سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :1

دنيا جا عظيم افسانا

(گڏيل ڀاڱا)

رشيد ڀٽي

 

 

ڇپائيندڙ پاران

 

افسانوي ادب هر دور جي سڃاڻپ ٿئي ٿو، ڇو ته اُن ۾ انسان جي هڪ ڊگهي نفسياتي تاريخ سمايل ٿئي ٿي. انساني جذبا، سوچون، وهم، وسوسا، ريتون رسمون ۽ مروج دور جو پورو ڪلچر هن تاريخ جا جزا آهن. البت، اها حقيقت آهي ته هر دور پنهنجين پنهنجين تقاضائن سان سلهاڙيل ٿئي ٿو، جنهنڪري افسانوي ادب بنيادي طرح پنهجي دور جو آئينو ۽ ترجمان آهي، پر جيڪڏهن اُن جا بنياد اعليٰ ترين عقليت ۽ گهري تدبر تي بيٺل آهن ته اهو ادب جنم جنم جي جيت بڻجي وڃي ٿو. شايد انهيءَ امرتا هجڻ ڪري ماضيءَ جي افسانن کي پڙهڻ سان، اڄ به اسان صديون آڳاٽي انسان جي نفسيات جو نه فقط اندازو ڪري سگهون ٿا، بلڪ اُن جي ذهني روش کي اڄوڪي دور سان ملائي هڪ تقابلي جائزو به وٺي سگهون ٿا. ڇاڪاڻ ته قومن جي تريءَ ۽ اوسر ۾ اهڙي جائزي جي انتهائي ضرورت هجي ٿي. دراصل تقابلي جائزي وٺڻ جو مقصد به اهو هوندو آهي ته: هڪ فرد يا گروهه جي حيثيت ۾ اُهو ڄاڻي سگهجي، ته هڪ فرد/ گروهه پنهنجي زندگيءَ/ وقت جي مسافري ڪندي ڇا وڃايو ڇا حاصل ڪيو ۽ کيس ڇا ڪرڻو آهي؟ انهي فائدي جي ڪري ئي دنيا جون سڌريل ۽ مهذب قومون پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ ۽ ڪلچر سان محبت ڪنديون آهن ۽ انهن مان سکنديون آهن.

اوهان جي هٿن تائين پهتل هي ڪتاب ”دنيا جا عظيم افسانا“ تخليق، احساس ۽ ادراڪ جي سئربين ذريعي اوهان کي اهڙين نگرين جو سير ڪرائيندو، جن نگرين ۾ ويندي سڪون ۽ لطف جا لاتعداد رنگ پڌرا ٿيڻ لڳن ٿا. دُنيا جي ناميارن ڪهاڻيڪارن جي خوبصورت ترجمن سان سجايل هيءُ تحفو پڙهندي فن، فڪر، ڪيفيتن، ڪردارن، حالتن ۽ انساني فطرت متعلق ڪئين اهڙيون حقيقتون ملنديون، جيڪي نه رڳو شخصيت جي اوسر ۾ هڪ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، پر لکڻ جي آرٽ کان آگاهي ڏيارڻ ۾ پڻ سڦلتا ملي سگهي ٿي. مان سمجهان ٿو ته سنڌي جي ادبي کيتر ۾ آيل زوال کي روڪڻ ۽ خاص طور ڪهاڻيءَ ۽ افساني جي صنف کي سگهارو ڪرڻ ۾ ”دنيا جا عظيم افسانا“ جهڙا ڪتاب هڪ شاندار ڪردار ادا ڪندي ڪئين اڌورن قلمڪارن کي مڪمل ۽ پورڻتا پسند تخليقڪار بنائڻ ۾ سڦلتا ماڻي سگهن ٿا.

هي اُفسانا انگريزي ڪتاب “World’s Great Stories” تان ترجمو ٿيل آهن ۽ ان ۾ چيخوف جهڙي حقيقت نگار کان وٺي ايڊگر ايلن پو  جهڙن مشهور معروف ڪهاڻيڪهارن تائين دنيا جي چونڊ ٽيهه ناميارن تخليقڪارن جون شامل آهن. هن ڪتاب ۾ اصل تحرير جي چاشنيءَ کي ترجمي جي رنگينيءَ ۾ اهڙي ته سندرتا سان سلهاڙيو ويو آهي، جو هر افسانو دل جي اُترين اُلهندي ڪُنڊ ۾ لهندي محسوس ٿيندو.

هن ڪتاب جي حوالي سان اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان هڪ رٿا تيار ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ طئه ٿيل هو ته عام پڙهندڙ جي ذهن کي وسيع ڪرڻ ۽ نئين لکندڙ کي لکڻ جي فن کان آشنا ڪرائڻ لاءِ دنيا جي چونڊ افسانن کي ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپايو وڃي. اها رٿا جناب رشيد ڀٽي ۽ جناب مراد علي مرزا جي حوالي ڪئي وئي، جن صاحبن چونڊيل افسانا نهايت شاندار انداز ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. هن ڪتاب جو پهريون جلد ”دنيا جا عظيم افسانا“ جي عنوان سان سال 1966ع ۾ بورڊ طرفان ڇپيو ويو هو، جڏهن ته ٻيو جُلد 1968ع ۾ پڌرو ٿيو. هينئر ٻنهي جُلدن کي گڏي نئين سر ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪرائي شايع ڪيو پيو وڃي.

جيتوڻيڪ هيءَ هڪ حقيقت آهي ته هڪ عرصو ٿيندو جو بورڊ جي سُڃاڻپ بڻايل سوين ڪتاب نئين نسل جي هٿن تائين پهچي نه سگهيا، جنهنڪري سنڌ ۾ فڪري اوسر جي حوالي سان ڪافي سُست رفتاري آئي، پر موجوده انتظاميا انهيءَ ڪوتاهيءَ جي ازالي طور هنگامي اُپاءُ وٺندي، اداري جا مڙئي اهم ڪتاب پبلڪ تائين ٻيهر پهچائڻ جو سعيو ڪيو آهي. انهيءَ حوالي سان ”دنيا جا عظيم افسانا“ جو نئون ڇاپو آڻيندي اسان خوشي محسوس ڪريون ٿا ۽ پڙهندڙ حضرات مان سٺي موٽ ملڻ جي اميد پڻ رکون ٿا.

ڄام شورو، سنڌ                        انعام الله شيخ

17- ربيع الاول 1426 هجري             سيڪريٽري

بمطابق                                  سنڌي ادبي بورڊ

27- اپريل 2005ع

 

 

 

 

ائنٽن چيخوف (روس)

سنڌيڪار: رشيد ڀٽي

 

 

چُمي

 

ويهين مئي تي شام جو اٺين بجي ڌاري ”يو“ توبخاني جا ڇهه دستا، ڪئمپ ڏانهن ويندي، رات ڪاٽڻ لاءِ ميستيچڪو ڳوٺ ۾ ترسي پيا. هو اڃا پوريءَ طرح ٿانئيڪا ئي ڪين ٿيا هئا، جو شهري پوشاڪ ۾ هڪ سوار گرجا جي پويان نڪري نروار ٿيو. هو هڪ عجب جهڙي ڪميت گهوڙي تي سوار هو، جنهن جي ڪنڌ جون بشڪون ائين ٿڙي ۽ ڏڪي رهيون هيون، ڄڻ ته مٿس چمين جو لاڳيتو وسڪارو پئي ٿيو. هو سڌو هلڻ جي بدران پاسيرو پئي هليو.

سوار وڌي آفيسرن جي هڪ ٽولي وٽ آيو ۽ ٽوپلو لاهي چوڻ لڳو:

”هز ايڪسيلنسي جنرل وارن رئبڪ توهان کي چانهه تي مدعو ڪيو آهي. جي توهين وٽس ڪهي ايندا ته هو ڏاڍو خوش ٿيندو.“

گهوڙو ٿيڙ کائي پاسيرو ٿي ويو. سوار ٽوپلو هڪ دفعو وري هوا ۾ لوڏيو، ۽ گهوڙي کي پٺتي موڙيندي، گرجا جي پويان پنهنجي عجيب جانور سميت نظرن کان غائب ٿي ويو.

