سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: روميءَ جون رهاڻيون

باب: -

صفحو :1

روميءَ جون رهاڻيون

(مثنوي روميءَ ۾ بيان  ڪيل مڪمل ڪهاڻيون جن جي  هڪ هڪ سٽ تصوف جي رازن جي سمجهاڻي ۽ اخلاقي هدايتن جو ڀنڊار آهي)

احمد خان”آصف“ مصراڻي

 

پبلشر نوٽ

اسان سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي پاران مثنوي روميءَ جي ڪل ڇهن دفترن مان ٽن دفترن جو ترجمو پڌرو ڪيو ته سنڌ ۾ ان کي بيحد مقبوليت حاصل ٿي. هينئر مثنوي روميءَ ۾ شامل ڇهن ئي دفترن جون مڪمل آکاڻيون پڙهندڙن تائين پڄائيندي اسان کي بيحد خوشي حاصل ٿي رهي آهي. هي آکاڻيون نامياري ليکڪ ۽ شاعر محترم احمد خان آصف مصراڻي جون ترجمو ڪيل آهن. سندس لائق نياڻي محترمه گلبدن جاويد مرزا سنڌي ادبي بورڊ ۾ ماهوار سرتيون رسالي جي ايڊيٽر آهي، سا پنهنجي والد جي ڪتابن جي اشاعت لاءِ هميشه ڪوشان پئي رهي آهي. سندس ئي ڪوششن سان اسان پهريائين محترم آصف خان مصراڻي جي، ٻارن لاءِ جمع ڪيل شاعريءَ جا ڇهه حصا ”ٻاراڻا ٻول“ ڇپايا هئا. هن ڪتاب جو اوريجنل مسودو به کانئس ئي اسان کي حاصل ٿيو آهي ۽ اهڙي طرح ههڙو اهم علمي ذخيرو پڙهندڙن تائين رسيو آهي.

اميد آهي ته هي ڪتاب به پڙهندڙن وٽ مثنوي روميءَ جي اڳ شايع ٿيل ڪتاب وانگر بيحد مقبوليت ماڻيندو ۽ اسان جي ماڻهن جي اخلاقي سڌاري جي هڪ وڏي وِٿ ثابت ٿيندو.

 

نور احمد ميمڻ

چيئرمين

سنڌيڪا اڪيڊمي

 

سوناري ۽ بيوفا ٻانهيءَ جو عشق

هڪ بادشاهه، عاليجاه، ٿي گهوڙي تي سوار، ڪرڻ ويو شڪار، هن دل ۾ چيو ٿي، ته گهڻائي آهو ماريندس، هٿ کي ٺاريندس، مگر هو پاڻ، نه ڄاڻ هڪ نازنين مهه جبين، آهو چشم جي نظر جي تير جو نخچير ٿي پيو. ڏسڻ سان دل ڦرائي ويٺو، نازنين ڪنيزڪ اڳيان سڀ ڪجهه لٽائي ويٺو. آخر حيلا هلائي، اٽڪلون ويڙهائي، ڪنيزڪ هٿ ڪيائين، ان سان نڪاح وڌائين ۽ کيس محلات ۾ آندائين. مگر ٻن ٽن ڏينهن بعد ٻانهي ٿي پيئي بيمار، کيس ڪونه هو قرار، رني ٿي زارو زار، نه کائڻ نه پيئڻ، نه خوشي نه کلڻ رڳو هوس رڙڻ ۽ رئڻ. بادشاهه گهڻائي حڪيم طبيب گهرايا، جن حڪمت جا وڏا حيلا هلايا، نسخا مٽايا، سٽايا مگر اُهي سڀ ٿيا اجايا، ٻانهي ڏينهون ڏينهن وئي ٿي نجهرندي سڀ ڪنهن چيو ٿي ته اڄ نه مرندي سڀان مرندي.

بادشاهه سندس اِها حالت ڏسي، دل جو دل ۾ پيو مُسي، ڄڻ ته پاڻ بيمار هو، کيس صبر هو نه قرار هو. آخر جڏهن طبيبن کي نااميد ڏٺائين، تڏهن پاڻ کي ربّ ڏانهن رجوع ڪيائين. مسجد ڏانهن وک وڌايائين، سر سجدي ۾ رکيائين. روئي رب کي ٻاڏايائين، ته ”اي شافين جا شافي! ڏي منهنجي محبوب کي درد کان معافي، تنهنجي هٿ آهي شفا، تنهنجو نام ئي آهي دردن جي دوا.“ آزي ڪندي بادشاهه جي اک لڳي وئي خواب ۾ ڏٺائين هڪ مرد مڻيا وارو، جنهن ڪيس اشارو، ته نه ڪر غم، ربّ ڪندو تنهنجا سڻاوا ڪم … بادشاهه بيدار ٿي موٽي پنهنجي جاءِ تي آيو. هن پنهنجو هنڌ مٿاهين هنڌ وڇارايو جتان هڪ رستو ٿي آيو، بادشاهه رستي ڏانهن پئي واجهايو نيٺ کيس هڪ بزرگ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جي خواب ۾ ڪئي هئائين زيارت ۽ جنهن کيس ڏٺو هو آٿت، ڏسندي بزرگ وٽ حاضر ٿيو. ساڻس سمورو حال ڪيو. کيس وٺي بيمار وٽ آيو. بزرگ بيمار (ٻانهي) کي ڏسڻ سان چيو ته:

جن طبيبن ڪيو سندس دارون دوا،

تن ڀلائي جي بجا آندي بلا.

بي خبر ها سي دلي آزار کان،

تن جي ڪوڙن کان خدايا ڏي امان!

عشق پڌرو ٿيو منجهان زاريءِ دل،

ناه ڪو غم مثل بيماريءَ دل.

سڀ ڏکن کان عاشقن جو ڏک جدا،

عشق اضطراب اسرار خدا.

پوءِ بزرگ حڪيم، بادشاهه کي چيو، ته مون کي خلاصگيءَ جو موقعو ڏيو، جيئن آئون بيمار کان وڌيڪ حال احوال پڇان ۽ سندس دلي آزار جو دارون ڪيان … بادشاهه سندس حڪم جي تعميل ڪئي. بس محلات ۾ بيمار ٻانهي ۽ اهو بزرگ حڪيم رهيا. حڪيم ٻانهيءَ جي نبض تي هٿ رکي، کانئس پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن جا نالا لڳو پڇڻ، سندس مقصد اهو هو ته جيئن ته هيءَ ٻانهي، ڪنهن جي عشق جي چوٽ کان بيمار ٿي آهي، تنهن ڪري جڏهن ان جو نالو وٺبو ته نبض ۾ جنبش ايندي ۽ سندس رفتار ۾ تيزي ٿيندي. بزرگ نالا وٺندو رهيو، مگر نبض ۾ ڪابه جنبش نه ٿي. آخر جڏهن سمرقند شهر جو نالو ورتائين، تڏهن ٻانهيءَ سرد آهه ڀريائين، سندس نبص به تيز ٿيڻ لڳي ۽ زور سان ٽپڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته اُتي سندس دلبر زرگر (سونارو) هو. جنهن وٽ 3 مهينا رهي هُئي ۽ ساڻس محبت ڪئي هئائين.

