سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: منهنجو ساگر، منهنجو ساحل

الطاف شيخ

صفحو :4

 

طرابلس (TRIPOLI)

يوگوسلاويا جي مشهور بندرگاهه ”اسپلٽ“ تان رات جو ٻارهين لڳي، اٺاويهين تاريخ لنگر کنيوسين. اڄڪلهه آءٌ وري رات واري ڊيوٽي ڪري رهيو آهيان ۽ ڏينهن جو اُلو وانگر ستو پيو هوندو آهيان، سو ان وقت منهنجي ڊيوٽي هئي. پوري سفر ۾ اسان انجنيئرن کي ڏاڍو خبردار ٿي رهڻو پيو. بلڪل نئون جهاز ۽ نئين مشينري آهي. ڪيترا اهڙا واقعا ٿيا آهن جو انجنيئرن جي سستي ۽ لا پرواهي سبب نئين جهاز جي انجڻ کي ڪافي نقصان رسيو آهي. رفتار به سڄي نٿي رکيسين، سڄو عرصو سفر گهٽ رفتار تي ڪيو اٿئون. جيئن تيئن موٽر ڪار يا گاڏي پهرين ڪجهه عرصو آهستي هلائبي آهي ته هر هڪ پرزو رَوَان ٿي وڃي. چوٿين تاريخ صبح جو لبنان ملڪ جي شهر ٽرپولي ۾ خيريت سان پهتاسين. رستي تي ڪو به حادثو نه ٿيو. يوگوسلاويا، اٽلي، البانيا ۽ يونان جو ٿورو حصو ”اڊرياٽڪ“ سمنڊ جي ڪناري تي آهي ۽ لبنان، اسپين، موراڪو، الجيريا، ٽيونس، ترڪي، شام، لبيا، اسرائيل ۽ مصر ملڪ ”ميڊيٽرينين (Mediterranean) سمنڊ“ جي ڪناري تي آهي، سرديءَ جي ڪري اڄڪلهه سواءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي، هر سمنڊ گهڻو ڪري ماٺو آهي. پر اسان جيئن اڊريٽڪ سمنڊ پار ڪري ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ گهڙياسين، ته سمنڊ ۾ ڏاڍو جوش هو، مٿان وري طوفان ۽ سخت بارش، پورن پنجويهن ڪلاڪن تائين گهيري رکيو ۽ جهاز به بلڪل خالي هو ۽ هلڪي هئڻ ڪري ڪک وانگر طوفان ۽ لهرن جي رحم و ڪرم تي لڏڻ لڳو، ڪڏهن اڳيون حصو سمنڊ ۾ اندر هليو وڃي ته پويون ايترو ٻاهر نڪريو اچي، جو جهاز کي هلائيندڙ پکو (Propeller) به ٻاهر نڪريو اچي (جهاز کي ڦيٿا ته ٿين ڪو نه. پٺيان تري ۾ پنکو ٿيندو آهي). طوفان کان بچڻ خاطر اسان جهاز جي رفتار بلڪل تيز ڪري ڇڏي. پورن پنجويهن ڪلاڪن بعد جڏهن سمنڊ تي خاموشي طاري ٿي ويئي، ته اسان نقشي تي پنهنجي پوزيشن ڏٺي ته معلوم ٿيو، ته هيتري رفتار هوندي به ان عرصي ۾ جهاز اڳتي ته نه وڌيو، پاڻ ٽيهه ميل پٺتي ڌڪجي آيو آهي. اهڙي قسم جا واقعا سمنڊ تي عام ٿيندا آهن. 1962ع ۾ طوفان سبب هڪ جهاز ڌڪجي چٽاگانگ ۾ سُڪيءَ تي به سترهن ميل کن چڙهي آيو هو! جنهن کي وري سمنڊ ۾ نه آڻي سگهيا جو سمنڊ ۾ گهلي اچڻ جو خرچ جهاز جي خرچ کان ٻيڻو ٿي ٿيو. بهرحال اسان ٽرپولي هڪ ڏينهن دير سان پهتاسين.

ٽرپولي کي طرابلس به سڏين. اٺين يا نائين ڪلاس ۾ هڪ سبق آهي ”فاطمه آف ٽرپولي“ ۽ اها مسلمان ڇوڪري، جنهن جهاز ۾ زخمين جي مدد ڪئي سا هن شهر طرابلس سان واسطو رکي ٿي. اسلامي تاريخ ۾ طرابلس تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ۽ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ روايتون هن شهر سان وابسته آهن. لبنان ملڪ جو هي شهر، لبنان جي گادي جي هنڌ بيروت کان اسي ميل کن آهي.پورو لبنان ملڪ ايراضي ۾ ”سنڌ“ جي چوٿين حصي جيترو مَسَ ٿيندو پنجاسي سيڪڙو آدم شماري مسلمان اٿس ۽ انهن جبلن جي قطار سمنڊ جي ڪناري کان شروع ٿئي ٿي. جبل به ايڏا اوچا ۽ آفت جيڏا جو آسمان سان پيا ڳالهيون ڪن ۽ انهن جي چوٽين تي ڄميل برف ڏينهن جو چانديءَ وانگر چمڪندي رهندي آهي ۽ سياحن ۽ نون آيلن جي ڏسڻ جو مرڪزي رهندي آهي. جبلن تي هڪ خاص قسمن جا ”سيڊرا“ نالي تمام خوبصورت وڻ ٿين ۽ اهو ئي وڻ هن ملڪ جي قومي نشاني آهي جو جهنڊي، سڪي ۽ ٽڪلين تي نظر ايندو. هي ملڪ يورپ جي ڀرسان آهي ان ڪري مسلمان ملڪ هئڻ جي باوجود يورپ جي هوا جو اثر اٿس. رمضان ۾ به شراب خانا ۽ هوٽلون عام جام کليون پيون آهن. هتي جي عورتن جي ڊريس اسڪرٽ (Skirt)  آهي، جو سٿرن تائين مس ٿي اچي. (ڪالهه ته اخبار ۾ پڙهيم ته مصر ۾ عورتن مِني اسڪرٽ (Minni _ Skirt)  پائڻ شروع ڪري ڏني آهي، جن لاءِ اتي جي مولوين جمال ناصر کي عرض ڪيو ته هو اهڙو ڪو قاعدو ڪڍي جو ان تي بندش رهي، ڇو جو مِني اسڪرٽ پائي نماز پڙهڻ سان عورت جي اوگهڙ ٿي ظاهر ٿئي. صدر ناصر جواب ڏنو ته ان لاءِ قاعدو ته نه نڪرندو. هر فئملي پنهنجي مرضي جي مالڪ آهي.) عورت ۽ مرد ٻين يورپين ملڪن وانگر هتي به آزادانه نموني هر جڳهه گڏ ڦرندا رهن ٿا. هتي جون عورتون به مردن وانگر سگريٽ عام جام ڇڪين. هوٽل، بس، سئنيما ڪٿي به عورت ۽ مرد لاءِ الڳ الڳ بندوبست ناهي. توهان کي ڏسڻ سان ائين نه معلوم ٿيندو ته ڪو مسلمان ملڪ آهي. پر پنج ئي آڱريون برابر ناهن. گهرائيءَ سان جائزي لڳائڻ سان نمازي، روزيدار، پرهيزگار ۽ متقي جام نظر ايندا. مٿيون ڳالهيون سندن تهذيب ۾ شامل ٿي چڪيون آهن ۽ مذهبن جي خيال کان ڪافي ان ڪوشش ۾ آهن ته شراب يا مِني اسڪرٽ جهڙيون شيون بند ڪرايون وڃن. هتي زبان عربي ۽ فرينچ عام جام آهي. انگريزي، جرمن، ڊچ زبانون تمام ٿورا سمجهن. شهر ۾ ڪيتريون ئي مسجدون ۽ ڪليسائون آهن.

اسان هتي هفتو کن رهي، ان بعد بيروت وينداسين. هتان جهاز لاءِ تيل (ڊيزل آئل) وٺي رهيا آهيون. هتي تمام سستو آهي. اٽڪل ٻائيتاليهه هزار مڻ تيل وٺنداسين، جو مهيني ڏيڍ لاءِ ڪافي رهندو. بيروت بعد استنبول (ترڪي) وينداسين. تنهن بعد اوڊيسا (روس) وينداسين. هي پهريون دفعو آهي جو اسان جي ملڪ جو جهاز اوڊيسا (روس) ويندو. ڪالهه پاڪستان تان صبح، منجهند ۽ شام جي خبرن ۾ پڻ اهو ٻڌايو ويو. اوڊيسا ۾ تمام سخت سردي آهي ۽ برف لڳي پيئي آهي. روس کانپوءِ بلگيريا، رومانيا ۽ واپس ترڪي اينداسين. اتان پوءِ لاس پاماس، ممباسا (آفريڪا) مان ٿيندا پرشين گلف جي ملڪن دوها ۽ دبئي وينداسين سمنڊ گهڻو ڪري ماٺو آهي. ڪلهه سواءِ ائٽلاري تي آهي ۽ لبنان، اسپين موراڪو، الجيريا، ٽيونس، ترڪي، شام، aفدف۽ اتي اسان جي هيءَ مسافري ختم ٿيندي ۽ واپس پنهنجي ملڪ جي بندرگاهه ڪراچي يا چٽاگام اينداسين.

هن وقت هتي رات جا يارهن ٿي رهيا آهن. توهان وٽ هڪ وڄي چڪو هوندو، جو ٽن ڪلاڪن جو فرق آهي. توهان وٽ نائين ڊسمبر ٿي چڪي آهي، پر اسان وٽ تاريخ اڃان اٺين ڊسمبر هلي رهي آهي. هن وقت جيڪڏهن تون تار ڪرين ته 9 ڊسمبر جي مون کي اٺين ڊسمبر تي ملندي، يعني هڪ ڏينهن اڳ! ڪيئن؟ هتي ته فقط ٽن ڪلاڪن جو فرق آهي، اتي اخبارن ۾ خبرون اسان جي ملڪن جون هڪ هڪ ڏينهن اڳ ڇپيون آهن. جاگرافيءَ کان غير واقف اهو سوچي تعجب کائيندا آهن ته مشرق ۾ ڪا ڳالهه نائين تاريخ ٿي ۽ هتي اٺين تاريخ ئي اخبارن ۾ اچي ويئي.

مان هي شهر ٽرپولي (طرابلس) ڏاڍو گهميو آهيان. ڪافي وڏو شهر آهي. اوچيون اوچيون خوبصورت عمارتون ۽ گهمڻ  لاءِ قدرتي ۽ هٿرادو ٺهيل جڳهيون ۽ نظارا آهن. اسان کي دراصل گهمڻ ڏاڍو سستو ٿو پوي. پرديس ۾ ٻن شين جو مسئلو درپيش ايندو آهي. هڪ اَجهو، ٻي ماني. سو ٻئي شيون اسانکي جهاز تي ميسر آهن. يورپ ۾ به پاڪستاني ۽ هر قسم جا مشرقي کاڌا جهاز تي تيار هوندا آهن ۽ رهڻ لاءِ پنهنجا جهاز تي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرا. اهڙو سک ته هتي جي وڏين هوٽلن ۾ به نه ملي. نه ته هتي پنهنجي خرچ سان ايترا ڏينهن گهمڻ، اسان جي ملڪ جو امير کان امير به برداشت ڪري نه سگهندو. هتي مهانگائيءَ جو ڪو شمار ناهي. معمولي هوٽل ۾ به چانهه جو ڪوپ ٻه رپيا، معمولي ڪچي نوٽبڪ جو رپيو. ڏيڍ، ”عبرت“ کان به گهٽ صفحن جي روزنامه اخبار جو هڪ رپيو. اسان جهڙن غريب ملڪن لاءِ ته تمام مهانگائي چئبي، پر هتي جا ماڻهو محسوس نٿا ڪن جو ڪمائي به لکن – هزارن ۾ اٿن. قدرتي پيٽرول هٿ اچي ويو آهي ۽ ٻاهرين ملڪن مان هميشه سياح گهمڻ ايندا رهن ٿا، ان ڪري ڪمائي خوب اٿن. بهرحال جيسين گهمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ  ۽ رهائش جو مسئلو آهي، ان کان بيفڪر آهيون ۽ صفا خرچ نه ٿئي. باقي ٿوري به خريداري ڪئي ته پنهنجو پاڻ وڪڻڻ ٿيو. ساڳي حالت ٻين يورپين ملڪن جي آهي. يوگوسلاويا ۾ منهنجو بوٽ ڇڄي پيو. جهاز تي موچي آيل هو. پڇيومانس گهڻو وٺندين؟ چيائين ”پنجاهه دينار (اٽڪل ٽيهه رپيا) وٺندس. بوٽ لاهي ڏي ته منٽن ۾ سبي ڏيانءِ ۽ تري تي چمڙو به هڻي ڏيانءِ.“ مون آرام سان، چُپ چَاپ بوٽ جو هڪ هڪ پادر ڪري پيرن مان لاٿو. هڪ دفعو يوگوسلاويا جي فلڪ بوس عمارن ڏي ڏسي ٿڌو ساهه کنيم ۽ پوءِ سمنڊ طرف منهن ڪري ٻنهي پادرن کي کڻي اڇل ڏنم. سڌو وڃي سمنڊ ۾ پيا، ۽ ڳپل وقت تائين هفتو کن اڳ حيدرآباد مان ورتل پنجويهه رپين جا جوتا ترندا ڏسندو رهيس. شام جو پنجاهه رپين جا نوان ڳنهي آيس.

ڪراچيءَ کان روم ۽ يوگوسلاويه هوائي جهاز رستي آيو هوس، ان ڪري تمام مختصر سامان کڻڻو پيو. خبر نه هئي ته روس به وينداسين، سو اُوور ڪوٽ ڪراچي ڇڏي آيس ۽ هتي وڏو مسئلو بنجي پيو. روس ۾ ڪمبل اوڙهي ته نه گهمي سگهبو. هتان جي ريڊي ميڊ دڪان تان وڃي پڇايم ته معمولي ڪوٽ جي قيمت پنج سؤ  کن (50) رپيا ٿي ٻڌايائون. سوچيم شايد درزي سستو سبي ڏي جيڪڏهن ڪپڙو وٺي ڏيان. درزيءَ سان ڳالهايم ته معلوم ٿيو ته آرڊر ڏيئي ٺهرائڻ تي ساڳي ڪوٽ جو خرچ وڌيڪ ايندو. خير وٺڻ جو ارادو لاهي ڇڏيم. موٽڻ وقت هڪ گهٽيءَ مان پئي لنگهيس ته هڪ ڪوٽن واري دڪان تي قسمين قسمين ڪوٽ ٻاهر ٽنگيل ڏسي اندر گهڙيس. اندر ڏسان ته ڪوٽن ۽ سئيٽرن جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ وڪڻڻ وارو ٻين دڪاندارن وانگر شوخ ۽ چالاڪ قسم جو نه پر ڳوٺاڻو ۽ سادو پئي لڳو. هڪ ڇوڪريءَ ته اتي ئي سئيٽر وٺي ان مان پشم ۽ پيڙا پئي ڪڍيا ۽ پشم جو ويڙهو پئي ٺاهيائين. يڪدم سمجهي ويس ته هي ڪراچيءَ جي لُنڊا بازار وارو قصو آهي، جتان اسان جهڙا ڪنگال نيلامي ڪوٽ وٺي، وڏين وڏين هوٽلن ۽ دعوتن ۾ پائي لئه رکندا آهن. هڪ پير مرد انگريز به پاڻ لاءِ ڪوٽ ڳولهي رهيو هو. مون به هڪ عاليشان گرم ڪوٽ ڳوليو، هر لحاظ کان نئون لڳي رهيو هو. سوچيم ته پنج سَوَ رپئين تائين ڏنائين ته وٺندس. اگهه پڇيومانس ته پني تي ٻارهن ليڙا لکيائين. يعني اٽڪل ٽيهه رپيا کن (هتي جي سڪي جو نالو ليڙا، پياسٽر آهي. سئو 100 پياسٽر هڪ ليڙي برابر آهن).

ايترو ننڍو اگهه ٻڌي، ٿورو مٿي تي آءٌ به چڙهيس. سوچيم سودو ڪيو وڃي، جو هتي عرب ملڪن ۾ يورپ جي ملڪن وانگر ڪنهن به شيءِ جا اگهه مقرر نه آهن. ٽئڪسي واري، رستي تان ٻين کان رپيو ڏيڍ ورتو پر مونکي ٻاهريون ڏسي اَڙِي ڪري بيهي رهيو ته اَٺ رپيا ڏينم. خير ڏيئي جان ڇڏايم، مٿان رپئيو ٽِپ (Tip) به ڏنيمانس. سو هاڻي ڪَڻي جي ڪَسر ڌَڙي مان ڪڍڻ لاءِ سوچيم ته ٻه ليڙا گهٽ ڪرايانس. عربي پاڻکي بلڪل نه اچي. ننڍي هوندي عربيءَ جا پيرڊ گساياسين ۽ عربي جي ڊپ کان اسڪول ئي ڇڏي اچي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ نڪتس. جتي عربي بدران پريڊ ڪرڻي ٿي پئي. (ڪو خاص فرق محسوس نه ڪيم. نئين ٻولي سکڻ يا وڏا بوٽ پائي پڪي رستي تي نٽهڻ اُس ۾ پريڊ ڪرڻ ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي. فقط هڪ ۾ ذهني تڪليف ۽ ٻئي ۾ جسماني تڪليف آهي.) بهرحال ڏهين جو نوٽ پاسي تي ڪڍي ان تان پڙهي چيومانس ”عشرهِ ليڙا“ پهريائين نه مڃيائين، پر پوءِ ٻاهر ٿي نڪتس ته رازدارنه انداز ۾ آيل انگريز گراهڪ کان لِڪي اشارن ۾ سمجهايائين ته هن کي وڃڻ ڏي پوءِ تو لاءِ هڪ ليڙو گهٽ ڪندس. آءٌ تيسين واڻ جي مڙهيل منجيءَ تي ٿي ويٺس. اتي ڪجهه ٻيون ڇوڪريون به سئيٽر وٺڻ آيون ۽ گهٽ اگهه ڪرائڻ لاءِ ڪوڪراٽ ڪري وڙهڻ لڳيون. آخر ڪامياب ٿي ويون. دڪاندار کي آڻ مڃڻي پيئي. ان وقت مونکي پهريون دفعو احساس ٿيو ته دنيا جي سڀني ڇوڪرين ۾ ڪو به فرق ناهي. ان بعد انگريز کي ڦُري دڪان کان ٻاهر لاٿائين ته مون ڏهين جو نوٽ ڪڍي ڏنومانس ته ”اونهه هون“ ۽ منهن کي کڻي موڙو ڏنائين. آءٌ به اشارا ڪري ٿڪجي پيو هوس سو سنڌيءَ ۾ چيومانس، ”اونهه هون ته هلندو ٿي، سخت برف باري ۾ اهڙو شوق اوڊيسا گهمڻ جو مونکي به ڪونهي.“ سمجهيو ڪجهه به ڪو نه. وري عربيءَ ۾ اشارا ڪري چوڻ لڳو ڀلا ساڍا ڏهه ڏي ”خلاص، خلاص.“ چيومانس ته ”خلاص، ته خلاص، مون به ضد ڪيو آهي سو پاريندس. السلام عليڪم يا اخي“ چئي هيٺ لٿس ته نوڪر کي چيائين ته جلدي ٻڌي ڏيندس ۽ ڏهن ليڙن (ا ٽڪل ٽيويهه رپئيا کن) ۾ اسان کي ڪوٽ ملي ويو. جهاز تي کڻي آيس. دوستن پڇيو گهڻي مليو. چيومان ته ڪراچي مان ٺهرايو هوم. پڇيائون گهڻو خرچ آيو. چيومان ”ساڍا ٽي سؤ رپيا.“ هڪڙي ٿڌو ساه کڻي چيائين، ”ڪراچي ۾ واقعي سستائي آهي. هتي ته لاهه پٽيو ڇڏين!“

هتي جي دڪاندارن جي هڪ ڳالهه ڏاڍي سٺي آهي، جو سامان جو بل چڪتو ڪري پوءِ چانهه شربت جي صلاح ٿا ڪن. پاڻ وانگر نه ته پهرين زبردستي گراهڪ کي چانهه پياري هن کي شيءِ وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو ۽ پوءِ سندس چانهه جا (۽ پنهنجي چانهه جا به) پئسا هن جي بل ۾ هڻي ڇڏيندا. هڪ دڪاندار شايد روزي لاءِ ٿي پڇيو پر آءٌ سمجهي نه سگهيس. وري چيائين، ”هَل انت مسلماً؟“ جواب ڏنومانس، ”الحمدالله.“ ڏاڍو خوش ٿيو. وڌيڪ الائجي ڇا چوندو رهيو. پر اشارن مان سمجهيم ته چوي پيو ”پاڻ مسلمان ملڪن جا باشندا سڀ ڀائر آهيون.“ انڊيا سان ڊز ڊز دُگر مَ ^ دُ گرَ م^ جنگ ختم ٿي يا نه. توهان بهادر آهيو. مصر وارن چاڙهو نه ڏيکاريو. هيڏو وڏو ملڪ هيتري ننڍي کان دٻجي ويو. در اصل هو عياش ٿي ويا آهن. اهو مسلمان روح نه رهيو آهي.“ وغيره وغيره. آءٌ فقط ”نَعم نَعم.“ ڪندو رهيس.

هتي هڪ سئنيما هال آهي، جتي هندستاني فلمون ڏيکاريون وينديون آهن. نالو ’راڪسي‘ اٿس. ان ڏينهن راڪسي سئنيما جي حالانڪ پٺيان بيٺو هوس، پر منجهي پيس ته هيءَ ڪهڙي جڳهه آهي ۽ صحيح رستو هٿ نه پئي آيم. سامهون ٽي ٻار ڇهن ستن سالن جا پئي آيا. انهن ۾ هڪ مشڪي رنگ جو ڏسي مون سمجهيو ته شايد اسانجي پاسي جو هجي يعني پاڪستاني، هندستاني، سلوني، نيپالي يا برمي وغيره. سو ان کي اُڙدو ۾ مخاطب ٿي چيم ”سُنيئي آپ اِنڊين هين؟“ جواب نه ڏنائين هڪٻئي جو منهن ڏسڻ لڳا. وري انگريزيءَ ۾ ٽي دفعا پڇيومانس. چيائين ”لا“ اتي ٻيا ٻه عرب ڇوڪرا هڪٻئي جو تعارف  ڪرڻ لڳا. هڪٻئي تي تبصرو ڪري کلڻ لڳا. آهستي چيومان، ”مون پچر ڇڏي، ڪٿي جو به هجين. ٻڌاءِ راڪسي ويئر؟“ هر هڪ مختلف طرف ٻڌايو. هڪٻئي سان ضد پيا ڪن، وڙهن پيا، ڪو چوي هيڏانهن وڃ، ڪو هوڏانهن لاءِ پيو زور ڀري. چيو مان، ”ٻيلي ڏيو معافي. توهان سان پڄڻ جي جاءِ ناهي.“ اجايو لاڙڪاڻي ۽ سکر جي ماڻهن کي شڪايت آهي ته سندن ٻار ڏنگا آهن. اڳتي وڌيس ته وري ڊوڙي آيا.

