سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: روميءَ جون رهاڻيون

باب: --

صفحو :10

 

 

حريص ڳئون

هڪ سرسبز ٻيٽ ۾ هڪ ڳئون رهندي آهي، هن جي عادت آهي ته هوءَ صبح کان شام تائين گاهه چرندي رهندي آهي، سمورو گاهه شام تائين ختم ڪري ڇڏيندي آهي، هوءَ سڄي رات متفڪر رهندي آهي، ته صبوح جو ڇا کائيندس، انهيءَ غم ۾ هوءَ ڳري ڪنڊا ٿي وڃي ٿي. صبوح جو اٿڻ سان وري سرسبز ۽ گاهه سان پر جهنگل ۾ وڃي چرندي آهي ۽ ڏاڍي حرص سان ڪک پن چونڊيندي کائيندي ويندي آهي، تان جو سج لهڻ تائين سمورو گاهه ختم ڪيو ڇڏي، وري صبح تائين کيس ساڳيو روزگار جو فڪر رهي ٿو ۽ صبوح تائين کيس ڳاري ڪنڊا ڪري ٿو.

اهڙي طرح انهيءَ ڳئون کي ڪيئي سال گذري ويا، ته به اهو ويچار نه ڪيائين ته مان ڪڏهن به هيتري وقت ۾ هڪ ڏهاڙو بکي نه رهي آهيان، پوءِ روزگار جو فڪر ڇو ٿي ڪريان… هن حڪايت مان ڪا ڳالهه سمجهو ٿا؟ اچو ته اوهان کي کولي ٻڌايان:

نفس آن گاؤ است آن دشت آن جهان

که همي لاغر شود از خوفِ نان

ڳئون کان مراد، انسان جو نفس آهي، جهنگل هيءَ دنيا آهي، نفس پيٽ جي فڪر ۾ رهي ٿو، نٿو ڏسي ته رزق ڏيڻ وارو رزاق آهي، جو سڀ کي پيو روزي رسائي.

خدا تي ڪامل ڀروسو رکڻ گهرجي، جنهن هيترو وقت ڏنو آهي، اڳتي به اُهو ڏيندو. سدائين سائين کي هيئن چئجي ته:

 

جيڪي منجهه جهان، سو تاريءَ تڳي تنهنجي

لطف جي لطيف چئي تو وٽ ڪمي ڪانه

 

ٻوڙو ۽ بيمار

هڪ ٻوڙي ماڻهوءَ جو ڪو پاڙيسري بيمار ٿي پيو، هُن کان حال پرسيءَ لاءِ سندس گهر ويو، ڇاڪاڻ جو بيمار کان پڇڻ سنت نبوي آهي. دل ۾ هي خيال هوس ته، آءٌ آهيان ٻوڙو، هو ويچارو بيمار به گهڻن ڏينهن جو آهي، سندس آواز به ڪمزور ٿي ويو هوندو سندس ڳالهه ڪيئن سمجهندس، مگر جڏهن سندس چپ چرندا ڏسان، تڏهن سمجهان ته هو هاڻي مون سان گفتگو ٿو ڪري، مان هن کان پڇندس ته، ڇا حال آهي؟ ته هو ضرور چوندو ته، چڱو حال آهي، مان چوندس ته الحمدلله، وري مان پڇندومانس ته دوا ڪهڙي آهي هو چوندو ته فلاڻي فلاڻي دوا کانوان ٿو، مان چوندس سٺي دوا اٿو، وري پڇندوسانس ته طبيب ڪهڙو اٿو، هو ضرور ڪنهن جو نالو وٺندو. مان چوندس هو نهايت قابل آهي، جتي وڃي ٿو اُتي ڪم ٺيڪ ڪري ٿو، مون به هن کي آزمايو آهي. بس اهي سوال و جواب ذهن ۾ وهاري مريض کان حال پرسي ڪرڻ لڳو، ته ڇا حال آهي، هن چيو ته يار مران ٿو، ٻوڙي چيو ته، الله جو شڪر ۽ احسان آهي. هي ٻڌي مريض ڏاڍو ملول ۽ خفي ٿيو… وري ٻوڙي دوا جو سوال پڇيو، هن چيو ته، زهر ٿوکان… ٻوڙي چيس ته نهايت عمدي دوا کائين ٿو، چڱو فائدو ڏيندءِ. مريض وڌيڪ بگڙيو ۽چوڻ لڳو ته هي منهنجو جاني دشمن آهي. ٽيون سوال طبيب متعلق ڪيائين، بيمار چيو ته عزرائيل ٿو دوا ڪريم. هن چيس ته يار واه واه، اِهو اعليٰ حڪيم آهي، جتي سندس پير پوي، اتي خير ٿي وڃي، نهايت سٺو طبيب اٿئيي، مان به هن کي تنهنجي سفارش ڪندس ته توکي جلد مصيبت کان ڇڏائي…

