سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: سچي محبت

باب: --

صفحو :2

باب اٺون

ملاقات جو اثر

جڏهن هو نظر کان نڪري ويا، تڏهن ”فرڊننڊ“ چوڻ لڳو ته: ”مس ٽيمپل!... واه، واه، بيشڪ نهايت حسين موهيندڙ انسان آهي- نه نه، انسان ناهي، ملائڪ آهي! او ”هنرئيٽا“، ڪهڙو نه تنهنجو نالو مٺو آهي! تو کان سواءِ حياتي ڪهڙي ڪم جي!... تو کان سواءِ سڀڪا شي ڪهڙي نه بيسوادي پيئي لڳي -  ڄڻ ته سج هينئر لٿو آهي ۽ اونداهي ڪاهي آئي آهي! ڪهڙي نه عجيب شڪل!... ڪهڙو نه سريلو آواز! اڃا اها مٺي ٻولي منهنجي ڪنن ۾ پيئي ٻري...! هاڻي سڀاڻي الائجي ڪڏهن ٿيندو، ته وري هن جو منهن ڏسان ۽ هن سان ڳالهيون ڪريان!... پر آءٌ ڇا ٿو چوان؟... آءٌ ”فرڊننڊ آرمن“ ناهيان ڇا؟ اڳي مڱيل ۽ ڦاٿل ناهيان ڇا؟ ڪهڙو شڪ ته مون کان اڳي منهنجا مائٽ منهنجي مڱينديءَ سميت ڪوٽ ۾ آيا هوندا، يا جلد ايندا... جي آيا، ته آءٌ هن سان ڪين ڳالهائيندس! آءٌ اصلي آرمن ڇڏي ڀڄي ويندس! آءٌ فقط پنهنجي کٽل خاندان کي بهتر ڪرڻ لاءِ پاڻ کي سوريءَ تي ڪين چاڙهيندس- اها شادي ڪانه ڪندس! هاءِ ها”، ويچاري آرمن! ٻئي خاندان جي ڌياڻي، سندس مالڪياڻي ٿيندي- اها ته دغابازي ٿيندي! پر... هن کان سواءِ منهنجو جياپو مشڪل آهي، هن کان سواءِ آرمن منهنجي نظر ۾ جهنگل ۽ بيابان بلڪ قبرستان آهي!... پر وري هن سان به آءٌ قابو ٻڌو پيو آهيان - ڄڻ زنجير پيا آهن ۽ انهن جو کڙڪو پيو ٻڌان: هيءَ عزت ۽ عشق جي وچ ۾ جنگ ٿي - ڏسجي ته ڪير کٽي... ”بت ۽ خدا جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو - ضرور بت جي پوڄا ڇڏڻي ٿيندي!“

اهڙن ديوانگيءَ جي خيالن سان، ”فرڊننڊ“ موٽي پنهنجي گهر آيو. باغ ۾ ”گلئسٽن بيريءَ“ پئي وڻ ٺاهيا، سو مليس ۽ خبر چار پڇيائينس ۽ ٻڌايائينس ته مانيءَ جي مهل ٿي آهي. وڃي مانيءَ تي ويٺا. ”گلئسٽن بيريءَ“ سهي ڪيو ته هن جو منهن ملول آهي، تنهنجو سبب پڇيائينس. هن چيو ته ”شايد گهڻو پنڌ ڪيو اٿم، تنهنڪري ائين آهي.”پوءِ ڳالهين ڪندي، ”فرڊننڊ“ هن کان پڇيو ته: ”سائين، هن ويجهڙائيءَ ۾ ٽيمبل نالي ڪو سکر ماڻهو رهندو آهي؟“ هن ورندي ڏني ته آءٌ ڀانيان ٿو ته مون ٻڌو هو ته مسٽر ”ڊوسيءَ“ پنهنجو باغ وارو گهر، ”ڊُوسي بائوئر“، ڪرائي تي انهيءَ نالي واري ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏنو آهي“. هن پڇيو ته: ”خبر اٿو ته اهو ڪير آهي؟“ هن ورندي ڏني ته ٻي ته خبر ڪانه اٿم، باقي هڪڙي ڀيري مون ٻڌو هو ته اهو مسٽر ٽيمپل، اسان جي ملڪ جو سفير يا وڪيل ٿي، يورپ جي ڪنهن ٻئي ملڪ جي بادشاهه ڏي ويو هو“.

ماني کائيندي، شراب پيئڻ مهل جڏهن ”گلئسٽن بيريءَ“ چيو ته: ”آءٌ هي جام تنهنجي ۽ ”مس گرئنڊيسن“ جي صحت جي لاءِ نوش ٿو ڪريان“، تڏهن ”فرڊننڊ“ جي واتان دانهن نڪري ويئي، ڄڻ ته اوچتو ڪو ڏنگ لڳو هجيس. ٻڍي پڇيس ته: ”خير آهي؟ ڇا ٿيو؟“ هن چيو ته: ”الائجي ڏينڀو هو، يا مڇر هو، يا ڪو ٻيو جيت هو- تنهن چڪ هنيو“. تنهن تي ٻڍو ڊوڙي دوا جو تيل کڻي آيو، پر ”فرڊننڊ“ چيو ته: بس، هاڻ سور لهي ويو- “.

سگهو ئي ماني کائي بس ڪيائون ”گلئسٽن بيريءَ“ جي چوڻ تي، ”فرڊننڊ“ ڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چڱو نه ڳايائين ۽ ڪيتريون ئي چڪون ڪيائين- تنهن جي لاءِ مٿي جي سور جو عذر ڏنائين. پوءِ ته موڪلائي وڃي ستو، پر ننڊ ڪانه آيس، خيال پچائيندي ۽ پاسا اٿلائيندي رات گذاريائين. جنهن محبوب جو خيال دل ۾ هوس، تنهن جي شڪل شباهت ۽ انهيءَ جون ٻوليون ياد ڪري پئي دل خوش ڪيائين. نيٺ اسر ڌاري ننڊ آيس ۽ مس مس سندس بت ۽ دماغ کي آرام آيو.

 

 

------

 

باب نائون

’ڊُوسي بائوئر‘ ڏي وڃڻ

نيٺ ”فرڊننڊ“ جي لاءِ صبح ٿيو. گهڻي انتظار ۽ خوشيءَ جي ڪري هن کي صبح ٿيڻ جي اميد ڪانه هئي... پر نيٺ صبح ٿيو. اها اميد ٿيس ته پنهنجي محبوب کي وري ڏسندس ۽ ساڻس ڳالهائيندس. سندس مائٽن، توڙي سندس مڱينديءَ جي اچڻ ۾ اڃا دير هئي. انهيءَ ڏينهن خط آيو هو، جنهن مان معلوم ٿيو ته اڃا هفتي کن جي دير آهي. ”فرڊننڊ“ جي لاءِ اهو ڏاڍو مزو ٿيو. گهوڙو گهرائي، هڪدم ٽپو ڏيئي چڙهي، ”ڊوسيءَ“ ڏي روانو ٿيو.

”مسٽر ٽيمپل“ هڪڙي سکر خاندان جو ماڻهو هو ۽ ننڍو پٽ هو، جنهنڪري گهڻو ورثو ڪونه مليس. رواجي تعليم وٺڻ کان پوءِ هن ملڪي ڪمن ۾ هٿ وڌو ۽ پنهنجي خاندانيءَ نظر تي جرمنيءَ جي بادشاهه ڏي سفير يا وڪيل ٿي ويو. ڪن ورهين کان پوءِ موٽي آيو. جيڪا هوشياري ڏيکاري هئائين ۽ سرڪار جي خدمتگذاري ڪئي هئائين، تنهن لاءِ پينشن به مليس ۽ ”پرِوي ڪائونسل“ جو ميمبر به ڪيائونس. تنهن کان پوءِ هو خانگي طرح رهندو آيو. زال ننڍي هوندي مري ويئي هيس، فقط هڪڙي ڌيءَ هيس، جنهن سان تمام گهڻي محبت هئي. مسٽر ”ٽيمپل“ پنهنجي ڌيءَ کي تمام چڱيءَ طرح سنڀاليندو هو ۽ پاڻ کان اصل پري ڪين ڇڏيندو هو. هن جي سڄي تعليم پنهنجي هٿ رکي هئائين. جرمنيءَ ۾ ساڻس گڏ هوندي هئي، تنهنڪري، ”هنرئيٽا“، جيتوڻيڪ عمر ۾ ننڍي هئي، ته به قابليت ۽ آزمودي ۾، توڙي ظاهري صورت ۽ ڊول ۾، پڪي زال پئي ڀانئي. گهر جي ڪم ڪار ۾ ۽ ٻئي بندوبست ۾ تمام خبردار هئي. هن ۾ پيءُ واريون سڀ وصفون موجود هيون. صاف دل، سادي، سچي ۽ عقلمند هئي. هميشه خوش طبع ۽ کلمک هوندي هئي: مطلب ته هوءَ اهڙي عجيب زال هئي، جنهن جهڙي هزارن ۾ ڪا هڪڙي مس لڀندي.

ٻپهرن ڌاري ”فرڊننڊ آرمن“ ”ڊوسي بائوئر“ ۾ اچي پهتو. آسپاس جي صفائي ۽ وڻڪار، ساوڪ ۽ گلزاري ۽ ٻيو سـُـڀائي ڏيک ڏسي، ”فرڊننڊ“ حيران ٿي ويو. پڪ ٿيس ته بهشت جو باغ اهو آهي ۽ ”هنرئيٽا“ جهڙيءَ حور جي رهڻ جو هر طرح لائق آهي. جايون اهڙيون سينگاريل هيون، سامان اهڙو مزي جهڙو هو ۽ تصويرون وغيره اهڙيون عجيب غريب هيون، جو ”فرڊننڊ“ جو عقل چرخ ٿي ويو.

