سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :18

جارنسٽجرن جارنسن

 

ڀائر

اسڪول ماستر جو نالو بارڊر هو، ۽ سندس ڀاءُ جو نالو ائنڊرسن هو. ٻيئي هڪ ٻئي جو ڏاڍو خيال رکندا هئا. ٻيئي گڏجي فوج ۾ ڀرتي ٿيا. شهر ۾ گڏجي رهيا، لڙائيءَ ۾ گڏ وڙهيا، فوج جي ساڳيءَ ڪمپنيءَ ۾، گڏ نوڪري ڪايئون ۽ ٻيئي ترقي ڪندا هڪ ئي عهدي تي وڃي پهتا. جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن گهر واپس آيا، تڏهن ماڻهن سندن دليريءَ ۽ بهادريءَ جي ڏاڍي ساراهه ڪئي.

ڳوٺ پهچڻ کان پوءِ، سندن پيءُ وفات ڪئي. هو جيڪا ٿوري گهڻي ملڪيت ڇڏي ويو، تنهن جي ٻن ڀائرن ۾ ورهاست ڏاڍي مشڪل بنجي پئي. تنهنڪري هنن ٻنهي پاڻ ۾ فيصلو ڪيو، ته انهيءَ ملڪيت تي تڪرار ڪرڻ بدران بهتر ٿيندو ته سموري ملڪيت نيلام ڪرائجي. ۽ جنهن ڀاءُ کي جيڪا شيءِ گهرجي، اُها اُن وقت خريد ڪري.

انهيءَ فيصلي مطابق، هنن نيلام جو انتظام ڪيو. هنن جي پيءُ وٽ هڪ اهڙي سوني واچ هئي، جنهن جي پري پري تائين ماڻهو واکاڻ ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهيءَ تر ۾ اهائي هڪ سوني واچ هئي، جنهن کي اُتي جي ماڻهن پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺو هو. جڏهن انهيءَ واچ جو نيلام ٿيڻ  لڳو، تڏهن ڪيترائي شاهوڪار ماڻهو انهيءَ کي خريد ڪرڻ لاءِ واڪ ڏيڻ لڳا. پر هنن ٻنهي ڀائرن کي به واڪ ڏيندو ٻڌي، هو چُپ ٿي ويا. بارڊ سمجهيو ته ائنڊرسن اها واچ مون کي خريد ڪرڻ ڏيندو ۽ ائنڊرسن سمجيهو ته بارڊ انهيءَ تان هٿ کڻندو. پر واري واري سان هو واڪ ويا وڌائيندا ۽ هڪ ٻئي تي چڙهت جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. جڏهن واچ جي قيمت ويهن ڊالرن تائين وڃي  پهتي، تڏهن بارڊ کي محسوس ٿيو ته ڀاڻس کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو. هن تنهنڪري وڏا وڏا واڪ ڏيڻ شروع ڪيا ۽ واچ جي قيمت وڃي ٽيهن ڊالرن تائين پهتي. انهيءَ تي به جڏهن ائنڊرسن واچ تان هٿ نه کنيو، تڏهن بارڊ جي دل ۾ ِو ته هيءَ ڪهڙو ڀاءُ آهي، جنهن کي اها به يادگيري نه رهي آهي ته مون ساڻس ڪهڙا پير ڀريا آهن! انهيءَ کان سوءِ، آءٌ کانئس وڏو به آهيان. مطلب ته واچ جو واڪ چڙهندو ويو ۽ ائنڊرسن به پنهنجيءَ ڳالهه تان ڪين لٿو. بارڊ هڪدم چاليهن ڊالرن جو واڪ ڏنو ۽ پنهنجي ڀاءُ ڏانهن ڏٺئين به ڪين. ڪمري ۾ چوڌاري چپ چپاٽ ٿي ويئي. رڳو بيلف هر هڪ واڪ جي قيمت پئي ٻڌائي. ائنڊرسن ويچار ڪيو ته جيڪڏهن بارڊ چاليهن ڊالرن کان مٿي به واڪ ڏيندو ته آءٌ به ايڏو واڪ ڏئي سگهان ٿو، ۽ جيڪڏهن واچ جي ڪري بارڊ مون تان سڙي ٿو ته آءٌ اها ضرور حاصل ڪندس. اهو سوچي، هن وڌيڪ واڪ ڏنو. بارڊ کي محسوس ٿيو، ته سندس زبردست بيعزتي ڪئي ويئي آهي. هن آهستي آهستي پنجاهه ڊالرن جو واڪ ڏنو. چوڌاري ڪيتارئي ماڻهو بيٺا هئا. ائنڊرسن پڪو پهه ڪيو ته آءٌ ڀاءُ کي هرگز اهڙي اجازت نه ڏيندس، ته ماڻهن جي آڏو منهنجي اهڙي طرح بيعزتي ڪري، تنهنڪري هن ويتر وڌيڪ واڪ ڏنو. بارڊ ٽهڪ ڏئي کلي ڏنو.

