سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: سچي محبت

باب: --

صفحو :4

 

باب ايڪيهون

”فرڊننڊ“ جي بيماري ۽ سندس مائٽن جو اچڻ

جڏهن ”فرڊننڊ“ جي مائٽن کي ”گلئسٽن بيريءَ“ جو خط پهتو، تڏهن هنن کي ڏاڍو انتظار ٿيو. هڪدم آرمن ڏي وڃڻ جي تياري ڪيائون. جنهن ڳالهه کان ”گلئسٽن بيري“ ٿي ڀڳو، سا نيٺ ٿي: ”مس گرئنڊيسن“ چوي ته آءٌ ضرور هلان ۽ پنهنجي ”فرڊننڊ“ کي ڏسان ۽ هن کي ڪم اچان. سندس ماسي، جا اڃا بيمار هئي ۽ جنهن جي لاءِ هو سڀ هيترا ترسي پيا هئا، تنهن کي لاچار اُتي ڇڏيائون، جو هوءَ سفر ڪرڻ جهڙي نه هئي. لنڊن ۾ هنن کي ”گلئسٽن بيريءَ“ جو وري ٻيو خط پهتو، جنهنڪري هنن کي پاڻ زيادهه انتظار ٿيو ۽ راتو واهه اچي آرمن کان نڪتا. ”فرڊننڊ“ جي اهڙي سخت حالت هئي، جو طبيب منع ڪري ڇڏي هئي ته سواءِ ”گلئسٽن بيريءَ“ ۽ طبيب ۽ خذمت ڪرڻ واريءَ دائي جي ٻيو ڪو به هن وٽ نه وڃي - خود ماءٌ پيءُ کي ڏاڍو درد ٿيڻ لڳو. ذري ذري پئي هن کان پٽ جو احوال پڇيائين. هن کي مغز جو تپ تمام زور هو، ۽ دماغ جي خلل ڪري اڃا به اجائي بـَـڪ شڪ پئي ڪيائين.

ٽي ڏينهن برابر اها سختيءَ جي حالت هلي. جنهن ۾ هو مرڻ ۽ جيئڻ جي وچ ۾ پئي لـُـڏيو، چوٿين ڏينهن ”فرڊننڊ“ کي چڱي ننڊ آئي، جا هيترا ڏينهن هن کي نه آئي هئي. طبيب هن جي ماءٌ پيءُ کي آهستي آهستي وٺي هن وٽ آيو. ”ڪئٿرائن“ ۽ ”گلئسٽن بيري“ باغ ۾ پئي گهميا، هن کي ستل ڏسي، طبيب جي دلجاءِ ڏيڻ تي تمام خوش ٿيا- ”ڪئٿرائن“ ته خوشيءَ کان ذري گهٽ بيهوش ٿي هئي. ماءُ پيءُ کي پٽ جي جلد تندرست ٿيڻ جي اميد ٿي.

تنهن کان پوءِ روز بروز ”فرڊننڊ“ ويو بهتر ٿيندو- پر تمام آهستي آهستي. اڃا تائين به طبيب مناسب نٿي سمجهيو ته مائٽن مان ڪو به ”فرڊننڊ“ وٽ وڃي. هڪڙي ڏينهن صبح جو ”فرڊننڊ“ ”گلئسٽن بيريءَ جي پڇا ڪئي ۽ اُهو طبيب جي اجازت سان وٽس ويو. انهيءَ سان ڳالهايائين ۽ پڇا ڪرڻ تي چيائين ته هاڻ بهتر آهيان. پوءِ هن کان پڇيائين ته ”ڪو وڌيڪ حال احوال معلوم ٿيو، يا ڪو پتو؟“ هن چيو ته ”سڀ چڱي ٿيندي، تون خير سان چڱو ڀلو ٿي اُٿ، پوءِ سڀ خبرون ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندين“. پوءِ ماءٌ جو پڇيائين ته انهيءَ کي منهنجي بيماريءَ جي خبر آهي؟“ هن چيو ته ”هائو، آهي“. ”فرڊننڊ“ چيو ته ”تڏهن هوءَ ضرور جلد ايندي، پر آءٌ هن جي اچڻ کان پيو ڊڄان. آءٌ ههڙي حال ۾ انهن مان ڪنهن کي ڏسي نه سگهندس. پر، تون منهنجو حال ڀائي آهين، تو منهنجي محبوب کي ڏٺو آهي، وري به تون هن کي ڳولي لهندين ۽ هن کي حقيقت جي ڳالهه ٻڌائيندين، توتي هوءَ ويساهه ڪندي، مون تي ڪڏهن نه ڪندي“. ”گلئسٽن بيريءَ“  هن کي وري به دلاسا ڏيئي چيو ته ”تون چڱو ٿي اُٿ، پوءِ جيڪي تون چوندين سو آءٌ ڪندس ۽ تو کي ڪنهن به طرح خوش ۽ راضي ڪندس“.

پوءِ ”فرڊننڊ“ وري چيس ته ”مون ڏاڍا خوفناڪ خواب پئي ڏٺا آهن ۽ هر روز پئي ڏٺا اٿم: ڏسان ٿو ته ڪڙميءَ جي گهر هنڌ تي پيو آهيان، ”هوءَ منهنجي پاسي ۾ ويٺي آهي، آءٌ سندس هٿ وٺيو ويٺو آهيان، سمجهان پيو ته هوءَ مون سان خوش آهي ۽ مون کي معافي ڏني اٿس“.

تنهن کان پوءِ ”گلئسٽن بيريءَ“ سندس ماءُ جي ڳالهه آڻي وڌي ۽ ٻڌايائينس ته ”اها آئي آهي ۽ تنهنجو پيءُ به آيو آهي.“ تنهن تي فرڊننڊ تڪڙو ٿي پڇيو ته ”ٻيو ته ڪو ماڻهو ساڻن ڪونه آيو آهي؟“ هن چيو ته ”تنهنجن خيرخواهن ۽ دوستن کان سواءِ ٻيو ڪو به هتي ڪونهي. تون هينئر گهڻو نه ڳالهاءِ، آرام ڪر. سڀاڻي تنهنجي ماءٌ تو کي ڏسڻ ايندي. هاڻ آءٌ وڃان ٿو، ته  تو کي آرام اچي“. ائين چئي، ”گلئسٽن بيري“ آهستي کسڪي هليو ويو.

ٻئي ڏينهن، ”ليڊي آرمن“ ”فرڊننڊ“ کي اچي ڏٺو. اچڻ کان اڳي، ”گلئسٽن بيري“ توڙي طبيب، جو بيهوشيءَ جي حالت ۾ ”فرڊننڊ“ جو وڦلڻ ٻڌي گويا سندس حال - ڀائي ٿيو هو، تن هن کي جهلي ڇڏيو هو ته هن سان ”مس گرئنڊيسن“ جي ڪا به ڳالهه ڪانه ڪري، بلڪ هن جي اتي هئڻ جو به ذڪر نه ڪري، نيٺ ماءٌ، پٽ سان ڳالهيون ڪري، دڙ دلاسا ڏيئي، خوش ٿي هلي ويئي. ٻئي ڏينهن وري پڻس اچي ڏٺو. ٻئي هاڻ خوش ٿيڻ لڳا ۽ پڪ ٿين ته هينئر سندن پٽ بيماريءَ کان چڙهيو. اوير سوير، ”فرڊننڊ“، ”گلئسٽن بيريءَ کي گهرائي، انهيءَ سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪندو هو. ”مس گرئنڊيسن“ کي به ”گلئسٽن بيري“ خوش رکندو آيو ۽ اڪثرگاڏيءَ تي چاڙهي هن کي گهمائڻ ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳائڻ وڄائڻ ۾ هن سان شامل ٿيندو هو. هن کي به پنهنجي مڱيندي ۽ آئيندي جي مڙس جي اُستاد جي صحبت گهڻي وڻندي هئي ۽ ”گلئسٽن بيريءَ“ کي به هن جي طبيعت وڻي ويئي ۽ معلوم ٿيس ته نهايت نيڪ ۽ قابل ۽ چڱي طبيعت واري زال آهي: مطلب ته هنن جي پاڻ ۾ ايتري محبت ٿي ويئي، جهڙي ڪنهن پيءُ ۽ ڌيءُ جي ٿيندي آهي.

هڪڙي ڏينهن صبح جو ”فرڊننڊ“ ”گلئسٽن بيريءَ“ کي چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته ”ڪئٿرائن“ هتي آهي!“ هن چيو ته ”هائو، برابر هتي آهي“. هن وري پڇيو ته ”تڏهن ڇو ڪير هن جو ذڪر مون سان نٿو ڪري؟ متان منهنجي ڳجهه جي خبر سڀني کي پئجي ويئي آهي!“ گلئسٽن بيريءَ چيو ته ”مون هنن کي ڪو عذر ڏيئي جهليو آهي، پر تنهنجي ڳجهه جي اڃا ڪنهن کي به خبر ڪانهي، انهيءَ جي دلجاءِ ڪر“. تڏهن ”فرڊننڊ“ چيو ته ”منهنجي مرضي آهي ته آءٌ هن کي ڏسان ۽ ساڻس ڪي ڳالهايان، ڇا لاءِ جو آءٌ وسهان ٿو ته آءٌ هن کي هر روز پيو زياده ٺڳيان ۽ هوءَ ڀـُـل ۾ گمراهه رهندي اچي- اها ڳالهه مناسب ناهي“. ”گلئسٽن بيريءَ“ چيو ته ”تون ڪنهن به وقت مس گرئنڊيسن کي ڏسي سگهين ٿو،مگر انهيءَ ڳالهه بابت في الحال هن سان ذڪر ڪرڻ چڱو ناهي. هوءَ نهايت عقل واري ۽ تعريف جوڳي جوان زال آهي، مون کي هن جي صحبت نهايت پسند آهي، منهنجي هن سان تمام گهڻي محبت آهي، منهنجي ڪڏهن مرضي ناهي ته اهڙي ڪا ڳالهه ڪجي يا اهڙو ڪو ڪم ڪجي، جنهنڪري هوءَ رنج ٿئي، يا هن جي آبروءَ کي ڪو ٽڪو لڳي: تنهنڪري بهتر آهي ته تون هن کي نه ڏسين ۽ نه ڳالهائين. اُميد آهي ته جلد اهڙو وقت ايندو، جڏهن تون هن سان ڳالهائي سگهندين، نه ته هونئن هوءَ تو کان وڌيڪ تنهنجي ڏسڻ ۽ توسان ڳالهائڻ لاءِ منتظر آهي“.

هوڏي، ”گلئسٽن بيري“ ”ڪئٿرائن“ کي اهو عذر پيو ڏيندو هو ته تنهنجي ”فرڊننڊ“ وٽ وڃڻ ڪري ڊپ هو ته متان هو گهڻي شوق ۽ محبت کان وري بيمار ٿي پوي ۽ هوءَ به خيرخواهيءَ جي نظر تي راضي رهندي ايندي هئي. اُهو ڏينهن تمام چڱو ٿيو هو، سج جي روشنائي چڱي ٿي هئي، اهڙو ڏينهن هر روز نه ٿيندو هو، تنهنڪري ”سر رئٽڪلف“ بندوق کڻي ٻيلي ۾ شڪار تي ويو ۽ ”گلئسٽن بيري“ ۽ ”مس گرئنڊيسن“ گاڏيءَ تي چڙهي ويجهي ڪنهن ڳوٺ ڏي ويا ۽ نقش ڪڍڻ جو سامان پاڻ سان کڻي ويا، ڏينهن جي ماني کائي ويا هئا، وري شام جو موٽي اچڻا هئا.

