هر دفعي جڏهن به منهنجي نظر سندس چهري تي پئي ٿي، ته اهو مون کي
ٻيو ٻيو پئي نظر آيو! هو بت ۾ ڀريل هو ۽ سندس مٿو
اصلي فرئنڪونين نسل جو پئي لڳو. سندس لوندڙين جي
نبناوت ٻڌائي رهي هئي، ته منجهس پراڻي نسل جي
آميزش به هئي. هن جا هڏا سنهڙا ۽ چمرِ زرديءَ مائل
نيري هئي. ڪنهن پراڻي ائڪٽر وانگر پئي لڳس. سنسد
اکيون جڏهن بند هيون ته سنهڙيون هيون، پر جڏهن
کليون ٿي ته ڪافي وڏيون پئي لڳيون. ايتريون وڏيون،
جو مان انهن جو تاب نه پئي جهلي سگهيس.
ڳالهه چورڻ لاءِ، ائين ئي، مون چيو ته مون کي مدت کان ساڻس
ملاقات ڪرڻ جي خواهش هئي. مون کيس اهو به ٻڌايو ته
آءٌ وٽس آفيسر جي حيثيت ۾ نه آيو هوس، پر هڪ همدرد
دوست جي حيثيت ۾. هو منهنجي نسڀال هيٺ هو ۽ مون کي
ئي سندس آرام ۽ آسائش جو فڪر ڪرڻو هو.
هو چپ چاپ مون ڏانهن تڪيندو رهيو، ۽ آخر ايترو چيائين، ”توهان
جي مهرباني.“
مون نظرن ۾ احتجاج آندو. ”آءٌ توسان انهيءَ ڪري ملڻ نه آيو
آهيان.“ مون چيو. ”مون کي ڀروسو آهي ته تنهنجو
هاڻي مون ۾ پورو پورو اعتماد هوندو. عدالت ۾ بيشڪ
جوابدار کي جج کان خائف رهڻ گهرجي، پر تون پاڻ ئي
سوچ ته جج هت بيان قلمبند ڪرڻ ڪونه آيو آهي. پر
رڳو توسان ملاقات ڪرڻ لا3 آيو آهي. جاچ جا ڪاغذ
بلڪل تيار ٿي چڪا آهن، هاڻي رڳو ڪارروائيءَ کي
مڪمل ڪرڻو آهي. آءٌ ذرو به فڪرمند ڪونه آهيان،
ڇاڪاڻ ته مون کي انهن سڀني ڳالهين جي ڄاڻ پئجي
ويئي آهي، جيڪي ضروري آهن. آءٌ هت ڇا لاءِ آيو
آهيان؟ آءٌ پاڻ به گهٽ ٿو ڄاڻان، پر ايترو سو
سمجهان ٿو ته اهو منهنجو انساني فرض آهي.“
آدم وري به ڪيتري وقت تائين چپ ڪريو ويٺو هو. پر آخر چيائين،
”مون کي توتي اعتبار آهي.“
مون زنجير جي وڃايل ڪڙيءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”جي ائين
آهي ته اسان کي اهڙيءَ طرح ڳالهائڻ گهرجي، جيئن ٻه
رازدان دوست ڳالهائيندا آهن. هاڻي ٻڌاءِ ته اصل
قصو ڇا آهي؟“
”انهن ڳالهين ڪرڻ مان ڇا حاصل؟ جو ڪجهه ٿيڻو هو سو ته ٿي ويو!“
آدم وراڻيو.
”اهو ئي ته سوال آهي!“ مون چيو. ”ته ڇا، اهو سڀ ڪجهه ٿيو هو يا
نه؟“
هن پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو، پر سندس نگاهون اڃا جهڪيل هيون. ”ان
ڳالهه ۾ شڪ آڻڻ سراسر حماقت اهي.“ هن جواب ڏنو.
”نه صرف ها ڳالهه شڪي ٿي لڳي.“ مون وراڻيو. ”پر سماج تنهنجي
بيان ڪيل ڳالهين کي قبول نٿي ڪري. جيڪڏهن هر ڪو
ماڻهو انصاف کي پنهنجن خيالن مطابق موڙڻ جي ڪوشش
ڪندو رهندو، ته وحشت ۽ ڏهڪاءَ جو خاتمو ٿيڻ محال
آهي ۽ اسان جون قيمتي جانيون سدائين وحشين ۽ درندن
جي قبضي ۾ رهنديون. تون پاڻ سان ۽ پنهنجي اعليٰ
هستيءَ سان ڪيئن انصاف ڪري سگهندين سو آءُ گهٽ ٿو
ڄاڻان، پر آءُ توکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته سماج اڃا
به توکان سوال ڪري رهي آهي.“
آدم پنهنجو ڪنڌ لوڏيندي بيزاريءَ سان چيو، ”ڳالهين ڪرڻ مان ڇا
هَڙ حاصل؟“
مون چيو، ”سماج ۽ تنهنجي وچ ۾ هر ڳالهه صاف ۽ واضح ٿيڻ گهرجي.
جيستائين تون پنهنجي خاموشي نه ٽوڙيندين، تيستائين
اهو ڏهڪاءُ ۽ مونجهارو هلندو رهندو.“
”پر جي ماڻهوءَ ۾ بيان جي قوت نه هجي ته پوءِ؟“
”هن ۾ بيان جي قوت نه اهي، يا هو ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڏيک خاطر ان کي
دٻائي رهيو آهي؟“ مون وراڻيو. ”تون پنهنجي اندر ۾
نهار ۽ ڏس ته اصل حقيقت ڇا آهي.؟
”منهنجي زبان ڪمزور آهي، آءٌ ڳالهائڻ تي هريل نه آهيان.“ هن
پنهنجي نراڙ تي فڪر جا گهنج آندا. مون محسوس ڪيو
ته ايترو چوڻ هن لاءِ ڪافي هو. آءٌ ماٺ ڪري ويهي
رهيس. آخر هن جو اندر ڦاٽي پيو: ”مون ئي هن کي
ٺاهيو هو.“ هن هيٺ نهاريندي چيو، ”ڇا، هن کي ڊاهڻ
جو مون کي حق نه هو؟“ هن عجب جو اظهار ڪندي پڇيو،
اوهين سڀ مڃيندؤ ته هر ڪنهن کي حق حاصل آهي ته هو
پنهنجي شيءِ ڊاهي ۽ ڍاهي. مون هن لاءِ محنت ڪئي،
هن کي ماءُ جي پيٽ مان کوٽي ڪڍيو. ٻيون عورتون نو
مهينا ٻار کي پيٽ ۾ پالينديون آهن، پر هن جي ماءُ
تيرهن سال اهو عذاب سٺو. مون دعائون گهريون، ۽ خدا
هن کي پيدا ڪيو. هن جي ڄمڻ کان اڳ ۾ ئي، مون هن
لاءِ سڀ ڪجهه سوچي ڇڏيو هو. هو ههرو هوندو، هو
هيئن ڪندو، آءٌ دل ۾ سوچيندو هوس. اوهين آلي مٽِءَ
جو هڪ چاڻو کڻو. ان کي مروڙي سروڙي ڪنهن شڪل ڏيڻ
جي ڪوشش ڪريو، ان بعد جي اوهان جي ڏسڻ تي اهو رڳو
مٽيءَ جو چاڻو ئي هجي، ته اوهان تي لازم ٿيدنو ته
ان کي موٽائي اتي ڦٽو ڪريو، جتان کنئي هووَ.“
هن جو بيان ڳوڙهو ٿيندو پئي ويو. هن مون کي اڌ پوريل اکين سان
گهوريو، ۽ پنهنجي منهن تي آيل تاثر کي پڙهي ويو.
