باب ستٽيهون
”فرڊننڊ“ جيل ۾ ۽ انهيءَ لاءِ ”هنرئيٽا“ جو ارمان
پيءُ ۽ پٽ جي گفتگو هڪ نوڪر ٻڌي ورتي هئي، جو ”مس گرئنڊيسن“ جي نوڪريءَ ۾
هو. اهو هڪڙيءَ ڪلب ۾ ويندڙ هو، جتي ”مارس ۽
ليويسن“ اڱرن وارن واپارين جو هڪڙو ڪلارڪ به ويندڙ
هو. انهيءَ ڏينهن شام جو اهو نوڪر انهيءَ ڪلب ۾
ويو ۽ اتي جي نوڪرن سان ٻين ڳالهين ڪندي اها ڳالهه
به ڪيائين ته ”مس گرئنڊيسن ۽ ڪئپٽن آرمن جي شادي
به نه ٿي“. انهيءَ ڪلارڪ اها ڳالهه ٻڌي ورتي ۽ ٻئي
ڏينهن صبح جو هن پنهنجن ڌڻين سان ڪئي.
ڪن ٿورن ڏينهن کان پوءِ، هڪڙي ڏينهن صبح جو ”فرڊننڊ“ هوٽل ۾ اڃا ستو ئي پيو
هو، ته سندس جاءِ جو در کڙڪيو ۽ اوچتو هڪڙو سرڪاري
ماڻهو اندر لنگهي آيو ۽ پڇڻ لڳو ته ”ڪئپٽن آرمن
تون آهين؟“ هن چيو ته ”هائو، پر تون ڪير آهين؟“
بيلف چيو ته ”تون منهنجو قيدي آهين! مارس ۽ ليويسن
توتي دانهين آهن.“ هن چيو ته ”آءٌ پنهنجي وڪيل کي
گهرايان ۽ ضامن ڏيان؟“ بيلف چيو ته ”هيءَ ڊڪريءَ
جي تعميل آهي، تنهنڪري ائين ڪري ڪين سگهبو“. هن
پڇيو ته ”ڪيتريءَ رقم جي دعويٰ آهي؟“ بيلف چيو ته
”ٻن هزارن اَٺن سـَـون پائونڊن جي“.
”فرڊ ننڊ“ اٿي ڪپڙا ڪيا. مسٽر ”گلئسٽن بيري“ اڳ ئي ٻاهر هليو ويو هو. هن
پنهنجي نوڪر کي چيو ته ”منهنجن مائٽن کي چئجئين ته
آءٌ ڪن ٿورن ڏينهن لاءِ شهر کان ٻاهر ٿو وڃان ۽
تون منهنجي ڪنهن به واقف کي هن ڳالهه جي خبر نه
ڪجئين“.
تنهن کان پوءِ بيلف ۽ سندس ٻئي سنگتيءَ جيڪا گاڏي آندي هئي، تنهن تي هو هن
کي چاڙهي سـِـول جيل ڏانهن وٺي ويا ۽ اتي هڪڙيءَ
خلاصيءَ ڪوٺيءَ ۾ هن کي وڃي ويهاريائون. ضروري
سامان هن کي موجود ڪري ڏنو ويو. ڪلاڪ کن تائين
”فرڊننڊ“ ڏاڍي فڪر ۾ بيهي پسار ڪيو. سـُـجهيس ٿي
ته سندس وڪيل ايترا پئسا ڏيئي ڪين سگهندو. ”ڪائونٽ
مرابل“ يا ”لارڊ ڪئچم هوڪئن“ سان صلاح ڪرڻ جي گهڻي
خواهش هيس. مسٽر ”بانڊ شارپ“ کان آسانيءَ ۽ ٺڳيءَ
سان پيسن وٺي ڪم لائڻ ڪري پاڻ کي عتاب ڏنائين - ته
”پنهنجي خاندان جي عزت آبرو وڃايم ۽ پاڻ کي به
خوار خراب بلڪ ناس ڪيم“. ”هنرئيٽا“ جا، پنهنجي
پيءُ، - ماءُ جا ۽ ٻين يارن دوستن جا خيال ڪرڻ
لڳو. بک لڳي هيس، سپاهيءَ کي سڏي چيائين ته ”مون
کي بک لڳي آهي، اڃا ناشتو نه ڪيو اٿم، سو آڻي ڏي“.
هن ماني آڻي ڏنيس ۽ ڪي پراڻيون اخبارون به پڙهڻ
لاءِ آڻي ڏنائينس، ٻي به جيڪا مروت پڄي سگهيس، سا
ڪيائين. انهيءَ حال ۾ ڏينهن گذري ويو ۽ رات آئي.
خيال پچائي، ننڊ کڻي ويس.
* * *
هيڏي ”فرڊ ننڊ“ جو هي حال هو، هوڏي ”هنرئيٽا“ روز بروز ويئي ڍُرڪندي. ”لارڊ
مانٽفرڊ“ توڙي ”مس گرئنڊيسن“ سهي ڪري ٿي سگهيا ته
انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي ۽ پاڻ ۾ به انهيءَ بابت
گفتگو ڪرڻ لڳا ته ڪهڙو سبب هوندو. هن جي بندوبست
ڪرڻ لاءِ هڪٻئي کي چيائون. ”مس گرئنڊيسن“ چيو ته
”جڏهن فرڊننڊ پنهنجي پيءُ کي صاف چيو آهي ته اسان
جي شادي ناممڪن آهي، تڏهن زور ڪري هن سان شادي ڪرڻ
بيوقوفي آهي. ارمان جي ڳالهه آهي ته چوڌاري
اٻاڻڪائي ڏسڻ ۾ پيئي اچي. سڀئي هڪڙيءَ نه ٻيءَ
ڳڻتيءَ ۾ آهن. تون به ٿورن ڏينهن کان فيلسوف بنيو
وتين!“ هن چيو ته ”تون سڀني کي خوش رکي ٿي سگهين -
مون کي به!” هن پڇيو ته ”سو ڪيئن؟“... ته ايتري ۾
”هنرئيٽا“ به اچي نڪتي ۽ ٻيون ڳالهيون اچي پييون.
”هنرئيٽا“ چيو ته ”ڪيٽ، ليڊي بيليئر وٽ هلندينءَ؟
ڊچيس مون کي اڄ اتي اچڻ لاءِ چيو آهي ..“ ”مس
گرئنڊيسن“ هلڻ قبول ڪيو.
اتي نوڪر هڪڙو خط آڻي ”مس گرئنڊيسن“ کي ڏنو، جنهن ڏسي چيو ته ”گلئسٽن
بيريءَ“ وٽان آهي.
هنرئيٽا، هو مون ڏي لکي ٿو ته مهرباني ڪري هڪدم هيڏي اچ - الائجي ڪهڙو ضروري
ڪم آهي. تون ڀلي ليڊي بيليئر ڏي وڃ، اتان موٽندي
مون کي ملج، پوءِ گڏجي گهمڻ هلنديونسين“.
ان موجب، ”مس ٽيمپل“ ۽ ”لارڊ مانٽفرڊ“، گڏجي ”ليڊي بيليئر“ جي گهر ويا.
