درزي ۽ سپاهي
هڪ ڏينهن فرصت جي وقت ۾ چند دوست پاڻ ۾ چرچا ڀوڳ
ڪري رهيا هئا، ڳالهين ڪندي، ذڪر اچي ويو ته فلاڻو
درزي وڏو عيّار آهي، ڪيتري به هوشياري ڪير ڪري ته
به هو ڪپڙو چورائي وڃي ٿو. اُتي هڪ ترڪ سپاهي به
ويٺو هو، اُهو فخر سان چوڻ لڳو ته، دوستو! توهان
جو چوڻ مان مڃڻ جي لائق نٿو ڄاڻان، هو مون کي ڌوڪو
ڏئي ته خبر پوي. مان سڀاڻي هڪ ٿان، ڪپڙي جو
آڻيندس، جيڪڏهن ڪپڙو چورائي ويو ته مان زين سميت
گهوڙو شرط ۾ اوهان کي ڏيندس.
مطلب ته سپاهي، اطلس جو ٿان وٺي آيو، ۽ درزي وٽ
ويو، گهوڙو هڪ طرف ٻڌي، درزي کي چيائين ته، مان
ٻڌان ٿو، ته تون وڏو چالاڪ آهين ۽ ڪيترن کي ٺڳي
وڃين ٿو، مان تنهنجي ٺڳجڻ جو نه آهيان. درزي چيو
ته، قبلا! تشريف رکو، توهان جي دل ۾ ڪنهن شڪ وڌو
آهي؟ ۽ مون ڏانهن بدظن ڪيو آهي. ڪم ڪندي عمر گذري
وئي اٿم، مگر مان ته ڪتر به حرام ڄاڻندو آهيان،
توهان خيال نه ڪيو.
آخر درزي ڪينچي کڻي ڪپڙي کي ڪٽڻ لڳو، مگر سپاهي
پنهنجي نظر ڪينچي ۾ قابو وجهي ويٺو. درزيءَ سمجهو
ته، هن کي ڳالهين ٻولهين ۾ مشغول رکي، غافل ڪري،
پنهنجو مطلب سڌو ڪريان سو هي لطيفو کڻي ٻڌائڻ شروع
ڪيائين.
”هڪ درزيءَ جي شادي جو موقعو ٿيو، بيبي پڙهيل
مليس، هن کي استاد شاعرن جا هزارين شعر ياد هئا،
هوءَ هڪ دفعي پنهنجي گهوٽ کي شعر ٻڌائي داد گهرڻ
لڳي، مگر هو ته ڪجهه سمجهيو ئي نٿي. ابجد کان به
واقف نه هو، جڏهن جوڻس سخت تنگ ڪيس، تڏهن هو ويچار
۾ پئجي ويو، ۽ جواب ڏيڻ کان ٽارو ڪرڻ لڳو. جوڻس
چيس ته ”مان سمجهان ٿي ته تون سمجهين سڀ ڪجهه ٿو،
مگر مون کي دم ٿو ملائين… درزي چيس ته، جو ڪجهه
مون کي سمجهه ۾ آيو سو ته ٻڌايان ٿو. جوڻس چيس ته
ڀلا ٻڌاءِ ته ڇا سمجهيئه؟ هن چيو ته الله جو قسم
مون هي سمجهيو ته، تون مون وٽ ٽڪڻ پسند نٿي ڪرين…
هي ڳالهه ٻڌي سپاهي کل ۾ ٻٽجي ويو ۽ درزي موقعي کي
غنيمت ڄاڻي، چوٿون حصو ٿان جو ڪاٽي جدا ڪري رکيو.
سپاهي چيس ته، خليفا! هاڻي ڪو ٻيو نقل به ٻڌاءِ…
مگر کل ۾ اڃا به ويڙهيو پيو هو. درزي ٻيو ٽڪر به
ڪاٽي لڪائي رکيو… وري سپاهي فرمائش ڪئي، درزي چيس
ته هاڻي فرصت ڪانه آهي، جلد ماپ ٻڌايو ورنه ڪڙتو
خراب نه ٿي وڃي. هيڏانهن درزي ڪڙتو تيار ڪيو.