”هڪ سؤ ڊالر ۽ انهن سان گڏ آءٌ پنهنجي ڀائپيءَ جو به سودو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“ ائينج چئي، هن پٺي ورائي ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري هليو ويو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ، جڏهن هن نيلام ۾ خريد ڪيل گهوڙي تي زين ٺاهي پئي رکي، تڏهن ڪمري مان هڪ ماڻهو نڪري وٽس آيو.

”واچ تنهنجي ٿي، ائنڊسن انهيءَ تان هٿ کڻي ڇڏيو.“

انهيءَ خبر ٻڌڻ شرط جي پيشاني شرمندگيءَ ۽ ندامت وچان پگهرجي ويئي. اُن وقت هن جي ذهن ۾ واچ جي بدران ڀاءُ جو خيال ڦرڻ لڳو. هو گهوڙي تي زين رکي چڪو هو، پر سوچڻ لڳو ته گهوڙي تي سوار ٿجي يا نه؟ انهي وچ ۾ ڪيترائي ماڻهو ٻاهر نڪري آيا، جن ۾، ائنڊرسن به هو. ائنڊرسن جڏهن گهوڙي تي زين ڏٺي ۽ ڀاءُ کي وڃڻ لاءِ تيار ڏٺائين، ڏهن هن کي سمجهه به نه آيو ته بارڊ ڪهڙي ويچار ۾ غرق آهي.

”واچ لاءِ مهرباني بارڊ!“ هن پريان رڙ ڪندي چيو، ”هاڻي اهو ڏينهن ڪڏهن به نه ايندو. جڏهن آءٌ تنهنجي پٺيان پٺيان هلندس!“

”۽ نه وري تون اُهو ڏينهن ڏسندين، جڏهن آءٌ تنهنجي در تي ايندس!“ بارڊ جواب ڏنو ۽ لانگ ورائي گهوڙي تي سوار ٿيو. هن جو منهن هارجي ويو هو.

انهيءَ واقعي کان پوءِ، ٻنهي مان ڪنهن هڪ به انهيءَ گهر ۾ قدم نه رکيو، جنهن ۾ هو پنهنجي پيءُ سان گڏ رهندا هئا.

