بڇڙي
آواز وارو بانگو
هڪ بانگ ڏيندر، مگر بد آواز هوندو هو، هن جو
ڪڙڪيدار آواز ماڻهن کي ڏڪائي ڇڏيندو هو. هو رات جو
جڏهن بلند آواز اذان ڏيندو هو، ته ٻڌڻ وارن جي ننڊ
حرام ٿي ويندي هئي. مٿي ۾ سور پئجي ويندو هونِ.
ننڍا ٻارڙا ته ڇرڪ ڀري ڊڄي ويندا هئا. پاڙي وارا
ته هن کان سخت متنفر هئا. آخر تنگ ٿي پاڻ ۾ صلاح
ڪيائون ته هن کي ڪنهن بهاني سان هتان ڪڍجي پاڻ ۾
چندو گڏ ڪري، گهڻائي رپيا هن جي حوالي ڪري چيائونس
ته، حضرتا توهان گهڻي ئي ديني خدمت بجا آندي آهي،
هاڻي ڪجهه عرصو آرام ڪريو، قافلو مڪي معظم ڏانهن
وڃي رهيو آهي، توهان به ان سان گڏ حج روانا ٿيو…
مؤذن صاحب حج ڏانهن روانو ٿي ويو، واٽ ۾ هڪ ڳوٺ
آيو، جنهن ۾ ڪافر گهڻي انداز ۾ رهندا هئا، مؤذن
صاحب ڀلا ماٺ ڪرڻ وارو ڪٿي هو، وچ ڳوٺ ۾ بيهي بانگ
ڏنائين، هن پنهنجي دل ۾ ايئن ٿي سمجهيو ته مان وڏو
خوش آواز آهيان… جڏهن هو بانگ ڏئي پنهنجي جاءِ تي
ويو ته ٿوريئي وقت بعد هڪ مجوسي ڪجهه مٺائي، ڪپڙا
۽ رپيا کڻي تلاش ڪندو، قافلي ۾ اچي نڪتو ۽ ماڻهن
کان پڇڻ لڳو ته اُهو صاحب ڪٿي آهي، جنهن بانگ ڏني
هئي… ماڻهن چيس ته، ڇو؟ ان ۾ ڪهڙو ڪم اٿئي. هن چيو
ته مان سندس شڪر گذار آهيان هي نذرانه سندس لاءِ
آندو اٿم، سڀئي ماڻهو حيران ٿيا ته هي يار به ڪو
بودلو آهي، جو ههڙي بد آواز ماڻهوءَ جي آواز تي
مست ٿي، کيس نذرانو ڏيڻ آيو آهي. مگر مجوسي چين ته
يارو حيرت ۾ نه پئو، ڳالهه هي آهي ته منهنجي ڌيءُ
کي اچي خيال ٿيو ته مان اسلام قبول ڪريان، مون ۽
ٻين هن کي گهڻوئي سمجهايو، مگر اسلام جي محبت هن
جي دل ۾ جائگزين ٿي وئي هئي، جنهن کان مان ڏاڍو
منجهي پيو هوس، مگر اڄ جڏهن اوهان جي هن بد آواز
ملان بانگ ڏني، تڏهن هن پڇيو ته اِهو ڇاهي؟ مون ۽
ٻين هن کي ذهن نشين ڪيو ته، اِها اسلام جي بانگ
آهي، جا پنج وقت ڏيندا آهن. ڇوڪريءَ جي دل تي ملان
جي بڇڙي آواز جو اهڙو ته اثر پيو جو هو اسلام کان
باغي ٿي وئي. بس اي مؤذن آءٌ تنهنجو شڪر گذار
آهيان، جو تو منهنجي ڇوڪري کي مشرف باسلام ٿيڻ کان
بچائي ورتو …
اڄڪلهه جا مسلمان جنهن نموني سان هلي رهيا آهن
انهيءَ کان ٻيون قومون بجائي محبت جي نفرت ڪنديون
رهن ٿيون.
حضرت لقمان ۽ خواجه
لقمان حڪيم رنگ جو ڪارو، مگر عقل جو روشن هو. ان
وقت جي دستور موجب، هو هڪ لڙائي ۾ گرفتار ٿي، غلام
بڻجي وڪامندو وڪامندو، هڪ تاجر وٽ آيو. هن کي اِها
خبر نه هئي ته، هيءُ ڪو لقمان حڪيم آهي. کيس گاري
جي ڪم تي مقرر ڪيائين. هڪ دفعي تاجر پنهنجي سڀني
غلامن کي چيو ته، باغن مان وڃي ميوا چونڊي اچو.
