پيش لفظ
الطاف شيخ سان منهنجي پهرين ملاقات عجيب طريقي سان ٿي. اها
ڳالهه آڪٽوبر 1966ع جي آهي، ڪراچي ۾ ”سنڌي ادبي
سنگت“ جو ”ڪنوينشن“ هو، اُتي ئي هڪڙو ڊگهو، رنگ جو
صاف ڇوڪرو، پنهنجو آٽو گراف بڪ کڻي مون وٽ آيو،
مان سوچ ۾ پئجي ويس، ته ڇا مان ايڏو سٺو ڪهاڻيڪار
آهيان، جو هي ڇوڪرو مونکان به آٽو گراف وٺي پيو.
يا منهنجي همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ، ٻين سان گڏ مونکان
به آٽو گراف وٺي پيو. منهنجي خيال سان منهنجون
پويون خيال درست هو.
جلدئي خبر پئي ته الطاف ڪهاڻيڪار به آهي ۽ انهيءَ سان
گڏ سفرناما به لکندو آهي، (ڇاڪاڻ ته پاڻ پاڻي جي
جهاز تي مئرين انجنيئر آهي.) ۽ اهي سفرناما مختلف
سنڌي اخبارن ۾ ڇپيا آهن. مون سندس ڪو به سفرنامو
نه پڙهيو هو (پهريون ڀيرو 1970ع ۾ پڙهيم) ۽ نه ئي
سندس ڪا ڪهاڻي پڙهي هئيم. ڪجهه عرصي کانپوءِ الطاف
مون کي سهڻيءَ لاءِ هڪ ڪهاڻي موڪلي، جيڪا سٺي نه
هئڻ ڪري مون واپس موڪلي ڪجهه عرصو ترسي الطاف وري
به ڪهاڻي موڪلي، جيڪا به مون واپس ڪئي.
گهڻي وقت کانپوءِ، هڪ دفعي هوٽل اوورينٽ ۾ ملاقات ٿي،
مون ائين ئي ڳالهين ڳالهين ۾ چيومانس، ”سهڻيءَ
لاءِ ڪهاڻي لک نه“. جواب ڏنائين، ”ضرور لکندس.“
انهيءَ ڳالهه کي گهڻا ڏينهن گذري ويا، هڪ ڏينهن
ڪولمبو (سيلون) مان الطاف جو خط آيو، لکيو هئين:
طارق، تو سهڻيءَ لاءِ ڪهاڻي گهري آهي، سچ پچ ته
مان سهڻيءَ جي معيار جهڙي ڪهاڻي لکي نٿو سگهان،
جڏهن به لکندس، توکي ضرور موڪليندس.
ايڏو سچ! ايڏي جرئت ڪو ليکڪ ڪري سگهي ٿو، مون ته سوچيو
به نه هو، نه ته، اڄڪلهه جنهنجيون ٻه – ٽي ڪهاڻيون
ڇپيون آهن، اهو ”عظيم“ ڪهاڻيڪار ٿيو وڃي ۽ سنڌي
ڪهاڻيءَ کي نئون موڙ ڏيو ڇڏي، جيڪو دراصل موڙ نه
بلڪ ”مروٽو“ هوندو آهي.
۽ پوءِ هڪ ڏينهن الطاف اچي مونکي ٻڌايو ته مان پنهنجي سفرنامن
جو مجموعو ٿو ڇپايان ۽ تون انهيءَ کي پڙهي وٺ، ۽
پنهنجي نظرداريءَ ۾ ڇپرائي.
مون سوچيو هو، اهي سفرناما اهڙا ئي هوندا، جهڙا ڪجهه اديب، ڪجهه
ڏينهن لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ ويندا آهن، ۽ پوءِ سڄي
ڄمار پيا ورجائيندا ته اسان هي ڏٺوسين ۽ هي
ڪيوسين.
پر نه، الطاف جا سفرناما ته ملڪن جي تاريخ ثابت ٿيا،
انهن کي پڙهڻ سان ائين محسوس ٿو ٿئي ته اسين به
اهي جڳهيون ڏسي آيا آهيون. هي سفرنامو پنهنجي جاءِ
تي، هر ملڪ جي ”گائيڊ بڪ“ آهن. الطاف جي لکڻي اهڙي
ته زورڀري ۽ دلچسپ آهي، ته سندس اهي سفرناما جڏهن
به پڙهڻ وهندو هوس ته ٿڪجي وڃڻ جي باوجود به ڇڏڻ
تي دل ئي نه ٿيندي هئي. مون ته کيس اهو به چيو ته
: ڪاش الطاف تون اهي سفرناما پندرهن سال اڳ
ڇپرائين ها، ته انهن کي پڙهي مان به مئرين انجنيئر
ٿيان ها. سچ پچ اهڙي شاندار ڪتاب جي، ادب جي
انهيءَ صنف جي سنڌيءَ ۾ وڏي کوٽ هئي، جيڪا الطاف
پوري ڪئي. الطاف جي سفرنامن ۾ ڪا هڪ ته خوبي
ڪانهي، بيان ڪرڻ جي طرز وڻندڙ، وچ وچ ۾ لطيفا، هر
شهر ۽ ملڪ جي تمام گهڻي واقفيت.
اهي سفرناما سنڌي زبان ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. انهن
سفرنامن جو پيش لفظ ڪنهن وڏي اديب کي لکڻ گهرجي
ها، پر مونکان انهيءَ ڪتاب تي پيش لفظ لکرايو اٿس،
مونکي ته ائين ٿو محسوس ٿئي، ته هڪ دفعي هن وري
منهنجي همٿ افزائي ڪئي آهي.
___ طارق اشرف
اظهار خيال
ٻاهر نڪرڻ کان اڳ سوچيو هوم ته جنهن ملڪ ۾ به ويندس ته
ان بابت مڪمل سفرنامو ۽ معلومات لکندو رهندس. پر
پهريون سال ڏيڍ، هڪ به لکڻ جي فرصت نه ملي، سواءِ
چند دوستن ۽ عزيزن کي خطن لکڻ جي.
”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ ڪتاب اهڙن خطن جو مجموعو آهي
۽ بذات فود سفرنامو سمجهڻ کپي، جي مون پنهنجن ٽن
پهرين سفرن دوران پنهنجي، عزيزن دوست ڊاڪٽر سليمان
کي لکيا هئا. ان بعد جنهن جنهن ملڪ ۾ ويو آهيان،
يا جنهن جنهن سمنڊ تان لنگهيو آهيان ته اتي جا،
الڳ الڳ سفرناما، مضمونن جي روپ ۾ لکيا اٿم، جيڪي
ٻئي ڪتاب ۾ اچي رهيا آهن.