اُهو ڏينهن خير جو گذريو. ”سر رئٽڪلف“ چڱو شڪار ڪري، سج لٿي کان اڳي آيو. ”ليڊي آرمن“ پنهنجي پٽ وٽ ويٺي هئي. ”گلئسٽن بيريءَ موٽڻ ۾ دير ڪئي. سڀ انتظار ۾ هئا. آخر دير سان گاڏي آئي. ”مس گرئنڊيسن“ ماٺ ماٺ ڪري مٿي چڙهي ويئي. اونداهيءَ جي ڪري، سندس ڳاڙهيون اکيون ڪنهن کي ڏسڻ ۾ نه آيون. ”گلئسٽن بيري“ هنن کي چيو ته ”مس گرئنڊيسن“ جي طبيعت برابر ناهي، تنهنڪري اوهين انتظار نه ڪجو، جو سندس اهڙي مرضي آهي“.

آخر، هميشه وانگي، ماني کائي، ”فرڊننڊ“ کي ڏسي سڀئي وڃي ستا.

------

باب ٻاويهون

”فرڊننڊ“ ۽ ”ڪئٿرائن“ هڪٻئي جا حال - ڀائي

ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن ”گلئسٽن بيري“ محلات ۾ ويو، تڏهن اتي گوڙ گڙٻڙ ڏٺائين. معلوم ٿيس ته ”مس گرئنڊيسن“ اڃا بيمار آهي، ۽ جهلي ڇڏيو اٿس ته مون وٽ ڪونه اچي وڃي، ۽ ڪنهن طبيب کي به گهرائجي، تنهنڪري جهڙو ”سر رئٽڪلف“ تهڙو ”ليڊي آرمن“، ٻئي نهايت انتظار ۾ هئا. ”مس گرئنڊيسن“ جي هن پنهنجي پڦيءَ سان تمام گهڻي دل هوندي هئي ۽ هميشه اها خواهش پئي ڪندي هئي ته الائجي ڪڏهن ”فرڊننڊ“ جي زال ۽ پڦيءَ جي ننهن ٿينديس. هوڏي وري ”سر رئٽڪلف“، گهڻي وقت تائين ساڻن رهڻ سان، ”مس گرئنڊيسن“ جي قابليت ۽ نيڪ طبيعت ۽ فضيلت معلوم ڪري، هن کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو، هن کي پيار ڏيکاريندو هو، ۽ هميشه خدا کي اهو سوال پيو ڪندو هو ته جلد ”فرڊننڊ“ جي هن سان شادي ٿئي، جو انهيءَ ڪري اها به اميد هيس ته سندن خاندان به وري سنڀاليندو ۽ سڌرندو.

مسٽر ”گلئسٽن بيري“، جو ٿورو گهڻو طبابت جو ڪم به ڄاڻندو هو ۽ پادري به هو، سو ”مس گرئنڊيسن“ وٽ وڃي ٿي سگهيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ ”مس گرئنڊيسن“ بهتر ٿي، ۽ هيٺ لهي ٻين سان شامل ٿيڻ جهڙي ٿي، مگر سندس شڪل اڳئين جهڙي نظر نٿي آئي - تمام ملول ۽ غمگين هئي. اڳي جيڪا خواهش ”فرڊننڊ“ کي ڏسڻ جي يا خط لکڻ جي ڏيکاريندي هئي، سا به وري ڪانه ڏيکاريائين - ايترو سو اڃا به ڪندي هئي، جو اڳي وانگي باغ مان گل گڏ ڪري هن جي جاءِ ۾ رکڻ لاءِ موڪليندي رهي. اڪثر گهڻو وقت پنهنجيءَ جاءِ ۾ گذاريندي هئي.

نيٺ هڪڙي ڏينهن صبح جو ”ليڊي آرمن“ سڏيس ته هلي ”فرڊننڊ“ کي ڏس، جو هينئر البت گهمڻ گهتڻ جهڙو ٿيو آهي. ”مس گرئنڊيسن“ سنڀري ۽ ”گلئسٽن بيريءَ“ کي ساڻن گڏجي هلڻ لاءِ چيائين. ٽيئي اُتي آيا. ”فرڊننڊ“ انهيءَ مهل آرام ڪرسيءَ تي وهاڻن جي ٽيڪ تي ويٺو هو. تمام ضعيف هو. اکيون ڏرا ڏيئي ويون هيس. مٿو ڪوڙائي ڇڏيو هئائونس، تنهنڪري هڪڙو ڪارو رومال مٿي کي ويڙهيل هوس. جڏهن ”ڪئٿرائن“ کي ڏٺائين، تڏهن اکيون کڻي هيٺ ڪيائين، پر هٿ ڊگهيري هن کي ڏنائين. هوءَ به تمام ڦڪي ڏسڻ ۾ آئي ۽ هن جو ٿڌو هٿ وٺي ۽ هن جي ضعيف ۽ خوف جهڙي شڪل ڏسي، روئڻهارڪي ٿي ويئي. ”فرڊننڊ“ چوڻ لڳس ته ”ڪئٿرائن، تون ته مون کي سڃاڻي نه سگهندي هوندينءَ؟ تو ڀلائي ڪئي آهي، جو مون بيمار کي ڏسڻ آئي آهين!“ ”مس گرئنڊيسن“ ڪجهه جواب ڪونه ڏنو. ”فرڊننڊ“ وري چيو ته ”آرمن تو کي وڻي ٿو يا نه؟ آءٌ چڱو ڀلو هجان ته جيڪر تو کي گهمائي ڏيکاريان، پر گلئسٽن بيري ڏاڍو مهربان آهي، اهو سڀڪجهه ڪندو هوندو“. هن ويچاريءَ گهڻو ٿي گهريو ته ڪي ڳالهايان پر زبان ئي نه پئي اٿليس، چپ پئي چُريس، پر آواز ئي نه پئي نڪتس.

اتي ”ليڊي آرمن“ چيو ته ”ڪيٽ به بيمار هئي، تو کي ڏسي، پاڻ زيادهه بيمار ٿي ٿئي“. پوءِ اٿي، ”ڪئٿرائن“ کي چمي ڏيئي، چوڻ لڳي ته ”پياري ڪيٽ، گهڻو افسوس نه ڪر، خدا ڪندو ته فرڊننڊ جلد وري چڱو ڀلو ٿيندو“. تنهن تي هوءَ منهن ڍڪي سڏڪا ڀرڻ لڳي. نيٺ ”فرڊننڊ“ لاچار ٿي چوڻ لڳس ته ”پياري ڪيٽ، اچ، اچي منهنجي پاسي ۾ ويهه“. تنهن تي هوءَ هيڪاري اچي روئڻ ۾ پيئي ۽ بيهوش ٿيڻ تي هئي: هوڏي ”فرڊننڊ“ ٽپ ڏيئي اٿيو، هوڏي ”ليڊي آرمن“ ۽ ”گلئسٽن بيريءَ پاڻي ڇڻڪي هن کي سامت ۾ آندو، ۽ پوءِ هن کي جاءِ مان ڪڍي ويا. ”فرڊننڊ“ کي ماڻس وري اچي دڙ دلاسو ڪيو. چوڻ لڳي ته ”ابا، تون گهڻو فڪر نه ڪر، هوءَ جلد بهتر ٿيندي. تو کي ڏسي هن کي صدمو پهتو آهي. ويچاريءَ جي دل ڪهڙي نه محبت ڀري آهي! فرڊننڊ، تون ڏاڍو نصيب وارو آهين... هن سان گڏ تون ڏاڍو خوش گذاريندين!“ هن ڪرڪي چيو ته ”امان، آءٌ ڪڏهن خوش ڪين گذاريندس...“ ماڻس چيو ته ”ابا، خير گهر، اهڙو ملول نه ٿيءُ، دل نه لاهه، اميد آهي ته تون جلد چڱو ڀلو ٿيندين ۽ پوءِ پاڻيهي خوش رهندين“. ”فرڊننڊ“ چيو ته ”امان، تون ڀلجين ٿي... ڀلجين ٿي!“ ماڻس چيو ته ”رک خدا تي، اميد آهي ته تون جلد تندرست ٿيندين. اڃا تنهنجي سنڀال ٿيڻ گهرجي. هاڻ آءٌ وڃان ٿي، ڀلي تون سمهي ننڊ ڪر ۽ آرام وٺ“. ائين چئي، ”ليڊي آرمن“ هلي ويئي.

ٻئي ڏينهن ”فرڊ ننڊ“ اهڙو ٿيو، جو لهي هيٺ ڪتبخاني ۾ اچي ويٺو. سڀئي اچي اتي گڏ ٿيا. ”مس گرئنڊيسن“ به، ڪي پنهنجيءَ عادت ڪري ۽ ڪي ”گلئسٽن بيريءَ“ جي صلاح مصلحت سان، اهڙو پاڻ تي عمل هلائڻ لڳي جو ”فرڊ ننڊ“ سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ حجاب نه ڪرڻ لڳي. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻئي گڏ گهمندا به هئا ۽ کلندا به هئا، پر ”فرڊ ننڊ“ ايترو بيشڪ سهي ڪري سگهيو ته هوءَ زور سان ائين ٿي ڪري ۽ سندس هلت اهڙي نه هئي جهڙي اڳي ”باٿ“ ۾ هوندي هئي. جيڪو ظاهري پيار هو ڏيندو سو ماٺ ڪري ٻڌندي هئي ۽ ٻيو وڌيڪ ڪين چوندي هئي - تنهن تي ”فرڊ ننڊ“ کي به حيرت لڳندي هئي.