”توکي اها خبر درجي بدر جي پيئي هوندي ته هو بديءَ ڏانهن وڃي
رهيو هو؟“ مون هن کان سوال پڇيو. هن فخر سان ڳاٽ
اوچو ڪري وراڻيو، ”هو ڄائي ڄم کان ئي خراب هو؟“
سندس خون ئي خراب هو، سو منڍ ۾ ئي مون کي اها ڄاڻ
ٿي ويئي هئي. ڪيترا ٻار ان کان به خراب نموني
هلندي ۽ بنان ڪنهن نظرداريءَ جي به، وڏا ٿي، خراب
۽ بند نه ٿيندا آهن. هو شروع ۾ ضرور لچا ۽ ڏنگا
هوندا آهن، پر وقت جو سانچو انهن کي گهڙي سو ڪري
ڇڏيندو آهي. پر هن جي حالت ڪتي جي پڇ جهڙي هئي،
جيڪو ڪڏهن به سڌو نه ٿيڻو آهي. مون شروع ۾ ئي
سمجهيو هو، ته هن جي آخرت ڏاڍي خراب ٿيندي، ۽ ٿيو
به ائين. ڪڻي ڪڻي مان مڻ ٿي ويا، ۽ ّر ۾ خراسر-آءٌ
پاڻ کان پڇندو هوس، ’هن جو خاتمو ڪيئن آڻجي؟‘
جيڪڏهن اوهين هڪ خراب سلي کي هڪ هنڌان پٽي ڦٽو
ڪرايو ۽ ٻئي هنڌ اُهو اڳي کان به وڌيڪ ئي اُسري، ۽
جيڪڏهن اوهان ڪنهن شيءِ کي هٿ ۾ جهلڻ جي ڪوشش ڪريو
۽ اها آڱرين جي وِٿين مان ترڪي، ته پوءِ جناب!
توهين لاچار ٿي پوندا.“
”سٺو ۽ ڄاڻو هاري خراب ٻج مان به چڱو ڦل ڪڍندو آهي.“ مون چيو،
”تون ڪڏهن هن جي ستل ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش به
ڪئي هئي؟تو ڪڏهن سنجيدو ٿي هن کي سکيا ڏيڻ لاءِ
ويچار ڪيو هو؟“
آدم پهريون دفعو منهنجي اکين سان اکيو ملايون. هو گهڻو پريشان
هوئ ”سائين،“ هن چيو، ”مون سوچيو ته ڪردار جي
عنصرن تي ماڻهوءَ جو وس نه هلندو آهي. جي اک ڏسي
ئي نه سگهندي، ته زبان وري بيان ڪٿان ڪندي؟ جتي
سمجهاڻي ڪو ڪم ڪري نه سگهندي، اتي مار موچڙو به
ڪجهه نه ڪندو. جيتري قدر چوڻ آکڻ جو سوال آهي،
منهنجي زال مٿو هڻي هڻي ٿڪجي پيئي. عورتون اهي
ڳالهيون مردن کان وڌيڪ ڄاڻنديون آهن. جي هو
منهنجون خواهشون ماءُ جي واتان به ٻڌي نه سمجهي
سگهيو، ته ان ۾ آءٌ چوندو هوسانس ته منهنجي پيروي
ڪر. جڏهن آءٌ سندس پويان پوندو هوس، ته هو نٽائي
ويندو هو. هن ڪڏهن به مون سان اک نه ملائي، ڪڏهن
به منهنجيءَ ڪنهن ڳالهه تي ڪن نه ڏنو. اها ڳالهه
منهنجي اصولن جي خلاف هئي، ته ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنڌ
کان جهلي، کيس زور سان ڪن ۾ چوان ته ’سنڀالي هل.‘
جي اڳلي جي فطرت ۾ ئي ڪا چڱائي نه آهي، ته
سمجهياڻين مان ڇا هڙ حاصل؟ مار موچڙو به تڏهن اثر
ڪندو آهي، جڏهن اڳلو فطرتاَ بد نه هوندو آهي.
”اهو تون پڪ سان ٿو چوين؟“ مون ڪنهن به چالبازيءَ کان ڪم وٺڻ
کان سواءِ چيو، ڇو جو مون کي هن جي ڳالهين مان
سچائيءَ جي بوءِ اچي رهي هئي. ”ڇا، تون ان ۾ بلڪل
يقين ڪري چڪو هئين، ته تنهنجو ڏوهه نه هو ۽ تو
ڪابه ڪثر نه ڇڏي هئي؟“
هو تڪڙو تڪڙو ساهه کڻڻ لڳو ۽ ٻانهون ميز تي پکيڙي چيائين: ”جڏهن
منهنجو رت ئي منهنجي خلاف ٿي پيو هو، ته پوءِ آءٌ
ان سان ڪيئن ٺڳي ڪري ٿي سگهيس؟ جي منهنجو پوکيل ٻج
نانگ ٿي پوي، ته ڇا مون کي هڪ ماستر وانگر لڪڻ کڻي
ان جي ڪَڍ پوڻ گهرجي؟ ان ۾ ڪٿان جي سياڻپ آهي.
جيڪڏهن اهڙو شخص، جنهن سان اوهان جي مستقبل جون
اميدون وابستا هجن، بدمعاش ۽ آوارهه ٿي پوي ۽
سواءِ بڇڙائيءَ جي ڪجهه به موٽ ۾ نه ڏئي، ته اوهين
ڇا ڪندا؟ ڇا اوهين سندس هَڏ گُڏ ڀڃندا، ان خيال
سان ته اهي وري نئين سر سٺيءَ طرح اُسرندا؟ يا ان
ڪري اهڙي شخص جو دماغ ۽ دل نوان ٿي پوندا؟“
هن جي منهن جو رنگ ڦري ويو. جنهن شخص سڄي حياتي ڪڏهن به ڪنهن ۾
اعتماد نه رکيو هو، تنهن ان ڏينهن منهنجي اڳيان
پنهنجي دل کولي رکي هئي. هو اهي لفظ، اهي جملا ۽
اهو لهجو ڳولي رهيو هو، جنهن سان مون کي متاثر
بڻائي سگهي. پر اوچتو مون کي محسوس ٿيو ته هو
ظاهري طرح ته مون سان مخطب هو، پر حقيقت ۾ هو ذهن
مان اهڙي قاتل جي خيال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو،
جنهن جا سوال ۽ هلڪا خاڪا هن جي دماغ جي پردن تي
اُڀري رهيا هئا. هو جيڪي ڪجهه مون کي ٻڌائي رهيو
هو، سو مدت کان سندس زهن ۾ پئي ڦريو هو ۽ ان وقت
سندس زبان مان ڦاٽي ٻاهر نڪري رهيو هو. هو پاڻ تي
قابو پائڻ جي همت نه ساري، پنهنجا زوردار لفظ ۽
خيال-پنهنجي روح جو آواز-چپ چاپ، پرشان ۽ دکيءَ دل
سان پاڻ ئي ٻڌي رهيو هو. اهو سندس ئي ضمير جو آواز
هو.
