سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: سچي محبت

باب: --

صفحو :1

سچي محبت

شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ

ڇپائيندڙ پاران

سنڌي زبان بيشڪ شاهوڪار ۽ زرخيز ٻولين مان هڪ آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ادبي زرخيزيءَ جو اندازو پرڏيهي ادب مان ڪيل ترجمي مان به لڳائي سگهجي ٿو، جو ترجمو ڪيل پرڏيهي ادب، سنڌي ادب ۾ اهڙو ته جذب ٿي سمائجي ويو آهي، جو پتو ئي نه پوندو ته ڪو هيءُ ڌاري ٻوليءَ مان ترجمو ڪيو ويو آهي. ترجمو ڪيل پرڏيهي ادب جي ڇپرايل ادبي شهپارن جو پرو ڪڍبو، ته اهو سنڌي ادبي بورڊ وٽان ظاهر ٿيندو. جنهن اداري سنڌي ادب سميت پرڏيهي ادب جي اشاعت و طباعت تي مستقل مزاجيءَ سان ڪم ڪيو آهي. ان کان هر اهلِ علم ۽ ادب شناس ماڻهو واقف آهي، ته اهو سنڌي ادبي بورڊ ئي آهي. هيءُ اهو واحد ادبي ادارو آهي، جنهن رنگ، نسل، مذهب ۽ قوميت جي فرق کي ختم ڪري فقط ئي فقط ادب جي خدمت ڪئي آهي، ان جو رڪارڊ شاهد آهي.

ڪنهن به ٻوليءَ جو ادب ايستائين عالمي ادب سان ڪلهو نه ٿو ملائي بيهي، جيستائين ان ادب جو ڌارين ٻولين ۾ ترجمو ۽ ميڊيائي پروپيگنڊا سگهاري نه ٿي ٿئي. سنڌي ادب جي کيتر ۾ ته اعليٰ درجي جو ڪم ٿيو آهي، پر ان جي ڌارين ٻولين ۾ ترجمي ڏانهن اڃا ايترو توجهه نه ڏنو ويو آهي. ادب رڳو قومن جي احساساتي ۽ تخيلاتي تصورن جي اظهار جو نالو نه آهي، پر اهو مجموعي طرح قومن جو هڪ ڊگهو تهذيبي ۽ ثقافتي سفر جو ريڪارڊ به آهي، جنهن ۾ قومن جي منزلن جا نشان ۽ سمورا پيچ و تاب سمايل هجن ٿا. ڌارين ٻولين جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو مقصد به اهوئي آهي، ته جيئن اسان پنهنجي ادب جي ترقي ۽ معيار جو ڪاٿو پرڏيهي ادب سان ڪيل تقابلي جائزي مان لڳائي سگهون ۽ اهو ڏسي بخوبي راءِ قائم ڪري سگهون ته اسان جو ادب جو معيار ڪٿي پهتل آهي.

سنڌي زبان ۾ پرڏيهي ادب جي شروعاتي ترجمي نگارن جا پيرا ڳولبا ته انهن ۾ سنڌ جي نامياري عالم ۽ سنڌي ادب جي محسن، شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ جا نظر ايندا. ميرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جي اُفق جو اهو تارو هو، جنهن پنهنجي پوري روشنيءَ جي لاٽ سان ڏيهي توڻي پرڏيهي ادب کي منور ڪيو.

ڪنهن به لکندڙ لاءِ تخليق کان وڌ ترجمي جو ڪم محنت طلب ٿئي ٿو، ڇو ته هن ڪم واسطي لکندڙ جو مڙني ٻولين تي دسترس هجڻ ۽ وٽس تخليقي ۽ فني طرح مهارت جو هجڻ تمام ضروري آهي.

هيءُ ڪتاب شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ جي پرڏيهي ادب مان تجرمو ڪيل هڪ شاندار ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي ترجمي جو معيار ۽ مواد ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته اسان جي اوائي عالمن جي ادب سوجهڻ وري پرک ۽ ڪسوٽي ڪا گهٽ درجي جي نه هئي. ’سچي محبت‘ انگريزي ڪتاب ”هنرئيٽا ٽيمپيل“ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ”آرل آف بيڪنسفيلڊ“ جو لکيل آهي. مسٽر آرلک انگلينڊ جو جڳ مشهور سياستدان ۽ اديب ٿي گذريو آهي. ميرزا قليچ بيگ صاحب ان جو ترجمو ويهين صديءَ جي پهرين ڏهاڪي ۾ ڪيو، جو بورڊ اُن جو پهريون ڇاپو سنه 1959ع ۾ ڇپي پڌرو ڪيو ۽ هينئر سنه 2006ع ۾ هن ڪتاب جو ٻيون ڇاپو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. اميد آهي ته پڙهندڙن کي پسند ايندو.

 

ڄام شورو، سنڌ                                            (اعجاز احمد منگي)

ڇنڇر، 27_ رمضان المبارڪ 1427هجري             سيڪريٽري

بمطابق 21_ آڪٽوبر 2006ع                سنڌي ادبي بورڊ


 

 

باب پهريون

آرمن جو قديم خاندان

”آرمن“ جو خاندان نهايت قديم هو، ”نارمنڊيءَ“ وارو بادشاهه ”وليم“، جنهن انگلينڊ فتح ڪيو هو، تنهن سان گڏ اُتي آيو. انهيءَ کان پوءِ ايندڙن بادشاهن جي راڄ ۾ انهيءَ خاندان گهڻا لاڙها چاڙها ڏٺا ۽ جنگين ۾ گهڻي بهادري ڏيکاريائين. اصل اهو خاندان ”رومن ڪئٿولڪ“ مذهب جو هو، پوءِ راڻيءَ ايلزبيٿ جي ڏينهن ۾ ”پراٽسٽنٽ“ ٿيو، پر وري جيمس ٻئي جي راڄ ۾ ڪئٿولڪ ٿيو. هميشه انهيءَ خاندان مان ”نائيٽ“ ۽ ”بئرونيٽ“ ٿيندا آيا. پڇاڙيءَ وارو مشهور شخص جو انهيءَ خاندان مان پيدا ٿيو، سو ”سر فرڊننڊ آرمن“ هو. هو خوبصورت، جوان، قابليت ۽ همت ۽ طبع وارو ماڻهو هو. تجويزن ۽ اٽڪلن ۽ ٻين ملڪي حرڪتن ۽ تدبيرن جي ڪري، ملڪ ۾ مشهور هو: بلڪ هڪڙي ڀيري ته پولينڊ جي بادشاهه ٿيڻ جي به ڪوشش ڪئي هئائين، پر جڏهن انهيءَ ۾ فتحياب نه ٿيو، تڏهن راڻيءَ وڪٽوريا جي شاهي نوڪري ڇڏي، قسطنطنيه ڏي هليو ويو ۽ اُتي وڃي سلطان جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو. جنهن ماڻهوءَ انگلنڊ ۾ پراٽسٽنٽ ٿيڻ نٿي گهريو، سو هتي مسلمان سڏائڻ ۽ اُتي جي پوشاڪ ڍڪڻ لڳو ۽ نيٺ ترڪي لشڪر جو سپهه سالار ٿي آسٽريا تي ڪاهي ويو ۽ اتي جي لشڪر کي شڪست ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ سگهو ئي وري اوچتو ئي اوچتو هو اچي انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو ۽ ڏاڍي مان شان سان گذارڻ لڳو. پوءِ جڏهن فرانس ۾ حڪومت جي ڦير گهير ٿيڻ لڳي، تڏهن ”سر فرڊ ننڊ“ اتي وڃي ”بونا پارٽ“ جو طرفدار ٿيو ۽ نيٺ همت ۽ بهادري ڏيکاري پنهنجو سر ڏنائين ۽ ٻين فسادين وانگي قتل ڪيو ويو.

هن جو پٽ ”سر رئٽڪلف آرمن“ هو، جنهن کي پيءَ اصل ڪونه ڏٺو هو ۽ جو گمناميءَ جي حالت ۾ پلجي پئي وڏو ٿيو. سندس ماءُ، ”ليڊي باربرا رئٽڪلف“، هن جي سنڀال ڪندي هئي. پيءُ جي مرڻ مهل هو مس بالغ ٿيو هو. ”آرمن“ واري جاگير ۽ جائداد، جا پيءُ - ڏاڏي جي ورثي ۾ هن کي ملي هئي ۽ جنهن تي گهڻو قرض جو بار پيل هو، تنهن جي سنڀالڻ ۽ قائم رکڻ جو هن پنهنجيءَ دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو. جيتوڻيڪ ان جي ڀاڱي نيڪال ڪرڻ سان هو اُهو قرض جو بار هلڪو ڪري سگهي ها، ته به هن پنهنجيءَ جاگير کي گهٽائڻ نه گهريو. اڌاريون رقمون کڻي ۽ ڪا جائداد گروي رکي، هن قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس سالياني پيدائش ٽي سؤ پائونڊ هئي، جا هو پنهنجيءَ ماءُ جي اڳيان وڃي رکندو هو. انهيءَ طرح ڪن ڏينهن گذارڻ کان پوءِ، هو پنهنجي پيءُ جي ترار کڻي اسپين ڏي هليو ويو ۽ وڃي اتي شاهي فوج ۾ داخل ٿيو. اتي هن ٿورو گهڻو آزمودو حاصل ڪيو. اگرچ تعليم گهڻي ڪانه مليل هيس، مگر اتي هن کي هڪڙو خير خواهه دوست ۽ استاد ملي ويو، جنهن جي صحبت ۾ هن گهڻو ئي ڪي پرايو. اهو هو – ”ائڊرين گلئسٽن بيري“، جو سندس ماءُ جو پادري هو. اهو ”آرمن“ جي خاندان جو قديم واقف هو ۽ هميشه احوال پيو گڏ ڪندو هو- انهيءَ لاءِ، ته انهيءَ قديم خاندان جي تاريخي احوال جو ڪتاب لکي. اهو هن جوان ”بئرونيٽ“ جي تمام چڱي سنڀال ڪندو هو ۽ سندس سڀ ڪم ڪار ۽ خرچ پکو هن جي حوالي هوندو هو.

”رئٽڪلف“ کي اسپين ۾ ٽي ورهيه مس گذريا، ته پٺيائنس سندس ماءُ مري ويئي. انهيءَ وقت ”گلئسٽن بيري“ وٽس موجود هو. انهيءَ ”سر رئٽڪلف“ کي ڏاڍيءَ غمگينيءَ سان اها خبر لکي ۽ هن کي صلاح ڏنائين ته اسپين ڇڏي پنهنجي وطن هليو اچ. هن ائين ڪيو: انگلنڊ ۾ اچي، پنهنجي جاگير جي پوريءَ پنيءَ پيدائش تي گذران ڪرڻ لڳو. هڪڙو سکر ماڻهو، جو ڪئٿولڪ هو ۽ جنهن سان اسپين ۾ معرفت ٿي هيس، تنهن وٽ اچڻ وڃڻ لڳو. انهيءَ جو نالو ”لارڊ گرئنڊيسن“ هو. رفتي رفتي انهيءَ جي ڌيءَ، ”ڪانسٽنس“ سان هن جي محبت پيدا ٿي ۽ نيٺ انهيءَ لارڊ جي اجازت سان هنن جي شادي ٿي.

