’نظامي‘
فارسي مثنوي
ليليٰ - مجنو
ليليٰ... رات جي روشني!
هوءَ افق تي آيل چنڊ جهڙي خوبصورت هئي. سندس سونهن ان سَروَ جي
وڻ مثل هئي، جيڪو رات جي هوائن ۾ لُڏندو آهي، ۽
بيشمار تارن جي نوراني روشنيءَ ۾ چمڪندو آهي. هن
جا وار ڳوڙها ڪارا ۽ چلڪيدار هئا، ۽ سندس ڪارين
اکين ۾ بيپناهه روشني هئي. مُرڪڻ وقت جڏهن هوءَ
مُنهن کوليندي هئي، تڏهن ائين لڳندو هو ته ڄڻ ته
سڳنڌ- سمايل صبح جي اچڻ جي بشارت ڏيئي رهي هجي.
جڏهن عشق- سمورين رنگينين ۽ رعنائين سميت- هن جي
دل کي پنهنجو نشانو بنايو، تڏهن هوءَ هڪ اهڙي گُل
وانگر ٿي پيئي، جنهن کي ان جي عاشق پنهنجي ساهه
سان سانڍڻ لاءِ عَدن جي باغ مان پَٽيو هجي- هڪ
اهڙي گُل جيان، جنهن کي پوءِ اهو مُزد، اهرمن جي
هٿ مان ڦُري، ان کي ڪُومائي، سُڪائي، ختم ڪري
ڇڏيو.
ليليٰ، سونهن جو عجيب لباس پهري، رات جي اوندهه مان ٻاهر نڪري
آئي هئي- هوءَ روشنيءَ ۾ واپس آئي هئي. جڏهن سندس
قبر جي ڀرسان بيٺل سَروجي وڻ کي، هوا هن جي محبت
جو داستان پئي ٻڌايو، تڏهن تارن پنهنجي روشنيءَ ۾
هيٺ اهڙيءَ طرح ٿي نهاريو، ڄڻ چئي رهيا هجن-
”ليليٰ ختم نه ٿي آهي، هوءَ اسان مان ئي پيدا ٿي
هئي، ۽ هن کي اسان ڏانهن ئي واپس ورڻُ هو.“ مٿي
نهاريو! مٿي نهاريو!.... رات جو ليليٰ جنهن به
جاءِ تي ويٺي ٿي، اتي نور ئي نور هو، هوءَ جتي به
ويئي ٿي، اُتي روشنيءَ ۽ نُور جا درياءَ وهڻ لڳندا
هئا. جيئن چنڊُ هيٺ سڀني دريائن ڏانهن نهاريندو
آهي، پر انهن ۾ پاڇو هڪ ئي چنڊ جو هوندو آهي، تيئن
ليليٰ جو حُسن به اهڙو ئي هو، جنهن سڀني دلين کي
پنهنجي عشق جي دام ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو.
* * *
ليليٰ جو پيءُ پنهنجي قبيلي جو معزز سرادر هو. لليٰ جي حُسن جي
هاڪ ٻڌي، ڏورانهن ڏيهن جا سهزادا هِن جي در جا
سلامي ٿيندا هئا. انهن مان ڪوبه شهزادو ليليٰ جي
دل فتح نه ڪري سگهيو. مال دولت ۽ شان شوڪت به هن
کي مائل نه ڪري سگهيا. اها فتح ۽ ڪاميابي، فقط
يمني بهادر سردار جي نوجوان پُٽ ’قيس‘ جي نصيب ۾
هئي- ۽ ليليٰ ڏاڍي آزاديءَ سان پاڻ کي هن جي حوالي
ڪري ڇڏيو.
يمن جي انهيءَ سردار ۽ ليليٰ جي پيءُ جو پاڻ ۾ ڪو به دوستاڻو
رشتو ڪونه هو. هنن ۾ جڪيڏهن ڪو تعلق هو ته فقط اُن
پراڻيءَ دشمنيءَ جو، جيڪا هن کي سندن وڏن کان ورثي
۾ ملي هئي. جيتوڻيڪ ڪن ميلن ۽ ملاکرن جي چڱن موقعن
تي ٻنهي قبيلن جا ماڻهو پاڻ ۾ ملندا هئا. ۽ ڪجهه
دير لاءِ اهي پراڻيون ڳالهيون وساري ڇڏيندا هئا،
پر انهيءَ حقيقت کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي ته هڪ
ٻئي کي سلامڪرڻ وقت، هنن جي اکين ۾ نفرت کان خون
ڀرجي ايندو هو. ليڪن، سدائين ائين به ڪونه ٿيندو
هو. هڪڙو اهڙو موقعو به آيو، جڏهن هڪ اهڙيءَ ئي
خوشيءَ جي دعوت ۾، قيس پهريون ڀيرو ليليٰ کي
ڏٺو...... ٻنهي جون نگاهون هڪ ٻئي سان مليون، ۽
جيتوڻيڪ هنن جي زبان تي ڪوبه لفظ ڪونه آيو، پر هڪ
ئي نظر ۾ عشق هنن کي بيچين ۽ بيقرار ڪري ڇڏيو.
انهيءَ وقت کان وٺي، نوجوان قيس جي دنيا ۾، هڪڙي اٿل اچي ويئي،
هو سَير شڪار جي شغل کان نٽائڻ لڳو. دعوتن ۾ ۽
صلاح مشوري جي موقعن تي هُن جي زبان بلڪل بند
رهدني هئي. هو سڀني کان پري ۽ جدا گذاريندو هو، ۽
سندس اکين ۾ هر وقت هڪ عجيب روشني هوندي هئي.
قبيلي جو ڪوبه نوجوان کيس ڪنهن شغل لاءِ لالچائي
نه سگهيو، ۽ نه وري ڪا حسينه هُن جي دل کي آٿت
ڏيئي سگهي. هن جي دل ڪنهن ٻئي گهر ۾ هئي، ۽ اُهو
گهر هڪ غير جو هو.
ليليٰ به هڪ جيڏين سهيلين ۾ ويهندي هئي، ته اکيون هيٺ هونديون
هيس. هڪڙي ڀيري هڪ ڪنواريءَ ڇوڪري، تنبوري تي
جهنگلي چشمي بابت راڳ ڳايو، جتي کير جهڙيءَ
چانڊوڪيءَ ۾، محبت جا ماريل ملاقات ڪندا هئا.
ليليٰ ڪنڌ مٿي کڻي ڏاڍي غور سان راڳ ٻڌو، ۽
ڇوڪريءَ کي وري وري ڳائڻ جي فرمائش ڪئي. انهيءَ
کان پوءِ، جڏهن شام ٿي ۽ سج لٿو، تڏهن هوءَ محلات
جي باغ ۾ اڪيلي گهندي رهي. هوءَ هاڻي هر روز رات
جو، اتي چڪر هڻندي هئي. هڪڙيءَ رات...... جڏهن چنڊ
پوريءَ تابانيءَ سان چمڪي رهيو هو، تڏهن هوءَ
گهمندي گهمندي باغ جي اُن حد تائين وڃي پهتي، جتان
گهاٽن ٻيلن جو سلسلو شروع ٿي ٿيو. جيئن ئي هُن وڻن
جي ٿُڙن وٽ، رستي ڏانهن نهاريو، تيئن هن جي نظر هڪ
کليل ميدان تي چانڊوڪيءَ ۾ چمڪندڙ چشمي تي وڃي
پيئي ۽ هن محسوس ڪيو ته هي اهوئي غير فاني چشمو
آهي، جنهن بابت ڪُنواري ڇوڪريءَ تنبوري تي ڳايو
هو. هتي قدم وقت کان وٺي محبت جا ماريل ملندا هئا،
۽ پنهنجيءَ محبت جو اقرار ڪندا هئا. هن جو سڄو جسم
ڏڪي ويو، جڏهن کيس احساس ٿيو ته هوءَ انهيءَ چشمي
کي ڳوليندي هتي اچي پهتي هئي. هن جا ڳلَ گرم ٿي
ويا....تيز ڌڙڪندڙ دل سان، شرم ۽ حياءَ ۾ غرق،
هوءَ محلات ڏانهن واپس ڊوڙي ويئي.
ليليٰ جي عادت هوندي هئي ته هوءَ محلات ۾ شاهي ڪمري جي دريءَ
تي ٺُنٺيو ٽَيڪي، ٻاهر جي چوٽين جو نظارو ڏسندي
هئي. انهيءَ ڪمري ۾ ٻه سفيدا ڳيرا به وندا هئا، جن
کي لليٰ پنهنجن هٿن ۾ پالي وڏو ڪيو هو. اِهي ڳيرا
ليليٰ جي ڪُلهن تي ويهندا هئا، ۽ ڏاڍيءَ نرمائيءَ
سان سندس ڳلن تي چهنبون هڻندا هئا. ليليٰ انهن کي
پنهنجن اٿن سان داڻو کارائيندي هئي، ۽ جڏهن اُنهن
کي سڏيندي هئي، تڏهن اهي اُڏامي وٽس ايندا هئا.