انهيءَ ٻڍيءَ ليڊيءَ جڏهن هنن کي ڏٺو، تڏهن پري
کان ئي چيائين ته ”مون کي ويجها نه اچو! آءٌ ڏاڍي
نااميديءَ ۽ حيرانيءَ ۾ آهيان. آءٌ ڀانيان ته
پنهنجو چينيءَ جو سامان وڪڻي ڇڏيان.. ڪو وٺڻ وارو
سجهيوَ؟ مون کي نقد پيسن جي گهرج آهي - تمام گهڻي
گهرج آهي! آءٌ اوهان جهڙي دولتمند هجان، ته ڪهڙو
نه چڱو! ناحق ويچاري کي پڪڙيو اٿن! مون کي ته روئڻ
ٿو اچي... ويچاري کي وڃي جيل ۾ هنيو اٿن! ڪٿي آهي
گريگري؟ ڪٿي آهي منهنجو نوڪر؟ خيال ۾ نٿو اچيم ته
ڇا ڪريان! ڪهڙو نه مزي جهڙو ماڻهو آهي! مزي جهڙا ۽
چڱا ماڻهو گهڻو ڪري مفلس ٿيندا آهن...“
هنن پڇيو ته ”پياري ليڊي بيليئر، ٻيو ته خير آهي؟“ هن چيو ته ”خير ڪٿي آهي؟“
مون کان نه پڇو... جي آءٌ پيسي واري هجان، ته هنن
بدمعاشن کي خوب سزا ڏيان!“ ”لارڊ مانٽفرڊ“ وري
پڇيو ته ”ڪير تڪليف ۾ آهي؟ ڪير گرفتار ٿيو آهي؟“
ليڊيءَ چيو ته ”منهنجو سڀ کان پيارو دوست ڦاٿو
آهي! اوهين اهڙا سختدل ڪيئن ٿي ٿا سگهو؟ آءٌ اڄ
صبح جو کيس ڏسڻ لاءِ وئيس، ته سندس نوڪر پئي رنو -
او اجهو هيٺ گريگريءَ جي ڪوٺيءَ ۾ ويٺو آهي - اڃا
ويٺو روئي. آءٌ به گهڻو ئي روئان، پر روئڻ مان ڇا
حاصل ٿيندو؟“
”لارڊ مانٽفرڊ“ وري پڇيو ته ”ڪنهن جو نوڪر آهي؟“ ”ليڊي بيليئر“ چيو ته اوهين
ڪين سڃاڻو؟ منهنجو سڀ کان پيارو دوست! بيلف هوٽل ۾
وڃي ڪالهه پڪڙيس، ۽ نئي جيل ۾ وڌائينس... هاءِ
هاءِ، آءٌ چري ٿي پونديس...! آءٌ پنهنجو سڀ قيمتي
چينيءَ جو سامان وڪڻي به هن جو قرض ادا ڪنديس! مون
کي نالو ياد نٿو پوي - ڇو نٿا اوهين ياد ڏياريو؟
ڪهڙا خفي ڏيارڻ جهڙا ماڻهو آهيو! ... مس گرئنڊيسن
جو مڱيندو!“ ”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته ”ڪئپٽن آرمن؟“
هن چيو ته اهو نه ته ٻيو ڪير؟ ويچاري کي وڃي جيل ۾
هنيو اٿن!“
هي ٻڌي، ”مس ٽيمپل“ اٿي جاءِ ڇڏي ويئي. ”ليڊي بيليئر“ وري اڳوڻي دس جي باقي
بقايا پوري ڪرڻ لڳي: ”ويچارو مسڪين! وڃڻ ڪاڻ ويو،
ڪو بـِـلو ڪونه ٿيس! هيءَ ويچاري به اٿي ويئي -
ڏاڍو صدمو رسيو اٿس - هن جي چڱيءَ طرح واقف آهي.
ڪنهن کي ارمان نه ٿيندو؟ آءٌ چندو ٿي کوليان، ضرور
گهڻي رقم گڏ ڪنديس... در ٿو کڙڪي، ڪو ماڻهو اچي
ٿو. منهنجو ڏهٽو آهي ته شڪ ناهي. اهو پيسي وارو
آهي ۽ آهي به دل جو ڪشادو – “
”لارڊ مانٽفرڊ“ اٿي کڙو ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”ليڊي بيليئر، ڀلائي ڪري في الحال
اها ڳالهه ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ سان نه ڪريو. آءٌ
هنرئيٽا کي وڃي ٿو ڏسان. هن جي آرمن جي ڪٽنب سان
گهڻ - ڀلائي آهي، انهيءَ کي ڏاڍو ارمان ٿيو آهي.
منهنجو عرض مڃي، ڪنهن کي به اها ڳالهه نه ٻڌائجو -
انهيءَ مان گهڻي خرابي پيدا ٿيندي“.
اتي نوڪر اچي ٻڌايو ته ”ليڊي بيرگنٽن“ آئي آهي. ”لارڊ مانٽفرڊ“ پاسي واري
جاءِ ۾ نڪري ويو. ڏسي ته ”هنرئيٽا“ ڪوچ تي منهن
ڍڪيو پيئي آهي ۽ سڏڪا ڀريو پيئي روئي. سڏيائينس،
پر هن جواب ڪونه ڏنو. وري چوڻ لڳس ته ”پياري
هنرئيٽا، جيئن تون چوين تيئن ڪريان“. هن چيو ته
”بچائينس،... بچائينس! هاءِ هاءِ، مون هن کي اهڙي
حال ۾ آندو!... فرڊ ننڊ، پيارا فرڊ ننڊ، ...آءٌ
مري وينديس...!“
”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته ”خدا جي واسطي صبر ڪر، دل نه لوڙهه. تنهنجي خاطر ۽ هن
جي لاءِ، آءٌ جيڪي پڄي سگهندس سو ڪندس. ماٺ ڪر،
متان هوءَ بڪبڪي ٻڍي زال ٻڌي وٺي ۽ ڍنڍورو ڏئي.
خاطري ڪر، آءٌ چڱو بندوبست ڪندس“. ”هنرئيٽا“
روئندي چيو ته ”نه نه، تون ڪري ڪين سگهندي... توکي
ڪرڻ به نه گهرجي. مهربان، رحمدل ڊگبي، توکي آفرين
آهي. جيڪي مون هينئر چيو، سو وساري ڇڏ، انهيءَ
لاءِ مون کي معاف ڪر. پر، آءٌ سچ ٿي چوان، هيءَ
مصيبت جي حياتي گذاري نه سگهنديس! هن چيو ته
”هنرئيٽا، تون دلجاءِ ڪر. تون توڙي ٻيا، سڀ خوش
رهندا. آءٌ به آرمن جو دوست ۽ خير خواهه آهيان.
انهيءَ جي ثابتي ڏيئي ڏيکارينديس“. هن وري به چيو
ته ”نه نه، توکي ڪو به حق ڪونهي. ٻيا ڪن ته ڪن، پر
توکي ته پاڻ نه ڪرڻ گهرجي. هو عالي دماغ ۽ فخر
وارو آهي. جيڪي اسين ڪنداسين، سو هن جي لاءِ موت
نظر ايندو. هو اسان جي ٿوري کڻڻ کان مرڻ زيادهه
پسند ڪندو - مون کي سنديس چڱي خبر آهي“. ”لارڊ
مانٽفرڊ“ چيو ته ”تون انهيءَ کان به وڏا احسان هن
تي رکي سگهندينءَ: هائو، هنرئيٽا، جي هو توسان
سچو ۽ وفادار آهي، ته تون به ساڻس بيوفا نه
ٿيندينءَ!“ هن چيو ته ”او ڊگبي، ڊگبي، ائين نه چؤ.
بس، آءٌ هاڻ هوش ۾ آهيان... تون نهايت وڏيءَ دل
وارو ۽ شريف ماڻهو آهين... آءٌ توکي دغا نه
ڏينديس! جيڪي تو هينئر ڏٺو ۽ ٻڌو، تنهن جي مون کي
معافي ڏي“. ”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته ”پياري، اها
ڳالهه وساري ڇڏ. هل ته هلي باغ ۾ گهمون - اتي توکي
ٻڌائيندس ته گهڻن ڏينهن کان ڪهڙا پهه پئي پچايا
اٿم“. ائين چئي، هو ”هنرئيٽا“ کي ڪوچ تان اٿاري،
سندس ٻانهن کان وٺي هليو ويو. اها نظر ڪيائين ته
متان ”ليڊي بيليئر“ ڏسي سندن پٺيان اچي.