هڪ ڏينهن فرڊننڊ جي چوڻ تي، ”سر رئٽڪلف“ ۽ ”ليڊي آرمن“ گاڏيءَ تي چڙهي هوا کائڻ ويا، جو ”فرڊ ننڊ“ جي بيماريءَ ڪري گهڻا ڏينهن هو ٻاهر نه ويا هئا. گهر ۾ باقي ”فرڊ ننڊ“ ۽ ”مس گرئنڊيسن“ هئا. هن جي وئي کان پوءِ هو ٻئي، هڪٻئي کي ٻانهن ۾ ٻانهن ڏيئي، باغ ۾ پسار ڪرڻ لڳا. ٿوري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ”فرڊ ننڊ“ چيو ته ”پياري ڪيٽ، ٿورو ساهي کڻنداسون، توکي ڪي چوڻو اٿم“. هي ٻڌي هن جو رنگ هارجڻ لڳو. هوءَ ڏڪڻ لڳي ۽ جواب ڪونه ڏيئي سگهي. ”فرڊ ننڊ“ وري چيو ته ”منهنجي حالت رحم جي لائق آهي ۽ منهنجي دل ٽٽل آهي. اگرچ ڳالهه ڪرڻ ڏکي آهي، ته به مون کي فرض ادا ڪرڻو آهي ۽ سچ چوڻو آهي. پياري ماروٽ، آءٌ تنهنجو قصور وار آهيان، مون توکي تمام گهڻو رنج ڪيو آهي. ڪئٿرائن، آءٌ بلڪل تنهنجو لائق ناهيان. مون توسان ٺڳي ۽ دغابازي ڪئي آهي. هي جيڪي پنهنجي ڳنڍڻ جا ٺهراءَ پيا ڪن، تن مان نڪا توکي عزت حاصل ٿيندي، نڪا خوشي، پر خدا تنهنجي پاران مون کان انهيءَ جو حساب وٺي ڇڏيو آهي.“ ”مس گرئنڊيسن“ چيو ته ”نه، فرڊ ننڊ، نه، آءٌ توکان وير وٺڻ نٿي گهران... انهيءَ ڳالهه کي وساري ڇڏ، متان وري بيمار ٿي پوين!“ هن گهڻو ئي نٽايو، پر ”فرڊ ننڊ“ نه ڇڏيس. ٻانهن وٺي، زور ڪري ويهاري، چيائينس ته ”ڪئٿرائن، ٻڌ: پياري ماروٽ، آءٌ توکي نهايت گهڻيءَ عزت ۽ تعظيم جو لائق ٿو ڄاڻان. توکي خوش رکڻ جي لاءِ آءٌ جيڪر پنهنجي جان به فدا ڪريان. تون نهايت خوبصورت ۽ نيڪ سيرت آهين. مون ڄاتو ٿي ته پاڻ ڏاڍا خوش گذارينداسين، پر هاڻ آءٌ توسان ٺڳي نه ڪندس، توکي گمراهه نه ڪندس، توسان ڪوڙ نه ڳالهائيندس...“

”مس گرئنڊيسن“ چي ته ”آءٌ ڪو توکي ڏوراپو ٿي ڏيان، يا توتي ڪا تهمت ٿي آڻيان ڇا؟“ هن چيو ته ”جي توکي حقيقت جي خبر پوندي، ته تون مون کي عتاب به ڏيندينءَ“. هن چيو ته ”مون کي حقيقت جي سڄي خبر آهي“. ”فرڊ ننڊ“ حيران ٿي چيو ته ”انهيءَ هوندي به ساڳئي گهر ۾ ۽ ساڳئي ڇت هيٺ مون سان گڏ رهي سگهين ٿي، مون کي ڌڪارين نٿي!“

هن چيو ته ”آءٌ ڪنهن کي ڪين ڌڪاريندي آهيان، تڏهن توکي خاص ڪهڙيءَ طرح ڌڪاري سگهنديس؟“ ”فرڊ ننڊ“ وري به حيرانيءَ مان چيو ته ”توکي سڀڪا خبر آهي ۽ پوءِ به منهنجي هيتري سنڀال ٿي ڪرين، هيئن مون کي ٻانهن ڏيئي هلين ٿي ۽ مون سان کلي ڳالهائين ٿي! ڪئٿرائن، تون ڪا ڏاڍي خوش خـُـلق ۽ خوش نصيب آهين!“ هن نرمائيءَ سان چيو ته ”فرڊ ننڊ، پنهنجي فرض ۽ پنهنجي مذهب ۽ ڪن ٻين ڳالهين جي نظر تي مون کي ائين ڪرڻ ضرور ٿو ٿئي، نه ته مون کي خبر آهي ته تنهنجي دل ٻئي ماڻهوءَ جي آهي. مون کي انهيءَ جي نالي ڄاڻڻ جو ضرور ڪونهي“. هن پڇيو ته ”تڏهن گلئسٽن بيريءَ توکي ٻڌايو آهي؟“ ڪئٿرائن چيو ته ”انهيءَ اشراف به جيڪو اشارو ضروري ڄاتو اُهو مون کي ڏنو، وڌيڪ احوال معلوم ڪرڻ منهنجو ڪم ناهي“.

ٿورو ماٺ ڪري، ”فرڊ ننڊ“ چيو ته ”ڪئٿرائن، تون مون کي پڪ ڏي ته مون کي نٿي ڌڪارين. مون کي معاف ڪر، مون کي ديوانو سمجهه، پر مون کي خراب نه سمجهه!“ هن چيو ته ”فرڊ ننڊ“ پاڻ ٻئي ڪمبخت آهيون!“ ”فرڊ ننڊ“ چيو ته ”ائين نه چؤ... آءٌ برابر ڪمبخت آهيان، پر تون چڱي نصيب واري ٿيندينءَ ۽ خوش رهندينءَ.“ هن چيو ته ”فرڊ ننڊ، پڪ ڄاڻج ته جي تون خوش نه هوندين ته آءٌ به ڪڏهن خوش نه رهي سگهنديس.: آءٌ هن دنيا ۾ اڪيلي آهيان، تنهنجا مائٽ ئي منهنجا مائٽ آهن، تنهنجي ماءُ منهنجي ماءُ آهي، منهنجي خوشي ۽ خوش نصيبي تنهنجي ڪٽنب تي منحصر آهي، اسان جي ميلاپ ۾ هنن کي گهڻي اميد ۽ آسرو آهي، جيڪڏهن اسان جي جدائيءَ جي هنن کي خبر پوندي، ته هو نهايت غمگين ۽ نااميد ٿيندا، تنهنڪري آءٌ نفس ماريو پيئي گذاريان - نڪو توکي ڪو مهڻو ٿي ڏيان، نه ڏوراپو - صبر ڪري، پنهنجي قسمت تي راضي ٿي پيئي گذاريان!“

هي ٻڌي ”فرڊ ننڊ“ چيو ته ”ڪئٿرائن، پياري ڪئٿرائن، ڇو پاڻ جدا ٿياسين جو منهنجي ههڙي حالت ٿي!“ هن چيو ته ”اهو قسمت جي وس آهي، گهڙيءَ لاءِ ڌڪارجڻ بهتر آهي، جو پوءِ عمر تائين ڏهاڳ ۾ رهجي“. ”فرڊ ننڊ“ چيو ته ”خدا جي واسطي، ڪئٿرائن، ائين نه چؤ. آءٌ قسم کڻي ٿو چوان ته آءٌ توکي نهايت تعظيم ٿو ڏيان، توکي نهايت لائق ۽ پاڻ کي نهايت نالائق ٿو ڄاڻان، پر، بس، منهنجي دل پنهنجي وس ناهي.... جيڪو ٿيو سو ٿيو.“ هن چيو ته ”فرڊ ننڊ“، آءٌ گهڻو خوش آهيان جو تون مون تي مهربان آهين، پر اسان کي گهرجي ته هڪٻئي کي سمجهي ڇڏيون. آءٌ في الحال هتي پيئي رهنديس، پر تنهنجي محبت هٿ ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪوشش ڪانه ڪنديس. ايترو مون کي گذر ئي آزمودي مان معلوم ٿي رهيو آهي ته اسين هڪٻئي جا جوڙ ٿي نه سگهنداسين. جيڪي مست ڪندڙ خاصيتون توتي جادوءَ جهڙو اثر وجهي سگهن، سي مون ۾ ڪينهن. اڳتي خفي کان سواءِ هڪٻئي سان گڏ رهي نه سگهداسين. آخر ويجها مائٽ آهيون: جيڪي هيستائين تو منهنجي نسبت ۾ ڪيو آهي تنهن جي لاءِ آءٌ توکي دليئون بجانيئون معافي ٿي ڏيان ۽ اهو اصل وساريو ٿي ڇڏيان“.

”فرڊ ننڊ“ اکين مان ڳوڙها وهائي چيو ته ”ڪئٿرائن، تون نهايت صاف دل ۽ مهربان زال آهين. تو جهڙي وڏي دل ۽ دماغ واري ٻي دنيا ۾ مشڪل هوندي. مون کي زبان سان شڪر گذاري ڪرڻ نٿي اچي، اها آءٌ دل سان ڪريان ٿو. برابر، جيئن تون چوين ٿي تيئن، پاڻ مائٽ آهيون: جي منهنجي ماءُ تنهنجي ماءُ آهي، ته آءٌ به اڳتي توسان ڀاءُ ٿي گذاريندس ۽ اميد اٿم ته ڀائپيءَ جا سڀ حق پوريءَ طرح ادا ڪنديس“.

انهيءَ مٿينءَ گفتگوءَ کان پوءِ ”فرڊ ننڊ“ جي دل جو بار گهڻو هلڪو ٿيو ۽ انهيءَ کان پوءِ هو سڀ هڪ گهر ۾ تمام چڱيءَ طرح گذاريندا هئا. ”فرڊ ننڊ“ آهستي بهتر ٿيندو ويو ۽ سڀني هن کي خوش رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي - خاص ”مس گرئنڊيسن“. انهيءَ هوندي به، ”فرڊننڊ“ جهڙو پهرين ڏينهن ۾ خوش گذاريندو هو، اهڙو نٿي گذاريائين. جيتوڻيڪ محبت ڏيڻ وارا گهڻا هئس، تڏهن به هن جي دل ”هنرئيٽا ٽيمپل“ جي لاءِ اٻاڻڪي هئي ۽ هو هميشه اها اميد رکيو ايندو هو ته نيٺ هو ساڻس گڏبي. انهيءَ جي پتي ڪڍڻ لاءِ ”گلئسٽن بيريءَ“ گهڻائي مٿا هنيا - ايترو معلوم ٿيو ته انگلنڊ مان نڪري ويا آهن، باقي ٻئي ڪهڙي هنڌ آهن سا خبر نه پئجي سگهيس. انهيءَ ڳالهه جو فرڊ ننڊ کي هميشه فڪر ۽ غم رهندو هو.

 

------

باب ٽيويهون

”لارڊ مانٽفرڊ“ سان مسٽر ۽ مس ٽيمپل جي معرفت

هتي اسين هڪڙو نئون ماڻهو آڻيون ٿا، جو ”انٽفرڊ“ جو ”مارڪـُـئس“ آهي. هن جو ڏاڏو، فوتي مارڪـُـئس، ”گلئسٽن بيريءَ“ جو مربي هو. انهيءَ جي مرڻ کان پوءِ هيءُ جوان سندس ملڪيت ۽ لقب جو وارث ٿيو. جڏهن ”فرڊ ننڊ آرمن“ مالٽا ڏي وڃڻ کان اڳي لنڊن ۾ ويو هو، تڏهن هن سان واقفيت ٿي هيس. انهيءَ وقت هن جو نالو ”ڊگبي“ هو، پوءِ ”مارڪئس“ ٿيو. هو ڏاڍو قابل ۽ همت ڀريو ۽ چڱن اخلاقن وارو جوان ماڻهو هو. مذهب جو ڪئٿولڪ هو ۽ جرمنيءَ ۾ چڱي تعليم حاصل ڪئي هئائين. شڪل جو به تمام چڱو هو. يورپ جو گشت به ڪيل هوس ۽ نقاشيءَ ۽ ٻين عمدن هنرن جو به شوق هوندو هوس، تنهنڪري روم ۾ پنهنجي رهڻ جي جاءِ ٺهرايائين.