ڪجهه وقت کان پوءِ، ائنڊرسن هڪ هاريءَ جي گهران شادي ڪئي، پر هن پنهنجي ڀاءُ بارڊ کي شاديءَ جي دعوت نه ڏني. ۽ نه وري بارڊ ئي شاديءَ جي رسم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ديول ۾ ويو. شاديءَ جي پهرئين ئي سال، ائنڊرسن پنهنجي پياري ڳئون وڃائي ويٺو. هڪڙي ڏينهن صبح جو گهر جي اُتر طرف، جتي ڍڳيءَ کي ٻڌو ويندو هو، هوءَ مُئي پئي هئي. ڪوبه ماڻهو چئي نه سگهيو ته ڍڳي آخر ڪيئن مُئي!؟ مٿس ٻيون به ڪيتريون ئي مصيبتون نازل ٿيون ۽ هن جي بد کان بدتر حالت ٿيندي ويئي. پر سڀ کان وڏي مصيبت مٿس تڏهن نازل ٿي، جڏهن تَهه- سياري ۾، هڪ رات سندس سڄو ڀانڊو ۽ اُن ۾ پيل سڄو اناج وغيره سڙي رک ٿي ويو. ڪنهن کي به خبر نه هئي ته باهه ڪيئن لڳي؟

”اها حرڪت انهيءَ شخص جي هوندي، جيڪو منهنجو بدخواهه هوندو.“ ائنڊرسن چيو، ۽ ساري رات هو روئندو رهيو. هو ويچارو مفلس ۽ محتاج ٿي ويو ۽ پنهنجي ڪم ڪار ۾ ذرو به دل ڪانه ٿي لڳيس.

باهه لڳڻ جي ٻئي ڏينهن شام جو، بارڊ پنهنجي ڀاءُ جي گهر آيو. ائنڊرسن پنهنجي هنڌ تي ليٽِو پيو هو. پر بارڊ کي ڪمري ۾ ايندي ڏسي، ٽپ ڏيئي اُٿيو.

”تون هت ڇا لاءِ آيو آهين؟“ هن پڇيو ۽ ٿوريءَ دير تائين ماٺ ڪري، ڀاءُ کي گهوريندو رهيو.

بارڊ جواب ڏيڻ کان اول ٿورو سوچڻ لڳو. ”ائنڊرسن، آءٌ توکي مدد ڪرڻ گهران ٿو، تون اڄڪلهه وڏيءَ تڪليف ۾ آهين.“

”منهنجي حالت اڃا ايتري خراب نه ٿي آهي، جيتري تون چاهين ٿو! هليو وڃ، نه ته خبر نه آهي. ته آءٌ ڇا ڪندس.“

”تون ڀليل آهين، ائنڊرسن!- آءُ ته افسوس-“

”هليو وڃ، بارڊ! ڌڻي تعاليٰ اسان جي فضل ڪندو.“

بارڊ هڪدم پٺتي هٽي بيٺو.

”جيڪڏهن توکي واچ گهرجي،“ هن ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”تون اها حاصل ڪري سگهين ٿو.“

”هليو وڃ بارڊ!“ ائنڊرسن واڪو ڪندي چيو ۽ بارڊ وڌيڪ ترسڻ مناسب نه سمجهي هليو ويو.

انهيءَ حادثي کان پوءِ، بارڊ جڏهن به پنهنجي ڀاءُ جي تڪليف ۽ ڏکن بابت خبرون ٻڌندو هو، تڏهن هن کي دلي رنج پهچدنو هو. پر پنهنجيءَ عزت جو خيال ڪري، چپ ٿي ويندو هو. ڪيترائي ڀيرا هن کي ديول ۾ وڃڻ جو خيال ٿيو. ۽ ديول ۾ وڃي عبادت ڪندي، هن ڪيترائي سٺا ارادا به ڪيا، پر همت نه هجڻ ڪري هو پنهنجن ارادن کي پورو نه ڪري سگهيو. انهيءَ هوندي به هو گهڻو ڪري پنهنجي ڀاءُ جي گهر طرف ويندو هو، پر اتفاق سان يا ته ڪو گهر مان ٻاهر پيو ايندو هو، يا وري وٽس ڪي ڌاريا ماڻهو بيٺل هوندا هئا، يا ائنڊرسن گهر جي ٻاهران پيو ڪاٺيون وڍيندو هو، مطلب ته ڪانه ڪا رڪاوٽ، هن جي راهه ۾ اچي ويندي هئي.

