سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: منهنجو ساگر، منهنجو ساحل

الطاف شيخ

صفحو :7

 

ممباسا (ڪينيا)

ڪالهه اسان پورن ويهن ڏينهن ۽ راتين جي لڳاتار مسافري بعد، پوري آفريڪا کنڊ جو ڦيرو پورو ڪري ڊڪار (سينيگال) کان هتي ممباسا پهتا آهيون. ڊڪار ۾ فرصت نه ملي سو اتان خط نه لکي سگهيو سانءِ، ٻئي دفعي وري وڃڻ ٿيو ته ضرور لکندس. ممباسا، ڪينيا ملڪ جو مشهور بندرگاهه آهي ۽ دنيا جي بندرگاهن ۾ قديم زماني کان اهم حيثيت رکي ٿو. سئيز ڪئنال بند ٿيڻ بعد تقريبن سڀ جهاز يورپ ۽ آمريڪا ڏي ويندي هتي ضرور ساهي پٽڻ لاءِ ترسن ٿا. اسان پڻ هتان جهاز لاءِ تيل ۽ اڳتي جي مسافري لاءِ کاڌو پيتو وٺي رهيا آهيون. ڊڪار کان وٺي هيستائين سمنڊ بلڪل ماٺو مليو ۽ سفر تمام سٺو رهيو. عيد الاضحيٰ سمنڊ تي ئي ملهائي سين. ان ئي ڏينهن خط استوا پڻ لتاڙي رهيا هئاسين. خط استوا وٽ ڏاڍي گرمي ٿي ٿئي جو سج جا ڪرڻا بلڪل سڌا ٿا پون. خط استوا جيئن ئي ٽپي ”ڏکڻ اڌ گول“ ۾ آياسين ته سردي شروع ٿيڻ لڳي ۽ وڌندي رهي، حالانڪه دنيا جي اُتر اڌ گول ۾ (جنهن ۾ پاڪستان به اچيو ٿو وڃي) اڄڪلهه اونهارو شروع ٿي رهيو آهي پر دنيا جي هيٺين اڌ، ڏکڻ اڌ ۾ (جنهن ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آمريڪا اچيو ٿا وڃن) سيارو ٿئي ۽ اسان وٽ سيارو ٿئي ته هنن وٽ اونهارو. جيئن ئي هيٺ ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ وٽ پهتاسين ته سردي وڌي ويئي ۽ وري مٿي اتر طرف ايندي گهٽجي ويئي. ممباسا ته تقريب خط استوا تي آهي سو هتي سخت گرمي ٿي رهي آهي. خط استوا جي ملڪن ۾ اونهاري ۾ ته گرمي ٿئي پر سياري ۾ ڪا خاص سردي نه ٿئي. ڪالهه پورن وينهن ڏيهن بعد زمين تي پير رکندي ڏاڍي خوشي ٿي، نه ته صبح شام چئو طرف رڳو سمنڊ ئي سمنڊ لڳو پيو هوندو هو. زمين ڏسڻ لاءِ سڪندا پيا هئاسين. ڪيپ آف گڊهوپ وٽ ٻه ڏينهن ڏکڻ آفريڪا جو ڪنارو وٺي هليا هئاسين ۽ آفريڪا جو سرسبز ڪنارو، گهاٽا ٻيلا ۽ ڊربن ڪيپ ٽائون ۽ پورٽ ايلزبيٿ جا سهڻا شهر صاف نظر ايندا رهيا جي سائوٿ آفريڪا ۾ اچي ٿا وڃن ۽ انگريزن جون ڪيتريون ئي ڪالونيون هيون. ڪينيا پڻ انگريزن جي قبضي ۾ هو ۽ 1963ع ۾ کيس آزادي ملي ۽ هاڻ پاڪستان، هندستان، سلون، آسٽريليا وانگر ڪامن ويلٿ (دولت مشترڪه) جو ميمبر آهي. ڪينيا جي ستر سيڪڙو آدمشماري مسلمان آهن. ڪينيا جي گادي جو هنڌ نئروبي آهي. ”جوموڪينيانا“ ملڪ جو صدر آهي. جنهن جي ملڪ جي آزادي لاءِ جفاڪشي قابل ذڪر آهي ۽ هتي جي ماڻهن، ڌرتي جي آزاديءَ لاءِ خوب خون ڏنو ۽ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون. هاڻ آزاد آهن. ڌارين جي غلامي کان نجات حاصل اٿن. منهنجي، هتي جي آفريڪي دوست احمد، هڪ وڏي خوبصورت اسپتال اڳيان ڪار بيهاري ٻڌايو” خبر اٿئي هي اسپتال صرف انگريزن لاءِ هوندي هئي. اسان مان ڪو شيدي صرف هتان لنگهندو به هو ته اُنکي گولي سان اڏائي ڇڏيندا هئا پر هاڻ ان ۾ هر ڪوئي اچي سگهي ٿو ۽ صرف انگريزن جو نه پر سڄي انسانيت جو علاج ٿئي ٿو.“ احمد ٻڌايو ته سندس والدين آزادي جي هلچل ۾ خوب بهرو ورتو هو. ”اسان کي تڪليفون ڏيڻ خاطر گهرن مان ڪڍيو ويو، زمينون کسيون ويون ڇو جو اسان انگريزن جي خلاف قدم کنيو ۽ هنن جو غلام رهڻ کان انڪار ڪيو هو. اسان هڪ جهوپڙي ٺاهي شهر جي ٻاهر اچي پناهه ورتو. رات جو ٽي کن ٿيا هئا انگريزن اسانجي جهوپڙي کي باهه ڏياري. آءٌ ۽ بابو خوشقسمتيءَ سان بچي وياسين. منهنجي ماءُ مدد پهچڻ کان اڳ سڙي خاڪ ٿي ويئي.“ احمد جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ها. ”پر اسان خوش آهيون، اسان کي ڌرتي ته ملي. ڌرتي به ته اسان جي ماتا آهي. مون کي پڪ آهي ته منهنجي ماءُ جو روح سُکي ٿي چڪو هوندو. هن به اهو ئي ٿي چاهيو. اسان کي اسان جي قربانين جو اجورو ملي چڪو آهي. هاڻ اسان آزاد آهيون، اسان جا خيال، اسان جون سوچون آزاد آهن.“