مسٽر ”ٽيمپل“، پنهنجي ڌيءَ جي بيماري سبب، هوا بدلائڻ لاءِ ”ڊوسي“ ڇڏي اٽليءَ ڏي ويو هو ۽ اتي وڃي ”پئسا“ شهر ۾ رهيو، اتي ”لارڊ مانٽفرڊ“ جي هن سان واقفيت ٿي. ٻنهي کي هڪٻئي جي صحبت وڻي ويئي، سو اڪثر هڪٻئي وٽ ايندا ويندا هئا. ”هنرئيٽا“ پيءَ سان گڏ هن جي جاءِ تي نه ويندي هئي، جو اڃا هن جي دل ۽ طبيعت پوري ٽڪاڻي نه هئي. پر، لارڊ جي گهڻي چوڻ تي، هڪڙي ڀيري مسٽر ”ٽيمپل“ پنهنجي ڌيءَ کي صلاح ڏني ته ٻاهر نڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ ۽ دل وندرائڻ سندس لاءِ بهتر آهي ۽ ”لارڊ مانٽفرڊ“ جي به هن تعريف ڪئي ته تمام چڱو ۽ صحبت جو لائق ماڻهو آهي. انهيءَ هوندي به هن نٽايو ۽ ڪو عذر پيش ڪيائين... پر تقدير جو لکيو ائين هو ته ”هنرئيٽا“ ۽ ”لارڊ مانٽفرڊ“ پاڻ ۾ ملن ۽ واقف ٿين.

هڪڙي ڀيري پيءُ ۽ ڌيءَ ڪنهن مشهور قبرستان جي ڏسڻ لاءِ ويا، جنهن کي ”ڪئمپوسانٽو“ چوندا آهن. اها اهڙي عمدي ۽ وڻندڙ جاءِ هئي، جو ”هرنئيٽا“ به چيو ته ”جي آءٌ هتي دفن ٿيان ته ڪهڙو نه چڱو!“ اهي لفظ هن جي پيءُ کي بدشگونيءَ جهڙا نظر ۾ آيا. وري ”هنرئيٽا“ جو چيو ته ”اها عجب جي ڳالهه آهي ته پهرين جاءِ جا آءٌ ڏسڻ هليس سا قبرستان آهي“، تنهنڪري پڻس پاڻ زياده ملول ٿيڻ لڳو. هو انهن ئي خيالن ۾ هئا، ته قبرستان جو وڏو در کليو ۽ گهڻا ماڻهو اندر لنگهي آيا. ڪي عملدار به هئا ۽ ڪي مزور به، جي هڪڙو وڏو قديم گلدان کڻي آيا، جو اٽليءَ جي قديم پوريل شهر کوٽيندي هٿ آيو هو، ۽ ”لارڊ مانٽفرڊ“ خريد ڪري ”ڪئمپوسانٽو“ ۾ رکڻ لاءِ تحفي طرح موڪليو هو. خود اهو لارڊ به آيو هو، تنهنڪري مسٽر ”ٽيمپل“ کي لاچار ٿيو ته هن سان گڏجي ۽ ”هنرئيٽا“ جي به هن سان معرفت ڪرائي. انهيءَ لارڊ هنن کي اهو گلدان هلي ڏيکاريو ۽ انهيءَ جي تعريف ڪيائين. اتي جيڪا گفتگو هلي، تنهن مان ”هنرئيٽا“ کي معلوم ٿيو ته هو تمام چڱو فضيلت وارو ۽ سڌريل جوان ماڻهو هو ۽ اهو به معلوم ٿيس ته پڻس سان گهڻي محبت هيس - جيتوڻيڪ هن ڀيري خود ساڻس هن جو گهڻو ڳالهائڻ نه ٿيو.

اُتي، انهيءَ گلدان جي ذڪر ڪندي، ”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته ”مون وٽ هڪڙي هنڌ چڱا عجيب غريب هنرمنديءَ جا نمونا رکيل آهن، جي ڏسڻ جهڙا آهن، جي اوهان کي تڪليف نه ٿئي ته هلي ڏيکاريان“. ”هنرئيٽا“ ڏٺو ته پڻس جي گهڻي خواهش آهي، مگر ساڻ هئڻ جي ڪري پئي ڪٿ ڪٿان ڪيائين، تنهنڪري پيءُ جي خوشيءَ خاطر پاڻ به هلڻ قبول ڪيائين، ۽ ٽيئي گڏجي ”لارڊ مانٽفرڊ“ جي محلات ۾ آيا، جا انهيءَ شهر ۾ هئي. اُها تمام عمدي عمارت هئي ۽ منجهس عمدو سامان رکيل هو. لارڊ چوڻ لڳو ته ”هيءَ ڏيکارڻ جهڙي  جاءِ ناهي، آءٌ ڏاڍو خوش ٿيندس، جي اوهين ڪڏهن مون وٽ روم ۾ ايندؤ“. پوءِ اُتي جيڪي عجيب غريب شيون ۽ اُستادن جي هنرمنديءَ جا نمونا هئا، سي هڪ هڪ ڪري ڏٺائون. ڪلاڪ کن کان پوءِ نوڪر ميوو ۽ شراب آندو، سو ويهي کاڌائون ۽ پيتائون. پوءِ مسٽر ”ٽيمپل“ موڪلايو ۽ جهڙو پاڻ تهڙو سندس ڌيءَ ”لارڊ مانٽفرڊ“ جي شڪر گذاري ڪئي ۽ جيڪي ڏٺو هئائون، تنهن تي خوشي ظاهر ڪيائون. پوءِ گاڏيءَ تي چڙهي هليا ويا. جيڪو وقت اُتي ترسيا هئا، تنهن ۾ ”لارڊ مانٽفرڊ“ جيڪي چيو يا ڪيو، سو اهڙي ڊول سان ڪيو هئائين، جو انهيءَ جو پيءُ توڙي ڌيءَ تي تمام چڱو اثر ٿيو ۽ ”هنرئيٽا“، جا ڪن ڏينهن کان وٺي اُٻاڻڪي ۽ ملول ڏسڻ ۾ ايندي هئي ۽ انهيءَ ڪري ٻاهر نه نڪرندي هئي، سا به پهرئين ئي ڀيري سرهي ڏسڻ ۾ آئي. انهيءَ سبب، سندس پيءُ ڏاڍو خوش ٿيو.

ٻئي ڏينهن ”لارڊ مانٽفرڊ“ هڪڙو خط به مسٽر ”ٽيمپل“ ڏي موڪليو ۽ هڪڙي انگور جي ٽوڪري به موڪلي، جا سندس باغ جي هئي ۽ جا هنن اُتي کائڻ مهل ڏاڍي پسند ڪئي هئي. انهي خط جي جواب ۾ مسٽر ”ٽيمپل“ ”لارڊمانٽفرڊ“ کي رات جي ماني وٽن اچي کائڻ لاءِ دعوت لکي. اها دعوت هن ڌيءَ سان صلاح ڪرڻ کان پوءِ لکي هئي، جو هن  کي هينئر هن جي اچڻ ۽ ساڻس ملڻ تي اعتراض ڪونه هو، بلڪ پسند هو.

انهيءَ موجب، شام جو ”لارڊمانٽفرڊ“ آيو. دستوري مرحبا کان پوءِ، هو ۽ مسٽر ”ٽيمپل“ ڪن ملڪي ڳاليهن بابت پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳا ۽ ”هنرئيٽا“، جا اڃا بيمار ٿيل هئي، سا ڪوچ تي ويٺل هئي. لارڊ سندس تندرستيءَ بابت پڇا ڪئي، جا هن اڳي ئي پنهنجي خط ۾ ڪئي هئي. ملڪي معاملن کان پوءِ هو جرمنيءَ جي ڪتابي علم بابت ذڪر ڪرڻ لڳا، جنهن ۾ ”لارڊمانٽفرڊ“ ڏاڍي هوشياري ۽ قابليت ڏيکاري. ڪن ڪتابن جا نالا “مس ٽيمپل” ڏنا، جي ”لارڊمانٽفرڊ“ نوٽ ڪري ورتا، جو چيائين ته سندس ڪتبخانو روم ۾ آهي، اُتان گهرائي وٺندو ۽ چئن ڏينهن م سندس خاص قاصد کڻي ايندو. ڳچ تائين ويهي، پوءِ ”لارڊمانٽفرڊ“ موڪلائي ويو.

انهيءَ کان پوءِ اڪثر ”لارڊ مانٽفرڊ“ شام جي وقت هنن وٽ ملاقات لاءِ ايندو هو ۽ مسٽر ”ٽيمپل“ سان جدا جدا مضمونن تي گفتگو ڪندو هو. هو ”هنرئيٽا“ سان گهڻو ڪين ڳالهائيندو هو، جا ڪوچ تي بيمارن وانگر ويٺي رهندي هئي، مگر ذري ذري جيڪا شي هن کي گهربل هوندي هئي سا ڊوڙ پائي کڻي ايندو هو، يا جي ڪا شي ڪري پوندي هئي جهٽ ۾ اُها کڻي ڏيندو هو، يا وهاڻا هيٺ مٿي ٿيندا هئا ته اُهي جوڙي رکندو هو: مطلب ته ”هنرئيٽا“ ڏي گهڻو خيال رکندو هو. اڪثر صبح جو سندس ماڻهو ڪتاب يا ميوو يا اخبارون يا نقش يا تصويرون - هڪڙي نه ٻي شي کڻي ايندو هو، جي مسٽر ”ٽيمپل“ ۽ ”هنرئيٽا“ ٻئي ڏسي پڙهي خوش ٿيندا هئا.

ٿورو ٿورو ڪري، ”لارڊ مانٽفرڊ“ هڪڙو اُتي جو پروفيسر ۽ هڪڙو نقاش واقف ڪيا. انهن جي صحبت ۾ مسٽر ”ٽيمپل“ توڙي سندس ڌيءَ جو وقت چڱيءَ وندر ۾ گذرندو هو. هوءَ هينئر ڪوچ ڇڏي گهمڻ ڦرڻ جهڙي ٿي. ”لارڊ مانٽفرڊ“ هڪڙي انگريزي آرام ڪرسي سندس لاءِ موڪلي، تنهن تي ويهڻ لڳي. ڪڏهن ڪڏهن لارڊ سان گڏ گاڏيءَ تي چڙهي شام جي وقت هوا کائڻ لڳي. انهيءَ هوا خوريءَ جي ڪري ”هنرئيٽا“ سگهو ئي بلڪل تندرست ٿي ۽ اڳي وانگي خوبصورت ۽ خوش طبع ٿيڻ لڳي، جا حالت ڏسي پڻس گهڻو خوش ٿيندو هو، پيءُ کي خوش ڏسي، هوءَ پاڻ به خوش ٿيندي هئي.