انهيءَ کان پوءِ هو اٿي، پنهنجي گهر آيو، دل ۾ چيائين ته ڏاڍي سٺي نموني سنت نبوي ادا ڪري آيو آهيان، مگر هن کي پنهنجي ٻوڙاڻ سبب ٻئي جي ناراضگيءَ جو پتو نه پيو. سندس هر لفظ مريض کي ڏکوئيندڙ هو، مگر هن يار ته خوشگوار ٿي ڄاتو.

مولانا فرمائي ٿو ته، دنياوي غرضن لاءِ جيڪي عبادت ڪن ٿا ۽ دل ۾ سمجهن ٿا ته اسان هيءَ نيڪي ٿا ڪيون سي سچ پچ هُن ٻوڙي وانگر آهن.

عبادت، عبد ٿي ڪجي، نه ٻين جي ڏيکاءَ لاءِ ڪجي

خدا جي در مٿان هردم نماڻو ٿي نمڻ گهرجي.

 

اعرابي ۽ عالم

هڪ اعرابي اٺ تي ڪجهه سامان لڏيو، واٽ وٺيو پئي ويو ته واٽ سان هڪ مفلس عالم مليس، واٽ تي سندن هيٺين طرح گفتگو ٿي.

عالم صاحب: اي جوان، هنن ڳوڻين ۾ ڇا کنيو ٿو وڃين.

اعرابي: حضرت! هڪ ۾ واري ۽ ٻي ڳوڻ ۾ ڪڻڪ آهي.

عالم صاحب: واري ڇو کنيو وڃين ٿو.

اعرابي: وزن پوري ڪرڻ لاءِ.

عالم: يار تو ته ناحق اٺ تي ايترو بار لڏيو آهي، واريءَ واري ڳوڻ خالي ڪري، هن ڳوڻ مان اڌ انهيءَ ۾ وجهي وزن جو پورائو ڪري ڇڏ.

اعرابي: اي دانا انسان! تو واه جو عقل جي ڳالهه ٻڌائي… افسوس! توجهڙو عقل مند آدمي پيرين مٿي اگهاڙو پنڌ پيو وڃي!… جيترو توکي عقل آهي، مان سمجهان ٿو ته هوندين ته بادشاهه نه ته وزير ته پڪ هوندين…

عالم صاحب: يار! مان نه وزير آهيان ۽ نه بادشاهه فقط معمولي آدمي آهيان، منهنجا هيڻا حال نٿو ڏسين.

اعرابي: تو وٽ ڪيترا اٺ ۽ ٻيو مال آهي.

عالم صاحب: ڪجهه به مال نه اٿم.

اعرابي: چئبو ته دڪاندار آهين.

عالم صاحب: نه، مون وٽ دڪان به ڪونه آهي. تنهن ڪري ماني ۽ ڪپڙي لاءِ به محتاج آهيان.

اعرابي: تو وٽ روڪڙا پئسا ته ضرور هوندا، هت کڻي نه اٿئي ته گهر ضرور رکيا هوندءِ. ڇاڪاڻ ته تون وڏو عقلمند آدمي آهين، ضرور عقل و حرفت سان ڪجهه نه ڪجهه گڏ ڪيو هوندءِ.

عالم صاحب: اي اعرابي ادا، يقين ڄاڻ ته، مون وٽ ڪجهه به نه آهي، مون کي هن عقل و هنر مان ڪجهه به حاصل نه ٿيو آهي.