”کڏ ۾ پوي!“ ڪن آفيسرن پنهجي ڪوارٽرن ڏانهن ويندي چيو. اسان کي ننڊ کنيو بيٺي آهي، ۽ هڪ رئبڪ جي ٻچي کي وري چانهه جي ڳڻتيءَ اچي ورايو آهي! اسان کي خبر آهي ته ڇو ٿو دعوتون ڏيندو وتي!“

ڇهن ئي دستن جي مڙني آفيسرن کي اهو واقعو اکين آڏو ڦري آيو، جو هنن سان گذريل سال پيش آيو هو. ساڳئي نموني ڪنهن نواب يا رٽائرڊ جنرل کين چانهه تي سڏيو هو. تن ڏينهن ۾ هنن سان ڪوسٽڪ فوج جا ڪي آفيسر به هئا. ان نواب سندن آڌر ڀاءَ ۽ خدمت چاڪريءَ ۾ ڪابه ڪثر ڪانه ڇڏي هئي ۽ هنن کي رات جو ڪوارٽرن جي بدران پاڻ وٽ ٽڪايو هو، ان کان وڌيڪ خدمت جو هو سوچي به نه پئي سگهيا. اهو نواب نوجوانن جي صحبت ۾ ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيو هو ۽ سڄي رات هنن کي پنهنجي ماضيءَ جا پراڻا داستان ٻڌائيندو رهيو هو، ايستائين جو باک ۾ اچي ڦٽي هئي. هن هنن کي پنهنجي گهر جو چپو چپو ڏيکاريو هو، ڪٺيون ڪيل تصويرون ۽ اڻلڀ هٿيار ڏيکاريا هئا، ۽ پڇاڙيءَ ۾ وٽس آيل ڪن مشهور شخصيتن جا خط به پڙهي ٻڌايا هئا. ٿڪل ٽٽل آفيسر دل تي پٿر رکي هن جون اهي سڀ ناشائسته حرڪتون برداشت ڪندا رهيا هئا، ۽ جڏهن هو کانئس موڪلائي سمهڻ لاءِ ڪمرن ۾ داخل ٿيا هئا، ته ان وقت سمهڻ جي ويل ٽري چڪي هئي.

وان رئبڪ وٽ ته اهڙي جٺ ڪانه ٿيڻي هئي؟ پر هنن کي ٻيو ڪم به ته ڪونه هو! آفيسرن هٿ منهن ڌوئي ڪپڙا بدلايا ۽ گڏجي ان نواب جي جاءِ جي ڳولا ۾ نڪتا. گرجا واري چوسول تي هنن کي ٻڌايو ويو ته گرجا وٽان هيٺ لهي، نديءَ جي ڪپ تي پهچي ڪناري ڪناري هليو وڃڻ سان هو رئبڪ جي گهر واري باغ وٽ وڃي پهچندا. باغ طرف ٻه رستا پئي ويا: هڪ وچ مان، جو وڏو رستو هو، ۽ ٻيو رئبڪ جي اَن جي ڀانڊن جي پويان، جو ننڍو رستو هو. آفيسرن پوئين دڳ سان وڃڻ پسند ڪيو.

”اهو وان رئبڪ وري ڪير آهي؟“ هنن دڳ ۾ هڪ ٻئي کان پڇيو. ”اهو ته نه آهي، جنهن ’يو‘ فوج جي سپهه سالاري ڪئي هئي؟“


 

 


 

سڀني جي اڳيان ليفٽيننٽ لوبتڪوف هلي رهيو هو. قد جو ڊگهو، ڪلها موڪرا ۽ مڇون چٽ. هو ڏسڻ ۾ ڪراڙو پئي آيو. پر هو پنجويهن ورهين جي لڳ ڀڳ. هو فوج ۾ ان ڪري گهڻو مشهور هو، جو سواءِ ڏسڻ جي پري کان ئي هن کي عورت جي موجودگيءَ جي خبر پئجي ويندي هئي. مٿيون جملو ٻڌي، هن ڪنڌ ورائي ساٿين ڏانهن نهاريو ۽ چيو:

”هائو، پڪ ئي پڪ گهر ۾ عورتون به آهن. منهنجي جبلت ته اهو ٿي ٻڌائي.“

گهر جي دروازي تي وان رئبڪ پاڻ آفيسرن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. هن کي خانگي ڪپڙا پهريل هئا ۽ سٺ ورهين جي لڳ ڀڳ  پئي لڳو.

هن خوشيءَ جو اظهار ڪندي هنن سان هٿ ملايو. ۽ ان ڳالهه جي معافي ورتي ۽ افسوس ڪيو ته هو کين رات نه پئي رهائي سگهيو. ان لاءِ، هن کين ٻڌايو ته وٽس اڳ ئي گهڻا مهمان آيل هئا. به ڀينر ۽ انهن جا ٻار، ڀائر ۽ ڪي پاڙيسري پڻ، ان ڪري وٽس کين رهائڻ لاءِ جاءِ ڪانهي هئي.

جنرل ڏاڍو کلمک پئي نظر آيو. سندس منهن مان ظاهر پئي ٿيو، ته هو مهمانن جي آمد تي ايترو خوش نه هو. ائين پئي لڳو، ڄڻ ته هن آفيسرن کي رڳو پنهنجي خانداني رسمن جي پوئيواري ۽ پنهنجي اخلاقي برتري ڏيکارڻ لاءِ ئي مدعو ڪيو هو. هنن تي اهو سڀ ڪجهه تڏهن واضح ٿيو، جڏهن هو ڏاڪڻن مٿان وڇايل غاليچن تي چڙهي رهيا هئا ۽ سندن ميزبان ساڻن بي دليو ڳالهيون ڪري رهيو هو. هوڏانهن نوڪر چاڪر کين ڏسي، سست ٿي، ڪنڌ ڦيري پنهنجيءَ ڪرت ۾ لڳي پئي ويا. هنن کي محسوس ٿيڻ لڳو، ته هو گهر وارن جي دلين تي اجايو بار هئا. جنهن گهر ۾ ڪا خانداني رسم ادا پيئي ٿيندي هجي ۽ جنهن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڀينرون، ڀائر ۽ پاڙيسري به آيا هجن، ان گهر جي ڀاتين کان اوڻويهن ڌارين جي موجودگي ڪيئن ٿي برداشت ٿي سگهي؟

ڊرائنگ روم جي دروازي وٽ هنن جي آجيان هڪ قداور، سٻاجهي ۽ ڪرڙوڍ عورت ڪئي. هن جو منهن بيضوي ۽ ڀرون ڪارا هئا، ۽ راڻي يوجين جهڙا مهانڊa هئس. منهن تي فراخدليءَ جي مرڪ آڻي، هوءَ هنن سان ملي ۽ کانئن رات نه رهائي سگهڻ جي معافي ورتائين. ٿوري وقت کان پوءِ ئي هن جي منهن تان اها مرڪ غائب ٿي ويئي ۽ هن پنهنجو ڪنڌ ڦيرائي ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. هن جي ان ورتاءَ مان صاف ظاهر هو، ته هن پنهجي وهيءَ ۾ ڪيترائي آفيسر ڏسي ڇڏيا هئا ۽ انهن لاءِ وٽس ڪا به اهميت ڪانه هئي، ۽ جي هن کين پنهنجي گهر سڏيو هو ۽ افسوس جو اظهار ڪيو هو، ته ان جو سبب به رڳو هن جو اوچو پد ۽ سماجي برتري هئي.

جڏهن آفيسرن کاڌي واري ڪمري ۾ داخل ٿيا. ته ان وقت اٽڪل هڪ درجن عورتون ۽ مرد، ٻڍا ۽ جوان، ميز جي آخري ڇيڙي تي ويٺل چانهه پي رهيا هئا. انهن جي پٺيان سگارن جي دونهي ۾ وڪوڙيل ماڻهن جو هڪ ٽولو بيٺو هو. انهن مان هڪ سنهڙو جوان، ڳاڙهين مڇين سان، وڏي واڪي انگريزي ڳالهائي رهيو هو. ان ٽولي پويان هڪ دروازو هو، جو کليو پيو هو. اهو دروازو هڪ ڀڀڪيدار ۽ ٻهڪندڙ ڪمري جو هو. جو بسنتي رنگ جي پردن ۽ فرنيچر سان سينگاريل هو.


 

”معزز حاضرين! اوهان جو تعداد ايترو ته گهڻو آهي، جو هڪ هڪ جو تعارف ڪرائڻ ڏکيو پيو لڳي!“ جنرل خوش مزاجيءَ مان چيو. ”مهرباني ڪري پنهنجو تعارف پاڻ ڪرايو.“

آفيسر-ڪي سنجيده ٿي ۽ ڪي زور جي مرڪ مرڪي، سڀ بيچين ٿي، ٿورو هيٺ نوڙيا ۽ خالي ڪرسين تي ويهي رهيا. انهن آفيسرن ۾ هڪ اهڙو به آفيسر هو، جو سڀ کان وڌيڪ ڏکيائي محسوس ڪري رهيو هو. اهو هو اسٽاف آفيسر ريابووچ. هن جا ڪلها گول هئا ۽ اکين تي عينڪ چڙهيل هيس.