بس حڪيم احوال ان جو هي ٻڌو،

درد هن جي کان صفا واقف ٿيو.

 

پوءِ چيو ان کي حڪيم باصواب،

هاڻ تنهنجو دور ٿيندو سڀ عذاب.

 

شاهه وٽ ويو ان کان پوءِ حاذق حڪيم،

۽ ٻڌايائين شاهه کي حالِ مقيم.

 

شاهه چيو هاڻي ڪيو تدبير ڪا،

اهڙي ڪم ۾ ڪجهه نه ڪيو تاخير ڪا.

 

ان چيو تدبير ان جي ٿي صفا،

آهه ”سونارو“ انهيءَ جي بس دوا.

حڪيم جو چوڻ مڃي بادشاهه سوناري کي ڳهن ٺاهڻ جي بهاني سان پاڻ وٽ گهرايو. ٻن ٽن ڏينهن بعد بيمار (ٻانهي) کي سندس حوالي ڪرايو … وڇڙيل هڪ ٻئي سان مليا، سندن روح رليا، ڪجهه رُنا ۽ گهڻو کليا. پوءِ روح رهاڻيون ڪندا رهيا ۽ مزا ۽ موجون وٺندا رهيا. ٻانهي اڳئين کان اڳري ۽ چاق ٿي وئي. ڇهن مهينن کان پوءِ حڪيم هڪ شربت سوناري کي ڏنو جنهن کان ترت بگڙي ٿيو ڪوجهو ڪنو.

سونهن سوناري جي جيئَن برباد ٿي،

ٻانهي ان جي عشق کان آزاد ٿي.

 

ان جو چهرو بدنما ۽ زرد ٿيو،

عشق ٻانهيءَ جو انهيءَ کان سرد ٿيو.

 

جنهن سان اڳ ۾ هيتري محبت هيس،

تنهن کان هاڻ خاص ٿي نفرت ٿيس.

ٻانهي سوناري کي ڌڪارڻ لڳي ۽ هن کان پري ٿي پئي ڀڳي، سونارو بيماري ۾ ڳري جهري ويو ۽ آخر ويچارو مري ويو. ٻانهي، بادشاهه پنهنجي هٿ ڪئي، جنهن سان رلي ملي ٺهي وئي.

عشق جي پيدا ٿين ٿا رنگ تي،

ڪين نيبه ٿا رهن دائم اهي.

نصيحت:

ظاهري صورت تي عاشق ٿيڻ نه گهرجي. وڏن جو چوڻ آهي سهڻي صورت کان سهڻي سيرت ڀلي آهي فاني شيءِ سان عشق نٿو جُڳائي پنهنجي حقيقي محبوب سان لنو لڳائجي. مجازيءَ کان دامن کي بچائجي. عورت ذات بيوفا آهي ان سان اک نه اٽڪائجي.

شعر

عورت جي بيوفائي دنيا ۾ مشتهر آ

هن جي پيار ۾ خود آزار آهه پنهان.

 

بيت

بخاري موهي ڪڏهن ويندءِ نڪري،

اکڙيون توهي وڃي وجهنديون مامري.

گلي ۾ کڻي نانگ پائڻ چڱو،

وڇونءَ کي به مُٺ ۾ دٻائڻ چڱو،

ڀروسو نه عورت تي ڀانئڻ چڱو.

 

 

بي فرمان پُٽُ

جڏهن حضرت نوح عليه السلام جي صدها سالن جي تبليغ کان به سندس امت کي ڪو اثر نه ٿيو، رهندو به ڪافر کيس تڪليفون ڏيڻ لڳا تڏهن انهن جي هلاڪت لاءِ دعا گهريائين. بارگاه ايزديءَ مان کيس حڪم ٿيو، ته ڪشتي بناءِ، ان ۾ مومنن کي سوار ٿيڻ جو حڪم ڪر جيڪو تنهنجي ڪشتيءَ ۾ نه ٿيندو سوار، اُهو مرڻ لئي رهي تيار. حضرت نوح عليه السلام ڪشتي تيار ڪئي، سندس پٽ ڪنعان به دين جي دشمنن سان شامل ٿيو. محبت پدري جوش ۾ آئي، حضرت نوح عليه السلام پنهنجي پٽ کي گهڻو سمجهايو ته، اچي ڪشتيءَ ۾ سوار ٿيءُ اجايو خراب ۽ خوار نه ٿيءُ ايندڙ الهيٰ طوفان کان ڊپ ڪر، مفت ۾ نه مر،هن چيو ته آءٌ تمام تارو آهيان، ٻڏي نه سگهندس. آءٌ جبل جي چوٽيءَ تي بيٺو آهيان، هتي مون کي طوفان جون لهرون ٻوڙي نه سگهنديون.

حضرت نوح چيو اڄ هن پاڻي اڳيان هيءُ ڪوه (جبل) به ڪاه (گاهه ) مثل آهي. اڄ اُهوئي بچندو جو خدا جو حبيب هوندو.

ڪنعان چيو بابا! ره خاموش، ڌار پنهنجو هوش، مون نه اڄ تائين مڃي آهي تنهنجي نصيحت، نه وٺندس اڳتي تنهنجي هدايت، مان ٻنهي جهانن ۾ توکان آهيان بيزار، آءٌ پنهنجي مرضي جو آهيان مختار.

حضرت نوح چيو ته، فرزند، دلبند! هيءُ موقعو ناز جو نه آهي، مگر وقت نازڪ آهي، هن وقت ناز ڇڏي ڏي، الله سان دل گڏي ڏي. هن وقت هن جي قهر جو بحر موجزن آهي، هن وقت هن کي پيغمبر زادگي نه البته بندگي پسند آهي.

جز خضوع و بندگي و اضطرار،

اندرين حضرت ندارد اعتبار.