هوڏانهن سپاهيءَ جو گهوڙو چورن تڳايو.
هتي سپاهي مان مراد اُهو شخص آهي، جو پنهنجي تقويٰ
جي ڀروسي تي شيطان وٽ وڃي ويهي ۽ شيطان، درزي
وانگيان هُن کي نفساني خواهشات ۾ لڳائي، عمر جي
ٿان کي رات ڏينهن جي ڪينچي سان ڪاٽيندو رهي.
اطلسي کز بهر تقويٰ و صلاح
دوخت بايد خرچ کردي از مزاح
اطلسِ عمرت بمقراض شهور
پاره پاره کرد خياط و غرور
شعر
روز شب شيطان توکي ٿو ڀلائيندو رهي
ڪين مڃ ان جو چيو، هوشيار رهه شيطان کان!
نانگ جو چور
هڪ جوڳي بازار ۾ نانگ جو تماشو ڏيکاري رهيو هو،
جڏهن هن مرلي وڄائي، تڏهن ڪارو نانگ ڪر کڻي مٿي
بيٺو، آخر مرليءَ جي مڌر آواز تي نانگ پڇ تي اُڀو
ٿي بيهي رهيو، نانگ ڏاڍو خوبصورت هو سندس خوبصورتي
ڏسي، ٻئي جوڳيءَ کي حرص جاڳيو ته اِهو نانگ ڪيئن
به ڪري، هٿ ڪريان. آخر ڏٺائين ته جوڳي هڪ ڪوٺيءَ ۾
نانگ واري ڳوٿري رکي آهي، رات جو ٻيو جوڳي ڀت کي
کاٽ هڻي نانگ واري ڳوٿري کڻي رمندو رهيو، نانگ جو
مالڪ صبوح جو جڏهن جاڳيو، تڏهن پنهنجو نانگ گم ٿيل
ڏسي ارمان ۾ پئجي ويو، پنهنجي رزق جو ذريعو گم ٿيل
ڏسي فڪرات ۾ پئجي ويو ۽ زار زار روئي رب سائين کي
ٻاڏائڻ لڳو ته، ياالله! جنهن منهنجي هيءَ دولت آهي
لٽائي، انهيءَ جي دل ۾ وجهه سچائي، ته منهنجو نانگ
مون کي موٽائي ڏئي. نانگ چورائيندڙ جيئن پنهنجي
گهر پهتو، تيئن خوشيءَ مان نانگ کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ
جيئن هٿ وڌائين، تيئن کيس ٺڪاءُ ڪڍرايائين. نانگ
جي مستيءَ جا ڏهاڙا هئا، سندس زهر، يڪدم هن تي اثر
ڪري ويو ۽ هو ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو.
جڏهن نانگ جي مالڪ هي واقعو ٻڌو، تڏهن خدا جو شڪر
ڪيائين ته، جيڪڏهن اهو نانگ مستيءَ ۾ مون کي به
ڏنگ هڻي ها، ته مان به ايئن ئي مري وڃان ها، مون
کي نانگ جي چوري ٿي وڃڻ جو ارمان هو، مگر انهيءَ ۾
منهنجي بهتري هئي. انسان کي مال جي نقصان ٿيڻ تي
ارماني ٿيڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ کان انسان
جي سر جي بلا دفعي ٿئي ٿي.
جج جي مشڪلات
هڪ بادشاهه پنهنجي هڪ صالح ۽ ديندار عالم کي قاضي
القضاة جي جليل القدر عهدي تي فائز ڪيو. اهو ٻڌي
عالم زار زار روئڻ لڳو، ان تي نائب قاضي چوڻ لڳس
ته، هي ته خوشي جو موقعو آهي، جو اوهان کي ايڏو
عهدو مليو آهي، روئو ڇو ٿا؟ جيڪڏهن اوهان ديانت
سان ڪم ڪري ماڻهن جي داد رسي ڪندا رهندا ته،
بادشاهه جون عنايتون هڪ طرف ٿينديون ۽ الله وٽان
اجر عظيم ٻئي طرف ملندو.