پڇڻ لڳا، ”راڪسي ريستورنت؟“

جواب ڏنومان، ”لا.“

”راڪسي پيترول کالتيڪس؟“

”لا.“

”راڪسي سئنيما“

”نعم.“ خوش ٿي جواب ڏنو مان. اشارو ڪيائون ته: هيءَ گهٽي ٿي وڃي. اِها خبر هجي ها ته سئنيما کي عربي ۾ سئنيما ئي چون ٿا ته پهرين ئي پڇجي ها. يو گوسلاويا ۾ خريداريءَ لاءِ وڃڻو هوم، جنهن کان به پڇون ته ”شاپنگ سينٽر ڪٿي آهي؟ مارڪيٽ ڪٿي آهي؟ ڊپارٽمينٽل اسٽور ڪٿي آهي؟“ سمجهن نه. آخر هڪ کان تنگ ٿي اڙدو ۾ پڇيو، ’توهان جي شهر جي بوري بازار ڪٿي آهي؟‘

”اوه بَزارا!“ اشارو ڪيائين سامهون آهي. پوءِ معلوم ٿيو ته وڏي دڪان کي بازار ٿا سڏين.

هتي موٽر جام آهن ۽ سڀ وڏيون ۽ اعليٰ درجي جون. ٽئڪسي جي اها سڃان آهي ته هر ’مرسيڊيز- بينز‘ ڪار، ٽئڪسي آهي! مرسيڊيز ڪار پاڪستان ۾ لک مُني لک جي ملي ته هتي فقط ويهه هزارن ۾ ۽ ٻيون به ڪارون سستيون آهن. باقي ٻي هر شيءِ مهانگي. ڪالهه اڍائي رپيا ڏنم ته فقط ڇهه سڪل اکروٽ مليا. چڱو جو جهاز ساڻ آهي نه ته هنن ملڪن ۾ اچڻ يا پنهنجو پاڻ کي ’ٻٻر‘ جي وڻ سان هميشه لاءِ ٻڌي ڇڏڻ ساڳي ڳالهه آهي. ٻنهي صورتن ۾ بک وگهي ۽ بي گهر ٿي مري سگهبو. پنهنجي ملڪ جا جي يورپ مان اچي طرح طرح جون من گهڙت ڳالهيون ٻڌائيندا آهن ۽ ٻٽاڪون هڻندا آهن، اُنهن جي حالت هتي اکين سان ڏٺي اٿم. سواءِ چند جي، جيڪي هتي به هزارين رپيا ٿا ڪمائين ۽ گهران به ٿا گهرائين، ٻيا سڀ پريشان ڪن حالت ۾ ٿا گذارين. سادو سودو هڪ ويلو کائيندا ته ٻيو نه کائيندا آهن. هيڏانهن هوڏانهن تڪليفون ڪاٽي، ڏينهن رات محنت مزدوري ڪري پورت ڪندا آهن. هتي عجيب عجيب نا پسنديده حرڪتون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو بدنام ٿا ڪن. چوندا ”پاڪستان ۾ رکيو ئي ڇا آهي؟“ ٺيڪ آهي پاڪستان غريب ملڪ آهي، اڃان ترقيءَ جي راهه تي آهي. آخر ڪنهن کي قربانيون ڏيڻيون پونديون. توهان جتي جنم ورتو، جنهن توهان کي پڙهائي انجنيئر يا ڊاڪٽر بنايو، ان جي خدمت ڪرڻ ته ڇا، ائين ڇڏي وڃڻ ڪٿي جو انصاف آهي!؟ ڪاش، اسان جا پاڪستاني ڀائر چيني ماڻهن مان سبق حاصل ڪن. جيڪي هزارين رپين جا پگهار به ڇڏي اچي سَوَ ڏيڍ تي ملڪ جي خدمت ڪرڻ لڳا آهن. هيڊروجن بم، ائٽم بم ائين ئي ته ٺهندو. ملڪ جي مضبوط گي، آسودگي ۽ ترقي ائين ته ٿيندي. خير، ادا ڇڏ انهن ڳالهين کي. ٻئي خط ۾ انشاءَ الله توکي انهن بابت ٻڌائيندس جي هتي ڪيئن ڦاسيو ٿا شادي ڪن ۽ ڪهڙي قسم جي عورتن سا ٿا شادي ڪن. هتي جڳهه جڳهه پرائيويٽ بئنڪون آهن، جتان دنيا جو هر سڪو تبديل ڪري ڏيندا آهن. اسان وٽ به اٽلي، مصر ۽ يوگوسلاويا جو ڪافي ڪچرو بچيل هو، اهو ۽ ڪجهه ڊالر اسان دوستن گڏجي هڪ بئنڪ تان مٽايا. جن جا هزار رپيا کن ٿي ٿيا، پر Calculation جي غلط حساب سبب هزار بدران ڏهه هزار ڏيئي ويو. اسانکي به خبر نه هئي. جو  هر ملڪ ۾ سڪي جو مختلف اگهه آهي. آءٌ ته ڪو نه هوس، ٻيا دوست مٽائي کڻي آيا ۽ ورهاياسين. ٻيا ته ڪجهه خرچي به آيا. ٻئي ڏينهن آءٌ جهڙو بئنڪ تي ويس ته پڇيائين: پاڪستاني آهين. چيومانس: ها. پوءِ سارو قصو ڪري ٻڌايائين ته رات مون سان هي ويڌن ٿي آهي ۽ غلطي ۾ زياده پئسا ڏيئي ويٺو آهيان، چار ڄڻا هڪ عرب سان گڏ آيا هئا. آٿت ڏيئي چيومانس: گهٻراءِ نه. اُنهن خوش نصيبن ۾ آءٌ به آهيان. جنهن ساري رات خوشيءَ وچان ننڊ نه ڪئي آهي. هاڻ جلدي ڪر، دهليءَ جا ٺڳ اسان نه آهيون، جهاز تي هل ته هلي هنن کان وٺون. دعا ڪر ته خرچيا نه هجن. جهاز تي آياسين، سڀ وڌيڪ مليل پئسا واپس ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا. پئسا جمع ڪري کيس ڏنم، شڪريو ڪري چوڻ لڳو، ”توهان پاڪستاني ڏاڍا سٺا آهيون.“ دل ۾ چيم ته پِير ڪي زور اٿئي ۽ ڀاڳن وارو آهين، جو اسان جهڙن معتبرن جي ور چڙهي وئين نه ته سِرُ وڃئي ها. وڃڻ وقت بئنڪ تي اچڻ لاءِ دعوت ڏنائين ته اچجو ته پوءِ  جبلن جي چوٽين تي پڪنڪ لاءِ هلنداسين، جتي برف پئي وسي ۽ سيڊار وڻن جا ٻيلا آهن. پر اسان نه وياسين، هن اجايو ٿورو ٿي لاٿو. ٻئي ڏينهن شهر ويس پر سندس بئنڪ اڳيان لنگهيس به ڪو نه. جيئن ڪو اوڌر نه ڏيڻ خاطر ان گهٽيءَ مان ئي نه لنگهندو آهي. ڪالهه اوچتو شهر ۾ ملي ويو ۽ بئنڪ تي گهلي آيو. پنهنجن ڀائرن ۽ پوڙهي پيءُ سان ملايائين. ڪلاڪ ڏيڍ خبرون ڪندا رهياسين. هڪ ٻئي جي ملڪ، رسم ۽ رواج ۽ مذهب بابت. پوءِ موڪلائي نڪتس. وري طرابلس شهر جا رستا ۽ گهٽيون ماهر سروير وانگر ماپڻ لڳس، ته اوچتو اچي بارش وسي. (هتي بارش ڏاڍي پوندي آهي. هتي جا جبل ڪڪرن کان به اوچا آهن ۽ سمنڊ کان اُٿيل ٻاڦ کي ٻي پاسي لنگهڻ بدران واپس موڪليندا رهندا آهن ۽ طرابلس مٿان ئي وسڪارو لڳو رهندو آهي.) بارش کان بچڻ خاطر هڪ دڪان جي آڙ ۾ ٿي بيٺس. اتفاق سان بئنڪ وارو ’عبدالقادر‘ اتان اچي لنگهيو. سندس گهر ڪو سامهون ئي هو. تنهن جو مونکي بارش ۾ ڀڄندو ڏٺو سو گهر هلڻ لاءِ چيائين. سندس گهر چوڏهن منزله بلڊنگ جي ستين ماڙ تي هو. ”اسان هتي جا امير ترين ماڻهو آهيون، پر اسان جي فئملي هميشه سادگي پسند رهي آهي. هي ساري بلڊنگ اسان جي آهي. اسان چار ڀائر آهيون. ٻه وچيان شادي شده آهن. آءٌ وڏو آهيان ۽ ڀاءُ ۽ ڀاڄائي سان ستين منزل تي ٿو رهان ۽ ٻيا ڇهين تي. باقي منزلون مسواڙ تي آهن. هڪ ٻي ٻاويهه ماڙ بلڊنگ وچ شهر ۾ ٺهيل به اسان جي آهي. اسان جون پرائيويٽ بئنڪون آمريڪا، فرانس، جرمني ۽ آسٽريليا ۾ به آهن. نيويارڪ ۾ هر هڪ واپاري اسان کي سڃاڻي ۽ ايمانداريءَ جي ساک به ڏيندو آهي.“ لفٽ خراب هئي سو ڏاڪا به چڙهندا وياسين ۽ ڳالهيون به ڪندا وياسين. هنن جي پوري فئملي انگريزي، عربي ۽ جرمن به ڳالهائي سگهي، سو اسان انگريزيءَ ۾ گفتگو ڪري رهيا هئاسين. آخر جڏهن ستين ماڙ تي پهتاسين ته تالو لڳل هو. چيائين ته، ”ڀاڀي ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ ويئي هوندي. اجهو آئي. هل ته هيٺ انتظار ڪريون.“ چيومانس، ”لفٽ کي ڇا ٿيو آهي؟“ ”خراب ٿي پئي آهي.“ لفٽ جو دروازو کولي چيومانس ته ”پرواه نه ڪر. آءٌ انجنيئر آهيان. اهي مشينري جون سڀ کيڏون ڄاڻان.“ چڱيءَ طرح ڏٺم ته هڪ تمام معمولي خرابي هئي، جنهنڪري لفٽ اڪثر رنڊجي پوندي آهي. چيومانس: اکيون بند ڪر. ٺيڪ ڪري بٽڻ کي دٻايم ته ٻي ساعت ۾ پٽ تي هئاسين. ڏاڍو کليو ۽ پڪو دوست ٿي ويو. ٻاهر نڪتاسين ته سندس ڀاءُ، ڀاڀي ۽ ڀاءُ جي سَسُ بيٺي هئي. تعارف بعد فيصلو ٿيو ته ڀاڀي ’مونا‘ جي ماءُ دمشق (شام) وڃي رهي آهي، سو ان کي بس تي ڇڏي اچون. بس چُرڻ لڳي ته: في امان الله چيومانس. سڀ وائڙا ٿي ويا ته عربي ڪيئن سکيس. پوءِ کين ٻڌايم ته اسان جي زبان ۾ عربي ڪافي مليل آهي ۽ لکڻي به عربي اسٽائيل ۾ اٿئون. گهر آياسين. گهر جو دروازو کوليوسين ته اندر ائين لڳو ڄڻ ڪو شاهي محلات آهي. مون به ڪيترن جا گهر هڪ کان هڪ اعليٰ ڏٺا  آهن پر هي مغرب ۽ مشرقي طرز سان سينگاريل هو. هر شيءِ قيمتي ۽ اعليٰ نظر اچي رهي هئي. ڪمرا تمام وڏا ۽ ڪشادا، قيمتي ايراني غاليچن سان سجايل هئا. ڪلاڪ ڏيڍ جي ڪچهري ۾ ئي ڏاڍو رلي ملي وياسين، ڄڻ پراڻا واقفڪار يا مائٽ هجن. گهر ۾ ڪو به نوڪر يا نوڪرياڻي نه هين. هيتري ڪروڙ پتي هوندي به ’مونا‘ خود ويئي ۽ چانهه ٺاهي آئي. رڌ پچاءُ جو سارو ڪم به پاڻ ٿي ڪيائين. پاڻ انگريزي ۽ جرمن زبان ۾ گريجوئيٽ آهي. اسان وٽ ذرا فرق ڏسو، ڪا ڇوڪري ٻه درجا پڙهندي ته پاڻ تي مَکِ وهڻ به نه پئي ڏيندي. چار چار نوڪرياڻيون هوندي به هر امير گهر ۾ شڪايت رهندي آهي.

چانهه جو دور به هلندو رهيو ۽ ڳالهيون به ڪندا رهياسين. پنهنجي فئملي جا هڪ هڪ ڪري سڀ فوٽون ڏيکاريائون. پاڻ ٻڌايائون ته ٻارن جا نالا جهاد (اسلامي لڙائي) ۽ نجاد (زهر ٻڏل خنجر) ان ڪري رکيا اٿئون، جو ٻنهي جو هڪٻئي سان واسطو ٿو رهي. ڳالهين ڪندي پڇيائين ته، ”توهان سڀ پاڪستاني کلڻا ۽ خوش مزاج آهيو ڇا؟“ چيومانس، ”اسان پنهنجا سوين سور ۽ درد دل اندر ئي دفن ڪري ٻاهران مسڪراهٽ جو قُبو اڏي ڇڏيندا آهيون. “ ادب جو اچي ذڪر نڪتو. چيومانس، ”مشرق ۽ مغرب جي اديبن ۾ وڏو فرق آهي. مغرب جا اديب ’سائنس ۽ ٽيڪنالاجي‘ جا ڪتاب لکندا آهن ۽ اسان جا اديب فقط ڪوڙا قصا ۽ ڪهاڻيون لکندا آهن. جنتريون ۽ خوابن جا خوبصورت تعبير لکندا آهن. مغرب جي ماڻهن وڃي چنڊ ۽ تارن تي قبضو ڪيو آهي. اسانجا ماڻهو اڃان اڳ ڪٿين ۾ وقت وڃائيندا رهندا آهن ته فلاڻي تاري جو فلاڻو اثر آهي. ستارو گردش ۾ آهي. اڄ سج گرهڻ ٿيندي. پيٽ سان عورت سڌي ٿي سمهي، نه ته چپ ڪٽيو يا نڪ ڪٽيو ٻار ڄمندس وغيره وغيره. مونا ڏاڍو کلي رهي هئي. کين ٻئي ڏينهن جهاز تي لنچ لاءِ دعوت ڏنم، جا قبول ڪيائون.

آندل گج مونا کي ڏنم ۽ سنڌي ٽوپي عبدالقادر کي. کين زور ڪيم ته نجاد ۽ جهاد کي به ضرور آڻجو. هلڻ وقت وري جڏهن تاڪيد ڪئي مان ته مونا سس پس ڪرڻ لڳي. پڇيومانس: ڇا ڳالهه آهي” مُڙسُسُ چيو: پڇي ٿي ته شادي شُده آهين. چيومانس خدا جي فضل سان اڃان ته نه آهيان، پر ٻارن لاءِ پيار اٿم، هر ٻار ايندڙ زماني جو ستارو آهي. ٿي سگهي ٿو هي ٻار مستقبل کي ٻيو ئي رنگ ڏين جو حال کان بهتر ۽ سڦل ثابت ٿئي.

اڄ منجهند جي ماني تي مونا ۽ ٻار جهاز تي آيا. مونا سنڌي ٽوپي پائي آئي هئي. ڏاڍو ٺهي رهي هئي. دل ۾ چيم ان پڳ جو قدر سنڌ کان علاوه هر جڳهه تي آهي. ڪيترو ئي وقت جهاز تي هئا. کين سارو جهاز گهمايم ۽ ڏيکاريم ته ڪيئن ٿو هلي. شام جا ٽي وڄي ويا آهن. ان بعد ٿوري دير آرام ڪري هي خط توڏي لکي رهيو آهيان. اڄ رات جو پوري ٻارهين بجي لنگر کڻي رهيا آهيون. هڪ نئين ديس ۽ نئين دنيا طرف.

_ تنهنجو

بحر اسود (BLACK-SEA)

ميڊيٽرنين سمنڊ ۽ ڪاري سمنڊ کي هڪ تمام سنهي نار ٿي ڳنڍي جنهن جو پيٽ سنڌو نديءَ کان ٻيڻو ٿيندو. نار جي پاسي وڏا وڏا جبل آهن جن جو سلسلو ڪناري کان شروع ٿو ٿئي ۽ انهن جبلن تي ٻنهي پاسي ترڪيءَ جو وڏو ۽ خوبصورت شهر استنبول ٻڌل آهي. هڪ طرف پراڻو استنبول آهي ۽ ٻئي طرف نئون. هن وقت اسان ان نار جي وچ ۾ بيٺا آهيون. سامهون هن نار تي ٻڌل وڏي پُل (جيڪا فلم ’دئٽ مين ان استنبول‘ ۾ به ڏيکاري وئي آهي) سا نظر اچي رهي آهي ۽ ڪنارن تي استنبول جون دنيا جون مشهور ڊگهن منارن واريون مسجدون صاف نظر اچي رهيون آهن. ڪاري سمنڊ جي ڪناري تي روس، بلغاريه، رومانيه ۽ ٻيا ملڪ اچي وڃن ٿا. هن سمنڊ کي اسود، ڪارو يا Black ان ڪري ٿا سڏين جو هتي سال جا ٻارهن مهنائي ڪوهيڙو ۽ ڌنڌ لڳو پيو هوندو هي. ڏيک (Visibility) ھميشه ڌنڌلو يا بلڪل نه هوندو آهي ۽ چؤطرف ڪاراڻ نظر ايندي آهي. ان ڪري هن سمنڊ جو نالو اِهو رکيو ويو آهي. هن سمنڊ ۾ جهاز هلائڻ وقت هميشه خيال رکڻو پوندو آهي ۽ بار بار ڪوهيڙي جو سنگل ڏيڻو پوندو آهي، جيئن سامهون ايندڙ جهاز هڪٻئي کان خبردار رهي سگهن. ٻيڙيون ۽ ننڍا جهاز ته هن سمنڊ جي ڪناري تي به هلندي گهٻرائيندا آهن. هيءَ سمنڊ جي پَٽِي يا نار جيڪا ٻن وڏن سمنڊن کي ملائي ٿي، سا ترڪيءَ جي ملڪيت ليکي ويندي آهي. ان ڪري هتان لنگهڻ وقت هر جهاز کي ترڪيءَ جي حڪومت کان موڪل وٺڻي پوندي آهي. هن نار تائين پهچڻ کان اڳ، طرابلس (لبنان) کان ايندي وقت وچ سمنڊ ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا جابلو ٻيٽ سمنڊ اندر ۽ ٻاهر نظر آيا. اٽڪل ٽي ڪلاڪ کن اسانکي جهاز آهستي هلائڻو پيو. اهي ٻيٽ سنگاپور يا ملايا جي ٻيٽن وانگر آباد نه آهن، گهڻو ڪري سڀ سنسان ۽ ويران آهن. ڀرسان لنگهڻ وقت جهاز جي آواز تي، انهن جبلن تي رهندڙ عقابن ۽ ٻين پهاڙي پکين اڏامي آواز ٿي ڪيو. شايد انهن جا ڪي آنا يا ٻچا آهن ۽ حملي جي ڊپ کان دانهون ٿي ڪيائون.

اسان کي هن نار ۾ هڪ هنڌ بيهي انتظار ڪندي ٻه ڏينهن ٿي ويا آهن. هتان روس جي بندرگاه اوڊيسا (جتي اسانکي وڃڻو آهي) تائين فقط هڪ ڏينهن ۽ رات جو پنڌ آهي. هتي اسان ان ڪري ترسي پيا آهيون جو موسميات جي اطلاع موجب ٽن ڏينهن کان بحرِ اسود ۾ طوفان (Gale) لڳي رهيو آهي. خير طوفان ته سمنڊ ۾ لڳندا رهن ٿا، ’وه ساگر  بهي ڪيا جس مين طوفان نه  آئي‘ ان جي پرواه ناهي. اسان جي جهاز تي هن وقت ڪو به مسافر ناهي ۽ اسان ته سامونڊي لوڏن ۽ طوفانن جا عادي بنجي چڪا آهيون. ’اسان جو ڪم ته موجن سان لڙڻ آهي.

اسان جي ذهن ۾ ساحل ناهي‘ – تنوير

سو اسان کي پنهنجو فڪر ناهي، پر سامان جو فڪر آهي. اسان  طرابلس (لبنان) مان دُبئي ۽ دوها ملڪن لاءِ هزارين سيمنٽ جا پائيپ کنيا آهن ۽ جيڪڏهن طوفان سبب هيٺ مٿي جهاز ٿيو يا لوڏا آيس، ته پائيپ هڪٻئي سان لڳي ڀڄي پوندا. هن وقت جهاز جي اِنجڻ ۽ هر شي هلڻ لاءِ تيار آهي. فقط موسم صاف ٿيڻ جو انتظار آهي. جهاز تي اسان وٽ هر قسم جا اوزار ۽ آلا آهن، جن ذريعي موسم جو حال احوال معلوم ڪري سگهون ٿا. سو جيئن ئي اسان هلڻ لاءِ موسم بهتر سمجهنداسين ته لنگر کڻنداسين. جهاز کي جيٽي سان لڳائي لهي گهمڻ ڦرڻ هن وقت نقصانڪار رهندو، ڇو جو جهاز کي جيٽي (ڌڪي) سان لڳائي بيهارڻ جي روزانا مسواڙ ۽ ٻيا خرچ، هزارين رپئين ۾ بندرگاهه وارن کي ڏيڻا پوندا آهن. انڪري اسان هتي وچ نار ۾ ئي لنگر ڪيرائي ترسيا پيا آهيون. لنگر ڪيرائڻ سان جهاز چُري پُري نه سگهندو آهي. هر جهاز کي اڳيان ٻه لنگر هوندا آهن. لنگر جي تور اٽڪل ٽي ٽن کن ٿئي. جيترو به پاڻي گهرو هوندو آهي اوترو لنگر هيٺ ڇڏيندا آهيون جيئن لنگر سمنڊ جي تري ۾ وڃي کُپي ۽ جهاز کي هڪ هنڌ جهلي بيهي. جيڪڏهن هوا تيز لڳڻ جا امڪان هوندا آهن ته اڃان به وڌيڪ رسو ڏيئي لنگر کي ڍرو ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ جهاز جي لڏڻ يا چُرڻ جو خطرو ختم ٿي ويندو آهي. ان بابت هڪ مشهور لطيفو پڻ آهي ته: امتحان ۾ هڪ ڪئڊٽ کان پڇيو ويو ته وچ سمنڊ ۾ جي طوفان لڳي، ته ڇا ڪندين؟ جواب صحيح ڏنائين ته ”جهاز کي بيهاري لنگر ڪيرائيندس.“

”جيڪڏهن اڃان به وڌيڪ طوفان لڳي ته؟“ ممتحن پڇيس.

”اڃان به وڌيڪ رسو ڍرو ڇڏيندس.“

”ان کان به وڌيڪ طوفان لڳي ته؟“

”اڃان به وڌيڪ رسو ڍرو ڇڏيندس.“ ڪئڊٽ وري به ساڳيو جواب ڏنس.

تنهن تي ممتحن پڇيس، ”ايڏو وڏو رسو آڻيندين ڪٿان؟“

Text Box: ٩١

 

”اتان، جتان توهان طوفان آڻيندؤ.“ ڪئڊٽ ٺهه پهه جواب ڏنس.