هن جو ڪنڌ جهڪي ويو هو ۽ سندس لهجو آهستي آهستي سنجيدو ۽ ماٺو
پئي ٿيندو ويو. ”هاني تون ضرور پڇندين، مون کي
اهڙو احساس ڪڏهن ٿيو؟ ڪڏهن مون اها اميد لاهي ڇڏي؟
ڪنهن ڪوڙهيي کان پڇو ته سندس کَل ڪڏهن خراب ٿي؟ هن
اهو ڪڏهن محسوس ڪيو؟ ظاهر آيه ته هن کي اها خبر
پهرئين ڌڏينهن ئي پئجي وئي هئي. پر کيس پڪ تڏهن
ٿي، جڏهن هو بستري داخل ٿيو. راتين جون راتيون آءٌ
هن جي باري ۾ ۽ پنهنجي باري ۾ سوچيندو رهيس. آهستي
آهستي ڪوڙهه جو اثر شروع ٿيو. منهنجو روث ان پيڙا
۾ مبتلا ٿي ويو ته ان جو علاج ڇا آهي؟ ضابطو-؟
ضابطو هميشه هڪ وک پوئتي هوندو آهي ۽ خطا هڪ وک
اڳڀرو. جنهن لڪڻ سان آءٌ هن کي ڌڪ هڻان ها، اهو
شايد منهنجي ئي هڏن کي ضرب پهچائي ها، ۽ سندس
پڍيءَ جا داغ شايد کيس وڌيڪ گستاخ ۽ سخت جان
بڻائين ها. ته ڇا، ان لاءِ مون کي ڪي ٻيا رستا
اختيار ڪرڻ گهربا هئا؟ ڀلا اهي ڪهڙا رستا هئا؟ ڇا،
مون کي هن جي ڪنڌ ۾ ڪُتي وانگر رسي وجهي ڇڏڻ گهربي
هئي؟ هن جي هر ڪا ڳالهه منهنجي ڳالهه هئي. آءٌ وڻ
ته هو ٽاير، آءٌ وَٽ ته هو لاٽ، آءٌ ڌرتي ته هو
چشمو! وڻ ٽارين کان ڪيئن جدا ٿي سگهندو؟ انهن ۾ به
ساڳيو رس آهي. ساڳيءَ طرح، وَٽ لاٽ جي خوراڪ آحي.
۽ چشمو ڌرتيءَ جي سيني مان ئي ڦٽي نڪري ٿو. پر اها
بڇڙائي آئي ڪٿان؟ توبهه، ڪيترو نه تڪڙو ٿي وڏي
وچڙندڙ باهه وانگر! پهرين هڪ ننڍڙو ڪور، ته پوءِ
هڪ وڏي خطا، پهرين ڪوڏي، پوءِ ڪروڙ، پهرين هڪ اڻ
گهڙيل انسان، پوءِ سخت چالباز، پهرين ڳنڍي ڪپ،
پوءِ ڌاڙيل، پهرين رولاڪ، ته پوءِ حد درجي جو
لفنگو ۽ بدمعاش! ڪا عزت ڪانه، ڪو اعتماد ڪونه، ڪو
ايمان ڪونه-بلڪ پيار کان به خالي. اهو سڀ ڪجهه
ڪٿان آيو! مون مان؟ بلڪل! ۽ پوءِ مون پاڻ کان
پڇيو. آدم! تون ڪڏهن اهرو دروزخي ٿئين، جو تنهنجي
جود مان هڪ اهڙي انسان وجود ورتو؟ ڇا ائين آهي ته
انسان رڳو بڇڙاين ۽ ذلالتن جو مجموعو آهي، جيڪو
دنيا ۾ فقط بڇڙائيءَ کي ئي جنم ٿو ڏئي؟“
هن مون ڏانهن غمگين نظرن سان نهاريو. هو ائين لڳي رهيو هو، ۽
سندس حالت هڪ اهڙي جانور جهڙي پئي لڳي، جيڪو بار
جي بوجهه کان ڪُنجهندو هجي. هڪ دفعو وري سانت ٿي
ويئي. پنهنجي ڪوٽ جي ٻانهن سان هن پنهنجون اکيون
صفا ڪيون. مون ساڻس همدرديءَ جو اظهار ڪيو، ڏک
وَنڊيو. پر مون ۾ هڪ بيقرار جذبو هو، جيڪو اڃا به
چئي رهيو هو، ته هو بيحد وڌاءُ کان ڪم وٺي رهيو
آهي. ”منهنجي خيال ۾، تون پاڻ تي ضرورت کان وڌيڪ
جوابداري کڻي رهيو آهين.“ مون چيو، ”اهڙيءَ حالت ۾
توکي پنهنجن حقن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. تو وٽ هن وقت
تائين، هڪ پيءُ ۽ هڪ انسان جي حقيقت ۾، رڳو پنهنجي
باري ۾ ئي پئي سوچيو آهي. ان ماءُ بابت تنهنجو ڇا
خيال آهي، جنهن جو ان ٻآر تي توکان به وڌيڪ حق
آهي؟ هوءَ تنهنجن انهن دليلن ۽ عملن کي ڪڏهن به
تسليم نه ڪندي، جن هڪ ئي لحظي ۾ سڀئي خانداني رشتا
ٽوڙي ڇڏيا.“
”اسين اها ڳالهه بحث هيٺ نه آڻيون ته چڱو.“ آدم اطمينان سان
ورڻيو، ”اسين دليلبازيءَ جي اصول کان هٽي رهيا
آهيون. هوءَ منهنجي منطق کي تلسيم ڪندي يا نه، سو
آءٌ ڪونه ٿو ڄاڻان. هُن به ڪجهه وڇايو آهي، ۽ مون
به. هُن کي برابر وڌيڪ تڪليف پهتي آهي، پر منهنجي
پريشاني ۽ پشيماني به گهٽ نه آهي. هُن جي زندگيءَ
۾ ڪجهه نه رهيو اهي، پر مرڻ تائين منهنجي حياتي به
زهر ٿي چڪي آهي. هوءَ برابر مون کان وڌيڪ همدرديءَ
جي لائق اهي. انسان کي رڳو فطرتن جو مطالعو ڪرڻ
گهرجي، پر ان جي برعڪس، اسين ان کي سڌارڻ جي ڪوشش
ڪندا آهيون، ۽ اسان جو اهڙو عمل ائين هوندو آهي،
جيئن ڪو بند دروازي مان اندر ڪمري م، ڪجهه ڳولڻ جي
ڪوشش ڪندو هجي. ڪنهن به عورت کي رڳو هڪ ٻار نه هئڻ
گهرجي. گهڻو ڪجهه ان ڳالهه تي به مدار رکي ٿو.