هنن شريرن ڇا ڪيو جو، ميوا چونڊي کائي پنهنجو ڀڀ
ڀري ويهي رهيا، مگر پنهنجي آقا تاجر کي چيائون ته،
لقمان سڀ ميوا اسان کان کائي ويو آهي. تاج ڏاڍو
ڏمريو، ان تي لقمان باادب عرض ڪيس ته، آقا! جي
ميوا کائڻ مون تي ثابت ٿين ته مان بيشڪ اوهان جي
وڏي ۾ وڏي سزا جو لائق آهيان. مان اوهان کي هڪ
تدبير ڏسيان ٿو. جيڪڏهن ان تي عمل ڪندا ته چوري
ظاهر ٿي پوندي. تاجر چيو ته اُها ڪهڙي رٿ رٿي
اٿئي؟ لقمان چيو ته، سائين پاڻيءَ ۾ ٿوم جو ڳنڍو
وجهي، ان کي گرم ڪري، اهو گرم پاڻي اسان سڀني
غلامن کي پيار، ٿوري ويرم بعد سڀني کي الٽي ٿيندي،
جنهن جيڪي کاڌو هوندو، سو نڪري نروار ٿيندو… بس
پوءِ چور چور ٿيندا ڀاڳيا ڀاڳيا ٿيندا… لقمان جي
اِها رٿ سندس آقا تاجر کي پسند آئي تنهن ڪري
پاڻيءَ ۾ ٿوم وجهرائي پاڻي گرم ڪرائي هر هڪ کي
پياريو… پاڻي پيارڻ سان سڀني غلامن کي الٽي شروع
ٿي. لقمان کان سواءِ سڀني غلامن جي ڀڀن کان تازا
کاڌل ميوا نڪري پيا. آقا سڀني غلامن کي جوڳي سز
اڏني ۽ لقمان کان معافي ورتائين، ۽ کيس چيائين ته
آئينده منهنجي گهر جو سارو انتظام تنهنجي مٿي تي
آهي، تون ئي سفيد و سياهه جو مالڪ آهين، مان ڪجهه
دخل نه ڏيندس.
جهڙي طرح لقمان جي حڪمت سان چوري کاڌل ميوا پيٽ
مان ظاهر ٿيا، تهڙي طرح روز جزا به سڀني جي پيٽ
مان حرام و حلال جو کاڌل پيٽ مان نڪري نروار
ٿيندو. هيءَ ته موليٰ مهربان، عالم الغيب جي،
ستاري ۽ مهرباني آهي، جو اسان کي رسوا نٿو ڪري،
ورنه اسان جا سمورا حال ۽ افعال هن کي ذري پرزي
معلوم آهن.
ستر ڪر ستار، اسين اگهاڙا آهيون
ڍڪج ڍڪڻهار، ڏئي پاند پناهه جو
حضرت لقمان ۽ ڪَوڙو گدرو
گردش ايام سبب لقمان هڪ غلام ٿي وڪاڻو، مگر هو
پنهنجي دانائي ۽ حڪمت سان، پنهنجي آقا کي پنهنجو
غلام بنائي چڪو هو، سندس آقا تيستائين نه کائيندو
هو جيستائين، لقمان کيس کائڻ لاءِ نه ڏيندو هو.