هڪ آچر ڏينهن، جڏهن سياري جي پڇاڙي هئي، تڏهن بارڊ ديول ۾ ويو. انهيءَ ڏينهن ائندرسن به ديول ۾ آيو هو. بارڊ هن کي ڏسي ورتو. هو سڄو هئڊو ۽ ضعيف ٿي ويو هو ۽ هن کي اهي ئي ڪپڙا پيل هئا، جيڪي هو انهيءَ زماني ۾ پائيندو هو، جڏهن ڀائرن ۾ ڪوبه نفاق نه هو. اهي ڪپڙا ڦاٽي ويا هئا ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي انهن ۾ چتيون لڳل هيون. عبادت شروع ٿيڻ کان پوءِ ائنڊرسن سمورو وقت پادريءَ ڏانهن ڏسندو ٿي رهيو. بارڊ کي ائين محسوس ٿيو ته هن ۾ ڏاڍي نهٺائي ۽ نماڻائي اچي ويئي هئي. هو هن جي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪرڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ ائنڊرسن ڪهڙو نه سلڇڻو کنيو ته کڻي ڇا به ٿئي، پر ائنڊرسن سان ضرور صلح صفائي ڪبي. ۽ جڏهن هن نذر جو شراب پيتو، تڏهن سندس اهو ارادو وڌيڪ پختو ٿي ويو. واپس ايندي وقت هو سڌو ائنڊرسن ڏانهن وڌيو، ته جيئن هن جي ڀرسان ويهي سگهي. پر ڪو ماڻهو وچ ۾ بيٺل هو، جنهن ڪري ائنڊرسن ڪنڌ مٿي نه کڻي سگهيو. عبادت ختم ٿيڻ کان پوءِ، وري هڪ ٻي رنڊڪ پيدا ٿي. ديول ۾ ڪيترائي ماڻهو هئا، ائنڊرسن سان گڏ سندس زال به هئي، جنهن کي بارڊ ته سڃاڻندو به نه هو. هن فيصلو ڪيو ته ائنڊرسن سان سندس گهر ۾ ملڻ جي ڪوشش ڪبي، ۽ اتي ئي ساڻس آرام سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي.

شام ٿي ته بارڊ گهران نڪتو. هو سڌو ڀاءُ جي گهر ڏانهن ويو ۽ در تي اچي بيٺو. اندر وڃڻ کان اول ڪجهه ويچارڻ لڳو. گهر ۾ ائنڊرسن جي زال پئي ڳالهايو.

”اچ صبح جو هو ديول جي خاص ڪمري ۾ به ويو هو.“ هن چيو پئي، ”مون کي پڪ آهي ته هُن تنهنجي لاءِ پئي سوچيو.“

”نه، هن منهنجي لاءِ نه پئي سوچيو.“ ائنڊرسن جواب ڏنو، ”آءٌ هن کي چڱيءَ طرح ڄاڻان، هو رڳو پنهنجي لا3 سوچيندو آهي.“

وري ڪيتري وقت تائين چپ چپات ٿي ويئي. بارڊ اتي ئيي بيٺو رهيو. ۽ جيتوڻيڪ رات ڏاڍي ٿڌي هئي، پر هو سڄو پگهر ۾ شل ٿي ويو هو. گهر ۾ ائنڊرسن جي زال چانهه پئي گرم ڪئي، چلهه مان ڪاٺين جي سڙڻ ۽ باهه جي ڀڙڪڻ جا آواز پئي آيا، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻار جي روئڻ جو آواز ٿي آيو، جنهن کي ائنڊرسن ريجهايو پئي. نيٺ ائنڊرسن جي زال وري ڳالهايو.