رَسي مان مراد ڪو سُوتلي جو رسو يا ٻڪري ٻڌڻ جو ڪچو رسو نه آهي. هي رسو (Rope) ايترو ته مضبوط ۽ ڳرو ٿيندو آهي، جو تو مون پارو وڌ ۾ وڌ هن رسي جا ٻه ڇلا کڻي سگهي. جهاز جو لنگر جنهن مشين سان ڪيرايو يا ڇڪيو ويندو آهي، ان کي ڪئپسٽن (Capstan) سڏبو آهي، جنهن جي شڪل ڪئپسٽن سگريٽ جي پاڪيٽ تي پڻ ٺهيل آهي.

سمنڊ تي ڪيترن ئي قسم جا حادثا درپيش اچن ٿا. جهڙوڪ ٻن جهازن جو ٽڪرائجڻ، سمنڊ جي تهه هيٺان ڪيترائي جبل آهن. انهن سان ٽڪرائجڻ، خشڪيءَ تي جهاز جو چڙهي اچڻ (يعني گرائونڊ ٿيڻ)، جهاز تي باه لڳڻ، اِنجڻ جو ڦاٽڻ وغيره وغيره. انهن جي بچاءَ لاءِ ساڳئي وقت ڪيترائي اُپاءَ پڻ رکيا ويا آهن. زماني سان قدم ملائڻ لاءِ ٻين شين سان گڏ جهاز رانيءَ پڻ ترقي ڪئي آهي. اڄ اُهي پراڻي قسم جا جهاز نه رهيا آهن، جيڪي موسم ۽ سمنڊ جي تهه هيٺ لڪل آفتن کان بي خبر ٿي هلندا هئا. اڄڪلهه جي هر جهاز تي ريڊار (Radar) آهي. اڪثر سمنڊ ۾ هر وقت بارش  ۽ ڪوهيڙي ڪري ڪجهه نظر نه ايندو آهي، ته آيا سامهون ڪو ٻيو جهاز پيو اچي يا سمنڊ جي تهن ۾ ڪجهه لڪل آهي. ان معلومات لاءِ بند ڪمري ۾ رکيل ريڊار ۾ ڏسبو آهي. جنهنجي ٽيليويزن جهڙي پڙدي تي هر شيءِ سامهون صاف نظر ايندي آهي. اسان جي جهاز جي رڊار جي رينج چاليهه ميل کن آهي. يعني چاليهه ميلن تائين جو ڪجهه به سمنڊ جي ٻاهر يا اندر آهي، اهو صاف ان پڙدي تي نظر ايندو آهي ۽ اهو پڻ معلوم ٿيندو آهي ته آفت ڪيترو پري ۽ ڪهڙي طرف آهي ۽ اها وڌي رهي آهي يا هڪ هنڌ بيٺل آهي. جيئن ان کان پورو پورو بچاءُ ڪري سگهجي. ان کان علاوه دنيا جي هر سمنڊ جو هر حصو مَيَل يا مَاپِيل هوندو آهي. هر جهاز تي، سمنڊ جي حصي حصي جا الڳ الڳ نقشا هوندا آهن، جن ۾ سڀ ڪجهه ڏنل هوندو آهي ته ڪٿي ۽ ڪيترو سمنڊ اونهو آهي. ان کان علاوه هر جهاز تي هڪ آلو – ايڪو-سائونڊر نالي هوندو آهي، جنهن ذريعي پڻ سمنڊ جي گهرائي معلوم ڪري سگهبي آهي. پر ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون غلطيون انسان کان ٿيو وڃن، جو حادثي جي منهن ۾ اچيو وڃي.

نه خوش هو بهنور سه سفينه بچا ڪر-

يه ڻڪرا ڪه ساحل سي بهي ڻوڻته هين!

ڪڏهن ڪڏهن اهڙا طوفان اچيو وڃن جو انسان بيوس ٿيو وڃي ۽ جهاز جو ٽڪر ٿيو وڃي. ان جي بچاءَ لاءِ جهاز کي مضبوط بنائڻ خاطر اڄڪلهه هر جهاز کي هڪ بدران ٻه لوها ترا هوندا آهن، جيئن هڪ جي ڀڄي پوڻ ڪري ٻيو بچاءُ جو ڪم ڏئي. اُنهن ٻنهي ترن جي وچ ۾ جا جڳهه ٿئي انکي وري مختلف حصن ۾ ورهايو ويندو آهي ۽ هر هڪ حصو ڊبل باٽم (Double-Botom Tank) سڏبو آهي، جنهن ۾ ضرورت جي حالت ۾ مٺو پاڻي يا وڌيڪ تيل رکيو ويندو آهي يا ڪڏهن مال نه هئڻ ڪري، جهاز کي هلڪي هئڻ کان بچائڻ خاطر انهن خالي ٽئنڪن ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي ڀريو ويندو آهي. اڳئين زماني ۾ جهاز کي وزني ڪرڻ لاءِ مٽي يا پٿرن جون ڳوڻيون رکيون وينديون هيون، جو وقت وٺندڙ، محنت ڪش ۽ مهانگو ڪم ثابت ٿيندو هو. پر اڄڪلهه فقط ’بالاسٽ پمپ‘ جو بٽڻ دٻايو ڪلاڪ اندر سمنڊ جو پاڻي ٽئنڪن اندر يا ٽئنڪن جو پاڻي سمنڊ ۾، ٻاهر وزن مطابق هليو وڃي. نه جهاز کي بيهارڻو پوي نه ڇا. ان کان علاوه هر جهاز پنجن ڇهن (پئسينجر جهاز تي ستن اٺن) حصن ۾ واٽر ٽائيٽ Water-Tight لوهي ڀتين ذريعي الڳ الڳ ڪيل هوندو آهي. جن کي Bulk-Head سڏجي ٿو. ان ڀتين جو حادثي وقت اهو فائدو رهي ٿو ته جيڪڏهن جهاز جي هڪ حصي کي نقصان رسي ۽ پاڻي جهاز جون لوهي پليٽون چيري اندر ڌوڪي پوي، ته اهو پاڻي فقط ان حصي کي ڀري سگهي ۽ ڀت لتاڙي ٻئي پاسي نه وڃي سگهي. ان کان علاوه اڄڪلهه جا جهاز اهڙي نموني سان ٺاهيا ويا آهن، جو حادثي بعد تباهه ڪن صورت ۾ به يڪدم  ٻڏيو نٿا سگهن. گهٽ ۾ گهٽ ڏينهن اڌ لڳائين ٿا. ڪي ڪي جهاز ته هفتا به لڳايو ڇڏين، تيسين بچاءَ لاءِ ٻيا جهاز پهچيو وڃن يا جهاز تي رکيل ٻيڙين Life-Boats ۾ چڙهي بچاءَ ڪري سگهجي ٿو. هر جهاز تي، جهاز تي رهندڙن جي بچاءَ لاءِ مقرر ٻيڙيون آهن. انهن ٻيڙين ۾ هڪ قسم جون Bouyancy-Tanks  آهن جن جي اها خاصيت آهي، ته جيڪڏهن سڄي ٻيڙي به پاڻي سان ڀرجي ته به ٻڏي نه سگهندي. ان قسم جي هر ٻيڙيءَ تي اٽڪل ويهن ڏينهن کن جو هر مسافر لاءِ کاڌو (بسڪيٽن، چاڪليٽن ۽ پاڻي جي صورت ۾) رکيل هوندو آهي. جنهنکي تازو رکڻ لاءِ هر ٽين ٽين مهيني بدلايو ويندو آهي. ان کان سواءِ هر ماڻهو لاءِ ’لائيف جئڪيٽ‘ ۽ ’لائيف بواءِ‘ به هوندو آهي، جو طوفان جي وقت ٻڌي پوءِ ٻيڙين ۾ تباه ٿي وڃي، ته هي ماڻهو کي چوويهن ڪلاڪن تائين ٻاهر ڇڪي رکي سگهندو. لائيف بواءِ گول ڪارڪ جو هلڪو ٺهيل هوندو آهي، جنهنجي شڪل لائف بواءِ صابڻ تي پڻ ڏنل آهي جو ٻڏندر کي اڪثر اُڇلي ڏبو آهي ته بچاءُ ڪري. (ڪاٿي مون کي لائيف بواءِ صابڻ ۽ ڪئپسٽن سگريٽ جو ايجنٽ يا شيئر هولڊر نه سمجهجانءِ. مون ته ائين ئي توکي سمجهائڻ خاطر مثال ڏنا آهن.) مٿي لکيو اٿم ته جهاز ٻڏڻ وقت ٻيا جهاز بچائڻ لاءِ پڻ ايندا آهن، انهن کي خبر هن ريت پوندي آهي. هر جهاز تي وائرليس سيٽ، ريڊيو ۽ آواز جهپڻ جا آلا آهن جن لاءِ ريڊيو آفيسر مقرر ٿيل  آهي، ته ڏينهن جي چوويهن ڪلاڪن مان مقرر اَٺ يا ٻارهن ڪلاڪ ڊيوٽي ڏيئي ۽ هر قسم جا سگنل ۽ نياپا وٺي ۽ جواب ڏئي. اهي نياپا آواز، تصويري لِيڪن ۽ روشني ذريعي اچي سگهن ٿا. تون جي چاهين ته مونکي وچ سمنڊ ۾ تار موڪلي سگهين ٿو، جا آءٌ هتي ريڊيو ذريعي ٻڌي سگهان ٿو، بشرطيڪ توکي اسان جي جهاز جي ريڊيو جي Frequency جو علم هجي، پر هڪ نياپو اهڙو آهي جو موڪلڻ سان هر جهاز تي پهچي سگهي ٿو، چاهي فريڪنسي جو علم هجي يا نه. اهو مختصر نياپو آهي ’ايس-او-ايس‘ (S.O.S) معنيٰ ’اسان جي جان بچايو‘ (Save Our Souls) ۽ جنهن وقت جهاز  ٻڏندو آهي ته اهڙو سسٽم رکيو ويو آهي جو اهو سگنل (نياپو) خودبخود مستقل ٽرانسمٽ ٿيندو رهندو آهي، جيسين جهاز سمنڊ جي گهرين تهن ۾ وڃي چڪنا چور ٿي وڃي ۽ ساڳي وقت ٻين جهازن تي چاهي ان وقت ريڊيو آفيسر ڊيوٽيءَ تي هجي يا نه، پر جنهن وقت اهو سگنل ايندو ته خود بخود هارن وڄي ويندو ته سمنڊ جي ڪهڙي حصي ۾ مصيبت زده جهاز آهي ۽ ٻين الاقوامي قاعدن مطابق هر ويجهي جهاز کي بچاءَ لاءِ ضروري ڪم ڇڏي به وڃڻو آهي. ٽي چار سال اڳ جڏهن يونان جو مسافرن جو جهاز ’لڪونيا‘ ٻڏي رهيو هو ته ٻين جهازن سان گڏ پاڪستان جهاز ’المهدي‘ به يارهن کن مسافر بچايا هئا. بهرحال جيڪڏهن حياتي آهي ته ٻڏندڙ به بچيو وڃن. باقي اهو چوڻ غلط آهي ته فقط تارو بچي سگهن ٿا. ترڻ جو ته ههڙي اٿاه سمنڊ ۾ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ڪير ههڙي کاري پاڻي ۾ تري سگهندو، جنهن ۾ چپي چپي تي خطرناڪ ڪُنَ ۽ ڪائونٽر ڪرنٽ آهن. ان کان علاوه سامونڊي جانورن جو خوف. ڪجهه عرصو اڳ ايراني نار ۾ ’دارا‘ جهاز جي حادثي ۾ جن مسافرن هراس ۽ خوف ۾ پاڻکي پاڻيءَ ۾ ڇڏيو هو، انهن جو تمام گهڻو حصو ته شارڪ مڇين جي ئي نذر ٿي ويو. اهڙي قسم جا حادثا تمام ٿورا ۽ ورلي ٿا ٿين، نه ته اڪثر هر هڪ جي بچاءُ جو بندوبست ڪيو ويندو آهي. پر ان هوندي به ڪنهن کي جي ترڻ اچي ٿو ته اها سٺي ڳالهه آهي، پر ان قسم جو ڪو قاعدو يا قانون ناهي ته ڪنهن به قسم جي نيوي ۾ وڃڻ لاءِ ترڻ اچڻ لازمي آهي. لکڻ جو مقصد فقط اهو ۽ انهن لاءِ آهي جي اِهو سوچي نيوي ۾ نٿا اچن جو کين ترڻ نٿو اچي. ترڻ ۾ ڇا آهي. ترڻ ته ماڻهو هفتي اندر سکي سگهي ٿو.

سمنڊ تي اڪثر باهه جا حادثا  پڻ عام ٿين ٿا. باهه ڪيترن ئي نمونن جي لڳي سگهي ٿي. تيل جي باهه، ڪاٺ يا سامان کي باهه، اليڪٽرسٽي جي باهه وغيره. هر قسم جي باهه تي قبضو ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا آهن، پر هر طريقي ۾ ساڳيو اصول آهي.

آڪسيجن، جنهنجي موجودگي ۾ باهه قائم ۽ وڌي ٿي، اها ڪڍي ان جاءِ تي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جهڙي گئس ان ڪمري ۾ ڀرجي جا ڪافي ڳري آهي ۽ بلاڪيٽ وانگر باهه مٿان ڇانئجيو وڃي ۽ باهه هن گئس جي موجودگي ۾ ختم ٿيو وڃي. يا اُن جڳهه کي پاڻي يا ڪنهن نموني ايترو ته ٿڌو ڪجي جو Ignition ئي نه ٿئي. اليڪٽرسٽي جي باهه لاءِ اڪثر ڪاربن ٽيٽرا ڪلورائيڊ گئس استعمال ڪبي آهي جا هڪ زهريلي گئس آهي ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ استعمال ڪئي ويئي هئي.

هر ڇنڇر ڏينهن هر جهاز تي ’بَوٽ ڊرل‘ ۽ ’فائر فائيٽنگ‘ ٿيندي آهي. جنهن ۾ ٻيڙيون لاهي انهن ۾ جلدي چڙهڻ جي مشق ڪبي آهي، جيئن حادثي وقت، دِقت پيش نه اچي ۽ هر ڪم ڦڙتائيءَ سان ٿي سگهي ۽ ساڳي وقت باهه سان مقابلو ڪرڻ جي پڻ مشق ڪئي ويندي آهي.

اڄڪلهه هر جهاز تي هڪ آلو آهي جنهنکي ’دونهون ڳوليندڙ‘ (Smoke-Detecter) سڏجي ٿو. هن ذريعي باهه لڳڻ کان اڳ معلوم ٿيو وڃي ته جهاز جي ڪهڙي حصي ۾ باهه لڳڻ واري آهي يا لڳي چڪي آهي، ته اتان ئي ان تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هن آلي ۾ شيشي جا ٽيهه کن ٽيوب ٿين ۽ اوترن ئي حصن ۾ جهاز کي ورهايو ويندو آهي. هر حصي ۾ لڳندڙ قدرتي هوا جو نمونو ننڍڙي پنکي ۽ ڊگهي ٽيوب ذريعي اتان ڇڪي هن شيشي جي ٽيوب مان گذاريو ويندو آهي. اهڙي نموني جهاز جي سڀني حصن جي هوا جو نمونو مقرر ٽيوبن مان گذرندو رهي ٿو. باهه لڳڻ کان اڳ هميشه دونهون دکندو آهي ۽ جيئن ئي دکندو آهي ته اهو پڻ هن ٽيوب مان گذرندو آهي ۽ ٽيوب مان صاف هوا سان گڏ ڪارو دونهون به نظر ايندو آهي ۽ اليڪٽرانڪ ذريعي ان ئي وقت زور سان هارن وڄندو آهي ۽ ڳاڙهي بتي ٻرندي آهي ۽ يڪدم هنن ٽيوبن کي ڏسي معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ڪهڙي هنڌ باهه لڳڻ واري آهي.

هر هڪ ٽيوب کي ساڳي وقت ڪاربن گئس جي ٻاٽلين سان پڻ ڳنڍيو ويندو آهي. جيڪر باهه زور وٺي چڪي آهي ۽ هٿرادو طرح ختم ڪرڻ ناممڪن آهي ته پوءِ هڪ بٽڻ دٻائڻ سان ان حصي جي هوا ٽيوب مان گذرڻ بدران، ٻاٽليءَ جي ڪاربان گئس ان حصي ۾ ويندي آهي ۽ آڪسيجن گئس کي تڙي سڄي ان ڪمري يا حصي کي ڀري ڇڏيندي آهي، ۽ هڪ دفعو ڪاربان گئس اچي ويئي ته ڪيتري خطرناڪ ۽ خوفناڪ باهه به ختم ٿيو وڃي. ان جو مثال ان ريت آهي جيئن ڪنهن موم بتي کي گلاس سان ڍڪجي، جيسين گلاس اندر آڪسيجن موجود هوندي انهن ساعتن لاءِ موم بتي ٻرندي رهندي ان بعد اجهامي ويندي.

اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي حادثا سمنڊ تي درپيش ايندا رهند ٿا، جن جي بچاءُ جا پڻ هر ممڪن طريقا آهن. حضرت انسان باهه، پاڻيءَ، هوا ۽ هر شيءِ عقل جي زور تي پنهنجي قبضي ۾ ڪري فتحيابي حاصل ڪئي آهي. منهنجا مولا انسان واقعي عظيم آهي.

چڱو، هاڻ، الله توآهر.

 

اوڊيسا (روس)

هتي روس ۾ پهتي اسان کي چوٿون ڏينهن ٿي چڪو آهي. هن مهِلَ روسي وقت مطابق رات جا نَوَ وڄي رهيا آهن. آءٌ پنهنجي ڪمري جا در دريون بند ڪري، ايئر ڪنڊيشنر کولي، توکي خط لکي رهيو آهيان. ٻاهر تيز سرد هوا جا سوساٽ ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. هينئر هينئر ٻاهران گهمي واپس آيو آهيان. گرم ڪوٽ، جئڪيٽ، ٻه سُئيٽر، چمڙي جا دستانه ۽ روسي ٽوپي لاهي سامهون ڪليءَ ۾ ٽنگي اٿم. لانگ بوٽ ۽ ٽوپيءَ تي جا برف ڄمي ويئي هئي، سا ڇُريءَ سان کرڙي لاٿي اٿم. اکين جي پنبڻن ۽ ڪنڌ تي ڄمي ويل برف ٽوال سان اگهي اٿم. ٻاهر روز وانگر اڄ به سخت برف باري ٿي رهي آهي ۽ ٽيمپريچر زيرو کان به گهڻو هيٺ آهي ۽ ٻاهر ڪٿي به پاڻيءَ نظر ڪو نه ٿو اچي. سڀ ڄمي برف ٿي ويو آهي. جهاز تي اسان اڄڪلهه گرم پاڻي اِستعمال ڪندا آهيون. ٿڌي پاڻي جا نلڪا سڀ بند ٿي ويا آهن، جو منجهن جيڪو پاڻي آهي سو ڄمي برف ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ٿانوَ ۾ گرم پاڻي وجهي ٻاهر اڱڻ تي رکجي ته ٻن منٽن ۾ برف ٿي ويندو! سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ سمنڊ جو پاڻي برف ڇو نٿو ٿئي؟ اهو انڪري جو سمنڊ جو پاڻي مٺو ناهي. ان ۾ اهڙا ڌاتو مليل آهن جو کيس ڄمڻ لاءِ هن کان به وڌيڪ ٿڌ کپي. پر اڄ ته صبح کان ايتري ٿڌ پئي پوي، جو سردي جو درجه حرارت ڪاٽو پنجويهه (25) تائين پهچي چڪو آهي ۽ سمنڊ جو مٿيون تهه اٽڪل ٻه انچ کن چؤطرف ڄمي برف جي چادر ٿي ويو آهي. جڏهن ڪا وڏي ٻيڙي يا جهاز ٿو لنگهي ته برف جي تهه کي چيري ٿو لنگهي.

اوڊيسا ڏکڻ روس جي وڏين بندرگاهن ۽ شهرن مان آهي، جو بحرِ اسود جي ڪناري تي آهي. ڪراچيءَ کان ٽيڻي وڏي بندرگاه ٿيندي ۽ هڪ ئي وقت اٽڪل پنجاهه کن جهاز بيهي سگهن ٿا. هن وقت ڪيترائي سفيد رنگ جا روسي جهاز، جن جي چمنيءَ تي روس جو نشان ڏاٽو ۽ هٿوڙو ٺهيل آهي بيٺا آهن. ان کان علاوه هنگري، پولينڊ بلغاريه ۽ ٻين ملڪن جا به جهاز بيٺا آهن. هڪ هندستاني جهاز بمبئيءَ جو اسانجي بلڪل ڀر ۾ بيٺو آهي ۽ هندستان کان آندل سڻي لاهي رهيو آهي. اسان پاڪستان لاءِ مشينري جو سامان کڻڻ آيا آهيون سامان چاڙهائڻ يا لهرائڻ يا اُن جي سلامتيءَ لاءِ نگهباني ڪرڻ ڊيڪ آفيسرن جي بلي آهي. جنهن ۾ جهاز جو ڪئپٽن ۽ چيف آفيسر کان ڪئڊٽ تائين اچي وڃن ٿا. انڪري اسان انجنير ان کان بلڪل غير واقف هوندا آهيون، ته جهاز تان ڪهڙو سامان پيو لهي يا ڪهڙو پيو چڙهي. ڪڏهن ڳالهين ڪندي معلوم ٿي ويندو آهي ته واه نه ته ڊيڪ آفيسر ڄاڻن، سندن ڪم ڄاڻي. ڳري مشينري (يا موٽر لاريون) هميشه اندر Hatches ۾ رکڻ بدران ٻاهر عرشي تي رکي چڱيءَ طرح ٻڌي ڇڏبو آهي (جيئن جهاز جي لڏڻ ڪري سامان کي نقصان نه رسي) سو هن وقت دريءَ مان صاف نظر اچي رهي آهي. ٿوري دير اڳ منهنجو دوست ۽ آءٌ شهر مان گهمي پئي آياسين ته رستي تي برف باريءَ ڪري اسان ٻنهي جي عينڪن تي برف چڙهي ويئي، سو صاف ڪرڻ خاطر بندرگاه ۾ رکيل مشينري سان ڀريل آفت جيڏن ڪاٺ جي کوکن جي اوٽ ۾ بيهي صاف ڪرڻ لڳاسين. منهنجي سامهون هڪ وڏي کوکي ۾ ٽرئڪٽر نما مشينري بند هئي ۽ اهو کوکو هندستان وڃڻو هو سو ٻاهران ’ڪلڪتو-هندستان‘ لکيو پيو هو. دوست کي چيم پٺيان ڏس ڇا لکيو پيو آهي؟ جواب ڏيڻ لڳو ”۽ تون پنهنجي پٺيان واري کوکي تي ڏس ڇا لکيو پيو آهي؟“ پٺيان مڙي ڏٺم ته ’ائگريڪلچرل ڪاليج ٽنڊو ڄام-سدرن زون پاڪستان.‘ سو ان مان سمجهان ٿو ته هي سڀ مشينري جا اسانجي جهاز تي رکي رهيا آهن، ٽنڊو ڄام لاءِ آهي. اسان اُن جي بدلي روس کي پئسا نه پر سوٽي ڪپڙو، لوڻ، چمڙو ۽ چانور ڏيندا آهيون.