هي به اڃا ملاقات واري ڪمري ۾ وڃي ويٺو، ته هڪڙي پاسي کان در کليو ۽ مسٽر ”ٽيمپل“ اچي مرحبا ڪيس. اڌ ڪلالڪ کن تائين هنن پاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون ۽ تصويرن ۽ ٻيون شيون ڏٺيون، پوءِ مانيءَ جي جاءِ ۾ ويا. اتي جو بندوبست به ”فرڊننڊ“ کي نهايت پسند آيو. چوڻ لڳو ته: ”ڊوسي بائوئر“ حقيقت ڪري نهايت عمدو مڪان آهي“. مسٽر ”ٽيمپل“ چيس ته ”ورهيه - ٻه اڳي اوهين اها ساڳي جاءِ ڏسو ها، ته ڄاڻو ها ته هي جهنگل آهي، ۽ ماڻهن جي رهڻ جي جاءِ ناهي، پر هنرئيٽا محنت ۽ ڪشالا ڪري هن کي ههڙو ڪيو آهي... انهيءَ هوندي به، اسان جو غريبخانو لارڊن جي قلعن ۽ محلاتن سان مٽ ڪين پوندو .“

”فرڊننڊ“ ”هنرئيٽا“ جي تعريف پئي ڪئي، ته خود اها پاڻ به اچي نڪتي. هن تي نظر پوڻ سان ”فرڊننڊ“ جي منهن جو رنگ ئي هارجي ويو- هيڊ جهڙو پيلو ٿي ويو- ڄڻ بجليءَ جو اثر سندس سڄي بت مان لنگهي ويو. ڏند به مـِـڙي ويس، ڳالهائي نٿي سگهيو. نيٺ، مٿا هڻي، ٻاٿون ڏيئي، هيترو چيائين ته ”مس ٽيمپل، انهيءَ ڏينهن جي سواري ڪري اوهين ٿڪا هوندؤ“ هن ورندي ڏني ته ”نه نه، آءٌ بلڪل ڪين ٿڪيس. آءٌ ڏاڍي چابڪ سوار آهيان. اڪثر آءٌ بابي سان گڏجي گهمڻ ويندي آهيان ۽ تمام پري وڃي نڪرندا آهيون“.

جڏهن مانيءَ جي ميز تي اچي ويٺا، تڏهن، ”هنرئيٽا“ جي هوندي، ”فرڊننڊ“ جي ته بک ئي لهي ويئي ۽ اشتها ئي مري ويئي، رڳو ”ڊوسي“ مڪان جي ۽ انهيءَ جي مالڪن جي تعريف پئي ڪيائين. ”مس ٽيمپل“ چيس ته ”ماني کائي بس ڪئي اٿئون، هلو ته اوهان کي باغ ۽ آسپاس جي ساوڪ گهمائي ڏيکاريان“. پر پڻس چيو ته ”پياري ڌيءَ، ڪئپٽن آرمن هيترو پنڌ ڪري ٿڪجي آيو آهي، ٿورو ساهي کڻڻ ڏينس. تنهن کان سواءِ جي پوءِ هليو، ته به بندوق کڻي هلندو ۽ شڪار به ڪندو. تو کي خبر ناهي ته هو وڏو شڪاري آهي! هو رڳو باغ گهمڻ ۽ گلن چونڊڻ ۾ پنهنجو وقت نه وڃائيندو“.

”فرڊننڊ“ چيو ته ”سائين، آءٌ سچ ٿو چوان، جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ کان مون کي باغ ۾ گهمڻ ۽ عجيب غريب گل ڏسڻ زيادهه پسند ايندو آهي، خاص ڪري جڏهن ڪو طبع جي موافق سنگتي ملندو آهي“.

 تنهن تي ”مس ٽيمپل“ اٿي هن کي پاڻ سان وٺي باغ ڏي ويئي ۽ جيڪي عجيب غريب گل اتي گڏ ڪيا هئائين، سي هڪڙو هڪڙو ڪري ڏيکاريائينس. ”فرڊننڊ“ به تعريف ڪرڻ مان ڍائو ئي نٿي: ايتريقدر مبالغو ڪرڻ لڳو، جو ”مس ٽيمپل“ چيس ته: ”شايد اوهين خوشامد يا مبالغي ڪرڻ تي هريل آهيو!“ پر ”فرڊننڊ“ چيو ته: ”- نه اوهان سان. جيڪي آءٌ چوان ٿو، سو سچ ٿو چوان“.

هڪڙو گل ڏيکاري، ”مس ٽيمپل“ چيس ته: ”هي گل ڏسو. اوهان کي حيرت لڳندي ۽ اعتبار به ڪين ايندؤ ته هن کي مون کان سواءِ ڪو ٻيو پاڻي ٿو ڏئي، يا هٿ ٿو لائي، ته ڪومائجيو وڃي!“ تنهن تي ”فرڊننڊ“ چيو ته: ”شايد الف ليليٰ جي آکاڻيءَ وارو ڪو جادو ڪيل شاهزادو هوندو، جنهن کي ڪنهن جادوگر، صورت بدلائي، گل ڪري، پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آهي...!“

هن چيو ته: ”جي انهيءَ جي پڪ هجيم، ته جيڪر ڪا جادوءَ جي لڪڙي هٿ ڪري انهيءَ ويچاري کي پنهنجيءَ اصلوڪيءَ صورت ۾ آڻي آزاد ڪريان!“

”فرڊننڊ“ چيو ته: ”جي اوهين ائين ڪرڻ گهرو، ته آءٌ جيڪر اها لڪڙي ڀڃي ڇڏيان، ڇا لاءِ جو اوهان کي جادو ڪرڻ جي لاءِ لڪڙيءَ جي گهرج ئي ڪانهي... اوهان جون اکيون ئي جادوءَ جو اثر پيدا ڪري ٿيون سگهن!“

”مس ٽيمپل“ ورندي ڏني ته: ”اوهين ته ڏاڍا ،منطقي ٿا ڏسجو!“

حوض ۽ ڦوهاري ۽ پکين جي ڏيکارڻ کان پوءِ، جڏهن ”فرڊننڊ“ انهن جي تعريف ڪرڻ لڳو، تڏهن ”مس ٽيمپل“ چيو ته: ”جنهن آرمن“ ڏٺو هوندو، تنهن جي اڳيان ”ڊُوسي“ ڪي به ڪين آهي- رڳو جهنگل آهي“. تنهن تي ”فرڊننڊ“چيو ته ائين نه چؤ. ڊُوسي بهشت آهي... جي منهنجو وس پڄي، ته آءٌ جيڪر ساري عمر هن باغ ۾ گذاريان!“ ”مس ٽيمپل“ چيو ته: ”شايد... هن جادو ڪيل شاهزادي وانگي؟“ ”فرڊننڊ“ ورندي ڏني ته ”هائو، ائين. آءٌ جيڪر خوشيءَ سان گل ٿي پوان- جي اها پڪ هجيم ته ”مس ٽيمپل“ مون کي سنڀاليندي ۽ هٿن سان پاڻي ڏيندي!“

اتي مسٽر ”ٽيمپل“ اچي چيو ته: ”هاڻي هلي شڪار ڪجي ته: چڱو“، تنهن تي سڀ جهنگ ڏي لڙيا. هلڻ مهل ”مس ٽيمپل“ هڪڙو گل پٽي ”فرڊننڊ“ کي ڏنو، ۽ چيائين ته: ”ڪالهه اوهان گلاب جو گل ڏنو هو، انهيءَ جي بدلي ۾ آءٌ ٿي ڏيان“. ”فرڊننڊ“، شڪرگذاري ڪري، وٺي کڻي چپن تي رکيو. اتان نڪتو سهي، مگر ظاهر ڪيائين ته: ”هتان نڪرڻ ته منهنجي دل ئي نٿي چئي، پر جڏهن اوهين زور ڪريو ٿا تڏهن ٿو هلان“.

هو شڪار تي ويا سهي، پر ”فرڊننڊ“ بندوق هڻڻ ۾ اهڙيون چڪون ڪيون ۽ اهڙي ڄٽڪائي ڏيکاري، جو شڪار ڪرڻ وارا پئي کليا. ڀلا، هن ويچاري عاشق جيئڙي جو خيال سڄو هو ٻئي پاسي! هن ڀانيو ٿي ته جيڪي آهي سو ”ڊوسي“ ۾- جو هن بهشت يا پرستان يا ڪنهن جادوءَ ڪيل ٻيٽ وانگي نظر پئي آيو. جيسين ”مس ٽيمپل“ اکين آڏو هيس يا خيال ۾ هيس ۽ جيسين هن جون مٺيون ٻوليون ڪنن تي پئي پيس يا ياد پئي آيس، تيسين هن جو ڌيان ٻئي ڪنهن پاسي ڪونه هو. تنهڪري، جي بندوق هڻڻ ۾ چڪون ڪيائين يا شڪار ڪرڻ ۾ فتحياب نه ٿيو، ته انهيءَ ۾ ڪهڙو عجب آهي!