شاديءَ کان پوءِ ”آرمن“ واريءَ جاگير جي محلات ۾ رهڻ لڳا، جنهن جو نالو ”آرمن پئليس“ هو. ”رئٽڪلف“ جي پيءُ، “سر فرڊننڊ”، انهيءَ قديم عمارت جو ڪو ڀاڱو ڊهرائي وري نئين ڊول جا ڪمرا ٺهرايا هئا، باقي جايون ائين ئي اڻ ٺهيل رهيون پيون هيون ۽ مينهن واچ جي اثر کان خراب حال ۾ هيون. پر جيڪي نوان ٺهيل ڪمرا هئا ۽ جن ۾ ”سر فرڊننڊ“ رهندو هو، تن ۾ ڏاڍو عمدو سامان پيل هو ۽ عمارت جي آسپاس گهڻي پنڌ تائين مزي جهڙي ساوڪ هئي ۽ وڏا وڏا وڻ بيٺل هئا - ڄڻ ته باغ به هو ۽ ٻيلو به هو، جن جي گلزاري ڏسي ۽ خوشبو سنگهي روح کي ڏاڍي راحت پئي آئي. هڪڙيءَ ڪنڊ کان ڍنڍ به هئي، جنهن ۾ هنس ۽ هنج ۽ ٻيا پاڻيءَ جا پکي هئا.

اها ئي عمارت هئي، جنهن ۾ هينئر گهوٽ ڪنوار رهڻ لڳا. ٽي چار جايون جيڪي ڪم جهڙيون هيون، تن کي ”ليڊي آرمن“ ڏاڍو سينگاريو. هوءَ لياقت ۽ قابليت واري زال هئي. ساري يورپ جو سير ڪيو هئائين ۽ چڱي تعليم ۽ گهڻو آزمودو حاصل ڪيو هئائين. نيڪ ۽ خدا پرست ۽ خوش خلق هئڻ ڪري، هر دلعزيز هئي. اهڙيءَ زال جي صحبت ۾ ”سر رئٽڪلف“ جي دل جي ملولائي ۽ غمگيني - جا خانداني مصيبتن ۽ خانگي حالت جي اثرن ۽ مسڪينيءَ ۽ گوشي نشيني پيدا ڪئي هئي - سڀ گم ٿي ويئي، نه ته به گهڻي قدر گهٽجي ويئي، انهيءَ ڪري مڙس جو پيار هن سان حد کان زيادهه هو. امڪان هو ته اهڙيءَ زال کي ٻيو ڪو بهتر ۽ زيادهه شريف مڙس ملي سگهي ها، پر ”ليڊي آرمن“ کي ”سر رئٽڪلف“ جي خوبصورتيءَ ۽ عالي دماغيءَ، تيز فهميءَ، مسڪينيءَ ۽ غمگينيءَ جي حالت جي همدرديءَ ۽ اصلوڪي عالي خاندانيءَ، ڇڪي پاڻ ڏي نيو. انهن ڳالهين ڪري هن جي به هن سان حد کان زياده محبت هئي ۽ هن پڪو ارادو ۽ سعيو ڪيو ته انهيءَ خاندان جي حالت سڌاري ۽ جهڙو اوج اڳي هوس اهڙو ئي وري آڻي. هڪڙو قديم نوڪر ۽ سندس زال، جي اڳي انهيءَ زمين جي سنڀال ڪندا هئا، سي هنن هينئر کڻي پنهنجا خانگي نوڪر ڪيا ۽ ”ليڊي آرمن“ پنهنجن مائٽن مان هڪڙي ٻي زال گهرائي پنهنجي حاضريءَ ۾ خدمتگاريءَ جي لاءِ کڻي رکي ۽ انهيءَ جو ڀاءُ وري گهوڙن جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيائين، پوءِ گهر جي نزديڪيءَ ۾ هڪڙي باغيچي رکڻ جو بندوبست ڪيائين: مطلب ته شاديءَ کان پوءِ ٽن چئن مهينن جي اندر هنن گهڻو ئي سڌارو ڪيو. جيتوڻيڪ آسپاس رهڻ وارن ماڻهن سان گهڻي آمد رفت نه ڪيائون - فقط اتي جي پادريءَ سان رستو رکيائون - انهيءَ هوندي به هو هڪٻئي جي محبت ۾ اهڙو خوش گذاريندا هئا، جو ٻئي ڪنهن جي صحبت جي پرواهه ڪانه رکندا هئا. مگر پنهنجي قديم خير خواهه ۽ سچي دوست ”گلئسٽن بيريءَ“ کي وساري نه ڇڏيو هئائون، اها خواهش هين ته هينئر هو اچي ساڻن گڏ رهي ته وري به سندن وقت زيادهه خوش گذري. انهيءَ ڪري، زال جي چوڻ تي، ”سر رئٽڪلف“، ”گلئسٽن بيريءَ“ ڏي خط لکي موڪليو ۽ اچي ساڻن رهڻ لاءِ گهڻو تاڪيد ڪيائينس.

------

 

باب ٻيو

گلئسٽن بيري ۽ آرمن جي ڪٽنب جو زيادهه احوال

”ائڊرين گلئسٽن بيري“ به هڪڙي قديم خاندان جي ننڍن پـُـٽن مان هڪڙو هو ۽ فرانس جي هڪڙي ”جيزيوٽ ڪاليج“ ۾ تعليم ورتي هئائين. ننڍي هوندي کان هو جدا جدا هنڌن جي ديولن ۽ قديم عمارتن ڏسڻ جو شوقين هوندو هو، انهيءَ ڪري نقاشيءَ ۽ سنگتراشيءَ ۽ اهڙن عمدن هنرن جي گهڻي تعريف ۽ قدرداني ڪندو هو ۽ انهن جي شوق ۾ پاڻ به انهن هنرن جي استعمالي ڪندو هو. ايڪيهين ورهين جي ڄمار ۾ هن کي هڪڙي چاچي جي ميراث هٿ لڳي، جنهن تي هو خانگي طرح خبرداريءَ سان گذارڻ لڳو. چرچ، يا پادرين جي کاتي جي نوڪريءَ جي خواهش هيس، پر فلحال اڃا اهڙو ڪو بندوبست نه ٿي سگهيو هو. تيستائين هو اٽليءَ ۽ سئٽزرلنڊ جون قديم عمارتون ۽ ديوليون گهمندو وتيو ۽ ”پوپ“ جي به قدمبوسي حاصل ڪيائين. نيٺ هو لئنڪشائر جي هڪڙي ڪئٿولڪ ڊيوڪ وٽ اچي نوڪر بيٺو ۽ هن جي ڪتبخاني جي سنڀال ڪرڻ لڳو.ڊيوڪ جي غير حاضريءَ ۾ هو انگلنڊ جي الهندي وارن قديم عمارتن جي ڏسڻ لاءِ گشت به ڪندو رهيو. هن جي لياقت ۽ قابليت ۽ خوش طبعيءَ هن کي هر دلعزيز ڪري ڇڏيو. جتي ويندو هو، اتي سڀڪو زور ڪري پنهنجو مهمان ڪندو هوس ۽ گهڻو مان ۽ آڌرڀاءُ ڏيندو هوس. علم ۽ فلسفي، حڪمت ۽ راڳ، شعر گوئيءَ ۽ مضمون نويسيءَ ۾ چوڌاري مشهور ٿي ويو.

اُتان ”گلئسٽن بيريءَ“ کي ”سر رئٽڪلف“ جي ماءُ گهرائي ٻار جي تعليم لاءِ پاڻ وٽ رکيو، جو تڏهن اٺن ورهين جي ڄمار جو مس هو. انهيءَ وقت کان وٺي هن جي هن خاندان سان محبت ٻـَـجهي ويئي. ڪن خانگي سببن ڪري ”سر رئٽڪلف“ جي شاديءَ تي حاضر ٿي نه سگهيو هو، مگر هنن وٽ وڃڻ لاءِ پيو وجهه ڳوليندو هو. سو، هاڻ جڏهن ”سر رئٽڪلف“ جو خط مليس، تڏهن خوشيءَ سان هنن ڏي وڃڻ جي رٿ ڪيائين.

مڙس ۽ زال شام جي مهل، گاهه تي ڪرسيون وجهيو ويٺا هئا ته اوچتو پري کان ڪو ماڻهو ايندو ڏٺائون. جڏهن هو ويجهو آيو تڏهن ”سر رئٽڪلف“ هن کي سڃاڻي ورتو. ڊوڙ پائي وڃي ڏاڍيءَ محبت ۽ تعظيم سان گڏيس ۽ وٺي پنهنجيءَ زال وٽ آندائينس، جا پڻ هن کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. ڳچ صحبت ڪرڻ کان پوءِ وڃي ماني کاڌائون ۽ جيڪا جاءِ هن جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪري ڇڏي هئائون، تنهن ۾ وٺي وڃي وهاريائونس. ”گلئسٽن بيري“ به هنن جي محبت ۽ آڌرڀاءُ ڏسي، ائين ٿي سمجهيو ته ڄڻ آءٌ پنهنجيّ گهر ۾ آيو آهيان. ”آرمن“ جي محلات يا قلعي جي وڏي دروازي جي ويجهو، ٺـُـلهه ۾، هڪڙي اڪيلي جاءِ هئي - اها ”گلئسٽن بيريءَ“ پنهنجي لاءِ پسند ڪئي، جتي هن پنهنجو سامان آڻي رکيو. هن گهر جي مالڪن کي باغ يا جاءِ جي سڌاري ۾ گهڻي مدد ڏني، جنهنڪري ٿورن ئي ڏينهن ۾ اهي سڌاري جون نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳيون ۽ هن جي صحبت جو اثر به گهر جي مالڪن ۾ ظاهر ٿيڻ لڳو.

انهيءَ طرح ٻه ورهيه گذري ويا. ”ليڊي آرمن“ کي پٽ ڄائو، جنهن پاڻ هنن سڀني جي وندر وڌائي. اُنهيءَ ٻار جو نالو ”فرڊ ننڊ“ رکيو هئائون. انهيءَ جي پالي وڏي ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ ۾ سڀئي مشغول ٿيڻ لڳا. هو ٻئي ڪنهن پاسي ڪين ويندا هئا، رڳو سال ۾ هڪڙو ڀيرو ليڊيءَ جي پيءُ، ”لارڊ گرئنڊيسن“ وٽ ملاقات لاءِ ويندا هئا. جيتوڻيڪ ٻين ڳالهين ۾ ”سر رئٽڪلف“ جي حالت اڳي کان بهتر هئي، مگر پيسي توڙي ملڪيت جي نسبت بهتري ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. جاگير اڳي وانگي گروي پيل هئي ۽ قرضخواهن پاڻ زيادهه ڪوشش پئي ڪئي. سندس ڪار باريءَ اها ئي صلاح پئي ڏني ته ڪو ڀاڱو وڪڻجي، ته قرض به لهي ۽ ٻيو پيسو به بچي پر ”سر رئٽڪلف“ جي دل ائين ڪرڻ نٿي گهريو.