اُنوقت منهنجي دماغ ۾ جو موڪلينياتا جي آزادي جي ڏينهن تي ڪيل تقرير جا ڪجهه جملا تري رهيا هئا جن مان سندن فراخدلي ۽ برباديءَ جو اندازو هر هڪ لڳائي ٿي سگهيو. ”آءٌ انهن مڙني کي معاف ٿو ڪريان جن اسان سان تعديون ڪيون، اسان کي غلامي جي زنجيرن ۾ ٻڌو، جيتوڻيڪ هنن چاهيو ٿي يا نه، پر ڪينيا کي آزاد ٿيڻو هو سو ٿي رهيو. اسانتي ظلم ۽ ستم ڪيا. اُنهن جو بدلو اسان ڪنهن کان به وٺڻ نٿا چاهيون. اسان فقط اهو چاهيون ٿا ته اِهي جي اسان جو هيستائين رت چوسيندا رهيا اهي هٿ هٿ ۾ ڏيئي پوري ملڪ، قوم ۽ اِنسان ذات جي ترقيءَ لاءِ مدد ڏين. اهي جيڪي هن مهم ۾ شامل ٿي اسان جي مدد ڪندا، اسان جا دوست آهن، اسان جا ڀائر آهن. اسانکي هنن لاءِ هميشه پيار رهندو، عزت رهندي پر اُهي جيڪي سمجهن ٿا ته خدا هنن کي ميم صاحب ۽ لاٽ صاحب سڏجڻ لاءِ اتاهون ۽ مختلف پيدا ڪيو آهي. سي پنهنجي ملڪن ڏانهن هليا وڃن. جيڪڏهن هو اسان جو مقابلو ڪندا ۽ رنڊڪون پيا ڪندا ته اسان هنن کي پيرن هيٺ چچري ڇڏينداسين....“ احمد مون کي ممباسا شهر جو اهو ميدان ڏيکاريو جتي ڪينيا جي صدر جو موڪينياتا آزادي جي موقعي تي اِها تقرير ڪئي هئي.

هتي جا اصل رهاڪو هتي جا آفريڪي باشندا آهن. ممباسا، نئروبي ۽ ڪينيا جي ٻين وڏن شهرن ۾ هتي جي اصلي رهاڪن کان علاوه ڪيترائي عرب ۽ هندستان، پاڪستان جا هندو ۽ مسلمان رهن ٿا جن مان ڪيترا انگريزن جي حڪومت ۾ مزدوري ۽ واپار وڙي لاءِ آيا هئا ۽ هتي ئي رهڻ اختيار ڪيائون. ملڪ جي تجارت ۽ اقتصاديات تي قبضو هندن ۽ کوجن جو آهي. ڪراچي جي ايلفي وانگر ممباسا ۾ ڪلنڊي روڊ آهي. جنهن تي تقريبن نوي سيڪڙو دڪان کوجن ۽ هندن جا آهن، جي اصل بمبئي، ڪڇ ۽ سنڌ جا آهن. هڪ دڪان جو ته نالو ئي ”سنڌ جنرل اسٽور“ آهي. هتي جي سڀ کان خاص شيءِ ۽ سوکڙي، ڪاٺ ۽ عاج مان ٺهيل هٿ جا رانديڪا ۽ ٻيو سامان آهي. اُن کان علاوه ٻاهرين ملڪن جون شيون ۽ کاڌي پيتي جو سامان پڻ ڪافي سستو آهي. ٻيلا جام آهن جن ۾ اڪثر هر جانور جام ملي ٿو. جانورن جون کلون ۽ کلن مان ٺهيل مختلف سامان پڻ سستو ملي. ڪلنڊي روڊ جي پوڇڙ تي هاٿي جي ڏنڊن جهڙا ٻه وڏا دروازا آهن جتان کان مشرقي آفريڪا ۾ وڃڻ لاءِ هاءِ – وي (مين روڊ) شروع ٿئي ٿو. ۽ اُن مشهور دروازي کي Giant – Tusks سڏيو وڃي ٿو.

اسان جي ملڪ ۾ جي شيدي آهن اُنهن کان به وڌيڪ تکو ڪارو رنگ هتي جي باشندن جو آهي. چپ ۽ نڪ ٿلهو، وار گهنڊيدار، عورت کي ننڍا گهنڊيدار وار هيڪاندا بڇڙا لڳندا آهن ۽ هتي جون عورتون وار لڪائڻ لاءِ مختلف رنگن ۽ قسمن جا رومال خوبصورت انداز ۾ مٿي کي ٻڌنديون آهن. پڙدو ڪو خاص ناهي، بلڪه نه برابر آهي جو مون کي ته ڪا به عورت پڙدي ۾ نظر نه آئي. بلڪه اڃا ڪيترائي آفريڪي قبيلا آهن جي بغير اوگهڙ ڍڪڻ جي ڦرندا رهن ٿا. شهر کان ٻاهر ۽ جهنگلن ۾ نيم عريان مرد ۽ عورتون هر هنڌ نظر ايندا. هر قبيلي جي مختلف ڊريس آهي. اوگهڙ ڍڪڻ کان وڌيڪ لوهي ڳهن پائڻ جو رواج عام آهي. سڄو منهن ۽ بدن وزني لوهي ۽ بدزيب ڳهن سان ڀريو پيو هوندن. اهڙي قسم جا فوٽو ۽ ڪارڊ مارڪيٽ ۾ عام ملن ٿا جي سياحن جي خاص خريداري هوندا آهن. شهر ۾ عورتون اڪثر اسڪرٽ يا پورو جبو پائين ۽ هندستاني پاڪستاني عورتون شلوار، قميص يا ساڙهي اوڍين. جن کي ڏسي ۽ ڪجهه فلمن ۾ ڏسي ڪن ڪن آفريڪي ڇوڪرين ۾ به شلوار ۽ ساڙهي جو فئشن شروع ٿي رهيو آهي. (بيروت ۾ ته ڪيترن عرب ۽ فرينچ عورتون کي ساڙهي ۾ ملبوس ڏٺم) جيستائين سونهن ۽ سوڀيا جو سوال آهي سا مون کي ته نظر نه آئي. ٿي سگهي ٿو ته خيال پنهنجو پنهنجو ۽ پسند پنهنجي پنهنجي هجي. يا آءٌ صحيح اندازو نه لڳائي سگهيس.