ڏينهن گذريو. شام جو وڏو کانو ٿيو، جنهن تي انهيءَ هنڌ جو هڪ ٻه سکر ماڻهو ۽ ليڊي ۽ اُتي جو پادري به سڏيو ويو- جو ٻڍو ماڻهو هو ۽ اڳي آرمن جي ڪوٽ ۾ وڏي ”سر فرڊننڊ“ سان گڏ ماني کاڌي هئائين. ”فرڊننڊ“ کي مس ”ٽيمپل“ جي ڀرسان سڄي پاسي ميز تي جاءِ ملي، تنهن کي هن ۾ چڱيءَ طرح نظر ڪرڻ ۽ هن سان ڳالهين ڪرڻ جو چڱو وجهه مليو. هر لحظي هن کي پنهنجي محبوب جي هڪڙي نئين خوبي نظر آئي. نيٺ ماني کائي بس ڪيائون ۽ وري اچي ملاقات واري ڪمري ۾ گڏ ٿيا، جتي پڻ ”فرڊننڊ“ هڪڙي ڪوچ تي ”مس ٽيمپل“ جي ڀرسان وڃي جاءِ ورتي ۽ انهن سان ڳالهين ڪرڻ ۾ مشغول ٿيو. جيڪو ”هنرئيٽا“ پئي ڳالهايو، تنهن مان هن کي خوشي پئي حاصل ٿي. هن جي خيال ۾ ائين هو ته هن اهڙو مٺو آواز اڳي ڪڏهن ڪونه ٻڌو هو! سگهو ئي وري باجي تي اچي گڏ ٿيا، ۽ ڳائڻ وڄائڻ لڳا. واري سان سڀڪنهن کي ائين ڪرڻو پيو. ”مس ٽيمپل“ کي پهرين ڳائڻو ۽ وڄائڻو پيو. هن جي راڳ ۽ باجي، ”فرڊننڊ“ کي حيران ڪري ڇڏيو. جڏهن وري ”فرڊننڊ“ جو وارو آيو، تڏهن هن پهرين گهڻا ئي عذر ڏنا پر نيٺ هن هڪڙو راڳ ڳايو، جنهن جو مضمون سندس حال وٽان هو. انهيءَ جو سوز توڙي آواز اهڙو عمدو ۽ اثرناڪ هو، جو”هنرئيٽا“ جو رنگ ئي هارجي ويو. ٻيا سڀ به عجب ۾ پئجي ويا. حقيقت ڪري ”فرڊننڊ“ راڳ ۽ باجي جي هنر ۾ ڏاڍو قابل هو، ويتر هينئر ته پاڻ عشق جو چپيٽ آيل هيس، تنهن هن هيڪاري ڪلور ڪري وڌو. ظاهري ڪري ”مس ٽيمپل“ انهيءَ جي تعريف ڪئي، پر انهيءَ مان سندس دل جو مونجهارو معلوم پئي ٿيو. مطلب ته جيڪي اتي ٿي گذريو- جيڪي ڳالهايائون، ڳايائون، کليائون- جيڪي ڪيائون، تنهن مان ”فرڊننڊ“ ۽ ”هنرئيٽا“ کي هڪٻئي جي محبت جي خاطري ٿي ويئي ۽ هو هڪٻئي جي عشق ۾ گرفتار ٿي ويا.

جڏهن گهڻي دير ٿي، تڏهن ٻيا مهمان ته موڪلائي ويا، ”فرڊننڊ“ کي، گهڻي پنڌ تي وڃڻ ڪري ۽ دير ٿيڻ ڪري، زور ڪيائون ته رات اتي رهي پوي. نالي جا عذر ڪيائين، پر نيٺ اها ڳالهه قبول ڪيائين. انڌو گهري الله کان ٻه اکيون - هن جي ته خدا ٻڌي! ڀلا، ساڳئي گهر ۾، ساڳيءَ ڇت هيٺ، پاڻ ۽ سندس محبوب رات گذارين،... انهيءَ کان مٿي ٻي خوشي ڪهڙي هوندي؟ شايد، سمهڻ کان اڳي، چانڊوڪيءَ ۾ اڪيلا، باغ ۾ گهمي ڦري، ڳالهيون ڪري، پوءِ وڃي سمهن، يا صبح جو اُٿي وري ملن ۽ گهمن ڦرن. نيٺ سمهڻ جي مهل آئي. مسٽر ”ٽيمپل“ هن پنهنجي مهمان کي سندس ڪوٺي ڏيکاري هليو ويو ۽ ”فرڊننڊ“ اڪيلو ٿيو. پر، محبوب جي خيالن اڪيلو رهڻ نه ڏنس. ظاهري ڪري، هن جي وڃڻ کان پوءِ چانڊوڪي رات به هن جي لاءِ اونداهي هئي. يا نصيب... جڏهن ڪ هيءَ قيامت جهڙي رات گذري، وري صبح ٿئي ۽ هن جو ديدار نصيب ٿئيس! هن کان سواءِ هينئر هن کي هڪڙو پل گذارڻ به مشڪل نظر پئي آيو- هڪ هڪ گهڙي هڪ سال هو.

جڏهن خيال پچائي رهيو، تڏهن سمهڻ واريءَ جاءِ جي چڪاس ڪيائين. اهڙي عمدي سينگاريل هئي، جو هن کي وري ٻي حيراني لڳي ويئي ۽ انهيءَ ۾ هن کي پنهنجي محبوب جو هٿ ڏسڻ ۾ آيو. نيٺ ڪوٽ لاٿائين، منجهانئس خبرداريءَ سان اهو گل ڪڍيائين، جو ”مس ٽيمپل“ باغ ۾ هٿن سان پٽي ڏنو هوس. ويهه ڀيرا انهيءَ کي چميائين ۽ پوءِ چينيءَ جي ٿانو ۾ پاڻي وجهي، انهيءَ ۾ رکيائينس، ته صبح تائين تازو رهي. پوءِ رات جا ڪپڙا ڍڪي، پهرين وڃي آرام واري ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ نئين سر خيال پچائڻ لڳو. اهي خيال ڪهڙا هوندا، سي پڙهندڙ آسانيءَ سان سمجهي سگهندا. ڪلاڪ کن کان پوءِ وري اتان اٿيو ۽ جاءِ ۾ پسار ڪرڻ لڳو. آخر وڃي هنڌ تي ليٽيو، پر انهيءَ کان اڳي وري وڃي اُهو گل کنيائين ۽ پنهنجي ڇاتيءَ تي رکيائين. چوڻ لڳو ته ”سهڻا گل، خدا ڪري، آءٌ تنهنجي ڌياڻيءَ کي به پنهنجو ڪري، هيئن پنهنجي ڇاتيءَ سان لائيندس!“

ننڊ ۾ ٿو ڏسي ته ”هنرئيٽا“ سان گڏ باغ ۾ پيو گهمي! چيلهه ۾ سندس هٿ آهي، محبت جون ڳالهيون پيا ڪن ۽ هڪ ٻئي کي پيار پيا ڪن... اوچتو ئي اوچتو باغ گم ٿي ويو ۽ انهيءَ هنڌ هڪڙي ديول ظاهر ٿي، جنهن جي وچ تي هڪڙو ٿلهو هو، ان مان باهه جي ڄڀي نڪرڻ لڳي، باهه جي سيڪ کان، ”هنرئيٽا“رومال کڻي پنهنجي منهن کي ڍڪيو... ڊپ کان هن اهو رومال ڇڪي لاٿو، ته ڏسي ته اهو منهن ”هنرئيٽا“ جو ناهي، پر ”مس گرئنڊيسن جو آهي! اتي ”فرڊننڊ“ ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳيو. خواب جو اثر اڃا مٿس اهڙو تازو هو، جو ڀانيائين ته اها شڪل اڃا سندس اڳيان بيٺي آهي. سندس ماروٽ ۽ مڱيندي، ”ڪئٿرائن“، ڄڻ ته طعنا پئي هنيس ۽ غمگين ۽ ڪاوڙيل ڏسڻ ۾ ٿي آئي. آهستي آهستي ٿي اها شڪل گم ٿي ويئي ۽ خواب جو اثر پورو ٿيو. پوءِ سهي ڪيائين ته اهو خواب هو.... تڏهن آرام آيس. مگر آرام ڪهڙو؟ انهيءَ جي تعبير لاءِ هزارين مونجهاري جهڙا خيال دل ۾ اچڻ لڳس. ٽپ ڏيئي اٿيو. در پٽي ڏٺائين ته اڃا رات پيئي آهي ۽ تارا پيا ڏسجن. ”ڊوسي“ جي باغ مان فرحت جهڙي هوا ۽ خوشبو پئي آئي. جڏهن خيال ۾ آيس ته انهيءَ باغ جي مالڪياڻي به انهيءَ ساڳيءَ عمارت ۾ ۽ ساڳيءَ ڇت هيٺ ستل آهي، تڏهن ساهه پٽيائين. سگهو ئي پرهه ڦٽي، پکين ٻوليون ڪيون ۽ ڏينهن ٿيو.

------

باب ڏهون

’ڊُوسي بائوئر‘ ۾ ٻيو ڏينهن

صبح جو سندس نوڪر ٽپال مان خط آندا، انهن ۾ هڪڙو خط سندس ماءُ جو هو ۽ ٻيو “مس گرئنڊيسن” جو. انهن ۾ ڄاڻايل هو ته هو ٻن ڏينهن ۾ ”آرمن“ ۾ ايندا. پنهنجي مڱينديءَ جو خط ڏسي، هو ڏڪي ويو- رات وارو خواب وري ياد اچڻ لڳس ۽ هزارين ٻيا خيال به انهيءَ سان گڏ ڪاهي آيا. گذريل ڏينهن - رات ۾ جيڪي ٿي گذريو هو، سو وري ياد پيس. پنهنجي پيءُ ماءُ توڙي مڱينديءَ جي محبت ۽ پنهنجي خاندان جي عزت ۽ آبرو، سڀ وسري ويس. ”آرمن“ کي پٽڻ لڳو ۽ پاڻ کي غلام ۽ قيدي سمجهڻ لڳو. ڄاتائين ته ”هنرئيٽا ٽيمپل“ سندس ٿي ته به ڇا ٿيو؟ پاڻ سڃو سکڻو ۽ قرضي... سگهو چرڪو قرض خواهه دعوائون ڪري ڪورٽ ۾ گهلي ويندس، ۽ وڃي جيل ۾ هڻندس! انهن خيالن ۾ منجهي، موڳو ٿي ويهي رهيو.