ڏهن ورهين تائين ته ڪارخانو ائين پئي هليو ۽ مائٽن جو سارو ڌيان ننڍڙي ”فرڊننڊ“ جي پرورش ۽ تعليم ۾ هو، جو سامائجي وڏو ٿيو. هو اهڙو ناز پروردو ۽ لاڏلو هو، جو ڳوٺ جا ماڻهو هن کي ننڍو شاهزادو ڪري سڏيندا هئا. ”گلئسٽن بيريءَ“ جهڙي اُستاد وٽ هن هر قسم جي علم ۽ هنر جي فضيلت ۽ لياقت حاصل ڪئي. ڳائڻ وڄائڻ، نچڻ، شڪار ڪرڻ، سواري ڪرڻ، نقش ڪڍڻ- انهن سڀني ۾ هو قابل ٿيو. طبيعت ۽ اخلاقن ۾ به هو چڱو ٿيو. عبادت ۽ خدا پرستي، خدا ترسي ۽ فيض رساني ، رحمدلي ۽ انصاف پسندي ۽ اهڙيون ٻيون وصفون به هن ۾ پيدا ٿيون. پيءُ واري عالي دماغي ۽ اصل نسل جو فخر به هن ۾ هو، جنهنڪري هن کي پنهنجن خانداني نشانين ۽ يادگارن قائم رکڻ جو انتظار رهندو هو. محلات جي اندر جيڪي سندن وڏن جون تصويرون رکيل هيون، تن سڀني مان هن کي پنهنجي ڏاڏي ”سر فرڊننڊ“ جي تصوير گهڻو وڻندي هئي ۽ جنهن کي هو هميشه ڏسندو ۽ ساراهيندو رهندو هو. نالو به انهيءَ جو مٿس هو ۽ مهانڊا به اُنهيءَ جهڙا هئس - بلڪ چئجي ته طبيعت به اُنهيءَ جهڙي هيس ته بجا آهي.

انهيءَ طرح ڪي ورهيه گذري ويا. ننڍو ”فرڊننڊ“ جيڪڏهن ڪنهن پاسي گهمڻ ويندو هو، ته “گلئسٽن بيريءَ” سان گڏ ويندو هو. سال ۾ هڪڙو ڀيرو پنهنجي ناني وٽ وڃي ٿورا ڏينهن رهندو هو. ”لارڊ گرئنڊيسن“ هميشه سندس مشتاق رهندو هو ۽ سندس تعريف ڪندو هو. هميشه جڏهن هو موٽي پنهنجن مائٽن ڏي ايندو هو، تڏهن نانس هڪڙو ڏهن پائونڊن جو نوٽ خرچي ڏيندو هوس. انهيءَ ڪري ماءُ ويچاري ته خوش ٿيندي هئي ۽ ڄاڻندي هئي ته ناني جي لاڏلي هئڻ ڪري سندس ٻار کي پس پيش ملڪيت جو فائدو رسندو پر ”سر رئٽڪلف“ زيادهه آزمودگار ماڻهو هو، تنهن کي پنهنجي سهري ۾ اهڙيءَ سخا ۽ مهربانيءَ جي اميد ڪانه هئي.

هڪڙي ڀيري ته انهيءَ ڳالهه بابت زال مڙس جي وچ ۾ ٿورو تڪرار به ٿي پيو. ”ليڊي آرمن“ جو چوڻ هو ته ”اسان جو فرڊننڊ“ پنهنجي ناني جو لاڏلو آهي، سو ضرور هو سندس لاءِ ڪي ڪجهه ڪندو“. ”سر رئٽڪلف“ ورندي ڏني ته ”پياري ڪانسٽنس، مون کي لاڏلي جو لفظ وڻندو ئي ڪين آهي، خدا تنهنجي پيءُ کي وڏي حياتي ڏئي پر هيئن ڪ هونئن ته شايد پنجاهه گنيون به مس ورثي ۾ ڏيندس، يا ڪو گهوڙو يا ڪا سوني واچ - ٻيو مڙيو ئي خير“. ليڊيءَ چيو ته ”پاڻهي ويٺو ڏسجئين. مون کي پڪ آهي ته فرڊننڊ بابي کي ڏاڍو ٿو وڻي.“ هن چيو ته ”برابر وڻي ٿو، جو هو چالاڪ ڇوڪر آهي. گذرئي ڀيري جڏهن ملاقات جي لاءِ پاڻ وٽس هليا هئاسين،تڏهن مون پاڻيهي بيحيا ٿي ڳالهه چوري ۽ چيم ته ”سائين، فرڊننڊ هينئر پندرهن ورهين جو ٿيو آهي، مون کي اوتري وسعت يا هلندي ڪانهي، نه ته جيڪر هن کي نوڪري وٺائي ڏيان، ايتري چوڻ تي به پاڻ انهيءَ بابت ڪي ڪين چيائين ته اهو ڪم آءٌ ٿو ڪريان، يا اهو بار آءٌ ٿو کڻان“.

اتي ”گلئسٽن بيري“، جنهن بيٺي زال مڙس جي اها گفتگو ٻڌي، سو موڪلائي ٻاهر نڪرڻ لڳو. تنهن تي ”سر رئٽڪلف چيس ته ”پيارا گلئسٽن بيري“ اسان جو خانگي جهيڙو ٻڌي ڀڄي ٿو وڃي ڪيئن؟ اسان جو ڳجهه ڪو تو کان لڪل ناهي“. ليڊيءَ به چيس ته ”مسٽر گلئسٽن بيري، مهرباني ڪري وڃ نه، جي ڀائيندو هجين ته اسين جهيڙو ٿا ڪريون ته ڏس، وري به تنهنجي اڳيان ٿا پرچون“. ائين چئي، اُٿي مڙس کي چمي ڏنائين، جنهن گهڻو پيار ڪري چيس ته ”ساهه کان پياري ڪانسٽنس، مون کي پيسي يا درجي جي ڪا به طمع ڪانهي، جيڪا ڳڻتي اٿم سا اها ته تون سکي رهين ۽ عزت آبروءَ سان گذارين، جڏهن تو کي اهڙي حال ۾ نٿو ڏسان، تڏهن ٿو ارمان ٿئيم“. ليڊيءَ ورندي ڏني ته ”پيارا رئٽڪلف، آءٌ ڪا به دولت يا عزت تنهنجي محبت جي مـَـٽ نٿي ڀانيان. جي تنهنجي محبت مون سان آهي، ته مون وٽ سڀڪجهه آهي. مون کي جيڪا ڳڻتي آهي سا پنهنجي ٻار جي پر مون کي اميد آهي ته اُنهيءَ کي خدا ڪين ڇڏيندو. مون کي يقين آهي ته اُهو اسان جي خاندان جو وري نئين سر نالو نشان ڪڍندو.“

”گلئسٽن بيريءَ“ چيو ته: ”آمين، آمين، بيشڪ خدا اهڙي وڏي ۽ نيڪ ۽ خدا پرست خاندان کي ڪڏهن ڪين ڇڏيندو“.

ٻئي ڀيري جڏهن ”ليڊي آرمن“ مڙس کي غمگين ۽ ملول ڏٺو ۽ اڳي وانگي کلندڙ ۽ خوش طبع نه ڏٺو، تڏهن هن کي چوڻ لڳي ته: ”پيارا رئٽڪلف، تون کي هاڻ ڇا ٿيو آهي، ڇو اهڙين ڳڻتين ۾ اچي پيو آهين؟ خدا تي رک... پاڻ ڪهڙا به غريب ۽ مفلس کڻي ٿيون ته به جي پنهنجي محبت قائم آهي ته اسين خوش پيا گذارينداسين. جيڪڏهن تون هميشه اهڙو ملول ۽ غمگين گذاريندين ته آءٌ وڌيڪ جيئري رهي ڪين سگهنديس. جي مون تي ڪو قياس پوئي ته خدا جي واسطي خوش گذار. جيڪڏهن شادي ڪرڻ کان پوءِ تون پنهنجي زمين يا ان جو ڀاڱو کڻي نيڪال ڪرين ها ته جيڪر خوش گذاريون ها ۽ موچاريءَ چڱيءَ وسعت وارا هجون ها - پوءِ جيڪر تون اهڙو غمگين نه گذارين ها. هينئر به هو نڀاڳو بئگسٽر، جو توکي هزار ٿو لهڻي، سو جيڪر خوشيءَ سان آرمن جي جاگير وٺي“.

”سر رئٽڪلف“ خفي مان ورندي ڏني ته: ”ڇا، هڪڙي بئرسٽر کي آءٌ پنهنجي زمين وڪڻي ڏيان! واه، ڪانسٽنس، واه - چڱي ٿي صلاح ڏين!... اميد آهي ته آءٌ انهيءَ پنهنجيءَ زمين مان مري نڪرندس- اڳي نه!“ ”ليڊي آرمن“ چيو ته: ”تڏهن ڪنهن ٻئي کي کڻي ڏينداسين. ڪنهن به طرح، سڀ قرض لٿي، ويهه ٽيهه هزار پائونڊ بچي پوندا. پوءِ آسانيءَ سان پنهنجي فرڊننڊ کي نوڪري وٺي ڏيئي سگهنداسين. جي ٻئي هنڌ ڪو بندوبست نه ٿي سگهيو، ته من اسپين ۾ ٿي سگهي، جتي اڳي ئي تو نوڪري ڪئي آهي. پوءِ پاڻ سڀ هلي مئڊرڊ ۾ رهنداسين ۽ خوش پيا گذارينداسين“.