ڪنعان چيو ته، بابا! نصيحتون ڪندي ڪندي پوڙهو ٿي ويو آهين، مگر قائل تنهنجو ڪوئي ڪونه ٿيو، مان به سمجهي ويو آهيان ته تنهنجون اهي ڳالهيون اجايون آهن. حضرت نوح چيس ته اي جان پدر! اي لخت جگر!! انهيءَ ۾ توکي ڪهڙي تڪليف آهي، جو منهنجي نصيحت مڃي، دين و دنيا جو ڇوٽڪارو حاصل ڪرين، حضرت نوح عه جي نصيحت جو ڪنعان تي ڪو اثر نه ٿيو، هن کي ڪوبه حذر نه ٿيو، سچ چيو اٿن ته:

”نصيحت نادان تي ڪندي ڪانه اثر“

ايتري ۾ فوراً هڪ تيز لهر آئي، جا ڪنعان کي گهلي وئي …

اندرين گفتن بدند و موج تيز

برسر ڪنعان زدوشد ريز ريز.

حضرت نوح عرض ڪيو ته ياالله، هي ڇا ٿيو، تنهنجو وعدو هو ته تنهنجي اهل ۽ عيال کي طوفان کان بچائيندس. ۽ تون سڀ کان زوراور حاڪم آهين! هاڻي نه منهنجو گڏهه رهيو نه اسباب.

گفت اواز اهل و خويشانت نه بود

خود نه ديدي تو سفيد از ڪبود

چونکه دندانِ ترا کرم فتاد

نيست دندان برڪنش اي اوستاد

اي نوح جيئن ته اهو تنهنجو پٽ نافرمان هو، تنهن ڪري تون هن کي پنهنجي اهل مان نه سمجهه، جيڪو ڏند ڪيڙي کاڌل ٿئي ٿو، ان کي يڪدم ڪڍي ڇڏجي متان ٻين کي به لهس ڏئي ۽ آزار جو باعث بڻجي…!

حضرت نوح عه چيو ته، ياالله! مان پٽ کان بيزار آهيان، مان تنهنجو بندو آهيان ۽ تنهنجي تقدير اڳيان سرافگنده آهيان جيڪڏهن مون کي غرق ڪرڻ چاهين، ته به تون مرضي جو مالڪ آهين، مون تي بخشش ڪر ۽ مون تي رحم ڪر!

نصيحت:

”سنڱ پسي سرهي مَ ٿيءُ متان پرين نه پنهنجو ڪن،

لکين لوڌائي ڇڏيون ٻانهيون ٻاروچن،

رئنديون رت وتن، جن در مٿي هُيون دادليون.،

 

 

خدا تي توڪل

حضرت جبرائيل عه هڪ ڏينهن حضرت خليل الله جي خدمت سڳوريءَ ۾ آيو وحي پهچائڻ بعد پنهنجي طرفان، حضرت خليل الله کي چوڻ لڳو ته، جيڪڏهن منهنجي لائق ڪا ڪارخدمت هجي ته حڪم فرمايو، ڪا حاجت هجي ته مون کي ٻڌايو ته وس پڄندي پوري ڪريان. حضرت خليل الله فرمايو ته، مون کي ڪيئي حاجتون آهن، مگر خدا کان سواءِ ٻئي کي ڇو ٻڌايان.“ اي جبرائيل عه ٻڌاءِ ته بندي جي اُها ڪهڙي حاجت آهي جا موليٰ سائين کي معلوم ناهه، جڏهن هُو منهنجي هر ضرورت کان واقف آهي، تڏهن مون کي ڪهڙي ضرورت آهي، جو توکي ٻڌايان.

جو ماسوا الله کان، ناتا ٽوڙي ۽ الله سان ناتا جوڙي ٿو، تنهن کي ڪنهن جي پرواهه نه آهي.

نصيحت:

”سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم،

ٿي تحقيق تسليم ۾ لاهي غم و هم،

قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري هاج تو.“

 

جهاز جي تباهي ۽ هڪ

ڇوڪر تي فضل الاهي

هڪ دفعي خدا تعاليٰ، ملڪ الموت (عزرائيل عه) کي فرمايو ته، توکي ڪڏهن ساهه وٺندي ڪنهن تي رحم به آيو، ملڪ الموت چيو ته، دل کي بار بار ترس اچي ٿو، پر مون کي ڪهڙي مجال آهي، جو مالڪ جو حڪم نه مڃان. غلام کي ڪهڙي طاقت آهي جو سائينءَ سان سينو ساهي. هائو هڪ واقعو اڄ تائين ياد اٿم. اُهو واقعو هن طرح آهي ته، هڪ جهاز سمنڊ ۾ تيزيءَ سان تري رهيو هو، مون کي حڪم ٿيو ته جهاز کي ڪُن ۾ ڦاسائي سندس تختو تختي کان جدا ڪر … حڪم جي تعميل ڪيم، ان ۾ ڏاڍي تيزي ۽ تعجيل ڪيم، سڀ جهاز وارا ٻڏي ويا فقط هڪ تختي تي هڪ عورت، خوبصورت ۽ ان کي تازو ڄاول ٻارڙو جو چنڊ جهڙو سهڻو ۽ من مُهڻو هو وڃي رهيا، تختو لهرن ۾ لڙهندو رهيو. ”رکي ربّ ته ماري ڪير!“ آخر تختو اچي ڪناري سان لڳو. مون کي مائي ۽ سندس ٻچڙي جي بچڻ ۽ سلامت ڪناري تي اچڻ کان ڏاڍي خوشي رسي مگر ايتري ۾ وري حڪم مليو ته مائيءَ جو روح قبض ڪر، مون حڪم بجا آندو. مائي جو روح قض ڪيم مگر ان معصوم نينگر جو ڏاڍو ڏک ٿيم، اڄ به جڏهن اُهو واقعو ياد ٿو اچي، ته دل جو زخم تازو ٿيو پوي. الله تعاليٰ فرمايو ته، واقعي اهو داستان پُر الم آهي، مگر پوءِ جي خبر اٿئي، ته اُهو نينگر ڪهڙي حال ۾ رهيو … عزرائيل عرض ڪيو ته، يا الله تون ئي عالم الغيب آهين … ظاهر و باطن تنهنجي اڳيان ئي عيان آهي. الله تعاليٰ چيو ته، مون هڪ لهر کي حڪم ڪيو ته فلاڻي هنڌ ڪناري تي ڇوڪر کي رسائي، جتي پاڻيءَ جا نه رڳو مٺا چشما موجود هئا پر تازا گل ۽ ٻوٽا به موجود هئا، چنبيليءَ کي حڪم ڪيم ته هن معصوم جي هيٺان پنهنجي گلن جي سيجه وڇائي، سج کي حڪم ڪيم ته روشني اهڙيءَ طرح ڦهلائي، جيئن ڇوڪر کي نقصان نه رسائي، نينگر کي تازگي رسي، درختن کي اشارو ڏنم ته هو پنهنجي پڪلن عمدن ميون جون ٽاريون هيٺ ڪري اهڙيءَ طرح بيهن جيئن مٺن ميون جي رس چوسي نينگر ڍءُ ڪري. اُتي تازو هڪ شينهڻ ويائي هئي، ان جي روح ۾ رحم وڌم ته پنهنجي پٽڙن سان گڏ هن ٻچڙي کي به کير پياري انهيءَ جي خوف کان ٻيو ڪوبه جهنگلي جانور، ڇوڪرڙي جي ويجهو نه ايندو هو. اهڙي طرح اُهو ڇوڪرو پلجي رهيو هو ته اوچتو هڪ بادشاهه هرڻن جو شڪار ڪندو انهيءَ جاءِ تي اچي پهتو. ڇوڪر کي ڏسي نهايت خوش ٿيو ۽ کيس کڻي پنهنجي بيگم وٽ ويو. بادشاهه کي اولاد ڪونه هو، تنهن ڪري انهيءَ کي پٽيلو ڪري پاليائون، جو وڌي جوڌو جوان ٿيو ۽ باشاهت جو وارث بنيو. بادشاهه جي مرڻ بعد پاڻ تخت تي ويٺو ايترو زور ورتائين، جو پاڻ کي خود خدا سڏايائين ۽ ماڻهن کان پاڻ کي سجدا ڪرايائين، جنهن سجدو نٿي ڪيو، ان کي باهه ۾ جلايائين. عوام الناس ته ٺهيو پر منهنجي پياري نبي ۽ خليل (ابراهيم عه) کي به آڙاهه ۾ اڇلايائين، مگر مون نار کي نور، آڙاهه کي گلزار ڪري، پنهنجي خليل کي بچايو.