قاضي صاحب چيو ته، افسوس! جو توهان قضا جي مشڪلات
جو علم رکندي به همدرديءَ جو اظهار نٿا ڪريو، مدعي
۽ مدعا عليه منهنجي روبرو ايندا هر هڪ پاڻ کي سچو
ڪرڻ لاءِ زور ڏيندو، هر هڪ سچائيءَ جا ثبوت ڏيندو،
مون کي اصل واقعي جي ڪهڙي خبر؟ غيب دان ته موليٰ
سائين آهي. جڏهن دارومدار ئي شهادتن تي هوندو،
تڏهن ٻڌاءِ ته مان ڪهڙي نه مشڪلات ۾ هوندس! ته
فتويٰ ڪنهن جي فائدي ۾ ڏيان. الله جي مخلوق جي جان
۽ مال جو فيصلو پنهنجي قياس مطابق ڏيڻ وڏو خوفناڪ
ڪم آهي. نائب چيو ته جيڪي اوهان فرمايو سو سڀ سچ
آهي، مدعي ۽ مدعا عليه کي حرص ته انڌو ڪيو هوندو
مگر خدا جي فضل سان اوهان جون امانت ۽ ديانت جون
اکيون روشن هونديون توهان جيڪڏهن انصاف ڪندا رهندؤ
ته پوءِ ڪهڙو خوف آهي؟ مگر جيڪڏهن ڪنهن جو خيال
ڪيوَ ته، هنن ٻن انڌن ۾ توهان ٽيان انڌا ٿي پوندا.
راشي جج فيصلو انصاف سان نه ڪري سگهندو آهي.
ياد رک دل تي سدا قول نبي
ويندا دوزخ ۾ راشي ۽ مرتشي
ڪي رشوت نه وٺندا آهن، مگر سفارش ٻڌي، انصاف جو
خون ڪندا آهن، ڪي وري مذهبي تعصب سبب عدل نه ڪندا
آهن. ڪي دوستي ۽ مٽيءَ جو خيال رکندا آهن، ڪي وري
پاڻ کي مشهور ڪرائڻ لاءِ رشتيدارن خواه عزيزن جي
خلاف فيصلو ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو سچ پچ ته رشوتين
کان به بدتر آهن، ڇو ته راشي پنهنجو ڀڀ ڀري ايمان
ضايع ڪري ٿو، مگر هو ته مفت ۾ ايمان ضايع ڪن ٿا.
وٺ نه رشوت ۽ رسائي، لاڳ لاپو آنڪي
سون چاندي جي سڪن لئي قوم جو قاتل مَ ٿيءُ!
مٽي کائيندڙ بيوقوف
هڪ بيوقوف کي مٽي کائڻ جي خراب عادت هُئي، هو هڪ
ڏينهن، هڪ دڪاندار کان ڳڙ وٺڻ ويو، دڪاندار چيس ته
مون وٽ ڳڙ جدا جدا هنڌن جو ۽ سٺو آهي، مگر منهنجا
وٽ مٽيءَ جا آهن مگر آهن پوري پوري وزن جا. هن چيو
ته مون کي ڳڙ کپي، وٽ ڇا جا ئي هجن… دل ۾ چوڻ لڳو
ته منهنجي لاءِ مٽي جو هڪ هڪ ڳنڍو، گويا مصريءَ جو
ڳنڍو آهي. دڪاندار وٽ تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ وجهي،
پاڻ تيشوڳولڻ لڳو ته جيئن ڪپي، پورو وٽ بنائي. مٽي
خور اک وٺي، ڏندن سان وٽ جو ڳپل ڀڃي کائي ڇڏيو ۽
هڪ ڀتر کيسي ۾ به وجهي ڇڏيائين.دڪاندار ڏسي دل ۾
چوڻ لڳو ته ڀلي جيتري مٽي وڻيس، سا وٽ مان کائي
مون کي ڪس ته نه آهي، جيترو وزن ڪم ڪندو، اوترو
مون کي ڳڙ گهٽ ڏيڻو پوندو. آخر هن کي چيائين ته
تون ڊڄ نه، توکي جيتري به مٽي وڻي کاءُ مون کي ڳڙ
تارازيءَ ۾ ٿورو وجهڻو پوندو.