------
باب اٺٽيهون
”فرڊننڊ“ سان ”ڪائونٽ مرابل“ جي ملاقات
جڏهن ”فرڊننڊ“ صبح جو اٿيو، تڏهن ننڊ جي ڪري دماغ تازو ٿيس ۽ ڪالهوڪيون
ڳالهيون وسري ويس، ٿورو ٿورو ڪري ياد پوڻ لڳيس ۽
خاطري ٿيس ته آءٌ قيدي آهيان. سگهو ئي سپاهيءَ
ماني آڻي ڏنيس، پر هن چيو ته مون کي هينئر اشتها
ئي ڪانهي، تنهنڪري نه کاڌائين. سپاهيءَ ائين به
چيس ته هڪڙو سکر ماڻهو تنهنجيءَ ملاقات لاءِ آيو
آهي. سگهو ئي مسٽر ”گلئسٽن بيري“ اچي اڳيان بيٺس.
انهيءَ کي ڏسي، ”فرڊننڊ“ ڏاڍو خوش ٿيو، ليڪن هن
گهڻو ارمان ۽ ڏک ظاهر ڪيو ۽ دلاسو ڏنائينس. هن
ٻڌايس ته سندس پيءُ کي اڃا خبر ڪانهي، تنهنڪري هو
زيادهه خوش ٿيو. ”گلئسٽن بيريءَ“، جي پڇڻ تي سڄو
حال ٻڌايائينس. ته ”قريب ٽن هزارن پائونڊن جي لاءِ
جيل ۾ پيو آهيان. ڊڪريءَ جي تعميل آهي، تنهنڪري
ضامن نه وٺندا. منهنجي شاديءَ ۾ دير ٿي، تنهنڪري
قرض ڇڪيندڙ بي صبر ٿيا“.
تنهن کان پوءِ ”گلئسٽن بيريءَ کي گهڻو ويهڻ نه ڏنائين، چيائينس ته ”مهنجي
نوڪر جي هٿان ڪي ڪپڙا ۽ ڪتاب ڏياري موڪل ۽ منهنجي
وڪيل کي به حال ڏجئين ته ٿي سگهيس ته مون کي اچي
ڏسي، پر هيءَ ڳالهه نه ڪجئين. جي مس ٽيمپل کي خبر
پيئي، ته مون کي گهڻو درد ٿيندو - شادي ڪري، تنهن
کان پوءِ جي خبر پيس ته حرڪت ڪانهي“.
اهو سارو ڏينهن به هن اتي گذاريو، پر هن کي اهو ورهيه جي مثال نظر آيو.
هزارين خيال ۽ فڪر ۽ ڳڻتيون دل تي پئي ڊوڙيس، نيٺ
سج لٿو ۽ هو نااميد ٿيڻ لڳو ته ڪو به کيس ڏسڻ ڪونه
آيو. ائين ڪندي، سپاهيءَ اچي ٻڌايس ته تنهنجو ڪو
دوست آيو آهي. پوءِ ”ڪائونٽ مرابل“ تڪڙو تڪڙو
لنگهي آيو. چوڻ لڳو ”واهه واهه، پيارا آرمن،
تنهنجي دوستي واهه جي آهي! ڪيئن آهي“ ”ڪنهن توکي
هتي آندو آهي؟ تو ڇو نه مون کي بروقت اطلاع ڏنو؟
ٻڌاءِ ته ڪيتري رقم آهي؟“ هن چيو ته ”ٻن ۽ ٽن
هزارن پائونڊن جي وچ ۾. ”مارس ۽ ليويسن“ هي ڪم
ڪرايو آهي“. ڪائونٽ چيو ته ”مار، وڏي رقم آهي! مون
وٽ فقط پنج سؤ هئا، جي پاڻ سان کڻي آيس.. اسين وڃي
باقي پيسا گڏ ڪري ٿا اچون“. هن چيو ته ”پيارا
مرابل، تون مهربان ۽ ڪشادهه دل ماڻهو آهين. مون کي
افسوس ٿو ٿئي جو منهنجي ڪري توکي تڪليف ٿي اچي.
وڌيڪ ارمان انهيءَ جو اٿم ته ”بانڊ شارپ“ کان
انهيءَ ڏينهن پندرهن سؤ پائونڊ ناحق ورتم، جي
”ڪئچ“ جي معرفت هن مون کي مفت ڏيئي ڇڏيا، نه ته
جيڪر هيڏيءَ مهل ڪم اچن ها!“ ”ڪائونٽ“ چيو ته
”برابر، ارمان جي ڳالهه آهي، اُهو جيڪر هي پئسا
خوشيءَ سان ڏئي ها، پر هاڻ ڪنهن ٻئي سان بندوبست
ڪنداسين. ”فٽز وارن“ اسان کي مدد ڪندو. منهنجا هن
تي گهڻا ٿورا آهن. ڄاڻ ته اهي پيسا ٿو آڻيان، تون
گهڻي ڳڻتي نه ڪر. قرض جي ڪري جيل ۾ پوڻ ڪا بي آبرو
ئي ڪانهي، پارليامينٽ جا ڪيترا ميمبر پهرين اهي
قيد ڀوڳي نڪتا آهن. تون کل، خوش ٿي، چڱيءَ طرح
کاءُ، پيءُ - دنيا جا اهي ڪم آهن“.
مطلب ته جيڪو وقت ”ڪائونٽ“ اتي هو، اوترو وقت ”فرڊ ننڊ“ کي پنهنجو غم وسري
ويو ۽ ائين پئي ڀانيائين ته جيل کان ٻاهر آهيان ۽
پنهنجي سنگتيءَ سان هوائون کائيندو وتان. ڳالهين
ڪندي ”فرڊننڊ“ پڇيس ته ”ٻڌاءِ ته سهي، هنرئيٽا کي
ڪي ڏسندو آهين؟“ هن چيو ته ”آءٌ ڏهاڙي پيو ڏسانس“.
”فرڊ ننڊ“ چيو ته ”ڪڏهن ٿي پرڻجي؟“ هن چيو ته
”جڏهن تنهنجي مرضي ٿيندي“. ”فرڊننڊ“ چيو ته
”مرابل، چرچا نه ڪر، جيڪا سچي ڳالهه هجي سا
ٻڌاءِ“. هن چيو ته ”آءٌ سچي ٿو چوان، مون کي يقين
آهي ته توکان سواءِ هوءَ ڪنهن به ٻئي سان شادي نه
ڪندي. مانٽفرڊ کي ته ڪا به اميد ڪانهي، نڪا منهنجي
مرضي آهي ته انهيءَ سان هوءَ شادي ڪري“. ”فرڊننڊ“
پڇيو ته ”سو ڪيئن ٿو چوين؟“ هن چيو ته مون کي
آزمودو آهي: جوان، خوبصورت، دولتمند زال جي دل
هڪڙي سان هوندي، ته اُها ٻئي سان ڪڏهن به شادي نه
ڪندي. جڏهن پهرين به تو سان انجام ۾ ٻڌل آهي، تڏهن
يقين ڄاڻ ته هوءَ تو سان شادي ڪندي... آءٌ هينئر
ئي تو کي مبارڪ ڏيو ٿو ڇڏيان! هاڻ وڃيو ٿو تنهنجي
لاءِ ”ڪراڪي“ کي کاٽ هڻان ۽ تنهنجي لاءِ پيسا هٿ
ڪريو ٿو اچان“. نيٺ ”ڪائونٽ“ هن کان موڪلائي هليو
ويو ۽ دلاسو ڏيئي ويس ته اجهو ٿو تون اتان نڪرين.