روس جيئن ته اتر ۾ آهي، انڪري اسان کان وڌيڪ سردي ٿئي. اوڊيسا ته اڃان روس جي ڏکڻ ۾ آهي. اتر طرف واريون بندرگاهون جي بالٽڪ سمنڊ ۾ آهن سي ته سياري جا ڇهه مهينا بلڪل بند رهن. اُتي ايتري ته سردي آهي جو سڄو بالٽڪ سمنڊ برف ٿيل هوندو آهي ۽ ڪو به جهاز هن موسم ۾ اوڏانهن وڃي نٿو سگهي. هيتري سردي هوندي به هتي جي روزمره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو فرق ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جو هتي جا ماڻهو عادي ٿي چڪا آهن. اهائي ساڳي رونق، چهل پهل ۽ شهر ۾ گپا گيهه ۽ گهما گهمي. هر جڳهه اها زندگي نظر ايندي جا اسان وٽ سٺي موسم ۾ هوندي آهي. بس فقط هر هڪ گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيل نظر ايندو. فقط اکيون ۽ نڪ صاف ظاهر هوندا. ننڍڙا ٻار سڄو ڏينهن لوهي ڦيٿن وارا بوٽ (Skates) پائي، رستن تي ڄميل برف تي اسڪيٽنگ پيا ڪندا آهن ۽ بيحد پيارا لڳندا آهن. ننڍڙا جيت، نوريئڙا وغيره سرديءَ کان بچڻ خاطر برف ۾ لڪيو ويٺا هوندا آهن، ڇو جو ٻاهر برف کان به گهڻي سردي آهي. (برف فقط زيرو تائين ٿڌي رهي سگهي ٿي، ان کان وڌيڪ عام دٻاءَ هيٺ ٿڌي ٿي نه سگهندي) دراصل اڃان ته هتي سياري جي شروعات آهي ۽ اڃان ڪي خاص سيءَ لڳڻ شروع نه ٿيا آهن. جهاز تي آيل ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جي وندر لاءِ هتي به چين وانگر هڪ وڏو ڪلب آهي. جنهن ۾ سئنيما، لئبرري، راندين لاءِ مختلف ڪمرا ۽ سامان، ڊانسنگ روم، ڪئنٽين ۽ ڊيوٽي فري دڪان آهي. پهرئين ڏينهن اسان جهاز جا ڪجهه انجنيئر ڪلب تائين پهچندي ئي ڪلفي ٿي ويا هئاسين. اندر ڪلب ۾ قدم رکيوسين ته دروازي وٽ هڪ عورت دستور موجب اوورڪوٽ ڪِليءَ ۾ ٽنگڻ لاءِ گهرڻ لڳي. جيتوڻيڪ اندر سڄو ڪلب ايئرڪنڊيشنڊ هو، پر جيئن ته اسان ٻاهران آيا هئاسين سو اڃان سرديءَ جو اثر هو ۽ ڪوٽ لاهڻ تي دل نٿي چاهيو. آخر ٻئي دفعي چوڻ تي ٻين لاٿو پر آءٌ ائين ئي بيٺو هوس. ائين لڳي رهيو هجي جيئن ساه نڪرڻ وارو هجي. سارو جسم سُن ٿي ويوهو. هٿ ئي نه پئي چريا. آخر هن خود منهنجي ڪوٽ کي ڇڪي مون کان الڳ ڪيو ۽ منهنجي بارش ۾ ڀِڳل ڪانگ جهڙي حالت ڏسي، مُرڪي چوڻ لڳي ”ڪمال آهي، اڃان ته اسانوٽ سانوڻي هاڻ ختم ٿي آهي!“ مٿي آسمان ڏي (آسمان ته نظر نه اچي رهيو هو، پر هن ڪب جي شاندار گلڪاريءَ جي ڪم سان جهنجهيل ڇت هئي) نهاري چيم، ”يا ڀڳوان! ڪٿي اچي نڪتا آهيون! هي روس آهي يا ريفريجريٽر!“ اتي مٿان ساٿين سڏ ڪيو ته اچ ته ٽيبل ٽينس کيڏون ۽ پوءِ ڪيترو وقت ٽيبل ٽينس کيڏندا رهياسين.

هتي جي ماڻهن جي زبان روسي آهي جا ٿوري ٿوري پشتو سان ملي ٿي. جهاز جو چيف آفيسر پٺاڻ آهي. ڪجهه ڪجهه الفاظ سندن هو سمجهيو وڃي ۽ ڪجهه هي. پهرئين ڏينهن اسان سمجهيو شايد اسان جي چيف آفيسر کي روسي زبان اچي ٿي! هتي انگريزي ورلي ڪنهن کي ٿي اچي، پر ڪلب ۾ جيڪي ملازم آهن، اُهي انگريزي، جرمن، فرينچ، عربي، پارسي ڳالهائي سگهن. هتي يورپ ملڪ جا باشندا هندستان، نهرو، گانڌيءَ کان چڱيءَ طرح واقف آهن. ڪجهه به کڻي هجي، پر اسانجو ملڪ دنيا ۾ هاڻ مشهور ٿيو آهي. لبنان مان جيڪي اخبارون نڪرنديون هيون، انهن ۾ روزانا پاڪستان جون خبرون هونديون هيون. استنبول، ترڪي ريڊيو  تان به روزانا پاڪستان جون خبرون اينديون هيون. سيپٽمبر واري جنگ، مارشل لا، ڏهه سالا ترقياتي جلسن، وڌندڙ واپار، آر سي ڊي ۽ ٻاهرين ملڪن سان وڌندڙ دوستانا تعلقاتن پاڪستان کي هاڻي سڄي دنيا ۾ نامور ڪري ڇڏيو آهي. چين وياسين ته اُتي به ننڍو وڏو پاڪستان، ايوب خان جو پيو پڇي ۽ پاچستان-چين فرينڊ شپ جا نعرا ٿي هنياؤن (چيني پاڪستان کي پاچستان اچارين). خير چين جي ته ڳالهه ئي الڳ آهي. انجي پڪي دوستي ۽ خلوص دليءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي. ۽ چين به اسانکي سڄي ايشيا کنڊ ۾ وفادار ۽ پڪو دوست ٿو سمجهي. پر روس ۾ پڻ پهرئين ڏينهن بندرگاهه مان نڪتاسين، ته سڀني ماڻهن اسان کي اجنبي سمجهي سوالي نگاهن سان ٿي ڏٺو، ته کين پاڻ ڏانهن اشارو ڪري اسانکي ٻڌائڻو ٿي پيو ته ’پاڪستان پاڪستان‘ يعني اسان پاڪستاني آهيون ۽ هُنن به جواب ۾ مُسڪرائي ٿي چيو: ’پاڪستان‘. وڌيڪ نه هُنن اسان جي زبان ٿي سمجهي ۽ نه اسان هُننجي ئي ڄڻ دٻي ۾ ٺِڪريون. اسان چاهيو ٿي ته ڪو انگريزي ڄاڻندڙ هجي ته ان کان ڪلب جو  ۽ پئسا مٽائي روس جو سِڪو روبل، ڪبوت وٺڻ جو ڏس پتو پڇون. آخر اڳتي وڌياسين ته هڪ بلڊنگ جي ٻاهران ننڍو بورڊ لڳو پيو هو ته هتي شام جو انگريزي ڪلاس ٿا ٿين. اندر گهڙي وياسين ته ٽي کن ڇوڪريون بينچ تي ويٺيون هيون، جن کي هڪ ٻٽيهن سالن جو استاد پڙهائي رهيو هو. مونکي استاد جو نالو وسري ويو آهي، پر سندس ڳالهائڻي جي نموني ۽ ڳالهائڻ وقت هننجا Impressions ڪڏهن به وساري نه سگهندس. اسان اڳتي وڌي پهريون سوال سڀ کان ڪندا آهيون سو ڪيوسين ”نوز انگلش؟“ (انگريزي اچناوَ ٿي؟)

يڪدم پنهنجي ڳالهائڻ جي انداز ۾ ڏاڍي صاف  ۽ صحيح انگريزي ۾ جواب ڏنائين، ”ڇو؟ ڇا کپي توهانکي؟

ڀر ۾ اعجاز کي چيم ته، ”يار هي ته همراه وڙهي ٿو.“ خير پڇيوسينس ته پاڪستان مان ٻيو به ڪو جهاز آيو آهي ڇا؟“ (ياد رهي ته اسان کان اڳ هندستاني جهاز هتي آيل آهي، سو ماڻهو ڏاڍا ڀلبا آهن ته اسان ۾ يا هنن ۾ پاڪستاني ڪير ۽ هندستاني ڪير آهن. ڇو ته اسانجا ملڪ الڳ الڳ هئڻ جي باوجود به ايشيا جي ماڻهن جو رنگ ۽ قدوقامت ته ساڳي آهي) پڇڻ لڳو، ”ڇو اوهان کي خبر نه آهي ڇا؟“ ٻڌايوسينس ته اسان اڄ آيا آهيون ۽ پاڪستاني آهيون.

”اوه! توهان پاڪستاني آهيو؟ اهو نئون جهاز توهانجو آهي، جنهنجي چمني Fennel تي بلو رنگ ۾ اين-ايس-سي جو مونوگرام آهي؟ اڄ مون صبح ان جهاز کي ايندي ڏٺو هو.

سندس آواز ۽ پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاه جي آواز ۾ شايد ئي ڪو معمولي فرق هوندو، نه ته ساڳيو کڙو، صاف ۽ رُعبدار ڳالهائڻ هو.

”جي ها. اُهي اسان ئي آهيون. جنجو تو جهاز ڏٺو.“

ڪجهه سوچي چوڻ لڳو، ”پر ڳالهه ته ٻڌو، توهان جي زبان عربي وانگر لکي ويندي آهي، پر توهانجي جهاز جو نالو هندي ۾ ڇو لکيل آهي.“

چيومانس ته، ”اها هندي نه پر بنگالي آهي. جا پڻ اسانجي قومي زبان آهي.“

”اوه! اها ڳالهه آهي.“ هر جملي جي اڳيان زور سان ’اوه‘ ضرور ٿي ڪيائين. ”ڀلا پاڪستاني سڀ خوش آهن.“

”سڀ خوش آهن. سڀ مزي ۾ آهن.“

”اوه! جيڪر توهان سڀ ٺيڪ آهيو ته اسان به سڀ ٺيڪ آهيون. اچو اچو ويهو. ڪجهه پيئندؤ؟ پر هلو ته ڪلب ۾ هلون.“

Text Box: ١٠٥

 

هلڻ وارا هئاسين ته سندس شاگردياڻين مان هڪ پڇيو ته اسانکي عربي ۽ پارسي ايندي آهي؟

 

”ڇو؟“ مون اهڙي نموني سان پڇيو ڄڻ اسان کي چڱيءَ طرح ايندي آهي، ”ڪو ڪم ڪار آهي ڇا؟“ چوڻ لڳي ؟مون کي عربي ايندي آهي“ ۽ ٻئي طرف اشارو ڪري چوڻ لڳي ته ”هن کي پارسي ايندي آهي.“

پڇيومانس، ”ڪيف حالڪ؟“

”جواب ڏنائين، ”الحمدالله.“

پڇيو مانس، مسلمان آهين؟“

”نه ڪرسچن آهيان.“

سعيد کي اک ڀڃي چيم ته، ”هاڻ ٻيءَ سان پارسي ڳالهاءِ، پنهنجي عربي اِتي ختم ٿي. وڌيڪ پاڻکي اچي ڪا نه ٿي ۽ بقول خيرپور جي ڪئپٽن نجم قاضي جي، ٿئي نه ماڳهين بي عزتي ۾ خلل.“ سعيد چوڻ لڳو ته کيس پارسي ۾ صرف شين جا اگهه پڇڻ ايندا آهن ته فلاڻي شيءِ جي قيمت ڇا آهي، ’تمام مهانگي آهي.‘ ’گهٽ قيمت ڪر،‘ ’تمام گهڻي آهي‘ ۽ ٽئڪسي وارن کي اهو چوڻ ايندو آهي ته ’واپس بندرگاه، جهاز تي هلي ڇڏ.‘

اتي انگريزيءَ جي استاد پڇيو ڇا پيا چئو؟

”پروگرام پيا ٺاهيون.“

”اوه! ضرور ضرور. هلو ته گهمڻ هلون.“

ان بعد هن نيڪ انسان اسانکي ڪافي ڪجهه گهمايو ۽ ڏيکاريو. ان بعد به ٽي راتيون روز بس جهاز تي ڪاهي ايندو هو. هڪ ڏينهن اوپرا هائوس وٺي هليو. ٻي ڏينهن فلم تي ۽ ٽين ڏينهن روسي سرڪس هلي ڏيکاريائين. ان رات جيتوڻيڪ هائوس فل هو، پر اُن هوندي به زبردست بندوبست ڪري اسانکي جڳهيون وٺي ڏنائين.

Text Box: ١٠۸

 

Text Box: ١٠٧

 

هتي روس ۾ چمڙي جون شيون ۽ ڪپڙو ڏاڍو مهانگو آهي. ان کان علاوه ٻي به ڪا خاص شيءِ خريد ڪرڻ جهڙي ناهي. هتي فقط اهي شيون ٺهن، جن جي روزمره جي زندگي ۾ اشد ضرورت هجي، نه ته ٻي ڪنهن شيءِ تي اجايو خرچ نه ڪيو ويندو آهي. ڊيوٽي فري شاپ ( جنهن دڪان تي ٻاهر جي ملڪن جي ماڻهن جي لاءِ بنا ٽئڪسن جي، ڪارخاني جي اگهه تي سامان ملي ٿو) ان ۾ فقط ريڊيا، واچون، ڪئميرائون، مووي ڪئميرائون، ٽليويزنون ۽ ان قسم جون شيون جام ۽ سستيون ٿي مليون. اسان ڪجهه دوستن ساڳي قسم جو ٽرانسٽر ورتو، جنهن کي، جملي ست بئنڊون آهن ۽ ايترو ته طاقتور ۽ مضبوط آهي جو هتان به ڪراچي، دهلي، ڊاڪا ۽ ريڊيو سيلون جون اسٽيشنيون چٽيون ٿو جهپي جنهن لاءِ اسان کي فقط ٽيهه ڊالر کن ڏيڻا پيا. انهن ريڊيو ٽرانسٽرن جي ڪٻٽ ڀرسان بوٽن جو ڪٻٽ هو ۽ معمولي کان معمولي بوٽ جي قيمت به ريڊيو کان گهڻي هئي! ڇو جو هتي چمڙو مهانگو آهي. اڄڪلهه جا تڪليف مون کي درپيش اچي رهي آهي، سا آهي قميص جو مسئلو. هن جهاز تي اچڻ لاءِ ڪراچي کان هوائي جهاز رستي آياسين ۽ اسان سڀئي تمام ٿورو ۽ واجبي سامان کڻي آياسين. مون اهو سوچي پائڻ لاءِ قميصون صرف ٽي آنديون جو پڪ هيم ته جهاز انگلينڊ، جرمني ۽ فرانس ڏي ويندو جتي قميصون سستيون، سٺيون ۽ جديد فئشن جون ملن ٿيون، پر اتفاق سان اسان جو پروگرام تبديل ٿي ويو. هنن ملڪن ۾ سوٽي ڪپڙو تمام مهانگو ٿو ملي. يوگوسلاويا ۽ روس به ٻين ملڪن وانگر سوٽي ڪپڙو پاڪستان مان ٿو گهرائي.

 

اڄڪلهه پاڪستان جي سوٽي اوني ڪپڙي يورپ جي مارڪيٽ کي مات ڪري ڇڏيو آهي. ويتر جو Synthesis Process هنن يورپ وارن جو نا ڪامياب ويو آهي، ته ان کانپوءِ ته هيڪاري پاڪستاني ڪپڙي جو قدر وڌي ويو آهي. هڪ مثال ٿو ياد اچيم. آءٌ ڪراچي هوس. هڪ دوست ٻاهران اچي رهيو هو. لکيومانس ته منهنجي سوٽ لاءِ ڪو ٻاهران سٺو ڪپڙو وٺي اچجانءِ. هو دُبئي مان بهترين ڪپڙو چونڊي وٺي آيو. هتي پهچڻ بعد معلوم ٿيو ته اهو پاڪستاني ڪپڙو آهي، جو هتي ان کان به سستو پيو ملي! مٿي Synthesis طريقي جو ذڪر ڪيو اٿم. هن طريقي موجب ڪپڙو ڪپهه يا ڌاڳن مان نه، پر سنئون سڌو ڪپڙي جا اصلي جزا ملائي ٺاهڻ کي Synthesis طريقو سڏجي ٿو. مثال طور:کنڊ، ڪمند جي رس مان ٺاهڻ بدران سنئين سڌي مقرر مقدار مان ڪاربن، هئڊروجن ۽ آڪسيجن کي ملائي پاڻ ٺاهي سگهجي ٿي. بهرحال ڳالهه جو مقصد هي آهي ته اسان کي فخر ڪرڻ گهرجي ته اسانجو ملڪ پڻ ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي ۽ اسان اوچو ڳاٽ ڪري ٻين سان پنهنجي ملڪ جي مصنوعات جو ذڪر ڪري سگهون ٿا.

اسان وٽ اهو فئشن بنجي چڪو آهي ته جو گهر کان ٿو رسي، سو وتي پنهنجي ملڪ مان خاميون ۽ وِڏون ڳوليندو ۽ ناراض ٿيندو. ڄڻ سندن وطن ناهي پر ڪٿان اُتر قطب يا ڏکڻ قطب مان هتي ڊيوٽيشن تي آيو هجي ۽ اچي ڦاٿو هجي. پر ادا، گهر کان ٻاهر نڪري ٻين ملڪن جو جائزو به ته وٺي ڏسو، ته اسانجا ڀائرو اسان ڪيترن کان سکي ۽ بهتر آهيون  اڃا تائين اسانوٽ هڪٻئي لاءِ پيار، محبت، همدردي Consideration ۽ لطيف جذبا موجود آهن. هڪٻئي ۾ خاميون ڳولهڻ ۽ هڪٻئي تي ڏوهه ٿڦڻ بدران جيڪڏهن اسان مان هر هڪ پاڻکي Individually اڃا به وڌيڪ سڌاري ۽ خوبيون پيدا ڪري ته اڃا به وڌيڪ سکي، خوشحال ۽ پنهنجيءَ وارا ٿي سگهون ٿا. مرچن ۾ ڳاڙهين سرن جو ٻورو ملائڻ، گيهه ۾ موبل آئل ملائڻ، تور ۾ کوٽ وغيره وغيره. هر شيءِ اسانجا ليڊر ۽ اڳواڻ هڪ هڪ دُڪان تي چڙهي ڪو نه ٿا اچيو ڪن. چوريون ۽ ڌاڙا اسانجا چئرمين يا وزير ڪو نه ٿا اچيو هڻن، جو هر ڳالهه ۾ اسان هڪٻئي تي ڏوهه ٿا ٿڦي ڇڏيون. اسانجو ملڪ ڪو هڪ يا ٻن جي نجي ملڪيت يا ورثو ناهي. اسانجو ملڪ اسان سڀني جو آهي، اسان جي ملڪ جي عزت اسان جي عزت آهي. اسان جي ملڪ جي هر خراب يا سٺي ڳالهه لاءِ اسان مان هر فرد ذميوار آهي.

چڱو ادا، اڃا اسان هتي روس ۾ ڪجهه ڏهاڙا آهيون ان بعد رومانيه جي مکيه بندرگاه گاه ڪانستنزا هليا وينداسين. ٻيو خط اتان لکندوسانءِ.

گهڻي چاهه منجهان

تنهنجو.......

 

 

 

 

ڪانستنزا (رومانيه)

روس ۽ رومانيه ٻئي ملڪ هڪٻئي جي ڀرسان آهن. روس جي بندرگاه اوڊيسا ۽ رومانيه جي بندرگاه ڪانستنزا. ٻئي بحرِ اسود ۾ آهن. اوڊيسا کان ڪانستنزا تائين فقط تيرهن ڪلاڪن جو سامونڊي سفر آهي. اسانجي جهاز پوري ٻارهين لڳي منجهند جو لنگر کنيو ۽ رات جو يارهين لڳي سامهون الهندي طرف افق ۾ سوجهرو نظر آيو، جو آهستي آهستي تکي روشني ۾ وڌندو ويو. ٻارهين لڳي ڪانستنزا شهر جون جهومر ڪندڙ بتيون نظر آيون. پوري هڪ لڳي اسان بندرگاه کان ٽي ميل کن اوري اچي لنگر ڪرايو. عيدَ ۾ باقي ٽي ڏينهن هئا ۽ اسان پورا ڇهه ڏينهن اُتي بيٺا رهياسين ته ڪڏهن ٿي بندرگاه ۾ جڳهه خالي ٿئي، جو اسانکي گهرائين. اڄڪلهه بري سان گڏ بحري ۽ هوائي آمدرفت به ايتري وڌي ويئي آهي، جو ڪيترو وقت انتظار ڪرڻو ٿو پوي. لنڊن نيويارڪ ۽ ٻين دنيا جي وڏن هوائي اڏن تي ڪڏهن ڪڏهن هوائي جهاز کي پهچندي ته ٻه ڪلاڪ لڳندا آهن، پر اتي ئي ٽن ٽن ڪلاڪن لاءِ هوائي اڏي مٿان چڪر پيو هڻندو آهي، جيسين هيٺ لهڻ لاءِ جڳهه ٿئي. ساڳيءَ طرح بندرگاه به اڪثر ڀريل ٿا رهن. ڪو ڪو بندرگاه آهي، جتي پهچڻ سان اندر جيٽي خالي ٿي رهي ۽ يڪدم وڃڻو ٿو پوي، نه ته ڏينهن ٻه ته گهٽ ۾ گهٽ انتظار ڪرڻو ٿو پوي ۽ اهو انتظار خاص ڪري ڪراچي ۾ ڪراچي وارن لاءِ جان ليوا ثابت ٿيندو آهي. ذرا سوچيو، ڪيترن مهينن بعد هزارين ميل لتاڙي پنهنجي شهر پهچي ان کان فقط ٻه ميل کن اورتي جهاز روڪي ڇڏجي. سامهون شهر جون عمارتون ۽ رستا صاف نظر پيا اچن. پر اڳتي اچڻ جي اجازت نه ملي، ڇا حالت ٿيندي هوندي؟! رات جو وقت شهر جون بتيون چمڪنديون ڏسي، ائين لڳندو آهي ڄڻ اسانجي حال تي کلي رهيون هجن. هڪ دفعي ڏاڍو مزو ٿيو هو. تن ڏينهن ۾ آءٌ هڪ ٻئي جهاز نالي ’اباسين‘ تي هوس. اسان چين کان سڌو ڪراچي آيا هئاسين. رستي تي سنگاپور، ملايا، سلون جي بلڪل ڀرسان لنگهي وياسين، پر هڪ منٽ به نه ترسياسين. آخر تيرهن ڏينهن ۽ ٻارهن راتين جو ڊگهي سفر بعد، شام جو ڪراچيءَ جون بتيون نظر آيون ۽ اسان منوڙي کان ٿورو پرتي لنگر اچي ڪيرائيو، تن ڏينهن ۾ ڪراچي بندرگاه تي ڏاڍي رش هجي. روز شهر ڏي نگاهون هيون ته ڪيڏي مهل ٿو اچڻ لاءِ سگنل ملي. ڪا لانچ سامهون نظر ايندي هئي ته دل خوش ٿيندي هئي، ته ضرور پائلٽ پيو اچي، جو جهاز کي وٺي اندر هلندو. آخر ٽن ڏينهن جي مزيد انتظار بعد رات جو ڏهين لڳي پائلٽ آيو. جلدي جلدي اسان هلڻ لاءِ انجڻ تيار ڪئي. هر هڪ پنهنجي مقر ڊيوٽي اسٽيشن تي، ويو ۽ جهاز هلڻ لڳو. هر ملڪ ۾ بندرگاه ۾ داخل ٿيڻ جو رستو ڏاڍو اڻانگو هوندو آهي. سو اسانکي به ٽڪر پنڌ لاءِ اڍائي ڪلاڪ لڳا. تيسين اسان ڪراچي وارن کي ڇڏي ڏنو ته ڀلي گهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي وٺو، جو هنن چيو اسان رات جو ٻين لڳي به گهر وينداسين. سائين ڏاڍي شيو پيا ڪن، ڪپڙا پيا پائين، جهاز جي جيٽي سان لڳڻ سان اڳ بئگون هٿ ۾ کڻي بيهي رهيا، ته جيئن ئي جهاز جو جيٽي (ڌڪي) سان لڳندو ته هليا وينداسين. آخر جهاز اچي ڌڪي سان لڳو. جلدي جلدي ڏاڪڻ لاهي اڃا هيٺ لهڻ وارا هئا، ته معلوم ٿيو ته پائلٽ غلط جهاز کي اندر وٺي آيو آهي. اسانجي جهاز کي نه پر هڪ جپاني جهاز کي اندر اچڻو هو. اسانکي ان ئي وقت واپس وڃڻ لاءِ چيو ويو ته يڪدم ٻاهر هليا وڃو. وري سائين ساڳيا پير. ان وقت اسانجي دوستن جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. جيڪي گهر وڃڻ لاءِ تيار هئا، ڏاڪڻ به پوري لهي زمين تي پير رکي نه سگهيا ۽ وري وڌيڪ ٽي ڏينهن ٻاهر انتظار ڪرڻو پيو.