هڪ ڳالهه هتي، هن ڪتاب جي پڙهندڙن لاءِ لکڻ ضروري ٿو
سمجهان ته هي سڀ خط صاف دليءَ سان ۽ صاف گوئيءَ
کان ڪم وٺي، ايمانداري سان لکيا ويا آهن _ بنا
ڪنهن ملمع ڪاريءَ جي. ۽ ڪنهن به ملڪ، قوم يا انسان
کي رنجائڻ، ڏکوئڻ يا بلئڪ ميل ڪرڻ جي مقصد بنا.
ان ڪري جيڪڏهن ڪٿي لهجو ناگوار محسوس ٿئي _ ته به ڇاڪاڻ
ته لکڻ واري جو جذبو نيڪ آهي، ان ڪري ان کي درگذر
ڪرڻ بهتر رهندو.
ان کان علاوه هي خط سياست ۽ مذهب جي روايتي تنگ نظري
کان پري رهي، جتي جتي، جيڪي ڪجهه مون ڏٺو آهي يا
محسوس ڪيو آهي ته بي اختيار، پنهنجا تاثرات ۽
جذبات لفظن جي صورت ۾ بيان ڪيا اٿم. ۽ هونءَ به
”سفرناما“ هڪ ”مسافر“ جا تاثرات ئي ٿيندا آهن _ ۽
پوءِ اهي تاثرات زبردست ”حقيقتون“ به ٿي سگهن ٿيون
ته محض ”اتفاق“پڻ.
مونکي آشا آهي ته هي ڪتاب نه صرف هڪ سياح، واپاري،
شاگرد، ٻاهر پڙهڻ يا نوڪري ڪرڻ جي خواهشمند ۽ ٻاهر
جون دلچسپ خبرون حاصل ڪندڙ لاءِ چڱو ثابت ٿيندو،
پر هڪ عام ماڻهو پڻ هن مان لطف ۽ فائدو حاصل ڪري
سگهندو.
18 _ مئي 1970
آفتاب وِلا
_ الطاف
هالا نوان _ سنڌ
انتساب
”انهن عظيم ۽ پوتر خيالن نالي، جي قومن
۽ انسانن کي اُتاهون ۽ اُتم بنائين ٿا.“
عربي سمنڊ
٢٣ – ٩ – ٦۸ع
پيارا سليمان
ڪافي مدت بعد تنهنجا اوچتو ٽي چار خط، ۽ ملڻ جي لاءِ نياپا
مليا، ته ٻاهر وڃڻ کان اڳ تو وٽان سانگهڙ مان ٿي
وڃان. منهنجو به اهو خيال هو ته امتحانن بعد سڀني
کان موڪلائي پوءِ ٻاهر ويندس. حيدرآباد اڃا پهتس
ڪو نه، ته مون کي جهاز تي اچڻ لاءِ اطلاع مليو.
بغير ڪنهن سان ملڻ جي اچي جهاز تي پهتس. انهيءَ
ڏينهن تنهنجا ٻيا به ٻه خط مليا. (ڪاٿي تنهنجو
ڌنڌو بيهي ته نه ويو آهي، ۽ بي پناهه فرصت تو کي
خط پيئي لکائي، پر يقين اٿم ته ائين نه هوندو، ڇو
ته تنهنجو چوڻ آهي ته جيستائين بناسپتي گيهه قائم
رهندو، تيستائين مريضن جي ڊگهي قطار ڪڏهن به نه
کٽندي، ۽ ڊاڪٽر هميشه مشغول رهندا) بهرحال تنهنجو
خلوص قابلِ داد آهي. ڪراچيءَ مان ته خط نه لکي
سگهيوسانءَ، هاڻ هتان سمنڊ مان ئي پيو لکانءِ.
اسان جو جهاز هن وقت چٽاگام وڃي رهيو آهي، جتان
پوءِ سڌو آمريڪا وينداسين. رستي تي جدي، ممباسا
(آفريڪا) لاس _ پاماس ۽ پورٽ لوئس ۾ به ڪجهه وقت
ترسنداسين. واپسي تي يورپ جي ملڪن جهڙوڪ _
انگلينڊ، فرانس، پولينڊ، يونان، جرمني کان ٿيندا
واپس اينداسين.
اسان جو جهاز ڪافي وڏو جهاز آهي. رهائش پوري ايئر
ڪنڊيشنڊ آهي. مال بردار جهاز آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن
مسافر به کڻندو آهي، جن لاءِ هوائي جهاز کان ٽيڻو
چؤڻو مهانگو سفر پوندو آهي. ان ڪري اڪثر فقط آفيسر
۽ ملاح ئي هوندا آهن. آءٌ هڪ مئرين انجنيئر جي
حيثيت ۾ سفر ڪري رهيو آهيان. مون کان علاوه ٻيا به
اٺ انجنيئر آهن، ۽ هڪ چيف انجنيئر. ڪن ڪن جهازن ۾
پندرهن کان به مٿي انجنيئر هوندا آهن. پورو جهاز
هڪ ننڍي شهر وانگر آهي، جنهن کي نه فقط لڳاتار
هلائڻو آهي، پر بجلي جي لاءِ جنريٽر مشنري آهي.
ايئر ڪنڊيشننگ لاءِ ايئر ڪنڊيشنڊ پلانٽ، کاري مان
مٺو پاڻي ڪرڻ، گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ لاءِ اِووپريٽر
(Evaprator)
بئالر پمپ، ڪنڊينسر، ڪولر فلٽر
۽ ٻيون ڪيتريون ئي مشينون آهن، جن جي سار سنڀال
لهڻ اسان جي ذميداري آهي.
وچ سمنڊ ۾ رستو ڳولڻ، سامان کي سنڀال سان رکڻ وغيره ڊيڪ
آفيسرن جي ذميداري آهي. جنهن ۾ جهاز جو ڪئپٽن، چيف
آفيسر به اچي وڃن ٿا.
ان کان علاوه ڊاڪٽر، ريڊيو آفيسر، اليڪٽريڪل انجنيئر،
بٽلر، پرسر، واڍا، حجام، بورچي، نوڪر، مستري، تيل
وارا، وغيره وغيره پنهنجي پنهنجي جڳهه تي اهم
حيثيت رکن ٿا.
اسانجي جهاز سومر جي ڏينهن شام جو ڇهين لڳي لنگر کنيو.