 

باب چوويهون

ٻيو عشق جو اظهار

هڪڙي ڏينهن صبح جو ”لارڊمانٽفرڊ“ هنن وٽ آيو ۽ رٿ ڪيائين ته اڄ هلو ته پر ڀرو هلي ٻهراڙيءَ ۾ گذاريون. مسٽر ”ٽيمپل“ ڌيءَ سان صلاح ڪئي، هن کي اعتراض ڪونه هو، تنهنڪري جلد سنبري روانا ٿيا. ٿوري پنڌ تي هڪڙو ٽـَـڪرُ هو، جنهن تي ڏاڍي ساوڪ هئي ۽ ڪي قديم مڙهيون به هيون، هڪڙو مزي جهڙو ننڍڙو گهر به اُتي هو. ڏاڍي مزي جهڙي جاءِ هئي. هي چڱيءَ طرح گهمي ڦري خوش ٿيا ۽ جڏهن ٿڪا تڏهن انهي گهر ۾ وڃي ويٺا. اتي ڳالهين ڪندي، مسٽر ”ٽيمپل“ ۽ ”هنرئيٽا“ کي معلوم ٿيو ته اهو گهر به ”لارڊ مانٽفرڊ“ جو هو، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هو وڃي ماٺ ۽ اڪيلائيءَ ۾ آرام وٺندو هو. اتي موچارو چڱو سامان پيل هو، باغيچو هو ۽ ڪتاب رکيل هئا، تصويرون ۽ ٻيون سينگار جون شيون هيون. اهڙي عمدي جاءِ هئي. جو هنن کي ڏاڍي وڻي ۽ ”هنرئيٽا“ کي اتي جي گلڪاري ڏسي ”ڊوسي“ ۽ ”آرمن“ ياد پوڻ لڳا. انهيءَ يادگيريءَ کان غمگيني پيدا ٿي ۽ سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو. جيتوڻيڪ هوءَ گوشائتي وڃي ويهي رهي، ته به ”لارڊ مانٽفرڊ“ جي هن تي نظر پئجي ويئي. سو، مسٽر ”ٽيمپل“ سان مشغول رهيو ۽ ”هنرئيٽا“ کي ڇڏي ڏنائون ته آرام وٺي، جو ڄاتائون ته ٿڪي پيئي آهي. انهيءَ بابت ذڪر ڪندي، ”لارڊ مانٽفرڊ“ مسٽر ”ٽيمپل سان صلاح ڪئي ته روم هلي ڪي ڏينهن گذارجن ته بهتر آهي، جو اهو وڏو شهر آهي ۽ منجهس عجيب غريب قديم عمارتون ۽ هنرمنديءَ جون نشانيون آهن، جن جي ڏسڻ ڪري ”مس ٽيمپل“ جي دل وندرندي ۽ وڌيڪ خوش رهندي. مسٽر ”ٽيمپل“ کي اها رٿ پسند آئي، مگر سمجهيائين ٿي ته سنديس ڌيءَ طبيعت جي ناسازيءَ ڪري ايترو پري وڃڻ پسند نه ڪندي ۽ اهڙو عذر ”لارڊ مانٽفرڊ“ کي به ڏنائين. پر جڏهن سگهو ئي مس ٽيمپل به اچي ساڻن گڏ ويٺي ۽ ”لارڊ مانٽفرڊ“ روم جي عجيب غريب شين جي تعريف ڪئي، تڏهن ”هنرئيٽا“ به انهن جي ڏسڻ جي خواهش ڏيکاري. تنهن تي ”لارڊ مانٽفرڊ“ پنهنجي رٿ ظاهر ڪئي ۽ چيائين ته ”روم ڏي هلڻ جي اهڙي تجويز ڪنداسين، جو ”مس ٽيمپل“ کي سفر ڪرڻ ۾ بلڪل تڪليف نه ٿيندي“.

تنهن کان پوءِ هو، اهو ڏينهن اُتي گذاري، شام جو موٽي آيا. هفتو کن پوءِ هو ٽيئي روم ۾ آيا ۽ ”لارڊ مانٽفرڊ“ جي محلات ۾ اچي لٿا. محلات جو بندوبست ۽ باغ ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيا. جيڪو سک ۽ آسائش جو بندوبست اتي ڏٺائون، تنهن جي ڪري ”هنرئيٽا“ ائين ٿي ڄاتو ته ڄڻ اسين پنهنجي ”ڊوسيءَ“ واري گهر ۾ ويٺا آهيون بلڪ انهيءَ کان به سکيا آهيون.

”لارڊ مانٽفرڊ“ جي سنگت ۾ هو روم جون اهي جايون ڏسي سگهيا، جي سڀڪو ماڻهو ڏسي نٿو سگهي، هر روز مانيءَ تي هڪڙي نه ٻئي مشهور ۽ عزت واري ماڻهوءَ سان هنن جي معرفت ۽ ملاقات ٿي ۽ هنن کي جدا جدا ڳالهين جي خبر چار ٿي پيئي، ڪڏهن ڪڏهن وڃي راڳ ۽ باجا به ٻڌندا هئا ۽ تماشا ڏسندا هئا: مطلب ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ ”هنرئيٽا“ وري تازي تواني ٿي ۽ سندس منهن ۾ لالاڻ آئي ۽ اڳي کان زياده خوبصورت ڏسڻ ۾ آئي. هن کي ايترو به معلوم ٿي سگهيو ٿي ته ”لارڊ مانٽفرڊ“ سندس سک ۽ خوشيءَ لاءِ گهٽائي ڪين ٿو - روز بروز ساڻس زيادهه گهائل مائل ٿيندو وڃي ۽ محبت جا اشارا ڏيندو وڃي. رفتي رفتي ”لارڊ مانٽفرڊ“ ظاهر ظهور منهن تي هن جي تعريف ڪرڻ لڳو ۽ سڀڪنهن کي خبر پئجي سگهي ته مٿس عاشق ٿيو آهي.

”لارڊ مانٽفرڊ“ پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ ”فرڊننڊ“ آرمن کان بلڪل ٻي طرح رستو ورتو: هن شاديءَ لاءِ خود ”مس ٽيمپل“ کي ڪي به ڪين چيو، پر پڻس کي اندر جو حال ڏيڻ ۽ انهيءَ وٽ پنهنجو ارادو ظاهر ڪرڻ لڳو. مسٽر ”ٽيمپل“ رنج ڪين ٿيو، پر ايترو هن کي اشارو ڏيئي ڇڏيائين ته ”هنرئيٽا جو انجام ڪنهن ٻئي ماڻهو سان آهي، پر اهو ڪنهن به طرح هن جي لائق ناهي، تنهنڪري جڏهين مون کي اها خبر معلوم ٿي، تڏهن آءٌ انگلنڊ ڇڏي پنهنجي ڌيءَ سميت ڌارئين ملڪ ۾ نڪري آيو آهيان“.

تنهن کان پوءِ مسٽر ”ٽيمپل“، اٽڪل سان، پنهنجي ڌيءَ جي اڳيان ”لارڊ مانٽفرڊ“ جي تعريف ڪندو هو ۽ انهيءَ ڏي پنهنجي احسانمندي ظاهر ڪندو هو. نيٺ، وجهه ڏسي، ”لارڊ مانٽفرڊ“ جو عرض سندس ڪن تي وڌائين. ”هنرئيٽا“ ڪنڌ ڌوڻي چيو ته ”لارڊ مانٽفرڊ“ تمام چڱو ماڻهو آهي، گهڻي تعظيم جو لائق آهي، پر منهنجي دل، ڀڳي ٽـُـٽي پيئي آهي، سان هن جي لائق ناهي“ تنهن تي پڻس گهڻو ئي سمجهايو، اها به خبر ٻڌايائينس ته ”لارڊ مانٽفرڊ کي سندس اڳوڻي انجام جي خبر آهي، انهيءَ هوندي به هن پنهنجي دل تو کي ڏيئي ڇڏي آهي ۽ انهيءَ جي عيوض هو تنهنجو هٿ وٺڻ ٿو گهري“.

هن اڃا ڌيءَ کي ويٺي سمجهايو، ته نوڪر اچي اطلاع ڏنو ته ”لارڊ مانٽفرڊ“ آيو آهي ۽ اندر اچڻ ٿو گهري. تنهن تي مسٽر ”ٽيمپل“ ڌيءَ کي چيو ته ”هاڻ آءٌ وڃان ٿو، ڀلي اوهين پاڻ ۾ خـُـلاصيون ڳالهيون ڪريو“. ائين چئي هو نڪري ويو ۽ ”لارڊ مانٽفرڊ“ اندر آيو.

اچڻ شرط، مس ٽيمپل چيس ته ”لارڊ مانٽفرڊ، مون کي اوهان سان ڪنهن درد ڀريءَ ڳالهه بابت ذڪر ڪرڻو آهي. بابي کان مون کي معلوم ٿيو آهي ته اوهين مون کي نهايت گهڻي عزت ڏيئي، همسريءَ جو شرف ڏيڻ ٿا گهرو. آءٌ انهيءَ جي لاءِ اوهان جي تمام شڪر گذار آهيان ۽ اوهان جي آڇ کي پنهنجي ٿي سمجهان. اوهين مهرباني ڪري مون کي پنهنجي دل ڏيڻ گهرو ٿا، پر آءٌ انهيءَ جي بلڪل لائق ناهيان، جو اوهان جي قابليت ۽ نيڪيءَ ۽ فضيلت جي مون کي پوري طرح خبر آهي. بابي کان پوءِ اوهان کي ادب ۽ تعظيم جي لائق ٿي ڄاڻان، اوهان اسان تي گهڻا احسان ۽ گهڻيون مهربانيون ڪيون آهين، انهيءَ جي عيوض ۾ آءٌ سچي دلي دوستي اوهان کي ڏيان ٿي، جو مون کي پنهنجي دل اصل آهي ئي ڪانه“.

”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته پياري مس ٽيمپل، مون کي فقط تنهنجي دوستي گهرجي، فقط پنهنجي مٺي صحبت ۽ سنگت گهرجي، منهنجي دل جي خواهش نسوري اها آهي ته آءٌ تو کي خوش رکان ۽ خوش ڏسان“. هن چيو ته ”اوهين پڪ ڄاڻو ته اهڙي دوست جي سنگت ۾ آءٌ نهايت خوش آهيان ۽ هميشه خوش رهنديس. جي پاڻ اڳڀرو ملون ها ته بهتر هجي ها، پر هينئر آءٌ بيمار، دل شڪستي ۽ ملول آهيان، اهڙي حالت ۾ منهنجي انڪار ڪرڻ کان اوهان کي خوش ٿيڻ گهرجي...“

”لارڊ مانٽفرڊ“ ورندي ڏني ته ”ساهه کان پياري مس ٽيمپل، آءٌ وڌيڪ هينئر چوڻ نٿو گهران. جي منهنجو وس پڄي ته آءٌ جيڪر تو کي پنهنجي اندر جو درد ٻڌائي، تنهنجي دل ۾ رحم پيدا ڪريان. اميد آهي ته تون مون کي پيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندينءَ ۽ مون کي نااميد نه ڪندينءَ“.