ليليٰ انهن پکين مان هڪ کي دريءَ مان ٻاهر اُڏائي
ڇڏيندي هئي، ۽ ٻئي کي پنهنجيءَ ڇاتيءَ سان لائي
بيهندي هئي. اُڏايل پکي محلات جي سامهون وڻ تي وڃي
ويهدنو هو، ۽ پنهجي ساٿيءَ لاءِ ايستائين ’گُهو-
گُهو‘ پيو ڪندو هو، جيستائين ليليٰ پنهنجي سيني
سان لاتل ٻئي پکيءَ کي آزاد نه ڪندي هئي، ۽ جڏهن
پکي آزاد ٿي تيزيءَ سان پنهجي ساٿيءَ ڏانهن اُڏامي
ويندو هو، تڏهن ليليٰ ٿڌو ساهه کڻي دل ئي دل ۾
چوندي هئي ته ’جڏهن عاشق کي پَرَ هوندا آهن، تڏهن
هو پنهنجي محبوب ڏانهن اڏامي ويندو آهي... پر
افسوس، مون کي پَرَ ڪونه آهن!‘ انهيءَ هوندي به،
اهي ئي پکي هئا، جن جي وسيلي سندس عاشق هڪ اُمنگ
اُٿاريندڙ سنيهو موڪليو، جنهن جي ملڻ تي ليليٰ
خوشيءَ ۽ خوف ۾ وڪوڙجي ويئي- ۽ آخرڪار هن جا قدم
انهيءَ جاءِ ڏانهن وڌڻ لڳا، جتي محبت جا ماريل
ملاقات ڪندا هئا.
ليليٰ جا اهي سفيد ڳيرا پري پري تائين مشهور هئا. قيس به
اڪيلائيءَ ۾ اڪثر ڪري انهن بابت سوچيندو هو. هڪڙي
ڀيري جڏهن هن کي اهو خيال آيو تڏهن هو پلنگ تي
اُٿي ويٺو، ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته ’جيڪڏهن آءٌ هن جي
پيءُ وٽ وڃي عرض ڪريان ته مون کي پنهنجي ڌيءَ سان
شادي ڪرڻ جي اجازت ڏئي، ته هو مون سان ڪهڙيءَ طرح
پيش ايندو؟ يا، جيڪڏهن آءٌ ڪو قاصد موڪليان، ته
اُن سان ڪهڙو برتاءُ ڪيو ويندو.........؟ جيڪڏهن
منهنجون اهي اميدون سچيون آهن، ته پوءِ اِهي پکي
اُڏامي دريءَ ڏانهن ويندا، ۽ وڃي هن جي سيني سان
چُهٽندا-!“
انهيءَ اوچي خيال تي، قيس پنهنجي نوڪر زيد کي، سڏ ڪيو، جيڪو
پنهنجي عزيز مالڪ جو سڏ ٻڌي ڊوڙندو آيو.
”زيد، توکي خبر آهي.“ قيس چيو، ”بصري جي سردار جي ملات ۾ ٻه
سفيد ڳيرا آهن، جن مان هڪ پنهنجي مالڪياڻيءَ جي
اشاري تي پري اُڏامي ويندو آهي ۽ ايستائين گهُو-
گهُو پيو ڪندو آهي، جيستائين ٻيو ڳيرو وٽس نه
ايندو آهي؟“
”سائين، مون کي پوري خبر آهي، اهي پاليل پکي آهن ۽ پنهنجي
مالڪياڻيءَ جي اشاري تي ايندا آهن.“
”تون سمجهين ٿو ته اهي تنهنجي قبضي ۾ اچي سگهندا؟“
زيد، جيڪو پنهنجي مالڪ جو رازدار به هو ۽ کيس اها به خبر هئي ته
هو ڪهڙي مرض ۾ گرفتار آهي، تنهن جواب ڏنو:
”سائين، اوهان کي اهي پکي گهرجن ڇا؟ منهنجو پيءُ ڪاٺير هو، ۽
آءٌ جهنگ ۾ ئي پلجي وڏو ٿيو آهيان. مون ڳيرن کان
وڌيڪ ڪيترائي جهنگلي پکي ڦاسايا آهن، مون کي اهي
اٽڪلون به اچن ٿيون، جن جي وسيلي آءٌ پکين کي
پنهنجي هٿ سان جهلي سگهان ٿو.“
”ته پوءِ انهن پکين مان هڪ مون کي به آڻي ڏي........پر خيال
ڪجانءِ ته ان کي ٿوري به ضرب نه پهچي- ان جو هڪ
کنڀ به ضايع نه ٿئي!“
زيد سچ پچ ذهين هو. ٽئين ڏينهن هو ليليٰ جو هڪ سفيد ڳيرو کڻي
آيو، ۽ آڻي قيس جي هٿ ۾ ڏنائين. قيس پکيءَ جي
پُٺيءَ تي پيار ۽ نرميءَ سان هٿ گهمايو، ۽ پوءِ
پکي زيد کي جهلڻ لاءِ ڏيئي، پاڻ ڏاڍيءَ خبرداريءَ
سان ان جي ٽَنگ ۾ هڪڙو چمڙي جو ٽڪرو ٻَڌائين، جنهن
تي هيٺيان بيت لکيل هئا:
-تنهنجي دل سفيد ڳيري وانگر صاف ۽ پاڪ آهي ۽ اُها سامهون وَڻ
تان، تنهنجي محبت جو پيغام کڻي،
مون وٽ اُڏامي آئي آهي.
-توکي تنهنجي دل واپس ڪين ملندي.
ڇاڪاڻ ته هاڻي اها مون وٽ ئي رهدني،
پر، انهيءَ هوندي به، سامهون وڻ تي،
تون منهنجي ڏکويل دل جا سُڏڪا ٻڌندينءَ.
-اَڄ رات آءٌ تنهنجو انتظار ڪندس-
اُن چشمي تي، جت محبت جا ماريل ملاقات ڪندا آهن،
اهي محبوب، مون وٽ اهڙي طرح اُڏامي اچ.
جيئن ڳيرو ڳيريءَ ڏانهن اُڏامي ويندو آهي.........
* * *
اُها رات البت گرم هئي. ليليٰ دستور موجب، هڪڙي ڳيري کي دريءَ
مان اڏائي ڇڏيو هو، ۽ ٻئي ڳيري کي پنهنجي سيني سان
لائي، اُن جي ’گهُو- گهُو‘ پئي ٻُڌي.....پر هميشه
وانگر پکيءَ جو آواز سامهون وڻ تان ٻڌڻ ۾ ڪونه
آيس! ليليٰ ڦٿڪندڙ ڳيري کي پنهنجن هٿن ۾ سوگهو
جهليو، ۽ دريءَ مان اڳتي جُهڪي، آواز کي غور سان
ٻڌڻ لڳي، پر ڪوبه آواز نه ٻڌي، هُن دل ۾ چيو ته
’هن کي ڇا ٿيو؟ هو ڪيڏانهن اُڏامي ويو؟ اڳي ته
ڪڏهن به ائين ڪونه ٿيو!...شايد پکيءَ کي وڻ تي ئي
ننڊ اچي ويئي آهي-!‘
پوءِ جيئن چنڊ مٿي چڙهندو ويو ۽ هر شيءِ چانڊيوڪيءَ ۾ روشن
ٿيندي ويئي، تيئن ليليٰ ته اُتي ئي انتظار ڪندي
رهي... پر نه ڳيرو آيو، ۽ نه اُن جو آواز ٻُڌڻ ۾
آيو. آخر ليليٰ پنهنجي سيني سان چُهٽل پکيءَ کي
ٿَپڪي ڏيئي ڪجهه چيو، ۽ ان کي ڏاڍي نرميءَ سان
اُڏائي ڇڏيو، ته هو پنهنجي وڇڙيل ساٿيءَ کي ڳولي
وٺي اچي.
پکي اُڏامي سڌو وڻ ڏانهن ويو، ۽ ان جي هڪ شاخ تي ويهي ’گهُو-
گهُو‘ ڪرڻ لڳو.... پر ان جي ساٿيءَ وٽان ڪوبه جواب
ڪونه آيو. پوءِ ليليٰ ڏٺو ته پکي وڻ تان اُڏاڻو، ۽
محلات جي چوڌاري ڦيرا ڏيڻ لڳو. ليليٰ پکيءَ کي
ڪيترائي ڀيرا چڪر هڻندي ڏٺو ۽ اُن جي پَرن جو آواز
ٻُڌو. نيٺ پکي هيٺ لٿو ۽ اچي دريءَ ۾ ويٺو- ۽ جڏهن
ليليٰ ان کي جهلي پنهنجن هٿن ۾ سوگهو ڪيو، تڏهن هن
کي محسوس ٿيو ته پکيءَ جو جسم تيزيءَ سان ڌڙڪي
رهيو آهي. يقيناً پکيءَ کي اذيت پهتي هئي، جنهن
ڪري مٿس خوف ڇانيل هو.
”افسوس اي بيزبان!“ ليليٰ پکيءَ کي نرميءَ سان ڇُهندي چيو:
”محبوب جو وڇوڙو واقعي المناڪ آهي، پر ان کي ڪڏهن
به ڳولي نه لهڻ، انهيءَ کان به گهڻو المناڪ آهي!“
ليليٰ اڃا پکيءَ کي دلداري پئي ڏني، ته ايتري ۾ ٻيو پکي به
اُڏامندو اندر آيو ۽ اچي ليليٰ جي ڪلهي تي ويٺو.
خوشيءَ ۾ هن کان دانهن نڪري ويئي.... ان کي جهلي،
ٻيئي پکي کڻي سيني سان لاتائين. پکيءَ کي اهڙي طرح
پيار ڪندي، ليليٰ جي آڱرين، آيل پکيءَ جي ٽَنگ ۾
ٻڌل ڪنهن کهريءَ شيءِ کي محسوس ڪيو. هن يڪدم اها
مضبوط ٻڌل شيءِ کولي ۽ ڌڙڪندڙ دل سان انهيءَ چمڙي
جي تڪري تي لکيل تحرير کي پڙهڻ لڳي...... اهو سندس
عاشق جو پيغام هو! هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ ڪونه آيو
ته ڇا ڪري- ’ڇا، هن کي انهيءَ چشمي ڏانهن هلڻ
گهرجي، جتي چانڊوڪيءَ ۾ محبت جا ماريل ملاقات ڪندا
آهن؟‘ انهن ئي خيالن ۾، هُن پکين کي چُميون ڏيئي،
ڇڏي ڏنو.