عزرائيل! هاڻي ٻڌاءِ ته، جنهن ڇوڪر تي توکي رحم ٿي آيو تنهن سان مون ڪهڙو بُرو سلوڪ ڪيو، جو خاڪ جو پتلو منهنجو شريڪ بڻجي ويٺو. عزرائيل چيو، اي خالق اڪبر! غيب جو علم تون ئي ڄاڻڻ هار آهين، تو کان سواءِ ٻيو ڪير آهي جو بندن، گندن تي مهرباني رهي، مون جو خيال پنهنجي دل ۾ ڌريو هو سو سراسر خام آهي، تنهنجو سَچو نام آهي، انسان ڪيترو به ڪمال حاصل ڪري ته به واجب اٿس، ته غرور ۽ تڪبر نه ڪري ڇاڪاڻ جو کيس ڪابه هستي ڪانه آهي، فقط پاڻيءَ جو ڦوٽو آهي.

فاني ڙي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو،

ڌريندءِ نيئي ڌوڙ ۾ جوڙي اي جاني!

ڪوڏر ۽ ڪاني آهي سڀ ڪنهن جي سر تي.

 

 

حسن يوسف عليہ السلام

حضرت يوسف عليه السلام جو هڪڙو دل گهريو دوست، گهڻي مدت کان پوءِ حضرت سان ملاقاتي ٿيو. هو ڪيترن ئي ملڪن جا سير سفر ڪري آيو هو، هن وڏو تجربو پرايو هو. حضرت يوسف عليہ السلام اڳيان بر و بحر جا عجيب غريب بيان ڪري رهيو هو. جڏهن ڳالهيون ختم ٿي چڪيون، تڏهن حضرت يوسف عه چيس ته اي دوست منهنجي لاءِ ڪهڙي سوغات آندي اٿئي؟

ڇو ته يارن وٽ هٿين خالي وڃڻ ايئن آهي ڄڻ اَنَ کان سواءِ جنڊ تي وهڻ … اهو ٻڌي دوست چيو ته توهان دين دنيا جا بادشاهه آهيو، مان اوهان لاءِ ڪهڙو تحفو آڻيان ها، قطرو دريا کي، يا ذرو، صحرا کي ڇا هديه پيش ڪري سگهندو. اي منهنجا سهڻا دوست! توهان جو حسن جواني، آهي لاثاني، اوهان جي حسن کي ڏسي جهان بهره مند ٿئي ٿو. مگر تون پنهنجي حسن جي ڪمال ۽ جلوي ۽ جمال کي نٿو ڏسي سگهين تنهنڪري مون اهڙي شيءِ آندي آهي، جنهن سان پنهنجو نظارو ڏسي سگهندين.

آئينه آور دمت اي روءِ سني

تاکه بيني روءِ خود ياد کني.

ايئن چئي، آئينو ڪڍي حضرت يوسف عليه السلام کي ڏنائين، جيئن جو آئيني ۾ حضرت يوسف پنهنجو حسن ڏٺو، تيئن بيهوش ٿي ويو ۽ ڪري پيو اِها خبر جڏهن بيبي زليخا کي پئي تڏهن:

پيو پتو هوندءِ ته هاڻي بي خبر،

حسن جو ٿئي ٿو دلين تي ڇا اثر.

حسن وارا عاشقن کي ٿا رنجائن روز شب،

منهن مٽائن، ڏک ڏين سڪ ۾ سڪائن روز شب.

 

 

موت کان ڀڄندڙ موت جي منهن ۾

حضرت سليمان عليه السلام وٽ هڪ ماڻهو تڪڙو تڪڙو ڀڄندو، ڊڪندو ڊهندو اچي پهتو، خوف کان ان جو چهرو زرد هو سندس چپ سُڪي ويا هئا. حضرت سليمان کيس چيو ته، ڇو تنهنجو منهن سُسي ۽ سڪي ويو آهي، تو کي ڪنهن ڊيڄاريو ۽ ماريو آهي؟ هن عرض ڪيو ته، يا حضرت! مون کي اڄ ملڪ الموت ڏيکاري ڏني، هن جي مهيب صورت ڏسي، هيبت وٺي وئي اٿم، جنهن کان ڊپ ۾ ههڙا حال ٿيا اٿم، سائينجن جي هٿ ۾ جنات ديو ۽ هوا آهي انهن تي اوهان جو فرمان هلي ٿو، براههِ ڪرم مون کي هتان بلڪل پري هندستان جي ملڪ ۾ ڪنهن طرح پهچايو، مونکي موت کان بچايو اِهو منهنجو عرض اگهايو…

حضرت سليمان عه هوا کي حڪم ڏنو، اُهو شخص انهيءَ ڏينهن ئي هندستان ۾ وڃي پهتو. ٻئي ڏينهن حضرت سليمان عه درٻار ۾ ويٺو هو، ته ملڪ عزرائيل کي به اُتي ڏٺائين، ۽ هُن شخص بابت کانئس پڇيائين ملڪ الموت عرض ڪيو ته، الله تعاليٰ جي طرف کان انهيءَ شخص جو موت هندستان ۾ ٿيڻو هو، کيس اُتي مرڻو هو سندس خاتمو به ڪالهه ٿيڻو هو، مون جڏهن ڪالهه پهريائين هن کي هتي ڏٺو، تڏهن تعجب ۾ پيس ته هي ته هِتي ٿو رهي ۽ کيس مرڻو آهي هندستان ۾. مون سمجهو ته شايد غلط فهمي ۾ پيو آهيان، مون غور سان هن ڏانهن نهاريو، ته هن وري اوهان ڏانهن پاڻ پڌاريو هن مون کان (موت) بچڻ لاءِ هندستان وڃڻ جي ڪئي تدبير، مگر سندس هئي اُتي مرڻ جي تقدير. بس مون هندستان ۾ کيس ڏسي، سندس روح قبض ڪيو.