پوءِ  هو اُٿي، سندس هٿ وٺي، چمي، موڪلائي هليو ويو، پر انهيءَ ملاقات ڪري هو دل شڪستو يا نا اُميد نه ٿيو. هن کي اهو ڏڍ هو ته عرصي پئي هوءَ نيٺ راضي ٿيندي- جيتوڻيڪ پهرين هن جي خاطر ٻئي ماڻهوءَ سان هئي. کيس هن سان محبت گهڻيئي هئي، پر في الحال انهيءَ بابت هن کي ستائڻ نه گهريائين - پڪ هيس ته پڻس سندس پاسي آهي، اُهو سندس پاران وقت بوقت سفارش پيو ڪندو. مسٽر ”ٽيمپل“ برابر وجهه ملڻ تي هن جي سفارش پيو ڪندو هو. انهيءَ کان پوءِ گهڻن هنڌن تي هنن کي گڏ وڃڻوٿيندو هو ۽ ”لارڊ مانٽفرڊ“ کان جيڪي پڄندو هو تنهن ۾ ”هنرئيٽا“ کي خوش ڪرڻ ۾ ڪين گهٽائيندو هو. انهيءَ جو اثر اهو ٿيو جو ”هنرئيٽا“ جي دل پيئي نرم ٿيندي ۽ ”لارڊ مانٽفرڊ“ ڏي راغب ٿيندي.

 

-----

باب پنجويهون

ٽيمپلن کي اوچتو ڀاڳ لڳڻ ۽ حالتن جي ڦير گهير

  سگهو ئي سڀڪنهن کي معلوم ٿي ويو ته ”لارڊ مانٽفرڊ“ ۽ ”مس ٽيمپل“ جو مڱڻو ٿيو آهي ۽ جلد انهن جي شادي ٿيندي. انهيءَ ڪري مسٽر ”ٽيمپل“ دل ۾ گهڻو خوش هو، جو ڄاتائين ته سندس ڌيءَ به بهتر طبيعت ۽ بهتر حالت ۾ ايندي ۽ کيس به آئيندي جو انتظار ڪونه رهندو. ”هنرئيٽا“ پاڻ به خيال ڪري، اڳوڻيون ڳالهيون وساري، اچي هاڻ انهيءَ ٺهراءَ تي بيٺي هئي.

اتي مسٽر ”ٽيمپل“ جو ٻيءَ طرح نصيب کليو: هڪڙو ٻڍو جرمن ”بئرن“ هو، جو سندس ڏاڏي جو ڌرم جو پٽ هو ۽ جنهن جو نالو ”سر ٽيمپل ڊيورو“ هو ۽ پارليامينٽ جو ميمبر هو، اهو تمام دولتمند ماڻهو هو ۽ يارڪشائر ۾ هن جي وڏي جائداد هوندي هئي، اهو هينئر مري پيو ۽ ٻئي وارث نه هئڻ ڪري مسٽر ”ٽيمپل“ کي پنهنجو وارث ڪري ويو انهيءَ طرح، هن کي اوچتو ڀاڳ لڳي ويو ۽ هو هينئر ”رائٽ آنربل سر پيلهئم ٽيمپل“ ٿي پيو ۽ تمام دولتمند ماڻهو شمار ۾ اچڻ لڳو ۽ تنهنڪري ”مس هنرئيٽا ٽيمپل“ هڪڙي ڏاڍي دولتمند ماڻهوءَ جي وارثياڻي شمار ۾ اچڻ لڳي. انهيءَ ڳالهه تي خود ”هنرئيٽا“ به ڏاڍي خوش ٿي ۽ اڪيلائيءَ ۾ انهي تي خيال ڪرڻ لڳي. ”ڊوسي“ ۽ ”آرمن“ جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد اچڻ لڳيس. جي ”ڪئپٽن فرڊننڊ آرمن“ ساڻس بيوفا نه ٿئي ها، ته هينئر جيڪر ههڙي دولتمند زال جو مڙس هجي ها - هن جا قرض ٻرض سڀ لهي وڃن ها، آرمن واري جاگير سندن ٿئي ها ۽ محلات وري نئين سر جڙي پوي ها. ”هنرئيٽا خيال ڪري دل ۾ چيو ”آءٌ جيڪر هينئر هن کي ڪيترو نه فائدو پهچائي سگهان ۽ جيڪو انجام ڪيو هوم ته انهيءَ خاندان کي وري بهتر حال ۾ آڻينديس، سو پورو ڪري سگهان ها!... پر افسوس جو هو هينئر ٻئي جو ٿي پيو ۽ آءٌ ٻئي جي -  جهڙو هو  قيديءَ وانگي بند ۾ ڦاٿل آهي، تهڙي آءٌ!“ انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪري، هن کي بعضي وقتن تي ڏاڍو ارمان ۽ غم ٿيندو هو.

*               *                *

هيڏي ”هنرئيٽا“ جو هي حال هو، هوڏي ”فرڊننڊ“ جو حال ٻڌو. هو سگهو ئي بيمارءَ کان اُٿيو ۽ بدن ۾ توڙي دل ۾ بلڪل تندرست ٿيو، ليڪن هميشه ملول رهندو هو. قرض خواهن جي ڪشش به آڻي تنگ ڪيس، تنهنڪري هن پڪو ٺهراءُ ڪيو ته باٿ ڇڏي لنڊن ۾ اچي. اپريل جو مهينو هو، جو هو ۽ ”گلئسٽن بيري ٻئي لنڊن ۾ آيا، هڪڙيءَ هوٽل ۾ اچي رهي پيا. اتفاق سان انهيءَ مهيني ۾ ”مس گرئنڊيسن“ به انهيءَ هوٽل جي نزديڪيءَ ۾ هڪڙو گهر هٿ ڪري موسم گذارڻ جي لاءِ اچي رهڻ لڳي. سندس چاچو ۽ چاچي، ٻارن سميت، به اچي وٽس مهمان ٿيڻا هئا. ”ليڊي آرمن“ جي ڀيڻ، جا باٿ ۾ بيمار هئي، سا به اتي اچي رهڻي هئي.

لنڊن جهڙي شهر ۾ ”فرڊننڊ“ گهمڻ گهتڻ ۽ دل وندرائڻ لڳو. هڪڙي ڏينهن ڪنهن جنگي کاتي جي ڪلب ۾ لنگهي ويو ۽ هڪڙي اخبار کڻي ويهي پڙهڻ لڳو. نظر گهمائيندي، هيٺين خبر پڙهيائين، جنهن وري ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيس: ”لارڊ مانٽفرڊ“ موٽي انگلنڊ ۾ آيو آهي. هن گهڻا ورهيه اٽليءَ ۾ گذاريا هئا. انهيءَ جي شادي جلد ”سر ٽيمپل“ جي ڌيءَ سان ٿيڻي آهي، جا تمام خوبصورت ۽ وڏي دولتمند جي وارثياڻي آهي. ”رائٽ آنربل پيلهئم ٽيمپل“ گهڻا ورهيه جرمنيءَ ۾ سفير ٿي رهيو آهي، اهو هاڻ تازو ”سر ٽيمپل ڊيورو“ جو وارث ٿيو آهي، جنهن جي يارڪشائر ۾ وڏي جاگير آهي، جنهن مان پندرهن هزار پائونڊ سال ۾ پيدائش ٿي ٿئي. مسٽر ”ٽيمپل“ هڪڙي ڊيوڪ جي محلات خريد ڪئي آهي، جا ”گراسوينر اِسڪئائر“ ۾ آهي. ”لارڊ مانٽفرڊ“ به انهن سان گڏجي انگلنڊ ۾ آيو آهي“.

هي خبر پڙهي، ”فرڊننڊ“ جو مغز چرخ ٿي ويو. ”هنرئيٽا“... انگلينڊ جي هڪڙي وڏي دولتمند بئرن جي ڌيءَ ۽ وارثياڻي! اها ”هنرئيٽا“ جنهن کي هو پوڄيندو هو ۽ جنهن تان ساهه صدقو ڪندو هو، جنهن جي لاءِ هن ڌن من ۽ تن قربان ڪري ڇڏيو هو ۽ ”گرئنڊيسن“ جي دولت ۽ جائداد کي به ٿـُـڪ هڻي ڇڏي هئائين، - اها هينئر وڃي ٻئي جي ٿي زال ٿئي! حسد ۽ ساڙي ڪري هينئر هن کي اهي چڪ پوڻ لڳا، جي اڳي نه لڳا هئس. شايد ”هنرئيٽا“ سمجهيو ته هي بيوفا ٿيو آهي ۽ تنهنڪري هن کيس غريب ڄاڻي، هن کي ڇڏي، ”مس گرينڊيسن“ سان شادي ڪرڻ جي ڪئي آهي، جو هوءَ وڏي جائداد واري ۽ سندس ماروٽ آهي. هن کي اها ڪهڙي خبر ته هي اڃا به سندس لاءِ پيو مري ۽ انهيءَ ماروٽ کي به صاف جواب ڏيئي ڇڏيو اٿس. هاڻ هي ڇا ڪري؟ جي هوءَ ساڻس شادي ڪري ته هن جون هينئر ته پنج ئي گيهه ۾ - دلگهـُـري ٻانهن به مليس ۽ انهيءَ جي پٺيان دولت به، قرض به لٿا، اباڻي جائداد به آزاد ٿي ۽ محلات به جڙي: مطلب ته جيڪي خيالي ماڙيون هنن ٻنهي پاڻ ۾ گڏجي اڏيون هيون، سي سچ پچ هاڻ تيار ٿي سگهن ها!

انهن خيالن ”فرڊننڊ“ کي مرڻ هارڪو ڪري ڇڏيو. هو پاڻ کي ڏوهه ڏيڻ لڳو. جي خط پٽ لکندو اچي ها، ته سندس هيتري غفلت ۽ بيپرواهي ۽ بيوفائي معلوم نه ٿئي ها. پر حقيقت ڪري، ته هي اڃا به سچو ۽ وفادار هو... مگر انهيءَ جي هاڻ هـُـن کي ڪيئن خبر پوي ۽ جا ڳالهه هيستائين ويئي آهي، تنهن جو هو ڪهڙو علاج ڪري؟ هوءَ هينئر ”لارڊ مانٽفرڊ“ جي مڱيندي هئي - اهو لارڊ، جو سندس جهونو سنگتي هو، جڏهن اڃا ڊگبي سڏبو هو ۽ اوائل وارن ڏينهن ۾ لنڊن ۾ رهندي هن سان دوستي ڳنڍي هئائين. هنن ڳڻتين هن ويچاري کي اهڙو منجهايو، جو انهيءَ رات هن پنهنجي ماروٽ سان انجام ڪيو هو ته وٽس وڃي ماني کائيندو، سو ههڙي حال ۾ هن جي دل نه چيو ته اتي وڃي، تنهنڪري عذر جو خط لکي هن ڏي روانو ڪيائين ۽ پاڻ پنهنجيءَ جاءِ ۾ ويهي رهيو. ”گلئسٽن بيريءَ“ وري انهيءَ رات پنهنجي قديم مربي ڊيوڪ جي بيوهه زال جي گهر ماني کائڻ جو انجام ڪيو هو، سو اوڏي ويو، انهيءَ کي به ”فرڊننڊ“ پنهنجو اهو حال ڏيئي نه سگهيو.

