ۾ کڻي يا جهوني شال ڪلهي تي رکي، رڙهندي هلندڙ ڳوٺاڻا، هڪدم ٻلوان ٿي ويا. زالن به پنهنجين ڪڇن ۾ لڪل گنديون شالون پکيڙيون؛ ۽ هڪ ڪلاڪ کن لٽ ـــ مارجي ڌوم مچي ويئي. جيڪو جيترو کڻي سگهيو، ايترو اُن کنيو. گجگاه بازار ۾، جتي ٿورو اَڳه، دک، منٿ ـــ ميڙ، ۽ نااُميدي ڇانيل هئي، اتي اُميد، اتساهه ۽ تاءُ وارو وَڄائڻ لڳا. ڍڳن جا ڍڳ هٿون هٿ اُڏامي ويا. يلليا، ڌونڊيا ـــ ستيا جي منهن ۾ نهارڻ لڳا. ستيا جي آنند جو نه آر هئو نه پار. ماڻهن کي مخاطب ٿي، هٿ لوڏيندي چيائين پئي، ”کڻو، کڻو جوئر، جلدي کڻو.“ ڪلاڪ کن اِها لوٽ کسوٽ چالو هئي. وري ”آيا، آيا“ –

اِئين رڙو رڙ مچي ويئي! سيٽيون وَڳيون؛ پنجن منٽن ۾ سڄي بازار خالي ٿي ويئي. واڻيا ـــ واپاري ته اَڳيئي ڀڄي چڪا هئا. لٽيرن جلدئي پنهنجيون ڳوڻيون کنيون: ’گهٽوتڪڇ‘ جي سئنا ۾، راڪاسن جيان ستيا ۽ سندس ساٿي اَنترڌان ٿي ويا! بربادي ۽ زيان ٿيل جوئر کي ڇڏي، سڄي بازار ۾ ڪو پکي به ڪونه هئو. ”ڏينهن ـــ ڏٺي جو، سڄي بازار لٽجي ويئي!“ اِن طرح جي آواز سان ’ڪرشڻا‘ جي ماٿري گونجي اُٿي؛ پر اِهو گهڻا ڏينهن هلي ڪونه سگهندو. ستيا به اِهو سمجهيو ٿي ۽ مٿس چوڪسي رکندڙن به سمجهيو ٿي. ستيا ڀرواري علائقي ۾ گهسيو، رڪميءَ جو ڳوٺ اُتي ئي هئو.

اونداهي رات هئي. هن ڇيڙي کان هن ڇيڙي تائين، آڪاس ۾ چانڊاڻ ڇانيل هئي. نالي ۾ رستو هئو- مڙيئي جهڙو تهڙو رستو هئو، اُن جي وچ تان هڪ ڍڳي ـــ گاڏي هلي رهي هئي. گاڏيءَ مٿان رڳو بانس جي لڪڙين جو قالب هئو. گاڏيءَ جي ٻنهي پاسي هٿياربند سپاهين جي قطار هئي. اَڳيان سپاهي، پٺيان سپاهي ـــ اِئين گهيرجي، گاڏي چپ چاپ هلي رهي هئي. سپاهي خبرداري سان، بنا گفتگو ڪرڻ جي، مسافري ڪري رهيا هئا. پٺيان، ٿوري مفاصلي تي، هڪ ڀلارو، آزاد ماڻهو، پيٽ تي پٽو ٻڌي، ڪنهن خوشيءِ ۾ هوريان هوريان اَچي رهيو هئو. ويچارو گاڏيوان، ”چئڪ چئڪ“ ڪندو، ساهه مٺ ۾ جهلي، گاڏي هڪلي رهيو هئو. هن هڪ ڀيرو به پٺيان مڙي ڪونه ڏٺو هئو. جي ڏسي ها ته جيڪر رت جون اُلٽيون ڪرڻ لڳي ها، ڇو ته گاڏيءَ ۾ ”ستيا“ ويٺو هئو. بانس جي لڪڙين جي قالب مان هن عاليشان مرد جو سڊول بدن ڏسجي رهيو هئو. ’وارڻا‘ کان ’ڀيما‘ تائين واچوڙي جيان وڌندڙ ’ستيا‘ جي ٻانهن ۾ مضبوط رسيون ٻڌي، بانس جي لڪڙين سان کيس جڪڙي ڇڏيو هئائون، سندس ريشمي، زربفت واري پڳڙي ڪٿي اڏامي ويئي هئيِ: سندس بدن تي رڳو قميص ۽ پائجامو پيل هئو. هٿ جڪڙيل هئڻ سبب، بند مٺ مڇن مٿان گهڙيءَ گهڙيءَ ڦيري نٿي سگهيو. ههڙي خاموش فضا ۾ به ’ستيا‘ من ئي من ڪڙهي رهيو هئو، ڏاند جيان ڀريل، پنهنجي گردن، وَرائي وچ وچ ۾ هوُ اوسي پاسي ڏسي رهيو هئو ۽ ٿڌو شوڪارو ڀري رهيو هئو. سندس نصيب کيس ٻڌي وٺي وڃي رهيو هئو.