توڙي هلين تڪڙو توڙي کڻي وک،

لکئي منجهان لِک لهي ڪانه لطيف چئي.


 

 

هوا تي مڇرن جو فرياد

مڇر هڪ باغ ۾ جمع ٿي، مشوره ڪرڻ لڳا، پاڻ ۾ ملي دم ڀرڻ لڳا ته هوا اسان کي ڏاڍو آهي ستايو، اسان کي هنڌ هنڌ اٿس رلايو، هڪ هنڌ رهڻ نٿي ڏئي، هڪ جڳهه ۾ ٽڪڻ نٿي ڏئي. اسان جيڪڏهن ٻاهر نڪري، پاڻ ۾ پنج ست مڙي رقص ڪريون ٿا يا محفل رکون ٿا، ته هيءَ بيرحم هوا، هڪ ئي جهوٽي سان اسان کي پراگنده ڪري ڇڏي ٿي … آخر گهڻي بحث مباحثه کان پوءِ يڪراءِ هي فيصلو ڪيائون، ته هلو ته هلي حضرت سليمان عليه السلام وٽ ڪريون فرياد، اُهو صاحب پاڻهي ڪندو اسان جو داد. الغرض مڇر درٻار ۾ ٿيا حاضر، جيڪو منجهن هو عقل جو ماهر، تنهن چيو ته، حضور فيض گنجور و پرنور! هوا جو ظلم اسان سان حد کان وڌي ويو آهي، هن اسان کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. اوهان جي هٿ ۾ آهي اسان جي جان، اوهان آهيو اسان جا عادل سلطان! اسان ناشادن کي شاد ڪيو، اسان جي دشمنن کي برباد ڪيو … حضرت سليمان عليه السلام غور ڪري فرمايو ته منهنجو هي دستور آهي، ته مدعي ۽ مدعا عليه کي گهرائي، ٻنهي کي روبرو ڪرائي، پوءِ فيصلو ڪندو آهيان … تنهن ڪري توهان ترسو ته هوا کي گهرايان، توهان جو فيصلو ڪريان …

حضرت سليمان عه هوا کي حڪم ڏنو ته، اي هوا تون جلدي آ، مڇر جي دعويٰ جو جواب ڏي، هوا حڪم ٻڌڻ سان اچڻ شروع ڪيو. هوا جو گهلڻ ۽ مڇرن جو ڀڄڻ … حضرت چيو، اي مڇرو! بيهو هوا سان ڪجهه ته سوال جواب ڪيو، ته آءٌ اوهان جو فيصلو ڪريان ۽ اوهان جي اميد جي دامن، مقصد جي گلن سان ڀريان … مڇرن چيو ته حضرتا! بس ايڏانهن هوا آئي ۽ هيڏانهن اسان هوا ٿياسين. اسان جا پير هن اڳيان کُپي نٿا سگهن، انهيءَ جي هستي اسان جي نيستي آهي. هيءَ حڪايت بيان ڪري مولانا رومي ٿو فرمائي:

هم چنين جويائي درگاهه خدا

چون خدا آيد شود جوينده لا

گرچه آن وصلت بقا اندر بقا است

ليڪ از اول بقا اندر فنا است

جڏهن بندو خدا کي عبادتن، رياضتن سان حاصل ڪري ٿو ته، خود ان جي ذات ۾ فنا ٿي وڃي ٿو، فنا کان پوءِ ئي بقا حاصل ٿيندو.

 

بيت

جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناهه سجود،

وڃائي وجود، حاصل ڪر تون حق کي.

 

حضرت موسيٰ عليه السلام

جي ولادت ۽ فرعون جي هلاڪت

فرعون هزارين نجومي رکيا هئا، جي پنهنجي علم جي زور تي وقت بوقت نيڪ و بد جون خبرون ٻڌائيندا هيس. هڪ رات فرعون هڪ وحشت ناڪ خواب لڌو، جنهن کيس فڪرات ۾ وڌو، نجومين کي چيائين ته، کولي ڪتاب ۽ تفسير، ڪري ٻڌايو خواب جو تعبير، انهن حساب ڪري ڍارا ڍاري، منتر اچاري، ٻڌايو ته، هڪ شخص پيدا ٿيندو جو توکي نهوڙي نيندو، فرعون فرمايو ته اهو ڪٿي پيدا ٿيندو؟ جواب ڏنائون ته، خود تنهنجي شهر مصر ۾. انهيءَ تي هن کي ڏاڍو غم ٿيو چيائين ته ڀلا ڪو آهي اهڙو حيلو ۽ ڪجي ڪو اهڙو وسيلو، جو انهيءَ آفت کان ملي آزادي ۽ انهيءَ دشمن جي ٿئي بربادي، نجومين چيو ته اي بادشاهه عاليجاه! اسان انهيءَ جي تدبير سوچي آهي. فلاڻي رات تنهنجو دشمن ڪنهن نه ڪنهن جي گهر ڪنهن ماءُ جي پيٽ ۾ سنجرندو، تنهن ڪري حڪم ڪر ته سڀئي مرد ماڻهو، فلاڻي هنڌ اچي گڏ ٿين. تون به پنهنجو تخت کڻي ميدان تي رکاءِ ۽ اُتي درٻار مچاءِ، ماڻهن ۾ انعام اڪرام ورهاءِ، مگر هوڪو اِهو هلاءِ ته ڪوبه مرد ڪنهن به گهر ۾ اُها رات نه رهي. جيڪو مرد اُها رات گهر ۾ رهندو، سو ڦاسيءَ جي سزا لهندو. بس اِهو حڪم اچي ويو مرد ماڻهو جوق درجوق هڪ ميدان تي ڪٺا ٿيا. هونءَ جو بادشاهه جي منهن ڏسڻ جي منع هيُن جڏهن به بادشاهه نڪرندو هو، ته حڪم اِهو هوندو ته بادشاهه جي سواري ڏسي هڪدم ڀتين ۾ منهن هڻي بيهو …