منهنجيءَ ماءُ کي نوَ ٻار هئا، جن مان ست مري ويا،
منهنجي ڏاڏيءَ کي سورنهن ٻار هئا، جن مان اٺ ته
رڳو ننڍپڻ ۾ ئي مري ويا. اهڙِ موت زياده تلخ ڪونه
ٿو ٿئي. زمين تي ڇٽيل سڀني ٻچن مان اَن ڪونه پيدا
ٿيندو آهي. هڪرو ٻار وڏي جوکم وارو هوندو آهي، هڪ
لاٽريءَ وانگر، منهنجي اها تشبيهه به ٺيڪ آهي، ڇو
جو ان جوکم ۾ اسان جو وهنوار، هڪ ڀسم ڪندڙ ڄِڀيءَ
سان ٿو ٿئي، جا اسان کي ڦَٽي ٿي ڇڏي. جڏهن عورت جي
آخري التجا کي انسان ۽ خدا ٺڪرائي ٿو ڇڏي ته هوءَ
واقعي رنجيدهه ٿي ٿئي، ۽ سندس دل ڏک سان ڀرجي ٿي
وڃي. هن لاءِ نيڪي ۽ بدي ته ڪو مطلب ڪونه ٿيون
رکن. هوءَ رڳو اهو ئي سوچي ٿي ته اهو سندس ئي رت
آهي.
”آءٌ هڪ پيءُ آهيان ۽ ’پيءُ‘ منهنجي اندر ۾ رڙيون ڪندو اهي.
’پيءُ‘ جو مطلب ڇا آهي؟ اهو سوچي، آءٌ عجب ۾ پئجي
ويندو آهيان، ۽ ان لفظ جي معنيٰ ۾ اونهو هليو
ويندو آهيان. جيڪڏهن مون کي ڪنهن نوڪرياڻيءَ مان
پٽ ٿئي ها، ته اهو به مون کي ’پيءُ‘ سمجهي ها. ڇا،
پوءِ به ساڳي ڳالهه هجي ها؟ نه! پوءِ ائين نه هجي
ها. اهو يقيناً مهذب ۽ سڌريل پٽ هجي ها، اهڙو،
جهڙو مون گهريو پئي. ته پوءِ مون اهو ڇو نه ڄڻيو؟
۽ هي نالائق پٽ ڇو؟ اهو ان ڪري جو قانون ان جي روڪ
ٿو ڪري، ۽ قانون هڪ مقدس چيز آهي. ڇا، اها
نوڪرياڻي منهنجي زال سڏائي ها؟ ان لاءِ آءُ ايترو
چوندس ته مرد جون امنگون عورت کان وڌيڪ اوچيون ۽
اونهيون ٿينديون آهن. آءٌ ايترو به چوندس ته پيءُ
جو ڏوهه ماءُ جي ڏوهه کان وڌيڪ سنگين ٿيندو آهي.
عروت خدا جي رسيءَ جي گهيري ۾ هوندي آهي ۽ اهو ان
کي ڪِرڻ کان بچائيندو آهي. پر مرد خدا وٽ سڏايو
ويندو آهي ۽ کانئس حساب ڪتاب ورتو ويندو آهي. هو
پنهنجي نسل جي سلسلي ۾، وچين ڪڙي هوندو آهي.
پنهنجن وڏن ۽ پوين جي وچ ۾ ڳانڍاپو ڪندڙ. هو
رحمدليءَ غ۽ لاڏ ڪوڏ آڏو نه جهڪندو آهي. حالانڪ
سندس پٽ، قوم حاڪم ۽ پوئين نسل جون نگاهون کيس
گهورينديون رهنديون آهن. پر هو ڪنهن جي به پرواهه
نه ڪندو آهي. پٽ، وٽس هڪ گروي رکيل امانت هوندي
آهي، جيڪا هو پنهنجن آخري ڏينهن ۾ دنيا کي موٽائي
ڏيندو آهي. افسوس آهي اهڙي شخص تي، جو خالي هٿين
اچي ۽ چئي: ”مون پنهنجيءَ امانت سان ٺڳي ڪئي آهي!“
هن خاموشيءَ سان چوطرف جي ماحول ۾ نهاريو ۽ پوءِ ڪرسيءَ تان اٿي
ٻه قدم هليو. ”۽ مون پڻ پنهنجيءَ امانت ۾ خيالنت
ڪئي آهي!“ ايترو چئي، هو وري ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
مون سندس محويت ۾ رخنو وجهڻ پسند نه ڪيو. آءٌ دل ئي دل ۾ اها
واٽ ڳولڻ لڳس، جا اسان کي ڪجهه اڳڀرو وٺي هلي.
منهنجا اندازا يقين ۾ پئي تبديل ٿيندا ويا. حادثي
جي ٿابتين تي ٻڌل منهنجا انومان هوريان هوريان
حقيقتن جو روپ اختيار رڪي رهيا هئا. هڪ تصوير جي
جاءِ تي ٻي تصوير پئي آئي، جا اڳينءَ کان وڌيڪ صاف
۽ چٽي هئي. هن جو رعب منهنجي مشاهدي ۽ خون تي هڪ
جيترو اثر ڪري رهيو هو. گهڻي وقت تائين وڪالت ۽
منصفي ڪرڻ سبب، مون کي ذهني حالتن ۾ تبديليءَ جي
مشاهدي ڪرڻ جو چڱو تجربو ٿي چڪو هو.
هڪ ڳالهه منهنجي اندر ۾ وري وَڍَ وجهي رهي هئي. هن وٽان سندس
راز حاصل ڪرڻ، ساڻس بي ايماني هئي! اهو سوچي آءُ
ڏڪي پئي ويس، ۽ ڳالهه وري شروع ڪرڻ جي همت نه پئي
ساري سگهيس. آخرڪار، گهڻي دير ماٺ رهڻ کان پوءِ،
مون کانئس پڇيو ”ڇا، تون سائمن جي ڪمري ۾ انهن
سڀني ڳالهين کي ختم ڪرڻ لاءِ ويو هئين؟“
هن ڪو به جواب ڪونه ڏنو. مضبوط چَپ چرڻ کان انڪار ڪري بيٺا، پر
سندس ڪشادي پيشاني منهنجي اڳيان کلي پيئي، هڪ ڪتاب
وانگر، ۽ مون سڀ ڪجهه پڙهي ورتو.