”تون مڃين يا نه، پر مون کي پڪ آهي ته اوهين بئي هڪ ٻئي بابت ئي سوچيو ٿا.“

”ڪا ٻي ڳالهه ڪر.“ ائنڊرسن جواب ڏنو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ، هو ٻاهر وڃڻ لاءِ اُٿيو. بارڊ پاڻ لڪائڻ لاءِ ڪاٺين جي مَنهه ڏانهن ويو، پر ائنڊرسن به ان طرف ڪاٺين کڻڻ لاءِ آيو. بارڊ جنهن جاءِ تي بيٺو هو، اتان هو ائندرسن کي چڱيءَ طرح ڏسي پئي سگهيو. هن اچر ڏينهن وارا ٽٽل ڦاٽل ڪپڙا لاهي ڇڏيا هئا ۽ کيس بارڊ جهڙا ڪپڙا پيل هئا. اهي ڪپڙا ساڳيا هئا، جن بابت ٻنهي پاڻ ۾ انجام ڪيو هو، ته اهي پنهنجن پنهنجن ٻارن کي ورثي ۾ ڏينداسون. ائنڊرسن هاڻي اُهو اڳوڻو ائندرسن نه رهيو هو. هو سڄو سُڪي سڙي ويو هو ۽ سندس مضبوط ۽ جانٺو جسم ڪاٺي ٿي ويو هو. خاموشيءَ ۾ بارڊ کي پنهنجي کيسي ۾ پيل واچ جي ٽڪ ٽڪ صاف ٻڌڻ ۾ پئي آئي. ائنڊرسن مَنهه ڏانهن وڌندو ويو، پر اُتان ڪاٺيون ميڙڻ لاءِ جهڪڻ بدران هو ٿوڻيءَ کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو، ۽ مٿي چمڪندڙ تارن سان ڀريل آسمان ڏانهن نهارڻ لڳو. هن پوءِ هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ پنهنجو پاڻ چوڻ لڳو: ’خير- خير- خير منهنجا خدا، منهنجا خدا!‘

جيستائين بارڊ جيئرو رهيو، تيستائين هو اُهي لفظ وساري نه سگهيو. هُن، اُن وقت اوٽ مان ٻاهر نڪري اچڻ ٿي گهريو، پر ڀاڻس کنگهيو ۽ هن لاءِ اڳتي وڌڻ مسڪل ٿي پيو. ائنڊرسن ڪاٺين جي ڀري کنئي، ۽ جيئن ئي ٻاهر نڪتو ته ڀاڻس جي ايترو ويجهو لنگهيو جو، ڪاٺين جون پڇڙيون هن جي مُنهن ۾ ٿي لڳيون.

هو اتي ڏهه منٽ کن وڌيڪ اهڙيءَ طرح بيٺو رهيو، ڄڻ ته سندس پير زمين ۾ کُپي ويا هئا. هو الائجي ڪيتري وقت تائين اتي بيٺو هجي ها. پر جذباتي ڇڪتاڻ ۽ سخت سيءَ سبب هن کي ڏڪڻي وٺي ويئي ۽ هو گهر ڏانهن روانو ٿيڻ لاءِ ٻاهر نڪتو. هن ڏاڍي ايماندارءَ سان پنهنجو پاڻ سان قبول ڪيو ته هاڻي ڀاءُ جي گهر وڃڻ جي مون ۾ ذرو به همت نه آهي. ائين سوچي هن هڪ ٻي ٽَل رٿي، هو جنهن مَنهه مان نڪتو هو، اتي چُلهه ٺهيل هئي،  جنهن مان هن ٻه- ٽي ڪاٺيون کنيون ۽ ڀانڊي ۾ وڃي، اندران دروازو بند ڪري، باهه ٻاريائين، پوءِ هو اُها ڪِلي ڳولڻ لڳو، جنهن ۾ ائندرسن لالٽين ٽنگيندو هو. جلد ئي کيس اها ڪِلي نظر آئي ۽ بارڊ پنهنجي سوني واچ اُن ۾ تنگي، باهه کي وسائي، ٻاهر هليو ويو. هن پنهنجي مَن ۾ ايترو ته اطمينان محسوس ڪيو، جو رستي تي ڄميل برف تان نوجوان وانگر ڊوڙون پائيندو ٿي ويو.