جهڙي طرح مٽي خور پنهنجي بيوقوفيءَ سبب مٽي کائڻ ۾
نقصان نٿي ڄاتو، تهڙي طرح دنيوي لذتن ۾ ڦاٽل شخص
به نٿو ڄاڻي ته مان پنهنجو عقبيٰ لاءِ ڪيترو نه
نقصان ڪري رهيو آهيان.
بيت
رچي مَن خلل، ڦاهي ڦاٿو پاڻهي
سامي سمجهي ڪينڪي مورک مايا ڇا
نقاشن جو مقابلو
هڪ دفعي، چيني ۽ رومي ڪاريگرن ۾ بحث مباحثو هليو.
هو چون ته اسان زور، هي چون ته اسان زور. چيني
دعويٰ ڪرڻ لڳا، ته اسان جادو قلم آهيون، ڪوئي
نقاشيءَ ۾ اسان جو مَٽُ يا ثاني نه آهي، رومي چوڻ
لڳا ته، هٿ جي صفائي ۾ اسان جو نظير ڪوبه ڪونه
آهي.
آخرڪار فيصلو ٿيو، ته ٻه شيون هجن، وچ ۾ پردو هجي،
هڪ ڀت کي چيني پنهنجي نقش و نگار سان چٽين، ٻيءَ
کي رومي… چيني نقاشن پنهنجي ديوار کي گلزار بنائي
ڇڏيو، هنن اهڙي طرح نقاشي ڪئي، جو ڀت، ڀت نٿي
معلوم ٿي، مگر هڪ باغ ٿي سمجهڻ ۾ آيو. رومين، رنگ
و روغن ڪم نه آندو، مگر مصالح سان پنهنجي ڀت کي
آئينو بنائي ڇڏيائون. جيئن پردو وچ مان ڪڍيو ويو
تيئن چينين جو هر هڪ گل ٻوٽو هوبهو رومين جي ڀت تي
نظر ٿي آيو. بس ٻئي ڀتيون يڪسان پئي معلوم ٿيون،
رومين جي هٿ جي صفائي ڏسي چيني حيرت زده ٿي ويا.
مولانا فرمائي ٿو ته صوفي انهن رومين مثل آهن، جي
دل جو رنگ دور ڪري، هن کي آئينه وانگر صاف ڪن ٿا ۽
ان ۾ انوار الاهي جي سدا بهار گل ٻوٽن جو عڪس وجهي
رشڪ صد گلزار بنائي ڇڏين ٿا.
رومين کي ڄاڻ سي صوفي پسر
جي هلائين ڪين ٿا ٻيو ڪجهه هنر
صاف صيقل ساڻ ڪن ٿا سينه کي
دور دل مان ڪن ٿا بخل ۽ ڪينه کي
بيت
سهي سڃاڻي پاڻ، اٿيئي قيمت سندو قطرو،
ڪوري ڪڍ قلوب مان ميرائي جو ماڻ،
ساجن توئي ساڻ، آهي رات ڏينهن روحل چوي.
چور ۽ غافل گهر ڌڻي
هڪ بيمار، دل آزار کي گلي جي شدت مرض کان ننڊ ئي
نٿي آئي. هن رات جو ڏٺو ته سندس ڀت کي هڪ چور کاٽ
پئي هنيو. هن بيوقوف اِهو به نٿي ڄاتو، ته هي
منهنجو دشمن آهي، ۽ جهڳوئي جهڻ ٿو ڪري. اَٽلو هن
کي سلام ڪري چوڻ لڳو ته، يار تون ته ڪو ڏاڍو بزرگ
ٿو ڏسجين، جو آڌي رات ٿي وئي آهي، ته خاڪ تي ويٺو
آهين ۽ بيدار رهيو آهين، گرمي سردي جي به پرواهه
ڪانه ٿو ڪرين، مگر ايترو ته ٻڌاءِ ته اِها ٺڪ ٺُڪ
ڇا جي آهي؟ چور سمجهي ويو ته هي آهي ته ڪو ڇسو
بيوقوف، سو چوڻ لڳو ته ڍولڪ وڄائي رهيو آهيان.