دنيا جي هر ملڪ ۽ هر جهاز تي چوويهن ڪلاڪن کي ٽن
ڊيوٽين ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن کي ”واچ“ سڏبو آهي.
هڪڙا ڏينهن ۽ رات جو اٺين کان يارهين تائين ڊيوٽي
ڪندا آهن، ٻيا ٻارهين کان چئين تائين، ۽ ٽيان چئين
کان اٺين تائين. اسان انجنيئر به ان مطابق ورهايل
آهيون. چيف انجنيئر ڊيوٽي نه ڪندو آهي، ان کي فقط
ايمرجنسي جي حالت ۾ صلاح مشوري جي لاءِ سڏيو ويندو
آهي. مون سان گڏ هن جهاز جو هڪ پراڻو انجنيئر آهي،
۽ ٻارهن کان چار – ڏينهن ۽ رات ڊيوٽي ڪندا آهيون،
جا سڀ کان سخت ليکي ويندي آهي جو اهو ئي ٽائيم
دراصل ڏينهن ۽ رات جي سمجهڻ جو هوندو آهي. آءٌ شام
جو چئين بجي تائين ڊيوٽي ختم ڪري انجڻ بلڪل هلڻ جي
لاءِ ٺيڪ رکي، ڊنر کائي اچي سمهي رهيس. ان وقت
ڪافي ماڻهن جو گوڙ شور ۽ گهما گهمي لڳي پيئي هئي.
مزدور سامان لاهي ۽ چاڙهي رهيا هئا. وڃڻ وارن کي
خدا حافظ چوڻ وارا ٻار عورتون مرد هيڏانهن هوڏانهن
ڦري رهيا هئا. ان کان علاوه ڪسٽم وارا بندرگاهه
وارا ۽ پوليس ڦري رهي هئي، مطلب ته ميلو لڳو پيو
هو. اسين وڃڻ وارا جهاز تي ڪل سؤ ماڻهو به نه
هئاسين، پر ڇڏڻ ۽ موڪلائڻ وارا هزارن جي تعداد ۾
هئا! اسان جي جهاز جا ڪمرا اهڙا آهن جو اگر بند
ڪري پڙدا ڏيئي ڇڏجن ته اونداهه ٿيو پوي ۽ ائين نه
محسوس ٿيندو آهي ته ٻاهر ڏينهن آهي يا رات. ان ڪري
رات جي ڊيوٽي وارا ڏينهن جو آسانيءَ سان سمهي سگهن
ٿا.
هن وقت منهنجي اک کلي آهي، رات جا ڏهه ٿيا آهن ۽ آءٌ
توسان مخاطب آهيان. جهاز تي بلڪل خاموشي لڳي پيئي
آهي. فقط جهاز جي انجڻ ۽ سمنڊ جي ڇولين جو آواز
اچي رهيو آهي. چؤطرف سمنڊ ئي سمنڊ لڳو پيو آهي.
اٿاهه. سمنڊ _ شايد شاهه لطيف هن ئي سمنڊ جي لاءِ
چيو آهي:
”لسيوا ڪرسمونڊ جي جت جر وهي ٿو جال
سيئي وهن سير ۾ ماڻڪ موتي لال
جي ماسو جڙيئي مال ته پوڄارا پُر ٿئين.“
اسان ڪراچي ڪافي پري ڇڏي آيا آهيون، ايتريقدر جو ڪا بتي
نظر نه ٿي اچي، اتفاق سان هن جهاز جا ڪيترائي
آفيسر منهنجا پراڻا ڪاليج جا دوست آهن، سندن
مزيدار ۽ نيون پراڻيون ڳالهيون ڪنهن ٻي خط ۾
لکندوسانءِ.
هن وقت اسان جو جهاز وڌيڪ کُلي سمنڊ ۾ اچي رهيو آهي.
جيئن جيئن جهاز کلي سمنڊ ۾ اچي رهيو آهي، تيئن
وڌيڪ لوڏا محسوس ٿي رهيا آهن. وڏيون وڏيون لهرون
جهاز سان ٽڪرائي رهيون آهن. ننڍا جهاز ۽ ٻيڙيون ته
هيستائين اچي نٿيون سگهن، ان ڪري اهي اڪثر ڪناره
وٺي هلندا آهن. اسانجو جهاز آفت جيڏو آهي، پر ان
هوندي به هن پاڻي جي مقابلي ۾ هڪ هلڪي ڇوڏي وانگر
لڳي رهيو آهي.
(Sea Sickness)
بيماري، جا جهاز جي لوڏن ۽ سمنڊ جي جوش ڪري ٿيندي
آهي، جنهن ۾ اُلٽيون اينديون آهن. مغز ڦرندو آهي ۽
ماڻهو پنهنجي زندگيءَ مان بيزاري محسوس ڪندو آهي،
سا اڃان ته نه ٿي آهي، پر بمبئيءَ جي ويجهو پهچي
شايد سڀني کي ٿئي جو اُتان کان ڪولمبو تائين ۽
خليج بنگال تائين ٻڌجي پيو ته پاڻيءَ ۾ وڏو جوش
آهي. هن وقت اسان جو جهاز ڪولمبو سلون ڏي سڌو رخ
رکي وڃي رهيو آهي، ان بعد مٿي چٽا گانگ ڏي رخ
رکندو، رستي تي ڪولمبو نه ترسندو ۽ سڌو چٽاگام ستن
ڏينهن بعد لنگر ڪرائيندو. اسان جي جهاز جي ڪافي
اسپيڊ آهي، نه ته ٻيا جهاز ڏهن پندرهن ۽ ويهن
ڏينهن بعد مس ٿا پهچن. هي خط مان توکي چٽا گانگ
پهچڻ سان پوسٽ ڪندس. ٻارهين آڪٽوبر ڌاري چٽاگانگ
کي الوداع چئي آمريڪا روانا ٿي وينداسين، رستي تي
”ممباسا“ آفريڪا مان تيل وٺنداسين. ٻڌجي پيو ته
”جدي“ ۽ ٻين هنڌن تي به ڪم سانگي ٿورا ٿورا ڏينهن
ترسون، تون خط مون کي هميشه ڪراچيءَ واري ايڊريس
تي لکجانءِ. منهنجو جهاز جنهن به بندرگاهه تي
هوندو، اُتي ڪراچيءَ وارا پاڻيهي سڀ خط موڪلي
ڏيندم.
چڱو ڊاڪٽر صاحب، هن وقت رات جا ٻارهن ٿيڻ وارا آهن ۽
مون کي جهاز جي انجڻ جي چارج چئين بجي تائين
سنڀالڻي آهي. ان بعد وڌيڪ لکندوسانءِ.