ڏسندي ڏسندي، رستي جي ٻنهي پاسن کان، ڪمند جي پوک اَچي ويئي. اُن اوندهه ۾، ڪمند جو سائو رنگ گڏجي مسجي، فضا کي وڌيڪ خوفناڪ بڻائي رهيو هئو. پوک کي رات جو پاڻي ڏيندڙن جو چيچاٽ ڪندڙ آواز پري ڪٿان کان آيو پئي؛ باقي چؤڌاري چپ چپات لڳي پيئي هئي. سپاهي چئن پنجن ڪلاڪن کان لڳاتار هلي رهيا هئا، چؤطرف ڪاري ٻاٽ هئي. اوندهه کي ساواڻ جي رنگ وڌيڪ گهاٽ ڪري ڇڏيو هئو. ترقي ملڻ جي خوش فهميءَ ۾، آفيسر جي لاپرواهي وڌي رهي هئي. ستيا جو تيسو ضابطي کان ٻاهر نڪري رهيو هئو. سرشٽيءَ ۾ ۽ من ۾ جيڪي وهيو واپريو پئي، اُهو ساڳي لئه ۾ اَچي ويو. پڪل ڪمند جو کيت ڏسي، مونن ۾ منهن وجهي ويٺل ستيا هوريان هوريان اُٿڻ لڳو. پنهنجين ٻانهن جا ڏورا ڦوُڪي، هن هڪ ئي ڌڪ سان وڻن جون ٽاريون ٽوڙي ڇڏيون هيون. هن لاءِ سٽ جون رسيون ڇا هيون! هن من ۾ ’کنڊوبا‘[2] جو سمرڻ ڪيو ۽ پنهنجي سموري طاقت ڪٺي ڪري، ٻنهي هٿن سان جو جهٽڪو ڏنائين، ته رسيون ڦٽاڦٽ ٽٽي پيون. گڏوگڏ، سپاهين جي مٿان جو ٽپو ڏنائين، ته سڌو ڪمند جي کيت ۾وڃي پيو. ”هان، ڇا ٿيو؟.... ڪيئن ٿيو؟“ ـــ اِن ۾ اَڃا سپاهي ۽ آفيسر منجهيل هئا، ته ايتري ۾، ههڙو ڊگهو، رشٽ پشٽ هئو، ته به گدڙ جيان چالاڪيءَ سان آڏو اُبتو، ڪمند جي کيت ۾ گهسي ويو. ’ٺاٺا‘- گولي بازي. اَنيڪ سپاهي همٿ ڪري، ڪمند جي کيت ۾ گهسيا. ايترو مونجهارو پيدا ٿيو، جو هوُ ساڄي پاسي واري کيت ۾ گهسيو ڪ کاٻي پاسي واري کيت ۾، اِن باري ۾ متڀيد ٿي پيو. سڀ سپاهي ۽ آفيسر هيڏانهن هوڏانهن ستيا جي تلاش ۾ محو ٿي ويا. جڳهه تي رڳو گاڏي وان ۽ ڏاند هئا. هيڏي محنت کانپوءِ پڪڙيل ستيا، اَکين ۾ سرمو پائي، وري فرار ٿي وي. ايشور جي ڪرپا سان ڇٽي ويس ـــ اِهو سوچي ستيا سڀاويڪ ڏاڍو خوش هئو. هن جو ايشور ۾ اَٽوٽ وشواس هئو. اِنڪري هڪدم ستيه نارايڻ جي پوڄا ڪرائڻ جو فيصلو ڪيائين.