رومانيه جي هن بندرگاه ڪانستنزا ۾ ڪم تمام سست ٿو هلي. اسانکان مهينو ٻه اڳ ’موهن-جو-دڙو‘ جهاز پڻ مشينري کڻڻ آيو هو. معمولي سامان لاءِ هفتو کن ٻاهر ترسيو ۽ ڏهه ڏينهن بندرگاه ۾. ان لحاظ کان اسانجي ڪراچي جي بندرگاه جو دنيا جي وڏين بندرگاهن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ ڪم جي ڦڙتي ۾ بلند درجو حاصل اٿس. ڪراچي ۾ ڪم چوويهه ئي ڪلاڪ هلي ۽ تمام جلدي جلدي. اسان هتي عيد به ٻاهر سمنڊ ۾ ملهائي، عيد جو چنڊ وڏو مسئلو ٿي پيو. هتي جي موسميات موجب چنڊ هتي پاڪستان کان هڪ ڏينهن اڳ نظر اچڻ کپندو هو، پر ڪراچي ريڊيو تان خبرن مان معلوم ٿيو ته پاڪستان ۾ چنڊ ڪٿي به نه ڏٺو ويو آهي. اسان منجهي پياسين ته شايد هتي به چنڊ نظر نه آيو هجي. هتي اکين سان ڏسڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، جو هر وقت گهاٽو جُهڙ هوندو آهي. پهرينءَ جو چنڊ ته ڇا، منجهند جو وقت سج يا سندس موجودگيءَ جو علم به نه هوندو آهي ڪٿي آهي جو

کڻي طرف سڃاڻجي. ان کان علاوه پهرينءَ جي چنڊ جي نمودار هجڻ جو وقفو جيترو اتر قطب ۾ وڃبو ته گهٽبو ويندو. مثال طور، خط استوا تي اٺن منٽن لاءِ ظاهر هوندو، ان بعد غروب ٿي ويندو ته ٿورو مٿي پاڪستان ايران اچبو ته ڇهن منٽن لاءِ جتي اسان آهيون اُتي ٻن منٽن لاءِ. تان جو اتر قطب طرف وڌندي هڪ اهڙي به حد ايندي جو بلڪل نظر نه ايندو، جتي ڇهن مهينن جو ڏينهن، ڇهن مهينن جي رات ٿئي! اسان ٿورو شڪجي پياسين ته شايد اسانجي موسميات جي رپورٽ غلط هجي ۽ غلط حساب ٿي ويو هجي. هتي رومانيه ۾ به مسلمان آهن. اسان بندرگاه وارن کان گهڻو ئي وائرليس ذريعي پڇڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو انگريزي سمجهي نه پئي سگهيا. ٻن ڏينهن کان سگنل ڪري ٿڪجي پيا هئاسين ته اسان کي ڪڏهن اندر گهرائيندؤ، ته ان جو ئي جواب نه پئي ڏنائون. ريڊيو تي جيڪي اسٽيشنون کوليون ته جرمن، فرينچ ۽ روسي  زبانن ۾ خبرون پئي هليون. آخر ريڊيو عراق تان ڏهين لڳي عراق جي شيخ جي تقرير جو انگريزي ترجمو نشر ٿيو، جا هو عيدالفطر جي موقعي تي ڪري رهيو هو، ته ’سڀاڻي عيد آهي. خوشي ملهائڻ جو ڏينهن. پر اسانجي ڪيترن عرب ڀائرن جي گهرن ۾ غم جو ماتم آهي. اسان لاءِ سچي عيد تڏهن ٿيندي، جڏهن حق جي سوڀ ٿيندي ۽ اسان اسرائيل مٿان فتح حاصل ڪنداسين.‘ بس پوءِ ته اسان ان تقرير کي اڌ ۾ ڇڏي جهاز تي به عيد جو اطلاع ڪيوسين. ظاهر آهي جڏهن عراق ۾ چنڊ نظر آيو ته ڪو امڪان نٿو پيدا ٿئي جو هتي نظر نه اچي. ڇاڪاڻ جو اسان عراق جي اولهه ۾ آهيون ۽ اسان تائين چنڊ يا سج پهچندي عمر ۾ وڌيو وڃي. پاڪستان، هندستان، برما، جپان ۾ چنڊ نه ڏٺو ويو هوندو، جو اهي ملڪ اوڀر ۾ آهن ۽ هتي رمضان به هڪ ڏينهن اڳ شروع ٿيو هو. ٻئي ڏينهن عجيب اتفاق ٿيو. صبح جو اُٿڻ سان مونکي عجيب غريب تبديلي نظر آئي. پوءِ محسوس ڪيم ته سج جي روشني ڪري ڪمرو روشن ٿي ويو آهي. ٻاهر آيس ته ٻيا به ڪيترائي جهاز جا آفيسر سج جي روشني ۾ بيٺا هئا. هتي سج نظر اچڻ خاص ڳالهه آهي. خبر ناهي ڪيترن ڏينهن کانپوءِ اسان به ڏٺو هو ۽ اهو به عيد جهڙي سٺي ڏينهن تي. نه ته جيئن ئي ڪراچي ڇڏي روم آياسين، ته ان بعد سج نه يوگوسلاويه ۾ ڏٺوسين، نه لبنان، نه روس ۾! ڄڻ اهو پاڪستان ڇڏي آياسين. عيد نماز تي اٽڪل سؤ سوا جهاز جا ماڻهو هئا. عيد نماز بعد سڄو ڏينهن هڪ ٻئي کي پارٽيون ڏيندا رهياسين. جهاز کي ڪنوار وانگر سينگاريو هئوسين. ان ڏينهن ڏاڍو چهچٽو هو. بعد ۾ جڏهن بندرگاه ۾ آياسين ته معلوم ٿيو ته هتي جي مسلمانن به ان ئي ڏينهن عيد ملهائي هئي.

 

هتي بندرگاه ۾ آئي به اڄ چوٿون ڏينهن آهي ۽ اڃان ٽي چار ڏينهن ٻيا به هونداسين. هتي پهچڻ سان تنهنجو ۽ ٻين دوستن عزيزن جا خط مليا، جي توهان ڪراچي جي ائڊريس تي لکيا هئا ۽ ڪراچي آفيس وارن هتي تڏهن ئي موڪلي ڇڏيا هئا  ۽ اسانجي جهاز اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. هر

ملڪ ۾ ايندي سڀ کان پهرين خطن جي پڇا ڪندا آهن ته آيا ڪراچي آفيس وارن خط موڪلي ڏنا يا نه. ڪراچي ڇڏڻ بعد يوگوسلاويه، لبنان، روس ڪٿي به خط نه مليو هو ۽ پوري مهيني بعد هتي رومانيه سڀ خط گڏ ٿي مليا. ڳوٺ ۽ ملڪ جون خبرون پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. دل چاهيو ته آءٌ به ’احمد حسين مخدوم‘ وانگر ڪروماسٽ (Crow-Mast) تي چڙهي ان خوشي ۾ وڃي سُر راڻو ڳايان (ڪروماسٽ هر جهاز جي اڳياڙي ۾ هڪ ٽاور جيان ڊگهو هوندو آهي. پراڻي زماني ۾ ان جي چوٽي تي چڙهي دوربن ذريعي ڏسبو هو، ته ڪنارو ويجهو آهي يا پري. اڄڪلهه ته هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ لاءِ نقشا آهن. رڊار آهن، وائرليس آهي، وغيره وغيره. پر ان هوندي به روايت طور اڃا تائين هر جهاز تي ڪروماسٽ ضرور هوندو آهي.) هڪ هڪ خط جا ڪيترائي دؤر ڪيم ۽ سگريٽ ريڊ ۽ وائيٽ جي اشتهار موجب وري وري ۽ وري پڙهيم. ڇا ڪجي پنهنجي ديس جي دوري فقط هي خط دور ڪن ٿا. سچ آهي ته خط اڌ ملاقات آهي. پنهنجي ته سڄي زندگي تو جهڙي مخلص ۽ عزيز دوستن جي خطن تي ٿي گذري. خط پڙهڻ ۽ توهان ڏي لکڻ مون لاءِ باعث دلچسپي آهي. زمان ٻن ٽن ڏينهن کان منهنجي ڪڍ آهي ته ايڏا وڏا خط آءٌ ڪنهنکي ٿو لکان؟ ضرور ڪا گرل فرينڊ ٺاهي اٿم ان کي ٿو لکان. (ڊگها خط اڪثر گرل فريڊ کي لکيا ويندا آهن) خير، کيس ’ها‘ ڪري جان ڇڏائي اٿم. پر هڪ منٽ لاءِ اکيون پوري سوچ ته تون ڪنهنجي گرل فرينڊ هجين ها! ڏاڍي کل پئي اچيم. ڪوڙي اقرار ڪرڻ بعد زمان اڄڪلهه روز ٽوڪيندو آهي ته لِڪل رستم نڪتس. گرل فرينڊ ٺاهڻ کان اڳ کانئس صلاح مشورو به ڪو نه ورتم (ڄڻ ته گرل فرينڊ ٺاهڻ لاءِ به ڪا مختيارڪار صاحب جي آفيس ۾ درخواست ڏيڻي آهي، جنهن لاءِ صلاح مشورو وٺڻ ضوري آهي) Sailor يا سولجر کي عشق ايترو جلد نه ڪرڻ کپي (ڄڻ ته اهي انسان نه آهن. کين دل ناهي). بهرحال هاڻ ان ڳالهه تي راضي رهيو آهي ته کيس ڪراچي پهچڻ تي پنهنجي پسند جو ديدار ڪرائيندس ته واقعي لکن ۾ هڪ آهي يا نه. سوچيان پيو جڏهن ڪراچي ۾ تون ملڻ ايندين ۽ کيس تولاءِ ٻڌائيندس ته تون آهين اهو شخص، جنهن کي آءٌ ايڏا ڊگها خط لکندو هوس ته ڏاڍو بور ٿيندو. مون به في الحال ڏاڍو تجسس ۾ رکيو اٿمانس. اڄڪلهه مونکي اسي سالن جي پوڙهي وانگر نصيحتون ڪندو آهي. بازار مان گذرندي وقت چوندو آهي ته گرل فرينڊ لاءِ به ته ڪو تحفو وٺ. ڪا عطر جي شيشي، ڪو ڪپڙو، ڪا واچ (يا بقول اختر علي عباسي جي ڪو ٻارهين آني وارو ڳاڙهو رومال.) ڪالهه شڪل بڇڙي ڪري چيومانس، ”پارٽنر، هڪ تحفو ڏٺو اٿم، ڏاڍو سٺو آهي.“

 

”پوءِ وٺ کڻي.“

”تمام گهڻا پئسا آهن اُن جا، مون کي اڃا به ويهن ڊالرن جي ضرورت آهي.“

جلدي سان ويهه ڊالر ڪڍي ڏنائين ته وڃي وٺ. ويهن ڊالرن مان ٻه قميصون پاڻ لاءِ ورتم ۽ باقي پيسا کيسي ۾ پيا آهن. ڪلهه سج لٿي مهل گهمي آيس ته پڇيائين، ”آندءِ تحفو؟“

 

 

”ها، ٻيو نه ته وري،“ ٿورو رکائيءَ سان جواب ڏنومانس، جيئن ٻيو سوال نه ڪري. جيڪڏهن ٻيو سوال ڪيائين ته اها به پڪ اٿم ته اهو ڪهڙو هوندو. پر هن اهو به سوال ڪري ورتو.

 

”ڏيکار ته سهي.“

”هينئر ته ترس، ٻيا به جهاز جا آفيسر پيا اچن وڃن، وري سڀني کي ڏيکارڻو پوندو؟“

مون سمجهيو ڳالهه وسري ويندس، پر اڄ صبح ساڻ اُٿڻ ساڻ چيائين، ”ڏيکار ته سهي.“

هيڏانهن هوڏانهن ڪري ڳالهه نٽائي ويس. وري ٿوري دير اڳ پڇڻ آيو. مصنوئي طور خفي ٿي چيومانس، ”ڏيکارندوسانءِ ڏيکارندوسانءِ. گهوٽ ماءُ کان اهنر ماءُ تڪڙي. آهي ڀلا ڇا؟ پئسا کپنئي ته کڻ پنهنجا ويهه ڊالر.“

مايوس ٿي چيائين، ”نه يار، اهڙي ڳالهه ناهي ڀلي فرصت ۾ ڏيکارجانءِ.“

سو اِهي اٿئي خبرون. في الحال ته جان ڇڏائي اٿم، پر جڏهن ان ڪوڙ جو ڀانڊو کُلندو ۽ معلوم ٿيندس ته هي جڙتو چڪر آهي ۽ سندس پئسن مان ٻه قميصون آيون آهن، ته يا ته هفتي ڏيڍ لاءِ رسي ويندو يا ته اِهي ٻه قميصون ته وينديون ۽ فالتو ڦُر لُٽ به ڪندو. سو دور انديشي کان ڪم وٺي هينئر کان ئي اهي قميصون پائڻ شروع ڪيون اٿم. اڄ ڊنر پئي کاڌيسين ته قميص ڏي نهاري بنگالي ۾ چوڻ لڳو، ”واه، استاد! اڄڪلهه ڏاڍا رنگ پيو ڪڍين.“

ٺهه پهه بنگالي ۾ جواب ڏنومانس، ”ڇو نه ڪڍان؟“  ۽ آهستي سنڌي ۾ چيم، ”ڏوڪڙ جو پرايا آهن. مال مفت دل بي رحم.“

هن ملڪ جون خبرون جام آهن. سڀ ڪاغذ تي ته لکيون نٿيون سگهجن. ٿوريون ئي سهي. پنهنجي خداداد قابليت کي استعمال ڪري ڪني مان خرار جو اندازو لڳائجانءِ.

ڪانسنتزا شهر رومانيه جو وڏي ۾ وڏو ۽ پراڻو شهر آهي، جو چوٿين صدي ۾ ڪانسٽنٽ اعظم جي نالي ٻڌايو ويو هو. رومانيه کي هي هڪڙو ئي بندرگاه آهي ۽ سامونڊي طرح هتي اچڻ جو هي ئي هڪ دروازو آهي، جو بحر اِسود جي ڪناري تي آهي. هتي به سردي جام آهي (پر روس کان گهٽ) ٻارهوئي سرديءَ جي ڪري پوکي ايتري ڪا نه ٿئي. باقي قدرتي زمين دوز زخيرن ۾ مالا مال آهي. هتي ڌاتو جام لڀجڻ جي ڪري رومانيه به پولينڊ، يوگوسلاويه ۽ روس وانگر مشينري جي ڪارخانن کان مشهور آهي. اسان جهڙي ملڪن کي مشينري ڏئي واپسي ۾ اناج، لوڻ ۽ چمڙو خريد ڪندو آهي.

سوشلسٽ ملڪ آهي، پر هتي جا ماڻهو ڪميونزم مان خوش نه آهن. ملڪ جي حالت تمام خراب آهي. غربت حد درجي جي آهي. بڇڙائيءَ جي ڪا انتها نه آهي. هر شيءِ، دُڪان، هوٽلون ۽ ڪارخانا گهڻي ڀاڱي حڪومت جا آهن. ڪو به پئسو جمع ڪري امير نٿو بنجي سگهي. هر هڪ کي ايترو پورو پنو سندس مزدوري جو عيوضو ملي ٿو، جنهن مان ڇڪي تاڻي هن جو کاڌو ۽ ڪپڙو لٽو ٿئي ٿو. چين جي ڪميونزم ۽ هنن ملڪن جي ڪميونزم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. چين جا ماڻهو اخلاقي طرح دنيا جي اعليٰ ماڻهن مان آهن. ڪڏهن ڪا شيءِ گهرندا نه. ڪو فقير نظر نه ايندو. بلڪ هو پاڻ ٻاهرين کي ۽ آيل سياحن کي تحفي طور ڏيندا. چوري، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ٻيون بڇڙايون عادتون يا علتون هرگز نه اٿن. مجال آهي جو ڪا ڇوڪري اک کڻي به خراب مقصد لاءِ نهاري. پر هتي  جي ٻي ڳالهه آهي. مون ٻڌو هو ته هنن سوشلسٽ ملڪن ۾ هر انسان برابر آهي، پر مونکي هتي ته امير به پيا نظر اچن ته غريب کان غريب به خراب حالت ۾ سرڪاري طرح ڊالر جا ارڙهن ليو (هتي جا رپيا) مقرر ٿيل آهن، پر رستي تي اوهانکي انيڪ ماڻهو ڊالر، ۽ پائونڊ وٺڻ: لاءِ منٿون ڪندا ۽ ڊالر جا ٽيهن کان چاليهه ليه به ڏيندا. چاڪليٽ وڪڻڻ لاءِ منٿون ڪندا ته،  بليڪ تي وڪڻو. معمولي سگريٽ جي پاڪيٽ جا ڏهن کان پندرهن تائين ليو ڏيندا. ٻيا ته ٺهيو، پر پوليس، جا بليڪ مارڪيٽنگ روڪڻ لاءِ آهي، انکي بليڪ مارڪيٽنگ ڪندو ڏٺم. الا، آءٌ ته جيترو هي ملڪ ٿو گهمان، اوترو پنهنجي ملڪ لاءِ وڌيڪ پيار ۽ عزت ٿو محسوس ڪريان. سچ پڇين ته اسان هن کان هزار درجه بهتر آهيون. چڱائي خرابي هر جڳهه ۽ هر دؤر ۾ رهي آهي، پر تڏهن به اسان وٽ ايتري بڇڙائي ناهي. اسان وٽ ايتري مهانگائي نه آهي. سچ ته هر لحاظ کان خوش آهيون. هر شيءِ ملي سگهي ٿي. اسان جي ملڪ جي پئسي جي ساک ۽ قدر آهي. خوشي مونکي هتي جي ماڻهن ۾ بنهه نظر ڪا نه ٿي اچيئ شهر ۾ ڪا به اهڙي شيءِ وٺڻ لائق نظر نه ايندي. هتي فقط اهو ڪجهه ٺهي، جنهن جي روز مره جي زندگي ۾ اشد ضرورت هجي. هر هوٽل وارو، هر دڪاندار، سرڪار جو ملازم آهي. دُڪان کي فائدو رسي يا نقصان، ان سان سندس ڪو سروڪار ناهي ۽ اهي ئي ڳالهيون آهن جو مقابلو ڪونهي. مقابلو ناهي ته چاهه ۽ شوق ناهي ۽ جڏهن ماڻهن ۾ چاه ڪونهي ته پوءِ شيءِ جي Quality نٿي سڌري. سڄي شهر ۾ فقط ٻن ٽن قسمن جا ڏندڻ ۽ ٽٿ پيسٽ نظر آيا، سي به اهڙا بيڪار جو وٺڻ تي دل نٿي چاهي. ٻاهرين ملڪن جون شيون حد درجي کان مهانگيون. مثال طور سيون-او-ڪلاڪ بليڊن جو پئڪيٽ اسان وٽ سوا ٻي رپئي يعني اڌ ڊالر ۾ ملندو، پر هتي ٻن ڊالرن ۾! اخبارن جي دڪان تي رش ڏسي معلوم ڪيم ته هن سڄي ايراضي ۾ فقط اِهو هڪ دڪان آهي، جتان سڀني کي اخبارون وٺڻيون ٿيون پون. اهڙي نموني سان بوٽن جي دڪان تي چڙهيس ته معلوم ٿيو ته هتي فقط ٻارن جا ملندا آهن. وڏن لاءِ بازار جي ڪنڊ تي مقرر دڪان آهي. هتي هلڪا ڪم، جهڙوڪ حجامت جو، هوٽل جو، عورتون ڪن. ۽ آفيسن، دڪانن تي پڻ سڀ عورتون نظر اينديون. مرد ڪو ورلي نظر ايندو. مرد ڪارخانن ۾ ڳرا ڪم ڪن. هتي فقير به ڪافي نظر آيا. گُر گلين جهڙيون فقيراڻيون جنجا وار ڪپڙا مٽي ۾ ميرا، سنگهه پيئي وهندي، هڪ هٿ ۾ ماني جي ڳوٿري، ٻئي هٿ ۾ اگهاڙو ٻار ڇاتيءَ سان ڄَرُ وانگر چهٽيل اهڙيون فقيراڻيون هتي به جام آهن. ڪي فقيراڻيون کدڙن جان ڏلهو ٺاهي هڪ هڪ دڪان تان ڳائيندي پنندي نظر اينديون.