جنهن وقت سندس ساٿين مان ڪي سنجيده ٿي رهيا هئا، ڪي منهن تي مرڪ آڻي رهيا هئا، تنهن وقت هو بلڪل ويچارگيءَ جو پتلو ٿيو ويٺو هو. سندس سادو چهرو، جهنگ-ٻلي جهڙيون مڇون، ۽ عينڪ، سڀ يڪ آواز ٿي چئي رهيا هئا: ”آءٌ سڀ کان وڌيڪ شرميلو آهيان، آءٌ سادو آهيان ۽ منهنجي زندگي ٻُسي آهي!“ جڏهن هو پهريون دفعو ڪمري ۾ آيو ۽ ڪرسيءَ تي ويٺو، ته پنهنجو ڌيان ڪنهن هڪ شيءِ تي لڳائي نه سگهيو هو: چهرا، ڪپڙا، شراب جا شيشا ۽ ميز تي رکيل ٻيو سامان، سڀ هن جي اڳيان ملي جلي، عجيب نظارو ٿي پيو هو. هن جو دماغ منجهي پيو هو. ان وقت هن جي دل ۾ پئي آيو ته منهن کڻي هٿن ۾ لڪائي. هن جي حالت ان ليڪچرار وانگر هئي، جو پهريون دفعو ڪلاس ۾ ويو هجي ۽ پنهنجن شاگردن کي ڏسڻ جي باوجود به ڏسي نه سگهندو هجي. (اهڙيءَ حالت کي جيڪڏهن ڪو ڏسندي به ڏسي نه سگهي، ان کي نفسيات جو ماهر ”نفسياتي نابينائي“ چوندا آهن). ساهي پٽڻ بعد، جهٽ ترسي، ريابووچ پنهنجي چوگرد ڏسڻ وائسڻ شروع ڪيو. سڀ کان اول هن جو ڌيان پنهنجي ميزبانن طرف ويو-وان رئبڪ، سندس زال، ٻه عمر چڙهيل عورتون، هڪ جوان ڇوڪري، سوسني رنگ جي پوشاڪ سان ۽ رئبڪ جو پٽ ڳاڙهين مڇن وارو جوان. هي سڀ مهمانن ۾ اهڙيءَ طرح ملي جلي ويا هئا، ڄڻ ته گهڻن ڏينهن کان ان جي ريهرسل ڪئي هئائون. هو مهمانن کي بحث ۾ گهلي آيا هئا. سوسني رنگ جا ڪپڙا پهريل ڇوڪري، ان ڳالهه تي زور ڏيئي رهي هئي ته توبخاني وارن فوجن جي زندگي، سوار فوجين کان وڌيڪ آسان ۽ آرام واري آهي، ۽ وان رئبڪ ۽ هڪ ڪراڙي عورت، هن جي ان ڳالهه جي زوردار مخالفت ڪري رهيا هئا. موضوع مان موضوع نڪرندا ويا. ريابووچ ڏٺو ته ڇوڪري هڪ اهڙي موضوع تي بحث ڪري رهي هئي، جنهن جي کيس ڪابه پروڙ ڪانه هئي. هن اهو اندازو هن جي هٿراڌو مسڪراهٽ مان لڳايو.

وان رئبڪ ۽ سندس زال نه رڳو آفيسرن کي بحث ۾ رڌل پئي رکيو. پر گڏوگڏ گلاسن ۽ پليٽن تي به نظر رکيو پئي آيا، اهو ڏسڻ لاءِ، ته مهمانن چڱيءَ ريت کاڌو آهي يا نه، ريابووچ جيترو وڌيڪ مشاهدو ڪري رهيو هو، اوترو سندس دل ۾ ان خاندان لاءِ وڌيڪ عزت پيدا ٿيندي پئي ويئي.

چانهه بعد، آفيسر ڊرائينگ روم ڏانهن ويا. ليفٽيننٽ لوبتڪوف جي جبلت هن کي ڌوڪو نه ڏنو هو. اتي واقعي ڪيتريون ئي نوجوان ڇوڪريون ويٺيون هيون. لوبتڪوف هڪ ڇوڪريءَ جي اڳيان نوڙيو، جنهن کي ڪاري پوشاڪ پهريل هئي. هو شايد ڇوڪريءَ سان ڇسائپ ۽ بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪري رهيو هو، ڇو جو ڇوڪري هن ڏانهن حيرت سان نهاري رهي هئي ۽ اڇاتري نموني ۾ چئي رهي هئي: ”نه نه، سچي؟“ ان لفظ، ”نه نه، سچي؟“ مان لوبتڪوف کي، جو واقعي ذهين هو، سمجهي وڃڻ گهربو هو ته ڇوڪري سندس ڳالهين مان خوش ڪانه هئي.

ڪنهن مهمان پيانو تي هڪ غمگين ڌن ڇيڙي، کليل درين مان ايندڙ هوا هرهڪ کي ياد ڏياريو ته اهو مئي جو مهينو هو. موسم خوشگوار هئي ۽ فضا ۾ سوسن، رابيل ۽ گلاب جي سُڳنڌ هئي.

ريابووچ، جنهن تي موسيقيءَ کان سواءِ شراب جا خمار هئا، دريءَ کان هيٺ نوڙي مرڪڻ لڳو . هو عورت جي چرپر تي نظر رکي رهيو هو. هن کي ائين لڱو ته سوسين، رابيل ۽ گلاب جي اها سرهاڻ ٻاهران باغ مان نه پر اندران عورتن جي جسمن ۽ ڪپڙن مان ئي اچي رهي هئي .

     وان رئبڪ جي پٽ، هڪ سنهي ڊگهي ڇوڪري کي ناچ جي دعوت ڏني، ۽ کيس چيلهه ۾ هٿ وجهي وچ ڪمري ۾ ڇڪي آيو. لوبتڪوف سوسني ڇوڪري کي هيٺ لاٿو ۽ ناچ شروع ٿي ويو.... پر ريا بووچ  رڳو بت بڻيو انهن کي ڏسندو رهيو. هن حياتيءَ ۾ ڪڏهن به رقص ۾ حصو نه ورتو هو ۽ نه وري کيس ڪنهن ڇوڪريءَ جي چيلهه ۾ ڀاڪر وجهڻ جو اتفاق ٿيو هو. ڪنهن غير واقف حسينا جي چيلهه ۾ هٿ وجهڻ ۽ ان جي هٿ پنهنجي ڪلهي تي رکڻ، ريابووچ لاءِ هڪ سندر سپني جي مثال هو، جيڪو ڪڏهن به حقيقت نه ٿي سگهيو هو. ڪو وقت هو، جو هو پنهنجن ساٿين جي اهڙيءَ جرات ۽ ساعت تي ساڙ ڪندو هو، ۽ هو اهو سوچي بي همت ۽ دلگير ٿي پوندو هو، ته هن جا ڪلها گول ۽ مڇون جهنگ-ٻلي وانگر هيون، ۽ هو دنيا جي رنگينن کان بي بهر هو. پر وقت سان گڏوگڏ، هو ان ڳالهه سان مانوس ٿي ويو هو ۽ هاڻي هن جي دل ۾ اهڙن موقعن تي ڪڏهن به حسد جي باهه نه ڀڙڪندي هئي، البت هو  ڪجهه اداس ۽ پريشان ضرور ٿيندو هو.

جڏهن رقص جو ٻيو ڦيرو شروع ٿيو، ته ڳاڙهين مڇن وارو، رئبڪ جو پٽ انهن مهمانن وٽ وڌي آيو، جي ناچ ۾ حصو نه وٺي رهيا هئا. هن کين بليرڊ کيڏڻ لاءِ دعوت ڏني ۽ آفيسر هن جي پٺيان اٿي هليا. ريابووچ پڻ دل جو بار جهڪو ڪرڻ لاءِ هنن جي پويان لڳي پيو. ڊرائينگ روم مان لنگهي، هڪ سوڙهي ورانڊي مان ٿيندي، هو هڪ اهڙي ڪمري ۾ پهتا، جتي ٽي دربان جهوٽا کائي رهيا هئا ۽ هنن کي ايندو ڏسي، ڇرڪي اٿي بيٺا. ان ڪمري مان ٿي، هو هڪ ٻئي ڪمري ۾ آيا، جتان بليرڊ روم ۾ پهتا ۽ راند شروع ڪري ڏنائون.

ريابووچ، جنهن کي ’تاس‘ کان سواءِ ٻي ڪابه راند ڪانه ايندي هئي، ماٺ ڪري هنن کي کيڏندو ڏسي رهيو هو. ڪنهن به رانديگر هن ڏانهن ڌيان نه ڏنو. البت جي ڪنهن جي ٺونٺ يا ڇڙيءَ جو ڇيڙو هن کي لڳي پئي ويو، ته ان شخص کيس ڏسي، ”معاف ڪجو!“ ٿي چيو. اڃا هڪ راند به پوري ڪانه ٿي هئي، جو هو پاڻ کي بيچين ۽ ڪوفت وارو محسوس ڪرڻ لڳو. هن کي احساس ٿيو ته اتي وڌيڪ وقت بيهڻ، حماقت هئي. هن کي هڪ دفعو وري بال روم جي ڪشش ٿي ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.