جڏهن هو کائيندو هو، تڏهن اڳ ۾ لقمان کي کارائيندو
هو پوءِ پاڻ کائيندو هو. هو فخر سان چوندو هو ته
آءٌ لقمان جو، اوبر کائيندڙ آقا آهيان. هڪ ڏينهن
ڪو ماڻهو، لقمان جي مالڪ وٽ هڪ گدرو بطور سوغات
کڻي آيو، آقا دستور موجب اول هڪ ڦاڪ ڪپي لقمان کي
ڏني، لقمان کاڌي ته آقا وري ٻي ڏنس اهڙي طرح سڀ
ڦاڪون لقمان کي کارائيندو ويو، باقي هڪ ڦاڪ
پڇاڙيءَ واري پنهنجي وات ۾ وڌائين. جيئن ته گدرو
تمام ڪوڙو هو، تنهن ڪري چکندئي کيس ٻاهر ڦٽي
ڪيائين… مالڪ لقمان کي چيو ته، مان حيرت ۾ آهيان
ته تون هي ڪوڙو زهر جهڙو گدرو کائيندو رهئين، مگر
ايئن نه چئي ته هي کائڻ جهڙو نه آهي …
لقمان چيو ته، حضور! توهان مون کي خوشيءَ سان
ڏيندا ويا، آءٌ کائيندو رهيس، اوهان جو هٿ ڪيئن
موٽايان ها. تنهن کان سواءِ توهان جي مبارڪ هٿن
سان ڪيئي مٺيون ۽ لذيذ چيزون کائي چڪو آهيان تنهن
ڪري واجب نه ڄاتم ته توهان جي هٿ سان ڏنل ڪوڙي شي
کائڻ کان انڪار ڪريان. انسان الله تعاليٰ جي ڏنل
هزارها نعمتن مان مستفيد ٿئي ٿو، جيڪڏهن هو ڪنهن
هڪ تلخيءَ کان شڪايت ڪري ته ان کي حيف آهي.
بيت
پريان سندي پار جي مڙئي مٺائي
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري
حضرت بايزيد ۽ نامراد مريد
حضرت بايزيد بسطامي رحمت الله عليه هڪ رات
بيخوديءَ جي عالم ۾ چيو ته، ”لااله الا انا
فاعبدون“ يعني ته آءٌ خدا آهيان، منهنجي عبادت
ڪريو، صبوح جو مريد عرض ڪيو ته ”قبلا رات اوهان هي
ڪهڙا ڪلما ڳالهايا، حضرت کين چيو ته، ٻيهر جڏهن
اهڙا لفظ منهنجي واتان نڪرن ته هڪدم منهنجو سر ڌڙ
کان ڌار ڪري ڇڏجو، هڪ دفعي وري بايزيد سڳوري تي
ساڳي طرح بيخودي جي حالت طاري ٿي.
عشق آمد عقل او آواره شد
صبح آمد شمع او بيچاره شد
عقل خود شنحه است چون سلطان رسيد
شحنه بيچاره در کنجي خزيد
عشق غلبو ڪري ٿو، عقل گم ٿي وڃي ٿو، عقل جو
ٿاڻيدار، عشق جي بادشاهه اڳيان ڪٿي ٿو بيهي. عالم
بيخودي ۾ وري بايزيد جي واتان نڪتو.
نيست اندر مجبه ام الا خدا
چند جوئي در زمين و در سما
اهي الفاظ ٻڌي، سڀئي مريد ڇرين سان، بايزيد بزرگ
تي پلٽجي پيا، چوطرف مٿس حملو ڪري ڏنائون مگر خدا
جي قدرت ته بزرگ سڳوري کي ته ڪجهه ڪونه ٿيو باقي
مريد ڪيترا ڦٽجي پيا ۽ ڪيترا مري پيا، جنهن مريد
بزرگ کي ڄنگهه ۾ ڇري ٿي هنئي ته ڄنگهه ان مريد جي
ٿي لٿي، جنهن شيخ کي سسي تي ڌڪ هنيو ته سسي وري
سندس وڍجي ٿي وئي الغرض سڀئي مريد هڪ ٻئي جي هٿان
مري چڪا سندن خون سان فرش رنگين ٿي ويو هو. صبوح
ٿيو ته مقتولين جا وارث اچي مڙيا ۽ چوڻ لڳا ته هي
ڪهڙا نه نادان هئا، جيڪڏهن شيخ جو جسم به عام
ماڻهو وانگر هجي ها ته وڍجي وڃي ها…
جيڪو شخص الله وارن بزرگن تي حملو ڪري ٿو، اُهو
خود پنهنجي هٿان پاڻ مري ٿو، مگر درويشن جو ڪجهه
به نٿو بگڙي، بزرگان دين آئينه وانگر آهن، جنهن کي
اُهي سٺا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اُهي خود چڱا آهن، مگر
جيڪي پاڻ ئي بُرا آهن، تن کي هو درويش برا ڏسڻ ۾
اچن ٿا.