صبح هجو هن کي خبر پئي ته رات باهه لڳڻ ڪري سڄو ڀانڊو سڙي ويو هو. شايد واچ ٽنگڻ وقت ٻرندڙ ڪاٺين مان ڪي چڻنگون اُڏامي وڃيڪٿي پيون هيون، جن جو هن کي ڪو سماءَ نه رهيو هو. انهيءَ خبر جو بارڊ تي ايڏو ته اثر ٿيو، جو سارو ڏينهن هو ويڳاڻن ۽ بيمارن وانگر پئي نظر آيو. هن دعائن جو ڪتاب ڪڍيو ۽ سڄو وقت ان مان دعائون پڙهندو رهيو، ايتري قدر جو گهر جي ٻين ماڻهن کي پڪ ٿي ويئي، ته هن کي ڪجهه ٿي پيو آهي. پر شام ٿيندي ئي هو گهر کان ٻآهر نڪتو. اسمان تي چوڏهينءَ جو چنڊ کِڙيو بيٺو هو. هو پنهجي ڀاءُ جي گهر ڏانهن ويو ۽ سڙيل ڀانڊي جي ڇار ۾ هَٿوراڙيون ڏيندو رهيو. هٿوراڙيون ڏيندي، هن کي پگهريل سون جو ڳنڍو هٿ آيو، جيڪو پڪ سان واچ جو سون هو.

هو پهگريل سون جو ڳنڍو کڻي پينهنجي ڀاءُ جي گهر ۾ ويو، ته جيئن هن کي سڄي حقيقت ٻڌائي صلح ڪري. پر انهيءَ شام بههن سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو ويو.

هڪ ننڍي ڇوڪريءَ، هن کي ڀانڊي جي ڇار ۾ هٿوراڙيون ڏيندي ڏٺو هو، ڪن ڇوڪرن جيڪي راند رهڻ پئي ويا، آچر جي ڏينهن شام جو هن کي پنهنجي ڀاءُ جي گهر ڏانهن ويندي ڏٺو هو. پر جتي هو پاڻ رهندو هو. اُتي جي ماڻهن جو پڻ اهو چوڻ هو ته سومر ڏينهن هن جي حالت ڏسي حيرت ٿي ٿي. انهيءَ کان سواءِ، سڀني کي ڄاڻ  هئي ته ٻيئي ڀائر هڪ ٻئي جا جاني دسمن آهن. مطلب ته اهي سڀيئي ڳالهيون پوليس تائين پهچي ويون ۽ انهن جي تحقيقات ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ هن جي خلاف ڪابه ڳالهه ثابت ٿي نه سگهي، پر سڀني جو شڪ مٿس ئي هو ۽ هاڻي ته ڀاءُ سان صلح ڪرڻ جا سڀئي رستا بند ٿي ويا هئا.

جڏهن ڀانڊي ۾ باهه لڳي هئي، تڏهن ائنڊرسن کي بارڊ جو خيال آيو هو، پر هن ڪجهه به نه چيو. ٻئي ڏينهن شام جو بارڊ کي پنهنجي گهر ۾ پريشان ۽ حيران ڏسي، هن کي پڪ ٿي ته هو پنهنجي ڪئيءَ تي ڏاڍو پيشيمان آهي. پر ڀاءُ سان هيڏو سارو ظلم ڪرڻ کان پوءِ، معافيءَ جو ڪو سوال ئي نٿو اُٿي سگهي. وري ماڻهن به کيس ٻڌايو ته جنهن رات باهه لڳي هئي، ان رات ڪيترن ئي ماڻهن بارڊ کي تنهنجي گهر ڏانهن ايندي ڏٺو هو، ۽ جيتوڻيڪ تحقيقات ۾ ڪابه ڳالهه هن جي خلاف ثابت نه ٿي سگهي هئي، پر پوءِ به ائنڊرسن کي يقين ٿي ويو ته سندس ڀاءُ ئي ڏوهاري هو.