منجهند جا ٻه کن وڳا هئا. جيڪب آباد جهڙي گرمي هئي. اُڃ به ڏاڍي لڳي هئي. احمد منهنجو ميزبان به مون سان گڏ صبح کان وٺي هلڻ ڪري ٿڪجي پيو هو. اسان ٻئي سندس ڪار ۾ پنڪيون کائيندا جهاز تي اچي رهيا هئاسين. اوچتو احمد ڪار کي بريڪ هنئي سامهون فٽ پاٿ تان هڪ ڦڏي مشين جهڙي، اسڪرٽ ۾ ڇوڪري نظر آئي. تيز اُس ڪري سندس ڪارو رنگ چلڪي رهيو هو. ڄڻ مُنهن تي ٻڪ تيل جو هنيو هجيس. کاٻي هٿ ۾ ڳوٿري هيس ۽ ساڄي هٿ ۾ بارش کان بچڻ لاءِ بند ٿيل ڇٽي. ڪاري گپ مان نڪتل ٻگهه پکيءَ جهڙين سنهين ۽ ڪارين ٽنگن سان تکو تکو وڃي رهي هئي. احمد سڏ ڪيس ۽ مون کي ٻه منٽ ڪار ۾ انتظار ڪرڻ لاءِ چئي، رستو ٽپي وڃي ان شيدياڻي سان مليو. ٻن جا پنج منٽ ٿي ويا، ڏهه منٽ ۽ پوءِ پندرنهن منٽ به گذري ويا. اسان جو دوست نٽهڻ اُس ۾ ڳالهين ۾ مشغول رهيو. آخر منهنجي صبر جواب ڏنو. ڪار ۾ اندر رُگهه ۾ ساهه ٿي نڪتو. ٻاهر نڪري ٻه منٽ ترسيس ته اُس بدن ۾ سُئن وانگر چڀڻ لڳي. وري اندر اچي ڪار ۾ ويٺس. رات جو احمد وٽ ماني هئي. پڪ سمجهيم ته احمد نوڪرياڻي کي ماني ٽڪي لاءِ سمجهائي رهيو هوندو. پر اهڙو به ڇا سمجهائڻ. خبر ناهي ته ماني به ڪهڙي پچائيندي. پاڻ جهڙي بڇڙي پچائيندي. هون! شڪل ته ڏسوس ڄڻ ڪوئلي جي کاڻ جو مزدور اوور ٽائيم ڪري کاڻ مان نڪتو هجي!  لهي لوهه به ڪا نه، منهنجو نالو ”سون ٻائي!“ چوندا آهن ته شڪل ڏسي تلڪ ڏجي. سونهن ٺهي ڪا نه، خصيص نوڪرياڻي بيٺي نخرا ڪري. ماڻهو ڳالهه جلد ٻڌي روانو ٿئي. هيءَ آهي سا ڳالهه ٻڌڻ کان وڌيڪ پنهنجي مٿي جو رومال پئي ٺاهي ۽ ذري ذري اسڪرٽ کي درست ڪري! هون!، احمد“ ..... مون زور سان احمد کي آخر سڏ ڪري واچ ڏيکاري ته دير پئي ٿئي. جلدي ڪر، آخر مس مس اڌ ڪلاڪ بعد آيو. مون ڪجهه منهن ٺاهي بيزاري جو اظهار ڪيو.

”يار، پليز، معاف ڪجانءِ، ڪجهه ڳالهه ئي اهڙي هئي الطاف، منهنجي زندگي ۽ موت جو سوال هو.“ احمد ٿڌي آهه کڻي ڳالهه ڪئي.

”ڇو خير ته آ؟“ وائڙو ٿي پڇومانس،

”هوءَ ڇوڪري خبر اٿئي ڪير هئي؟“

اُف توبهه، اُن شيدياڻيءَ جو ذڪر، آءٌ چوڻ وارو هوس ته نوڪرياڻي يا بورچياڻي هوندي، پر منهنجي جواب کان اڳ ئي احمد ٻئي هٿ ڪار جي اسٽرينگ مان ڪڍي سيني تي هڻي آمريڪي لهجي ۾ انگريزي ۾ چوڻ لڳو: ”اڙي، اها اٿئي منهنجي محبوبا، Hi budy, She is my gal,.

”بس سمجهه ته تنهنجي ڀاڀي ٿيڻ واري آهي. دعا سو ڪجانءِ، هينئر ٻڌائي رهي هئي ته سندس مائٽ اسان جي شادي ۾ ڪجهه راضي نه آهن ۽ ڪو ڪنهن ٻئي هنڌ سندس رشتو قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن.“

ڏاڍو خوش ٿيس ته چڱو جو احمد جي پڇڻ تي اسان جي ڀاڀي بابت ڪو رمارڪ نه ڏنم نه ته احمد دل ۾ ڪري ها. سندس سدا مسڪرائيندي چهري تي اُداسي ڏسي کيس آٿت ڏنم ته ميان پرواه نه ڪر، توتي لئه رکڻ لاءِ ائين چيو اٿس.

”نه يار ائين نه چئه، سڄي ڪاليج جا ڇوڪرا ڪلثوم تي مرن ٿا. اهڙي ڇوڪري مونکي سڄي آفريڪا ۾ نه ملندي!“ احمد وري جذباتي ٿي چيو.

سو ادا، اسان ڪنهن جي سونهن پرکڻ ۾ ڏاڍا ڪمزور آهيون. پر اهو ضرور چوندس ته هتي جا ماڻهو ڪارا سو آهن، پر اٿئي ڏاڍا دل وارا، ۽ تون ٻڌاءِ ته دل کانسواءِ گورو چٽو رنگ ڪهڙي ڪم جو؟!

هندستاني ڇوڪريون سلوار، قميص ۽ ساڙهي ۾ کوجياڻيون غرارن يا لينگن ۽ اسڪرٽن ۾ خاص ڪري آفيس ۾ ڪم ڪندي يا دڪانن تي نظر ايندءِ. انهن لاءِ اهو چوڻ مناسب رهندو ته انڌن ۾ ڪاڻو راجا يا جِتي وڻ ناهي اُتي ڪانڊيرو به درخت. آفريڪي ڇوڪرين اڳيان ڏاڍو برتري جو اظهار ڪنديون آهن.