_ جهجهي پيار منجهان
عربي سمنڊ
٢٥ – ٩– ٦۸ع
هڪ خط ٽيون ڏينهن لکيو اٿم، پوءِ وري
(Sea Sickness) ٿيم، ڏاڍيون الٽيون اينديون رهيون ۽ ڪالهه تائين طبيعت خراب
هئي. هونئن هن سامونڊي بيماري کان بچڻ جي لاءِ چند
اصول به آهن، جهڙوڪ پاڻيءَ جهڙيون شيون گهٽ پيئجن،
هميشه ڪنهن ڪم ۾ رڌل رهجي ۽ جيترو ٿي سگهي پيٽ ڀري
کائجي، ڇو ته خراب حالت هيڪاري تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن
خالي پيٽ تي ڪو الٽيون ڪرڻ ٿو چاهي. هڪ جڳهه کان
ٻي جڳهه تائين هلڻ لاءِ هر هنڌ ريلنگ لڳيون پيون
آهن. انهيءَ هوندي به هر ڪو ائين پيو جهومندو آهي،
ڄڻ نشي ۾ هجي. ڪالهه ته نماز پڙهندي ايڏو لوڏو
آيو، جو وڃي ڀت سان لڳس. صبح جو ناشتو کائيندي
مَيس ۾ ٻن ڄڻن جي ڪرسين جا بيلٽ نڪري ويا ۽ ڪرسين
سميت وڃي ڀت سان لڳا. جهاز جيڪڏهن اڳيان پٺيان،
هيٺ مٿي ٿئي ته ان کي
(Pitching)
سڏبو آهي ۽ جيڪڏهن ساڄي کاٻي هيٺ مٿي ٿئي ته ان کي
”رولنگ“ سڏبو آهي. ڪڏهن ته رولنگ ۽ پچنگ ٻئي گڏ
ٿينديون آهن، ۽ اها جهاز جي خراب حالت ليکي ويندي
آهي. هن وقت صبح جا پنج ٿيا آهن. اڇو صبح نروار ٿي
رهيو آهي، چؤطرف رڳو سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ڌرتي جو
پورو گولو چٽو نظر اچي رهيو آهي، جهڙو وڏو ٿالهه،
۽ اسان جو جهاز هڪ ننڍڙي ماڪوڙي مثل ان جي وچ تي
لڏي رهيو آهي. ڪراچي ڇڏي اٽڪل ٻه ڏينهن ۽ ٻه
راتيون اچي ٿيون آهن، پر اڃا زمين جو ٽڪرو پري
تائين نظر نه آيو آهي. ٿوري دير اڳ جيئن ڊيوٽي ڪري
مٿي آيس ته ان وقت هڪ يونان جو جهاز نظر آيو، جو
آسٽريليا کان بمبئي وڃي رهيو هو، ان سان ٿوري دير
سنگل ذريعي ڳالهه ٻولهه ٿي، پر پوءِ جلدي هڪ ٻي
کان غائب ٿي وياسين. ائين لڳو ڄڻ دنيا جي گولي
پٺيان هو جهاز ڪري پيو ۽ هاڻ وري چؤطرف ساڳيو سمنڊ
ئي سمنڊ آهي. صبح جو جنهن وقت سج جو سونو ٿالهه
آهستي آهستي ٿي نڪرندو آهي، ان وقت اهو نظارو ڏسڻ
وٽان هوندو آهي. ائين لڳندو آهي، ڄڻ سمنڊ جي سيني
مان نڪري رهيو آهي، اڃان اڌ نڪرندو آهي ته سندس اڌ
جو پاڇو پاڻي اندر ائين لڳندو آهي، ڄڻ اهو سندس
پاڇو نه، پر باقي اڌ هجي، جو اڃا پاڻيءَ منجهه
آهي. اسان جي جهاز تي ڪجهه مسافر به آهن، ڪجهه
آفيسرن جون فئمليون به آهن، هڪ ايراني ننڍو ٻار
آهي، ان کي رڳو اهو فڪر لڳو پيو آهي ته سج وسامي
ڇو نه ٿو. هن کي ڪيترو سمجهائي ڪيترو سمجهائجي.
جڏهن هو خود پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي ته سج
زمين جي گولي جي پٺيان نه، پر سمنڊ جي پاڻيءَ مان
نڪري رهيو آهي.
ڪراچي ڇڏڻ وقت، هڪ جهرڪي اسان جي جهاز تي رهجي ويئي،
هاڻي ته سوگهي آهي، ڪاڏي وڃي به نه ٿي سگهي، چؤطرف
سمنڊ. ڪيترو اڏامي ۽ ڪيڏانهن وڃي. بهرحال سڄي عملي
جي لاءِ وندر ٿي پيئي آهي، ۽ فرصت جي وقت ڪو به
ٽيبل ٽينس يا ٻي ڪا راند نه ڪندو آهي، پر ان جهرڪي
کي ڦاسائڻ لاءِ شرط لڳندا آهن، پوءِ سڄي جهاز تي
ڊوڙون هونديون آهن. جهرڪي ويچاري به حملي کان بچڻ
خاطر جهاز کي الوداع چئي، ٿورو پنڌ سمنڊ ۾ اُڏامي
وري موٽي ايندي آهي، وري اُڏائيندا آهيون، تان جو
ٿڪجي اچي هٿن ۾ پوندي آهي.
هن وقت اسان بمبئيءَ جي ويجهو بين الاقوامي پاڻيءَ مان
لنگهي رهيا آهيون. هر ملڪ جي چؤگرد پندرهن ويهن
ميلن تائين سمنڊ سندس سرحد سڏيو ويندو آهي، ان بعد
بين الاقوامي سمنڊ ليکيو ويندو آهي، ڪنهن به قسم
جي حادثي جي لاءِ الڳ بين الاقوامي پوليس
(انٽرپول) ۽ اداره آهن. هينئر اسان ڪراچيءَ کان
ايترو پري آهيون، جو ريڊيو تي به ڪراچي ”ميڊيم
ويو“ تي ٻڌڻ ۾ نه ٿي اچي، بلڪ هندستاني اسٽيشنون
صاف ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن. اڄ منجهند ڌاري ڪجهه
زمين جا ٽڪرا نظر ايندا جي ”مالديپ ٻيٽ“ آهن ۽ ان
بعد ”نڪوبلر ٻيٽ“ آهن، جتي انگريز سرڪار جي ڏينهن
۾ ڪاري پاڻيءَ جي سزا لاءِ قيدين کي موڪليندا هئا.