پوءِ ليليٰ جلدي جلدي برقعو پاتو، ۽ ڏاڪڻ تان آهستي آهستي لهي،
چوردروازي مان ٻاهر نڪري آئي. عاشق هن جي رهنمائي
ڪئي، ۽ هوءَ جهنگ ۾ انهيءَ رستي تي وڃي پهتي، جيڪو
اُن چشمي ڏانهن ويو ٿي، جتي محبت جا ماريل ملاقات
ڪندا هئا. هوءَ وڻن مان ڇڻندڙ چانڊوڪيءَ جي ڄار
مان، ڏاڍي تيزيءَ سان اڳتي وڌندي رهي..... آخرڪار
هُوءَ کليل ميدان وٽ اچي پهتي، جتي پاڻيءَ جون
سفيد اُڀرندڙ ڌارون، جواهر جڙيل چانديءَ جيان پئي
جَرڪيون.
ليليٰ سايي ۾ ٿي بيٺي. سندس مَن ۾ عجيب ڇڪتاڻ هئي، ۽ خيال
ڪيائين ته ’جيڪڏهن منهنجي دل ڏڪي ٿي ته فقط ان ڪري
جو آءٌ ڊوڙندي آئي آهيان....... اُهو ڪٿي آهي،
جنهن منهنجو پکي چورايو ۽ نياپي سان موٽائي
موڪليو؟‘
اهو ڪير به هو، ليڪن سندن نگاهون ڏاڍيون تيز هيون...... ڇاڪاڻ
ته هن ليليٰ کي سايي ۾ ئي ڏسي ورتو، ۽ چشمي وٽان
گذرندو، تڪڙو هن ڏانهن آيو.
ليليٰ تيزيءَ سان نڪري چانڊوڪيءَ ۾ ٿي بيٺي.
”تون ڪير آهين؟“
ٻنهي جون نگاهون مليون، چانڊوڪي سندن منهن تي پئجي رهي هئي. هنن
جي وات مان ڀڻڪو به ڪونه نڪتو- ڇاڪاڻ ته هنن هڪ ئي
نگاهه ۾ هڪ ٻئي کي سڃاڻي ورتو هو.
”ليليٰ!.... تون مون وٽ آئين آهين!.... آءٌ توکي پاير ڪريان
ٿو!”
”آءٌ به....“
فقط پوڙهي چنڊ، جنهن ڪيترائي ڀيرا اهڙا حادثا ڏٺا هئا، هنن کي
بي اختيار هم آغوش ٿيندي ڏٺو، ۽ سوءِ چشمي جي روح
جي، جنهن پاڻيءَ جي پهرئين ڦوهاري نڪرڻ کان وٺي،
ڪيتارئي دفعا محبت جا مڌر ٻول ٻُڌا هئا، ٻئي ڪنهن
به انهن گفتن کي ڪين ٻڌو، جيڪي هُنن هڪ ٻئي کي
چيا.
* * *
هاڻي ليليٰ ۽ قيس انهيءَ چشمي وٽ ملندا هئا. ۽ جهنگ جي خاموش
گَهرائي ۾ هڪ ٻئي سان محبت جا اقرار ڪندا هئا.
هڪڙي دفعي، موڪلائڻ وقت، قيس ليليٰ کي چيو:
”منهنجي مٺڙي، جيڪڏهن منهنجو گهر صحرا ۾ هجي ها، ۽
پاڻ ٻئي آزاد هجون ها، ته اتي جو ڏُٿ ۽ تنهنجي هٿن
جي پچايل ماني کائون ها، چشمن جو پاڻي پيئون ها، ۽
ڪنهن وڻ جي هيٺان ويهي آرام ڪريون ها- پوءِ آءٌ
دنيا جي ڪابه ڪاڻ نه ڪڍان ها، ۽ تنهنجي قبيلي جي
دشمنيءَ کي ترڪ ڪري، توکي پيار ڪريان ها ۽ توسان
گڏ گذاريان ها!“
”پيارا قيس، آءٌ به ڪريان ها!“
”ته پوءِ اچ ته سڀ ڪجهه ڦٽو ڪريون، ۽ هلي بَرپَٽ
وسايون.......!“
”هينئر؟“
”نه، هنيئر نه. تون تياري ڪري وٺ.... سڀاڻي، هن وقت، آءٌ ٻن تيز
رفتار گهوڙن سان هتي تنهنجو انتظار ڪندس، ۽ پوءِ،
جيئن هو ٻن سُنبن سان زمين هٽائيندا اڳتي وڌندا
هلندا، تيئن پاڻ به دنيا کي پوئتي ڇڏي چڪا
هونداسون- آءٌ ۽ تون!“
اُنهيءَ رات ليليٰ خواب ڏٺو ته هوءَ پنهنجي عاشق سان گڏ صحرا ۾
اهي. ٻيئي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺا آهن، چشمي جو پاڻي
پيا پيئن، ۽ ليليٰ جي هٿن جي پچايل جهنگلي اناج جي
ماني پيا کائين، ۽ ليليٰ، پنهنجي محبوب جي
موجودگيءَ ۾، ملا جي سُکن کان به وڌيڪ خوش ۽ بيفڪر
آهي....
* * *
پر افسوس، اهو خواب ڪڏهن به سچو ٿي نه سگهيو، محلات جي ڪنهن
خابروءَ، جيڪو چو طرف جو آواز ٻُڌي سگهيو ٿي ۽
جنهن جون نظرون چوڌاري ڏسي سگهيون ٿي، انهيءَ
خابروءَ انهيءَ ابنِ سلام جي ڇاڙتي، حسين و جميل
سردار ابن سلام، جيڪو ليليٰ سان شادي ڪرڻ لاءِ
بيقرار هو- ليليٰ جي پيءُ جي ڪَن ۾ ڦُوڪ ڏيئي ڇڏي.
ٻئي ڏينهن، سارو ڏينهن سارو محل ويران هو.....
ڪُراڙو سردار، ليليٰ ۽ سڀني نوڪرن چاڪرن سميت،
پهاڙن ۾ پنهنجيءَ جاگير ڏانهن روانو ٿي ويو. هن کي
اميد هئي ته اتي جي خالص ۽ صحت بخشهوا، ليليٰ جي
دل لاءِ فائديمند ٿيندي. جيتوڻيڪ اُتي حالت ڪيئن
ٿيندي، سا ڪنهن جي به سمجهه ۾ نه اچي سگهي.
قيس کي هن جي اوچتي روانگيءَ جي ڪابه خبر ڪانه هئي، ۽ هو مقرر
وقت تي چشمي وٽ انتظار ڪندو رهيو. آخر، هڪڙي
ڏينهن، کيس اها خبر پهتي ته ليليٰ پنهنجي خوشيءَ
سان سڄي گهر سميت پهاڙن ڏانهن هلي ويئي آهي ۽ هنن
سان گڏ ابن سلام به ويو آهي! انهيءَ ڳالهه، قيس جي
ڏکويل دل کي ويتر تڪليف پهچائي. ويچاري عاشق جي دل
وِسوسن ۽ گمانن جو گهر هوندي آهي- قيس به انهيءَ
گمان کي سچ سمجهي، پنهنجي گهران هڪ عجيب بي
اختياريءَ جي حالت ۾ نڪري ويو. نا اُميدي جي
انهيءَ دردناڪ حالت ۾، هن جو ذهن سواءِ ليليٰ جي
ٻيو ڪجهه به سوچي نه سگهوي. هن انهن دور دراز
پهاڙن ڏانهن کڻي رخ رکيو، ۽ ’ليليٰ! ليليٰ!‘
پڪاريندو، رڻ پٽ ۾ ڪاهي پيو. بيابان جي هر ڪا ڀِٽَ
۽ ٿُوهر جا سمورا وڻ، جلد ئي انهيءَ نالي کان واقف
ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته سڄو ڏينهن سڄي رات اُتي انهيءَ
نالي جو پڙاڏو ٿيندو رهيو.... تان جو ورندي صبح جو
قيس، ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوريءَ کان بيهوش ٿي، واريءَ جي
وسيع سمنڊ ۾ جذب ٿي ويو.
* * *
جڏهن سج ڪجهه مٿڀرو ٿيو، تڏهن زيد ۽ قيس جا ڪي دوست، کيس
ڳوليندا ڳوليندا اُتي اچي پهتا هئا. قيس جي حالت
بنهه چرين جهڙي هئي. ٿڪاوٽ ۽ بک پياس کان عاجز ٿي،
هو پنهنجي ذهن کي اهڙيءَ طرح اٿلائي پٿلائي رهيو
هو، جهڙيءَ طرح هن بَرپٽ جي خاڪ ڇاڻي هئي. زيد ۽
ٻيا دوست قيس کي گهر وٺي آيا، ۽ هن کي پنهنجي اصلي
حالت ۾ آڻن جي هر ڪا ڪوشش ڪيائون. آخر جڏهن ڪجهه
هوش ۾ آيو. تڏهن به هو پنهنجي وڇڙيل محبوب ليليٰ
کي ئي پڪاريندو رهيو- ايتري قدر جو دوستن احبابن،
هن کي لاعلاج سمجهي ’مجون‘ يعني پاڳل، جي نالي سان
سڏڻ شروع ڪيو.