مذهب جي لحاظ کان هتي عيسائي ۽ ترڪ مسلمان آهن ترڪ سلطنت زماني جون اڃا تائين خوبصورت مسجدون موجود آهن. ڪنهن زماني ۾ رومانيه، بلغاريه ۽ البانيه تي ترڪن جي حڪومت هوندي هئي. پوءِ زوال آيو. مدد لاءِ هندستان جا مسلمان (تن ڏينهن پاڪستان اڃا نه ٿيو هو) به ويا هئا. جنهنکي خلافت سڏجي ٿو. پر افسوس جو غداري سبب اسان جا مسلمان شهيد ٿي ويا. تفصيل سان هتي ذڪر نٿو لکي سگهان، جو خط وڏو ٿي ويندو. ان ذڪر کان پاڪستان جو هر مسلمان واقف آهي. تازو علي محمد راشدي صاحب پڻ اُن خلافت جو ذڪر مختصر طور پنهنجي ڪتاب ’اُهي ڏينهن اُهي شينهن‘ ۾ ڪيو آهي. بهرحال هينئر مسلمانن جو هتي اهو جاه ۽ جلوه نه رهيو آهي، پر تنهن هوندي به عيسائي ۽ مسلمانن جا هتي ڀائرن جهڙا تعلقات آهن. بندرگاه جي ڀر واريون مسجدون بند ڏسي ڏاڍو تعجب لڳم. پر پوءِ معلوم ٿيو ته ڪڏهن ڪڏهن کلن ٿيون. وڌيڪ پڇي نه سگهيو آهيان، جو هتي هڪ به انگريزي زبان نٿو سمجهي. سڀ رومن زبان ٿا ڳالهائين ۽ ڪو ڪو جرمن ۽ فرينچ سمجهي ٿو. حيدرآباد جي لطيف آباد ۽ هير آباد وانگر هتي به شهر جو هڪ حصو آهي، جنهن ۾ فقط ترڪ مسلمان رهن ٿا. جمعي ڏينهن اسان جمعي نماز لاءِ وياسين، پر نماز ختم ٿي چڪي هئي. امام جو گهر مسجد جي ڀرسان هو. ان جي ننڍي ڌيءُ مسجد کولي ڏيکاري. سندس نالو نوران هو. ڏهن ٻارهن سالن جي ٿيندي، پر ايتري ته معصوم ۽ ٻالي ڀولي هئي جو سڀني کي اعتراف ڪرڻو پيو ته اهڙو ٻار اسان نه ڏٺو. اسان جي دوست ابريءَ ته الله جي گهر کان وڌيڪ خالق جي هن تخليق جي تعريف ڪئي. جهاز تي پهچڻ بعد به ڪيترا دفعا چوندو رهيو ته: يار اهڙو معصوم ٻار اسان نه ڏٺو. آءٌ ته چوان ٿو ته الله خود هنکي پنهنجي هٿن سان ٺاهيو هوندو. مسلمان حڪومت هجڻ ڪري ڪيترن ڪرسچن جا نالا به اهڙا آهن، جي گهڻو ڪري مسلمانن جا ٿين. مثال طور: جهان آرا، خديجه، ذليخه وغيره. ڪي ڪي زبان جا لفظ اهڙا آهن جي اسان وٽ سنڌيءَ ۾ به عام آهن. مثال طور: مهمان کي مسافر چون، تون کي تون چون، مسجد کي جاميه وغيره باقي زبان ڏاڍي ڏکي آهي. هتي جون عورتون ٻين آس پاس وارن ملڪن کان بلڪل مختلف آهن. سڀ کان اول جو ڌاريو ماڻهو نئين ڳالهه محسوس ٿو ڪري، سا هتي جي عورتن جي جسماني بناوٽ آهي. هتي جون عورتون روس، يوگوسلاويه، اٽلي يا يورپ جي ٻين ملڪن وانگر تندرست ۽ ٿلهيون نه آهن. تمام سنهڙيون ۽ هلڪيون ڄڻ ڦوڪ ڏيڻ سان اڏامي وڃن. هلڻ، ڳالهائڻ ۽ ٻولهائڻ جون چست ۽ سمارٽ ۽ سندس حرڪات و سنڪات ۾ خاص قسم جو ناز و ادا ۽ شرميلو پڻ ڏسي مون کي ته پنهنجي ملڪ جون ٻليون ٿيون ياد اچن. هتي ڪيترين کي ڊگها وار ۽ ٻه چوٽيون نظر آيون، جنکي هتي سونهن جي نشاني سمجهيو ٿو وڃي.

پهرئين ڏينهن ڪيترو ئي سنهو سنهو سامان خريد ڪيم. مثال طور نئين سال جي ڊائري، نوٽبڪ، فوٽو ڪارڊ وغيره. مس جي سخت ضرورت هيم. سڄي جهاز ۾ فقط اليڪٽريڪل انجنيئر وقت مس هئي ۽ بار بار ان کان وٺڻي ٿي پئي. گهمي ڦري واپس پئي آيس ته مس جي يادگيري آئي. ڪتابن واري دڪان تي چڙهي ويس. انڪپين ڏي اشارو ڪري چيومانس ته هنجي ڀرڻ جي شيءِ ڏي. اڌ ڪلاڪ مٿو هنيم پر مائي ملو ڪزاديءَ کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي سا نه آئي. آخر ڀر واري دڪان تان ٻين ٻن ڄڻن کي ڇڪي آئي، جن پاڻکي عقل ۾ اڪابر ٿي سمجهيو. کين وري اشارا ڪري سمجهايم، ته ڪڏهن پينسل پيون ڏين ته ڪڏهن نوٽبڪ پيون ڏين. ڪڏهن نب پيون ڏيکارين. آخر هڪ کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي. ڊگهو ساهه کڻي چيائين ’آ‘ ۽ پوءِ اشارو ڪري سمجهايائين ته اسان وٽ ناهي. اها ٻئي هنڌان ملندي. هتان سڌو سڌو وڃ، پوءِ کاٻي پاسي مڙجانءِ. پوءِ اڳتي هلي به رستا ڦٽندا، اُنهن مان کاٻو وٺندا، پوءِ هڪ دڪان ايندو. دل ۾ چيم ٻيلي ڏاهيون ٿيو. سردي ۽ بارش ۾ مون پرديسيءَ کي ڪيڏانهن ٿيون موڪليو. اسٽيشنريءَ جو دڪان هي ۽ مس لاءِ مس جي ڪارخاني ۾ ٿيون موڪليو ڇا؟ دڪان تان لٿس ٿي ته هڪ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي، پني تي مس ڪپڙي ٺاهي انجي مٿان انڪپين ٺاهي ڏيکاريمان ته ان مان مس جا ڦڙا شيشيءَ مان پيا ڪرن ۽ ڦڙن ڏي اشارو ڪري چيومان ته اها کپي. ڏاڍيون کليون ۽ ڪٻٽ کولي مس ڪڍي ڏنائون. چوندا آهن ته ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي الهيار! مس هنن وٽ رکي هئي مونکي تڏهن الائي ڪيڏانهن ٿي موڪليائون! چڱو جو نه ويس. هاڻي آءٌ به قصي کي سمجهي ويو آهيان، بحث ڪرڻ ۽ اجايو مٿو هڻڻ هنن سان بيڪار آهي. ڪجهه به پڇڻ لاءِ هاڻ ڊرائينگ کان ڪم وٺندو

 

آهيان. هنن ملڪن ۾ رستا ياد ڪرڻ تمام سولا آهن. شهر ۾ جتي ڪٿي وڏا بت جام ٺهيل آهن. جنکي نشاني خاطر ياد ڪندا آهيون. مثال طور: هتان بندرگاه کان ’پاپولر سئنيما‘ تائين وڃڻ لاءِ پهرين سڌو وڃبو، اڳتي هڪ اگهاڙي ماڻهوءَ جو پٿر جو بت اگهاڙي گهوڙي تي نظر ايندو (گهوڙا ته ٿيندا ئي اگهاڙا آهن، پر سوار به اگهاڙو آهي) ان بت کان ساڄي مڙبو ته هڪ ٻيو عمدو اوچي ڌاتوءَ جو هڪ شاعر جو بت نظر ايندو (جو شاعر پڪ اسان جي ملڪ جي شاعرن وانگر مئو هوندو، پر مرڻ کانپوءِ قدر سڃاڻي لکين رپيا خرچي اهو قيمتي بت ٺهرايو ويو آهي). ان بت جي پٺين گهٽيءَ ۾ سئنيما آهي. هڪ ڏينهن واپسيءَ تي رستو ڀلجي ويس. هڪ واٽهڙو کي ترسائي پني تي جهاز ۽ سمنڊ ٺاهي پڇيومانس ته هي ڪٿي آهي. جهٽ پٽ سمجهي ويو ۽ سامهون اشارو ڪري رستو ٻڌايائين. ٽيون ڏينهن شهر جي ٻاهرين پسگردائيءَ ۾ پئي چڪر هنياسين ته هڪ ڳيري جو آواز ٻڌي سڀ ڳيري کي ڏسڻ لڳا. دوستن چيو، ”بس ادا، لئه سڄي ڳيرن جي آهي، نه کين ڊڪشنريون کڻڻيون پون نه گائيڊبڪ. پاڪستان جي ڳيري جي زبان به ساڳي گهُو گهُو، ته رومانيه ۽ روس جي ڳيري جي به ساڳي زبان گهُو گهُو.“ڪالهه هڪ هوٽل ۾ وياسين. بئري جڏهن ڳالهه نه سمجهي ته دوست کي چيو ته ڪائونٽر تي انچارج عورت کي سمجهائي اچ ته اسان کي ٻڪريءَ جو گوشت کپي، گوشت ۽ ڊبل روٽي آئي پر سواد ۾ تمام گهڻو فرق هو. ٻاڪرو گوشت ڪو نه ٿي لڳو. پوءِ جهاز تي اچي دوست راز فاش ڪيو ته کانئس ٻڪريءَ جي شڪل ڪجهه وڏي ٺهي وئي هئي ۽ ٻڪري گهٽ، مينهن وڌيڪ پئي لڳي. کي سمجهايوسينس ته خيال رکندو ڪر. پُوري پُني سائيز جون شيون ٺاهيندو ڪر. چڱو جو وڏي ٺهي، جيڪر ننڍي ٺاهين ها ته پڪ سوئر جو گوشت اڄ کائڻو پوي ها.

 

Text Box: ١٢٦

 

اڄڪلهه هي ڪانستنزا جي بندرگاه ۾ ڪيترائي جهاز بيٺا آهن. اسانجي جهاز جي هڪ پاسي اسرائيلي جهاز بيٺو آهي، ته ٻئي پاسي لبناني جهاز. ٽيون ڏينهن اسرائيل وارن لبنان جي بيروت هوائي اڏي تي هوائي جهاز تباهه ڪيا آهن، سو اڄڪلهه هر وقت ان تي بحث پيو هلندو آهي. شهر ۾ هڪ ڏينهن اسان مڪراني ڏٺا، پر پوءِ پڇڻ تي معلوم ٿيو ته پورچو گال جا آهن. هندستاني جهاز به هت آيل آهي. هڪ ڏينهن پوسٽ آفيس ۾ هڪ هندستاني مليو. کيس اهو نه ٻڌايم ته پاڪستاني آهيان. چيومانس ته: بمبئي جو آهيان ۽ هتي پنجن سالن کان مقيم آهيان. کيس لفافا وٺي ڏنم ۽ هوٽل تي وٺي آيوسانس ته، مهمان جي حيثيت ۾ ڪجهه کاءُ. کانئس يڪدم خبرون پڇيم، ته ملڪ (يعني هندستان) جو ڇا حال آهن؟ هُن جيڪي خبرون ويهي ٻڌايون. اهي ٻڌي تعجب لڳم، ته هندستان جي اڄڪلهه ڪهڙي نه ڪمزور حالت آهي! صوبائي تعصب، مذهبي ڇڪتاڻ مهانگائي ۽ ڏڪار، جهڳڙا، فساد، سياسي ڪمزوري وغيره وغيره! پاڻ اهو به اعتراف ڪيائين ته، سيپٽمبر واري جنگ ۾ کين ڪيڏو نقصان رسيو ۽ شرم جي اها ڳالهه، جو هندستان، پاڪستان کان هر لحاظ ۾ وڌيڪ ۽ طاقتور هو ته به پاڪستاني ماڻهن جي بهادري ۽ شجاعت، جوش ۽ جذبي اڳيان پير کوڙي نه سگهيا. اڳتي هلي کيس ٻڌايم ته: آءٌ پاڪستاني آهيان. تنهن تي چوڻ لڳو ته، ”توهان وٽ پاڪستان ايئرفورس جي مئگزين شاهين آهي.“

 

”نه. هتي ته نه آهي، ڇو؟“

”يا ڪو جنگ تي ڇپيل ڪتاب آهي. مون انهن ڪتابن جي ڏاڍي تعريف ٻڌي آهي.

”هن وقت ته نه آهي. چئين ته پوسٽ ذريعي موڪليانءِ.“

”نه، پوسٽ ذريعي ايندو ته هندستاني حڪومت روڪي ڇڏيندي. هونءَ اسان ڪيترائي پاڪستاني رسالا جهڙوڪ: اردو ڊائجيسٽ، سياره ڊائجيسٽ، ويڪلي ۽ ٻيا لڪ چوريءَ گهرائي پڙهندا  آهيون. هينئر به بيروت مان هڪ پاڪستاني هفتيوار رسالو، اسان جي جهاز تي ڪيترن ئي ورتو آهي.“

سندس اهي ڳالهيون ٻڌي، ڪيتريون ئي حقيقتون معلوم ٿيون ته، هندستان ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي. ڪراچي صدر جي ايلفيءَ وانگر هتي به هڪ علائقو آهي، جتي شام جي وقت ڪافي رونق ۽ چهچٽو لڳل هوندو آهي. خاص ڪري مختلف ملڪن کان آيل جهازن جا ماڻهو، چيني، جپاني، يوناني، ترڪي، روسي، افريڪي ۽ برمي نظر ايندا. هر هڪ جي پنهنجي زبان ۽ پنهنجو قد بت. ڪالهه سينگاپور کان جهاز آيو آهي. اهي سڀ انگريزي ڳالهائين ٿا. سو اسان خوب خبرون چارون ڪندا آهيون. سڀني جهازن ۾ وڏو، سهڻو خوبصورت ۽ تکو جهاز اسان جو آهي، سو سڀني جي نگاهن جو مرڪز هوندو آهي. روز ڪيترائي ڏسڻ لاءِ ايندا آهن. ترڪيءَ کان روس ايندي هندستاني جهاز اسان کان اڳ نڪتو هو ته به روس هن کان اڳ پهچي وياسين.

ملڪ کان آيل دوستن ۽ عزيزن جي خطن ۾ ڪي ڏاڍا دلچسپ سوال آهن ته: آيا ماڻهو ٻاهر وڃي پراڻن دوستن ۽ عزيزن کي وساري ته نٿو ڇڏي. ٻاهر وڃي نمازون روزا قائم رکي سگهي ٿو يا خراب ٿيو وڃي. ان لاءِ جواب طور عرض آهي ته ٻاهر وڃي پاڻ پنهنجي ملڪ، دوستن ۽ عزيزن کي زياده ياد ٿو ڪري. وڌيڪ اُڪير ۽ سڪ ٿو محسوس ڪري. باقي جيسين پنهنجي مذهب جي Practice ڪرڻ جو سوال آهي، سو جهڙو ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ آهي، اهڙو هتي. ڪا به دنيا جي طاقت ان لاءِ روڪي نٿي سگهي. مثال طور: هتي جهاز تي اڪثر سڀ نماز پڙهن ٿا. هيٺيون طبقو (ملاح ۽ خلاصي) ته خاص پابنديءَ سان پڙهن. پر آفيسر به ڪافي پابند آهن. خود عيد نماز هڪ انجينئر پڙهائي ۽ سڀ حاضر هئا. شراب ۽ سگريٽ هتي گهڻو ڪري مفت ٿا ملن. ان هوندي به فقط هڪ اڌ آفيسر آهن جو واپرائين، نه ته اُهي اُهي جنجي سڄي زندگي ٻاهرين ملڪن ۾ گذري آهي، سي به هٿ نه لائين. اسان ته ان مقابلي ۾ ڄڻ اڄ آيا آهيون. ان ڏينهن هتي ڪرسمس پارٽي هئي. هر قسم جا اوچا اوچا شراب، شيمپن کان وودڪا تائين موجود هئا، پر ان هوندي به مون ڏٺو ته سواءِ گورن جي، چيف انجنيئر ۽ چيف آفيسرن جي، ٻي ڪنهن به پاڪستانيءَ هٿ نٿي لاٿو ۽ سڀ چئين چئين آني واري دٻي ۾ بند ٿيل سنگتڙن جي رس پي رهيا هئا. جيڪر پيئڻ تي اچون ته اسان جو هتي ڪهڙو خرچ آهي، ڪهڙي پابندي ڪهڙي کوٽ آهي، پر اجايو شوبازي ۽ ٽرڙپائي جي ڪهڙي ضرورت ۽ ڇو خوامخواه سگريٽ ڦوڪيندا وتجن. نه فقط اسان وٽ، پر ٻيا به ڪيترا پاڪستاني ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي نه بدليا آهن ۽ اهو ضروري ناهي ته ماڻهو ٻاهر وڃي خراب ٿو ٿئي. نور احمد نظاماڻي، جو آمريڪا ۾ هي اٺون سال آهي، پر اڄ تائين شراب ۽ سگريٽ کي هٿ نه لاٿو اٿس. مس راحيله کي لنڊن ۾ ٽيون سال آهي ۽ رفيق احمد کي نيويارڪ ۾ ٻيو سال آهي، پر اڃا ڪو نماز جو وقت نه گسايو اٿن. ڪندو ڪير اعتبار! باقي اڄڪلهه جا ڪي ٽرڙا ڇوڪرا جن نه ڏسي ڏٺو آهي، اهي جهڙا گهر ۾ تهڙا ٻاهر. ڪوڙو فخر ۽ کوکلي وڏماڻهپائي ڏيکارڻ لاءِ زور ڪري شراب پيئندا، عجيب عجيب حرڪتون ڪندا، ٻاهرين ملڪن جي ڇوڪرين سان شاديون ڪندا ۽ شادي به ڪهڙين ڇوڪرين سان، يا ته ڪنهن نيچ قسم جي حجام سان، يا هوٽلون صاف ڪندڙ ڀنگياڻين سان، يا ڪنهن واهيات قسم جي نرسن سان ڪري، پنهنجي ملڪ اچي لئه وهاريندا. اسان جي ديس جا سادا ۽ وسوڙيل ماڻهو ٿوري ڳالهه تي وسهي وهندا ۽ مرعوب ٿي ويندا.

ڪيترا ئي اهڙي قسم جا پاڪستاني، هندستاني ڇوڪرا لبنان، روم، جرمني، فرانس ۽ انگلينڊ ۾ ڏٺم ۽ انهن بابت ٻڌو اٿم ۽ چڱيءَ طرح معلوم ڪيو اٿم ته اهي ڪيئن ٿا هتي جي چالاڪ ۽ گهاٽ گهاٽ جي پاڻي پيئندڙ ڇوڪرين جي ور چڙهن ۽ ڦاس ۽ خود فريبيءَ جو شڪار ٿا بنجن. اهو هڪ جدا باب آهي. جنهن لاءِ مان گذريل خط ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان، ته ڪنهن ٻئي هنڌان فرصت ۾ ان عنوان تي لکندس ۽ تلخ حقيقتن کان واقف ڪندس، ته اهي ڪيئن ٿا مصيبت ۾ گرفتار ٿين ۽ ٻاهران جيتوڻيڪ ڦوس مان فتح خان ٿيو پيا هلن، پر سندن دل جو ڇا حال آهي. بس شل نه الله ڪنهنجي مت کسي ۽ بڇڙو ڪري. چڱو ادا، خط ڪافي ڊگهو ٿي چڪو آهي. اسان بلغاريه تار ڪري ڇڏي آهي ته اسان اچي رهيا آهيون. ڏينهن ٻن بعد رومانيه کي خيرآباد چئي بلغاريه جي مشهور بندرگاهه ورنا هليا وينداسين. ٻيو خط ورنا (بلغاريه) مان ئي لکندوسانءِ. تيستائين خدا حافظ

 نيڪ تمنائن سان

__ تنهنجو

ورنا (بلغاريه)

رومانيه جي هڪ طرف روس آهي ۽ ٻئي طرف يوگوسلاويا ۽ ڏکڻ طرف بلغاريه آهي. بلغاريه جا ٻه مکيه بندرگاه آهن. هڪ ’بر گاس‘ جو ننڍو آهي ۽ ٻيو ’ورنا‘ جو بلغاريه جو ٽيون وڏو شهر ۽ مشهور بندرگاه آهي. اسانکي چوٿين تاريخ صبح جو لنگر کڻڻو هو، پر بحر اسود ۾ ان وقت سخت طوفان لڳي رهيو هو، ان ڪري شام جو اٺين لڳي ڪانستنزا (رومانيه) مان لنگر کنيوسين ۽ ورنا جي بندرگاهه ۾ پورن پنجن ڪلاڪن جي سفر بعد پهتاسين. هي خط ورنا (بلغاريه) مان لکي رهيو آهيان. بلغاريه به رومانيه وانگر سوشلسٽ ملڪ آهي. رومانيه ۾ هن کان ڪجهه وڌيڪ آزادي آهي. اتي ڪي ڪي گهر ۽ دڪان ماڻهن جا ذاتي به هئا، پر هتي گهڻي ڀاڱي هر شيءِ گورنمينٽ جي آهي.