بيمار چيس ته ڇا سبب! جو ڍولڪ جو آواز ڪونه ٿو
اچي. چور چيو ته، منهنجو هي ڍولڪ نئين نموني جو
آهي. هي رات جو وڄندو آهي، صبوح جو آواز ڏيندو
آهي، مان جڏهن هتان هليو ويندس، تڏهن تون صبوح جو
سوير هن جي ڌؤن ڌؤن جو آواز ٻڌندين، مڪان جو مالڪ
اِهو ٻڌي سمهي پيو ۽ چور پنهنجو ڪم پورو ڪري، سڄي
گهر کي ٻهارو ڏئي راتو واهه رمندو رهيو …
صبوح ٿيو ته، آواز اٿيو، ته بيمار جي گهر کي کاٽ
لڳو آهي، ۽ سندس سمورو مال اسباب چور کڻي ويا… هو
اِهو حال ڏسي زارو زار روئڻ لڳو، مگر هاڻي سندس
روئڻ ڪهڙي ڪم جو…
شيطان به چور وانگر، انسان کي کاٽ هڻي رهيو آهي ۽
ببانگ دهل چئي به رهيو آهي ته مان تنهنجي پاڙ کوٽي
رهيو آهيان، مگر ان جي ڍولڪ جو آواز غافل انسان
ٻڌي نٿو. قيامت جي صبوح جو کيس خانه برباديءَ جو
پتو پوندو، پوءِ گهڻوئي پڇتائيندو مگر ورندو ڪجهه
به نه.
بيت
غافل غفلت ڇوڙ تون ڪيئن اڻاسي اوجهرين
نيڻن ننڊ اکوڙ، متان ورن ۾ واڪا ڪرين
ماءُ کي قتل ڪندڙ
هڪ نوجوان جي ماءُ تي ڪنهن بدڪاريءَ جي تهمت هنئي.
نوجوان به اڳ پوءِ جاچيو ڪونه، گهر اچڻ سان
پهريائين پنهنجي ماءُ کي چڱي مار ڏنائين، آخر
تلوار هڻي کيس قتل ڪيائين، هڪ شخص هن کي چيو ته اي
نادان! تو پنهنجي ماءُ جي حقوق جو ڪو خيال ۽ ادب
ئي نه رکيو، سندس سڀ احسان ڀلجي وئين… هن مرد جواب
ڏنو ته، هن اهڙو برو ڪم ڪيو، جو هن لاءِ داغ هو،
مون هن کي ماري شرمندگي ۽ بدنامي کان بچائي ڇڏيو.
هاڻي قبر سندس پرده پوشي ڪندي…
هن شخص چيس ته، انهيءَ کان ته بهتر هو ته تون
انهيءَ شخص کي مارين ها، جنهن جي تنهنجي والده تي
تهمت آه، هن چيو ته ڇا، آءٌ روز پنهنجي ماءُ لاءِ
هڪ هڪ آدمي جو خون ڪندو رهان ها؟ اڄ هن جي تهمت
سڀاڻي هن جي تهمت… بس مون فساد جي جڙ ڪٽي ڇڏي ۽
خلقت جي خونريزي کان به ڇٽس…
مولانا فرمائي ٿو ته، اي غافل! تنهنجو نفس انهيءَ
بدڪار مادر جي مثال آهي، تون ان جي خاطر خلقِ خدا
سان جنگ ڪري رهيو آهين؟ تون انهيءَ ڪميڻي کي مار
جيئن فساد جي جڙ ئي وڍجي وڃي.
شعر
گُل! ڳچي پو ڪيم هن هُنَ سان مَ جهيڙ
وڙههَ مَ ڪنهن سان، نفس پنهنجي ساڻ وڙهه
مفلس امير
هڪ علم ۽ حيا وارو روشن ضمير، امير گردش ايام سبب
مفلس ٿي ويو. هو ظاهري پنهنجو اميرانه ٺاٺ رکندو
آيو، هڪ پراڻو وڳو هوس، اهو پائي شام جو ديوان
خانه ۾ اچي رهندو هو، مٿي تي اُهو ئي ڪلاه ۽
شيرواني زيب تن ڪندو هو، عطر جو ٻڙو به ڪن ۾ هوندو
هوس. بکن تي بکون آيس ته مجال جو ٻڙڪ ٻاهر نڪري!