 

------

باب ڇويهون

”گلئسٽن بيريءَ“ جو ”هنرئيٽا“ کي ڏسڻ، ۽ پوءِ ”فرڊننڊ“ کي ٻڌائڻ

جڏهن ”گلئسٽن بيري“ ”ڊچيس“ جي گهر پهتو ۽ ملاقات واري ڪمري ۾ ويو، تڏهن اتي فقط هڪڙو جوان ماڻهو ويٺل ڏٺائين. انهيءَ جو واقف نه هو، تڏهن به هُن سلام ڪيس ۽ هِن سلام جو جواب ڏنس. ڳالهين ڪندي، هن پاڻ سڃاڻايس: چيائينس ته “مسٽر گلئسٽن بيري، گهڻا ورهيه ٿيا جو پاڻ گڏيا هئاسين، اوهان مون کي وساري ڇڏيو آهي... آءٌ ”ڊگبي“ آهيان!“

”گلئسٽن بيريءَ“ ويچاري اٿي هن جي زيادهه آڌر ڀاءُ ڪئي ۽ پنهنجي ٻڍاپي ۽ ڪم نظريءَ جو عذر ڏنائين. اهو به چيائين ته ”اوهين تڏهن ننڍا هئؤ، هاڻ وڏا ٿيا آهيو ۽ شڪل به ڦري ويئي اٿؤ“.

اتي گهر جي مالڪياڻي ”ڊچيس“ به آئي. انهيءَ کي به هنن هڪٻئي کي نه سڃاڻڻ جي ڳالهه ٻڌائي. سگهو ئي هن ٻڍيءَ بيوهه ڊچيس جو پٽ، هاڻوڪو ڊيوڪ ۽ انهيءَ جي زال ڊچيس، يعني ”لارڊمانٽفرڊ“ جا پيءُ ماءُ ۽ انهيءَ جو ن ٻه ڌيون يعني ”لارڊمانٽفرڊ“ جون ڀيڻون به آيون. انهن سان ”گلئسٽن بيري“ گڏيو. انهن جي نالي به هن چيو ته ”اڳي ننڍڙا ٻار هئا، هينئر وڏا ٿيا آهن، تنهنڪري سڃاپڻ ۾ نٿا اچن“. پوءِ ته هو ڊيوڪ سان هڪڙي هنڌ وهي ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ڇوڪريون وري هن جوان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون. پڇيائونس ته ”ڊگبي، هنرئيٽا هاڻ ڪيئن آهي؟ اڳهڻو اسان کي  مـِـلي چيائين ته اجها ٿي اچان!“ ائين ڪندي، در کليو ۽ ”مس ٽيمپل“ لنگهي آئي. اچڻ سان ٻڍيءَ ليڊيءَ کي چيائين ته ”بابو هينئر اچي نه سگهيو، چيو اٿس، ته رات جو دير ڀرو ايندس، جو ڪنهن ملڪي مجلس ۽ کاني ۾ هن کي شامل ٿيڻو هو“. پوءِ ويهي ڇوڪرين سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. ”گلئسٽن بيريءَ“ تي هن جي نظر نه پيئي، جو هو پاسي تي هو ۽ نه هن جي ئي مٿس نظر پيئي.

سگهو ئي ماني آئي ۽ سڀئي ميز تي ويهي ويا. ”لارڊمانٽفرڊ“ ۽ ”هنرئيٽا“ گڏ ويٺا، ”گلئسٽن بيري“ ۽ ڊيوڪ هڪڙي ڪنڊ تي ويٺا، جنهنڪري ”گلئسٽن بيري“ ۽ هنرئيٽا“ هڪ ٻئي کي ڏسي نٿي سگهيا.

ماني کائيندي، ”لارڊمانٽفرڊ“ نالو وٺي مسٽر ”گلئسٽن بيري“ سان ڪا ڳالهه ڪئي. اهو نالو ٻڌي، ”هنرئيٽا ڇرڪ ڀريو. خيال سان ڏسي هن کي سڇاتائين ۽ ڪرسيءَ تي ليٽي پيئي. اڳوڻيون ڳالهيون ياد پوڻ لڳس. جيئن تيئن ماني پوري ڪري جڏهن اُٿي ۽ ٻيا به اٿيا، تڏهن ”گلئسٽن بيريءَ“ جي به مٿس نظر پيئي ۽ هن به سڃاتس ۽ هن کي اڳوڻا خيال اچڻ لڳا. ستت ئي هو گڏيا. هڪٻئي کي وسارڻ ۽ نه سڃاڻڻ جو عتاب ڏنائون. ٻين کي به خبر پيئي ته هو ٻئي اڳي هڪٻئي جا سڃاڻو هئا، جا خبر هنن کي اڳي ڪانه هئي. پوءِ ته ڪي ڳائڻ وڄائڻ کي لڳا ۽ ڪي شين ڏسڻ وائسڻ ۾ لڳا! ”گلئسٽن بيريءَ“ ۽ ”هنرئيٽا“ خلاصا رهجي ويا. ”هنرئيٽا“ پڇيس ته “اوهين ڪڏهن هتي آيا آهيو ۽ اوهان جا دوست ته سڀ خوش آهن؟“ هن چيو ته ”ڏهه ڏينهن ٿيندا جو آءٌ ڪنهن دوست سان گڏجي هتي آيو آهيان... ٻيو سڀ خير آهي“. ”فرڊننڊ“ جو هن ڄاڻي ٻجهي نالو نه ورتو. هن وري پڇيس ته  ”اوهان ۾ هڪڙي شادي ٿيڻي هئي؟“ ”گلئسٽن بيريءَ“ چيو ته ”اها نه ٿي. پياري مئڊم، اها ڳالهه نه چوريو ته چڱو، جو مون کي اهڙي ماڻهوءَ جو دردناڪ ذڪر ڪرڻو ٿيندو، جنهن جو نالو وٺڻ نٿو گهران“. تنهن تي هن زور ڪيس ۽ چيائينس ته ”جي اهو  اشارو ڪئپٽن آرمن ڏي آهي، ته انهيءَ جي بيشڪ خبر چار ٻڌايو ته ڪيئن آهي؟“ هن چيو ته ”ڇا چوان جهڙو فرڊننڊ کي تو ڏٺو هو، اهڙو هاڻِ ناهي- هو مري بچيو آهي آءٌ بيان ڪري نٿو سگهان ته هن ڇا ڇا سـَـٺو آهي. هو سخت بيمار هو، مس مس اٿيو آهي. اها بيماري انهيءَ ڪري ٿيس، جو هو پنهنجي مڱينديءَ سان ڪهڙي به حال ۾ شادي ڪرڻ لاءِ ڊُوسيءَ ويو، پر اُنهن کي اتي نه ڏسڻ ڪري ۽ ڪنهن به پتي نه ملڻ ڪري اڌ چريو ٿي پيو - پوءِ اچي پئجي رهيو ۽ اڃا به پنهنجي پوري حال ۾ نه آيو آهي“.

بس، هن جو ايترو چوڻ، ته ”هنرئيٽا“ڍرڪي، ماندي ٿي، ڪـِـري پئي. ”لارڊ مانٽفرڊ“، سندس ڀيڻون ۽ ٻيا ڊوڙي آيا. اچي کنيائونس،پکا هنيائونس. پاڻي وڌائونس، هڪدم کڻي ٻاهر هوا ۾ صندل تي ليٽايائونس. سڀئي ”لارڊمانٽفرڊ“ سان همدردي ڪرڻ لڳا. تنهن تي ”گلئسٽن بيريءَ“ کي شڪ پيو. پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائونس ته ”هنرئيٽا“ هن سان مڱيل آهي ۽ ايندڙ مهيني ۾ هنن جي شادي ٿيڻي آهي“.

هي ٻڌي، ”گلئسٽن بيري” جو هوش خطا ٿي ويو. عذر ڪري، گوڙ ۾ موڪلائي نڪري هليو ويو ۽ وڃي پنهنجي هوٽل ۾ نڪتو. ”فرڊننڊ“ سويرو ئي وڃي سمهي پيو هو، پر جاڳيو پئي. هن جي مونجهاري جهڙي حالت ۽ شڪل ڏسي، ”فرڊننڊ“ سبب پڇيس. تنهن تي هن خبر ڏنيس ته ”مون اڄ هنرئيٽا کي ڏٺو آهي!“ جڏهن وري ”فرڊننڊ“ حيرانيءَ مان وڌيڪ احوال پڇڻ لڳس، تڏهن هن ٻڌايس ته ”هوءَ ٻئي سان پرڻجڻي آهي ۽ تو کي ڪا به اميد نه رکڻ گهرجي“. هن چيو ته ”مون کي اڳي ئي خبر آهي“ ۽ جهڙو ”هنرئيٽا“ کي تهڙو هن جي نئين مڱيندي کي ، گهٽ - وڌ ڳالهائڻ ۽ پـِـٽڻ لڳو. پر جڏهن هن ٻڌايس ته ”تنهنجي ذڪر ڪندي هوءَ بيهوش ٿي ويئي ۽ ڏاڍي وفادار ۽ نيڪ آهي“، تڏهن هو هنڌ  تي ٽپ ڏيئي ويهي رهيو ۽ پڇڻ لڳو ته ”سچ پچ! منهنجي يادگيري اٿس ڇا ۽ مون سان اڃا محبت اٿس ڇا؟“ هن چيس ته ”تنهنجي غفلت ۽ بيوفائيءَ ڪري هوءَ ڏاڍي بيمار ٿي پيئي هئي ۽ مس مس ساهه پٽيو اٿس!“ هيءَ خبر ٻڌي، ”فرڊننڊ“ ڏاڍو خوش ٿيو - اهڙو، جو ويجهڙائيءَ ۾ اڳي ڪڏهن ڪونه ٿيو هو. ”گلئسٽن بيري“ ”لارڊمانٽفرڊ“ جي به تعريف ڪرڻ لڳو ۽ هيءَ خبر به ٻڌايائينس ته ”هو هڪٻئي جي لائق آهن ۽ مس ٽيمپل هاڻ وڏي دولتمند وارثياڻي آهي ۽ هو ڏسندي مهيني ۾ شادي ڪرڻ وارا آهن“. تنهن تي هن البت ارمان ڪيو ۽ وڌيڪ ٻيو ڪڇيائين ڪين، ”گلئسٽن بيريءَ“ کان موڪلائي منهن پاسي ڪري سمهي رهيو ۽ هي اُٿي ويو.

 

------

باب ستاويهون

”فرڊننڊ“ جي ”هنرئيٽا“ سان ملاقات

 ”فرڊننڊ“ ڏکي سکي رات گذاري ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ڏهين بجي پنهنجي وڪيل کي ڏسڻ ويو. اُتان موٽندي، رستي ۾ هن کي هڪڙي گاڏي گڏي، جنهن ۾ هڪڙي ليڊي ويٺل هئي ۽ جنهن لنگهندي گاڏيءَ جي دريءَ مان بيهي ڳالهائڻ لاءِ اشارو ڏنس. هو بيهي رهيو ۽ انهيءَ دم ”ليڊي بليئر“ جو آواز گاڏيءَ مان آيو، جنهن ڪاوڙ مان چيس ته تون ڪو ڏاڍو حرڪتي شيطان آهين - مون کي بلڪل نه ٿو وڻين! مون ڏهاڻي تنهنجي خاطر مجلسون پئي ڪيون آهن ۽ تون لنڊن ۾ هوندي به مون وٽ ڪين آئين! هاڻ ٻڌاءِ ته تنهنجو نالو ڇا آهي؟... مون کان وسري ويو آهي. تنهنجي زال ڪيئن آهي؟... اڃا ڪين پرڻيو آهين! تو کي پرڻجڻ گهرجي! هاڻ لنگهي اچ، مون سان هل، تو کي گهڻو ئي ڪي چوڻو اٿم“.