واپسيءَ ۾ هن سان عجيب واقعو ٿيو. اڌ پنڌ ڪرڻ بعد هن محسوس ڪيو ته رستو ڀلي ويو هو. هن کي ياد هو ته کيس ان ڪمري مان لنگهڻو هو، جت ٽي دربان اهليا پيا هئا، پر ڇهن ڪمرن ۾ چڪر ڪاٽڻ بعد به هو ان ڪمري ۾ نه پهتو هو. اهو ويچاري، هو وري پوئتي موٽيو ۽ سڄي طرف مڙندي، هڪ هلڪي روشنيءَ واري ڪمري ۾ آيو. اچڻ وقت ته هو ان ڪمري مان ڪونه لنگهيو هو! ٿورو ترسي، هن سامهون وارو دروازو کوليو ۽ اندر گهڙڻ سان هن پاڻ کي بلڪل اونداهي ڪمري ۾ آيل محسوس ڪيو. ان ڪمري جي پوئين دروازي جي وٿيءَ مان، تيز روشنائيءَ جي هڪ ليڪ نظر اچي رهي هئي. ڪمري جي فضا اداس هئي، شايد اتي بال روم وانگر دريون ڪشاديون ۽ کليل هيون ۽ رابيل، سوسن ۽ گلاب جي سرهاڻ....

ريابووچ منجهي بيهي رهيو. اوچتو هن ڪن هلڪن قدمن جو آواز ٻڌو، ۽ ان سان گڏ ڪَلف جو آواز: ”آخر هيءَ گهڙي به اچي ويئي! ڪهڙا نه خوشنصيب آهيو، پيارا!“-پوءِ يڪدم ئي ٻه نرم ۽ گداز ٻانهون، جي يقينا ڪنهن عورت جون ئي هيون، هن جي ڪنڌ کي وڪوڙي ويون. هن جي ڳل سان ڪو گرم ۽ نرم ڳل لڳو ۽ پوءِ هڪ چميءَ جو آواز......پر اوچتو ئي عورت ڇرڪ ڀري رڙ ڪري پوئتي ڀڳي، ۽ هو پڻ عجب مان رڙ ڪري، دروازي جي روشنائيءَ واري ليڪ طرف ڊوڙيو.......

جڏهن هو بال روم ۾ موٽي آيو، ته سندس دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿي چڪي هئي ۽ هٿ زور سان ڪنبي رهيا هئس، جي هن پٺيءَ پويان ڪري ڇڏيا. ڪافي وقت هو خوف ۽ شرم ۾ ساڪت بڻيو بيٺو رهيو. هن کي ائين پئي لڳو ته بيٺلن مان هرهڪ کي سندس ويڌن جي خبر پئجي ويئي هئي. هن ڳولائو اکين سان چؤطرف نهاريو، ۽ هر فرد کي پنهنجيءَ ۾ پورو ڏسي، هن ان اتفاقي واقعي مان لطف وٺڻ شروع ڪيو، جو سندس حياتيءَ ۾ پهريون اتفاق هو. هن جي ڳچي ڪنهن نرم ۽ گداز ٻانهن ۾ آئي هئي، ۽ کيس ائين لڳي رهي هئي، ڄڻ ڪنهن تيل سان نرم ڪري ڇڏي هجي. سندس ڳل تي، کٻي ڪن هيٺان واري اها جاءِ، جتي اڻڏٺل حسينا کيس چمي ڏني هئي، ايتري ته ٿڌي پئي لڳي، ڄڻ ته اتي برف رکي هئي. هو جيئن ان جاءِ کي وڌيڪ مهٽي رهيو هو، تيئن وڌيڪ ٿڌي پئي ٿيندي وئي. نـُنهن کان وٺي چوٽيءَ تائين هن جي سرير ۾ عجيب ۽ انوکيون اُمنگون جنم وٺي رهيون هيون، جي آهستي آهستي وڌنديون پئي ويون. هن چاهيو پئي ته اٿي نچي، ڳالهائي، ڊڪي باغ ۾ وڃي زور سان کلي.......هن کان اهو بلڪل وسري چڪو هو ته هو ڪو بيڊولو ۽ بدزيبو هو.

(ڇو جو سندس هڪ واقفڪار عورت هڪ ڀيري هڪ ٻيءَ عورت سان ڳالهيون ڪندي هن متعلق اهو رايو ڏنو هو ته هن جي ڀر ۾ اچي بيٺي ته هن ڏانهن ڏسي، هو فراخدليءَ سان اهڙي نموني مرڪيو، جو هوءَ هن ڏانهن عجب سان نهارڻ لڳي.

”مون کي توهان جو گهر ڏاڍو وڻيو آهي!“ هن عينڪ ٺاهيندي چيو.

جنرل جي زال مرڪي ورندي ڏني هئي، ته گهر سندس پيءُ جو هو. پوءِ هن کانئس پڇيو هو ته هن جا مائٽ حيات هئا يا نه؟ هن کي فوج ۾ داخل ٿئي ڪيترو وقت ٿيو هو؟ هو ايترو سنهو ڇو هو؟ وغيره وغيره. اهڙيءَ ريت هن سان ڪجهه وقت ڳالهائي، هوءَ هلي وئي ۽ ريابووچ جي دل خوشيءَ ۾ ٽپا ڏيڻ لڳي هئي. هن کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته سندس چوگرد سڄي دنيا هن سان مهربان هئي.

رات جي مانيءَ تي، ريابووچ مشين وانگر کائيندو رهيو. هن کي ڪابه سڌ ڪانه پئي. هو رڳو پاڻ سان ٿيل اتفاق کي سُلجهائڻ ۾ مگن هو. اتفاق، جيڪو پراسرار به هو ته رومانوي به. اهو ايترو مشڪل به نه هو، جو سلجهائي نه سگهجي. شايد ڪنهن ڇوڪريءَ، پرڻيل يا ڪنواريءَ، ڪنهن شخص سان ان اونداهي ڪمري ۾ ملڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. شوق ۽ انتظار جي انڌ ۾ هن ريابووچ کي پنهنجو يار سمجهيو هو....هن ان نموني ۾، پنهنجي چميءَ جو حل ڳولي لڌو.

”پر اها ڪير آهي؟“ هن چوگرد ويٺل عورتن جي چهرن ڏانهن نهاريندي سوچيو- ”ضرور ڪا جوانڙي هوندي، ڇو جو ڪراڙيون عورتون ائين ملاقات نه ڪنديون آهن. هوءَ هوندي به يقينا ذهين، ڇو جو سندس پوشاڪ، خوشبوءِ ۽ آواز ائين پئي لڳا.............!“

هن خوش ٿي سوسني رنگ جي وڳي پهريل ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريو. هوءَ ڪافي سندر پئي لڳي. سندس ڪلها ۽ ٻانهون سڊول ۽ آواز دلڪش هو. ان کي غور سان ڏسندي، ريابووچ کي يقين اچي ويو ته سندس اڻ سڃاتل محبوبه اها ئي هئي، نه ڪا ٻي.....پر هن جي مُرڪ بلڪل ڏيکاءَ جي مرڪ هئي. مرڪڻ سان سندس نڪ ڦونڊارجي پئي ويو ۽ بدصورت ٿي پئي وئي. پوءِ هن پنهنجون نظرون ان حسينا طرف ڪيون، جنهن کي ڪاري پوشاڪ پهريل هئي. هوءَ سوسني پوشاڪ پهريل ڇوڪريءَ کان وڌيڪ جوان ۽ سادي هئي. سندس پيشاني ويڪري هئي ۽ شراب پيئڻ جي طرز به پياري ۽ وڻندڙ هيس. ريابووچ هن کي پنهنجي اڻ ڏٺل محبوبه سمجهڻ چاهيو پئي، پر ستت ئي کيس احساس ٿيو ته ان جا مهانڊا سٺا نه هئا. پوءِ هن جو ڌيان پاڻ سان لڳ ويٺل عورت ڏانهن کڄي ويو.

”ڪيئن چئجي ته ڪير هئي!“ ريابووچ دل کي سوچيو: ’جي ڪلها ۽ ٻانهون سوسني پوشاڪ پهريل ڇوڪريءَ جون، پيشاني ڪارن ڪپڙن واريءَ جي، ۽ اکيون لوبتڪوف جي ڀر واريءَ جون ملائجن، ته پوءِ البت....‘

هن تصور ۾ ئي ان ڇوڪريءَ جي شڪل شبيهه ٺاهي ڇڏي، جنهن اوندهه ۾ کيس چمي ڏني هئي. هڪ اهڙو جسم، جو سندس خواهش موجب هو، ۽ جنهن جو ڪو به وجود ڪونه هو.