ٽيڪنيڪل ترقي جي لحاظ کان بلغاريه وڌيڪ ترقي يافته ۽ امير ملڪ آهي. ۽ ڪيترن ئي ملڪن سان واپار هليس ٿو. رومانيه کان هتي وڌيڪ مسلمان ۽ مسجدون آهن. تحريڪ خلافت کان اڳ، هنن ملڪن تي ترڪي جي حڪومت هئي جنهنکي اوٽمن ايمپائر (Ottman Empirer) سڏجي ٿو. زياده هتي جي تاريخ کان واقف نه آهيان. پهرين معلوم هجي ها ته اسان هنن ملڪن ڏي اچي رهيا آهيون، ته روم يا قاهرا مان تاريخ خريد ڪري مطالعو ڪريان ها. هاڻ لبنان مان وڃي خريد ڪندس. رومانيه مان ڏاڍي پڇا ڪيم، پر سڀ ڪتاب اُتان فرينچ، رومانين ۽ جرمن زبانن ۾ ٿي مليا. چڱو جو هڪ ڊڪشنري (لغت) رومن-انگريزي ۾ ملي ويئي، سا ڏاڍي ڪم آئي، حالانڪه ان ۾ سڀ لفظ ته نه هئا ۽ نا مڪمل هئي، پر تڏهن به ڏاڍي فائديمند رهي. ڪانستنزا ۾ منهنجو ڏاڍو سٺو وقت گذريو. ڪيترائي دوست ۽ فئمليون واقف ٿي ويون. بلغاريه کان رومانيه جا ماڻهو ڏاڍا ملنسار، قربائتا ۽ خلوص وارا ٿي لڳا. خاص ڪري رومانيه جون عورتون ڏاڍيون ساديون ۽ نٺيون آهن. باقي مرد خود غرض ۽ لالچي. هر هڪ مرد کي فقط اها تات ته واپار ڪريون. يعني سگريٽ، چاڪليٽ يا ڊالر پائونڊ هجنوَ ته بليڪ تي وڪڻو. ٻيو نه ته دستانه، پراڻا ڪوٽ وڪڻو. (انهن شين جو هتي ڏاڍو قدر آهي.) اصل تنگ ڪري ڇڏيو هئائون. ترڪ مسلمان به مليا. اسان وڏي حب ۽ اُڪير سان ملون ۽ هتي جي خبر چار وٺڻ جي ڪوشش ڪريون ته هي به ڦريو گهريو ساڳي ڳالهه تي اچن ته ڊالر ۽ پائونڊ بليڪ تي وڪڻي رومانيه جا پئسا وٺو. مگر ڪنهن هڪ عورت به اهڙي قسم جو تذڪرو نٿي ڪيو. عورتون وري روم (اٽلي) جون ! اُف توبه! پهرين نمبر جون شوخ، وڏاءُ واريون ۽ مغرور. سڌي منهن اصل نٿي ڳالهايون. روم جي ايئرپورٽ ۽ شهر ۾ خريداري لاءِ اٽڪل ويهن کن دڪانن تي چڙهياسين. جنتي اڪثر عورتون هيون. هڪ به سنئون سڌو نٿي ڳالهايو. پڇ کڻي ڪنهن شيءِ لاءِ ته: اٿانوَ؟ ”نه ڪانهي.“ ٺپ اهڙو اڇل مان جواب ڏين جو ٻي شيءِ پڇڻ لاءِ دل ئي نٿي چيو. منهنجو دوست ته صبح، شام جنهن وقت به روم اٽلي جي ڳالهه نڪرندي آهي ته اُتي جي عورتن کي گاريون ڏيندو آهي. بلڪ ذڪر ئي ان بهاني لاءِ روم جو ڪندو آهي. چوندو آهي ته، ”انهن به دڪان هلايا.“ باقي روم جا مرد باوقار، فضيلت وارا، شاهي قسم جا ۽ Well Behaved هئا هڪ هڪ کي ڏسي مونکي سيزر، مسولني، مائيڪل اينجلو، مائيڪا ولي ٿي ياد آيو. ٿي سگهي ٿو ته عجيب اتفاق هجي جو رومانيه ۽ اٽلي ۾ آءٌ اهڙي قسم جي مردن ۽ عورتن سان مليس. ڪانستنزا ۾ منهنجي پهرئين ڏينهن واقفيت انيسه آرا نالي هڪ ڪرسچن ڇوڪري سان ٿي. جا بخارست يونيورسٽي جي گريجوئيٽ آهي. حڪومت طرفان اسپتال نما دوائن جو دُڪان ٿي هلائي. مونکي ڏاٺ ۾ سور هو، سندس دڪان تي ويس، ڏندن ڏي اشارو ڪري چيومانس: انهن لاءِ ڪا دوا ڏي. ويهڻ لاءِ اشارو ڪري چيائين ته: منٽ ترس، پاڻ ٻين کي دوائن ڏيڻ ۾ مشغول ٿي ويئي، ٻن منٽن جو اڌ ڪلاڪ ٿي ويو. ساڻ آيل دوست کي چيم ته: تون ڀلي شهر گهمڻ هليو وڃ. خبر ناهي ڪيترو وقت لڳي! هو هليو ويو، ڪلاڪ بعد اشارو

 

ڪيائين ته: هتي مون وٽ ڪانهي هل ٻئي هنڌ. ٽي ٿيا هئا، سندس دڪان بند ڪرڻ جو وقت هو. دڪان بند ڪري مونکي بازار وٺي اچي ٽٿ برش ۽ ٿٽ پيسٽن جي دڪان تي چاڙهيائين ته هي آهن. مونکي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. وقت به ضايع ٿيو، دوا به نه ملي، دوست به اڪيلو هليو ويو. کيس انگريزيءَ ۾ ڏاڍا دڙڪا ڏيئي سمجهايومانس، ته ٽٿ پيسٽ نه، دوا کپيم. سور اٿم.  اشارن سان سمجهايائين ته سڀاڻي اچجانءِ ڊينٽسٽ وٽ هلنداسين. ويچاري وڌيڪ ڪڇي ڪانه. پوءِ اهو هتي جي ماڻهن جو حسنِ ڪردار آهي يا منهنجا دڙڪا نه سمجهيائين ۽ هُن هندستانيءَ وانگر، جنهن جو لبنان ۾ هڪ عرب ٽئڪسي ڊرائيور سان جهڳڙو ٿي پيو. هندستانيءَ کيس گاريون ڏنيون ته عرب اُن کان به ٻيڻيون ٽيڻيون گاريون کيس ڏنيون. هندستانيءَ واپس پنهنجي وطن دوستن کي اچي ٻڌايو ته، ”يار عربن جي ڇا تعريف ڪجي. بيروت ۾ هڪ ٽئڪسي ڊرائيور سان جڳڙو ٿيو، آءٌ کيس گاريون پيو ڏيان، پر هي خدا جو بندو مجال آهي جو ڪجهه چوي. بس آيتون ئي پڙهندو رهيو.“ سو هن به سهيلين کي اسان پاڪستانين بابت الائي ڇا ٻڌايو هجي. ٻئي ڏينهن نه ويس، جهاز جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته هتي ڊينٽسٽ سٺا نه آهن. استنبول (ترڪي) يا ٻئي هنڌ ڏيکاريندس. ٽين ڏينهن شهر مان موٽندي کيس ٻڌايم ته ڊينٽسٽ جي ضرورت ناهي. پاڻ انگريزي-رومانين ڊڪشنري وٺي ڏنائين، تنهن ذريعي کيس سمجهايم ۽ معافي ورتي مانس. ان ڊڪشنري ڏاڍي مدد ڏني ۽ اُن ذريعي هڪٻئي سان پنهنجي ملڪن جون خبرون چارون ڏنيونسين ۽ ورتيونسين. هڪ ٻه رومانيه جو تحفي طور Souvenior وٺي ڏنائين. چيومانس ته مون وٽ ته ڪا به پاڪستاني شيءِ ناهي جا توکي سوکڙي طور ڏيان، سواءِ سنڌي ڀرت جي گج جي. اهو جهاز تي پيو آهي سڀاڻي آڻي ڏيندوسانءِ. کيس ڪيترو سمجهايم ته اهو قميص تي ڪتري هڻجانءِ، پر کيس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، جو آخري ڏينهن جڏهن سندس گهر ويس ته ڏٺم، ته ڀت تي ڪوڪن سان لڳو پيو هو! چڱو جو ائين ڪيائين گهٽ ۾ گهٽ چار ماڻهو ڏسي ته سگهندا. قميص تي لڳائڻ مان ڪو فائدو نه ٿئي ها. ههڙي سرديءَ ۾ هميشه قميص مٿان سوئيٽر ۽ ڪوٽ چڙهيا پيا آهن، سو ڪير ڏسي سگهي ها.

 

 

ٻئي ڏينهن تي هڪ دڪان تي ٻه ٽي ڪاليج جون ڇوڪريون دوست ٿي ويون. اهڙو سهڻو ته نه آهيان جو لکان ته مون تي عاشق ٿي پيون. ان خوشفهمي ۾ نه آءٌ مبتلا آهيان ۽ نه توهان غلط فهمي ۾ پئجو. جيستائين منهنجو اندازو آهي ته عاصمه، مريم (۽ ٽين جو نالو وسري ويو اٿم) واقفيت اهو سوچي ڪئي، ته ٻيلي هي جانور ته واه جو آهي! اشارن سان گڏ ڪجهه ڳالهائي به سگهي ٿو، کلي به سگهي ٿو. مونکي انهن ان ئي ڏينهن ڪانستنزا جو عجائب گهر ڏيکاريو. وڌيڪ گهمائڻ جو ٻئي ڏينهن لاءِ وعدو ڪيائون ته بس ۾ شهر جو ٻاهريون علائقو به گهمنداسين. چيومان: ڳالهه اٿانوَ سنئين سڌي مون وٽ توهان جي ملڪ رومانيه جا ايترا پئسا نه آهن. پرس کولي ڏيکاريومان نه مون وٽ ڊالر پائونڊ فرئنڪ ۽ لبناني پئسا آهن. چئو ته سڀاڻي پهرين بئنڪ تي هلي مٽايون، نه ته، ’رلي ڪلهي تي ماني راڄ تي.‘ ڪجهه ڪجهه سمجهيائون ۽ ڏاڍو کليون. ٻئي ڏينهن زمان آءٌ مفت ۾ خوب گهمياسين. مانيون، فلم ۽ بسن جون ٽڪيٽون سڀ سندن بلي. وڏي ڳالهه ته اسان کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي شيءِ ڏسڻ وٽان آهي، ڪٿي وڃجي، ڪيئن ڳالهائجي. سو هي فائديمند رهيون ۽ گائيڊ (رهنما) جو ڪم ڏنائون، جنهن لاءِ اسان شڪر گذار  آهيون. شهر جا ڪيترا اسڪول، مسجدون ۽ پراڻيون عمارتون ڏيکاريون. هڪ ڪاليج ۾ ٻن مسلمان ڇوڪرن سان ملياسين. کين عربي ته صفا نٿي اچي، پر ٻڌايائون ته هو نماز پڙهندا آهن. باقي مسجد ۾ جمعي ۽ نماز جنهن امام پڙهائي هئي، اهو ته صاف عربي پڙهائي رهيو هو. مون چاهيو ٿي ته هتي جي ماڻهن جا گهر  ڏسجن ته سندن رهڻي ڪهڻي ڪيئن اٿن، ۽ ڪهڙي قسم جا گهر اٿن. سو هڪ ڏينهن انيسه آرا سان موڪلائڻ وقت پڇيومانس ته، ”اڄ آءٌ به توسان تنهنجي گهر هلندس.“ سوچي چيائين، ”نه.“ پڇيومانس، ”ڇو ڪو اعتراض ڪندو؟“ چيائين، ”نه اڄ نه سڀاڻي گهر هلجانءِ. ’اڄ تؤ شپ يَائو اڪاسا.‘“ (تون جهاز تي وڃ، آءٌ گهر ٿي وڃان) چيومانس، ”نُو نُو-نُو سِي يَائو، اڪم توُئي اڪاسا.“ (نه نه. تون ۽ مان تنهنجي گهر هينئر جو هينئر هلنداسين.) سمجهي ويس ته سڀاڻي هلڻ مان ڪو فائدو ڪونهي. اوچتو هلي ڏسجي ته ڪهڙن حالن ۾ آهن. آخر ”ها“ ڪيائين. هتي ٽئڪسيون نه آهن، فقط گورنمينٽ جون بسون هلن، جي بس اسٽاپ تان ماڻهو کڻن ۽ بس اسٽاپ تي ماڻهو لاهن، هتي پاڻ جهڙا ڊرائيور، ڪنڊيڪٽر ۽ ماڻهو ناهن جي ٻار کي ريجهائڻ لاءِ بسون بيهاريندا وتن. ياد رهي لطيفو ته، هڪ بس هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ وڃي رهي هئي. رستي تي هڪ عورت ڪڇ ۾ کنيل روئندڙ ٻار سان، بس کي ڏسي بس روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ڊرائيور بس ڪا نه روڪي، جو بس اڳيئي مسافرن سان ٽُٻ هئي. ڪنڊيڪٽر کي ڪا مائي سان همدردي ٿي پيئي، سو ڊرائيور کي گاريون ڏيئي چيائين، ’موڙ بس کي پٺيان، ۽ مائي کي چاڙهه.‘ بس کي پٺيان آڻي، مائيءَ کي چيائين، جلدي ڪر بس ۾ چڙهه. مائي ٻار کي رکي رکي گاريون ڏيندي ڊرائيور کي چيو: ’مون کي بس ۾ چڙهڻو ناهي، منهنجو ٻچو روئي ٿو، ذرا هارن جو پُون پُون ڪر ته ٻچڙو ماٺ ڪري.‘

 

بس اسٽاپ ڪافي پري هو. رات جي برف باري واري برف وٽري رهي هئي. اُن مٿان تيز هوا لڳڻ ڪري هيڪاندي سردي ٿي محسوس ٿي. هي سڄو ذڪر مون ان ڪري ڪڍيو آهي، جو هن قصي مان توهان کي هتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، عادات اطوار، رسم ۽ رواج، موسم وغيره بابت دلچسپ معلومات حاصل ٿي سگهندي. اسان ٻئي سرد هوا ۾ سٽبا بس اسٽاپ تائين آياسين. هتي مون ڏٺو آهي ته عورت به مرد جيترو ڪم ٿي ڪري. هتي دڪانن، آفيسن ۽ هوٽلن ۾ گهڻو ڪري سڀ ڪم عورتون ڪن. دڪان ۽ آفيسون پوري ستين لڳي صبح جو کلن ۽ ٽين لڳي شام جو بند ٿين. مجال آهي جو ڪو دير سان آفيس ۾ اچي يا وقت کان اڳ هليو وڃي. ذرا سوچيو: صبح جو ستين لڳي آفيس ۾ اچڻ معنيٰ ساڍي پنجين ڌاري ئي بستر ڇڏي. ويهه منٽ کن بس اسٽاپ تائين پهچڻ لاءِ، اڌ ڪلاڪ بس وٺي ۽ ڏهه منٽ دڪان يا آفيس کولڻ ۾، يعني ڇهين لڳي ماڻهو گهران نڪري، تڏهن وقت اندر پهچي سگهي. ۽ هنن ملڪن ۾ صبح جا ڇهه ست وڳا ته ڇا، منجهند جو ٻارهين هڪ لڳي به اونده انڌوڪار ۽ غصب جي سردي محسوس ٿيندي آهي. سج نظر اچڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. پاڻ وٽ گهاٽي جهڙ ۾ محسوس ڪري سگهبو آهي، ته سج ڪهڙي هنڌ آهي. پر هتي ڪڪرن جا ايڏا ته گهاٽا ۽ اونها تهه هوندا آهن، جو بلڪل محسوس نه ٿيندو ته ڪيڏيءَ مهل سج اڀريو ۽ ڪهڙو رستو اختيار ڪري لهي ويو. هتي جي ماڻهن لاءِ سج عيد جي چنڊ مثل آهي. مدت بعد ڪڏهن جهلڪ ڏيکاريندو سا به کن ساعت لاءِ. ڪن خوشنصيبن ڏٺو ته ڏٺو نه ته ڏسڻ جهڙو. خوش ٿي ڳالهه ڪندا آهن ته، ”اونهاري جي جون، جولاءِ ۽ آگسٽ مهيني ۾ سج سڄو سڄو ڏينهن به نظر ايندو آهي!“ باقي اڄڪلهه ته ڏينهن رات بجليون ٻرنديون رهنديون آهن، سي به برف باري جي ڪري چنجهيون نظر اينديون آهن. مون ڏٺو آهي، جتي قدرت نا مهربان آهي، جيئڻ سخت ڪيو اٿس. اتي ماڻهو محنتي آهن ۽ سخت کان سخت مشڪل کي منهن ڏيڻ جا عادي آهن. پر اسان جهڙن ملڪن ۾ جتي قدرت تمام مهربان آهي، زندگي جي ضروريات جي هر شيءِ آساني سان ۽ ٿوري تڪليف سان مهيا ٿي سگهي ٿي، ته اُتي جا ماڻهو ٻين جي مقابلي ۾ آرام پسند، ٽوٽي ۽ سستي ثابت ٿيا آهن. اسان وٽ زمين کيڙي، اناج پيدا ڪرڻ ڪيترو نه آسان آهي. هنن ماڻهن کي جيڪر اسان جهڙي زمين، موسم ۽ سهوليتون هجن ته ههڙي حالت پاڻ سان ٿي ڀيٽجي ته ائين ٿو لڳي ته اسان جهڙا سست ۽ آرام پسند ڪير به نه هوندا. آفيس جا ست اٺ ڪلاڪ ڪم ڪندي گذرندا ته به ڪنجهندا رهنداسين، ڪر ڪندا رهنداسين، ڪوشش اِها ڪنداسين ته اهي چند ڪلاڪ آرام ۽ گسائڻ ۾ گذري وڃن ته سٺو. ڪيترن ئي کي مون اهو فخر سان چوندي ٻڌو آهي ته، ”يار اڳئي آفيس ۾ سڄو وقت ڪم ڪرڻو پوندو هو، انڪري اها ڇڏي هن ۾ آيو آهيان. بس آرام لڳو پيو آهي. ٻه ٽي فائيل روز ڏٺا، ٽي چار دفعا چانهه پيتي، تو جهڙو ڪو دوست آيو ۽ وقت گذري ويو!“ منهنجي خيال ۾ هڪ مرد کي پورهئي ۽ محنت کان ائين ڀڄڻ نه جڳائي. اهو مرد جو شان ناهي. محنت ۽ مزدوري ته مرد جا زيور آهن. پر اسان وٽ ٿورو ئي وڏو آفيسر ٿيو ته پنهنجي گلن مٺ ۾ ترڻ جهڙي هلڪي بئگ به پاڻ کڻندي بي عزتي محسوس ڪندي نوڪر کان کڻائيندو پر هتي يورپ جي ترقي پسند ملڪن جي مختلف حالت آهي. هتي پنهنجي هٿ سان خود ڪم ڪرڻ ۾ فخر ٿو محسوس ڪيو وڃي. هن ڇوڪري انيسه آرا جو مثال وٺو. گريجوئيٽ آهي، صبح جو سويل ٽائيم اندر دڪان کوليندي، خودٻهاري ڏيندي، ان بعد دڪان جي سڀني ڪٻٽن ۽ اسٽور روم کي ڇنڊي پاڻي سان صاف ڪندي. اسٽور روم ۾ ڪاٺ جي رکيل وڏن بنڊن جا خود ئي ڇوڏا ڪري سگري نما ڪُل ٻاريندي، مريضن ۽ گراهڪن کي سڄو وقت تقريبن بيٺي پير دوائون ڏيندي. وچ ۾ چانهه جي وقت خود ئي ٺاهي پيئندي ۽ پوري ٽين لڳي تائين ايمانداريءَ سان ڊيوٽي سر انجام ڏيندي ۽ اها فقط هن ڇوڪري سان حالت ناهي، هر هڪ جي اها زندگي آهي. سندس مهيني جو پگهار ٻارهن سولي (پنهنجا ٻه سؤ کن) آهي. ان کان علاوه هتي کاڌي پيتي، پهرڻ ۽ ٻين شين جي مهلنگائي آهي ۽ ڇڪي تاڻي کاڌو پيتو، گندي ڪپڙو ان مان مس ٿئي. (رومانيه، بلغاريه يوگوسلاويه ۽ ٻيا ڪيترا يورپي ملڪ مشينري تيار ڪندا آهن، ۽ اها وڪڻي آسٽريليا ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن مان اناج، ڪپڙو ۽ ڪچيون شيون وٺن. هتي کاڌي پيتي جي شين جي قلت آهي) اُن مطابق ان پگهار مان سندس پيٽ گذران ۽ معمولي گندي ڪپڙو مس ٿئي. حالانڪ هي اڃا سُکئي گُهر جي آهي ته به هيترن ڏينهن ۾ مون کيس صرف ٻه وڳا پهريندي ڏٺا. هڪ سادي قسم جو هر روز پائيندي هئي ۽ ٻيو ڪجهه سٺو ۽ نئون هو جو صرف ڪرسمس ڊي ۽ نيو اييئر ڊي تي پائي وري ڇنڊي ڦوڪي پاڪسو کڙي وانگر سوگهو ڪري ٿي رکيائين مون کي سندس ڳالهه ڏاڍي وڻي پڇيومانس ته توهانکي پگهار ته تمام گهٽ ٿو ملي اُن مان پورت ڪيئن ٿي ٿيناوَ؟ تعجب مان چوڻ لڳي، ”ڇو؟ پورت ته تمام سولائي سان ٿيو ٿي وڃي. باقي اجاين خرچن ۽ شوقن جي ڪهڙي ضرورت آهي. بس اسان جي ٿوري سادگي جي بدلي اسان جو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. اجايو اسان جي ملڪ جو سون ضايع ٿي نه رهيو آهي.“ (دراصل اسان ٻاهرين ملڪن سان خريد و فروخت ڪرڻ وقت هڪ ٻئي کي پئسن جي صورت ۾ سون ٿا ڏيون ۽ ملڪ جي ترقي، ان جي سون جي ذخيري مان لڳائبي آهي. سڪي جي قيمت به سون جي ذخيره مطابق وڌي ۽ گهٽي ٿي) ذرا سوچيو اسان جي ملڪ جو ڪيترو پئسو فقط سينگار جي سامان Cosmetics پٺيان ضايع ٿو ٿئي! ۽ پوءِ اسان هڪٻئي سان ڪلهو هڻڻ جي ڪوشش ۾ ڪيترن نه ناجائز طريقن سان پئسو ميڙيون ٿا! اسان وٽ ڪيتري نه اجائي ريس، حرص ۽ سَڌ وڌي رهي آهي هڪ عورت اوچو ڪپڙو اوڍيندي ته ٻيون به ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون ۽ هر ممڪن ۽ ناممڪن ڪوشش ڪنديون ته کين به اهوئي ملي ۽ اهو نه سوچينديون ته سادي ڪپڙي ۾ به ساڳي سونهن برقرار رهي ٿي. ان ۾ به ساڳي زندگي بسر ٿي سگهي ٿي، يا اُن کي حاصل ڪرڻ جي کين وسعت ناهي، يا سندن لاءِ اُن کان وڌيڪ ٻيون اهم ضرورتون (مثال طور ٻارن جي پڙهائي، اگهائي سگهائي لاءِ دوائون وغيره) وڌيڪ ضروري آهي. امريڪا جهڙن عياش ملڪن جي ڳالهه ٻي آهي، پر مون ڏٺو آهي ته اهي ملڪ (چين يوگوسلاويه جهڙا) جيڪي ترقي جي راه تي گامزن آهن ۽ ترقي جون منزلون تيز طۡي ڪندا وڃن، انهن ملڪن ۾ اگر ڪو ائين اجايو فئشن ڪندو آهي ته ٻيا حرص جي نگاهن سان نه پر نفرت جي نگاهه سان ڏسندا آهن اهو شخص ملڪ جي بهبودي ۽ ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجهيو ويندو آهي.