نيٺ اٿي سنبري وڏي ڪمري ۾ آيو، جتي ”هنرئيٽا“ ۽ سندس پيءُ اچي گڏيس. انهن جي گفتگوءَ هن کي وري به ڪنهن حال ۾ آندو. جڏهن خطن جي مضمون مان هن کي معلوم ٿيو ته ”فرڊننڊ“ جا مائٽ اڃا آيا نه آهن تڏهن هنن هن کي انهيءَ ڏينهن رهڻ ۽ گهمڻ ۽ شڪار ڪرڻ لاءِ زور ڪيو. نيٺ هو رهي پيو. مسٽر ”ٽيمپل“ کي ٿورو لکڻ پڙهڻ جو ڪم هو، سو وڃي پنهنجي ڪتبخاني ۾ ويٺو ۽ ”هنرئيٽا“ ۽ ”فرڊننڊ“ ٻاهر هوا کائڻ ۽ غريبن جي گهرن گهمڻ لاءِ ويا، جو ”هنرئيٽا“ اڪثر غريب هارين جو حال احوال وٺڻ ويندي هئي. اهو سڀ وقت هنن کي گڏ رهڻ ۽ پاڻ ۾ ڳالهين ڪرڻ جو چڱو وجهه مليو. ڳالهين ڪندي، جڏهن ”مس ٽيمپل“ سندس لارڊ هئڻ ۽ وڏيءَ جاگير ۽ جائداد رکڻ جي تعريف ڪئي، تڏهن ”فرڊننڊ“ پنهنجو ناراضپو ظاهر ڪيو، جنهن جي سبب پڇڻ تي ”فرڊننڊ“ کي پنهنجي باطني مفلسيءَ ۽ قرضداريءَ جو اشارو ڏيڻو پيو. تنهن تي ”مس ٽيمپل“ دلاسو ڏيئي چيو ته: ”سچي عزت دولت تي منحصر نه آهي: جيڪي شريف ۽ چڱي اصل نسل وارا آهن، تن کي ضرور عزت ملندي- دولت ڪي به ڪين آهي. جي ماڻهو جوان هوندو ۽ خوشدل ۽ خوش طبع هوندو، ته ڏک ۽ مصيبتون هن کي ياد به ڪين پونديون، هميشه خوش پيو گذاريندو. زماني جي گردش تي ناراض رهڻ نه گهرجي. اميد آهي ته غريب ۽ ضعيف خاندان، وري به دولتمند ۽ زور واراٿي سگهن ٿا“.

موٽڻ مهل هنن مانيءَ جي گهنٽي ٻڌي ۽ جلدي هلڻ لڳا. ”هنرئيٽا“ ”فرڊننڊ“ کي چيو ته: ”سگهو ئي ليڊي آرمن موٽي ايندي ۽ اوهين پنهنجن مائٽن سان گڏبؤ، اميد آهي ته اوهين هنن کي اسان وٽ آڻيندؤ ۽ پوءِ اسان کي به اوهان وٽ ملاقات لاءِ اچڻو ٿيندو. منهنجي مرضي آهي ته اُتي هڪ ٻه عجيب تصويرون ڏٺيون اٿم، جي آءٌ پنهنجي لاءِ نقل ڪري ڪڍڻ ٿي گهران“. تنهن جي جواب ۾ ”فرڊننڊ“ چيو ته ”اهي وڏن جي هٿن جون خانداني نشانيون ٿي پيئون آهن، نه ته جيڪر آءٌ اهي لاهي اوهان کي ڏيئي ڇڏيان... پر ٻيو به هڪڙو رستو آهي، جنهن سان اهي اوهان جون ٿي سگهجن ٿيون!“ ”مس ٽيمپل“ سادگيءَ سان پڇيو ته: ”اهو ڪهڙو رستو؟“ هن مرڪي چيو ته: ”خير، ڪو رستو خيال ۾ آيو هو، پر وري دل تان لهي ويو...“

ماني کائي، هنن پاڻ ۾ ويهي صحبت ڪئي ۽ ڳايائون ۽ وڄايائون. مسٽر ”ٽيمپل“ به ساڻن شامل ٿيو. وري شام جو هو گهمڻ ويا ۽ اڳئين ڏينهن وانگي، رات جي ماني کائي، ”فرڊننڊ“ وري به اتي رهي پيو. اها سندس پوئين رات هئي. انهن ٻن ڏينهن ۾ هو هڪٻئي سان تمام گهائل مائل ٿي ويا، هڪٻئي جي طبيعت ۽ گفتگو مان پورا واقف ٿيا ۽ اهي بلڪل موافق ۽ مطابق ڄاتائون.

هيءَ پوئين رات ”فرڊننڊ“ کي ”ڊوسيءَ“ ۾ ڪيئن گذري هوندي، تنهن جو پڙهندڙ آسانيءَ سان ويچار ڪري سگهندا. خيال ڪري ڏسن، ته ننڊ ڪا آئي هونديس؟ جيڪي اڳئين ڏينهن ڏٺو ٻڌو ۽ ڪيو هئائين، تنهن تي پئي خيال پچايائين. هوڏانهن وري سجهيس ٿي ته ٻئي ڏينهن آرمن ۾- نڀاڳي آرمن ۾- ويندو، جتي پنهنجي ”هنرئيٽا“ جو منهن نه ڏسندو! اتي سندس مائٽن سان گڏ سندس منڱيندي به رهندي، تنهن سان گذارڻو پوندس. وري جي ”آرمن“ ۽ ”ٽيمپل“ وارن گهرن جا ڀاتي پاڻ ۾ گڏيا، ته ”هنرئيٽا“ ۽ ”ڪئٿرائن“ ٻئي گڏ ٿينديون، انهن سان هڪ هنڌ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڪهڙو نه ڏکيو ٿيندس!

انهن خيالن ڪندي، هنڌ تي پاسا اٿلائيندي ۽ پسار ڪندي، رات گذريس. صبوح جو سوير جهنگ ڏي منهن ڪري هليو ويو ۽ وڃي ڍنڍ ۾ وهنجڻ لڳو. سج به اڀري سنئون ٿيو ۽ ديول جي گهڙيال ست وڄايا. هو ٽي ميل پنڌ جا پري ويو هو. موٽڻ جي مهل هي انتظار هوس ته متان گهر جا ڀاتي سندس ڳولڻ لاءِ منتظر ويٺا هجن. موٽي جڏهن ”ڊوسي بائوئر“ کي ويجهو آيو، تڏهن ”مس ٽيمپل“ منهن ۾ مليس - جا شايد سندس ڳولڻ لاءِ نڪتي هئي. هن جو حال ڏسي، هوءَ حيران ٿي - مٿو اُگهاڙو، وار کنڊريل، اکيون ڳاڙهيون ۽ اوجاڳيل، دل پريشان ۽ رات جي ڪپڙن ۾! چوڻ لڳيس ته ”ڪئپٽن آرمن، ههڙو سوير اٿڻ وارا آهيو ڪيئن؟“ هن مونجهاري کان پوءِ جواب ڏنو ته ”سچي ڳالهه ته اها آهي ته آءٌ اُٿيو ئي ڪين آهيان - يعني ته آءٌ رات سـُـتو ئي ڪين آهيان! خبر ناهي ته ڪهڙي سبب ڪري ننڊ نه آيم- شايد ڪالهوڪي ڏينهن خوشيءَ ۾ گذاريو هوم- سو سوير نڪري ويس ته وڃي تازي هوا کان ۽ ڍنڍ ۾ وهنجان“.

”مس ٽيمپل“  چيو ته: ”مون کي به پوري ننڊ نه آئي، رڳا پئي خواب لڌم. صبح جو اٿي باغ ۾ گهمڻ ويئس ۽ اجهي هيترا گل گڏ ڪيا اٿم!“ ائين چئي هڪڙو گل کڻي ڏنائينس. هن اهو ورتو ۽ جيڪو گلاب جو گل هن پهرئين ڏينهن ڏنو هوس، سو ڪڍي ڏيکاريائينس. پوءِ چيائينس ته ”اها منهنجي لاءِ تمام چڱي سوکڙي آهي. انهيءَ جو قدر آءٌ ٿو ڄاڻان. اجهو، هي اوهان جو پهريون تحفو به مون وٽ قابو آهي- جيتوڻيڪ ڪومائجي ويو آهي، ته به منهنجي لاءِ اڃا تازو ۽ خوشبودار آهي!“

”مس ٽيمپل“ چيو ته “هاڻ انهيءَ کي اڇلائي ڇڏ، هي تازو گل انهيءَ جي جاءِ تي رک”. هن چيو ته ”اهڙو بيعقل ۽ بيحيا آءٌ ڪين ٿيندس... هيءَ دوستيءَ جي نشاني آهي، سا آءٌ ساهه سان سانڍيندس“. ”مس ٽيمپل“ وري چيو ته ”بيشڪ، پاڻ هينئر گهاٽا دوست ٿياسين، نه رڳو آءٌ، پر بابو به اوهان کي گهڻو پسند ٿو ڪري“. هن چيو ته ”آءٌ انهيءَ مهربانيءَ جو لائق ناهيان، اها اوهان جي ذاتي ڀلائي آهي. مسٽر ٽيمپل حقيقت ڪري عجيب انسان ۽ خوش خلق ماڻهو آهي“. هن ورندي ڏني ته ”منهنجي هن سان نهايت گهڻي محبت آهي ۽ آءٌ هميشه هن جي تابعداريءَ کي فرض سمجهندي آهيان. مون کي ماءٌ ڪانهي، تنهنڪري منهنجي بابي سان اهڙي محبت آهي، جهڙي اوهان جي پنهنجيءَ ماءُ سان هوندي“. تنهن تي ”فرڊننڊ“ چيو ته ”آءٌ هميشه خود راءِ رهيو آهيان ۽ آزمودي سان مون کي معلوم ٿيو آهي ته ماءُ پيءُ جي محبت، جا مون کي تمام گهڻي هئي، سا به ٻيءَ اهڙي قسم جي محبت جي اڳيان ڪي ڪين آهي - يا اهڙي آهي، جهڙي چنڊ جي روشنائي سج جي اڳيان...!“

هن کلي چيو ته ”ڏسو، بابو مٿان دريءَ مان اسان کي اشارا ڏيو پيو سڏي... هلو ته تکا هلون“.