هتي سڀني کي هر شي روزانا جي استعمال جي چادر _ ٽاول
کان صابڻ _ بليڊ تائين فري ملندي آهي. ان کان
علاوه آفيسرن لاءِ ڪئنٽين پڻ آهي، جنهن ۾ ڪافي
ٻاهر جون شيون، انهن ملڪن جي اگهن کان به سستيون
ملنديون آهن. هڪ شي قابل غور ۽ ذڪر لائق آهي ته
زمين تي نيوي وارن بابت اهو رايو آهي، ته نيوي
ماڻهوءَ کي خراب بنايو ڇڏي. هو خراب عادتون اچيو
ٿو سکي، جو بلڪل خراب ۽ غلط آهي. اسانجي جهاز تي
ڪي اهڙا به آفيسر ۽ ملاح آهن، جن کي سمنڊ تي رهي
ٽيهه ٽيهه سال ٿي ويا آهن، پر هو بنا شراب ۽ سگريٽ
کي هٿ لائيندي به جي رهيا آهن. چڱيءَ طرح جانچ
پرتال کانپوءِ معلوم ڪيو اٿم، ته هن جهاز تي فقط
اسانجو جرمن چيف انجنيئر ۽ هڪ اڌ ٻيا آهن، جي شراپ
واپرائين ٿا، باقي ٻيا ايترو ئي انهن ڳالهين کان
نفرت ڪن ٿا، جيترو ڪرڻ کپي. حالانڪ هتي ڪا جَهل
ڪانهي. اُهي اعليٰ کان اعليٰ شراب، جو اسانجي شهر
۾ سؤ ڏيڍ سو رپئي بوتل ملي ٿو، هتي فقط ڇهه رپيا
قيمت آهي. اعليٰ کان اعليٰ سگريٽ، جو لنڊن ۽
آمريڪا ۾ جتي ٺهي ٿو، اُتي ئي پنجن ڇهن رپئين کان
گهٽ نٿو ملي، سو هتي فقط ڏهن ٻارهن آنن ۾ ٿو ملي،
پر ان هوندي به مون ڏٺو آهي، ته اڪثريت گهڻو ڪري
چاڪليٽ، ٽافيون، ٿڌا مشروب، ميون جا دٻا خريد ڪندي
آهي. حالانڪ هڪ ڪوڪا ڪولا جي بوتل جي قيمت بيئر جي
بوتل کان ٻه آنا مٿي آهي! اهو بلڪل غلط خيال آهي،
ته شراب ۽ سگريٽ پيئڻ سان ماڻهو فارورڊ ٿو ٿي،
ٻاهرن ملڪن جي لاءِ شراب ضروري آهي. آءٌ يقين
ڏيارڻ جي لاءِ تيار آهيان ته اهڙي ڪا به ڳالهه
ناهي. هر مذهب ۽ ملڪ جو باشندو سمجهي ٿو ته شراب ۽
سگريٽ خراب شي آهي. جيڪڏهن ڪو شراب نٿو پيئي ته ان
کي ڪو به بئڪورڊ نٿو سڏي ۽ سڀني کي خبر آهي ته
مسلمانن جي لاءِ شراب حرام آهي ۽ هر ڪو ان ڳالهه
کي ساراهي ٿو ۽ ٻاهرين ملڪن جا پنجاهه سيڪڙو مسافر
۽ واپاري پاڪستاني جهازن ۽ هوائي جهازن ۾ مال
موڪلين، ۽ سفر ان ڪري فقط ٿا ڪن ته اسان وٽ اهڙا
حادثا نٿا ٿين، جي اڄ ڪالهه ٻين وڏن ملڪن جي جهازن
تي شراب جي مستيءَ عالم ۾ عام ٿيندا رهن ٿا.
_ فقط تنهنجو
ڪولمبو (سلون)
اسان جو هتي ڪولمبو اچڻ جو پروگرام بلڪل نه هو، پر تيل وٺڻ خاطر
ٻن ڏينهن لاءِ ترسيل آهيون. هاڻي ”ممباسا“ آفريڪا
مان تيل نه وٺنداسين. اسان جي جهاز تي روزانا تيل
جي کپت اٽڪل ٽيهه ٽن کن آهي ۽ جهاز ۾ تيل لاءِ
ڪافي جڳهه آهي، جو اٽڪل پندرهن سو ٽن کن رکي سگهجي
ٿو، جي پنجيتاليهه ڏينهن جي لاءِ ڪافي رهندو. هاڻي
جيڪر اسين چاهيون ته بنا رستي تان تيل کڻندي،
آمريڪا تائين وڃي سگهون ٿا. آمريڪا پهچڻ جي لاءِ
ٻه رستا آهن، هڪ ته وري عربي سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ
لتاڙي وڃون يا جپان کان ڦري پيسفڪ سمنڊ اجهاڳي
وڃون _ پهريون رستو ننڍو رهندو ۽ فقط اٺاويهه
ڏينهن کن لڳندا، ان ڪري اهو اختيار ڪنداسين. پيسفڪ
سمنڊ تمام ماٺو هوندو آهي ۽ سفر ڏاڍو آرام ده
رهندو آهي. دنيا ۾ سڀ کان خراب ۾ خراب ۽ جوشيلو
سمنڊ ائٽلانٽڪ آهي، جهڙو تهڙو جهاز ته اهو پار ڪري
نه ٿو سگهي ڪڏهن ڪڏهن ته اتي سٺ فوٽن کان به وڏيون
ڇوليون اينديون آهن، ۽ پاڻي جهاز مٿال لنگهي ويندو
آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪمزور ۽ پراڻا جهاز ۽ خاص ڪري
تيل جا جهاز جي ڪافي ڊگها ٿيندا آهن، هن سمنڊ ۾
ڇولين جو مقابلو نه ڪندي، وچ مان ٻه اڌ ٿي ويندا
آهن، ان کان علاوه طوفان ۽ مستقل سخت هوائون وڏن
وڏن ناخدائن جون به وايون بتال ڪري ڇڏينديون آهن،
شايد اهو ئي سبب آهي، جو انسان هن سمنڊ تي دير سان
۽ آخر ۾ فتح حاصل ڪئي، ۽ سڄي دنيا ڳولڻ بعد هي
سمنڊ لتاڙي آمريڪا کنڊ لڌو ويو. اڳئين زماني ۾ اهو
تصور ڪيو ويندو هو ته هن سمنڊ جو ڪو ڪنارو نه آهي
۽ هيءُ اُتي ٿو وڃي ختم ٿئي، جتي دنيا وڃي ٿي دنگ
ڪري، پر جلدي هن سمنڊ پار ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته
ڌرتي گول آهي.