کائي رڄ ٿي، مهمان ميزبانن کان موڪلائڻ لڳا. رئبڪ ۽ سندس زال هڪ دفعو وري مهمانن کان رات نه رهائي سگهڻ لاءِ معافي ورتي.

”توهان سان ڏاڍو سٺو وقت ڪاٽيوسين!“ جنرل هن دفعي بلڪل خلوص دليءَ سان چيو (موڪلائيندڙ مهمانن سان ايندڙ مهمانن جي ڀيٽ ۾ بلڪل فراخدلي ڏيکاري آهي.) ”اميد اٿم ته موٽندي به ڀيرو ڀري ويندا. رستو ته توهان ڏسي ڇڏيو آهي!“

آفيسر ٻاهر نڪري، باغ ۾ آيا. گوڙ گهمسان ۽ روشنائيءَ مان نڪري، هو پاڻ کي اونداهيءَ ۽ سانت ۾ محسوس ڪرڻ لڳا. ان خاموشيءَ هنن کي جهٽ لاءِ اداس ڪري ڇڏيو. سڀ ڪنڌ هيٺ ڪريو، چپ چاپ وڏي دروازي مان ٻاهر نڪتا. هنن جي دلين ۾ شايد ريابووچ جهڙا ويچار جاءِ وٺي چڪا هئا. ڪڏهن ته هو به ايتريءَ وڏيءَ جاءِ جا مالڪ ٿيندا! اهڙو ئي باغ وٽن به هوندو! هو به ائين ئي مهمان نوازيءَ جو ثبوت ڏيندا.

باغ کان ٻاهر نڪرندي ئي هنن زور سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ بي معنيٰ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳا. هو هاڻي نديءَ جي ڪناري واري پيچري تان هلي رهيا هئا. نديءَ جي ٻيءَ ڀر. بلڪل اوندهه هئي. نديءَ ۾ پوندڙ ستارن جي پاڇن ۽ بدڪن جي ترڻ مان، سمجهيو پئي ويو ته وهڪرو تيز نه هو. پرينءَ ڀر جهنگ ۾ ڪاٺڪُٽا ٻولي رهيا هئا، ۽ اورينءَ ڀر هڪ جهڳٽي مان بلبل جي مڌر نغمي جو آلاپ اچي رهيو هو. هڪ آفيسر ترسي ان جهڳٽي کي ڌونڌاڙيو، پر بلبل پنهنجي موج ۾ مگن هئي.”ڪيترو نه بيڊپو جيو آهي!“ قدردان آواز کان متعجب ٿيا. ”اسان کي ڀر ۾ ڏسي به ڪو خيال نٿي ڪري، واهيات ڪنهن جاءِ جي!“ هو نشي ۾ ٿيڙ کائڻ لڳا.

ٽڪريءَ کان هيٺ ويندي رستو گرجا واري چوسول ۾ وڃي ٿي مليو. اتي پهچي هو ٿوري دير لاءِ ويٺا ۽ سگريٽ دکايائون. نديءَ جي ٻئي ڪپر تي هڪ هلڪي ڳاڙهي روشنائي ڏسڻ ۾ پئي آهي. ”گهر کان واندو ٽڪاڻي داخل“ جي مصداق، هو اچي ان بحث ۾ ڇڙيا ته اها روشني ڇا جي هئي؟ ڪئمپ فاير جي، يا ڪنهن دريءَ جي، يا ڪي ٻيو ڪجهه..... ريابووچ به ان روشنيءَ ڏانهن نهاريو. هن کي ائين لڳو، ڄڻ اها کيس اکيون ڀڃي رهي هئي ۽ ان کي به هن جي چميءَ جي خبر پئجي چڪي هئي.

پنهنجن ڪوارٽرن ۾ پهچي، ڪپڙا مٽائي، ريابووچ وڃي هنڌ ۾ پيو. ساڻس گڏ لوبتڪوف ۽ ليفٽيننٽ مرسليا ڪوو به رهيا پيا هئا. مرسليا ڪوو ٿور ڳالهائو ۽ مهذب ليکيو ويندو هو. هو سدائين ”يورپ جو پيغمبر“ نالي ڪتاب پڙهندو هو ۽ ان ۾ ڄاڻايل نظرين جو قائل هو. لوبتڪوف ڪپڙن مٽائڻ بعد ڪمري ۾ بي مقصد اچ وڃ ڪري رهيو هو. هن اردليءَ کي بيئر آڻڻ لاءِ چيو ۽ وري بي اطمينانيءَ سان پسار ڪرڻ لڳو. مرسلياڪوو بستري تي ليٽيل هو. سندس سيرانديءَ کان موم بتي ٻري رهي هئي ۽ ڪنهن رسالي جي صفحن ۾ غرق هو.

”تعجب آهي! آخر هوءَ هئي ڪير؟“ ريابووچ ڏانهن نهاريندي دل ۾ چيو.

هن کي پنهنجي ڳچي اڃا به سڻڀي پئي لڳي ۽ ڳل تي ٿڌاڻ تي پڻ. هن جي تصور ۾ وري سوسني پوشاڪ واريءَ جا ڪلها ۽ ٻانهون ۽ ڪاريءَ پوشاڪ واريءَ جي پيشاني ياد اچي وئي. هن انهن خيالي تصويرن جي عڪس پنهنجي دماغ ۾ چٽي ڇڏڻ پئي چاهيو، پر اهي نچنديون ٽپنديون هن کان اوجهيل ٿي ٿي ويون. هن اکيون بند ڪيون ۽ سندس اکين اڳيان اونداهي ڪمري وارو منظر ڊوڙي ويو ۽ سندس دل ۽ دماغ ڪنهن نامعلوم ۽ بي پناهه مسرت جي احساس سان ڀرجي ويا. هو اڃا انهن ويچارن ۾ ئي هو، ته لوبتڪوف جو موڪليل اردلي موٽي آيو ۽ ٻڌايائين ته بيئر موجود ڪونه آهي. لوبتڪوف کي ڏاڍي ميٺيان لڳي ۽ سندس اچ وڃ تيز ٿي وئي.

”اڃا بيوقوفن کي ڪي سڱ ٿيندا آهن!“ گڏهه ڪنهن جاءِ جو! بيئر به نٿو هٿ ڪري سگهي.“

”ويچاري کي هن وقت ڪٿان ملندو؟“ مرسلياڪوو ڪتاب مان منهن ٻاهر ڪڍڻ کان سواءِ ئي چيو.

”چئين ڇا پيو، يار!“ لوبتڪوف چيو. ”شرط رک، هن مهل بير ۽ ڇوڪري هٿ ڪري ڏيانءِ ته پوءِ ڇا! اصل هڪ گهڙيءَ ۾..........نه ته منهنجو نالو مٽائي ٻيو رکج.“

هن کي ڪپڙن مٽائڻ ۽ ڊگهن جوتن پائڻ ۾ ڪافي وقت لڳو. پوءِ سگريٽ دکائي، بنان ڪجهه ڪڇڻ جي ٻاهر نڪرڻ لڳو.

”رئبڪ، گرئبڪ، لئبڪ، “ هن جهونگاريو ۽ در وٽ پهچي بيهي رهيو.

”اڪيلو ڪير ٿو وڃي! لعنت پئين! ريابووچ، اُٿ ته چڪر هڻي اچون.“

ڪو جواب نه ٻڌي، هو موٽي اندر آيو ۽ ڪپڙا مٽائي هنڌ ۾ وڃي ڪريو، مرسلياڪوو ٿڌو ساهه ڀري، ڪتاب بند ڪري پاسي ۾ رکيو ۽ موم بتي وسائي ڇڏي.

”هون!“ لوبتڪوف سگريٽ دکائيندي اوندهه ۾ ڀڻڪيو.

ريابووچ چادر تاڻي مٿان وڌي ۽ ڪرونڊڙو ٿي پنهنجي منجهيل دماغ ۾ پريشان ۽ ڀٽڪندڙ تصويرون ۽ خاڪا هڪ جاءِ ڪرڻ لڳو. پر ڪو کڙ تيل نه نڪرندو ڏسي، اهو سوچي سمهي پيو ته ڪنهن حسينا کيس چمي ڏني هئي. سندس زندگيءَ جو اهو انوکو اتفاق سڄي رات کيس خيالن ۽ خوابن ۾ ستائيندو رهيو.