 

باب يارهون

آرمن ڏي موٽڻ، ۽ لڪچوريءَ ”ڊوسيءَ“ ۾ وڃڻ

”فرڊننڊ“ ”ڊوسيءَ“ مان موڪلائي، ”آرمن“ ۾ آيو. موٽندي، اهو خيال آيس ته مسٽر ”گلئسٽن بيري“، سندس استاد، جنهن کي پيءُ ڪري ڄاڻندو ۽ سڏيندو هو، سو سندس هيتريءَ بي سبب غيرحاضريءَ ڪري رنج ٿيو هوندو. انهيءَ جي لاءِ دل ۾ ڪوڙا سوڙا عذر پئي ٺاهيائين، ته پريان ”گلئسٽن بيري“ به ڏسڻ ۾ آيس. گهوڙي تان لهي، وڃي هن کي گڏيو. ”فرڊننڊ“ اڳي سچائيءَ ۽ صافدليءَ جي لاءِ مشهور هو، پر هينئر عشق پهريون دفعو ڪوڙ ڳالهائڻ سيکاريس. هن کي اهو عذر ڏنائين ته ڪو جهونو دوست ملي ويو هوم، تنهن ترسائي ڇڏيم. پوءِ پاڻ هميشه وانگي ڳالهائڻ ۽ گذارڻ لڳا- جيتوڻيڪ اڪثر ”فرڊننڊ“ اڳينءَ عادت جي برخلاف ڪڏهن ڪڏهن ڏسبو هو. تصويرن بابت ذڪر ڪندي، هڪڙي ڀيري، ”فرڊننڊ“ چيو ته منهنجي مرضي آهي ته ”هنرئيٽا آرمن“ جااڳي اسان جي خاندان ۾ ٿي گذري آهي، تنهن جي تصوير ڪڍي، يا ڪڍائي، ٻين تصويرن سان گڏ جاءِ ۾ ٽنگي ڇڏيان. ”گلئسٽن بيريءَ“ چيو ته ”اها ننڍي هوندي مري ويئي هئي، انهيءَ جي تصوير ملڻ محال آهي“. فرڊننڊ چيو ته ”آءٌ انهيءَ کي مرڻ ڪين ڏيندس، اها جيئري جاڳندي، کلندي ٽهڪندي، هتي رکڻ ٿو گهران!“ ٻيو ڪو ماڻهو هن جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ڄاڻي ها ته هن جو هوش برابر ناهي، پر گلئسٽن بيريءَ ڄاتو ته هي چرچا ٿو ڪري، يا ڪو ٻاراڻو خيال اچي دل ۾ پيو اٿس.

جڏهن اڪيلو باغ ۾ يا جهنگ ۾ هوا کائڻ ويو، تڏهن، جنهن هنڌ اڳي ”هنرئيٽا ٽيمپل“ ملي هيس، اهو هنڌ ڏسي، اڳوڻي ڳالهه ياد ڪري، نئين سر خيال پچائڻ لڳو. اهو هنڌ هن کي بهشت وانگي نظر آيو... پر اها حور ڪانه هئي! ان کان سواءِ اهو بهشت به دوزخ جي برابر هو. وري ”ڊوسي“ ياد پيس، جو هينئر سچو پچو بهشت هو.

وري جڏهن ”گلئسٽن بيريءَ“ سان گڏيو، تڏهن راڳ ۽ باجي جو ذڪر نڪتو، جنهن تي به ”فرڊننڊ“ جي دل نه رهي. چيائين ته: ”مون هڪڙيءَ ليڊيءَ کي نهايت عمدو راڳ ڳائيندي ٻڌو آهي. جي منهنجو وس پڄي، ته آءٌ راڳ ڳائي گذران ڪريان، پر پنهنجي مرضيءَ جي برخلاف شادي ڪري سک ۾ گذارڻ پسند نه ڪريان“. انهيءَ بابت گلئسٽن بيري هن سان ٿورو بحث هلايو- جيتوڻيڪ معلوم نه ٿي سگهيس ته اهي اشارا ڪنهن ڏي آهن ۽ اهڙي ذڪر چورڻ جو سبب ڪهڙو آهي.

انهيءَ طرح ٻه ٽي ڏينهن گذاريائين. خيالن ۽ ڳڻتين کان آرام ڪونه هوس. نيٺ سجهيس ته ٻئي ڏينهن سندس مائٽ ايندا ۽ سندس مڱيندي به انهن سان هوندي، پوءِ آءٌ ڪيئن انهن سان گذاريندس؟ پر وري دل ڏاڍي ڪري، چوڻ لڳو ته: ”ڪهڙي حرڪت آهي؟ ڀلي اچي... آءٌ ڪو پنهنجي مرضيءَ جي برخلاف هن سان شادي ڪندس ڇا؟ خوشي ماءُ پيءُ جي- جيئن وڻين تيئن گذارين. آءٌ شادي ڪندس، ته هنرئيٽا ٽيمپل سان! پوءِ جي ٻيو بهتر رستو نظر نه آيو، ته هي ملڪ ڇڏي وينداسين، وڃي گريس يا اسپين يا امريڪا ۾ رهنداسين. اتي وڃي آءٌ جهازي چورن سان گڏبس، انهن جو مهندار ٿيندس. ڪهڙو شڪ ته وري به ڪو ٻيٽ يا ملڪ وٺي، اتي جو بادشاهه ٿي پوان! اڳي تاريخن ۾ اهڙا مثال نه ٿيا آهن ڇا؟“

اهڙن خيالن کان پوءِ، پهريون ڀيرو هو ڍؤ ڪري ماني کائڻ ۽ چڱي ننڊ ڪرڻ ۽ خوش رهڻ لڳو. دل ۾ آيس ته سندس مائٽ اچن تنهن کان اڳي، هڪڙو ڀيرو وري به پنهنجي محبوب جو منهن ڏسي اچان. سو، هڪدم گهوڙو سنبرائي، سوار ٿي، ٽاٻڙ- ٽاٻڙ ڪندو ”ڊوسي باؤئر“ ڏي هليو. جيتوڻيڪ سج لهڻ تي هو، ته به هن ڀانيو ته جهٽ ڪري گهمي ايندس. سگهو ئي اچي اتي نڪتو. پري کان گهر ڏسي، خوش ٿيو- جتي پاڻ رهي ويو هو ۽ پنهنجيءَ پياريءَ ”هنرئيٽا“ سان کلي ڳالهائي ويو هو. اُهو باغ، اهي چمن، اهي رستا، جتي هن سان گڏ گهميو هو، سي ڏسي، هن جي دل بهار ٿيڻ لڳي. اتي اونداهي ٿي ۽ تارا نڪري ظاهر ٿيا، گهر جي درين مان بتين جي روشنائي ڏسڻ ۾ پئي آئي. هن گهوڙي تان ٽپ ڏيئي، لهي، گاهه تي، درين ۾ اکيون وجهي، ويهي رهيو. مناسب نه ڄاتائين ته ڪاهي اتي وڃي. اوچتو دريءَ جو پردو پاسي ٿيو ۽ هڪڙي نازڪ ٻانهن ڏسڻ ۾ آيس. هي خوش ٿيو ته مون کي ڏٺو اٿس ۽ سگهو ئي لهي مون وٽ ايندي، پر وري جڏهن پردو اچي ويو، تڏهن نااميد ٿيو. پوءِ وري هن جو مٺو آواز سندس ڪن تي پيو،جنهن اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڏياريس. هاڻ ڪيئن ڪري؟ ويٺو ته هن کي بلڪل ويجهو هو، فقط ڪي ٿورا قدم هئا... وڃي دريءَ جو پردو پاسي ڪري، جيڪو باجو پئي وڄيو ۽ راڳ پئي ڳايو سو ٻڌي ۽ هن کي ڏسي! پر وري پاڻ کي روڪيائين ۽ پٺ تي هٽي، وڻن ۾ لڪي، اڪيلو بيهي، پنهنجي محبوب جي رهڻ جي جاءِ ڏي نهارڻ لڳو.