ٽيليگراف شروع کان گهڻو اَڳ، سماج ۾ بنا تار تند، ’مشين‘ گهڻن سالن کان جاري آهي. اَڄ وري ستيا جي اِردگرد نرسوُ، يلليا، ڌونڊيا، پانڊيا وغيره جو گهيرو جڙيل آهي. ستيا خوفناڪ آفت مان ڇٽو آهي. اَڄ ستيه نارايڻ جي پوڄا ڪرائڻ جو فيصلو ٿيل آهي. رڪميءَ کي نياپو موڪليو ويو آهي ته ”تنهنجي ڳوٺ جي جهنگل ۾ ستيه نارايڻ جي پوڄا ڪراءِ، مان اچان ٿو.“ مهاراشٽر جو ڪوبه جهنگل، ڪوبه پوٺو، ڪوبه ٻيلو، ڪابه بستي ـــ ستيا جو گهر ئي هئي. هن جي بزرگن کيس چيو هئو ته ”پرڀو رامچندر جي زماني کان اسان جهنگن جهرن ۾ رهندا اچون. رام ـــ سيتا اسان جا ئي آهن.“ رڪميءَ جي هٿ ۾ جهجهو ناڻو اچي ويو. هونئن به سندس رهڻي ڏاڍي شاندار ۽ دٻدٻي واري هئي. ڳالهائڻ ـــ ٻولهائڻ ۾ به هوءَ بلڪل صاف هوندي هئي، پر ڪهڙو ڪم دينا ـــ داسته ڪجي ۽ لڪي ڇپي ڪهڙو ڪم ٽپائجي، اِهو آزمودي مان پرائي چڪي هئي. جڏهين به فرصت ملندي هئس ۽ آسپاس ڪو ڄار وڇايل نه هوندو هئو، تڏهين ستيا رڪميءَ وٽ اچي لهندو هئو. هوءَ ذرا پورالي ئي هئي، مقرر ڪيل ڏينهن جهنگل ۾ ستيه نارايڻ جي پوڄا ٿيڻي هئي. سندس ساٿين خبرداريءَ سان تياري پئي ڪئي. پر ساڳئي ڏينهن اَسر جو، ڪوئي ڊگهو، سنهڙو، هيٺ جهڪيل مٿي وارو شخص، جيڪو هميشه اُتي ڪنهن ڪونه ڏٺو هئو، اُهو رڪميءَ جي گهر مان لڪندي ڇپندي، کسڪندو ڪنهن ڪنهن ڏٺو هئو. اُهو خبر ناهي ڪير هئو. ڳوٺ ۾ هڪ ڪن جي ٻئي ڪن کي به خبر ڪانه هئي. رات ٿيندي ته رڪمي خوب هار سينگار ڪيو ۽ پوڄا جي جڳهه تي آئي. برهمڻ اڳيئي پهچي چڪوهئو. پوڄا جي مقرر ڪيل وقت، ستيا آيو. پوڄا پوري ٿي. سڀ پرساد وٺڻ لاءِ ويٺا پر يلليا اڃا آيو ڪونه هئو، جيئن عقاب اوچتو لامارو هڻندو آهي، تيئن ٻن اڍائيءَ سئو سپاهين، هنن پنجن، ستن شخصن کي اوچتو گهيري ورتو. ستيا رڪميءَ ڏانهن نهاريو. هن نظرون ڦيري ڇڏيون. سپاهي ستيا کي گهيري ويا ۽ ڀريل پستولن سان ست اَٺ ڄڻا ستيا ڏانهن ڊوڙيا. سپاهين جي پٺيان هوُ هيٺ جهڪيل مٿي وارو بيٺو هئو. رڪمي وڃي اُن شخص جي پٺيان بيٺي. ڇاپو هڻندڙن جي طاقت تمام گهڻي هئي، ۽ سندن بندوبست به عمدو هئو. هاڻ ڇٽڻ جو ڪو چارو ڪونه هئو. سپاهين سندن هٿ پٺيان ورائي ٻڌا ۽ کيپ کٽي هجين، اِئين گجگوڙ پئي ڪيائون. قيدين کي ڌڪا ڏيئي، کين اَڳيان ڪري، هوُ نڪري ويا. ٻانڀڻ ڪڏهين ڀڄي ويو، اِها ڪنهن کي به خبر ڪانه پيئي، سر زمين تي باقي رڪمي ۽ اُهو هيٺ جهڪيل مٿي وارو شخص وڃي بچيا. يلليا کي اَچڻ ۾ دير ٿي ويئي هئي، پر ايندي ايندي گولين جا ٺڪاءَ ٻڌي سڀ ڪجهه سمجهي ويو ۽ وڻڻ جي جهڳٽي ۾ لڪي ويٺو هئو. هاڻ هؤ ٻاهر نڪري اَڳيان وڌيو. پنهنجي ڌيءَ ۽ ان شخص جي سازش هن جي سمجهه ۾ اَچي ويئي. اَکيون ڦوٽاري، هنن ڏانهن ڏٺائين ۽ چيتي وانگر اُن شخص مٿان حملو ڪري، سندس نڙي ايتري ته زور سان دٻايائين، جو سندس اَکيون ٻاهر نڪري آيون. پوءِ رڪميءَ ڏانهن مڙي چيائين، ”چنڊالڻ! منهنجي ستيا کي توئي ڦاسايو آهي!“ ۽ هٿ وارو ڏنڊو ايترو ته جوش سان رڪميءَ کي هنيائين، جو سندس هڏگڏ ڀڄي پيا ۽ هوءَ رڙيون واڪا ڪندي هيٺ ڪري پيئي. پر ڪرندي ڪرندي چيائين، ”ڇو نه ڦاسايانس؟ مان ڪا سندس حق ـــ ٻڌي زال آهيان؟ مان ته هن اَڻ وڻندڙ رکيل آهيان، رکيل!“