جڏهن هو جاڳيو ته سندس ڳچي اَڻڀي هئي ۽ ڳل واري ٿڌاڻ ختم ٿي چڪي هئي. پر هڪ محسوس نه ٿيندڙ خوشي اڃا به سندس اندر اُڌما ڏيئي رهي هئي. هن درين جي چونڪن ڏانهن نهاريو، جي اڀرندڙ سج جي ڪرڻن سبب سونهري پئي ڏسڻ ۾ آيا. پوءِ هو هيٺ گهٽيءَ مان آواز ٻڌڻ لڳو. هيٺان وڏا وڏا آواز اچي رهيا هئا. سندس فوج جو ڪمانڊر، ليبيستڪي، ان وقت برگيڊ وٽ پهتو هو ۽ هڪ سارجنٽ سان ڇوٽ آواز سان ڳالهائي رهيو هو. زور سان ڳالهائڻ سندس عادت هئي. ”پوءِ ڇا ٿيو؟“ ڪمانڊر رڙ ڪئي.

”سائين! نعلن لڳندي گولوبشڪا زخمي ٿي پيئي ۽ ڊاڪٽر سرڪو ۽ مٽي هڻي هن جو رت بند ڪيو. ۽ سائينءَ کي چوان، گذريل رات مستري آرتينيف ايترو ته پيتو جو ٿيڙ کائڻ لڳو ۽ ليفٽيننٽ هنن کي، توب گاڏيءَ ۾ اڇلائي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.“

سارجنٽ هن کي هر هڪ آفيسر جي ڪار گذاريءَ جو تفصيل ڏنو، ۽ اهو پڻ ٻڌايو ته رات سڀيئي، جنرل رئبڪ وٽ ويا هئا. گفتگو دوران ليبيستڪيءَ جي ڳاڙهي ڏاڙهي دريءَ مان ظاهر ٿي. پنهنجين تيز نظرن سان ستل آفيسرن جي چهرن ڏانهن گهوريندي هن چيو:

”سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي نه؟“

”گهوڙا پنهنجون بشڪون نين پاڃارين سان پيا گهن!“ لوبتڪوف اوٻاسي ڏيندي هنڌ مان اٿندي چيو: ”آءٌ اليگزينڊر ايو گرافونا ڏانهن ٿو وڃان-ڪو ضرور ڪم اٿم. چڱو، خدا حافظ. شام جو توهان سان اچي ملندس.“

پندرهن منٽن ۾ فوج تيار ٿي، ڪئمپ ڏانهن رواني ٿي. رئبڪ جي ڀانڊن وٽان لنگهڻ ويل ريابووچ گهر ڏانهن نهاريو، درن درين جا پردا  اڃا هيٺ هئا.

شايد گهر وارا اڃا ستا پيا هئا. هوءَ پڻ ستي پيئي هئي-ڇوڪري، جنهن ڪالهه ريابووچ جي ڳل تي چمي ڏني هئي. هن جي نظرن اڳيان واري ڪمري جي خيالي تصور ڦري آئي. دريون اڃا کليون پيون هيون ۽ انهن مان باغ جي وڻن جون ٽاريون جهاتيون پائي رهيون هيون، صبح جو هير، سوسن، رابيل، گلاب، هنڌ، ڪرسي، جنهن تي راتوڪو لاٿل وڳو به رکيو هو، سليپر، ۽ ٽيبل تي هڪ گهڙي-اهي سڀ شيون هن جي اکين اڳيان نچڻ لڳيون، پر ڇوڪريءَ جي شڪل ۽ سندس مٺڙي مرڪ، جنهن جي هن کي ڳولا هئي، سندس ذهن ۾ اچي ترڪي پئي ويون. ائين، جيئن آڱرين مان ڪا سڻڀي شيءِ ترڪي نڪري وڃي. اڌ فرلانگ اڳتي وڃڻ کان پوءِ، هن هڪ دفعو وري پٺتي نهاريو. ميٽائين رنگ واري گرجا، رئبڪ جو گهر، ندي ۽ باغ، سڀ سج جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيا هئا. هن جي من تي اُداسي ڇانئجي وئي، هن کي ائين لڳو، ڄڻ ته ڪا پياري ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙي شيءِ پوئتي وساري آيو هو.

دڳ ۾ ڦڪا ۽ رواجي نظارا پئي آيا. رستي جي ٻنهي پاسن کان ڪڻڪ جا فصل بيٺا هئا. اڳيان ماڻهن جا پُٺا ۽ ڪنڌ ۽ ڌوڙ هئي، ته پويان به ڌوڙ ۽ ماڻهن جا چهرا هئا. سڀ کان اول چار سپاهي بندوقن سان هلي رهيا هئا. اهو اڳواڻ دستو هو. ان جي پويان بئنڊ وارا هئا. ريابووچ پنجين دستي ۾ هو. ان ڪري اڳين چئن دستن کي چڱيءَ پر ڏسي پئي سگهيو.

شهري ماڻهن ۽ غير فوجين لاءِ، مارچ ڪندڙ فوج ۽ بئنڊ جو نظارو ڏاڍو وڻندڙ آهي. هو عجب کائيندا آهن ته هڪ توب لاءِ ايترا ماڻهو ڇو ٿا سيڙجن! پر ريابووچ لاءِ، ان ۾ ڪا به دلچسپي ڪانه هئي. ڪي سال اڳ هن کي انهن فوجي قانونن ۽ دستورن جي ڄاڻ پئجي چڪي هئي. سپاهين جي پٺي گپ سان ڇو ٿڦيل هوندي آهي، ايترا گهوڙا توب کي ڇو ڌڪيندا آهن، اهي ۽ ٻيون اهڙي قسم جون ڳالهيون ريابووچ لاءِ هاڻي ڪابه اهميت ڪين رکنديون هيون.

هو نهايت بيپرواهيءَ سان، اڳين دستن جي ڪنڌن ۽ پٺن جي چهرن ڏانهن نهاري رهيو هو. ڪالهه هن حسرتن ۽ خواهشن کي پنهنجو ڪرڻ پئي چاهيو، پر اڄ هو پاڻ کي ڪن ٻين خيالن ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. صبح جو رواني ٿيڻ وقت، هن ڪوشش ڪئي هئي ته ڪالهوڪيءَ چميءَ کي فقط هڪ اتفاق سمجهي ۽ ان تي وڌيڪ سنجيدو ٿيڻ نه گهرجي. پر پوءِ ستت ئي هن منطق کي پري ڦٽو ڪيو ۽ پاڻ کي خوابن ۽ خيالن جي ڀاڪر ۾ اڇلائي ڇڏيو....هن خيالن ئي خيالن ۾، رئبڪ جي ڊرائينگ روم ۾، سوسني وڳو پهريل ڇوڪريءَ سان ملندڙ جلندڙ مهانڊن واري هڪ ڇوڪريءَ جي ڀاڪر ۾ پاڻ کي محسوس ڪيو، ۽ هن سان ڳالهائيندڙ ڏٺو. پوءِ هن ڏٺو ته هو جنگ تي وڃي رهيو هو ۽ ان ڇوڪريءَ کان موڪلائي رهيو هو. آخر هو جنگ تان به موٽيو هو ۽ ان ڇوڪريءَ سان، جا ان وقت کيس سندس زال جهڙي لڳي رهي هئي، هُن ۽ پنهنجن ٻارن سان ماني کائي رهيو هو.

هو هڪ وڏي ڳوٺاڻي گهر جي ڀرسان لنگهيا. ريابووچ لوڙهي وٽان اندر باغ ۾ نظر وڌي. سامهون هڪ سندر رستو هو، جنهن جي ٻنهي طرفن کان ننڍڙا سهڻا گلن جا ٻوٽا هئا ۽ وچ ۾ سائي ڇٻر..... خيالن ئي خيالن ۾، هن هڪ نازڪ اندام حسينا جي قدمن کي، ان رستي تي رقص ڪندي ڏٺو، ۽ هن جي ذهن ۾ وري هڪ دفعو ان حسينا جي خيالي تصوير اُڀري آئي، جنهن ڪالهه کيس چمي ڏني هئي. اها عورت، جنهن جو رڳو عڪس. هن جي ذهني پردن تي چٽيل هو ۽ جنهن کي هو ڪڏهن به نه ڏسي سگهيو هو.

منجهند ڌاري پويان هن هڪ وڏو آواز ٻڌو: ” آفيسرو! چپ ڪري بيهي رهو! ساڄي طرف نهاريو.“ ٻن گهوڙن واريءَ هڪ گاڏيءَ ۾، برگيڊ جو جنرل ويٺو هو. هن ٻئي دستي وٽ پهچي گاڏي بيهارائي ۽ اهڙو حڪم ڏنو، جنهن کي ڪو به سمجهي نه سگهيو. هن پوءِ ڪيترن ئي آفيسرن کي سوار ٿيڻ جو حڪم ڏنو، جن ۾ ريابووچ به هو.