عشق ڪهڙي نه عجيب شي آهي! بک اُڃ، ننڊ آرام، رات ڏينهن - ڪنهن جي به هن کي پرواهه ڪانهي. عاشق ويچارو ابابيل وانگي، هوا تي گذاري سگهي ٿو. محبوب جي باغ جي خوشبوءِ تي جيئرو رهي سگهي ٿو ۽ خيالي بهشت ۾ آرام وٺي سگهي ٿو. دنيا جي ڏک سک جي ۽ جيڪي اتي هلي ٿو تنهن جي، ڪا به يادگيري ڪانه اٿس. ڪهڙيون به سخت مصيبتون اچي ڪڙڪن- زمين ڌُٻي، طوفان اچي، مرض پکڙي، هزارين جانيون تلف ٿين - ته به هن کي پرواهه ڪانهي. هن کي پرواهه فقط پنهنجي محبوب جي آهي: جي اهو ساڻ آهي، ته هن وٽ سڀ ڪجهه موجود آهي، اگرچ مفلس هجي ۽ جي اهو ناهي، ته هو سڃو سکڻو آهي، پوءِ ڀلي وڏي دولت ۽ اقبال وارو هجي. عاشق ويچارو دنيا ۾ ائين هلي ٿو، جيئن ڪو ماڻهو ننڊ ۾ يا اٿاڻي ۾ هلي. هن جون اکيون ظاهري طرح پٽيل آهن، پر ڏسي ڪي به ڪين ٿو- ڏسي رڳو باطني اکين سان ٿو ۽ رڳا خيالي ڏيک.

”فرڊننڊ آرمن“ جو به اهو حال هو اها ساري رات هن ”ڊوسيءَ“ ۾ اڪيلي وڻن ۾ گذاري. رات گذري، پرهه ڦٽي، پکين ٻوليون ڪيون... ذري کان پوءِ هي ظاهر ٿيندو! هاڻ ڪيئن ڪري، ڪيڏي وڃي؟ ”آرمن“ ڏي وڃي؟.... پر ساهه ”ڊوسيءَ ۾“ ڇڏي، رڳو بت وٺي وڃي! محبوب جي دريءَ جي روشنائي، جنهن ۾ هو ساري رات اهڙيءَ طرح اکيون وجهيو ويٺو هو، جهڙيءَ طرح جهاز وارا روشنائيءَ جي مناري جي بتي پيا ڏسندا آهن، سا ڇڏي، هو ٻئي پاسي هليو وڃي؟ پر جي نه وڃي، ته ڀلي اهڙي حال اتي ڏسڻ ۾ اچي! لاچار، جڏهن روز روشن ٿيڻ لڳو، تڏهن گهوڙي تي چڙهي، جهنگ ڏيئي، هڪڙيءَ پاڻيءَ جي نهر تي آيو. اتي لهي، منهن ڌوئي، تازو ٿي، وري چڙهيو ۽ پري کان هڪڙي ڪڙميءَ جو گهر ۽ ڀانڊو ڏسڻ ۾ آيس، اوڏي رخ رکيائين.

ڪڙميءَ جي زال هڪڙي سکر ماڻهوءَ کي اتي ڏسي هن کي مسافر ڄاتو ۽ چاءِ ۽ ناشتو آڇيائينس. ”فرڊننڊ“ اها آڇ شڪر گذاريءَ سان قبول ڪئي ۽ لهي پيو. موچاري چڱي ماني آڻي اڳيان رکيائونس جا کائي خوش ٿيو. پوءِ هڪڙي بينچ تي ليٽي پيو ته ٿورو هڏ ساهي. اوجاڳي جي ڪري ننڊ کڻي ويس. ڪن ڪلاڪن کان پوءِ جاڳيو - ٻه پهر لڙي ويا هئا. کاڌي ۽ آرام ملڻ ڪري هن جو بت البت تازو ۽ هلڪو ٿيو. اٿيو ته هڪڙو مزي جهڙو گلدستو رکيل ڏٺائين، جو هن ڄاتو ته ڪڙميءَ جي زال يا سندس خوبصورت ڌيءَ شايد رکي ويئي آهي. اهو ڏسي خوش ٿيو ۽ ”ڊوسيءَ“ جو باغ ياد پوڻ لڳس. ڪڙمي ۽ سندس زال ٻاهر ويل هئا، سندن ڌيءَ حاضر هئي، تنهن وٽ پنهنجي شڪر گذاري ظاهر ڪري، موڪلائي فرڊننڊ اتان روانو ٿيو.

------

باب ٻارهون

عشق جو اظهار

وچِئين وچِئين ڌاري ”ڪئپٽن آرمن“ همت جهلي ”ڊوسي باؤئر“ ۾ ويو. ”مسٽر ٽيمپل“ جي پڇا ڪيائين نوڪر چيس ته ”صاحب ڪالهه صبح جو سڪاٽلنڊ ڏي ويو آهي، باقي مسي بابا گهر آهي“. سگهو ئي اطلاع ڏني کان پوءِ، ”فرڊننڊ“ اندر ويو. وجهه ته چڱو مليس، انهيءَ لاءِ ته اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي اندر جو حال ظاهر ڪري، پر همت جهلي نه پي سگهيو. هن سان پوري واقفيت نه هيس. خبر نه هيس ته متان اڳي ڪنهن سان مڱيل هجي، يا سنديس مرضي ڪنهن ٻي طرح جي هجي. دل ۾ ويٺي خيال پچايائين ۽ ٺهراءُ ڪيائين، ته هينئر ته نه باقي ٻئي وقت وجهه وٺي ذڪر چوريندس، ته اوچتو در کليو ۽ ”مس ٽيمپل“ لنگهي آئي - هن جو ٻرندڙ ۽ مرڪندڙ منهن ڏسي، نئين سر هن جي اندر ۾ عشق جاڳيو- هن ائين ٿي ڄاتو ته ڪا وڏي راڻي اچي مٿان بيٺي آهي.

خوش خير عافيت ڪرڻ کان پوءِ، ”هنرئيٽا“ سندس شڪر گذاري ڪئي، جو کيس اڪيلائي ۾ ڏسڻ آيو هو. پيءُ جو ٻڌايائينس ته اوچتو ٻاهر ويو آهي ۽ سندس مائٽن جو حال پڇيائينس هن چيس ته اڃا ڪين آيا آهن. وري پڇيائينس ته ”اوهين گهوڙي تي چڙهي آيا آهيو ڪيئن؟“ ”فرڊننڊ“ ورندي ڏني ته ”نه“. وري پڇيائينس ته ”تڏهن پنڌ ڪري آيا آهيو؟“ هن چيو ته ”خبر ناهي ته ڪيئن هتي آيو آهيان. ڀانيان ٿو ته پنڌ ڪري آيو آهيان“. تنهن تي ”مس ٽيمپل“ چيو ته ”اوهين ٿڪا هوندؤ. بيٺا ڇو آهيو، ويهو“.

”فرڊننڊ“ ويٺو. هن چيو ته ”ڪي کائيندؤ يا پيئندؤ“ هن اگرچ معافي گهري ته به هن نوڪر کي حڪم ڏنو ته ماني کڻي اچ. ”فرڊننڊ“، ”مس ٽيمپل“ کان پڇيو ته ”اوهين به ٻاهر ويا هئو ڪيئن؟“ هن چيو ته ”مون ٻاهر وڃڻ جو پي خيال ڪيو، پر چڱو ٿيو، جو اوهين آيؤ. مون اڳي ئي ڪو بهانو پي ڳوليو ته نه وڃان”.

ڪلاڪ کن تائين هنن لهواريون اوڀاريون ڳالهيون ڪيون، پر ظاهر هو ته ٻئي هميشه واري خوش طبعي ۽ خوشدليءَ جي حالت ۾ نه هئا. گهڻو وقت ماٺ ڪري پوءِ ٿي ڪو هڪ ٻه جملو ڳالهايائون. انهيءَ وچ ۾ ”مس ٽيمپل“ پنهنجي ٽٻڻي کڻي، سئيءَ جو ڪم به ويهي ڪرڻ لڳي ۽ ڳالهائيندي به رهي. جڏهن ”فرڊننڊ“ چيو ته ”آءٌ نڪمو ويٺو آهيان -  هليو وڃان يا ڪنهن طرح ڪمائتو ٿيا“. تڏهن هن هڪڙي سٽ جي پيچڪ جهلڻ لاءِ ڏنيس، جنهن تان پاڻ ڌاڳو ڇڪي ٿي لاٿائين. چيائينس ته ”ڪئپٽن آرمن“ ماٺ ڪري ويهڻ کان وري به ڪي ڪجهه ڪرڻ چڱو آهي، سست رهڻ ڪري ماڻهو ملول ۽ منجهيل ٿو رهي- هن چيو ته ”جي ههڙو ڪم آءٌ ڏهاڙي ڪري سگهان ته جيڪر ڏاڍو خوش گذاريان.“ ”مس ٽيمپل“ چيو ته “خير گهرو - اهو ته زنانو ڪم آهي - اوهين ڪو مردانو ڪم ڪريو ته چڱو. ڇو نٿا ڪوشش ڪري پارليامينٽ ۾ گهڙو“. ”فرڊننڊ“ چيو ته ”اوهان کي خبر ڪانهي، ته آءٌ ڪئٿولڪ آهيان، نه پراٽسٽنٽ“. اتي ”مس ٽيمپل“ جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ٻي ڳالهه چورڻ لڳي، پر، ”فرڊننڊ“، انهي جي پچر نه ڇڏي ۽ چوڻ لڳو ته “مون کي اميد آهي، ته منهنجي ڪئٿولڪ هئڻ ڪري اوهين رنج ته ڪين ٿا ٿيو؟“، هن چيو ته ”رنج! مذهب جي ڪري آءٌ رنج ڇو ٿينديس: دل جو ويساهه، دل جي خواهش ۽ خوشيءَ سان گڏجڻ نه گهرجي - هو پنهنجي جاءِ چڱو ۽ هو پنهنجي“. ”فرڊننڊ“، مرڪي چيو ته ”منهنجي پڙ ڏاڏي مارگريٽ آرمن پراٽسنٽ هئي“. هن چيو ته ”مارگريٽ“ چڱو نالو آهي“. تڏهن ”فرڊ ننڊ“ چيو ته ”مون کي سو نٿو وڻي. ”هنرئيٽا آرمن“ نالو هجي ها ته وڻي ها، پر اسان جي گهراڻي ۾ هڪڙي ”هنرئيٽا آرمن“ به هئي؟“ هن چيو ته سچ پچ هئي. پر هاڻ منهنجو سٽ پورو ٿيو - اوهان گهڻي تڪليف ڪئي - هاڻ آءٌ وڃي پنهنجن گلن جي سنڀال ڪريان. ايندؤ؟“ ائين چئي هن ”فرڊننڊ“ ڏي نهاريو، جو هن جون ماريندڙ اکيون ڏسي ۽ ساهه وجهندڙ آواز ٻڌي، ٽپ ڏئي اُٿيو ۽ هن سان گڏجي باغ ۾ ويو. اتان گهمندي لنگهي پرتي ساوڪ ڀرئي ميدان تي ٿيا، جو پاسي واري ٽڪريءَ تائين ٿي ويو. سج لهڻ تي هو. شفق جا خوبصورت رنگ لحظي بلحظي پي بدليا - آسمان توڙي زمين جو نماءُ ڏاڍو راحت ڏيندڙ هو - اڪيلائيءَ ۾ ئي اهو وقت ماڻهوءَ جي دل تي جادوءَ جهڙو اثر پيدا ڪرڻ جهڙو آهي، هتي ته ”فرڊننڊ“ سان هڪڙي ٻي خوبصورت جادوءَ جي اثر واري جوان زال هئي، تنهن هن جي دل اصل موهي وڌي - دل جي سڪ ۽ ڇڪ کي روڪي نه سگهيو - آهستي آهستي هن جو هٿ وٺي، ڪنڌ نوڙائي چوڻ لڳس ته ”نهايت حسين نازنين، تنهنجي محبت مون کي ماري وڌو آهي“.