اعرابي: جڏهن اهڙا تنهنجا حال آهن، ته تون وڏو منحوس آهين، مون کان دور ٿي وڃ، متان تنهنجي بدبختي جو بار مون تي نه پوي، تنهنجي حڪمت تنهنجو علم، تنهنجو عقل منحوس، تون هوڏانهن مان هيڏانهن وڃان ٿو. جيڪڏهن توکي اڳتي وڃڻو آهي ته مان پٺتي وڃان. مون کي منهنجو اِهو عقل ڪافي آهي، ته هڪ ڳوڻ ۾ واري هجي ۽ ٻيءَ ۾ ڪڻڪ، تنهنجي بک مارڻ واري عقل کان بس چڱي آهي…

ايئن چئي هو اٺ هڪلي عالم کان دور ٿي ويو…

”اي رزاق تنهنجي بي نيازيءَ تان قربان! تون نادانن کي، دانائن کان اڳ روزي رسائين ٿو، جيڪڏهن روزي جو مدار عقل تي هجي ها، ته سڀ بيوقوف بک مرن ها، تون سڀني جو روزي رسان آهين، سچ آهي ته:

 

جني ڏاند نه ٻج تني به آسرو تنهنجو،

پوءِ اُڀارين سج، اول ڏيين انهن کي.

 

انسان ۽ رڇ جي دوستي

هڪ وڏو نانگ (ازدها) هڪ رڇ کي وات ۾ ڪيو، غار ڏانهن ڀڳو ٿي ويو، رڇ دانهون ڪري رهيو هو، مسلمان جڏهن ڪنهن کي تڪليف ۾ ڏسندو آهي، تڏهن کيس ارمان ٿيندو آهي. هو بيتاب ٿيندو آهي. هڪ مسلمان کي رڇ جي حال تي ڏاڍو رحم آيو ۽ هن کي ڇڏائڻ جو ارادو ڪيائين، ڪنهن تدبير سان رڇ کي اَزدها جي منهن مان ڇڏايائين. رڇ انهيءَ انسان جو احسان مڃڻ لڳو ۽ سندس غلام ٿي رهڻ لڳو. هو هر وقت هن سان گڏ رهندو هو، جڏهن رات جو سمهندو هو ته رڇ مٿانس پهرو ڏيندو هو. هڪ ماڻهوءَ، کانئس پڇيو ته ڇا سبب آهي، جو رڇ جي توسان هيڏي دوستي آهي. هن چيس ته، مون رڇ کي ازدها کان ڇڏايو، هاڻي هي منهنجو مطيع بڻجي ويو آهي. هُن شخص چيس ته يار، غير جنس ۽ نادان سان سنگت رکڻ چڱي نه آهي، حيوان جي سنگت ڇڏي، انسانن سان الفت رک ورنه انهيءَ جو نتيجو خراب ڏسندين.

هن چيس ته هل ڙي يار هل! تنهنجي نصيحت مون کي ڪانه ٿي گهرجي… هو ويچارو هن جو اهڙو رکو جواب ٻڌي ويندو رهيو…

هڪ ڏينهن جهنگل ۾ مسلمان ستو پيو هو ۽ رڇ ڀرسان ويٺو هوس. هڪ مک مسلمان جي بت تي اچي ويٺي، رڇ ان کي هڪليو، مگر مک ضد ڪري هر هر هِن جي بت تي ويهڻ لڳي، آخر رڇ ڪڪ ٿي پيو ۽ هڪ وڏو پٿر کڻي مک کي مارڻ لاءِ تيار ٿيو. مک به انسان جي نڪ تي وڃي ويٺي. رڇ به پٿر کڻي مک کي هنيو، مک ته اڏامي وئي پر هن کي اهڙو ڌڪ لڳو، جو هن جو مٿو پرزا پرزا ٿي ويو ۽ هو مري ويو. سچ چيو اٿن ته، نادان دوست کان دانا دشمن ڀلو آهي.

نادان دوست، دشمن کان به خراب آهي، جنهن جا هم نشين نادان ۽ بُرا هوندا، اُهو آخر تباهه ٿي ويندو.