”تون ڪمري ۾ ٻه دفعا ويو هئين؟“ مون جوکي جهڙو سوال ڪيو. منهنجي
دل ۾ مضبوطي ايندي رهي. حالتون ۽ واقعا مون کي
همٿائي رهيا هئا. ”ٻه دفعا-“ مون وري چيو ”۽
جيڪڏهن تون پهريون ڀيرو اندر وئين، ته هو جيئرو
هو. جڏهن تون ٻيو دفعو اندر وئين ته سائمن هنڌ تي
ستو پيو هو- پر بيجان ۽ مردهه!“
مون کي خيال ئي ڪونه آيو هو ته انهيءَ ڳالهه تي ڪڙميءَ جو ڳارهو
چهرو اڇو به ٿي پئي سگهيو. هن جي منهن جو رنگ
منهنجي اکين اڳيان ڦرندو ويو، ۽ آخر اڇو ڪپهه جهڙو
ٿي پيو. هن اکيون ڦوٽاري مون ڏانهن گهوريو، هن جا
ڳل اندر پيهجي ويا. هن پنهنجا ٻيئي هٿ ڪنڌ ۾ وجهي
ڇڏيا. منهنجو تير نشاني تي لڳو هو. ۽ منهنجي همٿ
وڌندي ويئي. آءٌ هوريان هوريان دل ٻڌي اڳتي وڌيس
”تون هن ڏانهن ڪجهه پئسا کڻي ويو هئين. ان آچر جي
صبح جو تو وٽ پئسو به ڪونه هو ۽ اها رقم تو رات جي
مانيءَ بعد هڪ پاڙيسريءَ کان اُڌاري ورتي هئي.
ائين آهي يا نه؟ سو سائمن کي اها رقم ڏيئي کانئس
جان ڇڏائڻ پئي چاهي. هن کي ان ڏينهن ئي بندر تي
پهچي، آفريڪا ويندڙ هڪ جهاز ۾ سوار ٿيڻو هو. ائين
آهي نه؟ تو کيس رقم آڇي ۽ پنهنجي تجويز ٻڌائي. تو
اميد پئي رکي ته هو بنان ڪنهن هَٻڪ جي تن هنجو حڪم
مڃيندو. پر هن نه رڳو تنهنجي نافرماني ڪئي، بلڪ
رقم به ٺڪرائي ڇڏي. تو هن کان سوال يڪا ۽ هن تو کي
کُتا جواب ڏنا. پهريائين هن جو آواز ڪجهه چچريل ۽
منجهيل هو، ڇو جو هن جي ذهن تي اڃا شراب جو اثر
هو، پر پوءِ هن جو هر لفظ چٽو ۽ صاف ٿيندو ويو. تو
سڀ ڪجهه سمجهيو پئي، پر تڏهن به چپ هئين. توکي اها
به پرواهه نه هئي ته هن هنڌ تان اٿي، ادب سان ڇو
نه پئي ڳالهايو، ڇو جو تو ڄاتو پئي ته جي تنهنجي
منهن ۾ نهاريندو، ته منجهس ڳالهائڻ جي طاقت نه
رهندي. تون صرف ٻڌندو رهين، بت بڻيو، ۽ انهن
ڳالهين جو نتيجو اڳتي هلي ظاهر ٿيو، ۽ اڄ تون هتي
آهين. ٻڌاءِ ائين آهي يا نه؟“
آدم پنهنجون ڀوائتيون نگاهون مون تان نه هٽايون. ”تون پڪ ئي پڪ
ڀوت جي روپ م ان ڪمري ۾ موجود هئين!“ هن پريشانيءَ
۽ آنڌ مانڌ ۾ ڀڻڪيو.
”نه.“ مون چيو. ”شاهدن جي بيانن مون کي انهيءَ نتيجي تي پهچايو
آهي. بلڪل معمولي ۽ عام رواجي حقيقتون به اڪثر
پنهجي پٺيان گهڻين ڳالهين تي روشني وجهي وينديون
اهن. اهو قدرتي نيم آهي ته انسان جو عمل سندس ڪنهن
ٻئي عمل جي ڪڙي هوندي آهي، تلاءَ ۾ پٿر ڦتو ڪيو ته
پاڻيءَ جا چڪرا وڌندا ويندا ۽ گم ٿيندا ويندا، پر
پاڻيءَ ۾ اتي به چرپر ٿي رهي هوندي، جتي پٿر
اڇليندڙ جي نظر به نه پهچي سگهندي. سچ پچ ته واقعن
۽ حالتن جي چار کان ڪوبه ڇوٽڪارو حاصل ڪري نٿو
سگهي. اهڙو ڄار انسان کي سندس هر وک، هر اشاري ۽
هر ڳالهه تي وڌيڪ وڪوڙيندو ويندو آهي. مون کي هڪ
اهڙو سراغ مليو هو. شروعات ۾ ان تي مون ڪو خاص
ڌيان نه ڏنو، پر جيئن جيئن وقت گذرو ويو، تيئن
تيئن ان جي اهميت وڌندي ويئي ۽ آخر ۾ سڄي حقيقت
مون آڏو کلي پيئي. ايچم ائسر ۾ هڪ نقاش رهندو آهي،
جنهن جو نالو ڪسيلنگ آهي. هو سائمن جو دوست آهي.
بيسڪ هو لچو ۽ لوفر آهي، پر منجهس سچ ڳالهائڻ جي
خصلت به موجود آهي. هن مون کي سائمن جي باري ۾
گهڻو ئي ڪجهه ٻڌايو آهي. مثال طور، توکي چڱيءَ طرح
ياد هوندو ته گذريل سياري ۾ توهان جو قدم ۽ سهڻو
چينيءَ جو قيمتي جڳ گم ٿي ويو هو. توکي ۽ تنهنجيءَ
زال کي پڪ هئي ته اهو جڳ سائمن کڻي وڃي وڪيو
هوندو. تنهنجي زال ته ائين به پئي چيو ته ان جي
نيڪال ۾ ڪسيلنگ جي زال جو به هٿ هوندو. حقيقت ۾ جڳ
کنيو به سائمن هو. ائين به آهي ته ان ۾ ڪسيلنگ جو
هٿ به هو. هو ان جي مليل پئسن مان حصو به وٺي ها،
پر ڳالهه ائين نه هئي. سائن ڪسيلنگ جي روبرو ئي جڳ
ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو هو. اهو واقعو پلين فيلڊ
جي هڪ دڪان اڳيان ٿيو هو. سائمن جڳ اتي آندو هو ۽
ڪسيلنگ اهو کانئس وٺي، ان تي اُڪريل نقش کي ڏسڻ ٿي
چاهيو. انهيءَ تي سائمن ڪاوڙجي، هن جي هٿ مان جڳ
ڦري، پنهجي سموريءَ طاقت سان رستي تي کڻي هنيو،
جتي اهو ڇيهون ڇيهون ٿي پيو. ڪسيلنگ هن جي انهيءَ
حرڪت تي ڪاوڙيو، پر سائمن بت بنيو بيٺو رهيو ۽
پوءِ ڀريل آواز ۾ چيائين، ”آءٌ هر اهو عمل ڪندس،
جنهن مان هُن کي صدمو پهچي- اهڙو ڪم جو هُن کي انگ
انگ ۾ پيڙا ۽ عذاب پيدا ڪري! ڪسيلنگ پهرين نه
سمجهي سگهيو ته سائمن ڪنهن تي ڇُوهه ڇنڊي رهيو هو.