”سر رئٽڪلف“ چيو ته: ”پياري ڪانسٽنس، تون سچ پچ منهنجي لاءِ هڪڙو ملائڪ آهين. تو جهڙي زال هڪڙو وڏو خزانو ۽ وڏو ڀاڳ آهي. انهيءَ ڪري ته هميشه مون کي اهو ارمان ٿو  رهي ته جيڪڏهن تون زياده سکي گذارين ته ڪهڙو نه چڱو!“

”ليڊي آرمن ورندي ڏني ته: ”رئٽڪلف، ائين نه چؤ، تنهنجي مون سان محبت آهي، ته مون جهڙي سـُـکي ٻي دنيا ۾ ڪانه هوندي!“

”سر رئٽڪلف“ وري چيو ته: ”جي کڻي ائين ڪريون، جيئن تون چئين ٿي ۽ ٻئي ڪنهن پاسي نه وڃون، هتي انگلنڊ ۾ ٻي ڪا زمين وٺي رهي پئون، يا خود لنڊن ۾ ئي رهي پئون،... ته پوءِ ڪيئن؟“

ليڊيءَ چيو ته: ”ائين به چڱو، پر ڇو نه بابي جن کي ويجهو هلي رهون؟“

سر رئٽڪلف چيو ته: ”وري به اُهي اڳوڻا خيال! مون کي مفت جا هرڻ جا گوشت، ميون جون ٽوڪريون ۽ کير مکڻ ڪين گهرجن. نه نه! آءٌ جيئندس به پنهنجي آرمن ۾ ۽ مرندس به پنهنجي آرمن ۾!“

تنهن تي ”ليڊي آرمن“ چيو ته: ”جيئن تو کي وڻي، تيئن چڱو. مون کي اميد آهي ته انهيءَ وچ ۾ خدا ڪو چڱو سبب ڪندو. مون انهيءَ رات خواب ڏٺو هو ته فرڊننڊ هڪڙيءَ اهڙيءَ زال سان شادي ڪئي آهي، جنهن کي ورثي ۾ ڏاڍي دولت ملڻي هئي... جي اهو خواب کڻي سچو ٿئي ته پوءِ!“

هن چيو ته: ”ڀلي سچو ٿئي، ته به هو پنهنجي پيءُ کان زيادهه ڀاڳ وارو ڪين ٿيندو. هاڻ، پياري خدا حافظ. آءٌ وڃيو ٿو سمهان، تون به وڃي سمهه.“

------

 

باب ٽيون

لنڊن جو سير

اُنهيءَ جي ٻئي ڏينهن، گلئسٽن بيري پنهنجن انهن دوستن کي صلاح ڏني ته: ”فرڊننڊ اڳي ڪڏهن لنڊن جو شهر نه ڏٺو آهي، بهتر آهي ته انگلينڊ جي گاديءَ جو هنڌ هلي گهمي اچي، آءٌ وڃي گهمائي ايندوسانس“. اها رٿ هنن کي گهڻو پسند آئي ۽ انهيءَ لاءِ تياري ڪرڻ لڳا. ”فرڊننڊ“ ته خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ ئي نٿي ماپيو. جيڪي ٽي ڏينهن تياريءَ جا هئا، تن ۾ هن کي رات جو ننڊ ئي پوري نه آئي. ماءُ سان انهيءَ بابت ذري ذري پئي ذڪر ڪيائين ۽ اتي جو پئي احوال پڇيائين. هن کي ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته اهي ٽي ڏينهن گذرندا ئي ڪين، پر نيٺ اُهي گذريا ۽ هلڻ جو ڏينهن آيو. سامان گاڏيءَ ۾ وجهي، روانا ٿيا. گاڏيءَ ۾ گهڻا ٻيا به مسافر هئا. گهوڙا تکا ڊوڙڻ لڳا. مزي جهڙين ٻنين ۽ ڳوٺن، ميدانن ۽ ٻيلن مان لنگهي، شام ڌاري اچي رستي جي ڀر واريءَ هڪڙيءَ مهمانسراءِ يا هوٽل ۾ پهتا. اتي ماني تيار هئي. سڀني لهي ماني کاڌي. ماني به ڪهڙي؟ هر قسم جا طعام هئا، جي کائي هو ڏاڍو خوش ٿيا.

ماني کائي، وري به ساڳيءَ گاڏيءَ ۾ چڙهيا: ”گلئسٽن بيريءَ“ جي چوڻ تي ”فرڊننڊ“ سمهي پيو. چڱي ننڊ ڪيائين ۽ مزي مزي جا خواب پئي لڌائين. ٽن چئن ڪلاڪن کان پوءِ هو اچي بيٺا. سڀئي اکيون مهٽي اٿيا. ٻين ماڻهن جو آواز به ٻڌڻ ۾ آيو. ”فرڊننڊ“ پڇيو ته: ”هيءَ لنڊن آهي ڇا؟“ مسٽر ”گلئسٽن بيريءَ“ ٻڌايس ته: ”اها لنڊن آهي، مگر اڃا اسان کي ٻه ٽي ميل پنڌ ڪرڻو پيو آهي“.

ٻي ننڍي ڀاڙي جي گاڏي سڏي، هو ٻئي انهيءَ ۾ چڙهي ويٺا ۽ پنهنجو سامان به ان ۾ رکيائون. سگهو ئي اچي ”مارلي“ جي هوٽل ۾ لٿا. گهٽين جي گوڙ مان لنگهندي، ”فرڊننڊ“ کي حيراني لڳي ويئي. وري هوٽل جو بندوبست ۽ ماڻهن جي آمد رفت ڏسي، زيادهه حيران ٿيو.نيٺ هو کائي پِي سمهي رهيا ۽ رستي جي ٿڪ کان تمام چڱي ننڊ ڪيائون.

صبح جو سوير ناشتو کائي، هو شهر گهمڻ نڪتا ۽ ”هائوس آف پارليامينٽ“، ”ويسٽ منسٽر ائبي“ ۽ ٻيون عجيب غريب عمارتون ڏسي، نهايت خوش ٿيا. پوءِ مسٽر ”گلئسٽن بيريءَ“ پنهنجي واچ ڏسي چيو ته ”هاڻ منهنجي مرضي آهي ته پنهنجي هڪڙي دوست جي ملاقات تي هلون، جو ”سينٽ جيمسز اِسڪوائر“ ۾ ٿو رهي، اهو اسان کي ڏسي خوش ٿيندو“.

سگهو ئي اتي آيا. اهو هڪڙي ڊيوڪ جو گهر هو. ”گلئسٽن بيريءَ“ پنهنجو ڪارڊ ڏياري موڪليو ۽ جهٽ ۾ مٿي ماڙيءَ تي وٺي وين. ڊيوڪ جي ساري ڪٽنب جا ڀاتي گڏ ٿيا ويٺا هئا. ڊيوڪ، ڊچيس، انهن جا پٽ ۽ پوٽا، ڌيون ۽ ڏهٽيون - سڀ حاضر هئا. هنن جي ڏاڍي آڌر ڀاءُ ڪيائون. ”گلئسٽن بيريءَ“ جو انهيءَ ڪٽنب سان گهڻو رستو هو ۽ وٽن گهڻو رهيو هو، تنهنڪري گهڻن ڏينهن کان پوءِ هن کي ڏسي خوش ٿيا. ڊيوڪ چوڻ لڳس ته ”گلئسٽن بيري، تو کي ڏسي آءٌ گهڻو خوش ٿيو آهيان. تون ڪٿي آهين؟ جيئري ئي پاڻ کي پوري ڇڏيو اٿئي!“ وري ”فرڊننڊ“ کي چيائين ته ”مسٽر آرمن، تون خوش چڱو ڀلو ته آهين؟ تنهنجو ڏاڏو منهنجو دوست هو. سر رئٽڪلف ۽ ليڊي آرمن ته خوش چڱا ڀلا آهن؟“ وري ”گلئسٽن بيريءَ“ کي چيائين ته ”پيارا گلئسٽن بيري، مون کي اميد آهي ته تون اسان وٽ گهڻا ڏينهن رهندين. اسين تنهنجي جوان سنگتيءَ کي خوش رکنداسين. هي ايڊان ۾ پڙهندو آهي ڪيئن؟ هن جو ڏاڏو، سر فرڊننڊ، ته پڙهندو هو. ڏاڍو مزي جهڙو ماڻهو هو!“

مطلب ته جيڪي ٿورا ڏينهن هو اتي رهيا، سي هنن خوشي سان گذاريا. ”فرڊننڊ“ ڏهاڙي ماءُ ڏي تعريف ۽ خوشيءَ جا خط پئي لکيا. هن اڳي ڪڏهن به اهڙو خوش نه گذاريو هو. انهيءَ وچ ۾ ”گلئسٽن بيري، جو اتي فقط پنهنجي دوست جي نوڪريءَ جي بندوبست ڪرڻ لاءِ آيو هو، تنهن ڊيوڪ سان ڳالهه چوري. هن امير ماڻهوءَ به انهيءَ خاندان جي پست حالت ٻڌي همدردي ظاهر ڪئي ۽ ”گلئسٽن بيريءَ“ جي چوڻ تي، انجام ڪيائين ته آءٌ ”فرڊننڊ“ کي سرڪاري فوج ۾ علمداريءَ جي جاءِ وٺي ڏيندس.”گلئسٽن بيريءَ“ کي حيرت تڏهن لڳي، جڏهن ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ ڊيوڪ کان معلوم ٿيس ته هن اهو بندوبست ڪيو آهي ۽ هڪڙي پلٽڻ هڪدم مالٽا ڏي وڃڻي آهي، تنهن سان گڏ ”فرڊننڊ آرمن“ کي به دير کان سواءِ وڃڻو ٿيندو. ”گلئسٽن بيريءَ“ ويچاري، ڳچ رقم پنهنجيءَ هڙ مان ڪڍي، خرچ ڪري، ”فرڊننڊ“ جو نالو داخل ڪرايو ۽ ڪميشن - سنـَـدَ هن کي وٺي ڏني، گزيٽ ۾ ”فرڊننڊ“ جي جاءِ مقرري ٿي هئي، سا وٺي، آرمن ڏي ڏياري موڪليائين. تنهن کان پوءِ، هو خوشيءَ ۾ آرام سان وقت گذارڻ لڳو.

------

باب چوٿون

”گلئسٽن بيري“ ۽ ”سر رئٽڪلف“ جي گفتگو

جنهن جهاز ۾ پلٽڻ مالٽا ڏي وڃڻي هئي، سو پندرهن ڏينهن کان پوءِ روانو ٿيڻو هو، تنهنڪري ”گلئسٽن بيري“ ۽ ”فرڊننڊ“ لنڊن مان موڪلائي آرمن ڏي آيا. گزيٽ اتي پهتي هئي، تنهن جي ٻئي ڏينهن هي به وڃي پهتا. ”سر رئٽڪلف“ ڏاڍي خوشيءَ مان وڃي هنن کي گڏيو. ”فرڊننڊ” لنڊن جي احوال ڏيڻ کان ڍائوئي نٿي. ڊيوڪ توڙي ٻيا ماڻهو، جن سان معرفت پيدا ڪئي هئائين، تن جو مفصل بيان مانيءَ کائيندي ڪري ٻڌايائين. ”سر رئٽڪلف“ جيتوڻيڪ پٽ جي نوڪري ملڻ ڪري گهڻو خوش هو ۽ انهيءَ جي لاءِ ٻين اڳيان سرسريءَ طرح ”گلئسٽن بيريءَ“ جي شڪر گذاري به ڪئي هئائين، ته به انهيءَ بابت هن کي گهڻو ئي ڪي چوڻو هو، جنهن جو وجهه نٿي مليس. خوشيءَ سان گڏ، هن جي هانَو تي ڳرو بار به هو. طبيعت جي ڪري عالي دماغ ۽ فخر وارو ماڻهو هو، پر مفلسيءَ جي ڪري ڪنڌ ڀڳو ۽ دل ڊٺي پيئي هيس. خبر هيس ته اهڙيءَ نوڪريءَ جي ڪميشن وٺڻ ۾ ڪيترو خرچ ۽ ڪيتري رقم هلندي گهربل آهي. اهي ڪٿان آيا- اهي پيسا ”گلئسٽن بيريءَ“ پاڻ خرچيا، يا ڊيوڪ خرچيا؟ پنهنجي دوست جو احسان کڻڻ وري به هن کي آسان ٿي لڳو- جيتوڻيڪ هن جي به خبر هيس ته گهڻو دولتمند ناهي- پر ڊيوڪ جي احسان کان هو گهڻو شرمندو ٿي ٿيو. جڏهن مانيءَ کائڻ کان پوءِ گڏجي باغ ۾ هلڻ لڳا، تڏهن، ”سر رئٽڪلف“ جي ڳالهه چورڻ تي، ”گلئسٽن بيريءَ“ خاطري ڏنيس ته ڊيوڪ انهيءَ ڪم تي ڪو به پيسو ڪونه خرچيو آهي، تنهنڪري ”سر رئٽڪلف“ خوش ٿيو ۽ پنهنجي دوست جو هٿ وٺي چوڻ لڳس ته: ”منهنجا پيارا گلئسٽن بيري، آءٌ تنهنجو گهڻو شڪر گذار آهيان، جو تو اسان جي لاءِ پاڻ کي نقصان ۾ وڌو آهي تنهنجي احسان کڻڻ کان آءٌ عارڪو نه ٿو ڪريان، جو ڄاڻان ٿو ته تون چاليهن ورهين کان اسان جي خاندان جو خيرخواهه رهندو آيو آهين، نڪي مغروري ڪري اهڙي احسان کڻڻ کان پاسو ٿو ڪريان، بلڪ تو تي ۽ تنهنجي دوستيءَ تي فخر ٿو ڪريان“. تنهن تي ”گلئسٽن بيريءَ“ هن کي تسليءَ جهڙو جواب ڏنو.