نيو ڪئسل هوٽل ۾ شام جو چانهه پي رهيا هئاسين ته سامهون واري ٽيبل تي هڪ عورت، مرد ۽ ننڍو ٻار اچي ويٺا. شڪل مان ئي سڃاتم ته گجراتي بوري يا کوجا آهن. پڃڻ تي ٻڌايائون ته هو کوجا آهن ۽ اصل ته هندستان جا آهن پر هاڻ آفريڪا جا سڏائين ٿا جو کين اٽڪل آفريڪا ۾ رهي به سوا سئو سال کن ٿي ويا آهن. سندن ڏاڏا هندستان مان لڏي زنجبار آيا. اُن بعد پاڻ هتي ڪينيا ۾ آيا. پاڻ مون سان سنڌي ڳالهائڻ لڳا (صاف ۽ صحيح نه پر مڙيئي گڏيل سڏيل سنڌي زبان ۾) ڪڪيءَ جو نالو پڇيو مان ته هيءَ ڪهڙي زبان ٿي ڳالهائي. ٻڌاين ته اسڪول ۾ انگريزي ۽ هتي جي آفريڪي زبان ”سواحلي“ ٿي پڙهي، پر گهر ۾ اسان آغا خاني (سنڌي زبان سان ملندڙ جلندڙ) زبان ٿا ڳالهايون. بازار مان خريداري ڪندي مون اڪثر هر دڪاندار سان سنڌي ۾ ٿي ڳالهايو جو هو يا ته هندو سنڌي هو يا آغا خاني. ڪيترا ڏينهن ٿي ويا هئا سو سنڌي ۾ ڳالهائيندي مزو ٿي آيو.

بازار جي ڪنڊ تي ڪراچي جي محبوب ڪلاٿ مارڪيٽ جيڏي کاڌي پيتي جي شين جي سُپر مارڪيٽ آهي جا هڪ آغا خاني کوجي جي آهي. اهڙي قسم جون هڪ وڏي دڪان جي روپ ۾ مارڪيٽون آهن، جتان هر شيءِ سستي ۽ تازي ملي ٿي. يورپ جي ملڪن ۾ عام آهن. هتي جي سُپر مارڪيٽ ۾ به مختلف کاڌي پيتي جي شين جا الڳ الڳ ڊپارٽمينٽ آهن ۽ پئسي جي حساب ڪتاب لاءِ هر ڊپارٽمينٽ جي ڪنڊ تي الڳ الڳ ماڻهو ويٺل آهن. هر شيءِ پاڪيٽن ۽ لفافن ۾ بند، مٿان مقرر قيمت لکيل رکي آهي. جا کپي سا کڻي. اوترا پئسا ڪائونٽر تي ڏيئي رسيد وٺڻي پوندي آهي. مون کي کاڄا، الائچي ۽ مصالحي جو سامان وٺڻو هو. ٻيو ته سڀ سامان نظر آيو پر الائچي (فوٽا) نظر نه آيم. احمد پڇيو ”ڇا کپئي؟“ چيومانس ”انگريزي لفظ ته نٿو اچيم“ ڪائونٽر وٽ آيس. کوجي ڇوڪري کان پڇيم ته ڪهڙيون زبانون اچنئي ٿيون؟ جو عربي، اڙدو ۽ بنگالي به هلي ٿي سگهي. چيائين ”انگريزي ۽ سواحلي.“

ٿورو سوچي چيومانس، ”سنڌي يا اڙدو سمجهي ويندينءَ؟“ چيائين، ”ٿوري ٿوري“

سنڌيءَ ۾ پڇيومانس، ”الائچي آهي توهان وٽ؟“

”نه کپي ويئي چار ڏينهن بعد ڳنهڻ اچجان.“ ٺهه پهه جواب ڏنائين.

ممباسا جون راتيون به بيروت وانگر خوبصورت ۽ جوان ٿين ۽ ڏينهن جو سخت گرمي ڪري شهر ۾ اهو چهچٽو ۽ رونق نه رهندي آهي. رات ڏاڍي ٺرندي آهي ۽ ٿڌي ٿڌي هوا ڏاڍي وڻندڙ آهي. مون کي ته حيدرآباد ياد ايندي آهي. پر يار حيدرآباد جي راتين جو ڪير مقابلو ڪري! حيدرآباد جي راتين جي هوا ۾ جا وڻندڙ ٿڌاڻ ميٺاج ۽ نشو آهي، اِها قدرتي نِعمت شايد حيدرآباد لاءِ ئي آهي. جن حيدرآباد، ڄام شوري ۽ پيٽارو جي راتين ۾ ننڊون ڪيون تن کي هي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرا به مزو نه ڏيندا يقين ڪر.

چڱو ادا، هاڻ، اجازت، ممباسا جون ڳالهيون ته کوڙ آهن، ڪهڙيون لکي ڪهڙيون لکجن. ممباسا۾ بار بار پيو ايندس. سو وڌيڪ ٻئي دفعي.

نيڪ تمنائن سان

تنهنجو

 

 

 

دبئي (عرب گلف)

سڀ کان اول جنهن شيءِ هتي منهنجو ڌيان ڇڪايو سو هتي پڙدي خاطر منهن کي ڍڪڻ جو عجيب و غريب فئشن آهي. جهڙوئي دبئي بندرگاهه کان ٻاهر قدم رکيم ته ٻن عورتن کي سواءِ ”منهن“ جي ڪاري برقعي ۾ ڍڪيل ڏٺم. مُنهن لڪائڻ خاطر نڪ جي مٿان چهنب وارو چمڙو چڙهيل هو. جنهن چمڙي ڳلن تان وري سواءِ اکين جي، سڄي منهن کي ٿي ڍڪيو. هڪ نڪ اڳيئي ٻاهر نڪتل ان مٿان ڪاري رنگ جي چمڙي جي ڦاڪ چڙهيل، پاسي کان مُنهن ڏسڻ ۾ هيبتناڪ ٿي آيو. هي منهن لڪائڻ جو هتي نئون انداز ڏسي ڏاڍو عجيب لڳم. ساڻ جي مون سان هئا، انهن کان ان بابت پڇيم ته انهن جو به هتي پهريون دفعو هو. سو خبر نه هين. اڳتي وڌياسين ته بس مان ڪيتريون ئي عورتون لهي رهيون هيون، شڪل ۽ ڪپڙن ۾ مڪرانين جهڙيون، سڀني جي مُنهن تي ڪاري چمڙي يا ڪاري ڪلف جا کوپا چڙهيل هئا. چمڙو به اهڙو گندو ۽ پگهر سان ڀريل جو ڏسڻ سان ڪراهت ٿي ٿي.