الله وارن سان گستاخي ڪندڙ ۽ حملو ڪندڙ خود پاڻ کي
نقصان رسائين ٿا.
بيت
وجهي ڪان ڪمان ۾ ميان مار مَ مون
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي
وفا جو امتحان
مصر ۾ هڪ الله جو پيارو ولي ”ذوالنون“ مصري پنهنجي
وقت جو امام ۽ قطب ٿي گذريو آهي، هڪ دفعي بيخودي
۾، گريبان چاڪ ڪيائين، جبو ۽ دستار لاهي ڇڏيائين
تسبيح ڇني ڇڏيائين، مدرسه ۽ خانقاهه ڇڏي، بازار ۾
ڀٽڪڻ لڳو. انهيءَ سندس روش کان ماڻهو تنگ اچي،
بادشاهه وٽ شڪايت ڪرڻ لڳا، جنهن مجبور ٿي، ذوالنون
کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن کيس قيدخانه ڏانهن
وٺي ويا، تڏهن سندس مريد سعيد ۽ شاگر رشيد، رئندا
رئندا، سندس پٺيان جيل ڏانهن هلڻ لڳا. هو چوڻ لڳا
ته، ههڙي ڪامل ولي تي ههڙو غلبو ٿيڻ، انهيءَ ۾ به
ڪو راز آهي. خلقت سندس وقت ضايع ڪندي هئي. تنهن
ڪري پاڻ کي چريو بنائي يکسوئي ۽ خلوت لاءِ اهو
حيلو ڪيو اٿس…
آخر انهن مان ڪي، ادب کي بالائي طاق رکي، چوڻ لڳا
ته حضرتا! اسان اوهان جا صادق ۽ محب دوست آهيون،
اسان کي مهرباني ڪري ٻڌايو ته هي جو رنگ رچايو
اٿو، انهيءَ ۾ ڪهڙو راز آهي. بزرگ دل ۾ سوچيو ته
هي منهنجو دلي راز فاش ڪرڻ ٿا گهرن. ڇو نه هنن جي
وفاداري ۽ محبت جو امتحان وٺان، اهو پهه پچائي،
ڪنهن کي پٿر هنيائين ڪنهن کي لت وهايائين، ڪنهن کي
لٺ وهايائين بس جنهن کي ڌڪ لڳو ٿي، سو پوئين پيرين
ڀڳو ٿي، نه رڳو اُهي مگر ٻيا مريد به وٺي ڀڳا، هنن
کي ڀڄندو ڏسي حضرت ذوالنون ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو ۽ چوڻ
لڳو ته هي آهن منهنجا وفادار مريد ۽ دوست! ٻين
ماڻهن کي چوڻ لڳو ته هنن جي وفا ۽ صداقت ڏٺوَ،
هاڻي هنن جي وحشت ۽ دغا به ڏسو.
سون جي خبر ڪسوٽي مان پوندي آهي، دوست جي خبر
مصيبت ۾ پوندي آهي:
ني نشانِ دوستي شد سرخوشي
دربلا و محنت و آفت کشي
سچ چيو اٿن ته:
دوست سڏائي سڀڪو جاني زباني
آهي آساني ڪم پئي ٿي ڪل پوي
شيخ احمد جي سخاوت
شيخ احمد حضرويه رضه جهان رسيده بزرگ ۽ دريا دل
درويش هو. غريبن جي امداد ڪرڻ وقت، قرض کڻڻ کان به
نه ڊڄندو هو. جڏهن ڪجهه هٿ ايندو هوس ته پائي پائي
ڪري ڀري ڏيندو هو.
گفت پيغمبر که در بازار ها
دو فرشته مي کند دائم ندا
پيغمبر ﷺ جن جو ارشاد آهي، ته بازارين ۾ به فرشتا
دائما هيءَ صدا هڻندا رهندا آهن ته:
ڏي سخين کي تون خدا يا رزق جال
تلف ڪر ليڪن بخيلن جو تون مال
جڏهن شيخ موصوف، جي لاڏاڻي جو وقت آيو ۽ سندس
زندگي جو پيالو پر ٿي هارجڻ تي هو، سندس حياتي جي
شمع وسامجڻ تي هُئي، ان وقت سندس لهڻيدار کانئس
قرض وصول ڪرڻ لاءِ چوگرد ويڙهي ويهي رهيس. شيخ
صاحب وٽ ان وقت ڪجهه به ڪونه هو. جو لهڻيدارن کي
ڏئي… هنن سختي سان قرض گهرڻ شروع ڪيو هُو نااميدي
کان بار بار شيخ کي تنگ ڪري رهيا هئا.