”وقت ڪيئن پيو گذري؟“ جنرل پنهنجون ڳاڙهيون اکيون ڦوٽاريندي چيو. ”ڪو بيمار ته نه ٿيو آهي؟“

ٿوريءَ دير کان پوءِ، هن هڪ آفيسر ڏانهن منهن ڪندي چيو: ”ٽيون نمبر توب واريءَ گاڏيءَ جي ڊرائيور، پنهنجي ڄنگهه جو حفاظتي چڪ لاهي گاڏيءَ ۾ ٽنگي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳو، ”تنهنجي گهوڙي جا تنگ گهڻا ڊگها آهن، ڇو؟“

ٿورڙن، اهڙن ٻين، ٿڪائيندڙ ۽ ٺلهن راين کان پوءِ، هن لوبتڪوف ڏانهن نهاريو ۽ مرڪي ڏنو.

”اڄ اداس ڇو آهين، لوبتڪوف؟“ هن پڇيو. ”بيگم لوپوخوفا جي فراق ۾ ٿڌا ساهه پيو ڀرين ڇا؟ هون! ڏسو يارو، لوبتڪوف ڪيئن نه لوپوخوفا جو ماتم پيو ڪري!“

بيگم لوپو خوفا هڪ قداور۽ سٻر عورت هئي، جيڪا چاليهن ورهين جي ڄمار هوندي به پرڪشش پئي لڳندي هئي. جنرل جي ڪمزوري قد آور عورتون هيون، تنهن ڪري هن کي شڪ هوندو هو ته ننڍن آفيسرن ۾ به اها ڪمزوري موجود هوندي. آفيسرن هن جي ڳالهه رکڻ لاءِ رڳو مُرڪيا. جنرل پنهنجي ان خوش فهميءَ تي هڪ ٽهڪ ڏنو ۽ ڪوچوان جي پُٺي ٺپري، کيس اڳتي وڌڻ لاءِ چيو.

”حالانڪ مون کي اها هڪ خواب مثل پئي لڳي، جنهن ۾ ممڪنات جو ڪو به دخل ڪونه هوندو آهي، پر حقيقت ۾ اهو هڪ عام ۽ رواجي واقعو آهي.“ ريابووچ گاڏيءَ جي پويان اٿليل دَرَ ۾ گهوريندي چيو: ’بلڪل عام ۽ رواجي، جيڪو هر ڪنهن کي پيش اچي ٿو سگهي.....! جنرل جو مثال کڻي وٺو، هو به ضرور عشق ۾ ڦاٿو هوندو ۽ شاهد آهي ۽ ٻارن جو پيءُ پڻ. ڪئمپٽن بيچر به عشق ۾ شادي ڪئي آهي، حالانڪ هو مون کان به وڌيڪ بيڊولو ۽ بد صورت آهي. سلمانوف ته بلڪل احمق آهي، اصل جهڙو تاتاري، پر تڏهن به عشق پيو ڪمائي. آءٌ به انهن جهڙو ئي آهيان ۽ مون سان به ائين ٿي ٿو سگهي.....!“

انهيءَ خيال هن کي وڌيڪ خوشي ڏني ۽ همٿ ڏياري. هن پنهنجي خيالي گهوڙي جون واڳون ڍريون ڪري ڇڏيون، ۽ پنهنجي ذهني پردن تي پنهنجيءَ ’هُن‘ آئيندي جون خوشگوار تصويرون چٽڻ لڳو.

ڪئمپ تي پهچي، آفيسر وڃي پنهنجن تنبن ۾ ويٺا. ريابووچ، لوبتڪوف ۽ مرسلياڪوو هڪ پيتيءَ تي ويهي رات جي ماني کائڻ لڳا. مرسلياڪوو هوريان هوريان کائي به رهيو هو ۽ گڏو گڏ ”يورپ جو پيغمبر“ ڪتاب به پڙهي رهو هو. لوبتڪوف گهڻو ئي ڳالهايو ۽ هڪ ٻئي مٿان بير جا گلاس به پيئندو پئي ويو. ريابووچ،. جيڪو اڃا تائين ڏينهن وارن سپنن ۾ گم هو، سانت ۾ ويٺو آهستي آهستي پي رهيو هو. ٽن گلاسن ئي هن کي بيسرت ڪري ڇڏيو ۽ هن جي دل ۾ اها خواهش ڀڙڪو ڏيئي اٿي، ته پنهنجن رفيقن کي انهيءَ انوکي اتفاق ۽ جذبات کان آگاهه ڪريان.

”رئبڪ جي گهر ۾ مون سان هڪ مزيدار واقعو ٿيو.“ هن بيپرواهيءَ سان ڳالهه جي شروعات ڪئي. ”توهان کي خبر آهي ته آءٌ بال روم مان ڪري بليئرڊ روم ڏانهن ويو هوس.....؟“ ۽ پوءِ هن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ڳالهه پوري ڪرڻ بعد، هو اچرج ۾ پئجي ويو ته ان ڳالهه ڪرڻ ۾ ايترو ٿورو وقت ڇو لڳو. منٽ کان به گهٽ! هن سوچيو هو ته اهو داستان دُهرائيندي صبح ڪري ڇڏيندس؟ لوبتڪوف، جيڪو مڃيل ڊاڙي هو ۽ ٻئي ڪنهن جي ڳالهه کي ويساهه ۾ ئي نه آڻيندو هو، تنهن ريابووچ ڏانهن اَڻ وسهندڙ مرڪ سان نهاريو. مرسلياڪوو، ڀرون تاڻي، ڪتاب تان نظر هٽائڻ کان سواءِ ئي چيو:

”واقعي، اهو عجب اتفاق اهي! پاڻ کي ائين ٻئي جي ڀاڪر ۾ اڇلائڻ! منهنجي خيال ۾ ڇوڪري پڪ اڌ چري هوندي.“

”درست!“ ريابووچ هن جي راءِ سان متفق ٿيندي چيو.

”مون کي به هڪ دفعي اهڙو واقعو پيش آيو هو.“ لوبتڪوف شروع ٿيو:

”آءٌ گذريل سال ڪوونا وڃي رهيو هوس. سيڪنڊ ڪلاس جو گاڏو ماڻهن سان سَٿيو پيو هو ۽ ڄنگهون ڊگهيري ويهڻ به مشڪل پئي لڳو. ڪنڊيڪٽر کي اڌ روبل بخشش ڏيئي، مون هڪ ٻئي گاڏي ۾ سمهڻ جي جاءِ هٿ ڪئي. اتي سمهي، مٿان ڪمبل تاڻي ڇڏيم....گاڏي ۾ بلڪل اوندهه هئي. اوچتو مون پنهنجي ڀرسان ڪنهن کي وڏا وڏا ساهه کڻندي محسوس ڪيو ۽ پوءِ ڪو هٿ اچي منهنجي ڪلهي کي لڳو. مون پنهنجو هٿ ڪمبل مان ڪڍي ڊگهريو جيڪو ڪنهن ٺونٺ کي وڃي لڳو.... مون ڇرڪي پنهنجيون اکيون کوليون...

توهين پَت ڪريو يا نه، ته منهنجي اڳيان هڪ عورت بيٺي هئي! ڪاريون اکيون، چپ ڳارها جهڙا لعل، نڪ مان تڪڙا تڪڙا ساهه کڻي رهي هئي، ۽ سندس ڇاتيءَ جو اُڀار تي اصلي چئي کڻي بس ڪجي....!“

”ڇاتيءَ جو اُڀار ته اسين به مڃينداسون.“ مرسليا ڪوو وچ ۾ ڳالهائيندي چيو، ”پر  اوندهه ۾ تو چَپ ڪيئن ڏٺا؟“

لوبتڪوف اول ته آڏا اُبتا دليل ڏئي پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪو چاڙهو نه ڏسي، مرسليا ڪوو جي ذهني پستيءَ تي ٽهڪ ڏيڻ لڳو. ريابووچ پاڻ بچائي وڃي سمهي پيو ۽ وري ڪنهن سان به دل جي حال نه اورڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيائين.

ڪئمپ جي زندگي دستور مطابق شروع ٿي چڪي هئي، ڦڪي ۽ هڪ جهڙي، ريابووچ هاڻي پاڻ کي بلڪل هڪ عاشق سمجهڻ لڳو هو. هن کي هر وقت اهو خيال ٿيندو هو ته زندگيءَ جو پُر بهار گهڙيون، جن جو نمونو اونداهي ڪمري ۾ ڏسي چڪو هو، ڄاڻ ته آيون.