------
باب اڻيتاليهون
”فرڊننڊ“ جي آزادي
”ڪائونٽ مرابل“ جي وڃڻ کان پوءِ ”فرڊننڊ“ جي حالت بهتر ٿي - بک به لڳيس،
ماني به کاڌائين ۽ دل ۾ به خوشي پيدا ٿيڻ لڳيس،
رات جو ستو به چڱيءَ طرح، خواب به مزي مزي جا
ڏٺائين... ڏسي ٿو ته پاڻي ”آرمن“ جي محلات ۾ آهي،
”هنرئيٽا“ ٻاهران دريءَ وٽ اچي بيٺي آهي،
مـُـرڪندڙ منهن سان پنهنجو رومال پيئي لوڏي ۽ هن
کي پيئي سڏي، پاڻ ٻاهر نڪري وڃي گڏيو اٿس ۽ باغ
مان گل پٽي هن کي ڏنا اٿس، هن کي سواريءَ جي پوشاڪ
پيئي آهي، چوي ٿي ته آءٌ تازي اٽليءَ مان آئي
آهيان، سگهو ئي پوءِ چتائي ٿو ڏسيس ته ”هنرئيٽا“
نظر مان نڪري ٿي وڃي ۽ انهيءَ جي جاءِ تي ”ڊچيس“
بيٺي آهي ۽ بيٺي حال احوال پڇي، ستت ئي وري اتي
”گلئسٽن بيري“ ٿو ڏسي، جو پري کان ڏيکاريس ٿو ته
”ڪئٿرائن“ ۽ ”لارڊمانٽفرڊ“ گڏ پيا گهمن، ”فرڊننڊ“
”هنرئيٽا“ کي ٿو سڏي، پر هوءَ ڪانه ٿي ڏسجي، هو
محلات ۾ گهڙي وڃي ٿو، ته ”ڪائونٽ مرابل“ کي ڏسي
ٿو، جو اڪيلو ماني ويٺو کائي، انهيءَ سان گڏجي پاڻ
به ويهي ماني ٿو کائي، هو دلجاءِ ٿو ڏئيس ته
”هنرئيٽا“ اجها ٿي اچي!
جڏهن اک پٽيس، تڏهن اهڙي مٺي خواب مان جاڳڻ جو گهڻو افسوس ٿيس. اعتبار ۾
نه پئي آيس ته اهو خواب ڏٺو اٿم. نيٺ سج جي
روشنائيءَ پوڻ تي معلوم ٿيس ته برابر جيل ۾ آهيان،
”آرمن“ ۾ ناهيان. اڃا انهيءَ جي حيرانيءَ ۾ هو، ته
سپاهيءَ اچي ٻڌايس ته ڪو ٻيو سکر ماڻهو ملڻ لاءِ
آيو آهي. هن اڃا دل ۾ پئي خيال ڪيو ته هي ”ڪائونٽ“
آهي يا ”لارڊ ڪئچم هوڪئن“ آهي، ته اوچتو ”لارڊ
مانٽفرڊ“ گهڙي آيو ۽ چوڻ لڳو ته ”پيارا دوست، معاف
ڪجئين، مون تو کي ههڙو سوير اچي تڪليف ڏني، پر
ڪالهه مون کي تمام دير سان خبر پيئي ۽ تو سان ڪي
ضروري ڳالهيون ڪرڻيون هيم، تنهنڪري ساجهر آيو
آهيان“. هن چيو ته ”اوهان جي گهڻي مهرباني، اوهان
ناحق ايتري تڪليف ورتي“. ”لارڊ“ چيو ته ”ههڙي وقت
تڪليف ڪهڙي آهي، مون کي پاڻ اهو ارمان آهي ته
ڪالهه ڇو نه اچي سگهيس. پيارا دوست، پيسي جي بابت
ذڪر ڪرڻ ڏکيو لڳندو، مگر مون کي اُميد آهي ته
پنهنجي دوستيءَ جي نظر تي تون مون کان حجاب نه
ڪندين ۽ جيڪي ڏيڻ گهران ٿو سو قبول ڪندين“. هن چيو
ته ”سائين، آءٌ اوهان جو گهڻو شڪر گذار آهيان.
اوهان جهڙو شريف ۽ وڏيءَ دل وارو ماڻهو ٻيو ڪو
ٿورو هوندو. اوهان جي دوستيءَ ۽ خير خواهيءَ ۾ مون
کي ڪو به شڪ ڪونهي. انهيءَ هوندي به، اوهين مون
کي معاف ڪندؤ، جو اها آڇ آءٌ قبول ڪري نٿو سگهان“.
”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته ”منهنجا پيارا آرمن، حد کان وڌيڪ دنيا جو ماڻهو به
ٿيڻ نه گهرجي، مهل به ڏسڻ گهرجي، ائين ڪرڻ کان
جيڪي نقصان ٿيندا ۽ جيترن ماڻهن کي تڪليف پهچندي،
انهيءَ جو به خيال ڪرڻ گهرجي. جيسين آرمن جي جاگير
اوهان جي هٿ ۾ آهي، تيسين دنيا جي ماڻهن وٽ اوهان
جو درجو ۽ مرتبو قائم آهي: انهيءَ جي هٿان وڃڻ ڪري
نه رڳو اوهان جي خاندان کي، پر انهيءَ جي دوستن ۽
خير خواهن کي ڪيترو نه درد ٿيندو! پهرين تنهنجن
مائٽن کي هيءَ خبر ٻڌي ڪهڙو نه عذاب ايندو! اڃا
هنن کي ڪا به خبر ڪانهي. مون جهڙن دوست جي احسان
کڻڻ ۾ ڪهڙي حرڪت آهي؟ ٻيون هيتريون خرابيون ته دفع
ٿينديون!“
اهو سڀ ”فرڊننڊ“ اکين تي هٿ ڏيئي ويٺي ٻڌو. نيٺ چوڻ لڳو ته ”اوهين جيڪي چئو
ٿا سو سڀ سچ آهي، پر تڏهن به مون کي حق ڪونهي ته
ٽن هزارن پائونڊن جيتري رقم آءٌ اوهان جهڙي دوست
کان مفت وٺان يا اڌاري وٺان، جڏهن انهيءَ جي
موٽائي ڏيڻ جو مون کي جلد امڪان ڪونه ٿو سجهي“. هن
چيو ته ”تو کي ڪهڙي خبر آهي ته تون ڪنهن دولتمند
زال سان شادي نه ڪندين؟... مون کي پڪ آهي ته تون
ڪندين!“ ”فرڊننڊ“ چيو ته اوهين شايد مون کي
پنهنجيءَ ماروٽ جو اشارو ٿا ڏيو، پر اوهان کي خبر
هوندي ته اسين شادي ڪرڻ وارا ناهيون“. هن چيو ته
”اها مون کي خبر آهي. تنهنجيءَ ماسات جو مون کي
خيال ڪونه هو - اها... آءٌ ڀانيان ٿو ته ٻئي ڪنهن
سان شادي ڪندي“. ”فرڊننڊ“ چيو ته ”ائين“ تڏهن آءٌ
ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. شل هوءَ خوش رهي! آءٌ ڪيٽ کي
سچيءَ دل سان ڀانيان ٿو... پر اهو ڪهڙو نصيب وارو
شخص آهي، جنهن سان هوءَ پرڻجڻي آهي؟“ هن چيو ته
”اهو ڳجهه في الحال آءٌ ظاهر ڪري نٿو سگهان. وري
مطلب جي ڳالهه تي ٿا اچون... پيارا آرمن، هاڻ يا
تون منهنجي ڳالهه مڃ، يا مون کي تو سان گڏ قيدي ٿي
رهڻو ٿيندو، ڇا لاءِ جو هڪڙي شريف ۽ نيڪ زال سان
آءٌ انجام ڪري آيو آهيان ته تو کان سواءِ آءٌ هن
کي وري منهن ڪين ڏيکاريندس!“
اتي ”فرڊننڊ“ جو چهرو ڦري ويو. هن کي اهو شڪ آيو ته ”هنرئيٽا“ سان هو اهو
انجام ڪري آيو آهي. ”هنرئيٽا“ هن کي ڇڏائي ۽ سو به
”لارڊ مانٽفرڊ“ جي هٿان، سا ڳالهه هن کي تمام ڳري
لڳي - تنهن کان قيد ۾ رهڻ هن کي زيادهه پسند آيو.