اسان ڪولمبو سان ڪيترن ئي قسمن جو تيل وٺي رهيا آهيون،
جنهن تيل تي جهاز جي انجڻ هلي ٿي، ان کي هيوي آئل
Heavy Oil سڏجي ٿو، جو بلڪل ڪچو، جنهن صورت ۾ زمين مان نڪرندو آهي، ان ۾
ملندو آهي ۽ سستي ۾ سستو آهي ۽ شڪل ۾ ۽ پاڻيٺ ۾
بلڪل ڏامر جهڙو آهي. ان کي صاف ۽ پٽڙو ڪري استعمال
ڪرڻ لاءِ اسان وٽ جهاز تي الڳ مشينون آهن. بجليءَ
جي لاءِ جنريٽر، هوا جمع ڪرڻ لاءِ ڪمپريسر وغيره
ڊيزل تيل تي هلائيندا آهيون. ان کان علاوه مڙني
انجڻين ۽ مشيننن کي چِڪڻو رکڻ لاءِ مختلف قسم جا
تيل وٺڻا آهن، جا انجڻ جهاز کي هلائي ٿي، سا
”سُلزر“ آهي، جا ڊيزل انجڻ جو هڪ نئون قسم آهي ۽
مضبوط آهي. هيءَ نو هزار هارس پاور جي آهي ۽
انهيءَ طاقت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته
هي اسڪوٽر ۽ موٽر سائيڪلون فقط اڌ کان هڪ هارس
پاور تائين ٿين ٿيون! ان انجڻ کان علاوه چار
وڏاجنريٽر آهن، جي ڊيزل انجڻ تي هلن ٿا. جنريٽرن
جو ڪم آهي اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ، جنهن تي ٻيون
ننڍيون ننڍيون مشينون، انجڻيون ۽ پمپ هلائيندا
آهيون. هڪ هڪ جنريٽر جا بجلي پيدا ڪري ٿو، سا هالا
جهڙي شهر جي لاءِ ڪافي آهي، ۽ مهيني سوا تائين
لڳاتار بغير روڪڻ جي هلائي سگهون ٿا. اسان سمنڊ ۾
هوندا آهيون ته ٻه هلائيندا آهيون، نه ته بندرگاهه
۾ فقط هڪ. سرد ملڪ ۾ تيل ۽ پاڻيءَ کي گرم رکڻ جي
لاءِ بوائلر آهن، جن ۾ طاقتور ٻاڦ پيدا ڪري سگهجي
ٿي، جي پڻ ڊيزل تي ٻاريندا آهيون، ان کان علاوه
جهاز جا سڀ ”بورچي خانا“ ۽ ”بيڪريون“ ڊيزل تيل تي
ٻاريون وينديون آهن. پوري انجڻ روم پنج ماڙ آهي ۽
ايڏي ڪشادي آهي، جو هڪ ئي وقت جيڪر پنج سو کان به
مٿي موٽر ڪارون بيهي سگهن.
ڪولمبو قدرتي طرح اهڙي هنڌ تي آهي، جتان اٽڪل هر جهاز
جو لنگهه ٿئي ٿو، هتي تيل جون وڏيون وڏيون ڪمپنيون
آهن ۽ تيل به ”بنا ڊيوٽي ۽ ٽيڪس“ جي وڪامي ٿو، ان
ڪري هر وقت هتي جهازن جي قطار لڳي پيئي هوندي آهي.
اسانجي جهاز جي هڪ پاسي انگريزن جو مال بردار جهاز
بيٺو آهي ۽ ٻي پاسي يوناني جهاز. ڪو به گدلو جهاز
ڏسين ته يوناني جهاز سمجهجانءِ. ان تي هر قسم جا
ماڻهو ملندءِ. ڪو به نظم ۽ نسق نه رهندو آهي ۽
اڪثر ”مست جهاز“ سڏيا ويندا آهن.
لنگر هڻڻ سان اسان پارٽي ڪئي ۽ ٻين جهازن جي آفيسرن ۽
ڪولمبو جي معزز ماڻهن کي مدعو ڪيوسين. ڪافي رنگ
رهيو. اسان سڄي جهاز کي ڪنوار وانگر سينگاريو هو،
رنگين بلبن جي ٿڌي روشني ۽ ڀڙڪندڙ ڪپڙن جي چمڪ،
فضا ۾ ڪيترن ئي قسمن جي عطرن جي ڦهليل خوشبوءِ ۽
خوبصورت چهرن چؤطرف چهچٽو لڳائي ڇڏيو هو. چؤطرف
حسن نظر اچي رهيو هو.
فضا ۾ عجيب مهڪ ۽ خوشبوءِ رچيل هئي، مون سان پورو وقت
هڪ انگريز انجنيئر گڏ هو. ٿوري ئي وقت ۾ ڏاڍو دوست
ٿي ويو. مونکي ته دراصل انگريزن جي ”دوستي“ ۽
”ڊپلوميسي“ ۾ فرق نظر نه ايندو آهي، شروع ۾ مون
کان منهنجي ملڪ بابت پڇا ڪيائين. پڇيائين،
”پاڪستان ڪٿي آهي؟“ ڏاڍي کل آيم. چيومانس، ”توهان
ننڍي ٽهي ڪهڙي آيو؟ توهان جا ابا ڏاڏا ته وڏا
هوشيار هئا، اسان جي ملڪ ۾ پهچڻ کان اڳ کين اسان
جي ملڪ جو رستو، اوڻاين پوڻاين ۽ ساده مزاجي جو به
علم پئجي چڪو هو! ۽ تو کي اها خبر نه آهي ته اسان
جو ملڪ ڪٿي آهي! ايترو جلد وسري ويانوَ؟“ ڪجهه ڦڪو
ٿي چوڻ لڳو، ”ننڍي هوندي جاگرافي ۾ پاڪستان بابت
پڙهيو هوم.“ دل ۾ سوچيم ته پڇانس ته ”1947ع کان اڳ
۾ پڙهيو هئي يا پوءِ“. ڪجهه دير ترسي چوڻ لڳو،
”ٻڌو اٿم ته توهان جي ملڪ جا ماڻهو ڏاڍا مهمان
نواز آهن؟“
”ان مهمان نوازيءَ ئي اسان کي سؤ سالن جي لاءِ غلام
بنايو ۽ توهان کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو.“
”اسان توهان تي حڪومت نه، پر توهان کي تهذيب سيکاري.“
”واقعي منهنجا گورا ڀاءُ، توهان اسان کي تهذيب سيکاري!