پاڙي وارن کي به خبر ڪانه رهي، هن جي هڪ دوست کيس
دنبي جي چرٻي موڪلي هئي، هو شام جو هر روز انهيءَ
مان آڱر مڇن کي مکي چپ سڻڀا ڪري، ٻاهر نڪرندو هو
ته جيئن ٻيا سمجهن ته ڪا سڻڀي ماني کاڌي اٿس. هن
جا دوست سڀ آسودا ۽ مال متاع وارا ۽ دوست نواز به
هئا، جيڪڏهن هي رڳو اشارو ڪري ها ته به سندس دوست
هر مشڪل آسان ڪن ها، مگر هن ظاهري ڏيک ويک کي نه
ڇڏيو.
هڪ ڏينهن، هو قسمت جو ماريو، جيئن دوستن جي محفل ۾
ويٺو هو، تيئن سندس ننڍڙو نينگر، ڊوڙندو آيو ۽ اچي
چوڻ لڳو ته، ابا ابا، جنهن لسي مان توهان روز آڱر
ٻوڙي، چپن ۽ مڇن کي سڻڀو ڪندا هئا، سا سموري ٻلي
چٽي وئي … اِهو ٻُڌي هو دل جو دل ۾ شڪي ٿيڻ لڳو،
پر هيئن هونءَ ڪري ڳالهه ٽارڻ لڳو، دوستن چيس ته
يار ڳالهه لڪائين ڇو ٿو، ٻڌاءِ ته ڇا حال آهي؟ هن
چيو ته، يارو هاڻ ته سارو راز فاش ٿي پيو، مون وٽ
هڪ درم به نه آهي. سندس دوستن اُتي جو اُتي چندو
ڪيو ۽ هن کي پاڻ جهڙو مالامال ڪيائون. دوست ته
اهڙا هجن.
دوست آن باشد که گيرد دست دوست
در پريشان حالي و درماند کي
جو انسان ظاهر ۽ باطن هڪ جهڙو نٿو رکي اُهو آخر
شرمندو ٿئي ٿو، اجائي مشائخ ۽ رياڪاري، چپ سڻڀا ۽
پيٽ جو ڀانڊو خالي آخر کُلي پوندو.
ڀنگي، عطر جي بازار ۾
هڪڙو چمار، عطارن جي بازار مان اچي لنگهيو. هن جو
دماغ جو، چمڙي جي بدبو تي هريل هو، تنهن کي عطر جي
بانس ڀانءِ نه پئي، سندس مٿي ۾ سور ٿي پيو ۽ بيهوش
ٿي ڪري پيو. ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا آيا، هن
کي هوش ۾ آڻڻ جون ڪافي تدبيرون ڪيائون، مگر سي سڀ
اجايون ٿيون. هو هوش ۾ اچي ئي نه… آخر هڪ ماڻهو
ڊوڙي وڃي هن جي ڀاءُ کي ٻڌايو… سندس ڀاءُ پڇيو ته
هو ڪٿي بيهوش پيو آهي؟ هن چيس ته عطر وارن جي
دڪانن وٽ… هو دل ۾ سمجهي ويو، ته بيهوش ڇو ٿيو
آهي… سو ڇا ڪيائين، جو ڪتي جي ڪرفتيءَ جو ذرو
لڪائي پاڻ سان کنيو آيو… اچڻ سان ڀاءُ جي نڪ تي
رکيائين ته هو اُٿي ويهي رهيو…
ڀلا هو رات ڏينهن بدبو تي هريل هو، خوشبوءَ هن کي
ڪيئن پسند ايندي! قرآن شريف ۾ لکيل آهي ته،
خبيثات، خبيثن لئيي طيبات طيبين لئي آهن.