 

شعر

چڱن ساڻ رهه ٿي سدا هم نشين

ته پوندين چڱو ٿي ادا بااليقين

 

سپاهي ۽ واٽ ۾ ستل مسافر

هڪ سپاهي پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿيو، رستو وٺيو پئي ويو، ڏٺائين ته رستي ۾ هڪ انسان غافل ٿيو ستو پيو آهي. ننڊ ۾ سندس وات کُلي ويو آهي ۽ هڪ ننڍو نانگ، ڊڪندو هن جي وات کي ڏرڙ ڄاڻي، اُن ۾ گهڙي ويو. سوار دل ۾ سوچيو ته، هن جو نانگ ٻاهر ڪيئن ڪڍجي؟ آخر هن کي دل ۾ هڪ رٿ آئي، گهوڙي تان لهي، هن نادان کي ٻٽي ڌڪ وهايائين، هو جاڳي اُٿي ڀڳو، ڀرسان صوفن جا وڻ هئا، اتي وڃي لڪو، سوار به هن کي اچي پهتو، ۽ چيائين ته اي نادان هيٺ جي صوف ڪريا پيا آهن، سڀ کاءُ نه ته تلوار سان ڪم پورو ڪري ڇڏيندو سانءِ. هي ويچارو خوف کان صوف کائڻ لڳو ۽ تمام گهڻا صوف کاڌائين. هن بس ٿي ڪئي، سپاهي زور ڪري ٿي کارايس، جڏهن معدي ۾ ڪابه گنجائش نه رهيس، تڏهن سپاهي چيس ته هاڻي منهنجي گهوڙي اڳيان تکو ٿي ڊوڙ، نه ته تلوار سان سر ڌڙ کان ڌار ڪندو سانءِ.

هي شخص گهوڙي اڳيان ڊوڙڻ لڳو، سهڪي پيو ڪٿي ٿورو بيٺو ٿي ته، سپاهي ٺڪاءُ ٿي چهبڪ ڪرايس آخر هو ڊڪي ڊڪي ٿڪو ۽ بيهي هٿ ٻڌي عرض ڪيائين ته حوالدار صاحب! مون ڪا چوري به ڪانه ڪئي آهي نه ڪو ڏوهه ڪيو اٿم، مون کي ڪهڙي جرم ۾ ههڙي سزا ڏيو ٿا، سپاهي وري ٻٽي ڌڪ هنيس ۽ ڊڪڻ لاءِ تاڪيد ڪيائينس. هو ويچارو ڇا ڪري! وٺي ڊوڙيو اتي سند دل ڪچي ٿيڻ لڳي ۽ قي ڪرڻ لڳو. قي ڪري ڪري ساڻو ٿي پيو، آخري دفعي زور سان قي ڪيائين ته، نانگ نڪري ٻاهر ٿيو… جڏهن هن نانگ ڏٺو، تڏهن سمجهه ۾ آس ته سپاهي مون کي ڇو ٿي ماريو… سوار جو دل و جان سان شڪريه ادا ڪيائين ۽ کيس دعائون ڏنائين. چيائين ته، جيڪا تو سختي مون تي ڪئي، اُها سچ پچ تنهنجي مهرباني هئي.

پيءُ ماءُ ۽ استاد جيڪا ٻارن تي سختي ڪندا آهن، حقيقت ۾ اُها سندن مهرباني آهي.

”جورِ استاد به از مهر پدر“

مگر ناسمجهه ٻار انهن کي برو ڄاڻندا آهن، سعادت مند ٻار اُهو آهي، جو انهن جي سختي سهي ۽ سندن فرمان ۾ رهي ڇاڪاڻ ته:

 

دشمني عاقلان زين آسان بود

زهر ايشان ابتهاج جان بود

 

بيت

سختي سچارن جي اڪثر اوجاري،

ماري يا کاري، الفت اڻ ڄاڻن جي.

 

”مان“ رکندڙ عاشق

هڪ ويچارو عاشق، پنهنجي معشوق جي دروازي تي پهچي دروازو کڙڪائڻ لڳو. اندران آواز آيو ته ڪير آهين؟ عشق عرض ڪيو ته ”مان آهيان“ اوهان جو غلام، باچشم گريان، سينه بريان، حاضر ٿيو آهيان، ته توهان جي ديدار فرحت آثار سان، بيقرار دل کي قرار ڏيان.