هتي جا ماڻهو، لبنان، شام، مصر ۽ ٻين عرب ملڪن جهڙا سهڻا نه آهن. اسان پاڪستانين کان به وڌيڪ ڪارا ۽ آفريڪا جي ماڻهن سان ملندڙ جهلندڙ رنگ جا آهن. سو ڪاري منهن تي ڪارو بڇڙو چمڙو يا ڪاري ڪپڙن جو کوپو چڙهيل هر ڌارئين لاءِ باعث تعجب ثابت ٿيندو آهي. هڪ دوست ته چيو يار هيءَ هتي جي مخلوق ته نه سڏبي. چنڊ يا ڪنهن ٻئي جهان تان آيل ٿي ڏسجي جنهنجا فوٽون ٻارن جي ڪارٽون ڪتابن ۾ هوندا آهن! هڪ چيو ته شايد عورت کي بدزيب ۽ بڇڙو بنائڻ خاطر هن پردي کي رواج ۾ آندو ويو آهي. هتي جا اصل رهاڪو عرب ان قسم جو سخت پڙدو ڪن، باقي ڌاريان پڙدو نه ڪن. شهر ۾ ڪيتريون ئي عورتون ساڙهي، شلوار، قميص ۾ نظر اينديون. ايراني ۽ لبناني عورتون پڻ پنهنجي مخصوص لباس ۾ نظر اينديون آهن.

هيءَ تيل سان مالامال شيخ رياست، عربن کان وڌيڪ ڀروارن ملڪن ايران، پاڪستان، هندستان ۽ سلون جي ماڻهن سان ڀريل آهي. اڄ کان چند سال اڳ هن وارياسي ملڪ ۾ ڪا به زندگي نه هئي. جتي جتي مٺي پاڻي جا چشما هوندا هئا اُتي جهڳين ۾ هتي جا بَدو عرب مال سميت رهندا هئا ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين مال پاڻي جي تلاش ۾ سفر ڪندا رهندا هئا. اوچتو هن علائقي مان پڻ ٻين ڀروارن ملڪن جيان تيل نڪرڻ جا آثار نظر اچڻ لڳا. برٽش حڪومت پنهنجي نگهباني هيٺ تيل ڪڍائڻ جو ڪم شروع ڪيو. ڀروارن ملڪن مان مزدوري خاطر ماڻهو گهرايا ويا. ڪم شروع ٿي ويو ۽ ڏسنديئي ڏسندي هي ملڪ دولت سان مالامال ٿي ويو. ڀروارن ملڪن کان ماڻهو اچي هتي ڪم خاطر هميشه لاءِ رهڻ لڳا ۽ واپار شروع ڪيائون. ڏسندي ئي ڏسندي بازارون،مارڪيٽون ۽ هڪ کان هڪ اعليٰ قسم جا دڪان تيار ٿي ويا آهن جي زياده تر هندستانين ۽ پاڪستانين جا آهن. هتي عام طرح اڙدو ڳالهائي ٿي وڃي ۽ اصل باشندا به اڙدو ڳالهائين. هوٽلن ۾ پاڪستاني طرز جو کاڌو هلي. ايتري قدر جو هتي جي سڪي جو نالو ئي ريال مان ڦيرائي رپيو بنايو اٿن ۽ ريجي کي آنا، پئسا سڏين. هڪ ننڍي ٻيڙيءَ ۾ ”دبئي“ کان ”دهرا“ پهتاسين ۽ پئسن جو پڇيوسين ته چوڻ لڳو ”اٺ آنا“ تنهن تي پڪ لاءِ پڇيومانس ته ”نصف ريال“ ته ڪنڌ ڌوڻي ها ڪيائين. مون سمجهيو هي شايد پاڪستاني آهي ۽ اسان کي به پاڪستاني سمجهي ريالن بدران اسان جي ملڪ جي سڪي ۾ ٿو ٻڌائي پر پوءِ معلوم ٿيو ته هتي هر هڪ ريال کي روپيه سڏي. دڪانن جا نالا به اهي ئي جي اسان وٽ عام آهن. مثلا”پاڪستان ٽي هائوس“ ”هيئر ڪٽنگ سيلون“ وغيره. ورلي ڪو دڪان هتي جي رهاڪو عرب جو هوندو سو به ننڍو، نه ته سڀ دڪان پاڪستاني، هندوستاني ۽ ايرانين جا آهن.

هتي هڪ گجراتي دڪاندار سان خبرچار ڪندي پڇيم ته هتي جا عرب ڇو نه ٿا واپار وڙي ۾ حصو وٺن؟ چيائين” هنن کي اچي ئي ڇا ٿو، هي سڄو دبئي بيابان ۽ رڻ پٽ هو پوءِ اسان ئي اچي دڪان ڪڍيا. هنن کي ته کائڻ، پيئڻ، پهرڻ ۽ هلڻ چلڻ جي به تميز نه هئي. سڀ ڪجهه اسان اچي سيکارين. سڄي دبئي ۾ عرب مشڪل سان پنج سئو کن ٿيندا نه ته ٻيا اسان سڀ ٻاهريان آهيون. نوڪري ۾ به اڪثريت اسان ٻاهرين جي آهي پر هاڻي جيئن جيئن هتي جا ماڻهو سڌرندا ۽ هوشيار ٿيندا وڃن ته اسانکي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.“ هتي جي عربي زبان به اهڙي نج ۽ صاف ناهي جا سعودي عرب، مصر ۽ لبنان ۾ ڳالهائي ٿي وڃي. اها عربي در اصل ڏاڍي مٺي ۽ نرم آهي. پر هتي جي عجيب گاڏڙ ساڏڙ ۽ کهري ٽون جي آهي.