پوءِ، هلندي هلندي، قلعي جي دروازي ٺلهه ۾ آيا، جتي ”گلئسٽن بيري“ رهندو هو. اُتي هي ٻئي ڄڻا ويهي رهيا. ”گلئسٽن بيريءَ“ پنهنجي پيتي کولي هڪڙو ڪاغذ ڪڍي ”سر رئٽڪلف“ کي ڏئي چيو: ”اهو منهنجو وصيتنامو آهي، پڙهي ڏسو. انهيءَ مان معلوم ٿيندو ته منهنجي جيڪا به ملڪيت آهي، سا سڀ مون فرڊننڊ کي ورثي ۾ ڏني آهي - جو نه رڳو اوهان جو پٽ آهي، پر منهنجو به آهي“.

”سر رئٽڪلف“ وصيتنامو ڏسي ۽ پنهنجي سچي دوست ۽ خيرخواهه جا اهي لفظ ٻڌي، اکين ۾ پاڻي آڻي چوڻ لڳو ته: ”پيارا گلئسٽن بيري، شل انهن ورثن جي ملڻ کان اڳي فرڊننڊ تمام گهڻي عرصي تائين جيئرو رهي! تو اسان جي ڪم نصيب ۽ لتڙيل خاندان جي لاءِ پنهنجي قيمتي حياتي وڃائي آهي ۽ ان جي لاءِ هيتري خود قرباني ڪئي آهي، پر ائين ڪرڻ جي لاءِ تو کي ڪو به واجبي سبب ڪونهي ۽ نه اسين ايتريءَ مهربانيءَ جا لائق آهيون“.

”گلئسٽن بيريءَ“ ورندي ڏني ته: ”سر رئٽڪلف، ائين نه چؤ. آءٌ فقط پنهنجي دوستيءَ جو حق ادا ٿو ڪريان ۽ خدا کان دعا ٿو گهران ته مون کي زيادهه طاقت ۽ وسعت ڏئي ته انهي کان زيادهه حق ادا ڪريان، مرڻ گهڙيءَ تائين اوهان جو خير خواهه رهان، اوهان سان گڏ رهان ۽ اوهان کي پنهنجي اصلوڪي اوج ۽ تجمل ۾ ڏسان!“

”سر رئٽڪلف“ وري به اکيون اگهي چيو ته: ”پيارا گلئسٽن بيري، اوهين نهايت مهربان، رحمدل ۽ مروت وارا آهيو. خدا ڪري ته اسين ايتريءَ مهربانيءَ ۽ مروت جا لائق ثابت ٿيون ۽ اوهين ڪڏهن انهيءَ مهربانيءَ کان پشيمان نه ٿيو“.

تنهن کان پوءِ ٻئي اٿيا ۽ وري ٻاهر نڪتا.

 

------

 

باب پنجون

”فرڊننڊ“ جي تياري ۽ روانگي

انهيءَ وچ ۾ ”فرڊننڊ“ جي سفر جي تياري ٿيڻ لڳي. ٺهراءُ اهو ٿيو ته سندس پيءُ ساڻس گڏجي بندر تائين ويندو ۽ هن کي جهاز ۾ چاڙهي روانو ڪري ايندو. پٽ جي جلد جدا ٿيڻ ڪري ”ليڊي آرمن“ کي ڏاڍو ڏک هو، تڏهن به هن ماٺ ڪيو هن جي سامان سڙي تيار ڪرڻ جو بندوبست پئي ڪيو. خود ”فرڊننڊ“ به انهيءَ ڏک کان آجو نه هو. جيئن اُهو روانگيءَ جو ڏينهن ويجهو پوندو پئي ويو، تيئن سندس دل تنگ ۽ ملول ٿيندي ويئي. جن جاين تي هو ننڍي هوندي کان پئي گهميو، سي ڏسي هينئر هن کي ڏاڍو ارمان ٿيڻ لڳو، جو ڄاتائين ٿي ته وري ورهين تائين انهن جاين کي ڏسڻ نه ٿيندو.

نيٺ پڇاڙيءَ جو ڏينهن اچي پهتو. ”فرڊننڊ“ پنهنجي گهر جي جاءِ جاءِ ڪري گهميو ۽ پنهنجي استاد ”گلئسٽن بيريءَ“ کان موڪلايائين ۽ ان کان دعا گهريائين. ماءُ به هن کي گهڻي پيار سان نصيحتون ڪيون. سڄو ڏينهن انهيءَ طرح گذريو. پوءِ سڀني کان موڪلائي وڃي ستو، جو صبح جو سوير روانو ٿيڻو هو.

ستي کان پوءِ به سندس ماءُ اوچتو وٽس لنگهي آئي ۽ کيس ڀاڪر پائي، روئي، دعائون ڪيائينس ۽ موڪلايائينس. ماءُ جي محبت ۽ درد واري حالت ڏسي، ”فرڊننڊ“ پاڻ روئڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”امان، مون کي اڳي ئي ههڙا پيارا مائٽ ۽ ههڙو گهر ڇڏڻ لاءِ دل نٿي چوي: نوڪري وڃي کڏ ۾ پوي، آءٌ هتي خوش پيو گذاريان“. پر ماءُ وري به سمجهايس ۽ دعائون ڪري وري به موڪلائي هلي ويئي. پوءِ ”فرڊننڊ“ سمهي پيو.

جڏهن صبح ٿيو ۽ هو اٿيو، تڏهن ڪپڙا ڍڪي تيار ٿيو ته سگهو ئي گاڏي اچي در تي بيٺي. پڻس اڳ ئي تيار ٿيو گاڏيءَ وٽ بيٺو هو ۽ سامان سڀ گاڏيءَ ۾ پيو هو- رڳو چڙهڻ جي دير هئي. ارادو ڪيائين ته وڃي ماءُ کان موڪلائي، پر پڻس اها موڪل نه ڏنيس، جو سجهيس ٿي ته هن کي انهيءَ جدائيءَ جي ڏک کان رات جو ننڊ ئي نه آئي هوندي ۽ اڳ ئي چئي ڇڏيو هئائينس ته هلڻ مهل هن سان نه گڏجي، رات جو ئي موڪلائي ڇڏي، تنهنڪري پٽ کي چيائين ته دير ٿي ٿئي. انهيءَ موجب، ٻئي چڙهي ويٺا ۽ گاڏي اٿي هلي، ته به ويچاري ماءُ رهي ڪين، مٿان دريءَ مان جهاتي پائي، رومال لوڏي، پٽ کان موڪلايائين.

هو لنڊن ڏي ٿي هليا،... پر ”فرڊننڊ“ جي لاءِ اڳيون سفر هن سفر کان ڪهڙو نه تفاوت وارو هو: اڳي لنڊن ڏي ٿي ويو ته ڪهڙيءَ نه خوشيءَ سان ٿي ويو ۽ اتي جي ڪيتري نه تعريف ٿي ڪيائين ۽ هن ڀيري به ويو لنڊن ڏي ٿي، پر گهر ۽ ڳوٺ ۽ مائٽ مٽ ڇڏڻ ڪري ڪهڙو نه رنج ۽ غمگين هو.

نيٺ هو لنڊن اچي پهتا. ڊيوڪ ڪنهن پاسي ويل هو، تنهن کي ڏسي نه سگهيا. هوٽل ۾ ڏينهن گذاري، پوءِ ”گرئنڊيسن“ ڏي ويا. لارڊ گرئنڊيسن، جنهن ڏٺو ته سندس پيسي خرچڻ يا ٻيءَ تڪيلف کڻڻ کان سواءِ سندس ڏهٽي کي فوجي کاتي جي نوڪري ملي آهي، تنهن هن جي نهايت گهڻي آڌر ڀاءُ ڪئي، جيڪي ماڻهو وٽس ويٺل هئا، تن وٽ جهڙي پنهنجي ناٺيءَ جي تهڙي پنهنجي ڌيءَ جـِـي ۽ تهڙي پنهجي ڏهٽي جي تعريف ڪيائين ۽ حد کان زياده محبت ظاهر ڪيائين، ڏاڍا عمدا طعام کارايائين ۽ قيمتي قيمتي شراب پياريائين.

جڏهن ”فرڊننڊ“ موڪلايو، تڏهن ٻڍو لارڊ ايترو خوش ٿيو، جو هڪ سؤ پائونڊن جو نوٽ هن کي خرچي ڪري ڏنائين. ”فرڊ ننڊ“، جنهن کي ويهن پائونڊن جي ملڻ جي به مشڪل اميد هئي، سو پنهنجي ناني جي هيتري سخا ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پڪ ٿيس ته ناني جي مون سان تمام گهڻي محبت آهي ۽ نيٺ پنهنجو وارث مون کي ڪندو. نانس هلڻ مهل گهڻو ئي نصيحتون ڪيس ۽ خط لکڻ ۽ سندس يادگيري ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪرڻ کان پوءِ موڪل ڏنائينس.

تنهن کان پوءِ پيءُ ۽ پٽ ”فالمؤٿ“ جي بندر تي آيا، جتي جهاز بيٺل هو. هنن جي جدائيءَ جو وقت اچي پهتو. ”سر رئٽڪلف“ پٽ کي ڀاڪر پائي مليو. پٽ ئي اهو هڪڙو هوس، ٻيو اولاد به ڪونه هوس، انهيءَ سان تمام گهڻي محبت هيس، اُهو به هينئر وڏي سفر تي ٿي ويو، وري الائجي ڪڏهن گڏجڻا هئا، تنهنڪري البت هن کي گهڻو ڏک ٿيو. جيڪي ضروري ڳالهيون هيون، تن بابت هن پٽ کي نصيحت ڪئي. پوءِ موڪلائي هن کي جهاز تي چاڙهيائين ۽ پاڻ موٽي هليو آيو.