تهذيب! هي مرد ۽ عورت جو بي حجاب ٿي، چيلهه ۾ هٿ
وجهي، جسم جسم سان ملائي نچڻ، هي مدهوشي، هي بي
شرمي ۽ بي حيائي جيڪر تهذيب آهي، ته پوءِ توهان
اسانکي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. پر ڇا ڇا اسان لٽايو ۽
وڃايو، ڪاش ان جو به ڪو تخمينو لڳائي سگهي.“
خبر ناهي ڇو ڪي ڪي ڳالهيون بنا سوچي سمجهي ڪيون وينديون
آهن ۽ بنا سوچي سمجهي ٻڌيون وينديون آهن ۽ اها رات
شايد اهڙين ڳالهين جي لاءِ وقف ٿيل هئي، جا اهڙين
ڳالهين ۾ گذري ويئي.
ادا، ڪولمبو جا ماڻهو قد جا اڪثر بندرا، رنگ جا ڪارا ۽
ڏٻرا ٿين ٿا. زبان ملڪي ”سَنالي“ اٿن، جا ريڊيو
سلون تان شام جو ساڍي ڇهين کان اڳ ٻڌڻ ۾ ايندي
آهي. هتي ساوڪ ڏاڍي آهي. سڄو شهر سوپارين، ناريلن
۽ کجين جي وڻن سان جهنجهيو پيو آهي. هونئن به
قدرتي اصول آهي ته جيئن خط استوا اها خيال ليڪ
آهي، جا دنيا جي گولي جي پوري وچ مان ٿي لنگهي ۽
دنيا کي ٻن حصن ”اتر اڌ گول“ ۽ ”ڏکڻ اڌ گول“ ۾ ٿي
ورهائي. ان ليڪ جي هڪ پاسي يعني انگلينڊ، جرمني،
هندستان، پاڪستان وغيره ۾ سيارو آهي، ته ليڪ جي ٻي
پاسي وارن ملڪن جهڙوڪ آسٽريليا، نيوزيلينڊ وغيره ۾
اونهارو ٿئي. ڪولمبو پاڪستان کان وڌيڪ خط استوا جي
ويجهو آهي. سنگاپور، انڊونيشيا، ڪينيا اهي ملڪ ته
بلڪل خط استوا تي آهن. تنهن ڪري اتي ته تمام وڏا
ڊگها وڻ ۽ گاهه ٿئي. زياده بارش ٿئي. ان ڪري زياده
ٻيلا ٿين. ٻيلن جي ڪري زياه جانور ۽ پکي ٿين.
دنيا جي بهترين چانهه ڪولمبو ۾ ٿئي ٿي. ان کان علاوه
سوپاريون، کاڄا، گرم مصالحا به جام ٿين ۽ تمام
سستا ملندا آهن، ڪولمبو، سنگاپور، انڊونيشيا،
آفريڪا ويندي ويسٽ انڊيز ۾ توکي سنڌي هندو دڪاندار
۽ واپاري جام ملندا. هيرآباد جي عامل ڪالونيءَ جي
هڪ عورت ”نرملا ديوي“ پڻ هتي ڪافي عرصي کان مقيم
آهي. پاڻ هتي جي وڏن واپارين مان هڪ آهي. سندس هڪ
تمام وڏو ڊپارٽمينٽل اسٽور بندرگاهه وٽ آهي، جنهن
تي هر قسم جو سامان، ڪپڙو، عطر، رومال ۽ زيورن جي
لاءِ هيرا جواهر ۽ ٻيون ڪيتريون شيون وڪامنديون
آهن. سڄو ڪاروبار پاڻ هلائيندي آهي. سيپٽمبر جي
جنگ کان گهڻو اڳ اسان جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج طرفان سي
اسڪائوٽنگ جي لاءِ انڊيا ويا هئاسين، ته ڪلڪتي جي
هڪ سئنيما هال ۾ پاڻ ۽ سندس ستر سالن جو مڙس اتي
مليا هئا. پنهنجي ديس کان پري پنهنجي ديس واسي سان
ملي، خوشي جو اندازو ان وقت مون پهريون دفعو لڳايو
هو، ڌارين ملڪن ۾ غلط سلط انگريزي ڳالهائڻ بعد
ڪنهن سان پنهنجي زبان ۾ ڳالهائڻ ۾ ايترو ئي مزو
ايندو آهي، جيئن گهڻي پنڌ ڪرڻ کانپوءِ گهر پهچي
سوڙهي ۽ تنگ بوٽ کي لاهڻ ۾ ايندو آهي. اسان اها
فلم ته نه ڏٺي، پر زور زور سان ڳالهائي ڀرسان
ويٺلن کي به ڏسڻ نه ڏنيسين. منهنجا دوست مونکي
گاريون ڏيندا رهيا. اسانکي ائين لڳو ڄڻ پراڻا مائٽ
۽ دوست مليا هجون فلم ختم ٿيڻ بعد موڪلائڻ وقت
چيائين، ”عمر جي لحاظ کان ته توکي پٽ بنائڻ گهرجي،
پر قد جي خيال کان توکي ڀاءُ ٿي ٺاهيان.“ ان بعد
کانئس هڪ خوبصورت راکي ٽپال ذريعي مليم.