Text Box: ١٩٥

 

دبئي ”ڪسٽم – فري“ بندرگاهه آهي. سو هر ٻاهرين شيءِ سستي ملي. ٻاهران ڏسبو ته بلڪل معمولي دڪان هوندو اندر قيمتي شين سان ٽٻا ٽٻ ڀريو پيو هوندو. دنيا جي هر ملڪ جي شيءِ جهڙوڪ واچون، ريڊيا، ٽرانسسٽر، ٽيپ رڪارڊر، ڪپڙا توهان کي تمام سستي اگهه تي ملندا. هتي جنهن شيءِ جي سخت قلت آهي سو آهي پاڻي. جتي ٿا پاڻيءَ لاءِ کوهه کوٽين ته پيٽرول نڪريو اچي ! پاڻيءَ جي قلت ۽ بيابان جي زمين ڪري پوک به ڪا نه ٿئي. ان ڪري کاڌي پيتي جون شيون تمام مهانگيون آهن. گوشت اٺين ريالن سير يعني پنهنجا سورنهن رپيا. معمولي ننڍو ڪيڪ يا بسڪٽ جو پاڻ وٽ ٻي آني ملي، هتي اٺ آني. ميوو ته حد کان وڌيڪ مهانگو آهي جو اهو لبنان کان ٿو اچي. اهو ئي سبب آهي جو اسان رستي تي ممباسا ۾ ترسي کاڌي پيتي جو سامان اڳتي جي مسافري لاءِ کڻي آياسين ۽ پاڻي پڻ.

دبئي کان علاوه دنيا ۾ ٻيا به ڪيترائي ”فري پورٽ“ آهن جتي شيون ٽئڪس ‘ فري آهن. جهڙوڪ: دوها، ڪولمبو، لاس پاماس، سنگاپور وغيره، توهان شايد اهو سوچيو ته جيڪر اسان وٽ به ڪراچي فري پورٽ هجي ته فائدو رهي ۽ هر ڌارئين شيءِ سستي ملي. پر فري پورٽ صرف اهو ملڪ ٺاهي ٿو سگهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي صنعت نه هجي. اسان اگر ڪراچي کي فري پورٽ ٺاهينداسين ته ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو ڇو جو هر هڪ ڌارين ملڪن جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪندو ۽ پنهنجي ملڪ جو ڪپڙو   ڪو  ڪو نه وٺندو. اهڙي نموني سان ٻيون شيون پڻ. نتيجو اهو نڪرندو جو ڪارخانا بند ٿي ويندا، ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ بيروزگار ٿي ويندا ۽ وڏي ڳالهه ته ٻاهريون زرمبادلو ڪمائڻ بدران ڏيڻو پوندو.اسان کي دراصل چيني ماڻهن مان سبق حاصل ڪرڻ کپي. چين ۾ بوسڪي، شنگهائي سلڪ ۽ ٻيو دنيا جو بهترين ڪپڙو تيار ٿئي ٿو پر مون اُتي جي هڪ به ماڻهو کي قيمتي ڪپڙو ڍڪيندي نه ڏٺو ! هو سڀ ٻين ملڪن کي وڪڻي ٻاهرين ملڪن جو پئسو ڪمائين ۽ پاڻ مرد توڙي عورتون خاڪي يا مليشيا يا کدڙ جا سادا ۽ سستا ڪپڙا اوڍين. ۽ اڄ ڏسو ته ڪيتري نه قليل عرصي ۾ چين سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهي. در اصل ڪنهن به ملڪ جي طاقت جو اندازو ان ملڪ جي ماڻهن کي ڪپڙا يا عيش عشرت مان نٿو لڳائي سگهجي. عياشيءَ جي ته ڪا به حد نه هوندي آهي. انسان ۾ اهڙو ته بڇڙو هوس آهي جو هن کي ڪيترو به ملي ته به خوش نه رهندو. ان ئي ڳالهه کي مد نظر رکندي پاڪستان ۾ اڄڪلهه اوچو ڪپڙو، اوچي قسم جا چانور، ڪپهه ۽ ڪڻڪ ٻاهرين ملڪن کي وڪڻي رهيو آهي. اسان اگر اوچو نه ڍڪيو ته ڇا ٿي پيو. اسان کي ان کان وڌيڪ دوائن جي ضرورت آهي. مشينن جي ضرورت آهي، جنهن ذريعي هن کان به وڌيڪ اناج اپائي سگهون. ڇا ٿي پيو اگر اسان ڪجهه سالن لاءِ کڻي سادا چانور کاڌا ته ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه. ڇا ٿي پيو اگر اسان پنهنجي ملڪ جا تيار ٿيل ڪپڙا ڍڪي، ڌارئين اوچي ڪپڙن پهرڻ کان گريز ڪئي؟ دنيا جو ڪو به سمجهو ماڻهو اسان کي اسان جي ان عمل تي ”پٺتي پيل“ نه سڏيندو. ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ ته ان کان به وڌيڪ قربانيون ڏيڻون پونديون آهن.

هڪ عرب جي ڪپڙي جي دڪان تي چڙهيس. پتلون لاءِ ڪپڙو ٿي کتم. دڪاندار کي اها بلڪل خبر نه هئي ته آءُ پاڪستاني آهيان. ڳولي هڪ ڪپڙي جي اگهه لاءِ پڇيم. اگهه تمام گهڻو ٻڌايائين پر ڪپڙو به اهڙو ئي عمدو هو. سوچي رهيو هوس ته وٺان يا نه. ته دڪاندار چيو ”صاحب پاڪستاني ڪپڙو آهي، فلاڻي مل جي ڏسو ڇاپ به لڳي پئي اٿس. قيمت زياده آهي ته ڪپڙو به ته بهترين آهي. گئرنٽي ٿو ڏيانوَ“ پنهنجي ملڪ جي ڪپڙي جي ڌارئين جي واتان تعريف ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيس. پڇيو مانس ته ٻيو ڪهڙو پاڪستاني ڪپڙو اٿئي؟ سچ پڇو ته مون کي ڏسي تعجب لکو ته اُهو اُهو مردانو ۽ زنانو ڪپڙو، جنهن کي آءٌ جپاني ۽ آمريڪي تصور ڪري ويٺو هوس سو پاڪستاني نڪتو!