مگر هاڻي باداهه پنهنجي مطلب خاطر، ماڻهن اڳيان کليو کلايو جلوه گر ٿي، مٿن ڏاڍيون مهربانيون ڪرڻ لڳو ۽ ساڻن ڀلائي جا پير ڀرڻ لڳو، کين انعام اڪرام ڏيڻ لڳو ۽ کين چوڻ لڳو ته هيءُ ڳالهه منهنجي خوشيءَ جو باعث بڻي آهي، جو اوهان سڀ هت گڏ ٿيا آهيو، اڄوڪي رات کڻي تڪليف سَهو سڀيئي مرد هت رهو، ڪوبه پنهنجي گهر ڏانهن نه وڃي. سڀ ڪوئي منهنجو هيءُ حڪم مڃي… ماڻهن چيو ته اسين اوهان جا غلام آهيون هڪ رات ته ڇا پر مهينو راتيون رهڻ لاءِ تيار آهيون. فرعون انهن کي ميدان ۾ رهائي پاڻ محلات ڏانهن موٽي آيو، ساڻس عمران خزانچي جو بني اسرائيلن مان هو اُهو به آيو، فرعون جو مٿس ڏاڍو پيار هو، مٿس گهڻو ئي ويساهه ۽ اعتبار هو. پڪ هُيس ته هيءُ ڪابه اهڙي ڳالهه نه ڪندو جا مون کي نقصان ڏيندڙ ٿئي. تاهم به احتياط طور کيس چيائين ته اڄ رات پنهنجي گهر نه سمهجان، پاڻ ٻين مردن تي به نظر رکجان … عمران چيو اوهان جو حڪم، برسروچشم! ايئن چئي عمران فرعون جي بارگاهه ۾ سمهي رهيو.

ڏسو قدرت الهيٰ! هوڏانهن عمران جي بيبي کي شوقِ ملاقات اهڙو بيتاب ڪيو، جو هو آڌي رات جو، عمران وٽ پهچي وئي.

گفت عمران اين زمان چون آمدي

گفت از شوق وقضائي ايزدي

در کشيدش درڪنار از بوس مرد

بر نيامد باخود ان دم در نبود

جفت شد با او امانت را سپرد

پس بگفت اين زن نه اين کارست خرد

عمران، حضرت موسيٰ عه جي امانت پنهنجي بيبي کي سپرد ڪري ڇڏي، جنهن ڳالهه کان فرعون خائف هو، سا پوري ٿي چُڪي. ان کان پوءِ ميدان مان درد انگيز دانهون اچڻ لڳيون. جي ٻڌي فرعون، اگهاڙين پيرين ٻاهر نڪري آيو ۽ عمران کان پڇڻ لڳو ته هيءُ شور و غوغاءُ ڇا جو آهي، هن چيو ته ماڻهو اوهان جي مهربانين کان خوشيءَ مان نعرا هڻي رهيا آهن… حقيقتاً اُهي دانهون نجومين جون هُيون، جن کي پتو پئجي ويو هو ته حضرت موسيٰ جو ستارو اڄ طلوع ٿي چڪو … صبح ٿي، فرعون عمران کي حڪم ڪيو ته، ميدان مان وڃي لهي اچ خبر چار، ته ڇا جو اِهو شور غوغاءُ هو. عمران ميدان ڏانهن راهي ٿيو، ڏٺائين ته نجومي منهن مٿو پٽي رهيا هئا. پنهنجا ڪرم ڪٽي رهيا هئا.

عذر آوردند و گفتند اي امير

کرد مارا دست تقديرش اسير

اين همه کرديم دولت تيره شد

دشمنِ شه هست گشت و چيره شد

چوڻ لڳا اي امير! تقدير، اسان جي تدبير خاڪ ۾ ملائي ڇڏي بادشاهه جو دشمن جي پيدا ٿيڻ جو سامان ٿي چُڪو اِهو ٻڌي عمران به ڪوڙا سچا ڌڪ منهن تي هڻڻ لڳو ۽ دانهون ڪرڻ لڳو، موٽي بادشاهه وٽ آيو ۽ کيس شدت سان ٻڌايو ته نجومي هڻن ٿا ڪوڙ، سندن منهن ۾ آهي ڌوڙ هنن ناحق اوهان کي تڪليف ڏني آهي، سندن ڳالهه هر هڪ ڪوڙي ۽ ڪني آهي، هيتري انتظام هوندي به اهي چون ٿا ته بادشاهه جو دشمن سنجرجي چڪو آهي، بس مون سمجهيو آهي ته اهو انهن جو ڌوڪو آهي، هو اوهان کي ڊيڄاري، دنيا دولت ڪمائڻ چاهين ٿا … اِهو ٻڌي فرعون تپي باهه ٿي ويو، هڪدم نجومين کي گهرايائين، کين ڪَڙڪ ٿي چيائين ته، اي نامرادو! اوهان مون کي خواه مخواه ڊيڄاريو ٿا، اڄ رات سڀئي بني اسرائيل، پنهنجي عورتن کان الڳ رهيا تاهم به چئو ٿا ته، منهنجي دشمن جو ستارو اوج فلڪ تي طلوع ٿي چڪو آهي، اِهو اوهان جو ڪوڙ ۽ سراسر ڌُوڪو آهي. هيءُ آهي اوهان جو علم نجوم، وڏا بدبخت آهيو شوم. بس مان اوهان کي ڦاسيءَ تي چاڙهيان ٿو ۽ پوءِ اوهان کي جلائي خاڪ ڪرائيندس … بدبختو! توهان مفت ويٺا منهنجون پگهارون کائو … فرعون جي هنن لفطن کان نجومي لرزي ويا، وڏي فڪرات ۾ پيا ۽ روئي چوڻ لڳا ته، حضور! اسان هميشه تنهنجون بلائون ڪيون آهن دور، وقت کان اڳ اوهان کي حادثن کان مطلع ڪندا رهيا آهيون، اڃا به اسان اوهان جا خيرخواهه ناهيون!! مگر هيءُ جو واقعو ظاهر ٿيو آهي، سو اسان جي عقل و فڪر کان ٻاهر ٿيو آهي … هاڻي به فڪر نه ڪريو، اسان وڏي هوشياري سان اوهان جي دشمن جي ولادت جو ڌيان رکون ٿا. وڏيون جنتريون لکون ٿا، بروقت ئي اوهان کي اطلاع ڏنو ويندو. ڄمڻ سان ئي اوهان جو دشمن دفعه ٿيندو … جيڪڏهن اسان انهيءَ ڳالهه ۾ به ناڪام رهياسين ته پوءِ بيشڪ اسان کي عذاب ڏيئي مارائجو ساڙائجو يا ڦاسيءَ چاڙهائجو. فرعون وڏي بي آرامي سان نو مهينا ڳڻي ڳڻي گذاريا، ان لاءِ ته ڄمڻ سان ئي دشمن کي ماريان پاڻ تان موت کي ٽاريان ۽ پنهنجا هٿ ٺاريان، مگر هن کي اِها خبر ئي نه هُئي ته، تقدير اڳيان تدبير ڇا ڪندي.