هاڻ هو ڪئمپ ۾ ٿيندڙ عشق محبت جي ڳالهين ۾ گهري دلچسپي وٺڻ لڳو. اهڙن موقعن تي هو سمجهندو هو ته اهي سڀ هن جون پچارون ٿي رهيون هيون. هو سڀني تفريحي پروگرامن ۾ به شرڪت ڪندو هو، پر تڏهن به هن جي دل ۽ دماغ ڪنهن ٻئي هنڌ هوندا هئا. واندڪائيءَ جي وقت ۾ جڏهن هن کي عزيزن ۽ مائٽن جا خيال ايندا هئا، ته ان وقت به مسيتيچڪو ڳوٺ، عجيب گهوڙو، رئبڪ، ان جي زال، اونداهو ڪمرو ۽ در واري روشنيءَ جي ليڪ، سندس ذهن ۾ هوندا هئا.

31- آگسٽ تي هو ڪئمپ کان واپس وريو، سڄي برگيڊ سان نه، پر ٻن دستن سان. هو ائين خوش ۽ پُر شوق پئي لڳو، ڄڻ پنهنجي اباڻي ڏيهه ڏانهن وڃي رهيو هو. هن هڪ دفعو وري عجيب گهوڙو، گرجا ۽ اونداهو ڪمرو ڏسڻ جي سُڌ پئي ئي. اندر جو آواز، جو اڪثر عاشقن کي ٺڳندو آهي، هن کي چئي رهيو هو ته پنهنجي ”هُن“ کي ضرور ڏسندين! هو ساري واٽ سوچين دو رهيو: هن جو آڌر ڀاءُ ڪيئن ڪندس؟ هن کي ڇا چوندس؟ هوءَ چميءَ وارو واقعو وساري ته ڪانه ويٺي هوندي؟ فرض کڻي ڪجي، ته آءٌ ”هُن“ سان نٿو ملي سگهان، تڏهن به ان اونداهي ڪمري ۾ ضرور ويندس ۽ پنهجي ياد....

شام ٽاڻي هن کي رئبڪ جا ڀانڊا ۽ گرجا جا صليب نظر آيا. ريابووچ جي دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي. هو پنهنجي ماحول کان بي نياز ٿي چڪو هو، ۽ گهڻن ارمانن سان سامهون چمڪندڙ ندي، گهر جي ڇت ۽ لهندڙ سج جي شفق ۽ ڳاڙهسرا ڏيکارجندڙ ڳيرا ڏسي رهيو هو.

هو گرجا وٽ پهتو ته ڪوارٽ - ماسٽر رپورٽ پڙهڻ شروع ڪئي. پر هو رڳو گهوڙي سوار جي آمد ۽ رئبڪ جو انتظار ڪري رهيو هو. ڪوارٽر- ماسٽر جي رپورٽ پوري ٿي وئي، پر گهوڙي سوار اڃا ڪونه وريو...

’ستت ئي ڳوٺاڻا وڃي رئبڪ کي اسان جي آمد جي خبر پهچائيندا.‘ ريابووچ پنهنجي تنبوءَ ۾ گهڙندي سوچيو.

هن کي آرام ڪونه پئي آيو. هو اٿيو ۽ دريءَ وٽ بيهي ٻاهر نهارڻ لڳو، پر ڪٿي به گهوڙي سوار جو نشان ڪونه پئي ڏٺو. هو دريءَ وٽان هٽي هيٺ ٿي ويٺو. ٿوريءَ دير کان پوءِ، هن کان سَٺو نه ٿيو ۽ هو اٿي ٻاهر نڪري آيو، ۽ گرجا طرف وڌيو. چئوسول ۾ اوندهه هئي ۽  ٽي سولجر ٽڪريءَ جي لاهه وٽ ويٺا هئا. هن کي ڏسي، سپاهين کيس سلام ڪيو ۽ هو ٽڪريءَ تان هيٺ لهڻ لڳو.

سامهون واريءَ ٽڪريءَ وٽان، چنڊ نڪري رهيو هو ۽ اتان آسمان جو رنگ چمڪندڙ واڱڻائي پئي نظر آيو. ٻه عورتون ڳالهائي به رهيون هيون ۽ باغ مان گوبي به پٽي رهيون هيون. سڀ ڪجهه ساڳيو هو، جهڙو مئي مهيني ۾، اهو ئي پيچرو، اهي ئي وڻ، ۽ اهي ئي باغ، رڳو سوسن ۽ رابيل جي خوشبوءِ ۽ بهادر بلبل جو راڳ ڪونه هو.

ريابووچ باغ وٽ پهچي دروازي مان اندر نهاريو. اندر رڳو اوندهه ۽ سانت جو راڄ هو. ريابووچ اکيون ڦاڙي ۽ ڪن سرلا ڪري، ڪا مهل بيٺو رهيو. جڏهن ڪلاڪ کن ائين بيهڻ کان پوءِ به هن ڪجهه نه ڏٺو ۽ ڪجهه نه ٻڌو، ته پوئتي موٽيو.

درياءَ وٽ پهچي، هو بيهي رهيو. سامهون وهنجڻ جو گهاٽ هو، ۽ هڪ پُل، هو پل ڏانهن وڌيو، ۽ بنان ڪنهن سبب ۽ مقصد پَل جي ڪٽهڙي کي هٿ ڏيئي بيهي رهيو. هن هيٺ نهاريو. درياءَ جو وهڪرو تکو هو ۽ گهاٽ جي ڀتين سان لهرن جي ٽڪرجڻ ڪري آواز پئي آيا. کٻي ڪپ تي چوڏهينءَ جي چنڊ جو پاڇو پئجي رهيو هو، ۽ ننڍيون ننڍيون ڇوليون ان کي پٿيري ۽ ڇني رهيون هيون، ڄڻ ته ان کي کڻي وڃڻ جون آرزومند هيون.

”ڪيترو نه بي معنيٰ آهي“ ريابووچ تيز وهڪري ڏانهن گهوريندي چيو.”سڀ ڪجهه بي معنيٰ آهي!“ هاڻي هن جون سڀئي خواهشون مري چڪيون هيون. چميءَ وارو واقعو، سندس بي صبري، اجائي آس ۽ خيالي دنيا، سڀ سندس آڏو حقيقت جي روشنيءَ ۾ چٽيون ٿي بيٺيون آهن. هاڻ هن کي ان ڳالهه تي ڪو به عجب يا افسوس نه هو، ته رئبڪ جو ماڻهو دعوت ڏيڻ ڇو نه آيو! هاڻي هن کي ان جو به خيال ڪونه هو ته پنهنجيءَ ”هُن“ سان ملي سگهندو يا نه. پر جي ملي ها، ها ته کيس وڌيڪ عجب لڳي ها.

پاڻي هن جي هيٺان تکو تکو وهي رهيو هو. پر اهو ڪيڏانهن پئي ويو، سو ڪنهن به نه پئي ڄاتو. مئي مهيني ۾ به اهو پاڻي اتان ئي پئي وهيو. اهو ڪنهن ننڍي جهرڻي مان وهي اچي هن وڏي نديءَ ۾ پيو هو، جتان وري وڃي سمنڊ ۾ ڪريو هوندو. سمنڊ مان اهو وري ٻاڦ ٿي مٿي چڙهي ويو هوندو ۽ پوءِ وري مينهن ٿي وٺو هوندو. شايد اهو ئي پاڻي جيڪو سندس هيٺان وهي رهيو هو، سو ساڳيو ئي هوندو، جيڪو هن مئي مهيني ۾ ڏٺو هو. ”اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿو ٿئي، ڇا لاءِ؟“

ريابووچ کي سڄي دنيا ۽ زندگي جو وڏو، سمجهه کان ٻاهر ۽ بي معنيٰ چرپر ٿي نظر آئي. هن نگاهون پاڻيءَ تان هٽائي مٿي آسمان طرف ڪيون، هن محسوس ڪيو ته ڪيئن نه قسمت هڪ عورت جي روپ ۾ ساڻس مذاق ڪيو هو! پنهنجا سپنا ۽ سير آخري ڀيرو هن جي ذهن تي تري آيا ۽ کيس پنهنجي زندگي بي رنگ، ڏتڙيل، بي معنيٰ ۽ ٺلهي نظر آئي.

گهڻيءَ گهڻيءَ دير کان پوءِ، هو جڏهن ڪوارٽرن ڏانهن موٽيو، ته اتي سندس ساٿين مان ڪو به موجود ڪونه هو. اردليءَ کيس ٻڌايو ته سڀ آفيسر جنرل فنٽرايڪن جي گهر ويا آهن، جنهن هنن ڏانهن سوار جي هٿ دعوت موڪلي هئي. جهٽ لاءِ ريابووچ جي دل خوشيءَ ۾ ڀرجي وئي، پر ستت ئي هو انهن جذبن تي قبضو ڪري ويو ۽ جنرل جي گهر ڏانهن وڃڻ بدران هنڌ تي وڃي سمهي پيو.

اهڙيءَ طرح، هن قسمت کان بدلو ٿي ورتو، جنهن ساڻس ڪڏهن به ڀال نه ڀلايا هئا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com