چوڻ لڳو ته ”پيارا لارڊ، مون کي معاف ڪريو، هينئر
اهو ذڪر کڻي ڇڏيو، آءٌ اهي سبب ظاهر ڪرڻ مناسب نٿو
ڄاڻان، جن ڪري آءٌ اوهان جي آڇ قبول ڪري نٿو
سگهان“. تنهن تي ”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته “چڱو، تڏهن
آءٌ ٻيو ڪو ماڻهو منٿ ڪرڻ لاءِ پيش ڪندس - من اهو
فتحياب ٿئي!“ ائين چئي، هن ”هنرئيٽا“ جي هٿ جو
لکيل خط کڻي هن کي ڏنو. اهو ڏسي، هو حيرت ۾ پئجي
ويو. خط ئي سندس هٿ مان ڪري پيو، جو لارڊ کڻي وري
هن کي ڏنو ۽ پاڻ وڃي جاءِ جي ٻيءَ ڪنڊ ۾ بيهي
رهيو. ”فرڊ ننڊ“ مشڪلات سان اهو لفافو ڦاڙي، خط
ڪڍي پڙهيو. انهيءَ ۾ هيئن لکيل هو: ”پيارا فرڊننڊ،
جيڪي ڊگبي چوي ٿو سو مڃجئين! هو اسان جو نهايت خير
خواهه دوست آهي. ڊگبي ڪئٿرائن سان شادي ڪرڻ وارو
آهي - هاڻ ته خوش ٿيندين؟... هنرئيٽا“.
هي خط پڙهي، ”فرڊننڊ“ هڪدم بيهوش ٿي ڪري پيو. ”لارڊ مانٽفرڊ“ ڊوڙي آيو ۽
گهنٽي وڄايائين. سپاهي آيو. ٿڌو پاڻي وڌائونس.
برانڊيءَ ذرو پياريائونس. جڏهن هوش ۾ آيو ۽ سپاهي
نڪري ويو، تڏهن ”فرڊننڊ“ چيو ته ”منهنجا پيارا
دوست، اڄ مون جهڙو خوش ۽ خوش نصيب ٻيو دنيا ۾
ڪونهي ۽ مون کي يقين آهي ته تون به اهڙو ئي آهين،
ڇالاءِ جو ڪئٿرائن ملائڪ جهڙو انسان آهي. مون کي
هينئر ايتري خوشي ٿي آهي، جو آءٌ ڳالهائي نٿو
سگهان!“ هن چيو ته ”برابر آهي، پر هاڻ اسان کي
هتان نڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ کپي“.
اتي سپاهي وري آيو ۽ هڪڙو خط ۽ هڪڙي بدڙي کڻي آيو ۽ چيائين ته ”ڪائونٽ مرابل
جو نوڪر کڻي آيو آهي“. ”فرڊننڊ“ خط کولي پڙهيو.
هيئن لکيل هو: ”پيارا دوست، مون ”ڪراڪيءَ“ سان ٽي
رانديون ڪيون ۽ پندرهن هزار پائونڊ کٽيم. ”آءٌ
توکي ٽي هزار ذري کانپوءِ موڪلي ڏيندس ۽ باقي ٻيا
پيسا تنهنجي شاديءَ تائين اڌارا ڏيئي سگهندس، جا
اميد آهي ته جلد ٿيندي. هينئر وڃي ٿو سمهان، جو
سڄي رات جاڳيو آهيان - تنهنجو دوست، مرابل“.
پوءِ ”فرڊننڊ“ ”لارڊ مانٽفرڊ“ کي ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ چيائينس ته ”مرابل ڪالهه
مون وٽ آيو هو ۽ چئي ويو هو ته ڪراڪيءَ سان وڃيو
ٿو راند ڪريان، اميد آهي ته کٽندس ۽ توکي پيسا
موڪليندس - سو هن پنهنجو انجام پاريو“. پوءِ بدڙي
کوليائين، ته انهن مان ڏهه نوٽ ٽن ٽن سون جا نڪتا.
هنن ٻنهي کي حيراني ٿي، ته هي ڪنهن موڪليا آهن.
”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته ”آءُ ڀانيان ٿو ته ڪئٿرائن
موڪليا آهن، ڇالاءِ جو ڪالهه مون ڏٺو هو ته گلئسٽن
بيريءَ سان سس ڦس پئي ڪئي. بهتر آهي ته هي قبول
ڪري ڪم آڻجي - وقت بچي پوندو، رات وڌيڪ ڇو جيل ۾
رهجي“. ائين چئي، سپاهيءَ کي سڏي چيائين ته ”ڪنهن
عملدار کي وٺي آءُ ته پيسا ڏيونس“. هو ويو، ۽ وڃي
هڪڙي عملدار کي وٺي آيو. قرض يا ڊڪريءَ وارا پيسا
هن کي ڏنا ويا ۽ ”فرڊ ننڊ“ آزاد ٿيو.
ٻئي گاڏيءَ ۾ چڙهي اٿي هليا ۽ رستي ۾ ڳالهيون ڪندا ويا. ”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو
ته ”ڏس خدا جا رنگ: تنهنجو جيلَ ۾ پوڻ، هڪڙو سڀاڳو
سبب بنجي آيو! اڳي مس گرئنڊيسن جو مون کي فقط دل م
خيال رهندو آيو، پر هيءُ واقعو ٻـُـڌي مون کي
لاچار ٿيو. ڪالهه وڃي کيس به عرض ڪيم ۽ ساڻس صفائي
ڪيم - انهيءَ ڪري ته تو وٽ ڪالهه اچي نه سگهيس! ڏس
ته لکيو ڪيئن هو: جنهن سان تو شادي ڪرڻ نه گهري،
تنهن سان منهنجي شادي لکيل هئي! پر، انهيءَ ڪري،
هنرئيٽا سان ڪا منهنجي محبت گهٽ ناهي - منهنجي به
هن سان اهڙي محبت آهي، جهڙي تنهنجي ڪئٿرائن سان
آهي. اهو سچ آهي ته جنهن زال جي دل ڪنهن ٻئيءَ
ماڻهوءَ سان هجي، تنهن سان زور ڪري شادي ڪرڻ
بيوقوفي آهي. اسان سڀني کي ڳالهه جي خاطري ٿي،
تنهنڪري گهڻن ڏينهن کان وٺي صلاحون پئي ڪيونسين-
نيٺ اهي پوريون ٿيون ۽ هاڻ اسين سڀ پاڻ ۾ گڏجي
پياسين ۽ هڪٻئي جا مائٽ ٿياسين“.