شيخ گفت اين بدگمانان را نگر
نيست حق را چار صد دينار زر
افسوس! هنن بدگمانن کي اهو به ويچار نٿو ٿئي ته،
ڇا خدا وٽ چار سوَ دينار به ڪين آهن، جو موڪلي…
انهيءَ وچ ۾ هڪ حلوي وڪڻندڙ ڇوڪرو حلوي جو ٿالهه
کڻي اُتان هوڪو ڏيندو لنگهيو، شيخ سڪرات الموت ۾
به، نوڪر کي اشارو ڪيو ته، سمورو ٿالهه حلوي جو
وٺي هنن قرض خواهن اڳيان رک ته کائي موج ماڻين،
قضا جي تلخي، ڪجهه گهٽ ٿئين، اڌ دينار حلوه جي
قيمت ٺهرائي وئي، قرض خواهن کي چيو ويو ته کائو،
هي حلوه اوهان لاءِ حلال آهي، بس هو جهٽ پٽ حلوه
کائي ويا، حلوائي، قيمت جي گهر ڪئي:
شيخ چيو آڻيان ڪٿان هاڻي درم
مان وڃي آهيان رهيو سوئي عدم
ڇوڪرو غم ۽ غصي ۾ اچي منهن مٿو پٽڻ لڳو ۽ سٿرن تي
هٿ هڻن لڳو، چوڻ لڳو ته هي ڏسو صوفين جا حال! ڪتن
وانگر حريص، ٻلن وانگر منهن صاف رکندڙ! اي انسانو!
ڏسو مون سان ڪيڏو نه ويل وهايو ويو آهي، مون کي ته
منهنجو استاد ماري ڦٽائي ڇڏيندو، غوغاءُ ٻڌي ماڻهو
جمع ٿيڻ لڳا، قرض گهرندڙ به زور زور سان گهرڻ لڳا،
ڪي جو ڪي بڪڻ لڳا.
در شب مهتابِ مه دار برسماک
از سگان عَوَ عَوَ ايشان چه باک
مصطفيٰ مدمي شگافه نيم شب
زاز مي خايد نه کنيه جو لهب
روشنائي واري رات ۾ ڪتا چنڊ کي ڏسي ڀوڪندا آهن،
مگر هو چنڊ جو ڇا ٿا بگيڙي سگهن. رسول الله ﷺ جن
اشاري سان چنڊ کي ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏيو، مگر ابولهب ته
بڪڻ لڳو، ڀلا حضور ﷺ جن کي ڇا ڪري سگهيو، هر هڪ
نبيءَ ۽ ولي پنهنجي فطرت موجب ڪم ڪندو رهي ٿو …
قرض خواهه، لڙ مچائي رهيا هئا، ڇوڪرو روئي رهيو
هو، حضرت به پوين پساهن ۾ هو، ايتري ۾ هڪ عقيدت
مند مريد کان هڪ خونچو ڀرجي آيو، جنهن ۾ چار سؤ
دينار هئا. هڪ ڪاغذ ۾ اڌ دينار جدا ويڙهيل هو. شيخ
صاحب فرمايو ته يارو اچو پنهنجي پنهنجي رقم وٺو،
خدا تعاليٰ مون کي توهان سان سنمک ڪيو. الحمدلله
قرض خواهه اِها روداد عين موقعي تي ڏسي ڏاڍا لڄي
ٿيا ۽ پڪارڻ لڳا ته، ياالله! اسان انڌا ۽ ٻوڙا ٿي
پياسين، تنهنجي هن راز کي نه سمجهيوسين، اسان
ڏاڍيون فضول ڳالهيون ڪيون، تنهنجي ولي ڪامل کي گهٽ
وڌ ڳالهايوسين ۽ تنگ ڪيوسين. وري شيخ کي چوڻ لڳا
ته سائين اسان کان جيڪا خطا پئي سا معاف ڪر، اسان
ڏانهن سينو صاف ڪر…
شيخ صاحب چيو ته، مون اوهان کي معاف ڪيو، هي مشڪل
هن ڇوڪري جي گريه و زاري سبب آسان ٿي هن جي روئڻ
کان خدا جي بخشش جو دريا جوش ۾ آيو ۽ قرض ادا ٿي
ويو.