عدالت جي سامهون ماڻهن جا جهنڊ اچي ڪٺا ٿيا هئا، ڪي چونڊ شخص ئي اَندر وڃي سگهيا، ڇو ته اَندر گهڻي جڳهه ئي ڪانه هئي. ٻاهر کچاکچ گردي هئي. اَندران رڳو هڪڙوئي، ڪڪر جيان ڪڙڪو ڪندڙ آواز، ڳنڀير لهجي ۾ چيل الفاظ، ٻڌڻ ۾ پئي آيا. ”صاحب! چور ڪير؟ مون کي ۽ منهنجن دوستن کي چور ٿا سڏيو؟ اَسان چور ناهيون؛ اَسان جي پوٿيءَ ۾ لکيل آهي ته اَسان پرڀو رامچندر جا چاڪر آهيون. اَسان چور ناهيون. رام ۽ سيتا ماتا جڏهين بنواس ڀوڳي رهيا هئا، تڏهين اَسان سندن شيوا، چاڪري ڪندا هئاسين. اَسان کي چور نه چئو. رامچندر راوڻ کي ماري، جڏهين اَيوڌيا موٽي رهيو هئو، تڏهين اَسانجا ڪي ماڻهو پاڻسان گڏ وٺي ويو. اُتي وڃي ڏسو. اسان جا ماڻهو اڃا به توهان کي اُتي ملندا. رام جا چاڪر هئڻ ڪري اَسان ’رام ونشي‘ يعنى ’راموشي‘ ٿياسين. پنهنجي نالي ۾ اَسان رام جو نالو جوڙيوسين. اَسان چور ناهيون. ڪنهن زماني ۾ اَسان قلعن جا رکپال هئاسين. تنگ ڀدرا پاسي اَسانجو هڪ راجا به آهي. اَسان چور ناهيون. اَسان کي آمدني به جهجهي هئي، پر پوءِ ههڙي حال تي وي رسياسين! اَسان کي چور ٿا سڏين! اَسان کي چور ٿا سڏين! اَسان ڪنهن جو وشواس گهات ڪيو آهي ڇا؟ ڪنهن غريب کي پيڙيو اَٿئون ڇا؟ پر زمانو ڪڏهين نه ڪڏهين ته ڦرندو. رام جي ڪرپا ٿيندي ۽ اَسانجا سٺا ڏينهن واپس وَرندا. هاڻ توهان کي جيئن وڻي تيئن ڪريو.“

ستيا کي ڦاسيءَ جي سزا ملي آهي. ايماندار، سوروير، وفادار لوڪن جو اَڳوان هئو، ستيا! کيس ڦاسيءَ جي لاءِ نيو پيو وڃي ۽ هزارين ماڻهو سڏڪا ڀريندي وڃي رهيا آهن!


[1]  رام – ونشي = رام جي ونش (گهراڻي) ۾ پيدا ٿيل شخص.

[2]  هڪ ديوتا جو نالو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com