معشوق جواب ڏنو ته، منهنجي دوستن ۾ ”مان“ وارو ڪونه آهي. انهيءَ ”مان“، منجهان غرور جي بانس پئي اچي، تون اڃا ”مان“ ماري پختو نه ٿيو آهين، وڃي آتش هجر ۾ پاڻ کي پچائي پڪو ڪري، ”مان“ کي ماري اچ… ويچارو عاشق صادق سال تائين، فراقِ يار ۾ حيران و سرگردان رهيو ۽ وري اچي معشوق جو دروازو کڙڪايائين.

بانگ زد يارش که بردر کيست آن،

گفت بر درهم توئي اي داستان.

اندران آواز آيو ته ڪير آهين، عاشق چيو ته بس تون ئي آهين. ٻيو ڪير آهي؟ معشوق هي ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي اندر گهرايائين ۽ چيائين ته، يار! معاف ڪج، هاڻي تون ۽ مان هڪ آهيون.

چون يکي باشد هم نبود دوئي

هم سني بر خيزد آنجا هم توئي

نيست سوزن را سر رشته دوتا

چونکه يڪتائي درين سوزان در آ

بيت

ڀانئڻ جي ڀائين، سي ڪڏهن ملنديون ڪين ڪي

 

چور ۽ مالهي

هڪ چور هڪ باغ ۾ انب جي وڻ تي چڙهي ان کي اهڙو ڌوڻيائين جو سڀ انب هيٺ اچي ڪريا. اتفاق سان باغبان به اتي پهچي ويو ۽ چور کي چيائين ڪجهه خدا جو به خوف ڪرڻ گهرجي! توکي آخر مرڻو آهي، وري حساب ڪتاب لاءِ قيامت ۾ به هلڻو اٿئي. خدا کي ڪيئن منهن ڏيکاريندين. چور چيو ته تون ڪير آهين؟ هي باغ خدا جو آهي، مان خدا جو بندو آهيان، هُو کارائي ٿو ته مان کان ٿو، هن جي حڪم کان سواءِ وڻ جو پن به نٿو چري، مون سان اِهي جاهلاڻه ڪلام نه ڪر، تو ۾ ته عقل جو ذرو به ڪونه آهي. باغبان دل ۾ سوچيو ته، چور ته وڏو ڪو منطقي آهي، مان به هن کي اهڙو جواب باصواب ڏيان جو عمر ۾ ڪنهن نه ڏنو هوندس.

باغبان چيس ته، يار هيٺ لهي اچ، تو چيو آهي سچ، تنهنجي سنگت ۽ صحبت، مون لئي ٿيندي غنيمت.مدت پڄاڻ تو جهڙو بزرگ مليو اٿم، بس تون منهنجو مرشد، آءٌ تنهنجو مريد، مون کي راهه نجات ڏيکار!! چور هيٺ لهي آيو، باغبان يڪدم کيس پڪڙيو ۽ هڪ وڻ سان کيس جڪڙيو، پهريائين مڪن جي مار ڏنائينس، پوءِ وري لٺيون هنيائينس… ان تي هن وٺي دانهون ڪيون ته خدا جي نالي مون کي نه مار…

تنهن تي باغبان چيس ته ايتري ۾ پنهنجو منطق ڀلجي وئين؟ ڇا هيءَ لٺ خدا پيدا نه ڪئي آهي؟ ڇا توکي مارڻ وارو هٿ ۽ جسم خدا پيدا نه ڪيو آهي؟ تون ناحق منهنجي گلا ڪرين ٿو ۽ مون تي ڏوهه ڌرين ٿو هي تنهنجو فرياد جاهلانه آهي.

چور چيو ته، معاف ڪر! مون اجائي بڪواس ڪئي، مون کي آزاد ڪر اڳتي ائين نه ڪندس.

جيڪي ماڻهو گناهه ڪن ٿا ۽ چون ٿا (معاذالله) ”هي به خدا جي طرفان آهي“ سي يهودي بات بڪن ٿا. انسان فاعل مختار آهي، جو ڪجهه ڪري ٿو ان جو پاڻ ذميوار آهي، خدا ان کي عقل ڏنو آهي، ته سمجهي سوچي قدم کڻي.