برقضا هر ڪو شب خون آورد

سرنگون آيد سر خودرا خورد

جڏهن نو مهينا پورا ٿيا، تڏهن فرعون وري منادي ڏياري ته، بادشاهه هاڻي وري عورتن ۽ ننڍڙن ٻارن کي اهڙي طرح ديدار ڪرائيندو ۽ کين نوازيندو، جهڙي طرح مردن کي نوازيو هئائين… تنهن ڪري هر هڪ عورت پنهنجي انهيءَ ٻار سميت جو مهيني اندر ڄاول هجي ميدان ۾ اچي حاضر ٿئي … بادشاهه جو ديدار به ڪري ۽ انعام اڪرام سان پنهنجي دامن به ڀري … بادشاهه ننڍن ٻارن لاءِ زرين ٽوپيون ٺهرايون آهن، جي ميدان ۾ ٻارن کي پارايون وينديون. هي حڪم ٻڌي عورتون ننڍڙن ٻارن سميت خوشي سان ميدان ۾ وڃي گڏ ٿيون …  کين ڪهڙي خبر ته سندن جاني جگر، کانئن ڦريا ويندا ۽ قتل ڪيا ويندا. جڏهن عورتون گڏ ٿي ويون، تڏهن سڀني کان معصوم ڇوڪرا ورتا ويا ۽ جلادن جي حوالي ڪيا ويا، مورين ۽ گجرن جيان سندن سر منٽ اندر جدا ڪيا ويا … فرعون ملعون خوش هو، ته سندس دشمن جو سر به ڪٽجي چڪو آهي، هو دنيا مان مٽجي چڪو آهي، مگر هو بيوقوف نه پيو سمجهي ته جنهن جي هٿان کيس تباهه ٿيڻو آهي، اُهو ته جيئرو جاڳندو ويٺو  آهي، حضرت موسيٰ عه جي والده ماجده ميدان ۾ آئي ئي ڪانه هئي. فرعون مزيد احتياط لاءِ جاسوس عورتون مقرر ڪري ڇڏيون جي گهر گهر ۾ وڃي تلاشي وٺنديون هُيون، ته ڪو ڇوڪرو مرڻ کان رهجي ته ڪونه ويو آهي. آخر کين پتو پئجي ويو ته، هائو هڪ عورت جو هڪ خوبصورت ڇوڪرو زنده سلامت آهي … فرعون کي خبردار ڪيو ويو.هن جو حڪم پهتو ته، هڪدم انهيءَ ڇوڪر کي منهنجي روبرو آندو وڃي ۽ سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي… سپاهي دروازي تي پهچي ويا. حضرت موسيٰ عه جي والده هراسجي وئي، مگر الله کي ياد ڪري ٻرندڙ تنور ۾ کڻي پٽڙي کي اُڇلايائين… کيس يقين هو ته هيءُ معصوم حضرت خليل الله جي نسل مان آهي، سو باهه ۾ نه سڙندو…

امر آمد سوئي زن از دادگر

که از اصل آن خليل است اين پسر

در تنور انداز موسيٰ را تو زود

تا نگه داريم اش از هر نار و دود

زن بوحي انداخت اورا در شرر

برتن موسيٰ نه کرد آتش اثر

سپاهي گهر ۾ گهڙي آيا، گهڻو ڳوليائون، گهر جو ڪَک پن ڪري ڦوليائون پر ڪٿان به ڇوڪر هٿ نه آين، مايوس ٿي موٽي ويا هنن جي وڃڻ بعد، ماءُ پٽ کي تنور مان ڪڍي سيني سان لاتو، کيس پيار مان ڀاڪر پاتو … ڇوڪرو گهر ۾ کيڏندو رهيو جاسوس عورتن ٻيهر رپورٽ ڪئي… فرعون دوباره سخت تاڪيد سان پوليس رواني ڪئي. کين هدايتون مليون ته نه رڳو انهيءَ گهر جي تلاشي وٺو مگر پاڙي وارا گهر به جاچيو. ڪيئن به ڇوڪرو هٿ ڪري هِت آڻيو. اوهان پنهنجا انعام ماڻيو، منهنجي روبرو ڇوڪري کي ماريو، مون تان مصيبت ٽاريو ۽ پنهنجا هٿ ٺاريو … جڏهن سپاهي گهر جي نزديڪ پهتا تڏهن، حضرت موسيٰ عه جي والده ماجده کي حڪم الاهي پهتو ته، موسيٰ کي درياءِ نيل ۾ لوڙهي ڇڏ، مون تي پورو ويساهه رک، آءٌ توکي تنهنجو ٻچو امانت سلامت ملائيندس…

مادرش انداخت اندر رود نيل

کار را گذاشت بانعم الوڪيل

ماءُ پنهنجي پٽ کي درياه نيل ۾ ڦٽو ڪري، پنهنجا ڪم قادر جي حوالي ڪيا. فرعون جيڪي به حيلا هلايا، سي سندس ناڪام ۽ اجايا ٿيا، حضرت موسيٰ جي عيوض سوين معصوم بيگناهه قتل ڪرائي ڇڏيائين. انهن جي والدين کي غم ۾ گڏيائين مگر موسيٰ عه جو وار به ونگو نه ٿيو.

حضرت موسيٰ لڙهندو لڙهندو فرعون جي محلات جي ڀرسان پهتو، فرعون جي دل گهري راڻي ان کي ڪڍرائي، پنهنجي جهولي ۾ وڌو قصو ڪوتاه دائي جيڪا مقرر ڪئي وئي سا حضرت موسيٰ جي سڳي والده هئي. فرعون پنهنجي قاتل کي خود پنهنجي گهر ۾ پاليو. جڏهن حضرت موسيٰ عه جوان ٿيو ته، کيس الله تعاليٰ نبوت سونپي حڪم ڪيو ته، پنهنجي پرورش ڪندڙ (فرعون) کي وڃي سمجهاءِ ۽ کيس سڌو رستو وٺاءِ، کيس معجزه عطا ڪيو ويو. حضرت موسيٰ فرعون وٽ ويو، کيس سمجهائڻ لڳو، مگر هو سندس نصيحت کان دور ٿي ڀڳو، مقابلي لاءِ تيار ٿي جادوگر گهرايائين، جن نوڙين ۽ لٺين مان نانگن جا لشڪر کڻي کنڊيڙيا. حضرت موسيٰ عصا اُڇلائي، جا ازدها بنجي، سڀني نانگ کي وئي کائي. فرعون خوفزده ٿي توبه لاءِ ٿيو ڪوشان، مگر سندس وزير، بي پير هامان، کيس برغلايو، ڪجهه ڏينهن بعد حضرت موسيٰ عليہ السلام پنهنجا سڀ ماڻهو وٺي مصر لاءِ روانو ٿيو پٺيان هو وري مقابلي لاءِ تيار ٿي حضرت موسيٰ جي تعاقب ۾ لشڪر روانه ڪيائين، دريائي نيل تي پهتا ته، حضرت موسيٰ عه کي حڪم ٿيو ته عصا درياءَ ۾ هڻ دريا وچان سُڪي پيو. مومن پار ٿيڻ لاءِ رستو وٺي روانا ٿيا ۽ وڃي پار پيا، فرعون به لشڪر سوڌو ڪاهي پيو، فرعون جو درياءَ جي اڌ ۾ اچڻ ۽ پاڻيءَ جو ملي کيس ٻوڙڻ، فرعون ۽ فرعوني غرق ٿي ويا.