ان وقت سائمن سان سندس نئين نئين ڄاڻ سڃاڻ ٿي هئي.
پوءِ هن کي خبر پئي ته اهو ڪير هو. هن مون کي
ٻڌايو ته ان کان اڳ هن ڪڏهن اهڙو پٽ نه ڏٺو هو،
جنهن وٽ پيءُ لاءِ ايڏي ڌڪار هجي! اهڙا واقعا هڪ
ٻئي پٺيان ٿيندا رهيا. سائمن کي ڪيتريون ئي تلخيون
وڪوڙي وينديون هيون ۽ هو تخريب تي آماده ٿيندو هو.
پر سندس اهڙين خواهشن جي پوري ٿيڻ بعد، وري مٿس ڏک
۽ فڪر جا بادل پلٽي پوندا هئا ۽ هو ڳچ وقت تائين
بلڪل خاموش ۽ موڳو ٿي پوندو هو. اڪثر ڪري هو
پنهنجي ئي خوف کي محسوس ڪندو هو، جيڪو اڳتي هلي هڪ
نامحسوس ۽ منجيهل جذبو ٿي پوندو هو. ماڻهن ايترو
به ٻڌايو ته سائمن اڪٿر چوندو هو، ’ڪاش، آءٌ هن کي
سڀ ڪجهه ٻڌائي سگهان! هڪ دفعي رڳو آمهون سامهون
ٿيون، ته دل جو سمورو غبار لهي وڃي. ان مان هن جي
ڇا مراد ههئي؟ رڳو ڪسيلنگ ئي هن جي فائدي ۾
ڳالهايو آهي. پر ٻين ڪيترن ئي ماڻهن هن جي فائدي ۾
ڳالهايو آهي. هنن ٻڌايو ته اصل ۾ هو بدمعاش نه هو،
فطرتاً ذليل نه هو. اهي ماڻهو اهي ئي آهن، جن جي
توهان سان ڪابه دوستي يا دشمني ڪانه آهي. هنن
سائمن کي هڪ ڏٻرو ڍور پئي سمجهيو، جنهن کي ڇُڙواڳ
ڇڏيو ويو هو. هو بي آسري هو، هو عيش ڪندو هو، ان
ڪري ته جيئن اندر جي باهه کي ٻاهر نرڪڻ کان روڪي
سگهي. هو ڪم کان نٽائيندو هو، ان ڪري جو ڪا شيءِ
هميشه سندس پيڇو ڪري رهي هئي. هو لفر هو، پر سندس
دل صاف هئي. هو بنيادي طرح خراب نه هو، ۽ اهو سڀ
ڪجهه آءٌ به محسوس ڪري رهيو آهيان. پوءِ، اها ڪهڙِ
شيءِ هئي، جيڪا هميشه سندس پيڇو ڪري رهي هئي؟ هن
پاڻ ۾ ڪهڙي شيءِ دٻائي رکڻ پئي چاهي؟ آدم! منهنجو
خيال آهي ته ان جو جواب رڳو آءٌ تون ئي ڏيئي سگهون
ٿا. سڄي دنيا ڀل ته مٿو ڦاڙي بيهي، پر سچ رڳو تون
ث۽ مان ئي ڄاڻون ٿا. پر توکي ان جي سُڌ اڳ ڪانه
هئي. تو اهو سڀ ڪجهه ان ڏينهن ڄاتو، جنهن ڏينهن
تون آخري ڀيرو سندس ڪمري ۾ ويو هئين. ائين آهي
نه؟“
آدم اطمينان جو ٿڌو ساهه کنيو. سندس منهن جو رنگ ڪارو ٿيندو پئي
ويو، ڄن ته سندس اندر جي باهه نڪري سندس من هن
لُوساٽي رهي هئي. هو لفط ڳولي رهيو هو، پر اهي
سندس زبان تي نه پئي آيا. سندس چهري جا تاثر اهو
سڀ ڪجهه ٻڌائي رهيا هئا، ته هاڻي راز فاش ٿيڻ تي
کيس ڪو به عجب ڪونهي. هاڻي هن کي ڪجهه به لڪائڻ جي
ضرورت نه هئي. سندس بوجهه جهڪو ٿي ويو هو.
مون پنهنجو فرض ڄاتو، ته آءٌ انهن آخري مشڪلاتن ۾ هن جو ساٿ
ڏيان. ان ڪري مون وري ڳالهائڻ شروع ڪيو ”ٿوري ڌيان
ڏيڻ سان تون محسوس ڪندين ته انسان ان ڏِس ۾ حيوان
کان به بدتر ٿي ويو آهي. حيوان ڪڏهن به هڪ ٻئي کي
غلط نه سمجهندا آهن. پر انسان، خيال ۾ توڙي حقيقت
۾ هڪ ٻئي کي غلط سمجهندا آهن. اهڙيون غلط فهميون
نه رڳو رواجي تعلقات ۾، پر پيءُ، پٽ، ڀاءُ ۽ دوست
۾ به پيدا ٿين ٿيون. هر انسان جهالت جي اوڙآهه ۾
ڪريو پيو آحي، پر تڏهن به سمجهي ٿو ته سندس اهو
تاريخڪ غار هڪ ٻَهڪندڙ ڪمرو آهي. هو پاڻ کي دنيا ۾
خدا جو خليفو ٿو سمجهي، پر جلد ئي ان نتيجي تي ٿو
پهچي ته هو شيطان جو چيلو آهي. توکي تيرنهن سال
رڳو اهو ئي فڪر هو ته ڪو پٽ ڄ۾ي، ۽ جڏهن توکي پٽ
ڄائو، ته پورن ارڙنهن سالن کان پوءِ خبر پئي ته
تنهنجو پٽ ڇا هو؟ پر ان وقت تائين سڀ ڪجه ٿي چڪو
هو. انساني سمجهه ڪيري نه حسين ڀُل آهي! ان هوندي
به، آدم! تو ڇا لاءِ اهو ڏوه پاڻ تي کنيو، جيڪو تو
ڪيو ئي ڪونه هو. تو ڇا لاءِ پاڻ کي اهڙي شخص جو
خوني چورايو، جيڪو دنيا مان پنهنجي دڳ وٺي هليو
ويو، تون دنياوي انصاف سان ڇا لاءِ دوکيو ڪيو؟
ٻڌاءِ، ڇو؟
”آءٌ توکي ان جو سبب به ٻڌائيندس.“ آدم چيو. ”منهنجو کيل ختم ٿي
چڪو آهي. پر تون ڪجه ڌيرج رک..... اها ڳالهه
ٻڌائيندي مون کي رنج ٿي ٿئي.“ هو پاڻ ۾ ڪجهه ڳولڻ
لڳو. سندس آڱريون حرڪت ۾ هيون، ڄڻ ته اهي به سندس