شعر

درجهان تون اي ميان کڻ سوچ سان پنهنجو قدم

جو قدم سمجهي نه کڻندو سو ته سهندو درد غم

 

ٽي چور ۽ هڪ باغائي

هڪ باغائي ويچاري کي پتو ئي نه پوندو هو، ته ڪير ٿو باغ مان ميوا چورائي کائي وڃي… هڪ ڏينهن هن اوچتو ٽي چور ڏٺا، ٽئي ننڍا نينگراٽ هئا. هڪ سيد زادو، ٻيو قاضي جو پٽ ۽ ٽيون صوفي جو فرزند هو. باغائي دل ۾ سمجهيو ته هي آهن ٽي مان هڪ ڄڻو، ڪيئن هنن سان پُڄان. هڪ جو آهي ٽن سان مقابلو، سٿرو ناهي معاملو، ڪجي ڪو حيلو وسيلو.

باغبان هنن جي ويجهو ويو ۽ چوڻ لڳن ته صاحبزادا! سلام ٿئي، منهنجا وڏا نصيب آهن، جو هت قدم ڀري آيا آهيو، بس منهنجي باغ کي برڪت سان ڀرپور ڪَيَوَ. صوفي صاحب! توهان منهنجي گهر وڃو اُتان تڏو فراسي کڻي، وڇايو ان تي ويهي، ميوا کائو ۽ گلن مان گلدستا بنايو. هن جي وڃڻ کان پوءِ باقي ٻڻ کي چيائين ته، توهان ته منهنجا سائين آهيو، صوفي جو ڪهڙو حق آهي، جو ميوا کائي ۽ گل وڇائي. اِهو ٻڌي هو ٻئي ڄڻا خوش ٿيا، ته باغائي اسان ٻنهي تي مهربان آهي، صوفي سان جيڪي وڻيس سو ڪري.

باغائيءَ پوءِ صوفيءَ کي وڃي چهٽيو، خوب مار ڏنائينس ۽ چيائينس ته ٻڌاءِ ته: ڪهڙي تصوف جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، ته پرائو مال کائجي…

باغائي موٽي ٻنهي وٽ آيو ۽ سيد زادي کي چيائين ته شاهه صاحب! توهان ذرا تڪليف ڪري، منهنجي گهر تائين وڃو ۽ کاڌو تيار ڪرائي اچو ته هت ويهي موج سان کائون… سيد صاحب ويو ته، باغبان قاضي جي پٽ کي چيو ته، توهان ته عالم آهيو، عالم انبياءَ جا وارث آهن، توهان جي عزت ڪرڻ مون تي واجب آهي، مگر هو سيد صاحب ته الاجي ڪير آهي، جيڪو ٿو اُٿي سو ٿو علي ۽ محمد ﷺ جن جي اولاد مان پاڻ کي سڏائي…

قاضي زادي دل ۾ ڄاتو ته باغائي سچ ٿو چوي، اڄ سڀڪوئي پير پاڻ کي سيد سڏائي. باغائي هن کي باغ ۾ ڇڏي سيد زادي وٽ پهتو ۽ کيس چوڻ لڳو ته، توکي ڪنهن چيو ته باغ ۾ اچ.

گفت اي خر اندرين باغت که خواند

دزدي از پيغمبرت ميراث ماند

ٻڌاءِ، ڇا تنهنجا وڏا چور هئا؟ تون چوندين ته، نه هو چور نه هئا، پوءِ ٻڌاءِ ته تو چوري ڪنهن کان ورثي ۾ ورتي آهي … ٻڌاءِ تنهنجي ڪهڙي ڳالهه، محمد ۽ عليءَ سان ملي ٿي اچي؟… ڇا سيّد زادن کي واجب آهي ته ٻين جو مال چوري ڪري کائين؟ باغائي ايترو چئي سيد زادي کي چڱي چپيٽ ڏني.

باغبان پوءِ وري هن قاضي زادي ڏانهن آيو ۽ چيائينس ته ڪهڙي فقه جي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته پرائو مال چوري ڪري کائجي، ڪنز ۽ هدايه مان جواب ڏي ته پراوا ميوا کائڻ جائز آهن…

بس ايئن چئي، ڏنڊن جو وسڪارو ڪيائينس، قاضي جو پٽ چوڻ لڳو ته، ڀلي مار توکي مارڻ جو حق آهي.جيڪو پنهنجي دوستن سان بيوفائي ٿو ڪري، ان لاءِ اها سزا واجب آهي. مون کي هن کان سو دفعا وڌيڪ سزا ملي ته به جائز آهي، ڇاڪاڻ جو مان دوستن کي ڇڏي، دشمن جي ڳالهه تي اعتبار ڪيو. مطلب ته باغبان هنن کي چڱي چٿ ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