”فرڊننڊ“ چيو ته ”پيارا مانٽفرڊ، سو ته ٺهيو، پر مسٽر ٽيمپل ڇا چوندو؟“ هن
چيو ته ”انهيءَ سان آءٌ پاڻيهي پڄندس: آءٌ توکي
پنهنجيءَ هوٽل ۾ ڇڏي هينئر ئي هن ڏي ويندس ۽ هن کي
سمجهائيندس - اميد آهي ته هو رنج نه ٿيندو ۽ ٻيو
ڪو رولو نه وجهندو“. ”فرڊننڊ، چيو ته ”شل ائين
ٿئي، ڇالاءِ جو هو مون کي پسند نٿو ڪري، ۽ گهڻيءَ
دولت جي ڪري مون تي اک ئي نه ٻـُـڏندي هونديس!“
”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته ”انهيءَ کي آءٌ پاڻيهي
رسندس. مسٽر ٽيمپل کي ڪهڙي اٻوڇي آهي؟ هو دنيا جو
ماڻهو آهي، فائدي جي نظر رهندي اٿس: هينئر سنديس
ڌيءَ خوش ۽ سکي ٿيندي ۽ هڪڙي وڏي خاندان سان مائٽي
ٿينديس ۽ ”ڊيوڪ“ نالي ٿيندس!“
”لارڊ مانٽفرڊ“ ”فرڊ ننڊ“ کي هوٽل ۾ ڇڏي، سڌو ويو مسٽر ٽيمپل ڏي، جنهن سان
ٻه - ٽي ڪلاڪ هن کي ڳالهيون ڪرڻيون پيون. انهيءَ
ساڳئي عرصي ۾، ”فرڊ ننڊ“ وري نڪري شاهي باغ ۾ هوا
کائڻ ويو. دل ۾ هزار خيال اچڻ لڳس. مالٽا کان آئي
هڪڙو ورهيه مس گذريو هو، ته انهيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا نه
حادثا ٿي گذريا! هن پاڻ کي هينئر ڏاڍو نصيب وارو
ٿي سمجهيو. دولت به مليس ۽ جنهن خوبصورت زال سان
محبت هيس سا به مليس. هن کي ڪيترا نه خير خواهه ۽
سچا دوست موجود هئا! هيترن ڏکن ڏسڻ کان پوءِ، نيٺ
خدا سک نصيب ڪيس.
------
باب چاليهون
”فرڊننڊ“ جي لاءِ خوشيءَ جي مجلس
”فرڊننڊ“ جي دل نه پئي چيو ته پنهنجن دوستن مان يا مائٽن مان ڪنهن کي پهرين
منهن ڏيکاري. سڀ کان اڳي هن ”ڪائونٽ مرابل“ وٽ وڃڻ
مناسب ڄاتو. اتان اٿي، سڌو اوڏي ويو. هو به صبح جي
ننڊ ڪري اٿيو هو. هن ساري ڳالهه ڪري ٻڌيس. پوءِ
جڏهن هن سندس آزاديءَ ۽ خوش نصيبيءَ تي خوشي
ڏيکاري، تڏهن هن سندس دوستيءَ جي سچائيءَ ۽
وفاداريءَ ۽ نيڪدليءَ جي تعريف ڪئي ۽ سندس شڪر
گذاري ڪيائين. هن پڇيس ته ”هاڻ تون ڇا ڪندين؟“
”فرڊ ننڊ“ چيو ته جيسين ”لارڊ مانٽفرڊ“ مون کي
اطلاع ڏيندو، تيسين آءٌ پنهنجي لاءِ ڪي به ڪين ڪري
سگهندس، ته ڪنهن کي وڃي ملندس“. هن چيو ته ”چڱو،
تڏهن هل ته توکي گاڏيءَ تي چاڙهي هوٽل ۾ ڇڏيو
وڃان“.
جڏهن ”فرڊ ننڊ“ هوٽل ۾ آيو، تڏهن ڇهه وڳا هئا. هڪڙو خط سندس نالي اڳي ئي آيل
هو. ”لارڊ مانٽفرڊ“ ۽ ”مسٽر ٽيمپل“ جا ڪارڊ به اتي
پيل هئا، جي سندس غير حاضريءَ ۾ اتي آيا هئا. خط
ڦاڙي هو پڙهڻ لڳو. هي مضمون هوس: ”منهنجا پيارا
ڪئپٽن آرمن. آءٌ پاڻ سان هي خط لکي کڻي آيو هوس،
انهيءَ لاءِ ته متان تون نه هجين، هنرئيٽا کان مون
کي معلوم ٿيو ته تون لنڊن ۾ آهين ۽ بيمار آهين -
انهيءَ جو مون کي انتظار آهي. پاڻ کي گڏئي گهڻا
ڏينهن ٿيا آهن، تنهنڪري اميد آهي ته اڄ رات جي
ماني اسان سان اچي کائيندين. مون کي تنهنجي ڏسڻ جو
گهڻو شوق آهي، تنهنڪري ضرور اچجئين. رڳو گهر جا
ڀاتي ۽ پنهنجا دوست هوندا، ٻيو ڪو ڌاريون ماڻهو
ڪونه هوندو - ٻڍي ليڊي بيليئر ۽ تنهنجي دوست
ڪائونٽ مرابل کي سو سڏيو اٿم. هنرئيٽا جي مرضي آهي
ته ڪائونٽ ضرور اچي، تنهنڪري تون ڪنهن به طرح وٺيو
اچجئينس. منهنجا ۽ هنرئيٽا جا سلام رسن - تنهنجو
خير خواهه، پيلهام ٽيمپل“.
”ڪائونٽ“ پڇيس ته ”خير جو خط آهي؟ مون کي ڏي ته آءٌ به ڏسان“. خط وٺي، پڙهي،
چوڻ لڳو ته ”واهه ڏاڍو چڱو خط آهي! منهنجي دل وٽان
آهي. آءٌ ڇو نه هلندس، خوشيءَ سان هلندس، منٿ ڪرڻ
کان سواءِ هلندس - ڏس ته اُتي هلي ڪهڙيون نه
ٻوليون ٿو ٻڌايان - هن چڱي مڙس ٽيمپل کي ڏس ته
ڪهڙو نه سڌو ٿو ڪريان! پيارا آرمن، هاڻ خوش ٿي،
ٽپا ڏي،... ڏس ته ڪيئن تنهنجو ڪم ٺاهيو اٿم!“
شام جو، مانيءَ جي مهل تي، هي ٻئي دوست گڏجي مسٽر ”ٽيمپل“ جي گهر آيا. اندر
گهڙڻ سان ”فرڊ ننڊ“ جي دل لڏڻ لڳي. خبر نه پئي
پئيس ته الائجي ڇا ٿو ٿئي - ڄڻ ته هوش پورو نه
هوس. پر، ڪائونٽ جي سنگت ۾ ۽ انهيءَ جي ٽيڪ ۽ ڏڍ
تي، لنگهي اندر ٿيو. ڪيترا ماڻهو ويٺل ڏٺائين، پر
اکين جي اڳيان لـُـڙاٽ هوس، تنهنڪري سماءُ ئي ڪونه
پيس ته ڪٿي آهيان ۽ ڪير ويٺل آهن... خبر تڏهن پيس
- جڏهن مسٽر ”ٽيمپل“ اچي هٿ ڏيئي لوڏو ڏنس - پوءِ
اک پٽيس ۽ ڏٺائين ته ”ڊچيس“ ۽ سندس ماءُ به اتي
آهن. ”ليڊي بيليئر“ وري سندس پيءُ سان پئي
ڳالهايو. پرڀرو ”ڪائونٽ“، ”هنرئيٽا“، ”لارڊ
مانٽفرڊ“ ۽ ڪن ٻين، جهـُـمٽ ڪريو، بيٺي ڪا تصوير
ڏٺي. ”ڪائونٽ“ سڏي چيس ته ”آرمن، هيءَ تصوير ته
اچي ڏس، ڪهڙي نه چڱي نڪتل آهي!“ تنهن تي ”فرڊننڊ“
اٿي ويو ۽ وڃي هنرئيٽا ۽ ٻين سان به گڏيو ۽ تصوير
به ڏٺائين. ”هنرئيٽا“ ايترو چيس ته ”تنهنجي اچڻ
ڪري آءٌ گهڻو خوش ٿي آهيان“ - پر سندس منهن جو رنگ
پئي بدليو ۽ اکيون پئي چمڪيس، جنهن مان ظاهر هو ته
سندس دل ۾ ڪي خوشيءَ ۽ شوق جا خيال پئي گذريا.