انهن ٿورن لفظن واتان ڪڍڻ ڪري هن جي دل تان گهڻو بار اوچتو لهي هلڪو ٿي پيو ۽ هينئر ڏاڍي شوق ۽ ذوق مان محبت جا لفظ سندس وات مان پاڻيءَ وانگي وهڻ لڳا. وڌيڪ چوڻ لڳو ته ”خوبصورت، پياري ”هنرئيٽا“، آءٌ پنهنجي دل جي شوق کي روڪي نٿو سگهان. جنهن وقت منهنجي نظر توتي پيئي، انهيءَ وقت کان وٺي منهنجي دل تو وٽ قابو ٿي آهي. آءٌ نه رڳو توکي پيار ٿو ڪريان، پر تنهنجي پرستش ٿو ڪريان - مهربان ليڊي، مون کي بيحيا نه ڄاڻ. برابر آءٌ تنهنجي لائق ناهيان، تڏهن به ڀلائي ڪري تون مون کي پيار ڪرڻ جي موڪل ڏي. جي منهنجي دل قبول پئي سگهي - جي اهو ڪين جهڙو نذرانو محبت جي بدلي ۾ قبول پئي سگهي ته آءٌ عمر تائين غلام ٿي گذارينديس - جي رڳو مون کي اميد ٿي سگهي ... ”پر، ”مس ٽيمپل“، پياري ”هنرئيٽا“، تون ڳالهائين نٿي - چڙي آهين ڇا؟ متان مون پنهنجي حد ۽ درجي کان وڌيڪ جرات ڪئي آهي؟ جي مون ڪو قصور يا ڪا بي ادبي ڪئي آهي ته مون کي معاف ڪر“. پياري ليڊي، تنهنجي حسن جي تابش ۽ جادوءَ جهڙي اثر کان، جي مون بيوس ٿي، اهڙي گستاخي ڪئي، ته مون کي معاف ڪر. مون کي چؤ، ته انهيءَ ڪري تون مون کي ڌڪارين نه ٿي، ته آءٌ ماٺ ڪندس. انهيءَ ڪري مون کي پنهنجي در تان لوڌي نه ڪڍ پنهنجيءَ دوستيءَ ۽ صحبت کان نااميد نه ڪر- ساهه کان پياري ”هنرئيٽا، مون تي قياس ڪر، مون تي رحم ڪر. جيڪڏهن توکي خبر پوي، ته تنهنجي محبت ۾ مون ڪيترا عذاب سٺا آهن، ڪيتريون راتيون اوجاڳي ۾ گذاريون آهن ۽ ڪيترا ڏينهن بي آرام لنگهايا اٿم ۽ رڳو تنهنجي خيالي صورت ۽ اميد ۽ آسري تي پي جيو آهيان، ته جيڪر ضرور مون کي معاف ڪرين ۽ مون تي قياس ڪرين: ٻڌاءِ ته جي تون اهڙي خوبصورت آهين ته اهو منهنجي ڏوهه آهي ڇا - جي تنهنجا نيڻ من موهيندڙ ۽ ڪهندڙ آهن ته اهو منهنجو قصور آهي ڇا - ؟ جي تنهنجي مٺي ٻولي منهنجو هوش عقل کسي وٺندڙ آهي، ته منهنجو ڪهڙو وس... او ”هنرئيٽا“، مون تي رحم ڪر“.

اتي هن بس ڪئي، پر، ”هنرئيٽا“ ڪو به جواب ڪونه ڏس. هن جو ڳل لڙي وڃي، ”فرڊ ننڊ“ جي ڪلهي تي لڳو ۽ سندس هٿ، جو هن جي هٿ ۾ هو، تنهن سان ٿورو زور ڏئي هٿ ڪڍي ورتائين. انهيءَ سندس بدران گهڻو ئي ڪي جواب ۾ ڳالهايو، جنهنڪري هن جي دل کي گهڻو ڏڍ آيو. انهيءُ تي همٿائجي هن کڻي ڀاڪر وڌس ۽ سندس سرد چپن تي ٻرٻرندي چمي ڏنائين ۽ قسم کڻي پنهنجي سچي ۽ جٽاءَ ڪندڙ محبت جي خاطري ڏنائينس، پوءِ وٺي هڪڙي پهڻ تي وڃي وهاريائينس. تڏهن به هن اڃا ڪڇو ئي ڪين، پر سندس هٿ وري به هن جي هٿ ۾ هو ۽ سندس مٿو هن جي ڇاتيءَ تي هو. اتي چنڊ به ڪني ڪڍي ۽ انهيءَ جي روشنائي به هنن تي پوڻ لڳي. انهيءَ مهل ”فرڊ ننڊ آرمن“ جي دل جي خوشي ۽ سرهائيءَ جي ڪا به حد ڪانه هئي. ڪپڙن ۾ ئي نه ٿي ماپيو ۽ ”هنرئيٽا ٽيمپل“ سا ته رات جي ٿڌي هير لڳڻ ڪري پي ڏڪي، جيتوڻيڪ ايتري سردي به ڪانه هئي. اتي ديول جي ڪلاڪ ڏهه وڄايا ۽ هن چيو ته ”فرڊننڊ هاڻ گهر هلڻ گهرجي“.

------

باب تيرهون

ٻنهي جي محبت جو مقابلو

اڌ رات ڌاري ”فرڊننڊ“ اچي آرمن جي قلعي ۾ پهتو ۽ پنهنجي جاءِ ۾ اچي هنڌ تي ليٽيو. گهڻائي خيال، گذريل توڙي آئيندي وقت جا، دل ۾ آيس، جن البت دل ۾ مونجهارو پيدا ڪيس، پر جڏهن هو هينئر فتحياب عاشق هو، تڏهن فڪر سڀ وسري ويس ۽ دل ۾ بيحد خوشي پيدا ٿيس - پنهنجي محبوب جو رومال، جو آندو هئائين، سو ڪڍي انهيءَ کي هزارين چميون ڏئي ماٺ ڪري سمهي پيو ۽ مٺي ننڊ وٺي ويس.

صبح جو دير ڀرو اٿيو. وري نئين سر ڳڻتي ٿيس ته متان سندس مائٽ، خاص سندس مڱيندي، انهيءَ ڏينهن اچي نڪري. پر، جڏهن اڳئين ڏينهن جي آيل ٽپال مليس ۽ پڙهيائين، تڏهن خوش ٿيو. سندس ماءُ ۽ سندس مڱينديءَ لکيو هوس ته ”سندس ماسيءَ جي بيماريءَ سبب ٻه ڏينهن اڃا به نه اچي سگهندا“. گهڻن خيالن کان پوءِ پڪو ٺهراءُ ڪيائين ته نيٺ هو ٻن چئن ڏينهن ۾ ايندا، تنهن کان بهتر آهي ته اهڙي ڪا تجويز ڪجي، جنهنڪري ڪي ڏينهن ته جند ڇڏائي هن نئين عشق جون لذتون وٺان. پنهنجي ماءُ ۽ مڱينديءَ ڏي خط لکيائين ته ”مون اوهان جي لاءِ گهڻو ئي انتظار ڪڍيو، پر اوهين نه آيؤ. مون کي ڪن ٿورن ڏينهن لاءِ پنهنجي نوڪريءَ جي نسبت ۾ لنڊن وڃڻو آهي، تنهنڪري ڪن ڏينهن تائين ملي ڪين سگهنداسين. ”مس گرئنڊيسن“ ڏي خاص طرح لکيائين ته تيسين تون ”باٿ“ ۾ رهي پئي هـُـججئين، آءٌ پاڻيهي لنڊن مان تو وٽ ايندس. هنن ڏي ائين لکي، پاڻ ارادو ڪيائين ته ”ڊوسي“ جي ويجهو جنهن ڪڙميءَ جي گهر ۾ اڳي وڃي رهيو هو ۽ معرفت پيدا ڪئي هئائين، اتي في الحال وڃي رهي، جتان اوير سوير پنهنجي محبوب کي ملندو رهي. هڪڙو اٽليءَ جو ماڻهو وٽس نوڪر هو، سو پنهنجو حال - ڀائي ڪيائين، انهيءَ کي سمجهائي ڇڏيائين ته جيڪا ٽپال سندس نالي اچي، سا لڪايو کيس اتي ڪڙميءَ جي گهر پهچايو وڃي. ٻڍي ”گلئسٽن بيريءَ“ کي به پنهنجي لنڊن وڃڻ جي ضرورت جو عذر ڏيئي ڇڏيائين.