سندس پيءُ به هن سان ڪافي حجت ڪئي ته هو انهيءَ سردار جي ڌيءَ
جي شديد محبت کي ڦٽو ڪري ڇڏي، جيڪو هن جو دشمن هو.
پر هن جي بي اختيار عشق کي ڏسي، دل ۾ ڄاتائين ته
’هن جو علاج فقط ليليٰ ئي آهي‘ هن، بصري جي سردار
سان سواءِ جنگ يا صلح ڪرڻ جي، ٻيو ڪو به چارو نه
ڏسي، انهيءَ معاملي ۾ آزمائش لهڻ جو پڪو عهد ڪيو.
تنهن ڪري مجنون کي وفادار زيد جي نظرداريءَ ۾ ڇڏي،
چونڊ ماڻهن کي ساڻ ڪري، هو پنهنجي دشمن سردار سان
ملڻ لاءِ پهارن ڏانهن روانو ٿي ويو.
آخر گهڻن ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ هو ليليٰ جي پيءُ جي جاگير
۾ اچي پهتو. هو ڏاڍي شوخيءَ ۽ غرور سان سردار جي
اڳيان ويو، ۽ کانئس پنهجي پٽ لاءِ سندس ڌيءَ جو
سَڱ جي گهر ڪيائين. هن سردار کي اهو به ٻڌايو ته
هو فقط هڪڙو جواب ٻُڌندو- ’ها‘ يا ’ن‘. پر هن جي
ان سوال کي به ساڳيءَ شوخيءَ ۽ غرور سان ٺُڪرايو
ويو. ”خبر تمام جلد پکڙجي ويندي آهي.“ بصري جي
سردار جواب ڏنو، ”تنهنجو پُٽ پاڳل آهي، پهريائين
هن جي چريائيءَ جو علاج ڪر، ۽ پوءِ منهنجي رضامندي
پُڇ!“
سعد، يمن جو سردار، ڏاڍو هٺيلو ۽ سخت مزاج هو. هو انهيءَ جواب
کي برداشت نه ڪري سگهيو. هن دوستيءَ جي اقرار جي
هڪ تجويز پيش ڪئي هئي، جنهن کي ٺڪرائي، هڪ خوفناڪ
جنگ و جدل جي پيش خيمي ۾ تبديل ڪيو ويو هو، تنهن
ڪري جڏهن هو بصري جي سردار وٽان واپس وريو، تڏهن
هن جي پيشانيءَ ۾ گُهنڊ هو، ۽ سندس اکيون انقام جي
باهه ۾ پئي ٻريون. هن بصري جي سردار کان بدلي وٺڻ
جو پڪو انجام ڪيو، ۽ مٿس حملي ڪرڻ جي سانباهي لاءِ
وطن واپس موٽي آيو.
پر يمن جي سردار پنهنجي ارادي ۾ دير ڪئي: واپس اچڻ تي کيس معلوم
ٿيو ته مجنون وفادر زيد سان گڏ ڪعبت الله جي زيارت
ڪرڻ ۽ اُتي جي پاڪ کُوهه جو پاڻي پيئڻ لاءِ مڪي
ويو آهي.
”يقيناً“ هن چيو، ”اهو پاڪ ۽ متبرڪ پاڻي، جيڪو هاجره ۽ ان جي پٽ
جي پياس اجهائڻ لاءِ، خشڪ ۽ ساڙيندڙ سحرا ۾ ڦُٽي
نڪتو هو. منهنجي پٽ کي به دماغي شفا بخشيندو. آءٌ
به هن جي پٺيان ويندس، ۽ هن سان گڏجي ڪعبت الله ۾
دعا گهرندس، آءٌ به اهو مقدس پاڻي پيئندس، ۽ پوءِ
اهڙي حسن اتفاق سان منهنجو پُٽ مون کي ملندو!“
پر اتفاق وري اهڙو بڻيو، جو جڏهن سردار پنهنجي شاندار ساٿ سان
گڏ مڪي کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي پهتو، تڏهن هن کي
صحرا جو ٻيو وڏو سردار ’نوفل‘ ملي ويو، جنهن
بهادرن جي مختصر جماعت سان تڪڙو وڌي اچي هن جو آڌر
ڀاءُ ڪيو-
”آءٌ توکي سڃاڻان ٿو- نوفل پنهنجي خوبصورت گهوڙي جون واڳون
اهڙيءَ طرح اوچتو ڇڪيندي چيو، جو واري ۽ ڌوڙ
چوڌاري پکڙجي ويئي. ”تون يمن جو سردار ۽ مجنون جو
پيءُ آهين. آءٌ تنهنجو خير مقدم ڪريان ٿو. مجنون
مون کي صحرا ۾ گڏيو هو. هو سخت مصيبت ۾ مبتلا ۽
مرڻينگ حالت ۾ هو. مون هن جي امداد ڪئي، ۽ هن جو
سمورو احُال ٻڌو. اي يمن جا سردار، جيڪڏهن تنهنجي
اها مرضي هجي، ته آءٌ بصري جي سردار جي خلاف اوهان
جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان؟“
”اي نوفل، توتي پڻ سلام هجن. مون کي تنهنجي نالي جي خبر آهي،
تون خانه بدوش صحرائي آهين، پر مون تنهنجي
بهادريءَ ۽ سخاوت جا ڪيتارئي قصا ٻڌا آهن. ڇا،
منهنجو پُٽ تنهنجي حفاظت ۾ آهي؟ پر اهو ڪيئن ٿيو
جو هو حج ڪرڻ کان رهجي ويو....... آءٌ پاڻ ساڻس
ملڻ لاءِ ڪعبت الله ڏانهن پئي ويس!“
”افسوس، هو رستي جي ڀرسان پيو هو، جنهن کي منهنجي بهادرن ڏسي
ورتو، ۽ جڏهن اُهي ويجهو پهتا، تڏهن هنن ’ليليٰ-
ليليٰ‘ جون دانهون ٻڌيون. هو کيس مون وٽ وٺي آيا،
۽ مون هن جي اکين ڏٺي داستان ۽ ليليٰ جي ورجائيندڙ
لفظ مان سهي ڪيو ته اهو تنهنجو پٽ مجنون آهي. اي
يمن جا سردار، حُسن ۽ محبت جو داستان صحرا جي
خاموش وسعتن ۾ جلد ئي پکڙجي ويندو آهي-.“
”نوفل، هاڻي تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“
”منهنجي مرضي آهي ته پاڻ ٻيئي تنهنجي پٽ لاءِ بصري جي سردار وٽ
هلون، ۽ هن کان سندس ڌيءَ جو سَڱ گهرون، جيڪڏهن هن
انڪار ڪيو ۽ جنگ جي صورت ۾ فتح اسان جي ٿي، ته
پوءِ آءٌ سموري صحرا ۽ ان جي آسپاس تنهنجي غلبي ۽
اثر کي وڌائيندس ۽ ان جي حفاظت ڪندس، پر جيڪڏهن هو
راضي ٿيو، ته پوءِ پاڻ سڀ صلح ۾ رهنداسين، ۽
تنهنجي مقرر ڪيل مناسب شرطن تي پنهنجين پنهنجين
حڪومتن جون حدون ملائي ڇڏينداسين؟“
”نوفل، تنهنجي صلاح ڏاڍي سهڻي آهي، ۽ آءٌ توتي ڀروسو ڪريان ٿو.
تون بصري جي سردار وٽ ڀلي وڃ، ۽ من هنجي طرفان هن
کان ليليٰ جي گهر ڪر. آءٌ تنهنجي پٺيان ايندس.
جيڪڏهن تون ليليٰ کي وٺي مون تائين پهچي وئين ته
پوءِ ٺيڪ آهي، پر جي نه، ته پوءِ پاڻ گڏجي هن تي
حملو ڪنداسين. آءٌ تنهنجن سڀني شرطن کي قبول ڪندس.
باقي ٻِن شرطن لاءِ تو وٽ به مون جهڙائي تيز رفتار
قاصد موجود آهن، جيڪي ڪڏهن به مون وٽ موڪلي سگهين
ٿو.“
انهن لفظن تي نوفل گهوڙو ڦيرايو، ۽ پنهنجن ڪن بهادرن کي حڪم
ڏنائين..... هڪدم ڇهه تيز رفتار قاصد، صحرا جي
سردارن کي پهاڙن جي دامن ۾ گڏ ڪرڻ لا3، ڇهن طرفن
ڏانهن روانا ٿي ويا. انهيءَ وچ ۾ يمن جي سردار به
پنهنجي ملڪ ڏانهن قاصد ڊوڙايا. نوفل پننهجيءَ
بهادر جماعت سميت مقرر ڪيل جاءِ ڏانهن روانو ٿي
ويو، پر يمن جو سردار قاصدن جي واپسيءَ تائين اتي
ئي ترسي پيو.