خيالن سان گڏ اهڙا لفظ ڳولي رهيون هيون، جن سان هو
سڄو تفصيل ٿوري ۾ بيان ڪري سگهي. نيٺ هن ڳالهايو:
”اهو سچ آهي، ته کيس پئسا ڏيڻ لاءِ آءٌ سنس ڪمري ۾
ويو هوس. مون کي آمريڪا جي ڪا خاص چنتا ڪانه هئي،
مون رڳو هن مان جان ڇڏائڻ پئي چاهي. مون نه پئي
چاهيو ته منهنجي گهر ۾ ڪا پوليس اچي. آءٌ جنهن مهل
اندر ويس ته اوندهه هئي، مون ميڻ بتي ٻاري. هو
بستري تي ستو پيو هو ۽ مون ڏانهن گهوري رهيو هو،
اهو به سچ آهي ته هن رقم وٺڻ کان انڪار ڪيو. هن
پنهنجي منهن ڀت ڏانهن ڪري ڇڏيو هو. ۽ چيائين ته
’اهي پئسا هاڻي منهنجي ڪنهن به ڪم جا نه آهن.‘ آءٌ
هنڌ جي ڀرسان وڄڃي بيٺس ۽ کيس چيم، ”پيءُ جي اڳيان
اٿي بيهي ڳالهاءِ.“ هن ورندي ڏني ’آءٌ تنهنجي
اڳيان اٿي بيهان! ان جي اڳيان، جنهن مون کي پَٽ تي
ڪيرايو آهي!‘ منهنجون مٺيون ڀڪوڙجي ويون، ۽ خار
مان چيم: ’ چئين ڇا پيو؟ بدمعاش‘ مون توکي ڪيرايو
آهي؟‘ هن جي چپن مان هڪ لفظ نڪتو ’تون!‘ وڌيڪ ڪجهه
به نه، ’تون....!‘ هن چيو. آءٌ هن جي منهن ۾ تڪڻ
لڳس. هن مون ڏانهن گهوريو، ۽ ٿوري وقفي کان پوءِ
چوڻ لڳو- ’تون!‘ ان لفظ ۾ ايترو ته ڪروڌ، ساڙ ۽
بغض هو، جو منهنجي وات جي پِڪ به ڪوڙي ٿي وئي.
’تون! مان تنهنجي ڇا مراد آهي؟‘ مون پڇيو، تون،
تون!‘ هن رڙ ڪئي، ’تنهنجو بار ازل کان منهنجي سيني
کي پيڙي رهيو آحي.‘ مان خاموش هوس. ’اتي بيٺو مون
کي پنهنجين اکين سان تڪيندو رهه!‘ هن چيو ’ڇا
تنهنجون اهي نگاهون کٽڻيون ئي نه آهن؟ مدت کان مون
ڏانهن انهن ڪڙين نگاهن سان ڏسي رهيو اهين. رڳو
نگاهون ئي نگاهون‘ ڇا، توکي ڳالهائڻ لاءِ زبان نه
آهي؟ سڀ ڪجهه ڄاڻندي به تون رڳو مون ڏانهن
نهاريندو رهيو آهين، ڪڏهن ڪو لفظ به نه ڪڇيو اٿئي.
تنهنجين انهن نگاهن مون کي ڌڪي هن ڊگهي رستي تي
آندو آهي. تون مون کي ڪڏهن نالي سان سڏيو آهي؟ آءٌ
تنهنجي واتان اهي لفظ ٻڌڻ لاءِ ڇو سڪندو رهيو
آهيان؟ ان ڪري ئي آءٌ ڪُتن وانگر آوارهه گردي ڪندو
هوس. ان ڪري ئي مون گُتي وارن سان ياري رکي! هنن
وٽ پيار هو، قرب هو ۽ همدردي هئي. هو ڳالهائيندا
هئا، ۽ کلندا هئا ۽ ڏک سور وَنڊيندا هئا. توکي اها
به خبر آهي ته هو ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن. پر....
تون؟آءٌ ڪڏهن به نه سمجهي سگهيو آهيان، ته آءٌ
تنهنجو ڇا لڳان! مون هميسه توکي پاڻ تي ڪاوڙيل ڏٺو
آهي. جڏهن آءٌ اڃا ٻال هوس ۽ تون منهنجي اڳيان
ايندو هئين، ته وات ۾ پيل گرهه منهنجي نڙيءَ ۾
اٽڪي پوندو هو. سوين ڀيرا مون تو وٽ ڪَهي اچڻ جو
خيال ڪيو، پر وقت اچڻ تي وک به نه وڌائي سگهدنو
هوس. آءٌ عجب کائيندو هوس ته من کان ڪهڙي خطا ٿي
آهي. ان ڪري، جڏهن ڪا سچ پچ خطا ڪندو هوس ۽ تون
ڪاوڙبو هئين، ته خوشي ٿيندي هيم، گهٽ ۾ گهٽ ڏوهه
جي خبر ته پوندي هيم. اهڙيءَ ريت آءٌ زبان خور ۽
حرڪتي ٿي پيس. جيسين ڪا حرڪت ڪري ماڻهن کي
ڪاوڙائيندو نه هوس، تيسين آرام نه ايندو هوم. ٺيڪ
آهي، آءٌ بلڪل بڇڙو آهيان، پر آءٌ نٿو سمجهان ته
ڪو ڄائو به اهڙو ئي هوس. آءٌ لفنگو آهيان، پر ان
جو مطلب اه نه آهي ته مون کي خدا جي مرضيءَ تي ڇڏي
ڏين ها. توکي پنهنجن فرضن ۾ ڪيل ڪوتاهين تي پڇتاءُ
ڪرڻ گهرجي. مون تي تنهنيج عزت ڪرڻ لازم هئي، ڇو جو
مذهب اهو ٿو سيکاري. آءٌ شايد تنهنجو پالتو جانور
ٿي رهيان ها، ڇو جو تنهنجي قرب کان ڪنڌ ڪڍائڻ مون
لاءِ محال هجي ها. آءٌ اهو سڀ ڪجهه آسانيءَ سان
ڪري پئي سگهيس. مون ۾ ايتري سمجهه هئي. پر تو اها
سمجهه مون کان ڌڪي ٻاهر ڦٽي ڪئي. هاني آءٌ پورو
بدمعاش آهيان. آءٌ حياتيءَ مان، دوستن مان، عزيزن
مان ۽ سماج مان تنگ ٿي چڪو آهيان، انهن مان ڪنهن ۾
به ڪا دلچسپي نه رهي آهي....“ هو ائين چوندو ويو ۽
مان چپ چاپ ٻڌندو رهيس. هن ٻيون به ڪيتريون ئي
ڳالهيون ڪيون، جيڪي آءٌ وساري چڪو آهيان. بعد ۾ هن