ان مختصر ملاقات کانپوءِ اڄ اٺن سالن بعد ڪولمبو ۾
ملياسين جيتوڻيڪ وقت تمام ٿورو هو، پر مون هنن سان
ملڻ ضروري سمجهيو. مون وٽ تحفي ڏيڻ جي لاءِ ٻي ته
ڪا قيمتي شيءِ ڪا نه هئي، سواءِ هالا جي اجرڪ ۽
رانديڪن جي. سندس دڪان تي ملڻ ويس. معلوم ٿيو ته
سخت بيمار آهي. ان ڪري گهر ۾ ئي ٿي رهي. گهر آيس
ته نيم بي هوشيءَ جي حالت ۾ سُتي پيئي هئي. منهنجي
اچڻ جو ٻڌي اُٿي بيٺي. ٻڍاپي ۽ ڪمزوريءَ سبب سڄي
ڌڏي رهي هئي. معلوم ٿيو ته کيس ڳالهائڻ جي لاءِ به
ڊاڪٽرن منع ڪئي آهي. مون به ساڻس گهڻو ڳالهائڻ نٿي
چاهيو، پر هوءَ ذري ذري حيدرآباد جون خبرون پڇندي
رهي. شڪارپور ۽ سکر جون خبرون پڇندي رهي. شڪارپور
۾ فلاڻي شيءِ اڃا ملندي آهي؟ هيرآباد ۾ ڦلاڻي هنڌ
هڪ ٿلهو هوندو هو، جتي اسان ننڍي هوندي راند
ڪنديون هيوسين، اهو اڃان آهي؟ ملڪاڻي گهٽيءَ ۾
فلاڻو مندر مسجد ڀرسان آهي؟ سنڌ ۾ چندر ۽ جيوڻي
ٻائيءَ جا رڪارڊ اڃان وڄندا آهن؟ ۽ ٻيا ڪيترا ان
قسم جا انيڪ سوال. پنهنجي ملڪ کان پري رهي، هر
انسان پنهنجي وطن جي هر شيءِ کي ياد ٿو ڪري،
پنهنجي وطن جي خراب شيءِ به ٻاهر سُندر ۽ پياري
لڳندي آهي. خاص ڪري پنهنجي ڳوٺ جي، جيئن هن وقت
منهنجي دماغ ۾ ڳوٺ جي هر شيءِ ڦري رهي آهي. شام جي
وقت اسٽيشن روڊ جي ٿڌي ٿڌي هوا جو مقابلو ڪير ڪري!
احمد ۽ نوني جا ڪواب، دريا جو ڪنارو، ڪشادي ۽
خوبصورت درگاهه شريف ۽ ان جي مٽڪن جو ٿڌو ٿڌو
پاڻي. شمنيءَ جو دڪان، پرائمري اسڪولن جون شاندار
۽ هوادار عمارتون .... (توبه نعوذ باالله نه هيون
نه آهن).... وغيره وغيره. ادا، معاف ڪجانءِ، ذرا
جلدي ۾ اسڪولن جي تعريف لکي ويس. ها، مون سو تو کي
ڳالهه نرما ديوي جي پئي ٻڌائي، جا سڪرات ۾ هوندي
به هير آباد جون ڳالهيون ٻڌي باغ باغ ٿي رهي هئي،
جنهن جو ڪجهه گهڙيون اڳ مرجهايل چهرو تازي کڙيل
گلَ وانگر ٽڙي پيو هو. آءٌ کيس مختصر طور هر سوال
جو جواب ڏيئي رهيو هوس. ڪي ڪي ٻارن جهڙا سوال هئا.
ڪي گهري سوچ ۽ فڪر بعد جواب ڏيڻ جهڙا سوال، ڪي
اندر ۾ اڌما ۽ ولوله پيدا ڪرڻ جهڙا سوال هئا. ڪي
سوال فقط ڪيا ويندا آهن، جن جو ڪو به جواب نه
ٿيندو آهي. ڪن سوالن جو جواب فقط مسڪراهٽ ٿيندو
آهي. هڪ ڏاڍو مزيدار سوال ڪيائين. چوڻ لڳي، ”ڀلا
اڳ اڳ ۾ سنڌي وڏيرا ۽ زميندار ڪاڄن ۽ اولاد جي
شادين تي وڌا قرض کڻي خرچ ڪندا هئا ۽ فخر محسوس
ڪندا ها. هاڻ ته اهو رواج ۽ اجائي خرچ، ڀَتن ۽
خالي وڏائي جي رسم نڪري ويئي آهي يا نه؟“
”اهي ڳالهيون ته سڀ سنڌ ۾ ساڳيون آهن، پر اهي ساڳيا
اجايا خرچ ۽ پاڻ کي مٿي رکڻ لاءِ شادين جي بدران
اليڪشن ۾ ٿيندا آهن ۽ وڏيريپائي، پيري، مريدي ۽
کوکلو ٺاٺ اڃان قائم آهي.“
الا _! مان کيس ڪيئن سمجهائي ٿي سگهيس ته اسان سنڌين جو
اهو الميه باب آهي. اسن ڪڏهن به صحيح ۽ غلط ماڻهو
۾ فرق محسوس ڪري نه سگهيا آهيون. اسانجي اڳيان
ترقي جون راهون وڇايون ويئون آهن. تڏهن به اسان هڪ
قدم به اڳتي نه وڌايو آهي. اسان هلندڙن جي هجوم
سان گڏ اڳتي هليا نه آهيون، پر تماشبينن جي مجمعي
۾ هڪ هنڌ بيهي هلندڙن کي هلندو ڏٺو اٿئون. اسان
هميشه ظاهري ڏيک، کوکلي شان، مستي، ڪاهلي ۽ اگهور
ننڊ کي ترجيح ڏني اٿئون. اسان هميشه پنهنجي پاڻ
سان فريب ۽ ٺڳيون ڪيون آهن. اسان پنهنجو پاڻ کي
سدائين دوکي ۽ ڊوهه ۾ رکيو آهي، اُٺ پکيءَ وانگر
فقط پنهنجو منهن واريءَ ۾ لڪائي مشڪلات کان ڀڄڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان هڪ ٻي کي سهارو ڏيئي مٿي
چاڙهڻ بدران هڪ ٻي کي خُود ڇڪي هيٺ لاٿو اٿئون.
ادا، هي خط جو آخري حصو آءٌ هڪ مقامي هوٽل مان لکي رهيو
آهيانءِ. ڀيڻ نرملا وٽ ڪافي دير هوس. ڇڏيائين نه
پي. بيمار نه هجي ها ته جلدي موٽي اچي فلم ڏسان
ها، پر هنکي ڳالهين ڪندي جو سڪون اچي رهيو هو، ان
کي ختم نٿي ڪرڻ چاهيم ۽ گهڻو وقت ترسي پيس. هي
هوٽل هڪ ٽڪريءَ تي آهي. هتي ڪيتريون ئي هوٽلون
تمام پيارين جڳهين تي آهن. چوڌاري ساوڪ ۽ سمنڊ.
پري پري تائين ٻيڙيون تري رهيون آهن. ڄڻ ته هوٽل
جي ’سافٽ ميوزڪ‘ ٻڌي لڏي لمي رهيون هجن. اسان جو
جهاز به بلڪل چٽيءَ طرح نظر اچي رهيو آهي. ڏکڻ طرف
تمام پري پري کان هڪ جهاز نمودار ٿيو آهي ۽ هِن
طرف وڌي رهيو آهي. سڀاڻي اسان به ڪولمبو کي
خيرآباد چئي ان طرف ڪوچ ڪنداسين ۽ افق جي پٺيان
غائب ٿي وينداسين. چڱو وڌيڪ ٻي فرصت ۾.
- گهڻي سڪ وچان |