* * *
هوڏانهن جلبن تي، پنهنجي پيءُ جي رياست ۾، ليليٰ جي حياتي ڏاڍي
ملول ۽ اُداس گذري رهي هئي. پڻس جو منظور نظر
نوجوان سردار، ابن سلام ليليٰ سان شادي ڪرڻ لاءِ،
برابر حجت هلائيندو رهيو، پر ليليٰ جو انڪار ۽
سندس اکين ۾ لُڙڪ ڏسي، پڻس جي دل ڀِڄي پوندي هئي،
۽ هو مجبور ٿي خوبصورت ۽ امير سرادر کي چوندو هو
ته ”هوءَ اڃا انهي4 وهيءَ ۾ ڪين پهتي آهي، ڪجهه
دير صبر ڪر. اُن بعد سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.“ بصري
جو سردار هن نوجوان امير کي، جنهن وٽ بيشمار دولت
۽ هزارين جوڌا هئا، غور جي نظرن سان تڪيندو ۽
توريندو هو. باقي ليليٰ ويچاريءَ پاڻ کي ڏينهن جي
سوجهري کان به سِڪائي رکيو هو، پر جڏهن رات ٿيندي
هئي، تڏهن پنهنجو حال تارن سان اوري دل ۾ چوندي
هئي ته ’آءٌ مرڻ وڌيڪ پسند ڪندس، اُن جي بدران، جو
آءٌ مجنون کان سواءِ ٻئي ڪنهن مرد سان شادي
ڪريان.... افسوس، ويچارو مجنون به مون وانگر حيران
۽ پريشان هوندو!‘
ليليٰ کي سندس پکين جي محلات جي اڳيان وڻ تي ويهڻ چڱيءَ طرح ياد
هو. هوءَ انهن پکين کي اُتي ئي نوڪرن جي سنڀال ۾
ڇڏي آئي هئي. انهن پکين کان هر وقت هن جي دل کي
دلاسو ۽ تسلي پئي ملي هئي. خاص ڪري انهن مان هڪ
پکي سندس محبوب جو قاصد به هو- پر هاڻي وٽس ڪوبه
دلاسي ڏيڻ وارو ڪونه رهيو هو. هتي هڪڙو چيتو به
هو، سو به حبشي غلام جي چئي ۾ هو....... پر اُهو
ليليٰ کي سندس محبوب بابت اهو ڪجهه ٻُڌائي نه
سگهيو، جيڪو انهن پکين ٻڌايو هئس! ليڪن هڪڙي ڏينهن
سندس ٻانهي، هڪڙو پکي وٽس کڻي آئي، ۽ چيائينس ته
”منهنجي پريميءَ هيءُ پکي جهنگ مان جهليو آهي، ۽
مون کي چيو اَٿس ته پاڻ تي تنهنجي ڪيل مهربانين جي
عيوص آءٌ هيءُ پکي نذراني طور توکي پيش ڪريان.“
ليليٰ انهيءَ پکيءَ کي پاڻ سان گڏ نويڪلائيءَ ۾ رهايو، ۽ جلد ئي
محسوس ڪيائين ته انهيءَ پکيءَ جو آواز به سندس ئي
آواز جهڙو هو، تنهن ڪري ليليٰ پکيءَ کي فقط هڪڙو
لفظ سيکاريو: پوءِ هوءَ پکيءَ کي پنهنجي هٿ تي
کڻي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺي هوندي هئي، ۽ اُن جي مٺڙي
۽ نرم آواز ۾ اُچاريل لفظ ’مجنون‘ کي پيئي ٻُڌندي
هئي. پکي وري وري هن جي ڪَن ۾ دنيا جي انهيءَ مٺڙي
نالي ’مجنون‘ جي تنوار پيو ڪندو هو، ۽ ليليٰ جي
دل، سندس سيني مان نڪري، صحرا جي ويرانين ۾ مجنون
کي ڳولڻ لاءِ پيئي ڀَٽڪندي هئي.
* * *
ليليٰ جي دل اڃا انهن مصيبتن ۾ پئي ٻڏي ۽ تري، ته هڪڙي ڏينهن،
پرهه ڦٽيءَ جو، نوفل بهادرن جي هڪ وڏي ٽولي سان
آيو، ۽ پنهنجي تلوار در تي زور سان هڻي، بصري جي
سردار سان ملاقات ڪرڻ جو اعلان ڪيائين. سِج جي
روشنيءَ جا وڌندڙ ڪِرڻا، جبلن جي پس منظر ۾ آهستي
آهستي پکڙجي رهيا هئا، ته نوفل ۽ بصري جي سردار جي
وچ ۾ تمام مختصر ۽ تيز لفظن جي ڏي وٺ ٿي، ۽ جڏهن
سج ڪجه مٿڀرو ٿيو ۽ اُس دروازن تائين پهتي، تڏهن
هنن جي گفتگو به ختم ٿي. پوءِ نوفل، پنهنجي ساٿين
سميت، ايندڙ يمني مهمان جي استقبال لاءِ صحرا
ڏانهن تيزيءَ سان موٽي ويو.
مصري جي سردار پنهنجي ۽ سج جي وچ ۾ اڀرندڙ مٽيءَ جي طوفان کي
ڏٺو، جنهن ۾ هن کي اوچتي جنگ جا آثار چٽيءَ طرح
نظر پئي آيا.
بصري جي جابلو رياست جون حدون ابنِ سلام جي رياست جي سرحد سان
مليل هيون. جڏهن هن کي خبر پهتي ته بصري جي سردار
سندس خاطر نوفل کي بيعزت ڪري واپس ڪيو آهي، ۽ جنگ
جي طوفان اُٿڻ جو انديشو آهي، تڏهن هن هڪدم مدد
لاءِ هڪ هزار جوڌن جي آڇ پيش ڪئي، جيڪا فورا قبول
ڪئي ويئي.
جنگ جي لاءِ ميدان تيار ٿي ويو هو. ٻپهر ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي، ابن
سلام جي بهادر فوج پهچي چڪي هئي. ليليٰ دريءَ مان
انهن جي ترتيب ۽ صف بنديءَ کي غور سان ڏٺو، ۽ ان
بعد، صحرا ڏانهن نهاريندي، کيس هڪ ٻئي ايندڙ لشڪر
جي پيرن هيٺان مٽيءَ جا ڪڪر اُڀرندا نظر آيا.
’افسوس!‘ هن چيو، ’هن سچي فتني فساد جو سبب منهنجي سيني ۾ هيءَ
ڌڙڪندڙ دل آهي. آءٌ پنهنجي پيءُ کي چاهيان ٿي، آءٌ
مجنون کي به پيار ڪريان ٿي....... هاڻي ڏسجي ته
قسمت جو انتخاب ڪهڙو ٿئي ٿو!‘؟
قسمت جا به عجب رنگ هوندا آهن. رات ٿيڻ تائين هن جنگ ۾ هُل
هنگامو پئي ٻڌو. جڏهن سندس دل خوف ۽ اُميد ۾ ٻڏي
تري رهي هئي، کيس صاف ڏسڻ ۾ آيو ته ابنِ سلام جو
لشڪر ميدان ۾ بيهڻ لائق نه رهيو هو. سندس پيءُ جي
دشمنن جا حملا انهيءَ لشڪر کي پُٺتي هڪليندا پئي
آيا. ابنِ سلام جو لشڪر پکڙجي دوباره گڏ ٿيو ٿي،
پر وري پکڙجي ويو ٿي. ميدان ۾ جيڪي سپاهي رهيا
هئا، اهي به قلعي ڏانهن پسپا ٿيڻ لڳا. قلعي جا
دروازا ڪيرايا ويا، ۽ سڀ ڪجهه هارايو ويو يا فتح
ڪيو ويو. منادي ڏيندڙ اڳتي وڌيو ۽ پيش پوڻ جا شرط
وڏي واڪي ٻڌائڻ لڳو. ليليٰ دريءَ مان ٻاهر تي جهڪي
۽ ٻڌڻ لڳي. هوءَ هڪڙو لفظ به نه ٻڌي سگهي.... تان
جو سندس پيءُ، جيڪو شڪست ملندي به دليري ۽ سرڪش
پئي نظر آيو، گجگوڙ ڪري چوڻ لڳو، ”جيڪڏهن آءٌ
پنهنجي ڌيءَ جي ٻانهن نه ڏيان، ته پوءِ به کيس تون
وٺي ويندين! ها، پر تون هن کي زنده نه وٺي
ويندين........! مون کي هار مڃڻي پوندي ۽ هن کي
قتل ڪيو ويندو. آءٌ سڀ ڪجهه هارائي ويٺو آهيان، پر
اڃا منهنجا غلام مون سان وفادار آهن........
جيڪڏهن آءٌزبان ڏيئي ويهان ته پوءِ ان جو جواب
ليليٰ جي لاش کان پڇجو!“
انهيءَ تي يمن جي سردار هن کي خبردار ڪيو، هو پنهنجا هٿ اهڙِ
خطرناڪ ڪم ۾ استعمال ڪرڻ کان روڪي-
”اي بصري جا سردار!“ هن چيو، ”آءٌ توکي هن معاملي تي غور ڪرڻ
لاءِ هڪڙي ڏينهن جي مهلت ڏيان ٿو. هينئر فقط ٻه
رستا آهن: هڪڙو رستو هي آهي ته پنهنجي ڌيءَ منهنجي
پٽ سان پرڻائڻ جو اقرار ڪر- اهڙيءَ طرح پڻ ٻنهي ۾
دوستيءَ جو رشتو مضبوط ٿيندو، ٻيو هيءُ آهي ته تون
پنهنجي ڌيءُ پاڻ وٽ رک ۽ پنهجي ملڪ تان هٿ کڻ ۽
اُهو منهنجي تابعداريءَ ۾ ڏي.“
ائين چئي، بصري جي سردار کي ٻئي ڏينهن فجر تائين فيصلي ڪرڻ لاءِ
ڇڏي، يمن جو سردار پنهنجي ساٿيءَ نوفل سميت روانو
ٿي ويو.
انهيءَ وچ ۾ ابن سلام ٻاهر اماڻيل قاصدن مان هڪ کي واپس
گهرايو.... ۽ چيو ويو ته هو يمن کان پيو اچي، جتان
هن خبر آندي آهي ته مجنون رات جو پنهنجي نوڪرن کان
ڀڄي ويو ۽ بعد ۾ هن کي صحرا ۾ مُئل لڌو ويو.