ڪنڌ ڦيرايو ، ڏند ڪرٽيا ۽ ڪنجهڻ لڳو. اوچتو هڪ
ڌڪار جهڙو ٽهڪ ڏنو ۽ ڪنڌ ڦيرائي منهن ڀت ڏانهن ڪري
ڇڏيو. مون پاڻ کي چيو: ”آدم، هڪ روح تابهه ٿي رهيو
آهي، شايد تنهنجو روح به ذليل ٿي چڪو آهي!“ آءٌ هڪ
لفظ به نه ڪڇي سگهيس. منهنجي زبان تي ڪُلف چڙهي
ويا، آءٌ خدا وٽ ڪهڙو جواب ڏيڻ وارو هوس؟ آءٌ چپ
چاپ ڪمري کان ٻاهر نڪري آيس ۽ ويچار ڪندو، ٻنيءَ
جي لوڙهي تائين هليو ويس. هر شيءِ تي خاموشي ڇانيل
هئي، مون مٿي تارن ڏانهن نهاريو، پر تان به ڪا مدد
يا آٿت ڪونه مليم. مون واڙ جو در کوليو. هڪ ڍڳو
ڪنڌ مٿي ڪري اوڳر ورائي رهيو هو. اوچتو منهنجي
دماغ ۾ وري خيال آيو ’توکي ڪمري ۾ وري واپس وڃڻ
گهرجي، جي زبان نٿو چوري سگهين ته ڪجهه ٻيو ئي
ڪر!‘ آءٌ موٽي ويس. جڏهن ڪمري ۾ پهتس ته هو پنهنجي
رت ۾ ٻڏو پيو هو. آءٌ گهڻي دير تائين بُت بڻيو
بيٺو رهيس، پوءِ پاڻ کي چيم: ’ان نتيجي لاءِ تون
ئي ذميدار آهين. تون ئي هن جو خوني آهين. توکي ئي
ان جي سزا ڀوڳڻي پوندي..... هاڻي آءٌ توکي سڀ ڪجهه
ٻڌائي چڪو آهيان.“
هن پنهنجا هٿ کولي انجيل تي رکيا ۽ ماٺيڻي ۽ مٿاڇري نگاهه سان
تڪيندي اڳتي چيو، ”آءٌ توکي اهو خواب به ٻڌائڻ ٿو
گهران، جو مون ان واقعي کان هڪ رات اڳ ۾ ڏٺو هو.
هڪ راهڪ ڪمري ۾ آيو هو، ۽ مون کي چيائين: ’گهوڙن
تي سنج پئجي چڪا آهن، هلو ته هلون.‘ آءٌ ٻاهر
نڪتس. گهوڙا سنجيا برف ۾ گاڏي ڇڪڻ لاءِ تيار بيٺا
هئا. اسين جلد ئي هيٺ لهي وياسين ۽ گهوڙا پيٽن
تائين برف ۾ هليا ويا. مون ڪنڌ پٺيان ورائي ڏٺو،
ته پوک سڙي رهي هئي. گهوڙن ڊڪڻ شروع ڪيو ۽ آءٌ
انهن جي واڳن کي جهليو، انهن جي پٺيان گهلبو ويس.
منهنجو ساهه گهر ڏانهن اٽيڪل هو، پر واڳن کي به نه
پئي ڇڏي سگهيس، اهي منهنجي هٿ ۾ جڪڙجي چڪيون هيون،
اسين ريلوائي پل وٽ اچي پهتاسين، جتي نديءَ جو
پاڻيءَ انهتائي اونهو هوندو آحي. اتي گهوڙن تهان
ئي وڌيڪ ڊوڙ پاتي. پويان باهه جا الا وڌندا پئي
ويا. نديءَ جو مٿاڇرو سمورو برف سان ڍڪيو پيو هو،
۽ مون کي اه خوف هو ته برف گهوڙن ۽ گاڏيءَ جي بار
نه جهلي، ڀڄي پوي. گهوڙا هيٺ لهي پيا، پر برف به
ڏاڍي سخت ڄميل هئي. ٻئي ڪپ تي سائمن بيٺو هو. جيئن
گهوڙا نديءَ جي مٿاڇري تي ڊوڙڻ لڳا، مون رڙ ڪئي
’سائمن، واهر ڪر!‘ هن وراڻيو، ’مون کي گهر وڃڻو
آهي، ٻنيون ۽ واڙ جلي رهيا آحن.‘ گهوڙآ مون کي
بدستور گهلي رهيا هئا. مون وري به نراسائيءَ مان
هڪ دفعو رڙ ڪئي ’وارو ڪر، سائمن بچاءِ! وارو ڪر،
واڳون وٺراءِ.‘ هن جواب ڏنو، ’تون ڪوشش ڪر، برف
اسان ٻنهي جو بار جهلي نه سگهدني.‘ مون هڪ دفعو
وري ڪوشش ڪئي: ’آءٌ توکي هر شيءِ ڏيندس- گهوڙا،
گاڏي، هر شيءِ، پر خدا جي واسطي مون کي بچاءِ!‘ هو
مون ڏانهن مڙيو. جيئن هو ويجهو آيو، گهوڙا بيهي
رهيا. پر سائمن جي پهرين پير رکڻ سان ئي برف ڀڄي
ويئي. هن کڻي گهوڙن جي لغام ۾ هٿ وڌا گاڏي، گهوڙا،
سائمن ۽ آءٌ برف ۾ هيٺ هليا وياسين. آءٌ ٻڏڻ تي
هوس، ته منهنجي اک کلي پيئي!“
هو چپ ٿي ويو. هن مون مان ڪنهن به راءِ زنيءَ جي اميد نه پئي
رکي. مو کي ڪا راءِ زني ڪرڻي به ڪانه ئي. مون ڏٺو
ته هو چند گهڙين ۾ ئي ڪراڙو ٿي چڪو هو. سندس کاڏي
نڪري آئي هئي. اکيو موڳيون ٿي ويون هيون، ۽ ڳچي
ڊگهي ٿي وئي هيس. سندس هٿ ڪومائجي چڪا هئا، ۽ پٺي
ڪنهن ڪراڙي ڪُٻڙي وانگر پئي لڳيس. منهنجي اڳيان ڪي
چند گهڙيون اڳ بيٺل هاٿيءَ جهڙو سَٻر مڙس، ڪومائجي
چڪو هو. منهنجي اجازت گهرڻ تي هن موڏانهن نهاريو
به ڪونه. جنهن ماٺ ۾ سندس اڳلي حياتي وڪوڙيل هئي
اها هن جي چوڌاري پنهنجو دائرو وڌائيندي پئي ويئي-
موت جي حدن تائين ٻئي صبح جو جڏهن جيلر کيس مقدمي
جي پيشيءَ لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ داخل
ٿيو، ته دريءَ جي چانئٺ ۾ لٽڪيو پيو هو! |