نيل رابر قبطيان حق خون ڪند

سبطيان را از بلا محصون ڪند

آب بر فرعون در دم خون شود

بر ڪليمي قند ناممنون شود

نيل جو پاڻي، بني اسرائيل لاءِ نعمت بڻجي ويو. مگر فرعونين لاءِ خونخوار ۽ قهر. جڏهن ڪو فرعوني پيڻ ٿي لڳو، ته پاڻي خون ٿي ٿي پيو. مطلب ته جنهن چيز کان الله تعاليٰ ڪنهن کي محروم ٿو ڪري، ته اُها ان جي قسمت ۾ ايندي ئي نه.

 

 

حيوانن جون ٻوليون سکندڙ نوجوان

هڪ نيڪ بخت جوان، هر وقت حضرت موسيٰ عليه السلام جي خدمت ۾ رهندو هو. هڪ ڏينهن حضرت ڪليم الله کي عرض ڪيائين ته، اي سائين! مون کي جانورن جي ٻولين سکڻ جو شوق آهي، رات ڏينهن دامنگير اهو ذوق آهي، اوهان دل سان ڪريوم دعا، ته خدا تعاليٰ مون کي اِهو علم ڪري عطا.

حضرت موسيٰ عه ڪيترا دفعا جوان جي اِها ڳالهه ٽاري، مگر هن جوان اِها ڳالهه اصل نه وساري، گهڻن انسانن جي آهي عادت، جنهن ڳالهه کان منع ڪرڻ جي ڪبن هدايت، تنهن ڳالهه تي زور ڏيندا آهن. آخر هڪ ڏينهن حضرت ڪليم الله بارگاه خداوندي ۾ ان جوان بابت دعا پيش ڪئي، جواب آيو ته مون انسان کي ڏنو آهي عقل ۽ اختيار، هو مرضيءَ ۾ آهي مختار، ۽ آهي پنهنجي اعمال جو خود ذميدار. هن کي حيوانن جون ٻوليون ڀلي سيکار. بس ان شخص کي اِهو علم عطا ٿيو. ٻئي ڏينهن جڏهن اهو شخص شام جي ماني کائي گهر جي اڱڻ ۾ گهمي ڦري رهيو هو ۽ سندس ٻانهي جيئن دسترخوان ڇنڊيو، تيئن ان مان هڪ ٻوٽي هيٺ ڪري پئي ڪتو کڻڻ لاءِ اڳتي وڌيو، پاسي ۾ ڪڪڙ بيٺو هو، جو ٻوٽي کڻي ويو. ڪتو ڪڪڙ کي چوڻ لڳو ته هڏو ٻوٽي تي منهنجو حق آهي ۽ ان داڻو تنهنجو حق، تو منهنجو حق ماريو آهي. ڪڪڙ چيو ته صبر ڪر، سڀاڻي اسان جي آقا جو ڏاند مرندو، پوءِ ڍءُ پيو ڪجان. نوجوان هيءَ ڳالهه ٻڌنديئي ڏاند پئسن ۾ وڪڻي ڇڏيو. ڪتي ڪڪڙ کي هٺ ڦٺ ڪئي، هن چيو ته مون جيڪي چيو هو سو سراسر سچ هو، ڏاند جنهن ورتو ان جي گهر وڃي مئو، هاڻي آقا جي گهوڙي جو خير ڪونهي. نوجوان اِها ڳالهه ٻڌي ورتي ۽ گهوڙو به کپائي ڇڏيائين. ڪتو ڪڪڙ کي چوڻ لڳو ته، آقا گهوڙو به کپائي ڇڏيو … ڪڪڙ چيو ته آقا اِها غلطي ڪئي آهي، پر هاڻي سڀان پرين آقا جي مرڻ جو موقعو آهي، پوءِ گهڻائي نان حلوا ۽ ڀت ٻاٽ ٿيندا. اميد ته توکي به ڪجهه نه ڪجهه حصو ڏيندا پوءِ موج وٺجان. اِها ڳالهه ٻڌي موت جي ڊپ کان نوجوان جا حواس خطا ٿي ويا، ۽ ڊوڙندو حضرت موسيٰ عه جي خدمت ۾ آيو ۽ اچي عرض ڪيائين ته سائين! جانورن جي ٻولين سمجهڻ جو علم مون کان واپس وٺ، مگر موت کان بچاءِ.

حضرت موسيٰ چيو ته، الله جي تقدير نه ٽرندي آهي، اها آخر پرندي آهي، مون کي خبر هئي ته جانورن جي ٻولين جو علم تولاءِ نقصانڪار آهي، مگر تو نه مڃيو ۽ پاڻ پنهنجو موت تو خريد ڪيو آهي، هائو مان اِها دعا گهران ٿو، ته خدا توکي ايمان سان دنيا مان لڏائي.

اِهي ڳالهيون هلي رهيون هُيون ته نوجوان کي قي آئي، حالت دگر گون ٿيڻ لڳي، ماڻهو هن کي گهر تائين مس کڻي ويا. هن جو دم پرواز ڪري ويو … مولانا فرمائي ٿو ته،

پند موسيٰ نشنوي شوفي کني

خويشتن بر تيغ فولادي زني.

جو نبيءَ جو چوڻ نٿو مڃي، سو هلاڪت ۾ پوي ٿو. انسان کي مال جي نقصان تي مغموم ٿيڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته اُهو نقصان ان جي جان جو صدقو آهي، ان سبب بلا ٽري وڃي ٿي. هر انسان کي علم غيب جو عطا نه ٿيڻ، ان ۾ به حڪمت الاهي آهي. اگر هر هڪ انسان کي اِهو علم عطا ٿئي ها ته ان تي زندگي وبال ٿي پوي ها، هر وقت غم و الم ۾ رهي ها، تنهن ڪري سچ آهي ته،

 

بيت

الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،

مون تي مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com