شعر

بري کي ڏئي ڇڏ برائي جي سيکت

چڱن ساڻ رک تون چڱي چال چلت

 

سونارو ۽ پوڙهي

هڪ سوناري وٽ هڪ پوڙهي آئي، چيائينس ته ابا! مون کي ڪانٽو ڏي ته گهران سون ذرو توري آڻي ٿي ڏيانءِ، سوناري چيو ته امان! مون وٽ ڇاڻي ڪانه آهي. پوڙهي چيس ته پٽ مون کي ڪانٽي جي درڪار آهي ۽ نه ڇاڻي جي. سوناري چيس ته مون وٽ ٻهارو ڪونه آهي، گهر پيو آهي. پوڙهي ڪاوڙ مان چوڻ لڳس، ته تون مون سان چرچا ٿو ڪرين ڇا؟ توکي خدا جو خوف ڪونه ٿو ٿئي، اُهو هر ڳالهه تي قادر آهي، توکي مون جهڙو ڪمزور ڪري وجهي ۽ تنهنجي جواني مون کي ڏئي ته به ڪري ٿو سگهي. جيڪڏهن تون ٻوڙو آهين، ته مان باآواز بلند توکي چوان ٿي، ته مون کي ڪانٽو ڏي ڪانٽو… سوناري چيس ته امڙ! مون پهرين ئي سمجهو آهي ته، توکي ڪانٽو کپي، مگر حقيقت هي آهي ته توکي هٿ ۾ سون جا ذرڙا آهن، پر ڪمزوري سبب تنهنجا هٿ ڏڪن ٿا، تون جيئن سون تورڻ لاءِ ڪانٽي جي پڙ ۾ وجهندينءَ تيئن سون ڪري پوندو هيٺ، وري ضرورت ٿيندي ٻهاري جي، جنهن سان مٽي ميڙي گڏ ڪرڻي پوندي، وري اها مٽي جڏهن ڇاڻيءَ ۾ ڇاڻبي تڏهن سون جا ذرا لڀندا… تنهن کان سواءِ مون کي چوندينءَ ته پٽ! اچي ڏس ته سون جا ذرا اڃا مٽي ۾ رهجي ته نه ويا آهن… مون کي ايتري فرصت نه آهي، جو اهو تنهنجو بکيڙو ويهي نبيريان، مون کي معاف ڪر، مون وٽ ڪانٽو ڪونه آهي.

عقلمند انسان جو ڪم آهي، ته ڪوبه ڪم ڪري ته ان جي نتيجي جو اڳ ۾ ئي ويچار ڪري.

 

هرکه اول بين بود اعميٰ بود

هرکه آخر بين چه بامعنيٰ بود

عاقبت بينان بوند اهل رشاد

ور نگرد الله اعلم بالسداد

 

شعر

ٿئي ٿو بشر دور انديش جو

نه کائي ٿو دوکو ڪهين ڪم ۾ سو

 

ٽرڙو پهلوان

اهل قزوين ۾ هي برو رواج هو ته جسم تي نقش و نگار ڪڍرائيندا هئا. اُتان جو هڪ پهلوان حجم وٽ ويو، ان کي چيائين ته منهنجي بدن تي تصويرون ڪڍ. هن چيو ته، ”ڇا جي تصوير ڪڍان“ پهلوان چيو ته، مان شير پهلوان آهيان، منهنجي طالع جو ستارو به اسد آهي، تنهن ڪري شينهن جي تصوير ڪڍ.