هر کرا مشک نصيحت سود نيست
جزبدين بوئي بدش بهبود نيست
کرم کو زاداست از سرگين ابد
مي نگر داند بعنبر بوئي خود
بيت
چڱن جي سنگت ۾ گذارج سدا
جو صحبت جو ٿئي ٿو اثر اي ادا
سنگت آهي بڇڙي جو بڇڙو ڦل
رهج تون سدائين انهيءَ کان ڇٽل
صوفي ۽ سندس گڏهه
هڪ صوفي سڳورو، گڏهه تي سوار ٿي، سفر ڪندو، هڪ شهر
۾ وارد ٿيو ۽ صوفين جي خانقاه ۾ منزل انداز ٿيو،
گڏهه کي خوب ڇنڊي ڦوڪي، گاهه داڻو کارائي، خانقاهه
جي پاسبان کي چيائين ته گڏهه جي پارت اٿئي. هن چيو
ته، منهنجو ڀلا ٻيو ڪهڙو ڪم آهي. خانقاه جو صوفي
وڏو فياض ۽ مهمان نواز هو. مهمانن جي ڏاڍي
خاطرداري ڪندو هو. ٻيا صوفي به دوست احباب ۾ سڀ
ڪجهه خرچ ڪرڻ کان دريغ نه ڪندا هئا. هڪ ٻئي جو مال
پنهنجو تصور ڪندا هئا، جنهن ڏينهن هيءُ مسافر صوفي
وارد ٿيو هو، ان ڏينهن قدرتاً صوفين سڳورن وٽ ڪجهه
نه هو. هنن بي تڪلفيءَ سان سندس گڏهه کپائي،
سامانِ دعوت مهيا ڪيو ۽ سڀني خوب کائي پي موجون
ماڻيون، رات جو جڏهن مجلس حال و قال منعقد ٿي تڏهن
صوفي وجد ۾ اچي نچڻ ۽ ٽپڻ لڳا، خانقاهه جو شيخ،
گڏهه واري صوفي کي ڏسي، بيساخته چوڻ لڳو:
خر برفت و خر برفت و خر برفت
”ويو گڏهه بس ويو گڏهه بس ويو گڏهه“
اهو ٻڌي سڀ صوفي روئڻ لڳ ا۽ اهو مصرعو بار بار چوڻ
لڳا، مجلس خوب گرم ٿي، گڏهه جي مالڪ تي به ان جو
اثر ٿيو ۽ بيڪمال رقت سان چوڻ لڳو ته ”خر برفت و
خر برفت و خر برفت“ صبوح جو جڏهن محفل ختم ٿي،
تڏهن صوفي صاحب لغام ۽ ٽپڙ کڻي طبيلي ۾ ويو ته
گڏهه کي سنجي، ڏٺائين ته گڏهه گم آهي“ پاسبان کان
پڇيائين ته گڏهه ڪٿي آهه، جواب مليس ته راتوڪي
دعوت جو خرچ ٿي ويو. صوفي لٺيون کڻي منهنجي مٿان
اچي بيٺا، چيائون ته گڏهه ڏي نه ته سر ٿا نيوئين،
مون اوهان کي اطلاع ڏيڻ جو ارادو ڪيو ته هو، وڙهڻ
لڳا، آخر هو جڏهن گڏهه ڪاهي ويا، تڏهن مان اوهان
کي ٻڌائڻ آيس، ان وقت اوهان جي محفل گرم هئي، خود
اوهان، ”خر برفت و خر برفت و خر برفت“ چوندي زار
زار روئي رهيا هئا، مون سمجهيو ته اوهان کي اڳ ئي
اطلاع ملي چڪو آهي. صوفي چيو ته، ”مون سمجهيو ته
انهيءَ مصرع ۾ به ڪا صوفيانه رمز آهي مون کي ڪهڙي
خبر ته هو مون سان مسخري ڪري رهيا آهن، افسوس! مون
جاهلن جي تقليد ڪئي ۽ پاڻ کي نقصان ۾ وڌم.
مر مرا تقليد شان برباد داد
که دو صد لعنت برين تقليد باد
شريعت جي معاملات ۾ دين جي امامن جي تقليد ڪرڻ
واجب آهي، مگر جاهلن جي تقليد ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ
بهتر آهي.
شعر
جاهلن جي ڪر نه هرگز پيروي
علم وارن ساڻ رک تون دوستي |