Text Box: ١۴٠

 

خير سائين، اچون پنهنجي قصي تي. هتي جي بسن ۾ عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ سيٽون نه ٿين. ان کان علاوه هڪ ٻئي لاءِ Consideration به گهٽ اٿن. عورت مرد هر لحاظ کان برابر ليکيو ويندو آهي. عورت بسن ۾ بيٺي هوندي ته ڀلي بيٺي هجي، ڪو مرد اٿي جڳهه نه آڇيندس! پوءِ اها عورت ڀلي پيرسن هجي، ڏڪي رهي هجي، سامان ساڻ هجيس. بسون سڀ ائير ڪنڊيشنڊ آهن. باقي بس مان لهه ته ڪلفي! شهر کان ٻاهر ته هوا ايڏي ٿي تيز لڳي جو منهن سڙندو آهي، ساهه ئي نه کنيو ٿيندو آهي. خير اسان بس ذريعي گهر آياسين. بس اسٽاپ گهر کان فرلانگ پري هو. پاڻ ٻڌايائين ته سندس ٻن ڀائرن ٽن ڀينرن جي شادي ٿي چڪي آهي، سي الڳ ٿيون رهن ۽ باقي ٻه ڀينرون ماءُ ۽ پاڻ گهر ۾ رهن. سندس پيءُ ڪاڏي ٻئي شهر ۾ نوڪري ٿو ڪري يا ڪم سانگي ويل آهي، سندس وڏي ڀيڻ جا ٻار اڄڪلهه گهر آيل آهن. هتي گهر سڀ ڪنڊائتين ڇتين وارا ٿين جيئن برف هيٺ تِرڪي وڃي، ڀتيون سنڌ جي ڳوٺاڻن گهرن وانگر ٿلهيون ٿين جي ايئر ڪنڊيشن جو ڪم ڏين ۽ اونهاري ۾ گهر کي سرد ۽ سياري ۾ گرم رکن. جنهن وقت سندس گهر پهتا هئاسين، اهو شام جو وقت هو، پر سنڌ جي اونهاري جي ٽاڪ منجهند واري سعي وانگر، پکي پکڻ به ٻاهر نظر ڪو نه ٿي آيو. ڄڻ ته ڪو راڪاس گهمي ويو هجي. رکي رکي سرد هوا جا سوساٽ ٻڌڻ ۾ ٿي آيا. ورلي سامهون ڪو ماڻهو هڪ گهٽي مان نڪري ٻي گهٽي ۾ ٿي هليو ويو يا گهر مان نڪري بس اسٽاپ طرف تکو تکو وڌندي نظر ٿي آيو. دراصل ان ڏينهن هيڪاندي سردي هئي. سياري ۾ ڪراچي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اڪبر منگي ۽ آءٌ جوش ۾ اچي صرف قميص ۽ سئيٽر ۾ اسڪوٽر هلائيندا هئاسين  ته به ايترو سيءُ نه پوندو هو جيترو هتي ان ڏينهن ٻن سئيٽرن، هڪ گرم ڪوٽ، هڪ اوور ڪوٽ، هڪ رين ڪوٽ، گرم گنجي ۽ قميص ۾ محسوس ٿي رهيو هو. مون ته فقط اهو پئي سوچيو ته هتي جا ماڻهو ههڙي سردي ۾ ڪيئن ٿا گذران ڪن! خاص ڪري عورتون گهر کان ايترو پري ڊيوٽيءَ لاءِ ڪيئن ٿيون اچن وڃن. هتي جو پوليس وارو اٺ اٺ ڪلاڪ ههڙي ولهه ۾ بيهي ڪيئن ٿو ڊيوٽي ڏي، هتي جو مزدور سڄي سڄي رات ههڙي ٿڌ ۾ ڪيئن بندرگاه ۾ ٿو ڪم ڪري! پر زندگي دراصل ان کان به سخت شيءِ جو نالو آهي. هنن ملڪن جي مقابلي ۾ پنهنجي ملڪ جي ويڪرائي ڦاڪ وارن ملڪن ۾ نه ايتري سردي آهي ۽ نه ايتري گرمي. گرمي جي خبر خط استوا جي ملڪن جي باشندن کان لهڻ کپي. خط اِستوا جي ملڪن جي اونهاري ۾ ڇا حالت آهي. ان بابت ممباسا افريڪا پهچي اتان مفصل خط لکندوسانءِ.

 

Text Box: ١۴٢

 

هتي جا گهر ڪي خاص وڏا نه آهن. صدر ڪراچي ۾ رهندڙ ڪرسچن جي گهرن وانگر هڪ ننڍو ڪمرو ڊرائينگ روم (بيٺڪ) عاليشان نموني سان سجايل هوندو آهي. سڄو ڪمرو قيمتي غاليچن ۽ رانديڪن سان ڳتيو پيو هوندو آهي. (جو سامان پشت به پشت هلندو ايندو آهي) پوءِ ڀلي ٻيا ڪمرا مسافر خانا لڳا پيا هجن. گهر ويجهو آيو ته، آءٌ سندس پٺيان پٺيان اچڻ لڳس. در وٽ پهچي جيتوڻيڪ پاڻ ته وڏي آڌر ڀاءُ سان چيائين اندر هليو اچ. پر آءٌ اِهو سوچي ترسي پيس ته هيءَ ڇوري آهي ڪجهه ڪجهه بيوقوف. حامي ڀري منهنجي چوڻ تي مون کي ڇڪي ته آئي آهي، مائٽ الائي ڇا سمجهن. کيس ته دڙڪا ملندا پر مون کي به ڪڍائي نه مار! پاڻ اندر هلي ويئي پر آءٌ در تي ترسي پيس. ٿوري دير بعد سندس ننڍي ڀيڻ جا پندرهن سورنهن سالن جي ٿيندي سا نڪري آئي ۽ سڏ ڪري اندر گهرايائين. هن انيسا آرا گهر اڳيئي ڳالهه ڪري ڇڏي هئي ته هڪ جانور شهر ۾ ڦرندي گهرندي مون سان مليو آهي. تمام دلچسپ جانور آهي. چوي ٿو ته پاڪستاني آهيان، انجنيئر آهيان، ست سمنڊ دنيا جا پار ڪري هتي پهتو آهيان.“ سو مائٽ به ڏسڻ لاءِ بيچين ۽ تجسس ۾ هئا. سندس ڀر وارو گهر هڪ ننڍي در ذريعي مليل هو جنهن ۾ سندس ماسي ۽ ان جون ٻه ڌيئرون رهنديون هيون. اهي به سڀ مون کي ڏسڻ لاءِ ڊوڙنديون آيون. سندس ڀيڻ جا ٻار ۽ پوءِ ته آهستي آهستي پاڙي جا به ڪيترا ملڻ آيا. دراصل هتي ٻاهرين ملڪن جا (خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جا) تمام گهٽ بلڪ نه برابر سياح اچن ٿا. سو آءٌ هنن لاءِ اجنبي هوس. انيسه جي ننڍي ڀيڻ چيچي ائين پئي ڏسيم ڄڻ قربانيءَ جو ٻڪرو هجان يا ڪرسمس ڊي جي دعوت جي ٽرڪي ڪڪڙ! آخر سنڌيءَ ۾ چيومانس مائي! ڳالهه ڇا آهي؟“ گِٽ مٽِ گٽ مٽ، اهڙي تکي رومَن زبان ڳالهائڻ لڳي جو اکر به نه سمجهي سگهيوسانس. هڪ پاسي ويهو وري ٻئي پاسي ويهي. وري اندر ريڊيو وڃائين. وري الائجي ڇا پڇيائين مونکي سمجهه ۾ ته ڪجهه به نه آيو فقط ”دا“ (ها) چيم ته يڪدم اُٿي چاڪليٽ کڻي آئي. اشارو ڪيم ته نه کپن ته زور زور سان کلڻ لڳي ته تو ئي ها چيو ۽ هاڻ کائڻ لاءِ آندو اٿم ته انڪار ٿو ڪرين. دل ۾ چيم ته هاڻي اها زبان ڪٿان آڻيان جنهن سان توکي سمجهايان ته مون ائين ها کڻي ڪئي، مون کي ڪهڙي خبر ته تون چاڪليٽ ۽ ريڊيو وڄائڻ لاءِ پيئي پڇين! وري سندس ماءُ هڪ ئي وقت پندرهن پندرهن سوال ڪري. ڏاڍي مصيبت ۾ اچي ڦاٿس. آخر اشارو ڪري چيومان مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي! چبچي ٻئي هٿ افسوس جي انداز ۾ ملائي ٿڌي آه اهڙي انداز ۾ ڀري جيئن ڪنهن ٻار کي بند دٻو ڏيئي چئجي ته هن ۾ تولاءِ دور ولايت کان آندل ڳالهائيندڙ پکي آهي ۽ هن کي

 

دٻي کولڻ وقت پکي کي مئل ڏسڻ تي افسوس ٿئي. ايتري ۾ انيسه آرا ڪپڙا بدلائي هٿن جي اشاري سان ڪجهه ائين چيائين ته ”صبر ڪريو“ ائين نه ڳالهائبو آهي. پوءِ پاڻ ڪوٽ جي کيسي مان ”انگريزي_رومن“ ڊڪشنري ڪڍي مون کي ڏنائين ۽ ”رومن_انگريزي“ ڊڪشنري (لغت پاڻوٽ رکيائين. پوءِ هوءَ هڪ هڪ لفظ انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڏيکاريندي ويئي ۽ آءٌ جواب ۾ هڪ هڪ انگريزي لفظ رومَن زبان ۾ ترجمو ڪري کيس ڏيکاريم ٿي. پوءِ اهڙي طرح ڪجهه ڊڪشنري ذريعي، ڪجهه اشارن ذريعي، ڪجهه تصوير ۽ ڊرائنگ ذريعي ۽ ڪجهه عقلِ سليم ذريعي هڪٻئي جون ڳالهيون سمجهڻيون ٿي پيون ۽ ڪڏهن ڳالهه نه سمجهڻ جي صورت ۾ جان ڇڏائڻ خاطر، Risk کڻي ”دا“ يا ”نوُ (”ها“ يا ”نه“) چئي ڳالهه ٿي ٽاري. ٿورو هيڏانهن هوڏانهن به ٿي ڏٺم ته ڪا وري چاڪليٽ کڻڻ لاءِ يا ريڊيو وڄائڻ لاءِ ته ڪا نه ٿي اُٿي. مٿي به ذڪر ڪري آيو آهيان ته هتي جون عورتون ڏاڍيون صاف دل ۽ ساديون آهن ۽ سادگي ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻين عورتن سان ڏاڍو ملن ٿيون. انيسه جي ماءُ کي چيم ته، ”توئي اڪاسا فئار تي بُون“ معنيٰ توهان جو گهر ڏاڍو سٺو آهي. منهنجو رسمي طرح چوڻ هيءَ انهي وقت اٿي وڃي ڊگهو ٻهارو کڻي آئي. ڇت تي هڪ ڪنڊ ۾ ٿورو ڄارو لڳل هو سو لاهڻ لڳي تنهن تي سڀ وٺي کلڻ لڳا. مانيءَ لاءِ زور ڪرڻ لڳا ته کاءُ انڪار ڪيم ته آءٌ جهاز تان کائي آيو آهيان، انيسه کي ڏيو ته اُها ڀلي کائي. پر هُنن کي مڙيئي اهو به تماشو ڏسڻو هو ته آءٌ ڪيئن ٿو کان. سو ٽيبل تي انيسه ۽ مون لاءِ ماني رکيائون ۽ پاڻ چؤگرد ڦري ڏسڻ لڳا. يورپي قسم جو ’چڪن براٿ سوپ‘ Chicken Broth Soup هو جنهن ۾ سڀ ڪجهه مليل هو. ڪڪڙ جي ننڍن سنهن ٽڪرن بدران پوري ٽنگ هئي ۽ ڊبل روٽي الڳ هئي. هونئن کائڻ جا ڀاڙي پاڻ نه آهيون پر هيترن ڄڻن کي چوگرد اکيون ڦاڙي نهاريندو ڏسي، انيسه کي ٽيبل هيٺان ڊڪشنري تي ’ايف‘ جي ڪالم ۾ لفظ Feeling ڏيکاريم ۽ ’ايس‘ جي ڪالم ۾ لفظ Shy ڏيکاريم ۽ پاڻ ڏي اشارو ڪري چيو مانس ته مون سان اها حالت آهي يعني مون کي شرم ٿو محسوس ٿئي. سڀني کي ٻڌايائين ته الطاف هيئن ٿو چوي. سڀ کلڻ لڳا ۽ همٿ وڌائڻ خاطر چوڻ لڳا ”پنهنجو گهر سمجهه ڪمال آهي، ڇهن فوٽن جو جانٺو نوجوان ٿي شرم ٿو محسوس ڪرين شاباش شاباش.“ جيئن پاليل بُلبُل کي ٻُچڪارون ڏيئي دل ٻڌائي چپو ڏياربو آهي يا ننڍي ٻار کي پنڌ سيکارڻ وقت چئبو آهي ته ”اچي مٿي باقي ٿورو باقي ٿورو!“ خير سوپ پيتم. اُن ۾ پيل چانور ۽ ڀاڄيءَ جا ٽڪر به کاڌم. بقول چوڻي جي ’رهَو حلال ٻوٽي حرام‘ صرف ڪڪڙ جي ٽنگ بچائي ڇڏيم. انيسه آرا چوڻ لڳي ته پورڪ (سوئر جو گوشت) ناهي. ٻانگ ڏيئي ٻڌايومانس ته سمجهان ٿو ته اُهو آهي. تنهن تي چيائين ته  ڪَ ڪَ ڪَ ڪَ مسز ڪرائوچ (يعني ڪُڪڙ) آهي. چيومانس مرغ هجي يا مرغي پر مونکي نٿي وڻي. هاڻ کيس ڪير ويهي سمجهائي ته اسان هر شئي ذبح ڪري کائيندا آهيون ۽ توهان وانگر گُهٽو ڏيئي جانور يا پکي جو ساهه نه ڪڍندا آهيون. مانيءَ بعد شراب لاءِ به مون انڪار ڪيو ۽ انيسه کي سمجهايم ته اسان نه پيئندا آهيون. ان کان اڳ به هڪ رات فلم جو ٻيو شو ڏسي اسان موٽيا هئاسين. انيسه هئي، عائشه هئي ۽ ميري هئي ۽ مون سان هڪ ٻيو به جهاز جو مسلمان آفيسر هو. اهڙو ته اُن رات به قهر جو سيءُ هو جو بس. يڪدم هوٽل ۾ آياسين. هنن اچي شراب پيتو. چانهه ۽ ڪافي نه هئي. هتي سياري ۾ به ڪوڪا ڪولا جهڙا ٿڌا مشروب واپرايا ويندا آهن. اسان ٻنهي ڪوڪا ڪولا پيتي. بهرحال هن ماڻس کي سمجهايو ته هتي جي ترڪ مسلمانن وانگر منهنجو مذهب به اسلام آهي ۽ مذهب طرفان هر نشي دار شي واپرائڻ جي منع ٿيل آهي. پوءِ مذهب بابت اچي ڳالهه نڪتي ۽ آءٌ کين ڪافي دير اسلام جا رڪن ۽ بنيادي ڳالهيون سمجهائيندو رهيس ۽ هو ڏاڍي غور سان ٻڌندا رهيا. يارهين لڳي آءٌ موڪلائڻ لڳس. سڀ ڇڏڻ لاءِ ٻاهر نڪتا. ٻاهر ڏسون ته سخت بارش پئجي رهي هئي. آمد رفت بند ٿي ويئي هئي. آخر فيصلو اِهو ٿيو ته رات رهي صبح جو وڃان. ٻئي ڏينهن موڪل هئي سو آءٌ ترسي پيس. جنهن وقت آءٌ آيو هئس ته انيسه جي ماسات بيانڪا در تي بيهي ڪن کي اندر اچڻ ٿي ڏنو ته ڪن کي دڙڪا ڏيئي ڀڄائي ٿي ڪڍيو. کيس شايد پراڻي دشمني پارڻ جو موقعو ملي ويو هو. ان کي آهستي رازدارانه انداز ۾ چيم ته ”اڌ پئسا ته ڏي؟“ وائڙي ٿي پڇڻ لڳي ”ڇا جا پئسا؟ ڪهڙا پهئسا“!؟ چيومانس ته ”هي جو در تي بيهي تو اندر اچڻ لاءِ ماڻهن کي ٽڪيٽون پئي وڪيون، سي سڀ پئسا تون کڻندينءَ ڇا؟“ ڳالهه سمجهي چيائين ته ”اِهي سڀ ماڻهو ٽڪيٽن تي نه پر مفت جي پاسين تي آيا هئا سو پئسا ته نه ملندا پر جيئن ته ماني چڱيءَ طرح نه کاڌي آهي سو سڀاڻي مون طرفان دعوت آهي، هوٽل ۾ هلي کائينداسين. هتي جي هڪ خاص شيءِ تو کي کارائينداسين.“ ڪيترائي چڪر هتي جي هوٽلن جا هڻي چڪو هوس پر مونکي ته ڪا خاص هتي جي شي يا کاڌو نظر نه آيو هو.

 

ٻئي ڏينهن صبح جو انيسه، چيچي، بيانڪا ۽ سندس ننڍو ڀاڻيجو گهران نڪتاسين. هوٽل اڌ ميل کن پري هئي. پنڌ ئي پنڌ اسان پنج ئي ڄڻا سيءَ ۾ سٽبا وياسين. راتوڪي پيل برف ۽ بارش وڻن تي ڄمي ڳنڍا ٿي ويئي هئي ۽ هوا لڳڻ ڪري اُهي ڳنڍا اچي مٿان ٿي لڳا. سو انهن کان ۽ هوا کان بچندا، سڄي منهن کي مفلر سان ڍڪي صرف اکيون ڪڍي، هوٽل طرف پئي وياسين. برف مٿان هلڻ ڪري منهنجا ته پير کيرا ٿي ويا هئا. ذري گهٽ همٿ جواب ڏيڻ واري هئي ته ههڙي سردي ۾ اگر بيمار ٿي پيس ته هتي پرديس ۾ اڪيلو رهڻو پوندو ۽ هوڏانهن جهاز تي دوستن کي ڊبل ڊيوٽي ڏيڻي پوندي پر هنن کي تکو تکو هلندو ڏسي آءٌ به هلندو رهيس. آخر اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. اکين مان پاڻي، نڪ مان پاڻي، پندرهن منٽن لاءِ ته هوش ئي نه رهيو. بيانڪا مانيءَ لاءِ آرڊر ڏنو. هتي جي هوٽلن ۾ اڪثر پئسا پهرين ڏبا آهن ۽ ٽِپ جو دستور ناهي. مانيءَ جو بل سَولي (پنهنجا اٽڪل پنجويهه روپيا) کن ڏنائين. اڌ ڪلاڪ بعد ماني آئي. ماني ڇا هئي_؟ ڊبل روٽي ۽ بصرن جو آچار! بصر به اهڙا جو گهڻي سُرڪي ڪري يا زياده سَنڌجڻ جي ڪري ڪارا ٿيل هئا. کائن پُڇيم ”ته ڇا هي آهي هتي جو خاص کاڌو!؟ جنهن لاءِ هيڏو پنڌ ڪرايو اٿئي. توتي ته ڪا جسيز ڪرائسٽ (حضرت عيسيٰ عليه والسلام) جي مار پوي ڪجهه ته خيال ڪرين ها. اهڙي خبر هجي ها ته گهران ئي نه نڪرون ها.“ سو اهي آهن رومانيه جون خبرون! يوگوسلاويه ۾ به ڏٺم ته اتي به ماڻهن بصر جو آچار وڏي شوق سان ٿي کاڌو. مٿئين گهر مان هتي جي ٻين گهرن جو به اندازو لڳائي سگهو ٿا.

 

هتي مون يورپ جي ملڪن ۾ ڏٺو آهي ته هر هڪ کي ايتري ته حد درجي جي سماجي مسئلن ۾ آزادي مليل آهي جو ماءُ پيءُ به اولاد جي ڪنهن ڳالهه ۾ دخل انداز ٿي نٿو سگهي. هر هڪ جي مرضي تي ڇڏيل آهي ته هو وڻيس ته پنهنجي زندگي سڌاري يا کاري. ڳالهين ڪندي بيانڪا جي ماءُ کان پڇيم ته هوءَ شادي ڪڏهن ٿي ڪري. چوڻ لڳي ته کيس ڪهڙي خبر. بيانڪا خود بالغ آهي سندس مرضي. پاڻهي سندس پسند جو ڇوڪرو ڳولهي وڃي شادي ڪري. مغربي ملڪن ۾ اڪثر اڪيلائي ۽ تن تنهائيءَ ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪريون جو ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن جي ڇوڪريءَ لاءِ فخر جو باعث سمجهيون وينديون آهن. ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي اهڙي اڪيلي ملاقات کي ڊيٽ Date ٿو سڏجي. اهڙين ملاقاتن ذريعي هڪ ٻئي کي زندگيءَ جو ساٿي منتخب ڪيو ويندو آهي ۽ ڪيترن سان ئي ملڻ جو موقعو ملندو آهي. انهيءَ Process ۾ ڇوڪري سڀڪجهه لٽائي وهندي آهي. هنن مغربي ملڪن ۾ شايد ئي ڪا ڇوڪري هجي جا شادي وقت با عصمت ۽ پاڪ پوتر هجي. اگر هوندي ته به ههڙي ماحول ۾ ڪير يقين ڪندو. اِهو ئي سبب آهي جو هتي جي عورت آزادي ته حاصل ڪري سگهي آهي پر پنهنجو قدر وڃائي ويٺي آهي. هوءَ مرد جي نظر ۾ ڪِري چڪي آهي. هتي جي عورت ۽ رانديڪي ۾ ڪو فرق نه رهيو آهي جنهن کي ٻار جيستائين نئون هوندو آهي ته چاهه سان کيڏندو رهندو آهي پر جنهن وقت پراڻو ٿيو يا کيس اُن کان بهتر مليو ته پراڻي کي اڇلي ڇڏيندو. ساڳئي وقت مرد به اعتبار وڃائي چڪو آهي. سڀ کان وڌيڪ مصيبت ۾ پوڙها مائٽ آهن. اسان وٽ جيئن مائٽ پوڙها ٿين تيئن پنهنجا پراوا وڌيڪ عزت ڪن پر هتي پوڙهي ماءُ پيءُ مان سندن ئي اولاد بيزار! ماءُ پيءُ گهر ۾ بيمار پيو هجي ته پيو هجي پر اولاد کي گهمڻ ڦرڻ ۽ پنهنجن پرگرامن کان فرصت ناهي جو هُنن جو خيال رکن يا خير عافيت پڇن! هر هڪ کي پنهنجي لڳي پئي آهي. ڪو لطيف جذبو نه رهيو آهي. يقين ڪر مون ڪيترا اهڙا مثال اکين سان ڏٺا جو ماءُ يا پيءُ موت جي ڪنڌيءَ تي آهي ۽ اولاد با خبر ٿي به بيفڪر رنگ رليون ملهائي رهيو آهي. هيءَ ڪهڙي آزادي آهي، منهنجا ڀاءَ!؟ٰ هن آزاديءَ ڪهڙو هتي جي ماڻهن کي سک ۽ دلي سڪون بخشيو آهي!؟ ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي! ڇا هيءُ آهي مغربي آزادي! جنهن لاءِ اسان جا ڪي مشرقي ڀائر ڀينرون، گهر ويٺي، بغير ڏٺي پر کي سَڌون ڪري رهيا آهن! ڪاش منهنجي وس ۾ هجي ته انهن مشرقي مردن کي هتي جو هڪ هڪ گهر ڏيکاريان. کين هتي جي ماڻهن جي ذهني تصادم، بيچيني، فڪرات ۽ دلي پريشانين کان روشناس ڪرايان ۽ هتي جي عورت جي اصليت  ۽ مشرقي عورت جي عظمت کان واقف ڪرايان ۽ مشرقي عورت کي هتي جي حالت اکين سان ڏيکاريان ته کيس معلوم ٿئي ته ڪير وڌيڪ خوش آهي، ڪنهن کي ذهني سڪون، عزت ۽ روحاني راحت نصيب ٿيل آهي. جيڪر پنهنجي ملڪ جي عورت هتي جي عورتن جو گهرائيءَ سان جائزو وٺي ته جيڪر کيس احساس ٿي وڃي ته هوءَ ڪيترو خوش، سکي ۽ باعزت آهي ۽ هتي جي عورت کي ٻاهرين ٺاٺ باٺ جي پٺيان ڪيتريون جوابداريون ۽ مصيبتون  آهن، جن هڻي مغربي عورتن کي مشين وانگر گسائي ڇڏيو آهي. چهري تان اها نسواني رونق ۽ سونهن ئي مٽائي ڇڏي آهي. منهنجا ڀاءُ، ڪاش ڪو انڌي تقليد ڪرڻ بدران حالتن جو چڱيءَ طرح جائزو وٺي پوءِ ان جي نقالي ڪري يا سَڌون ڪري ته بهتر رهندو. خط تمام ڊگهو ٿي ويو آهي ۽ بلغاريه ڇڏڻ وقت ٻيو به خط لکندس جنهن ۾ بلغاريه ۽ هن شهر ورنا بابت لکندس.

 

گهڻي قرب ۽ اخلاص منجهان

______ تنهنجو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org