 

باب ڇهون

”فرڊننڊ“ جو مالٽا ۾ رهڻ ۽ موٽي انگلينڊ ۾ اچڻ

”فرڊننڊ“ فوج ۾ داخل ٿي مالٽا روانو ٿيو، تنهن کي پنج ورهيه گذري ويا. انهيءَ پلٽڻ کي ايتريءَ مدت کان پوءِ وري انگلنڊ ۾ موٽي اچڻ جو حڪم مليو. ”ڪئپٽن آرمن“ هينئر هڪڙيءَ ڪمپنيءَ يا پلٽڻ جو ڪمانڊنگ آفيسر هو. انهيءَ وچ ۾ ”فرڊننڊ آرمن“ هڪڙو ڀيرو موڪل تي پنهنجي وطن آيو هو، جڏهن سندس ماروٽ ”آگسٽس“ مري ويو هو، جو ”گرئنڊيسن“ جي جائداد جو وارث هو. جڏهن ٻيو مرد وارث ڪونه رهيو هو، تڏهن سڀني کي گهڻو امڪان ڏسڻ ۾ آيو ته ”آرمن“ جي ڪٽنب کي فائدو رسندو. خود مسٽر ”رئٽڪلف“، جو هميشه اهڙي اميد ڪانه رکندو هو، تنهن کي به مناسب ڏسڻ ۾ آيو ته پٽس پنهنجي ناني کي روبرو وڃي يادگيري ڏياري. انهيءَ ارادي سان، هو موڪل وٺي وچ ۾ آيو هو. ”لارڊ گرئنڊيسن“ ڏاڍي آڌرڀاءُ ڪيس ۽ ڏاڍي محبت ڏيکاريائينس. بلڪ اهڙا دلاسا ۽ اشارا به ڏنائينس ته اميد آهي ته سگهو کيس ايتري ملڪيت هٿ ايندي جو ”آرمن“ واري محلات به ساري نئين جوڙائي سگهندو ۽ جاگير به گرويءَ مان ڇڏائي سگهندو. اهڙن اشارن ۽ محبت جي نشانين مان ”فرڊ ننڊ“ کي پڪ ٿي ته ناني جو وارث آءٌ ئي آهيان.

مالٽا ۾ رهندي ”فرڊننڊ“ ڏاڍو نالو ڪڍيو ۽ هر دلعزيز ٿي ويو. جوان ۽ خوبصورت، خوش طبع ۽ نيڪ اخلاق هو، تنهنڪري مڙس توڙي زالون سڀ سندس صحبت جا خواهان هئا. هيستائين هو پنهنجي پيءُ جي خرچ تي تعلق ٿي رهيو، انهيءَ جي نوڪري تي ٿي حڪم هلايائين ۽ انهيءَ جي گهوڙن ۽ گاڏين تي ٿي چڙهيو، پر هينئر پنهنجا پيسا هئس، پنهنجا نوڪر هئس ۽ پنهنجا گهوڙا هئس، سو انهيءَ جي لذت وري ٻي آهي. مالٽا جي گورنر کان وٺي سندس پلٽڻ جي ڪرنل ۽ ٻين ننڍن آفيسرن تائين، هو مزي جو ماڻهو شمار ڪيل هو. مجلسن ۾، راندين ۾، چرچن گهٻن ۾ - سڀڪنهن هنڌ، هن جي اچڻ ڪري، جيڪي ماڻهو نه اچڻ وارا هوندا هئا سي به هليا ايندا هئا، ته من هن سان ڳالهائڻ ۽ صحبت ڪرڻ جو ڪو وجهه ملين. وري راڳ ڳائڻ، نقشن ڪڍڻ ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ جو ڀڙ هو، تنهنڪري پاڻ سندس سنگت وڌندي ويئي. پاڻ ٻين وٽ ماني وڃي کائيندو هو ۽ ٻين کي پاڻ وٽ دعوت ڏيئي ماني کارائيندو هو. انهيءَ طرح، ”فرڊ ننڊ“ جو خرچ وڌندو ويو. پگهار پورو ٿيڻ نه لڳو، قرض کڻڻ لڳو، جنهن جي ملڻ ۾ هن کي ڪا به مشڪلات ڪانه ٿي. جڏهن اهو بار ڳرو ٿيڻ لڳو، تڏهن پنهنجيءَ دل کي اهو دلاسو ڏيندو آيو ته جي ٻيو ڪو اپاءُ ڪونه ٿيو ته من انگلنڊ ڏي موٽڻ مهل پنهنجي ڪميشن وڪڻي، ٻئي کي ڏيئي، پيسا وٺي، انهن مان قرض لاهيان! پر ٻيءَ خلق ته ڄاتو ٿي ته هي خانداني ماڻهو آهي ۽ جهڙو پنهنجي پيءُ جو وارث آهي تهڙو ناني جو، تنهنڪري جيڪي ٿي هن گهريو سو ملي ٿي سگهيس - ۽ هن جي عيش عشرت به ويئي روز بروز زيادهه ٿيندي. جواني ديواني آهي - هن جي نظر ۾ رڳو ڏينهن هو، رات هئي ڪانه. هلندڙ وقت جي مشڪلات هئي، مگر آئيندي جي اميد اها هڪدم لاهيو ٿي ڇڏي. آسپاس جي ملڪن ۾ به فرصت جي وقت سير لاءِ پيو ويندو هو ۽ مزا ماڻيندو هو. هڪڙي اهڙي گشت ۾ ته ڪنهن هنڌان ڪا خوبصورت ڳائڻ واري به گهلي آيو هو جنهن سان عيش عشرت ۾ گذاريندو رهيو.

انهيءَ خوشيءَ جي وقت ۾ اوچتو هن کي خط رسيو ته سندس ناني ”لارڊ گرئنڊيسن“ وفات ڪئي ۽ پاڻ انهيءَ جو وارث نه ٺهريو: ٿوريون ٿوريون رقمون انهيءَ لارڊ جي ڌيئن ۽ انهن جي مڙسن کي مليون ۽ ٻي سڄي جائداد هن پنهنجي باقي رهيل پوٽيءَ ”ڪئٿرائن“ کي ڏني، جا سندس ننڍي پٽ جي ڌيءَ هئي ۽ تازي مئل ”آگسٽس“ جي ڀيڻ هئي.

هيءَ خبر ٻڌي، ”فرڊننڊ“ ويچاري جا ڏند مڙي ويا. جنهن شي تي ايترو ڀروسو رکيو هئائين ۽ جنهن جي ڏڍ تي هيتريون خالي ماڙيون اَڏيون هئائين، سا ته هينئر هٿن مان ويئي هلي، باقي اهو آسرو وڃي رهيس ته جي ”ڪئٿرائن“ سان شادي ڪندس، ته پوءِ اها سڀ ملڪيت منهنجي ٿيندي - ۽ انهيءَ ۾ ڪا مشڪلات ڏسڻ ۾ نه آيس. آرسيءَ جي اڳيان بيهي جڏهن پنهنجي خوبصورت شڪل ڏٺائين، تڏهن سڀ انتطار لهي ويس. دل ۾ چوڻ لڳو ته ”منهنجي ماروٽ ”ڪيٽ“ منهنجي زال ٿيندي....واه! هڪڙي ڪري ته تمام چڱو، جو مال ملڪيت هٿ ايندو، ٻيءَ ڪري چوندا آهن ته اهڙيءَ ويجهيءَ مائٽياڻيءَ سان محبت نه لڳندي آهي. آءٌ ڪن ورهين کان هن جي صحبت ۾ نه رهيو آهيان ۽ سندس گهڻو واقف ناهيان، پر انهيءَ هوندي به مون جهڙي عزيز جوان کي هوءَ ناپسند نه ڪندي....پئي خير جي گذرندي.“ انهن خيالن ۾ هو جاءِ ۾ پسار ڪرڻ لڳو.

”فرڊننڊ“ کي ناني جي مرڻ جي خبر ملي، تنهن کان مهينو کن پوءِ هن جي پلٽڻ کي انگلينڊ ڏي موٽڻ جو حڪم مليو. هن جي لاءِ اها ڳالهه چڱي هئي، ڇالاءِ جو نانس جي مرڻ جي خبر اڃا اتي عام طرح پکڙي نه ويئي هئي، نه ته جيڪر سندس قرضي ڏاڍي ڇڪتاڻ ڪنس ها، جو انهن کي معلوم ٿئي ها ته هو ناني جو وارث نه ٿيو. تنهنڪري، فلحال وقت ٽپائي، هنن کي موٽي اچڻ جا دلاسا ڏيئي، ”فرڊننڊ“ اتان روانو ٿيو. ”فالموئٿ“ بندر تي پهچڻ مهل هن کي معلوم ٿيو ته سندس ماءُ پيءُ ”باٿ“ ۾ آيل آهن، جتي سندس ماسي رهندي هئي، جنهن سان گڏ سندس ماروٽ ”مس گرئنڊيسن“ رهيل هئي. اها بيمار هئي، تنهنڪري اهو وجهه چڱو ڄاڻي، ٿورن ڏينهن جي موڪل وٺي، هو اتي ويو.

سندس ماروٽ ”ڪئٿرائن“ سندس ئي عمر جي هئي. خوبصورت، خوش طبع ۽ خوشدل زال هئي، ماتم جي ڪارن ڪپڙن ۾ ته پاڻ سندس حسن زياده ڏسڻ ۾ ٿي آيو. هن جي پنهنجيءَ پڦيءَ، ”ليڊي آرمن“ سان ڏاڍي دل هوندي هئي، انهيءَ ڪري، ”فرڊ ننڊ“ جي تعريف ٻڌي، هوءَ انهيءَ جي اچڻ ۽ ملڻ لاءِ منتظر هئي. پنهنجي ڏاڏي، ”لارڊ گرئنڊيسن“، کان ته اڳي ئي هن جي تعريف ٻڌي هئائين. تنهنڪري، جڏهن ”فرڊننڊ“ آيو ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ کي ملڻ کان پوءِ پنهنجي ماروٽ ”ڪيٽ“ سان گڏ گذارڻ لڳو، تڏهن هوءَ هن جون مزي جهڙيون ڳالهيون ۽ مٺيون ٻوليون ۽ چرچا گهٻا ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي. ائين نٿي معلوم ٿيو ته انهيءَ گهر جا ڀاتي ڪنهن ماتمداريءَ ۾ آهن. مطلب ته ٻن چئن ڏينهن جي اندر هو ٻئي هڪٻئي جي محبت ۾ ڦاسي ويا. آزمودگار ماڻهن کي “فرڊننڊ” ۾ ٿورو گهڻو ڏيک ۽ ڍونگ ۽ ٺڳي ڏسڻ ۾ اچي سگهي ها، پر ”ڪئٿرائن“ ويچاري تمام ساده مزاج هئي، سا هن جي دام ۾ جهٽ ڦاسي ويئي. سگهوئي ”فرڊننڊ“ خلاصگيءَ ۾ پنهنجي دل جو ارادو، شاديءَ ڪرڻ بابت، هن کي ٻڌايو. هن شرم ۽ حيا سان سندس ڳالهه قبول ڪئي. انهيءَ کان پوءِ ”فرڊننڊ“ کي پڪ ٿي ته آءٌ اڳي ئي پرڻيو ويٺو آهيان. ناني جو ورثو به مليم، ۽ سڀ قرض به لٿم!