ساڳئي قسم جو واقعو هڪ ٻئي هنڌ به درپيش آيو. رات جو ”جهميرا سئنيما“ تان فلم ڏسي موٽيا هئاسين هوٽلون بند ٿي چڪيون هيون. بک به ڏاڍي لڳي هئي. ڳولي ڳولي ”ابرا“ وٽ هڪ ننڍي هوٽل کليل ڏٺي سون. پر ان هوٽل جي حالت ڏسي هڪ دوست چيو ته هتي ڪهڙو کاڌو هوندو. ان کان ته بهتر آهي نه کائجي. هوٽل جي بئري ڪو ٻڌي ورتو تنهن يڪدم چيو ”سائين اسان وٽ سڀ خالص شيءِ آهي. پاڪستاني باسمتي چانور ۽ گيهه استعمال ٿيندو آهي.“ اهو ٻڌي مون ڄاڻي ٻجهي چيومانس ”ميان پاڪستاني چانور سٺا ٿيندا آهن ڇا؟ چيائين شايد توهان ڪنهن ٻئي ملڪ جا ٿا ڏسجو. هڪ دفعو کائي ته ڏسو. اڻ رڌيل چانورن مان به توهان کي خوشبو ايندي. کانئس سندس ملڪ پڇڻ تي معلوم ٿيو ته پاڻ هندستان جو هو ۽ هندستان جهڙي ملڪ جو ڪو اسان جي ملڪ جي ڪنهن شيءِ جي تعريف ڪري ته ان کي تعريف کان وڌيڪ ئي سمجهجي. پر اسان جي بدقسمتي ڏسو هر خراب شيءِ کي ديسي (يعني پنهنجي ملڪ جي) سڏينداسين.پوءِ چاهي کڻي اها شيءِ ڪنهن ڌارئين ملڪ جي هجي ۽ هر سٺي شيءِ کي ولائتي سڏينداسين پوءِ چاهي کڻي پاڪستاني هجي! کنڊ اڄڪلهه پاڪستان ۾ اعليٰ درجي جي ٿي ٺهي جا روس، رومانيه، بلغاريه ۽ يورپ جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ موڪلي ٿي وڃي. پر ان کنڊ کي اسان وٽ ولائتي سڏيو ويندو آهي! اسان وٽ ڪيترا ماڻهو ملندا جو جنهن تي به ولائتي ڇاپ ڏسندا ته بس اُن تي وشواس ڪري اها ڳنهندا. چاهي ان کان بهترين شيءِ ”پاڪستاني“ بازار ۾ موجود هجي! ڪيترن ماڻهن جي لغت ۾ لفظ ”ديسي“ جي معنيٰ ”خراب“ ۽ ولائتي جي معنيٰ ”سٺي“ بنجي چڪي آهي! ذرا ترقي يافته ملڪن جي ماڻهن کي ڏسو ڪيترا اهڙا آهن جو پنهنجو ملڪ ڇڏي ڌارئين ملڪ ۾ ويندا ته اتي به پڇائي پڇائي پنهنجي ملڪ جي شيءِ وٺندا. کير چاهي تازو ملندو هجي ته به پنهنجي ملڪ جا مهينن جا، منهن بند ٿيل کير جا دٻا وٺندا. ڪراچي ۾ هڪ انگريز فئملي جو (بند ٿيل دٻي جي صورت ۾) وٺن. اسان جي ملڪ جا وري ڪي اهڙا بيوقوف جو انگريزن کي ائين ڪندو ڏسي ۽ پاڻ کي به انگريز ۽ وڏو ماڻهو سڏائڻ لاءِ (بقول يوگوسلاويه جي هڪ چوڻي مطابق) اهو ئي خريد ڪندا جنهن تي انگلستان جي مهر لڳل هجي. اهو نه ڏسندا ته انگريز اها شيءِ خريد ڪئي ان ۾ سٺائي يا برائي جو وجود نه پر خريد ڪرڻ واري جي قرباني ۽ ملڪي شيءِ جي فروخت لاءِ همٿ افزائي جو جذبو سمايل آهي ۽ اسان کي به دراصل ان جذبي جو نقل ڪري پنهنجي ملڪ جي شين جي فروخت ۾ حصو وٺڻ کپي. هڪ روسيءَ کي هڪ امريڪي چيو ته ڪمال آهي توهانجي ملڪ ۾ ته ماڻهن کي بلڪل ئي آزادي ناهي. ذرا اسانکي ڏس وچ رستي تي جيڪڏهن چاهيون ته نڪسن ۽ ڪينيڊيءَ کي به گاريون ڏيئي سگهون ٿا. روسيءَ جواب ڏنس ته ان ۾ ڇا هي؟ اسان به نڪسن ۽ ڪينيڊيءَ کي وچ رستي تي گاريون ڏيئي سگهون ٿا.

ساڳيءَ ريت ڪو انگريزن جي برابري ڪرڻ لاءِ چوي ته آءُ به انگريزن وانگر اهي شيون خريد ٿو ڪريان ته سراسر بيوقوفي آهي.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته انگريز اڄڪلهه دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته آهن، ان جو نجو سبب آهي سندن چند سٺيون عادتون، جهڙوڪ: ايمانداري، محنت، پورهئي ۾ سچائي وغيره. منجهن ڪجهه خراب عادتون به آهن. جهڙوڪ: شراب پيئڻ، سگريٽ ڇڪڻ وغيره جن لاءِ هنن کي خود اعتراف آهي ته اُهي خراب شيون آهن. ايتري قدر جو دنيا جو مشهور انگريزي رسالو ”ريڊر ڊائجيسٽ“ هميشه سگريٽ نوشيءَ جي خلاف مضمون ڏيندو رهندو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سگريٽ جو اشتهار نه ڏنو اٿس. ذرا اسان وٽ ڏسو. انگريزن سان ڪلهو هڻڻ لاءِ اسان هنن جي سٺين عادتن تي عمل نه ڪنداسين. پر پاڻ کي هنن جهڙو بنائڻ لاءِ هنن جي خراب ڳالهين تي عمل ڪنداسين. خصيص ڪلارڪ، گهر ٻاري ڏياري ڪري، پنهنجي ٻين تي برتري ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ کان هڪ مهانگو انگريزي سگريٽ يا امريڪن سگريٽ ڇڪيندو. مون کي ڪيترا شاگرد، خاص ڪري پروفيشنل ڪاليجن (ميڊيڪل انجنيئرنگ) جا، جي حالانڪه غريب مائٽن جو اولاد هوندا، مائٽ بکون ڪاٽي کين پئسا موڪليندا هوندا، پر هو ٻين تي ٺلهي آڪڙ ۽ وڏائي ڏيکارڻ خاطر شراب پيئندا ۽ اهڙي بڇڙائيءَ جو ذڪر وڏي فخر سان دوستن سان محفلن ۾ ڪندا، يا خاص ڪري جڏهن پنهنجو ملڪ ڇڏي انگلينڊ يا آمريڪا پڙهڻ يا نوڪري خاطر ايندا، ته پاڻ کي انگريز يا آمريڪي سمجهڻ خاطر شراب ۽ ٻين اهڙين ڪنين شين جو استعمال عام ڪندا.