جيتوڻيڪ اها ڳالهه سچي ڪين هئي، پر ابنِ سلام کي
يقين هو ته ائين ضرور ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن مجنون کي
مارائڻ لاءِ اڳي ئي ماڻهو موڪلي ڇڏيا هئا. هن جي
اها مرضي هئي ته اوچتو ڪا غلط خبر پهچي، ڇاڪاڻ ته
انهيءَ ڪري ۽ وڌيڪ فوج پهچڻ ڪري، هن کي اميد هئي
ته هو ليليٰ کي حاصل ڪندو، ۽ انهيءَ معاملي ۾ سندس
پيءُ جا هٿ وڌيڪ مضبوط ڪري سگهندو.
فاتح اڃا واپس ٿي رهيا هئا، ته اوچتو قاصد گهوڙو ڊوڙائيندو ايو
۽ بلند آواز ۾ هُنن کي خبر ٻڌائڻ لڳو. يمنجو سردار
اها خبر ٻڌي، پنهنجي پُٽ لاءِ روئڻ لڳو. نوفل خبر
ٻڌي چيو ته ”هاڻي اسان جو ليليٰ سان ڪوبه واسطو
ڪونهي، صبح جو اسين پنهنجا شرط مڃائينداسون!“
ابن سلام ۽ ليليٰ جي پيءُ انهيءَ خبر کي ڪابه اهميت ڪين ڏني.
ابن سلام چيو ته ”هاڻي تنهنجي ڌيءَ جي راضپي ۾
ڪابه رڪاوٽ نه رهجي، ڇاڪاڻ ته هوءَ عورت ذات آهي ۽
هن کي ضرور معلوم هوندو ته مردي کان جيئرو وڌيڪ
خواهشمند هوندو آهي. اي سردار، مون اڳ ۾ ئي توکي
مدد ڪئي آهي، پر اسين ڪامياب نه ٿي سگهياسون.
تنهنجي ڌيءَ کي فقط هڪڙو لفظ چوڻو پوندو..... ۽
پوءِ تون ڏسندين ته منهنجي اشاري ڏيڻ شرط، بهادر
جوانن جو اڄ کان ٽيڻو لشڪر اچي موجود ٿيندو، ان
لشڪر جو اڌ حصو اسان کي بچاءُ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، ۽
باقي اڌ حصو يمن جي فوج تي پٺيان حملو ڪندو- پوءِ
اسان جو دشمن هوا ۾ ڪک پنوانگر ٽڙي پکڙجي ويندو.
تون پنهجي ڌيءَ وٽ وڃ، ۽ کيس ٻڌاءِ ته سندس هڪڙو
لفظ ڪهڙيءَ طرح توکي تباهي کان بچائي سگهندو، ۽
تنهنجو نالو مٿي ڪندو.
بصري جو سردار پنهجيءَ ڌيءَ وٽ ويو، ۽ جڏهن ابنِ سلام زناني روڄ
جو آواز ٻُڌو، تڏهن پڪ ٿيس ته مجنون جي موت جي غلط
خبر کي سچ سمجهيو ويو آهي! سردار گهڻي وقت تائين
ليليٰ کي سمجهائيندو رهيو ته مجنون جي لاءِ روئڻ
رڙڻ بيڪار آهي، هاڻي ابنِ سلام سان شادي ڪرڻ تي
هوءَ کيس بچائي سگهندي، ۽ انهيءَ ڪري سلطنت به
وسيع ٿيندي. سردار ليليٰ کي ههڙي مصيبت جي موقعي ۾
پنهنجي طرفان عائ ٿيل فرض ياد ڏياريا، ۽ ٻڌايو ته
سندس هاڪا ئي کيس انهيءَ مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏياري
سگهي ٿي. ليليٰ ڳوڙهن ڀريل نگاهن سان ڏٺو، ۽ کيس
پيءُ جي خاطر انهيءَ قربانيءَ ڏيڻ کان سواءِ ٻيو
ڪوبه چارو نظر ڪونه آيو.... هُن فرض کان، ۽ نه
پيار کان مجبور ٿي، ڏاڍي ارمان سان، پاڻ کي ابنِ
سلام جي سپرد ڪرڻ جو اقرار ڪيو.
جڏهن ابنِ سلام کي اها خبر پهتي، تڏهن هن پنهنجي چونڊ بهادرن کي
گهرايو ۽ پٺتي رهيل فوج بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. ’چار
هزار‘ جواب ٻڌي، هن چيو: ”دشمن جو لشڪر ٽي هزار
آهي ۽ پاڻ وٽ هنن کان فقط هڪ هزار فوج وڌيڪ آهي.“
ابن اسلام پنهنجي فوجي عملدارن ڏانهن چونڊ قاصدن
جي ذريعي مخفي پيغام موڪليا. رات ٿيڻ کان اڳ ئي ٻن
هزارن جوانن جي فوج اچني هئي، جنهن کي جبل جي
هيٺان رهڻ ۽ صبح سويل حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنل هو،
باقي اڌ فوج کي، سخت جنگ هلندي، صحرا مان، گهيري
جي صورت ۾، دشمن تي اوچتو حملو ڪرڻو هو. ابن سلام
کي يقين هو ته انهيءَ اوچتي حملي ۾ ڪاميابي اسان
جي ٿيندي. هو ڪو غلطيءَ تي ڪونه هو: جڏهن سج جا
ڪِرڻا ريگستان تي ڪِرڻ لڳا، ۽ جبل جون چوٽيون سج
جي روشنيءَ ۾ چمڪڻ لڳيون، تڏهن جبل جي اونداهين
اوٽن ۾ ٻه هزار مضبوط سپاهي دشمن تي حملي ڪرڻ لاءِ
تيار لِڪا بيٺا هئا.
سج اڃا ٿورو مٿڀرو ٿيو، ته منادي ڏيندڙ به قلعي جي در وٽ اچي
پهتو، ۽ يمن جي سردار طرفان پيش پوڻ جا شرط پڙهي
ٻڌائڻ لڳو. بصري جي سردار هن تان ٺٺلولي ڪئي، ۽
چيائينس: ”وڃ، يمن جي سردار ۽ سندس صحرائي ڌاڙيل
دوستن کي وڃي چئو ته جيڪڏهن هو منهنجي علائقي کي
حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، ته پوءِ هُنن کي فوجي طاقت
استعمال ڪرڻ گهرجي: هُنن کي ٻڌاءِ ته بصري جو
سردار ڪڏهن به پيش نه پوندو آهي، هو آزاد رهڻ يا
وڙهندي مري وڃڻ کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو!“
هيءُ ڌمڪيءَ ڀريل ڇُوٽ جواب ٻڌي، منادي ڏيندڙ واپس موٽي آيو.
يمن جو سردار جواب ٻڌي عجب ۾ پئجي ويو، ۽ سوال ڪرڻ
لڳو، پر نوفل، جيڪو صحرائي هو ۽ جنهن جي طبيعت تيز
۽ هڪدم عمل ڪرڻ واري هئي، تڪڙي حملي جي صلاح ڏني.
جنگ شروع ٿي. پهرين ئي حملي تي پهارن ۾ لڪل ابن سلام جا ٻه هزار
سپاهي نڪري نِروار ٿيا، جن کي ڏسي حملي آور عجب ۾
پئجي ويا. پر هن پاڻ کي سنڀالي ورتو، ۽ مخالفن تي-
جيڪي هنيئر هنن جيترا هئا- سختيءَ سان حمو ڪرڻ
لڳا. ليليٰ اهو سڀ ڪجهه دريءَ مان پئي ڏٺو. هُن
چٽيءَ طرح ڏٺو ته جنگ جو زور ڪنهن وقت هِن طرف ٿي
ٿيو، ته ڪنهن وقت هُن طرف..... ۽ هاڻي ظاهر هو ته
دشمن جون فوجون تيزيءَ سان ڪاميابيءَ جي قريب پهچي
رهيون هيون. پر....... هو پريان صحرا ۾ ڇا پئي نظر
آيو؟ اهو ڇا هو، جيڪو صحرا مان اڳتي وڌندو پئي
آيو؟ واريءَ جو هڪ زبردست طوفان تيزيءَ سان ويجهو
پوندو ويو- اُهو اڳتي وڌندو رهيو..... بهادرن جي
زبردست فوج، پنهنجي گهوڙن جي سنبن سان زمين ڏڪائي
ڇڏي هئي. هو جيئن پوءِ تيئن ويجها ٿيندا ويا.....
هو هڪ واچوڙي وانگر آيا، ۽ اک ڇنڀ ۾ دشمن جي فوجن
کي اَٽي وناگر پيهي ڇڏيائون. يمن جو سردار قتل ڪيو
ويو، نوفل جان بچائي اُٿي ڀڳو، پر دشمن جي تيز
رفتار گهوڙن کي ويجهو ايندي ڏسي، هن جي منهن تي
نفرت ڀريل مُرڪ پکڙجي ويئي- هن پاڻ کي قتل ڪري
ڇڏيو.
بصري جي سردار جي فتح ٿي. انهيءَ رات، هن پنهنجي ڌيءَ ليليٰ
ابنِ سلام جي حوالي ڪئي. هن کي جنگ ۾ ڏاڍا زخم
پهتا هئا، ۽ هوبه ساڳيءَ رات گذاري ويو. هاڻي ابن
سلام ٽن وسيع رياستن جو اڪيلو مالڪ هو. هينئر هو
بادشاهه هو، ۽ ليليٰ سندس پَٽَ راڻي.