”فرڊننڊ“ کي ”باٿ“ ۾ ٻه مهينا رهڻا پيا. انهيءَ وچ ۾ هنن پاڻ ۾ اهو ٺهراءُ ڪيو ته ”لارڊ گرئنڊيسن“ جي وفات کي جڏهن هڪڙو ورهيه گذرندو، تڏهن هنن ماروٽن جي پاڻ ۾ شادي ٿئي - تيستائين ”آرمن“ ۽ ”گرئنڊيسن“ ٻئي ڪٽنب گڏجي ڪي ڏينهن ”آرمن“ ۾ هلي گذارين. هيءُ به ٺهراءُ ڪيائون ته ”فرڊننڊ“ فوج جي نوڪري ڇڏي ڏئي ۽ پنهنجي ڪميشن وري وڪڻي ڇڏي. انهيءَ ڪم جي لاءِ ”فرڊننڊ“ موڪلائي لنڊن ۾ آيو ۽ اتان ٿي وري ”آرمن“ ۾ آيو، انهيءَ لاءِ ته پنهنجي استاد ۽ خانداني دوست ”گلئسٽن بيريءَ“ کي به ملي ۽ پنهنجو وطن به گهمي ڏسي، جيسين سندس مائٽ ”باٿ“ مان موٽي اتي اچن. ”گلئسٽن بيري“، جنهن کي هو پيار کان پيءُ جي بجاءِ سمجهندو هو، سو هن کي ڏسي ۽ هن جو احوال ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. هن سچي دوست جي خوشي رواجي نه هئي، حد کان زياده هئي، بلڪ ديوانگيءَ جهڙي پئي ڏٺي. جهڙو هن توڙي اتي جي ماڻهن، ائين پئي ڄاتو ته سگهو ئي ”آرمن“ جي جاگير قرض ۽ گرويءَ کان آزاد ٿي اصلوڪن ڌڻين کي ملندي ۽ ٻئي خاندان گڏجي پوندا ۽ هميشه لاءِ سک ۽ سانت ۾ رهندا.

 

------

 

باب ستون

مس ”هينرئيٽا ٽيمپل“ سان واقفيت

جڏهن ”فرڊننڊ“ پنهنجي ڏاڏاڻي گهر ۾ رات جو چڱي خاصي ننڊ ڪري اٿيو ۽ دري پٽي آسپاس جي ساوڪ ۽ باغ ۽ ٻنين تي نظر ڪيائين، تڏهن سرهائيءَ کان ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيو. مالٽا، فوج جي نوڪري، ”باٿ“ جي ملاقات ۽ ”مس گرئنڊيسن“- اهي سڀ ڳالهيون خواب وانگي هن کي خيال ۾ آيون. دل ۾ چيائين ته آءٌ ”ڏاڍو نصيب وارو آهيان، جو پنهنجي ڏاڏاڻي جائداد ۽ ملڪيت وري آزاد ڪيم ۽ پنهنجي خاندان جو گم ٿيل نالو وري ظاهر ۽ مشهور ڪيم! مون کي خوش ٿيڻ جي لاءِ سبب ڪونهي ڇا؟ ”ڪيٽ“ خوبصورت جوان ۽ غريب سڀاءُ جي آهي، منهنجي محبت ۾ ڦاٿل آهي، باقي آءٌ... تنهن جي به ساڻس ڀانيان ٿو ته محبت آهي، نه ته به ظاهري ڪري منهنجي هن سان اهڙي محبت ڏسجي ٿي، جهڙي اڳي ڪڏهن ڪنهن ٻيءَ زال سان نه ٿي هيم.  خير، ڪنهن به طرح، هن جي لاءِ مون کي گهڻي محنت ڪرڻي نه پئي ۽ گهڻو عشق جو عذاب سهڻو نه ٿيو: آءٌ هن تي عاشق ٿيان، تنهنجي بدران اهڙي اٽڪل ۽ چالاڪي ڪيم جو هوءَ مون تي عاشق ٿي...!“

 سگهو ئي پوءِ ”گلئسٽن بيري“ آيو ۽ ٻنهي گڏجي ناشتو کاڌو، پوءِ گهمڻ ويا. ”آرمن“ جي قلعي ۽ محلات جي باقي رهيل ڀاڱي کي نئين سر ٺهرائڻ ۽ سينگارڻ، نيون تصويرون ڪڍائڻ ۽ ٻيو سڌارو ڪرڻ- انهن ڳالهين تي هنن پاڻ ۾ گفتگو ڪئي. ”گلئسٽن بيريءَ“ به انهيءَ ڳالهه تي خوشي ظاهر ڪئي ۽ مبارڪ ڏنائينس ته تنهنجي ئي معرفت ”آرمن“ جو قديم خانگي قلعو پنهنجي اصلوڪي اوج کي پهچڻ وارو آهي. پر، جڏهن ”فرڊننڊ“ هوا کائي پنهنجي جاءِ ۾ آيو ۽ اڪيلائيءَ ۾ اڳيان پويان خيال دل ۾ اچڻ لڳس، تڏهن سندس خيالي اُس تي ڪي ٿورا ڪارا ڪڪر به اچڻ لڳا. دل ۾ چوڻ لڳو ته ”دولت ۽ اختياري، درجو ۽ عزت -اهي سڀ دنيا ۾ چڱيون شيون آهن ۽ خوشي پيدا ڪن ٿيون، پر جا خوشي دل کي محو ڪري ڇڏي سا ڪنهن ٻيءَ شي ۾ هوندي- هي سڀ رواجي خوشيون آهن. عشق، جنهن جي هيتري تعريف ڪتابن مان يا زبانن مان معلوم ٿئي ٿي، سو رڳو ڪوڙو قصو هوندو ڇا؟ ان جي لذت، جي سچي هوندي ته ٻي هوندي. ”ڪيٽ“ سان محبت ڪرڻ ۾ اها لذت ته مون کي نه آئي. پڪ اٿم ته دنيا ۾ هن کان زيادهه حسين زالون به پيون هونديون، جن جي صحبت ماڻهوءَ جو عقل چرخ ڪري ڇڏيندي هوندي. ڪي زيادهه حسين ته مون ڏٺيون به آهن، بلڪ ڪن ته مون کي ٺڳاري گمراهه ۽ گنهگار به ڪري ڇڏيو هوندو. حقيقت ڪري عشق پيدا ٿيندو هوندو ته اهڙين لاثاني زالن جي لاءِ، نه رواجي زالن جي لاءِ... ۽ حياتي اهڙي عشق کان سواءِ ڪهڙي ڪم جي آهي؟ انهيءَ لذت ۽ خوشيءَ کان سواءِ، دولت ۽ عزت ۽ درجو ۽ نالو ناموس، سڀ اجايا آهن - ڄڻ ته شيهي جي ڇـَـٽ ۾ جواهر لڳل آهن. ڪهڙو شڪ ته منهنجو نامور ڏاڏو، جنهن جي نالي پٺيان آءٌ ٿو سڏجان ۽ جنهن جي هي قلعو هڪڙي وڏي نشاني آهي، تنهن جو به اهڙو ساڳيو حال هوندو ۽ انهيءَ جا به اهڙا ساڳيا خيال هوندا، جهڙا مون کي ٿا اچن. ڪهڙو شق ته هن اسان جي خاندان جي خرابيءَ جو سبب ئي اهڙيءَ شي جو نه هئڻ هوندو، ڏسجي ته منهنجيءَ قسمت ۾ ڇا آهي...!“

هو انهن خيالن ۾ محو هو، ته قلعي جي ٻاهران ٿوري پنڌ تي ڪتن جي ڀؤنڪ ۽ باهوڙ ٿي. تنهن تي هي پنهنجي خيال ۽ خواب کان سجاڳ ٿيو ۽ بندوق هٿ ۾ کڻي سماءَ لاءِ ٻاهر نڪتو. جڏهن جهنگ جو گهاٽ لنگهي ٻاهر ٿيو، تڏهن هڪڙي کليل ساوڪ  واري ميدان تي هڪڙي ليڊي سواريءَ جي پوشاڪ ۾ ڏٺائين، جنهن آسپاس جي بيٺل درختن ڏي پئي نهاريو - ڄڻ ته انهن جي تعريف پئي ڪيائين. هوءَ پنهنجي منهن هئي... ”فرڊننڊ“ هن جي شڪل ڏسي، حيران ٿي ويو. هن سمجهيو ته اوچتو سج ڇانوَ مان نڪري ظاهر ٿيو آهي، جنهن ڏي نهاريندي اکيون پورجيو پئي وييون. هن جو منهن، هن جون اکيون، هن جا وار، هن جو قد، هن جي پوشاڪ -  هن جو سارو ڊول انهيءَ مهل هن کي اهڙو ڏسڻ ۾ آيو، جو هن سمجهيو ته ڪا حور يا پري آهي، جا آسمان مان لهي زمين تي اچي بيٺي آهي! جيتوڻيڪ اُها جوان ليڊي ارڙهن ورهين عمر جي مس ٿي ڏٺي، ته به قد ۽ شڪل ۾ انهيءَ کان زيادهه قداور ۽ خوبصورت ٿي ڏٺي.

عشق جو دستور آهي ته هميشه پهرينءَ نظر سان پيدا ٿيندو آهي ۽ ٻنهي طرفن جي دل ۾ محبت جي باهه دُکائي ڏيندو آهي. جو عشق درجي بدرجي پيدا ٿيندو آهي ۽ سرد دل تي گرمي وڌائيندو آهي، اُهو جٽاءُ ڪين ڪندو آهي. جڏهن اهڙو سچو عشق اوچتو ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ پيدا ٿيندو آهي، تڏهن هو ڄاڻندو آهي ته دنيا ۾ جيڪي آهي سو اُهو محبوب آهي. هن جي محبت جي ڪري هو پنهنجو سک، پنهنجي دولت، پنهنجي حياتي - سڀ وساري ڇڏي ٿو، سڀ صدقي ڪري ٿو. ماڻهن جي کل ٺٺوليءَ ۽ پنهنجيءَ ڪمبختيءَ ۽ خراب حالت جي هن کي ڪا به پرواهه ڪانه ٿي ٿئي - بشرطيڪ هن جو محبوب ساڻس خوش هجي.

”فرڊننڊ آرمن“ جو هينئر اهو حال هو. هن جي دل ۾، انهيءَ جوان زال جي ڏسڻ کان پوءِ، انهيءَ ساڳيءَ باهه اوچتو ڀڙڪو ڏنو هو. هن جي ڏسڻ کان پوءِ ٿورو هٽي ٻئي پاسي ويو، پر دل ۾ اهڙي ڪشش پيدا ٿيس ۽ اهڙا خيال اچڻ لڳس، جن ورهين جون خيالي اَڏيل ماڙيون ڊاهي ڇڏيس ۽ ٻين شوق وارن خيالن جو اندر ۾ طوفان آڻي کڙو ڪيس. جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن وري لڙي انهيءَ پاسي هليو ۽ وري به انهيءَ جوان زال ڏي نهاريائين، جا اڃا به اُتي بيٺي هئي- رڳو پاسو مٽايو هئائين، ۽ هڪڙو گل پٽي انهيءَ جي سونهن پئي دل ۾ ساراهيائين.