هي ڪاوڙ جو دس جهلي، ڪڇڻ پڇڻ کان سواءِ، ”فرڊننڊ“ لاچار ٿي اندر گاڏيءَ ۾ گهڙيو ۽ گاڏي اٿي هلي. اتي ”ليڊي بليئر“ جو وري ٻيو دس شروع ٿيو: ”هاڻ ڪيڏي هلون؟ ٻي بجي تائين آءٌ ٻاهر رهي سگهنديس پوءِ ٻن کان ڇهين بجي تائين آءٌ گهر رهندي آهيان ۽ ملاقاتين کي گڏبي آهيان. تون ڏهاڙي اچي سگهين ٿو. تون ڪنهن پاسي هلڻ گهرين ٿو؟ ڪين ٿو گهرين؟ چڱو، تنهنجو پيءُ ته خوش چڱو ڀلو آهي؟ ڇا نالو اٿس؟ سر پيٽر يا سر پال؟... خير حرڪت ڪانهي... ۽ تنهنجي ماءٌ ڪيئن آهي؟ تون پرڻجڻو هئين نه؟ ٻڌاءِ ڇو ڪين پرڻين؟ مس... مـِـس... ڇا نالو اٿس - جنهن جو ڏاڏو منهنجي پٽ جو يار هو - اهي به لنڊن ۾ آهن نه؟ آءٌ انهن کي ڏسندي هلنديس“.

سگهو ئي ”ليڊي بليئر“ جي گاڏي هلي ”مس گرئنڊيسن“ جي در وٽ بيٺي. ”فرڊننڊ“ جي ٻانهن تي ٽيڪ ڏيئي، هوءَ ملاقات واري ڪمري ۾ ويئي. جتي ”ليڊي آرمن“ ۽ ”ڪئٿرائن“ هنن کي گڏيون. انهن کي ڏسي، ”ليڊي بليئر“ وري ٽيو دس هڻڻ لڳي: ”منهنجي پياري ليڊي، تون ڪيئن آهين؟ ۽ تون، منهنجي پياري مـِـس....! تنهنجون اکيون ڏاڍيون چمڪن ٿيون - آءٌ ڏسان ٿي ته جوان ٿيو پوان! مون کي ڏاڍي وڻين ٿي. مون ڏهاڙي هتي پارٽيون پئي ڏنيون آهن ۽ سڀ اوهان جي لاءِ، ته به اوهان مان ڪونه آيو! باقي ٽي راتيون آهن، پوءِ بس - انهن ٽنهي تي اوهان کي اچڻ کپي. پر، بهتر آهي ته هڪڙي ڏينهن آءٌ اوهان وٽ اچي ماني کان! هاڻ ڪڏهن منهنجو اچڻ ٿا گهرو؟ هي سڄو هفتو ته ڊيوڪن ۽ لارڊن وٽ وڃڻ جو ڪو انجام ڪيو آهي، ٻئي هفتي ۾ اوهان ڏي لکنديس“.

پوءِ هوءَ ٽپ ڏيئي اٿي ۽ وري به فرڊننڊ جي ٻانهن تي ٽيڪ ڏئي ٻاهر آئي. هن کي چاڙهي، روانو ڪري، فرڊننڊ موٽي پنهنجيءَ ماءُ ۽ ماروٽ وٽ ويو. ٿوري تائين ويٺو. پوءِ هنن جي به گاڏي آئي، جو هو ٻاهر وڃڻيون هيون. موٽندي فرڊننڊ هڪڙو ننڍو ڳاڙهو نوٽبڪ کنيو، جو ليڊي بليئر ڪيرائي ويئي هئي. هن سوچيو ته ”آءٌ سندس گهر وٽان لنگهندس، اتي ڇڏيندو ويندس.“

”ليڊي بليئر“ جو گهر ”مي فيئر“ ۾ هو. اهو ڏاڍي عمدو جڙيل هو ۽ منجهس عجيب غريب سامان رکيل هو. جڏهن فرڊننڊ اتي ويو، تڏهن هوءَ پنهنجي خاص ڪرسيءَ تي ويٺل هئي، جنهن جي پٺ اهڙي وڏي هئي، جو سندس مٿي کان به مٿي بيٺي هئي، جو هوءَ قد جي تمام ننڍي هئي. هڪ ٻه سکر مڙس ۽ زالون به وٽس ويٺل هيون. فرڊننڊ اهو نوٽبڪ ڏنس. هوءَ ڏاڍي خوش ٿي. انهيءَ رات وٽس مجلس ۽ جو ناچ هو، تنهن بابت ذڪر پئي هليو. فرڊننڊ کي به ناچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ زور ڪيائين، پر هن ٻئي هنڌ وڃڻ جي انجام جو عذر ڏنو ۽ موڪلايائين. ليڊي بليئر موڪل ڏنيس، پر چيائينس ته ڪتبخاني جي پاسي واريءَ جاءِ ۾ منهنجو هريل نوريئڙو آهي، سو ڏسندو وڃجئين!“ انهيءَ موجب، فرڊننڊ اتان نڪري باغ ۾ ويو ۽ اتي، هوا خوريءَ واري صفي ۾، هن پٺيري ويٺل هڪڙي ليڊي ڏٺي، جنهن ڪو تصويرن جو ڪتاب ويٺي ڏٺو. فرڊننڊ جي پيرن جو آواز ٻڌي، هن ڪنڌ ورايو،... ۽ فرڊننڊ ڏٺو ته اها هنرئيٽا ٽيمپل هئي!

ڏسڻ شرط، ”فرڊننڊ“ جتي هو اُتي ڄمي بيهي رهيو. وات مان وائي نٿي نڪتيس. بلڪل حيران ٿي ويو. هنرئيٽا جو حال به انهيءَ کان گهٽ نه هو. ٿوري وقت تائين ته هڪٻئي ۾ اکيون اٽڪائي بيٺا هئا. جڏهن فرڊننڊ سامت ۾ آيو، تڏهن ماٺ ڪري اٿي هلڻ لڳو، ته هـُـن سندس نالو وٺي سڏ ڪيو- ”ڪئپٽن آرمن، فرڊننڊ!“ هو رڙهي وٽس ويو. ڳچ تائين ڪنڌ هيٺ ڪري، نيٺ هنرئيٽا چوڻ لڳيس ته ”مسٽر گلئسٽن بيريءَ کان مون کي معلوم ٿيو ته تون ڏاڍو بيمار هئين، تنهنڪري مون کي ڏاڍو فڪر ٿي بيٺو“. ”فرڊننڊ“ ماٺ ڪري بيٺو هو، جواب ڪونه ڏنائين. هن وري چيو ته ”منهنجي مرضي آهي ته من پاڻ اڳتي رڳا دوست ٿي گذاريون!“ اتي فرڊننڊ جي اکين مان ڳوڙها ڪرڻ لڳا. چوڻ لڳو ته ”اڳتي پنهنجي گڏجڻ مان ڪهڙو فائدو؟“ هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ ماٺ ڪيائين. ”فرڊننڊ“ چيو ته ”مس ٽيمپل، هاڻ خدا حافظ“. هي حال ڏسي ”هنرئيٽا“ کي ڏاڍو درد ٿيو. چوڻ لڳي ته ”برابر، اسان ڏاڍا عذاب سٺا آهن... پر اهو منهنجو قصور ته ڪين هو!“ ”فرڊننڊ“ چيو ته ”برابر، منهنجي چڪ هئي، تو کي عتاب ڏيڻ حق آهي، پر مون کي پڪ هئي ته تو کي منهنجي دل جي سچائيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ۽ جيڪي مون ڪيو سو فقط هڪڙي چڪ شمار ڪندينءَ، نه بيوفائي ۽ ڪـُوڙائي“.

”مس ٽيمپل“، ڪنڌ هيٺ ڪري، وري چيو ته ”بس، گذريءَ کي ياد ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور... اميد آهي ته تون پنهنجي ماروٽ سان خوش گذاريندين! آءٌ تنهنجي خير سلامتيءَ جو ٻڌي هميشه خوش پيئي گذارينديس“.

”فرڊننڊ“ چيو ته ”او هنرئيٽا، ائين نه چؤ. انهيءَ بيماريءَ ۾ مري وڃان ها ته چڱو هو، ههڙا مهڻا ۽ طعنا تنڪا نه ٻڌان ها. جنهن کي پنهنجي دل ڏنيم، جنهن لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪيم، جنهن لاءِ بيماريون ڪاٽيم، تنهنجو هي حال آهي! شابس آهي انهيءَ کي، جنهن جو تون اشارو ٿي ڏين. انهيءَ کي رنجايم، ته به هن مون کي معافي ڏني. هوءَ زال ذات جو سينگار آهي، نهايت ڪشاده دل ۽ نيڪ زال آهي، پر افسوس آهي جو هن جي ايتري مهربانيءَ ڪري به آءٌ پنهنجي دل هن کي ڏيئي نه سگهيس! اهڙن عذابن ۽ ڏکن ۾ به هن منهنجي همدردي ۽ خير خواهي نه ڇڏي - جيتوڻيڪ خبر هيس ته منهنجي ساڻس دل ڪانهي ۽ شاديءَ جي نسبت ۾ مون کان نااميد هئي. اهڙي بردبار ۽ عالي دماغ، جو هن ڪڏهن ايتري به پڇا ڪانه ڪئي ته اُها زال ڪير آهي، جنهن تي مون هن کي صدقو ڪري ڇڏي ڏنو. جيترو هن جو قدر مون کي اڳي هو، انهيءَ کان هينئر ڏهوڻو وڌيڪ آهي. آءٌ هميشه هن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندس - جيتوڻيڪ جنهن قسم جي محبت جي هوءَ طلبگار هئي، سا آءٌ هن کي ڏيئي نه سگهندس. پر، خير، انهيءَ بابت زيادهه ذڪر ڪرڻ اجايو آهي.“

هن چيو ته ”فرڊننڊ“، مون کي انهن چپن سان وڌيڪ مهڻا ڏيئي نه مار... ڇو نه پاڻ دوست ٿي گذاريون؟“ ”فرڊننڊ“ چيو ته ”ائين ٿي ڪين سگهندو، ڇا لاءِ جو پاڻ دوستن کان وڌيڪ هئاسون ۽ اڃا آهيون. انهيءَ کان بهتر آهي ته اصل نه گڏجون. آءٌ ڪنهن پاسي ڪين ويندو آهيان، هن ٻڍيءَ ليڊيءَ وٽ به اوچتو ڪم پئي آيو هوس. هن مون تي گهڻي مهرباني ڪئي آهي ۽ آءٌ هن جو احسانمند آهيان“.

اتي نوڪر اچي چيو ته ”مس ٽيمپل، منهنجي ليڊي ٿي چوي ته ڊچيس ۽ لارڊمانٽفرڊ آيا آهن“. ”فرڊننڊ“، ”هنرئيٽا“ ڏي گهنڊ وجهي نهاري، ماٺ ڪري نڪري هليو ويو ۽ وري ڪتبخاني واريءَ جاءِ ۾ منهن به نه وڌائين.

 

----

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com