انهيءَ ڳالهه کي ورهيه گذري ويا. ابنِ سلام ۽ ليليٰ سک ۽ سانت
سان حڪوم هلائيندا رهيا. ٻيئي بصري جي سردار واري
مح: ۾ رهندا هئا، جتي بهشتي پکي ۽ ٻه سفيد ڳيرا
ليليٰ کي سندس لافاني عشق جي ياد ڏياريندا هئا.
وفادار زيد، جنهن پنهنجي مالڪ جي ڳولا ۾، صحرا جي
خاڪ ڇاڻي هئي، سو به هنيئر ليليٰ جو خادم هو.
هڪڙي ڏينهن زيد کي کڙڪي پيئي ته مجنون، جنهن کي مئل سمجهيو ويو
هو، سو ڪنهن ڏورانهين ڏيهه کان سوداگر جي ويس ۾
آيو آهي ۽ شام جو صحرا ۾ هڪ مقرر هنڌ تي، سندس
منتظر رهندو. زيد اها ڳالهه پنهنجيءَ مالڪياڻيءَ
سان ڪين ڪئي ۽ هن جي اجازت کان سواءِ، هڪڙو ڳيرو
کڻي، انهيءَ جاءِ ڏانهن روانو ٿيو، انهيءَ خيال
کان ته اڳي هڪ دفعو جيڪي ٿي چڪو آهي، انهيءَ جي
وري ٿيڻ جو امڪان هو. شام جو جڏهن سج لهي رهيو هو،
تڏهن صحرا ۾ زيد ۽ مجنون جي گڏجاڻي ٿي.
انهيءَ شام جو جڏهن ليليٰ شاهي ڪمري آئي، تڏهن هڪڙي پکيءَ کي نه
ڏسي هوءَ عجب ۾ پئجي ويئي. هن ٻئي پکيءَ کي سامهون
وڻ ڏانهن اُڏاريو، پر اهو به اڪيلو موٽي آيو.
انهيءَ تي ليليٰ کي ويتر حيراني وٺي ويئي، ۽ دريءَ
وٽ ويهي گذريل واقعن ستي سوچڻ لڳي- ڪيئن ٽي سال
اڳ، هڪ پکيءَ مجنون وٽان سندس محبت جو پيغام آندو
هو، ۽ ڪيئن عاشقن جي چشمي وٽ هنن جي ڪيترائي ڀيرا
ملاقات ٿي هئي. افسوس، سڀ ڪجهه بدلجي ويو هو-
مجنون گذاري ويو، ۽ هڳوءَ ڪنهن ٻئي جي زال هئي!
ليليٰ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون ۽ هوءَ
پنهنجو مُنهن ٻانهن تي رکي، آهستي آهستي سُڏڪا ڀرڻ
لڳي.
هوءَ ڪيتري وقت تائين روئندي رهي. اوچتي آواز اچڻ تي، هن روئڻ
بند ڪري ڪنڌ مٿي کنيو. اهو آواز وڃايل ڳيري جي
’گهُو- گهُو’ جو هو، جيڪو سامهين وڻ مان پئي آيو.
ٻئي پکيءَ هڪدم پنهنجا پَرَ پکيڙيا، ۽ پنهنجي
ساٿيءَ ڏانهن تيزيءَ سان اُڏامي ويو. ليليٰ کي
ڏاڍي خواهش ٿي ته کيس به جيڪر پَر هجن ها، ۽ هوءَ
به پنهنجي محبوب ڏانهن اُڏامي وڃي سگهي ها-.
گهڙيءَ کن کان پوءِ ٻيئي پکي اُڏامندا آيا، ۽ اچي ليليٰ جي
ويجهو ويٺا. اهو وري ڪهڙو اسرار هو!....... هڪڙي
پکيءَ جي ٽَنگ ۾، گهڻو وقت اڳي وانگر، هڪڙو چمڙي
جو ٽُڪرو ويڙهيل هو! ليليٰ ڏڪندڙ آڱرين سان انهيءَ
کي کوليو، ۽ انهيءَ تي لکيل تحرير پڙحن لڳي. اهو
مجنون جو خط هو!........ هو زنده ۽ سلامت هو! اڳي
وانگر، خط ۾ التجا ڪيل هئي ته هوءَ رات جو چنڊ
اُڀرڻ وقت، هن سان عاشقن جي چشمي تي اچي ملاقات
ڪري-.
پنهنجي عاشقن جي زنده ۽ قريب هجڻ جي اوچتي خوشِءَ ۾، ليليٰ کان
سڀ ڪجهه وسري ويو. چنڊ اڳ ۾ ئي اڀري چڪو هو....
هوءَ، جلدي برقعو پائي، ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان
محلات مان هيٺ لهي آئي، ۽ چور دروازي مان لِڪي
ٻاهر نڪري، ان کي ٻاهران بند ڪري ڇڏيائين. سندس دل
ته اڳ ۾ ئي مجنون ڏانهن اڏامي ويئي هئي.... پر
جيئن ئي هوءَ جلد جلد اڳتي وڌڻ لڳي، ته اوچتو سندس
دل تڪڙو ڦيرو کاڌو، ان جو ڌڙڪڻ بلڪ بند ٿي ويو.
ليليٰ جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون، ۽ هن پاڻ سنڀالڻ لاءِ،
وڻ جي ٽاريءَ کي کڻي جهليو. سندس خاوند!..... سندس
فرض! جڏهن فرض جي خاطر هن هڪ ڀيرو سڀ ڪجهه قربان
ڪري ڇڏيو، تڏهن کيس اها ڀيٽا ههڙي طريقي سان
موٽائي وٺڻ نٿي سوُنهين......... آخر انهيءَ جو
مطلب ڇا آهي؟ جڏهن مجنونءَ جو ٻانهون کيس ڀاڪر ۾
وٺنديون، تڏهن هوءَ سڀ ڪجهه وساري ويهندي- خاوند،
فرض پنهنجا ماڻهو- سڀ ڪجهه وسري ويندو ۽ هڪڙو ڀيرو
ڏُڌل کير وري ٿڻن ۾ ڪونه پوندو. افسوس، هڪ سُهاڳڻ
عورت جو اهو وڙ ٿي نٿو سگهي، هڪ راڻي اهڙو قدم
هرگز نٿي کڻي سگهي..........! وڻ جي شاخ کي
جهلنديئي، هوءَ بيقراريءَ کان ڦٿڪڻ لڳي. هن جو سڄو
جسم هڪ روحاني اذيب کان ٿَڙڪڻ لڳو. هوءَ گهڙي کن
جي راحت بدران، جدائيءَ ۽ فرقت جي طويل صعوبتن سهڻ
جو ارادو ڪري چڪي هئي.
آهستي آهستي ليليٰ پاڻ سنڀالڻ شروع ڪيو..... نيم خوابيءَ جي
حالت ۾، هوءَ پٺتي وري، ۽ ساڳيا پير کڻي محل ۾
موٽي آئي. اُها سڄي رات هن بيخوبيءَ ۽ بيقراري ۾
گذاري. سندس اکين ۾ ڳوڙهن ڳاڙڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
هو.... پر جڏهن پِرهه ڦٽي، تڏهن انهن به زار زار
روئڻ شروع ڪري ڏنو.
مجنون گهڻي وقت تائين عاشقن جي چشمي وٽ، انتظار ڪندو رهيو، پر
آخرڪار، زيد کان معلوم ٿيڻ تي ته ليليٰ اچي اَڌ-
راهه مان موٽي ويئي، هو به پنهنجيءَ دل ۾ عشق جي
اَٿاهه خزانو سميٽي واپس هليو ويو. جهڙيءَ طرح
ليليٰ خاموشيءَ ۽ مضبوطيءَ سان واپس محل ڏانهن
ويئي، مجنون به کڻي ڏورانهن ڏيهن ڏانهن منهن رکيو-
۽ دعا گهرندو رهيو ته وقت جيڪڏهن ليليٰ جي عشق جو
جذبو نه، ته هن ڏکن ۽ مصيبتن کيضرور ختم ڪندو.
* * *
ٻه سال گذري ويا. قسمت ڦيرو کاڌو. ابنِ سلام کي اوچتو بخار ٿيو
۽ هو مري ويو. اها خبر پري پري تائين پکڙجي ويئي.
هڪڙي ڏينهن مجنون کي به اطلاع پهتو ته هاڻي يمن ۽
بصري جي راڻي، ليليٰ، آزاد آهي. هو هڪڙي تيز رفتار
گهوڙِ تي چڙهيو، ۽ جلد ئي اچي يمن ۾ پهتو. پر هن
کي خبر هئي ته ليليٰ فرض جي خاطر ٻه دفعا قربانيون
ڏيئي چڪي آهي، تنهن ڪري هوءَ سوءَ جو عرصو هن کان
درو رهيو. مجنون اهو سمورو وقت اڪيلائيءَ ۽
گمناميءَ ۾، هڪ اهڙي هنڌ گذريو، جتان هو فقط ليليٰ
جي محل جي دريءَ کي ڏسي ٿي سگهيو. خواهشون اندر ئي
اندر سندس دل کي دکائي رهيون هيون، ۽ اها اڳين
بيقراري ۽ اضطراب، جنهن کيس ’مجنون‘ جو لقب ڏياريو
هو، سو هينئر برداشت کان ٻاهر هو. پر، جهڙيءَ طرح
پهرين هن پنهنجي دانشمنديءَ سبب، اها ڪشمڪش برداشت
ڪئي هئي، هينئر به انهيءَ بهشت جي دروازي تي
انتظاريءَ جو ڪَٺن ۽ ٿڪائيندڙ گهڙيون، صبر سان
گذاريندو رهيو.