سگهو ئي مانيءَ جو سڏ ٿيو ۽ وڃي ميز تي گڏ ٿيا. ”ڪائونٽ“ ”ليڊي بيليئر“ جي
پاسي ۾ ويٺو، ”مس ٽيمپل“ ”ڊيوڪ“ ۽ ”فرڊننڊ“ جي وچ
۾ ويٺي، ”ڊچيس“ مسٽر ”ٽيمپل“ جي پاسي ۾ هئي. ”ليڊي
بيليئر“ هڪدم پنهنجو دس ”ڪائونٽ“ تي ڇنڊڻ لڳي: چوڻ
لڳي ته ”آءٌ خوش ٿي آهيان جو تون منهنجي پاسي ۾
ويٺو آهين! تنهنجي مون ناموس ٻڌي آهي... ناموس
وارا ماڻهو مون کي وڻندا آهن. تون ڇو نه مون وٽ
ايندو آهين ۽ مون کي اچي ڏسندو آهين؟ ستينءَ،
اٺينءَ يا نائينءَ تاريخ مون وٽ اچي ماني کائج.
آءٌ ڏهاڙي ماني کارائيندي آهيان... گهڻا ئي ايندا
آهن... اتي گهڻن ليڊين سان تنهنجي واقفيت ٿيندي -
پر ڪنهن سان چرچو متان ڪرين! خبر ناهي ته تون به
پنهنجي ڏاڏي جهڙو چرچائي آهين يا نه. ستر ورهيه
ٿيندا جو آءٌ ساڻس ناچ ۾ نچي هيس.. مون کي ياد
آهي“. ”ڪائونٽ” چيو ته ”اسان جي ڪٽنب جي ماڻهن کي
اها ڳالهه ياد آهي!“ ”ليڊي بيليئر“ کلي چيو ته ”ڏس
بدمعاش وري ڪوڙ ٿو ڳالهائين، پر ڪڏهن مون کي ڪوڙ
وڻندو آهي - مگر جي اهو ڪوڙ چڱو هوندو ته! دستور
آهي ته سچ کان وڌيڪ ڪوڙ ۾ لذت آهي – “
انهيءَ وچ ۾ ”فرڊ ننڊ“ - جو ”هنرئيٽا“ جي پاسي ۾ ويٺل هو - ڪي خوشيءَ جي
خيالن ۾ ۽ ڪي گذريل تازن حادثن جي خيالن ۾ اهڙو
محو هو، جو برابر کاڌائين نٿي ۽ يا ته کائڻ جي
قانونن ۾ چوڪون پئي ڪيائين - ڪڏهن شوروي ۾ ڇـُـري
پئي وڌائين، ڪڏهن مڇي چمچي سان پئي کاڌائين، ته
ڪڏهن شراب جي بدران پاڻيءَ جا ڍڪ پئي ڀريائين! جي
هن جو اهو حال هو، ته ”هنرئيٽا“ جو کانئس گهٽ نه
هو. انهيءَ کي خوشيءَ جي گهڻائيءَ کان پورو سماءُ
ڪونه هو. ”فرڊ ننڊ“ سان گهڻو ڳالهايائين ڪين ٿي ۽
نه اکين کڻي هن ڏي ٿي نهاريائين. ”گلئسٽن بيري“،
جو ”فرڊ ننڊ“ جي ٻئي پاسي ويٺو هو، تنهن کي هن
آهستي چيو ته ”مون کي الائجي ڇا ٿيو آهي؟....جيئن
نه ڪنهن جادوءَ جي اثر هيٺ هجان!“ هن چيو ته ”بيشڪ
هوندين - جنهن حالت ۾ تون آهين سا اهڙي ئي آهي!“
هوڏي وري ”لارڊ مانٽفرڊ“ ۽ ”مس گرئنڊيسن“، جي گڏ
ويٺا هئا، تن جو به اهڙو ئي حال هو. هو پاڻ ۾
پنهنجي مونجهاري بابت، توڙي ”ڪائونٽ“ ۽ ”ليڊي
بيليئر“ جي مسخرين بابت ذڪر ڪرڻ لڳا، ”هنرئيٽا“ ۽
”فرڊننڊ“ ۾ به اکيون وجهيو ويٺا هئا ۽ انهن بابت
به پئي ڳالهايائون ۽ انهن جي نسبت ۾ پاڻ جيڪو
منصوبو ڪيو هئائون ۽ جو نيٺ فتحياب ٿيو، تنهنجي
تعريف پئي ڪيائون. مطلب ته ماني خير جي پوري ٿي ۽
سڀني اهو وقت خوشيءَ ۾ گذاريو. جڏهن ماني کائي
اٿيا، تڏهن ”فرڊ ننڊ“ ”ڪئٿرائن“ سان به گڏيو ۽
چرچا گهٻا ڪيائين، پنهنجي پيءُ، - ماءُ سان به ڪي
ڳالهايائين، جنهنڪري هو ڏاڍا خوش ٿيا. هنن کي ساري
حقيقت ”لارڊ مانٽفرڊ“ ۽ ”ڪئٿرائن“ کان معلوم ٿي
هئي، انهيءَ ڪري ڏاڍيءَ حيرانيءَ ۾ پيا هئا. پوءِ
خوشيءَ کان هنن کي دعائون ڪرڻ لڳا ۽ ”هنرئيٽا“ جي
تعريف ڪرڻ لڳا. وري پوءِ ”لارڊ مانٽفرڊ“ ۽
”ڪئٿرائن“ جي تعريف ڪرڻ لڳا.
نيٺ سڀ وڃي صفي ۾ گڏ ٿيا ۽ ڳالهيون ٻوليون ڪرڻ لڳا. ”ليڊي بيليئر“، ”فرڊننڊ“
کي چيو ته ”مون کي هڪڙو ڳجهه معلوم ٿيو آهي... ڇو
نه تو مون کي ٻڌايو؟ پر مون پهريندي کان سهي ڪيو
هو! تنهنجي لاءِ مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي. مون کي
سچي محبت وڻندي آهي - اوهان جي سچي محبت هئي. مون
پنهنجو سڀ قيمتي چينيءَ جو سامان وصيتنامي ۾ توکي
ڏيئي ڇڏيو آهي. تون هميشه مون کي وڻندو هئين. مون
ٻڌو آهي ته تون ”ڪائونٽ ٿنگا باب“ جو گهاٽو يار
آهين... ”ٿنگا باب“ يا ڪو ٻيو نالو اٿس، مون کي
ياد نٿو اچي - اهو ڪائونٽ، جنهن جي ڏاڏي سان ستر
ورهي اڳي آءٌ نچي هيس! چڱو ٿو ڪرين... يار اهڙا
ڪجن، بيعقل دوست اصل نه ڪجن! آءٌ هاڻ اوهان سڀني
کي پنهنجي گهر دعوت ڏيئي ماني کارائينديس. پوءِ سڀ
ڪنهن کي خبر پوندي ته اوهان جي شاديءَ جو بندوبست
مون ئي ڪيو آهي!“
”ڪائونٽ“ وري مسٽر ”ٽيمپل“ کي ڳالهين ڪندي خاطري ڪرائي ته ”فرڊننڊ“ ڏاڍو چڱو
ماڻهو آهي ۽ سندس ڌيءَ نصيب واري آهي، جو هن سان
شادي ٿي ڪري. مسٽر ”ٽيمپل“ به اها ڳالهه قبول ڪئي
۽ خوشي ظاهر ڪيائين.