معاملو عدالت تائين وڃي پهتو. شنوائيءَ تي ٻيئي ڀائر عالت ۾ پهتا. بارڊ کي سٺا ڪپڙا پيل هئا، ۽ ائنڊرسن جيڪو وڳو پائي آيو هو، سو ڦاٽو ٽٽو ۽ ليڙون ليڙون ٿيو پيو هو. بارڊ جيئن ئي عدالت ۾ آيو ته پنهنجي ڀاءُ ڏانهن نهارڻ لڳو. ائندرسن ڄاتو ٿي، بلڪ هن جي دل پئي چيو ته بارڊ جي اکين مان التجا ۽ پشيماني ليئا پائي رهي آهي. ائنڊرسن کي خيال آيو ته هو اهوئي گهري ٿو ته آءُ کيس ڪجهه به نه چوان، جڏهن کانئس پڇا ڪئي ويئي ته ڇا تنهنجو شڪ پنهنجي ڀاءُ ۾ آهي؟ تڏهن هن پوري يقين سان وڏي آواز ۾ چيو، ”نه“!

انهيءَ ڏينهن کان پوءِ، ائنڊرسن شراب پيئڻ شروع ڪيو، ۽ جيئن پوءِ تيئن هن جي اِها عادت وڌندي ويئي. بارڊ جيتوڻيڪ هن سان سٺا پير کنيا، پر هن جي حالت ويتر خراب ٿيندي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هو ايترو ته بدلجي ويو، جو سڃاڻڻ ۾ به نٿي آيو.

هڪڙيءَ شام جو هڪ غريب عورت، بارڊ جي انهيءَ ننڍڙي ڪمري ۾ ائي، جيڪو هن مسواڙ تي ورتو هو. هن عورت، بارڊ کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو. بارڊ هُن کي سڃاتو، هوءَ سندس ڀاڄائي هئي. بارڊ هڪدم سمجهي ويو ته هن جو ڪهڙو مقصد هو. هو سڄو هئڊو ٿي ويو ۽ جلدي جلدي ڪپڙا بدلائي، هڪڙِ لفظ ڪڇڻ کان سواءِ ئي، هن سان گڏجي ويو. ائنڊرسن جي ڪمري جي دريءَ مان زرد روشنيءَ جاڪرڻا نڪري، ٻاهر برف سان ڀريل زمين تي پئي پيا، ۽ انهيءَ ٽمڪندڙ ۽ اُجهامندڙ روشنيءَ تي هو گس تان هلندا هلندا اچي گهر جي در تي پهتا. ائنڊرسن جي گهر مان هڪ عيجب قسم جي بوءِ پئي آئي، جنهن کان بارڊ و مٿو ڦرڻ لڳو. آخر ٻيئي اندر ويا. هڪڙو ننڍڙو ٻار ڪمري ۾ چلهه جي ويجهو ويٺو هو ۽ هن ڪوئلا پئي کاڌا. هن جي سڄي مُنهن تي ڪارٺ لڳي پئي هئي، پر هن کي ڏسي هن منهن مٿي کنيو ۽ کلڻ لڳ ۽ پنهنجا اڇا اڇا ڏند ڏيکارڻ لڳو. اهو ائنڊرسن جو ٻار هو.