زيد خوشخبريءَ جا پيغام مجنون تائين پهچائيندو رهيو، پر مجنون
جي طرفان ليليٰ ڏانهن ڪوبه نياپو ڪونه موڪليو ويو.
ايستائين جو، سوءَ گذرڻ کان پوءِ، هڪڙي ڏينهن زيد
ليليٰ کي ٻڌايو ته ساڻس ملاقات ڪرڻ لا3،مجنون
ٻنپهرن جو محل ۾ ايندو، يا جيڪڏهن ليليٰ جي مرضي
هجي ته هو سج لهڻ کان به ڪلاڪ پوءِ، عاشقن جي چشمي
وٽ سندس انتظار ڪندو.
زيد گهڻيءَ دير کان پوءِ هي جواب آندو: ’ٻپهر گذڙي چڪا آهن، پر
اڄوڪيءَ شام کان پوءِ به ٻَپهر ٿيندا.‘ مجنون کي
انهيءَ جواب اچڻ جي بنهه اميد ڪين هئي.
هنن نامرادن جي داستان جو ٽڪرو اڃا به ٻڌائڻ جي لائق آهي. سج
لهڻ کان پوءِ به مججنون ٻن ڪلاڪن تائين ملاقات جو
انتظار ڪندو رهيو. ليليٰ به، سج لَڙڻ کان ٻه ڪلاڪ
پوءِ، برقعو پائي، محلات جي چور دروازي کان ٻاهر
نڪري آئي. هن جون اکيون ڪنهن اندروني باهه کان
جَلي کامي رهيون هيون. آسمان تي چنڊ ڪونه هو، پر
تان جي هلڪي هلڪي روشني، وڻن تي پئجي رهي هئي.
هوءَ وڻن منجهان اڳتي وڌندي رهي. سندس دل زور زور
سان پئي ڌڙڪي، ۽ هن تڪڙا تڪڙا ساهه پئي کنيا- ائين
ٿي لڳو، ڄڻ سندس زندگيءَ جي سموري سگهه، سميٽجي
سهيڙجي، سندس پيرن ۾ اچي ويئي هئي.، جيڪي هڪ ٻئي
کان اڳتي نڪري وڃڻ لاءِ ڏاڍا تيز هئا. جهنگ جي
ڪناري تي پهچي، هوءَ بيهي رهي ۽ ٻئي هٿ کڻي
پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي رکيائين....... هن کي هتي ئي
ساهه پَٽي، پوءِ اڳتيوڌڻ گهرجي، جيئن مجنون کي خبر
پوي ته هن اچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي تڪڙ ڪين ڪئي آهي.
پر، ڪنهن نامعلوم ڪشش کان بيتاب ٿي، هوءَ بنهه
ڊوڙڻ لڳي. سامهون چشمو هو- چشمو، جتي هميشه کان
محبت جا ماريل ملاقات ڪندا رهيا. هن وڻن جي وچان،
تارن جي روشنيءَ ۾، ان کي چمڪندي ڏٺو. هينئر هوءَ
کليل ميدان جي اڳيان بيٺي هئي. سندس برقعي جا بَند
کليل هئا. سندس ڪارا ۽ چمڪدڙ وار پکيڙيل هئا، ۽
سَهڪي کان ڇاتي هيٺ مٿي ٿي رهي هئي.
چشمي وٽان ڪو ماڻهو تيزيءَ سان اڳتي وڌيو. ليليٰ به، بيخبر
ڏڪندڙ ٽنگن سان اڳتي وڌي. جيئن ئي مجنون هن کي
بيتابيءَ سان ڀاڪر پاتو، ليليٰ جي منهن مان دردناڪ
دانهن ڪري ويئي.
ڪير ڄاڻي ٿو ته اها هڪ گهڙي هئي، يا هڪ هزار ورهيه؟ عشق وقت جو
پابند ڪونه آهي.... پر، سج لڙڻ کان به ڪلاڪ پوءِ،
وقت جي اها هڪ گهڙي هڪ تيز خواب مثل هئي. مجنون،
پنهنجي چپن تي ليليٰ جا چپ محسوس ڪري، پنهنجو عقل
۽ فهم وڃائي ويٺو، ۽ ليليٰ پنهنجن چپن تي مجنون جا
چپ محسوس ڪري، هن جي ٻانهن ۾ ئي بيهوش ٿي ويئي....
مجنونءَ ليليٰ کي اتي ڪيرائي ڇڏيو، ۽ ’ليليٰ!
ليليٰ!‘ پڪاريندو صحرا ڏانهن ڊوڙندو ويو.
”ليليٰ!... ليليٰ!... ليليٰ!!“- صحرا جي وسيع ۽ غير آباد ميدانن
۾ هن جي دانهن جو پڙاڏو ٿيندو رهيو. هو ايستائين
ٻاڪاريندو رهيو، جيستائين ضعيف ۽ ٿڪ سببان هو ڪري
نه پيو. آخر زيد، جيڪو آواز تي هن جي پٺيان پئي
ويو، تنهن هجن کي ڳولي وڃي لڌو. ڪيترائي ڏينهن ۽
راتيون هو پنهجي مالڪ جي خدمت ڪندو رهيو، پر ڪجهه
به ڪين وريو. خوشيءَ اُحا ڳالهه ڪري ڏيکاري، جيڪا
غم کان ڪين ٿي سگهي هئي.... مجنون سچ پچ مست ٿي
پيو هو!
ليليٰ جڏهن هوش ۾ آئي، تڏهن صحرا ۾ پنهنجي نالي جو گونجندڙ
پڙاڏو ٻڌي، کيس انهيءَ حقيقت جو يقين ٿي ويو- ۽ هو
پوءِ، پڇتاءُ جا هٿ مهٽيندي، محل اڏنهن واپس وري.
زيد وقت بوقت ليليٰ ڏانهن مجنونءَ جي غير فاني محبت جون خبرون
موڪليندو رهيو، جنهن کي هن جي چريائي ۽ مستي ڇُهي
به نٿي سگهي.
جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، ليليٰ جي اکين ۾ وڌيڪ چمڪو ايندو
ويو: هن جا ڳل پيلا پوندا ويا، ۽ هوءَ هوريان
هوريان جهنردي ۽ سُڪندي ويئي، هن جي دل ٽڪرا ٽڪرا
ٿي ويئي هئي، ۽ ... ٿورن ئي ڏنهن ۾ هوءَ گذاري
ويئي. سندس آخري الفاظ، مجنون ڏانهن پيغام هو-
محبت جو پيغام، جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نٿو سگهي:
”هن کي ٻڌائججو“، ليليٰ چيو، ”منهنجي لاش انهيءَ چشمي جي ڀرسان
دفن ڪئي ويندي، جتي هن مون کي پهرين پهرين پنهنجي
ڀاڪر ۾ جهليو هو، ۽ هن جي هي لفظ به ضرور چئجو ته
’مجنون، پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهار.... ڏس، مٿي
روشنيءَ ۽ نُور جا وسيع ميدان آهن، ۽ سج جي
روشنيءَ ۾ چشمو پيو وَهي- سامهون، اَزلي آب جو
چشمو، جتي عاشق اچي ملندا آهن، ۽ پوءِ ڪڏهن به ڪين
وِڇڙندا آهن.... تون به مون کي اُتي ئي ڏسندين!“
انهن لفظن چوندي، هن اکيو کڻي پوريون، ۽ سندس روح
انهيءَ عاشقن جي لازوال چشمي ڏانهن- انهيءَ عاشقن
جي آستان ڏانهن- پرواز ڪري ويو.
* * *
اڃا ڀنڀر ڪوئي هو، ته ٻه پاڇا صحرا ۾ ڊوڙندا پئي ويا. ٻيئي هڪ
ٻئي کي هٿ کان جهليو پئي ويا، ۽ هڪڙي جي منهن مان
صاف ظاهر هو ته ڪيئن نه عشق هن کي ديوانو بنائي
ڇڏيو هو. مجنون، زيد کي پٺيان ايندو ڇڏي، اڳتي
نڪري ويو ۽ جهنگ ۾ ڪاهي پيو. هو جلد ئي کليل ميدان
۾ پهچي ويو، جتي چشمو پئي وهيو. هن کي اُها جاءِ
چٽيءَ طرح ياد هئي، جتي هن پهرين پهرين ليليٰ کي
پنهنجي ڀاڪر ۾ جهلي پيار ڪيو هو. هينئر اُتي هڪ
تازي قبر ٺهي هئي... عشق ۽ مستيءَ ۽ ڏک وچان، هن
پاڻ کي انهيءَ قبر جي مٿان کڻي اُڇلايو-
”ليليٰ!...ليليٰ!“ هن دل ڏاريندڙ آواز ۾ درد ڀريون دانهون ڪيون.
”آءٌ جلد ايندس- جلد ايندس! تون تاريڪيءَ جي پردي ۾ لِڪي
رَهه... ۽ جيستائين آءٌ توکي ڳولهي لَهان، تون
نوراني ميدان ۾، پنهنجي حسن کي لِڪائي ويهه!“
-۽ جيئن سج مٿي چڙهيو، زيد به اچي پهتو، ۽ قبر جي ڀرسان ٿي
بيٺو. هن ڏک جي ڳوڙهن سان- ڏک جي تلخ ڳوڙهن سان-
ڀريل نظر پنهنجي مالڪ تي وڌي، جيڪو هميشه هميشه
لاءِ مري چڪو هو. |