ذرا ٿڌي سيني سان سوچيو ته اهڙي قسم جي نوجوانن جون اهي حرڪتون، ملڪ، قوم، سندن خاندان ۽ سندن مستقبل لاءِ تباهي آهن! اسان کي گهرجي ته ترقي يافته ملڪن سان ڪلهو ملائڻ خاطر سندن سٺين ڳالهين جو نقل ڪريون. ان بابت تفصيل سان بلغاريه ۽ رومانيه واري خط ۾ لکي چڪو آهيان. وڌيڪ لکڻ مناسب نه ٿو سمجهان. ان ڪري هتي دبئي جون خبرون ٿو لکان. هتي پيٽرول تمام گهڻو ٿو ملي، ان ڪري سستو آهي. اٽڪل ڏهين آني في گئلن ملندو. ننڍي ڪار ڪا ورلي نظر ايندي. سمنڊ بندرگاهه وٽ گهرو ناهي ان ڪري وڏا جهاز بندرگاهه کان ٽي چار ميل پري کلي اونهي سمنڊ ۾ بيهن. اسانجو جهاز به گهڻو ٻاهر بيٺو آهي. اندر اچڻو هوندو اٿئون ته هتي جي لانچن ۾ ايندا آهيون يا پنهنجي جهاز جي لانچ لاهي ايندا آهيون. سمنڊ ڪناري وٽ اچي سنهو ڪئنال ٿو ٺاهي جو اندر ڪافي هليو ٿو وڃي. ان ڪئنال جي ساڄي پاسي ”ديرا“ شهر آهي ۽ کاٻي پاسي ”دبئي“ ۽ ”جهميرا“ آهي. دبئي ذرا ديرا کان پراڻو ۽ وڏو شهر آهي. هتي سئنيمائون تمام ٿوريون آهن، جن ۾ فقط هڪ شو نائين کان ٻارهين تائين ٿئي. جن ۾ اڪثر هندستاني ۽ پاڪستاني فلمون ڏيکاريون وينديون آهن. هتي پاڪستاني ريڊيو اسٽيشنون چٽيون ٻڌيون وينديون آهن. سو سڄو ڏينهن اڙدو گانن جي ڌم لڳي پئي هوندي آهي، ورلي ڪٿان عربي راڳ جو آواز ايندو. بهرحال هتي ڪو پاڪستاني اچي اجنبيت هرگز محسوس نه ڪندو. زبان ساڳي، لباس ساڳيو ۽ ماڻهو ساڳيا.

ملڪ جي قاعدي ۽ قانون ۽ حڪومت جي نگهباني برٽش حڪومت جي هٿ ۾ آهي ۽ فوج به ان جي مقرر ڪيل آهي، پر هاڻ تازو 1970ع ۾ برٽش وارا هٿ ڪڍي واپس پيا وڃن. ان بعد هتي جي رهاڪن کي خود پنهنجي ملڪ ۽ حڪومت جي نگهباني ڪرڻي پوندي. ان ڳالهه کي مد نظر رکي هينئر هتي جي پنهنجي فوج ٺهي رهي آهي، جنهن ۾ اڪثريت پاڪستانين جي آهي. ان کان علاوه خيال آهي ته هر قسم جي وڌيڪ مدد پڻ پاڪستان ڏيندو.

چڱو هاڻ الله تو آهر،

تنهنجو پنهنجو

الطاف

 

 

 

ماهوار ”سهڻي“ ضمانت آهي سونهن جي

ماهوار ”سهڻي“ ۾ سٺو ادب پيش ٿئي ٿو

ماهوار ”سهڻي“ سنڌي ادب جي ساک آهي

ماهوار

 

سهڻي

 

حيدرآباد، سنڌ

 

آمريڪا (U.S.A) اچڻ کان اڳ الطاف مون ڏي ويسٽ انڊيز ٻيٽن (ڏکڻ  آمريڪا) مان هڪ مفصل خط لکيو جنهن ۾ اتي جي ٻيٽن بابت تمام دلچسپ ڳالهيون لکيون هيون. اهو خط منهنجي جنهن به دوست آمريڪا ۾ پڙهيو تنهن کي پسند آيو ۽ انهن جي صلاح سان پوءِ اهو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري هڪ مقامي اخبار ۾ ڇپرايوسين، جنهن کي پڙهندڙن تمام گهڻو ساراهيو. هي ڪتاب ’منهنجو ساگر منهنجو ساحل‘ پڻ اهڙن دلچسپ خطن جو مجموعو آهي، جي الطاف پنهنجي پهرين ٽن (هوائي ۽ سامونڊي) سفرن باب، مختلف هنڌن تان ڊاڪٽر سليمان شيخ کي لکيا هئا. انهن ٽن سفرن دوران مصنف جو روم (اٽلي) يوگوسلاويه، چين، روس، مصر، رومانيه، بلغاريه، استنبول (ترڪي)، بيروت، طرابلس (لبنان) ڪولمبو (سلون)، ممباسا، سينيگال (آفريڪا)، قطر ۽ ڪناري ٻيٽ تي وڃڻ ٿيو. الطاف هيستائين اٽڪل چاليهه ملڪن جا سؤ کان به مٿي شهر، بندرگاهه ۽ ٻيٽ گهمي چڪو آهي. ۽ باقي ملڪن جا سفرناما الڳ ڪتاب ۾ مضمونن جي صورت ۾ ڇپجي رهيا آهن. الطاف ادبي دنيا ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي، سندس ڪهاڻيون، مضمون ڪيترن ئي سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. سندس لکڻيءَ  ۾ تمام گهڻو ميٺاج، سادگي ۽ نئون انداز آهي، جو پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو. اڄڪلهه نئشنل شپنگ ڪارپوريشن جي جهازن تي ’مئرين انجنيئر‘ آهي.

_ نور احمد

نيو ميڪسيڪو (آمريڪا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org