هنڌ تي ائنڊرسن ڪيترن ئي ڪپڙن ۾ ويڙهيو سيڙهيو ليٽيو پيو هو. هو سڪي سڙي ڪنڊا ٿي ويو هو ۽ مُنهن تي ڄڻ ته هيڊ هاري پئي هئس. هن جي پيشاني نڪري آئي هجئي ۽ اکيون ڏرا ڏئي ويون هئس. هن ڀاءُ ڏانهن نهاريو ۽ بارڊ جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون. هو ڀاءُ جي کٽ جي پيرانديءَ کان ئي ويهي رهيو ۽ روئڻ ۾ ٻڏي ويو. ائنڊرسن پنهنجي ڀاءُ کي ڏاڍيءَ سِڪ سان ڏٺو، پر سندس زبان مان ڪوبه لفط نه نڪتو. گهڻيءَ دير کان پوءِ، هن پنهنجي زال کي ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو، پر بارڊ هن کي منع ڪئي، نه وڃڻ لاءِ اشارو ڏنائين. پوءِ ٻنهي ڀائرن هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. هنن هڪ ٻئي کي سڀ ڪجهه ٻڌايو، نيلام واري ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهنتائين، جڏهن هو وري هڪ ٻئي سان مليا هئا. انهن ورهين جي عرصي ۾ جيڪي ڪجهه وَهيو واپِريو، اهو سڀ ڪجهه هنن هڪ بئي کي ٻاڌيو. آخر ۾ بارڊ پنهنجي کيسي مان سون جو اُهو ڳنڍو به ڪڍي ڀاءُ کي ڏيکاريو، جيڪو هو هر وقت پاڻ سان گڏ رکندو هو. انهيءَ سڄيءَ ڳالهه ٻولهه مان ظاهر ٿيو ته انهيءَ جدائيءَ وارن سمورن سالن ۾ ڪڏهن به اهڙو ڏينهن نه آيو هو، جڏهن کين حقيقي خوشي حاصل ٿي هجي.

ائنڊسن ضعف ۽ ڪمزوريءَ سبب وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو. پر هو جيترو وقت بيمار هو ته بارڊ، ڀاءُ جي کَٽَ کان پري ڪين ٿيو ۽ سارو وقت هن جي سار سنڀال ڪندو رهيو.

”هاڻي آءُ بلڪل ٺيڪ آهيان“، هڪ صبح جو جڏهن ائنڊرسن جي اک کلي تڏهن هن چيو، ”ادا! هاڻي اسين هميشه گڏ رهنداسون، جيئن پهرين رهندا هئاسون ۽ وري ڪڏهن به هڪ ٻئي کان جدا نه ٿينداسون.“

پر پوءِ انهيءَ ئي ڏينهن شام جو ائنڊرسن مري ويو.

بارڊ، ڀاءُ جي بيواهه ۽ ٻارن کي پنهنجي گهر ۾ وٺي آيو ۽ هنن جي چڱيءَ طرح سار سنڀال ڪرڻ لڳو. پر، انهيءَ رات ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ جيڪا ڳالهه ٿي هئي. اُها سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کي ان جي خبر پئجي ويئي ۽ انهيءَ سببان بارڊ کي ڳوٺ جا سڀيئي ماڻهو ڏاڍي عزت ۽ آبرو ڏيندا هئا. هو سمجهندا هئا ته هن ويچاري ڏاڍا ڏک ڏٺا ۽ مس مس سُک جو ساهه پٽيو اٿس. ماڻهن هن کي اهڙيءَ طرح مانُ ڏيندا هئا، ڄڻ ته هو گهڻي وقت کان پوءِ ڳوٺ ۾ موٽي آيو هو. ماڻهن جي محبت ۽ پيار ڏسي بارڊ جو مَن مضبوط ٿيو ۽ هو هڪ نيڪ شخص وانگر، هر وقت اهوئي چاهيندو هو ته شل ڪنهن جي خدمت ڪرڻ جو وجه مليم. فوج جو اهو ننڍڙو عملدار، پوءِ ٻارن کي پڙهائڻ لڳو. هو ٻارن کي اهوئي سيکاريندو هو، ته هرهڪ سان پيار ۽ محبت سان پيش اچڻ گهرجي. هو پاڻ به ٻارن سان اهڙيءَ ريت پيش ايندو هو، جو ٻار به هن کي پنهنجو ساٿي ۽ پيءُ سمجهي، پيار ڪندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com