اِتي ”فرڊننڊ“ ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جو آواز ٻڌو، جنهن سڏ ڪري چيو ته ”هنرئيٽا“... ۽ هڪدم هڪڙو وچوليءَ عمر جو چڱن مهانڊن وارو ماڻهو ظاهر ٿيو، جنهن جي پٺيان ”فرڊننڊ“ جي ڪتن مان هڪڙو ڀؤنڪندو لڳو آيو. اُهو شخص چوڻ لڳو ته ”هنرئيٽا، هتي ته آءٌ ڪو باغائي يا ٻيو ماڻهو ڪونه ٿو ڏسان، بهتر آهي ته پاڻ وري گهوڙن تي چڙهون“.

ليڊيءَ چيو ته ”افسوس آهي ته هتي گهوڙا ڪونهن، نه ته جيڪر هي هنڌ مزي جهڙو آهي، گهمي ڏسون ها“.

ان تي ”فرڊننڊ“ ظاهر ٿي چيو ته: ”آءٌ اوهان کي گهمائي ڏيکاريان؟“ ليڊيءَ ڇرڪ ڀريو ۽ انهيءَ شخص ”فرڊننڊ“ کي سلام ڪري چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته اسان هتي بيجا دخل ڪيو آهي، پر هن وڏي در تي هڪڙيءَ زال اسان کي ٻڌايو ته قلعي جا ڀاتي ٻاهر ويل آهن، هتي ڪين آهن، ۽ سندس مڙس هتي باغ ۾ ملي سگهندو“.

”فرڊننڊ“ ورندي ڏني ته ”برابر، اسان جو ڪٽنب هتي ڪين آهي، پر تڏهن به سر رئٽڪلف اوهان جي هتي گهمڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿئي ها. آءٌ هتي جو چڱو واقف آهيان، اوهان کي هي هنڌ گهمائي ڏيکاري سگهندس“.

هن شخص چيو ته ”اوهان جي گهڻي مهرباني“.

هن ليڊيءَ به مرڪيو... ۽ اُهو مرڪڻ ”فرڊننڊ“ کي ائين ڏسڻ ۾ آيو، جيئن سج جهڙ مان ڪني ڪڍندو آهي. انهيءَ مرڪڻ ڪري جي هن جي گلابي ڳلن ۾ کڏون پيون، ۽ ڳاڙهن چپن مان ڏندن جي اڇاڻ نڪتي، تن هن کي اصل ماري ڇڏيو.

پوءِ ته  هو ٽئي گڏجي آهستي آهستي هلڻ لڳا. ”فرڊننڊ“ هنن کي عجيب ساوڪ ۽ وڻن جي ٻوٽن ۽ چمنن جو سير ڪرائيندو آيو. ڍنڍ ۽ پکي ۽ ٻيون مزي جون شيون ڏيکاريندو، قلعي تائين وٺي آين ۽ هنن جي مرضيءَ معلوم ڪرڻ تي، اندر قلعي جي حد اندر وٺي هلين. هن شخص اهو عذر ڏنو ته ”اسان اچي اوهان جي شڪار ۾ رولو وڌو“. ”فرڊننڊ“ چيو ته “انهيءَ جي حرڪت ڪانهي، آءٌ ڪنهن به مهل تترن جو شڪار ڪري سگهان ٿو، پر ههڙا دل وڻندڙ سنگتي هر روز نٿا گڏجن“.

پوءِ قلعي جو ٻاهريون دروازو کولي اندر وٺي وين، ۽ جيڪو نئون اڏيل ڀاڱو هو سو به گهمائي ڏيکاريائين، جيڪو پراڻو ويران ٿيل ڀاڱو هو، سو به ڏيکاريائين ۽ انهيءَ بابت جيڪي سمجهائڻو هو سو به سمجهايائين. جاين ۾ جيڪي عجيب غريب قديم خانداني نشانيون ۽ تصويرون رکيل هيون، سي سڀ به هڪڙي هڪڙي ڪري ڏيکاريائين ۽ انهن جو مختصر احوال ٻڌايائين. خاص طرح، وڏي ”سر فرڊننڊ آرمن“ جي وڏي تصوير به ڏيکاريائين ۽ انهيءَ جيڪي فتحون ڪيون هيون ۽ بهادريون ڏيکاريون هيون سي بيان ڪري ٻڌايائين. انهيءَ تي ليڊيءَ چيو ته ”مون اڳي ئي انهيءَ سر فرڊننڊ جي گهڻي تعريف ٻڌي آهي. بيشڪ، هو هڪڙو عجيب انسان هوندو“. جيڪي عجيب غريب استادن جي هٿ جون نڪتل تصويرون گڏ ٿيل ۽ رکيل هيون، سي ڏسي هنن کي حيراني وٺي ويئي، هو انهن جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ انهيءَ خاندان جي بزرگ، وڏي ”سرفرڊننڊ“ جي خوش نصيبيءَ نالي ناموس جو ذڪر ڪرڻ لڳا. انهيءَ تي ”فرڊننڊ“ چيو ته: ”هو برابر انهيءَ تعريف جو لائق هو، مگر هن جا پويان يعني سندس اولاد اهڙيءَ خوش نصيبيءَ ۽ ناموسيءَ واري حالت ۾ ناهي، نه ته هي رهيل ڀاڱو محلات جو ههڙي حال ۾ نه هجي ها“. تنهن تي هن ليڊيءَ چيو ته: ”“انهيءَ ۾ ڇا ٿيو؟ ماڻهوءَ جي قابليت ۽ لياقت ۽ شرافت، دولت تي ناهي. جي آءٌ آرمن جي گهراڻي مان هجان ها ۽ ورثي ۾ فقط ههڙو قلعو سڃو سکڻو مليم ها. ته به جيڪر خوش ٿيان ها ۽ انهيءَ تي فخر ڪريان ها“.وري جڏهن وڏي ”سرفرڊننڊ“ جي تصوير تي آيا، تڏهن هنن انهيءَ تصوير جا ۽ هن ”فرڊننڊ“ جا مهانڊا هڪجهڙا ڏٺا، جو ذري انهيءَ تصوير ڏي ٿي ڏٺائون ۽ ذري هن ڏي. ائين ڏسي ڏسي، هن ليڊيءَ جو لـڄ کان منهن ڳاڙهو ٿي ٿي ويو ۽ اکيون ذري ذري کڻي هيٺ ٿي ڪيائين ۽ هن شخص نيٺ ايترو چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته اوهين به هن بزرگ جي اولاد مان آهيو“.

”فرڊننڊ“ ورندي ڏني ته: ”برابر آهيان، پر هن پنهنجي ڏاڏي جي خوبصورتيءَ جي ڪا پتي به مون ۾ ماڻهن کي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. جن هن کي ڏٺو هو، سي چون ٿا ته آءٌ هن جي مقابلي ۾ بدشڪل آهيان!“

هنن ٻنهي مرڪيو ۽ هن شخص ايترو چيو ته: ”آءٌ هتان فقط ڏهه ميل پري ٿو رهان، تنهنڪري پاڻ کي اوهان جو پاڙيسري سڏي ٿو سگهان: جي اوهين تڪليف وٺي ڪڏهن ”ڊُوسي بائوئر“ ۾ ايندؤ ته اسين اوهان جي خدمتگاري ڪري گهڻو خوش ٿينداسين. اسان وٽ ههڙو قلعو ۽ ههڙي محلات ڪانهي، سادو سودو گهر ۽ باغ آهي. منهنجو نالو ”ٽيمپل“ آهي ۽ هيءَ منهنجي ڌيءَ آهي. مون کي خبر هئي ته سر رئٽڪلف آرمن کي ڪو پٽ آهي، پر مون ٻڌو هو ته اهو ٻاهر ويل آهي“.

”فرڊننڊ“ ورندي ڏني ته: ”برابر آءٌ ٻاهر هوس، ٻه مهينا ٿيندا جو انگلنڊ ۾ موٽي آيو آهيان ۽ هتي آرمن ۾ آئي ته فقط ٻه ڏينهن ٿيا اٿم. آءٌ ڏاڍو خوش نصيب آهيان، جو ٻاهران وطن موٽڻ کان پوءِ ترت مس ٽيمپل ۽ اوهان جي معرفت ۽ ملاقات جو شرف حاصل ڪيو اٿم. هاڻ جڏهن اوهان هتي تشريف آندي آهي ۽ هيتري پنڌ تان سواري ڪري آيا آهيو، تڏهن هلي ڪي ٿورو کائي پي تازا ٿيو“. پر اها ڳالهه هنن قبول نه ڪئي. ڪو عذر ڏيئي، شڪر گذاري ڪري، نڪتا. ”فرڊننڊ“ وري به باغ مان گهمائيندو ۽ مزي مزي جا گل ڏيکاريندو وٺي وين. جڏهن ليڊي گلن جي تعريف ڪرڻ لڳي، تڏهن ”فرڊننڊ“ هڪڙو نئين قسم جي گلاب جو گل پٽي هن کي ڏنو، جنهن جي هن گهڻي ساراهه ڪئي ۽ چوڻ لڳي ته: ”اوهين ڪهڙي بهشت ۾ ٿا رهو!“ جنهن تي ”فرڊننڊ“ چيو ته ”آرمن اڳي بهشت ته ڪين هو، اڄ ٿيو آهي...!“ ”مس ٽيمپل“ وري چيو ته: ”ٻهراڙيءَ جي گشت ۾ سج روشنائيءَ جو ضرور آهي ۽ اسان جي خوش قسمتيءَ سان اڄ اها به پيدا ٿي آهي“. ”فرڊننڊ“ چيو ته: ”سج جي روشنائيءَ کان به زيادهه سوجهرو ظاهر آهي، جنهنڪري آسپاس جو ملڪ اهڙو فرحت جهڙو ڏسڻ ۾ ٿو اچي...“.

اتي هو گهوڙن وٽ اچي پهتا ۽ هو چڙهي روانا ٿيا. هلڻ مهل مسٽر ”ٽيمپل“ چيو ته: ”ڪئپٽن آرمن“، هينئر پاڻ واقف ٿياسين، هڪٻئي کان حجاب ڪونه ڪرڻ گهرجي: جڏهن اوهين هتي اڪيلا آهيو، تڏهن ڇو نه سڀاڻي مهرباني ڪري شام جو اسان وٽ اچي ماني کائو! جي سوير آيؤ، ته هلي ڪي پکي به گڏجي مارينداسين“. ”فرڊننڊ“ چيو ته: آءٌ خوشيءَ سان ايندس، اوهين جيڪي به چوندؤ سو قبول ڪندس“.

------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com