جي رئي ها ڪين هي حلوه فروش
بحرِ بخشش ۾ اچي ها ڪين جوش
خدا جي درگاهه ۾ روئي زاري نيزاري ڪرڻ مراد جي
حاصل ڪرڻ جو وڏو وسيلو ۽ ضمانت آهي.
شعر
رب جي در تي جو روئي ٿو گهري دل سان دعا
بس دعا ان جي ڪري مقبول ٿو هڪدم خدا
مفلس جو شڪوو
هرات جو نواب، عمادالملڪ، وڏين خوبين جو مالڪ هو،
سندس دريا دلي، فياضي ۽ خوش اخلاقي کان رعيت،
مسافر، واپاري، مطلب ته سڀ انسان خوش هوندا هئا هو
وقت جي بادشاهه جو ڏاڍو وفادار هو. بادشاهه جو به
مٿس هر طرح اعتبار هو. عمادالملڪ کي پنج سؤ وفادار
غلام هئا جن کي هو، پنهنجي پٽن وانگر سکيو ستابو
رکندو هو. سندن زيب و زينت لاءِ سونا زيور، زرين
پٽا، عمدا ڪپڙا، سٺا سٺا طعام هر وقت تيار هوندا
هئا. هنن شاندارن جون ٽوليون بازار ۾ چڪر لڳائي
رهيون هيون ته هڪ غريب، جو بک کان ماندو ۽ انگ
اگهاڙو هو، ان هنن کي ڏسي ورتو، پڇيائين ته، هي
رئيس زادا ڪٿان جا آهن؟ جواب مليس ته هي رئيسن ته
ڪين آهن، مگر هرات جي نواب جا زر خريد غلام آهن.
هي ٻڌي، هن جا ڏند چپن سان لڳي ويا ۽ آسمان جي طرف
منهن ڪري چوڻ لڳو ته، اي خدا! مون پنهنجي بي نوا ۽
هيڻن حالن واري بندي کي ته ڏس، سردي کان ڄاڙيون
کڙڪي رهيون آهن، بک کان آنڊا قل هوالله پڙهي رهيا
آهن، عمادالملڪ ته ڏس ته هو ڪيئن پنهنجن بندن کي
خوش پوشاڪ ۽ بااحتشام رکي ٿو، ياالله بنده نوازي
عماد الملڪ کان سک (نعوذ بالله) خالق ۽ مالڪ ٿيڻ
ته آسان آهي مگر بنده پرور ۽ بنده نواز ٿيڻ ڏاڍو
ڏکيو آهي.
تقدير الاهي سان عمادالملڪ جو ستارو عروب ٿيڻ لڳو،
بادشاهه ڏانهس بدظن ٿي کيس قيد ڪيو، سندس مال
ملڪيت ضبط ڪيائين. سندس وفادارن نوڪرن کي مصيبتون
۽ درد ڏئي مارائي ڇڏيائين، انهيءَ ڏوهه ۾ ته هو
پنهنجي آقا عمادالملڪ جو راز بادشاهه سان نٿا
سلين…
هو غلام مصيبتون سهندا رهيا، سندن سر تلوارن سان
لهندا رهيا، مگر پنهنجي آقا جو ڪوبه راز ظاهر نه
ڪيائون. هيءَ حالت شڪوه ڪندڙ بي نوا پنهنجي اکين
سان ڏسي چڪو هو، هن دردناڪ واقعي کان بيهوش ٿي ويو
۽ بيهوشيءَ جي عالم ۾ هاتفي آواز آيس ته:
گفت اندر خواب هاتف کا کيا
بنده بودن هم بيا موزد پيا
اي خدا کي طعنا هڻندڙ! هنن غلامن جي وفاداري ڏس ۽
تون اهڙو ئي بندو ٿيءُ.
ڪيئن ٿجي بندو هنن کان سک ميان
ڏي نه طعنا رب کي ڌرڪو ڌيان.
بندگي تنهنجي ۾ آهن نقش ڪي
ورنه بنده پروري رب ٿو ڪري |