”فرڊننڊ“ جو حال ته ٻڌؤ، هاڻ ”هنرئيٽا ٽيمپل“ جو حال ٻڌو. گذريءَ ملاقات کان پوءِ هن جي دل جي حالت ٻي ٿي پيئي. راڳ ۽ باجو توڙي گل ۽ پکي، جن سان ايتري محبت هيس، سي سڀ هاڻ وسري ويس. ڳڻتي هينئر اها هيس ته ”فرڊ ننڊ“ جلد اچي، ته ويهي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪريون. جهڙيءَ طرح ”فرڊ ننڊ“ کي پنهنجي ماءُ پيءُ جي محبت توڙي پنهنجي مڱيندِي اصل وسري ويئي ۽ هڪڙي ٻئي نئين ماڻهوءَ جي محبت هن جي دل ۾ جاءِ وٺي ويهي رهي، تهڙيءَ طرح ”هنرئيٽا“ کي پنهنجي پيءُ جي محبت، جا حد کان زيادهه هوندي هئي، سا جهٽ ۾ گهٽجي ويئي ۽ ٻئي ڏينهن هڪڙي ڌارئين ماڻهوءَ جي محبت دل ۾ کـُـپي ويئي. انهيءَ جو اثر پاڻ به سهي ڪري سگهِي، پر هيءَ ڳالهه سندس وس کان ٻاهر هئي. هن ۾ سندس ڪو به قصور ڪونه هو. سندس محبت ”فرڊ ننڊ“ ڏي نهايت اُونهي ۽ سچي هئي. هن کي نهايت عمدو انسان ۽ لياقت وارو ٿي ڄاتائين ۽ پاڻ کي هن جي بنسبت ڪي ڪين ٿي ڄاتائين. انهيءَ حيرانيءَ ۾ هئي ته ڪهڙيءَ طرح ههڙي ماڻهوءَ کيس پسند ڪيو آهي... انهيءَ ڪري پاڻ کي ڏاڍو خوش نصيب ٿي سمجهيائين. هن جو شوق دل ۾ ايتري قدر ٿيڻ لڳس، جو ڄاتائين ته اهڙي من - موهيندڙ ساٿيءَ کان ڌار حياتي گذاري نه سگهنديس، بلڪ هڪ لحظو به هن کان پري رهڻ مشڪل نظر آيس: مطلب ته جيڪو هينئر خيال هوس سو ”فرڊ ننڊ“ جو ۽ هن جي گڏجڻ ۽ هن سان ڳالهائڻ جو.

انهيءَ خيال ۾ ويٺي هئي ته پنهنجي جاءِ جي دريءَ جي ٻاهران کڙڪو ٻڌائين. حيرانيءَ ۾ هئي ته ڇا آهي، ته اوچتو ”فرڊننڊ“ اچي سندس هٿ وٺي پنهنجن چپن تي رکيو. هيستائين هن جي اچڻ لاءِ منتظر ۽ حيران پريشان هئي، ۽ هاڻ جڏهن هو اچي حاضر ٿيو، تڏهن حجاب کان ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهي.

”فرڊننڊ“ چوڻ لڳو ته ”خوبصورت هنرئيٽا، مون ائين ٿي ڄاتو ته پاڻ وري ڪڏهن ڪين گڏباسين، پر خدا کڻي وري جلد ملايو“. ”هنرئيٽا“ مشڪلات سان اکيون مٿي ڪري، چيو ته ”منهنجا ”فرڊننڊ“ آءٌ اهڙي خوش آهيان جو ڳالهائي نٿي سگهان!“ هن وري چيو ته ”پياري، ٻڌاءِ ته سهي ته توکي ڪو منهنجو خيال هو؟ تو پنهنجو ڪو رومال سنڀاليو، جو آءٌ چوري ڪري کڻي ويو هوس؟... سڄي رات پنهنجي ڇاتيءَ تي، پنهنجي دل تي، رکي ستو پيو هوس!“ هن چيو ته ”مون کي پنهنجو رومال ڏي. سچي پچي تون اهو پنهنجيءَ دل تي رکي ستو هئين!“ ”فرڊننڊ“ چيو ته ”پنهنجي دل“ نه چؤ، ”منهنجي دل“ چؤ... اها دل توکي آئي، تنهنجي آهي! مون کي پنهنجو هٿ وري ڏي - آءٌ اهو ڪين ڇڏيندس... ڪهڙو نه نرم ۽ خوبصورت هٿ آهي!” هن چيو ته ”پيارا ”فرڊننڊ“، تنهنجو هٿ به اهڙو ئي نرم ۽ نازڪ آهي“. ”فرڊننڊ“ چيو ته پياري، توکي خبر ناهي ته منهنجي محبت توسان ڪيتريقدر آهي: هزاريِن پتي به آءٌ اُها تو وٽ ظاهر ڪري نه سگهيو آهيان!“

انهيءَ طرح، محبت جون ڳالهيون ڪندا ۽ هڪٻئي کي پيار ڏيندا، هو باغ ۾ ويا. اڳي انهيءَ هنڌ مليا هئا، تنهن بابت پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳا. باغ مان گهمندي، وري ٻيلي ۾ جهنگ ڏي گهمڻ ويا. هر هڪ قدم تي، هر هڪ ساعت ۾، هو هڪٻئي کي پنهنجيءَ محبت جي گهڻائيءَ ۽ سچائيءَ جون نشانيون ڏيکارڻ ۽ خاطري ڏيڻ لڳا. ڏسڻ شرط پهريندي هنن جي دل ۾ جيڪا هڪٻئي ڏي ڪشش پيدا ٿي هئي، سا ياد ڪري، هينئر هو انهيءَ جي سچي ڪرڻ لڳا.

ڳالهين ۾ گهڻو پنڌ ڪري ويا ۽ ٿڪجي پيا، تنهنڪري هڪڙي هنڌ گاهه واريءَ جاءِ تي ويهي رهيا. اڃا به هنن جا قصا کٽڻ جا ئي نه هئا. اُتي، ڳالهين ڪندي، ”هنرئيٽا“ ٻڌايس ته اڳئينءَ رات جڏهن هو هن ڪڙميءَ جي گهر ستل هو، تڏهن پاڻ اتي گهمڻ آئي هئي ۽ کيس ستل ڏسي، گلدستو سندس هنڌ تي ڇڏي ويئي هئي- اهو گلدستو هو، جو هن جاڳڻ مهل سمجهيو هو ته ڪڙميءَ جي زال ياڌيءَ رکيو آهي. هيءَ نئين محبت جي نشاني معلوم ڪري، ”فرڊننڊ“ جي محبت ”هنرئيٽا“ لاءِ پاڻ زيادهه ٿي.

اتي ويٺي، محبت جون ڳالهيون ڪندي، هنن کي سج لهي ويو. پوءِ اُٿي ”ڊوسيءَ“ ڏي هلڻ لڳا. انهيءَ کي ويجهو جڏهن آيا، تڏهن هڪٻئي کان موڪلائڻ لڳا. اها موڪلاڻي ڏاڍي درد ڀري هئي. ”فرڊننڊ“ چوڻ لڳس ته ”ساهه کان پياري هنرئيٽا، نيٺ هينئر جدا ٿينداسين ڪيئن؟ تو کان پري آءٌ ڪيئن جيئرو رهي سگهندس! تنهنجن نوڪرن مان هڪڙو هجان ها ته چڱو هو - من انهيءَ ساڳئي گهر ۾، انهيءَ ساڳيءَ ڇت هيٺ، رهيو پيو هجان ها، من تنهنجي گهنٽي ٻڌي، ذري ذري ڊوڙي تو وٽ اچان ها، تنهنجي مٺي ٻولي ٻڌان ها ۽ مٺو منهن ڏسان ها! جيڪڏهن مسٽر ”ٽيمپل“ هتي هجي ها ته چڱو هو، جو آءٌ زور ڪري به هتي مهمان ٿي رهي سگهان ها”. ”هنرئيٽا“ چيس ته ”بابي جي ڳالهه ياد نه ڏيار، تون رڳو پنهنجو ذڪر پيو ڪر. پر هاڻ بهتر آهي ته پاڻ جدا ٿيون... حياتي آهي ته وري سڀاڻي گڏباسين. خدا تو کي خوش رکي، سلامت رکي!“ انهيءَ تي ”فرڊننڊ“ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو، پر هن دلاسو ڏئي ڪري روانو ڪيس. چيائينس ته سڀاڻي سوير گڏباسين ۽ گڏجي ناشتو کائينداسين“. پوءِ هڪٻئي کي پيار ڪري، وقت جي لاءِ، هو ڌار ٿيا. ”هنرئيٽا“ پڪو انجام ڏنس ته ”سڀاڻي صبح سوير آءٌ گهمندي انهيءَ ڪڙميءَ جي گهر تائين ايندس ۽ پوءِ اتي گڏجي ماني کائينداسين“. انهيءَ انجام ۽ دلاسي هن جا جدائي جا عذاب گم ڪري ڇڏيا، پوءِ به ”هنرئيٽا“ هن کي اتي ڇڏي هلي ويئي. جو ڄاتائين ته هو اُتان چرڻ وارو ناهي.

------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com