حجم سُيون کڻي جيئن ڏينڀوڙيون هڻي تصوير ڪڍڻ لڳس، تيئن ايذاءَ سبب هو چوڻ لڳو ته ڏاڍو عذاب ٿو اچي، تو ته ماري وڌو… حجم! ٿورو ترس، ٻڌاءِ ته شير جو ڪهڙو عضوو چٽي رهيو آهين؟ حجم چيس ته، صاحب! شينهن جو پڇ بڻائي رهيو آهيان، تون ايتري قدر بيقرار ڇو آهين؟ هُن چيو ته مون ۾ ايتري برداشت جي طاقت ڪانه آهي، چڱو پڇ نه ٺاهينس، شينهن بنا پڇ جي ئي بهادر هوندو آهي. حجم وري سُئي هينس ته هو وري چيچلائي چوڻ لڳو ته استاد! هاڻي ڪهڙو عضوو ٺاهينس ٿو. تنهنجي سُئي آهه، يا نشتر مون کي ماري ٿو وجهين. حجم چيس ته صبر ڪر، هاڻي مان شينهن جا ڪن بڻائي رهيو آهيان. پهلوان چيس ته يار! خبر نه اٿئي ته ڪتي جا ڪن وڍيا ويندا آهن، ته هو وڌيڪ بهادر ٿيندو آهي، تنهن ڪري تون به اهڙو شينهن ٺاهه جنهن کي ڪن نه هجن… حجم وري اڳتي ڪم شروع ڪيو ته وري پهلوان دانهن ڪندي پڇيو ته هاڻي ڇا بڻائي رهيو آهين ميان! هن چيس ته پيٽ… پهلوان چيو ته جيڪڏهن شينهن بنا پيٽ جي ٺهي پوي ته ڇا حرج آهي؟ نائي هن جون بزدلانه ڳالهيون ٻڌي، سُئي ڇڏي ماٺ ڪري ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته يار تون! ڪو ڏاڍو بزدل آهين، تو ڪڏهن ڏٺو يا ٻڌو به آهي ته، ڪو شينهن، بنا پڇ، ڪنن ۽ پيٽ جي هجي. تون سُئي جي چهنب کان ڊڄين ٿو ۽ چوين ٿو آهيان ”شير“ بهادر! متان انهيءَ حالين جنگ جي ميدان ۾ پير پائين!

انسان کي گهرجي ته پهريائين، پاڻ کي آزمائي پوءِ ميدان ۾ پير پائي، جيئن وقت تي شرمندو نه ٿيڻو پويس.

 

چون نداري طاقت سوزن زدن

از چنين شير ڙڙيان بس دم مزن

اي برادر صبر کن بر درد نيش

تا رهي از نيش قفس کبر خويش

 

اڳ ۾ پنهنجي پاڻ کي تون آزماءِ

اي ادا! ميدان ڏي پوءِ وک وڌاءِ

 

بزدل هٿياربند نوجوان

هڪ هيبتناڪ جوان، نيزي، تلوار، ڍال ۽ تير سان آراسته، هڪ اصيل گهوڙي تي سوار ٿيو، جهنگ ڏانهن پئي ويو. واٽ تي هڪ پيادو ڏٻرڙو ڪمزور پوڙهو گڏيس، جنهن کي سواءِ تير و ڪمان جي ٻيو ڪجهه به نه هو. هن پيادي کي خوف ٿيو ته متان اِهو سوار مون تي حملو ڪري، منهنجو ڪم تمام ڪري مون کي قتلام ڪري، تنهن ڪري هن تير ڪمان ۾ وجهي، سوار تي ڪمان سڌي ڪئي. سوار اهو حال ڏسي ڊڄي، رڙ ڪري چوڻ لڳو ته،

”وجهي ڪان ڪمان ۾ ميان مار مَ مون“

خدا جي واسطي مون کي نه مار، مون کي ٿلهو متارو ڏسي خوف نه ڪر، مان ڪراڙي عورت کان وڌ ڪمزور آهيان. تنهن تي پيادي چيس ته، چڱو جو بروقت دانهن ڪيئه نه ته تير سان تنهنجو ڪم لاهي ڇڏيان ها، اي نوجوان! جڏهن تون هٿيار هلائڻ نٿو ڄاڻين، تڏهن پنهنجي بت تي انهن جو بار ڇو کنيو اٿئي. وڃ گهر وڃي اِهي لاهي رک ورنه هڪ ڏينهن تنهنجا هٿيار توتي وهندا. تون شڪر ڪر جو تنهنجي جان بچي آهي.

چونکه مردي نيست خنجرها چه سود

چون نباشد دل ندارد سود خود

جو ماڻهو هٿيار هلائي نه ڄاڻي انهيءَ کي هٿيار رکڻ ئي نه گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com