نيٺ سڀ اٿيا، ۽ موڪلائي هليا ۽ ٻاهر نڪتا. ”فرڊننڊ“ ۽ ”هنرئيٽا“ جاءِ ۾
اڪيلا رهجي ويا. هڪٻئي ۾ اکيون اٽڪائي، ڏسڻ ۽
مـُـرڪڻ لڳا. وجهه وٺي، ڏاڍي شوق ۽ محبت مان هڪٻئي
کي پيار ڏيڻ لڳا. انهيءَ مهل هنن کي اڳوڻيون
تڪليفون سڀ وسري ويون، رڳي خوشي دل ۾ هين، جنهن جي
گهڻائيءَ کان وات مان وائي نڪري نٿي سگهين - پر
سندين اکين ۽ سندين دلين ۽ سندن روحن پاڻ ۾ پئي
ڳالهايو ۽ انهن جي ٻولي هنن چڱيءَ طرح پئي پروڙي.
اتي مسٽر ”ٽيمپل“ به مهمانن کي اماڻي موٽي جاءِ ۾ آيو. ايتري ۾ ”هنرئيٽا“
کسڪي نڪري ويئي. ”فرڊننڊ“ سان ٻه - ٽي ڳالهيون
ڪري، پوءِ انهيءَ کي به اماڻيائين ۽ چيائينس ته
”سڀاڻي ڏينهن جو ماني به اسان وٽ اچي کائج.“
------
باب ايڪيتاليهون
پڄاڻي
انهيءَ کان پوءِ ”فرڊننڊ“ اڪثر مسٽر ”ٽيمپل“ جي گهر گذاريندو هو - ۽
”هنرئيٽا“ جي مٺيءَ صحبت ۾ گذاريندو هو. ”لارڊ
مانٽفرڊ“ ۽ ڪئٿرائن وري اڪثر پاڻ ۾ گڏ گذاريندا
هئا. اگرچ هنن جي شادي جلد ٿيڻ واري هئي، ته به
نسبت ۾ البت ڳچ ڏينهن لڳي وين. انهيءَ وچ ۾ مسٽر
”ٽيمپل“ به گروي وارن کي پيسا ڏيئي، ”آرمن“ جي
جاگير آجي ڪري، پنهنجي ڌيءَ جي اولاد کي ملڻ لاءِ
وصيت ۾ لکي ڇڏي. سالياني پيدائش جو ڪجهه ڀاڱو
”آرمن“ جي قلعي ۽ محلات ٺهرائڻ لاءِ ڌار رکيو ويو
۽ انهيءَ تي خرچ ٿيڻ لڳو. جيسين اهي جڙي تيار ٿين،
تيسين ”فرڊننڊ“ مسٽر ”ٽيمپل“ سان گڏ گهڻو ڪري
”ڊوسي“ ۾ رهڻ لڳو.
نيٺ اهو ڏينهن آيو، جڏهن هنن ٻنهي نصيب وارن جوڙن جي شادي ٿي. ٿي به هڪڙي ئي
هنڌ ۽ مسٽر ”گلئسٽن بيريءَ“ هنن جو نڪاح پڙهيو.
”لارڊ مانٽفرڊ“ ۽ ”ليڊي مانٽفرڊ“ ٻئي پنهنجي پيءُ
جي جاگير ڏي ”سسيڪس“ ۾ وڃي رهڻ لڳا ۽ ”فرڊ ننڊ“ ۽
”هنرئيٽا“ ”آرمن“ ۾ اچي رهيا. هنن کي سڀ فڪر ۽
انتظار وسري ويا. ڏکن پٺيان سکن جي اچڻ جو هنن کي
پوريءَ طرح يقين ٿيو ۽ انهن جي به ثابتي ملين ته
هن دنيا ۾ سچي محبت ڏکن ۽ تڪليفن کان سواءِ ڪين
هلندي آهي، مصيبتن اچڻ جي ڪري انهيءَ جي چڱي
آزمائش ٿئي ٿي. هنن کي پڪ ٿيندي ويئي ته انهن
مصيبتن ۽ تڪليفن جي ڪري پاڻ سندن محبت زيادهه رونق
واري ٿي ٿِي ۽ سندن خوشي حد کان وڌيڪ زيادهه ٿي
ٿِي، جا شايد اهڙن حادثن کان سواءِ اهڙي نه ٿئي
ها. هينئر هنن جهڙو خوش ۽ سڀاڳو ٻيو دنيا ۾ ڪو
ٿورو هو.
اهي ٽيئي خاندان، جن جي پاڻ ۾ اهڙي گهرائي ٿي ويئي هئي، سي هميشه هڪٻئي وٽ
ايندا رهندا هئا ۽ هڪٻئي جي صحبت ۾ خوشيءَ جو وقت
گذاريندا هئا. ”ڪائونٽ مرابل“ به ڪڏهن ڪڏهن هنن وٽ
ايندو هو، هنن سان گڏ شڪار ڪري خوش ٿيندو هو ۽
پنهنجن چرچن گهٻن سان هنن کي خوش ڪري ويندو هو.
”فرڊننڊ“ سان هن جي دوستي اڳي جهڙي سچي هلي آئي.
”فرڊننڊ“ پنهنجي دوست ”لارڊ ڪئچم هوڪئن“ کي به نه
وساريو. هميشه هن سان مروت جي رستي هليو ايندو هو،
بلڪ جيڪا مدد پڄي سگهندي هيس سا پيو ڏيندو هوس.
جڏهن ”فرڊننڊ“ مسٽر ”بانڊ شارپ“ کي پنهنجا پندرهن
سؤ پائونڊ موٽائي ڏنا، تڏهن وياج جي بدران هڪ کي
هڪڙي سون جي رڪابي ڏنائين، جا هو عجيب تحفي وانگي
سانڍڻ لڳو.
”ليڊي بيليئر“ پوءِ به، پنهنجي سالياني گشت ۾، واري سان انهن ٽنهي ڪٽنبن سان
رستو رکيو آئي، جو زور ڪري پيئي چوندي هئي ته
”انهن ٻنهي شادين جو بندوبست منهنجي معرفت ٿيو
آهي“. جڏهن به وٽن ويندي هئي، تڏهن هنن کي پنهنجي
زباني دسن سان ڪڪ به ڪندي هئي، ته خوش به ڪندي
هئي.
مسٽر ”ٽيمپل“ کي به نيٺ معلوم ٿيو ته جيڪا پهريندي ڳڻتي هيس ته متان ڪو
”ڊيوڪ“ ناٺي نه ٿئيس، سا بيجا هئي. ”فرڊننڊ آرمن“
جي مٺيءَ طبيعت ۽ سهڻيءَ هلت هن کي هر طرح خوش ۽
راضي رکيو، جنهنڪري پنهنجي ڌيءَ ۽ پنهنجي ناٺيءَ
سان زيادهه محبت ٿيندي ويس.
”لارڊ مانٽفرڊ“ پوءِ سگهو ئي پارليامينٽ جو ڪمائو ميمبر ٿيو ۽ مسٽر ”آرمن“
کي به ستت ئي پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ جو وجهه مليو.
ڏينَهنِ پئي ”فرڊ ننڊ“ کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو هن پنهنجي ٻڍي دوست ۽
اُستاد ۽ پادريءَ جي پٺيان ”گلئسٽن بيري“ رکيو.
اُهو خانداني جاگير ۽ لقب جو وارث ٿيو ۽ هن کي ٻه
ننڍا ڀاءُ پوءِ به ڄاوا، جن جا نالا ”ٽيمپل“ ۽
”ڊگبي“ رکيائون. انهن کان پوءِ هن کي هڪڙي ڀيڻ به
ڄائي، جنهن تي وري به ”هنرئيٽا“ جو نالو رکيائون.
- انهيءَ طرح، هيءَ اسان جي ”سچي محبت“ جي ڳالهه پوري ٿي.
------ |