سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: منهنجو ساگر، منهنجو ساحل

الطاف شيخ

صفحو :3

 

لفٿنسا ايئر لائين

هن وقت هي خط توڏي جرمن هوائي ڪمپني لفٿنسا“ جي بوئنگ هوائي جهاز مان لکي رهيو آهيان، جو اٽڪل ستٽيهه هزار فوٽن جي بلنديءَ تي ڇهه سو ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ”روم“ (اٽلي) طرف اڏامي رهيو آهي. چند گهڙيون اڳ اسان مصر جي هوائي اڏي قاهره تان پرواز ڪيو. مصر جي وقت مطابق هن وقت رات جا چار لڳا آهن. مصر جو وقت پاڪستان کان ٽي ڪلاڪ پٺتي آهي. هتي پاڻ کان ٽي ڪلاڪ پوءِ سج اڀري ۽ لهي. ان ڪري تو وٽ صبح جا ست وڄي چڪا هوندا  ۽ سج پوري آب تاب سان چمڪي رهيو هوندو، پر هتي اڃا آسمان تارن سان جنجهيو پيو آهي. توکي تعجب لڳندو ته آءٌ سمنڊ سان تعلق رکندڙ هتي هوائي جهاز ۾ ڪيئن سفر ڪري رهيو آهيان، ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان ۽ ڇو وڃي رهيو آهيان!؟

ته ٻڌ پيارا، پاڪستان جي وڏي جهازران ڪمپني ”نيشنل شپنگ ڪارپوريشن“ (اين-ايس-سي) جنهن ۾ آءٌ انجنيئر جي حيثيت سان ملازم آهيان، ان جو ڇويهون نئون جهاز ”سندربن“ نالي يوگو سلاويا ۾ ٺهي رهيو آهي ۽ اٺاويهين تاريخ ملندو. ان لاءِ آءٌ ۽ ٻيو اسٽاف يوگوسلاويا وڃي رهيا آهيون ۽ اهو جهاز پاڪستان وٺي اينداسين.

نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، جيڪو پي . آءِ . اي وانگر هڪ ادارو آهي. ان ڪجهه سالن ۾ جا ترقي ڪئي آهي، تنهن کي ساري دنيا قدر جي نگاهن سان ڏسي ٿي. سندس اڃان وڌيڪ جهاز ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٺهي رهيا آهن.

”سندر بن“ جهاز، يو گوسلاويا جو، اسان لاءِ پهريون ٺهيل جهاز ناهي، هن کان اڳ به اسان ڪيترائي جهاز هتان خريد ڪري چڪا آهيون. جهڙوڪ: ايم – وي – اباسين، ايم – وي – چناب، ايم – وي رنگامٽي، ايم – وي – ٽئڪسلا ۽ ايم – وي موئن جو دڙو. ( ايم -  وي انهن جهازن کي سڏبو آهي جي ڊيزل تي هلن) جيئن ته هي جهاز بيهڪ ۽ انجڻ جي لحاظ کان هڪ جهڙا آهن، انهيءَ ڪري کين سسٽر شپ (Sister ships) سڏيو وڃي ٿو. يو گوسلاويا ۾ ڪيترائي جهاز ٺاهيندڙ ڪارخانا آهن ۽ هي ملڪ مشينري ٺاهڻ کان مشهور آهي. ساڳئي ڪارخاني پاڪستان جي هڪ ٻئي جهازران ڪمپني ”پاڪستان شپنگ لائين“ لاءِ ٻه جهاز ”ايم – وي باغِ ڊاڪا“ ۽ ”ايم – وي باغِ ڪراچي“ ٺاهيا، جي پڻ مٿين جهازن جهڙا آهن. سڀني جهازن ۾ پوري رهائش ايئر – ڪنڊيشنڊ رکيل آهي، سامان جي سلامتي ۽ حفاظت لاءِ موڪري ۽ گهڻي جڳهه ٺهيل آهي ۽ سُلزر انجڻ تي هلن ٿا. يو گوسلاويا جي هن اداري پاڪستان جي جهاز سازي صنعت ۾ ڏاڍي مدد ڪئي آهي. هن جي گڏيل مدد سان ڪراچي شپ يارڊ پهريون جهاز ”العباس“ گذريل سال ٺاهيو ۽ هاڻ ٻيو ” ايم- وي – شالامار“ نالي ٺهي رهيو آهي. بهرحال هن وقت اسان سندر بن جهاز جي ادائگي لاءِ يو گوسلاويا جي شهر ”اسپلٽ“ وڃي رهيا آهيون. هي هوائي جهاز اسان کي روم (اٽلي) ۾ ڇڏيندو. اتي اسان ڏينهن ٻه رهي پوءِ يو گوسلاويا جي ايئر لائين T-A-J ۾ يو گوسلاويا جي وڏي شهر ”زگرب“ وينداسين. اتان اسان کي ٻئي هوائي جهاز ۾ چڙهڻو پوندو، جو ”اسپلٽ“ ۾ اچي ڇڏيندو، جتي اسان جو جهاز ٺهي راس ٿيڻ وارو آهي.

اسان جي هن هوائي جهاز ڪراچي پوري ساڍي ڏهين بجي ڇڏي. هي هوائي جهاز هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، رنگون، سينگاپور، ۽ ڪلڪتي کان ٿي پوءِ ڪراچي اسانکي کڻڻ آيو هو. ڪراچي مان اسان روم لاءِ چڙهياسين ۽ هڪ عورت دهران لاءِ. جهاز ڪراچي کانپوءِ دهران ترسيو، ان بعد قاهره ڪافي وقت ترسيو ۽ اسان کي گهمڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويو. هاڻ چئن ڪلاڪن بعد روم پهچندو، جتان پوءِ پنهنجي آخري منزل ”فرئنڪفرٽ“ جرمني ويندو. جهاز ۾ اٽڪل سؤ کن مسافر ويٺا آهيون. هر قسم جا مسافر چيني، جپاني، برمي، عرب ۽ ڀارتي سفر ڪري رهيا آهن. منهنجي ساڄي پاسي دريءَ وٽ منهنجو دوست بنگالي انجنيئر ”زمان“ ويٺو آهي ۽ کاٻي پاسي هڪ خوبصورت .... ڀلا سوچ ڪير آهي؟ .... مَرُ نه ۽ نه ٿڌا شوڪارا ڀر، ڇوڪري ٻوڪري ڪانهي هڪ خوبصورت پٽڪي ۾ سٺ ستر سالن جو پوڙهو سک ويٺو آهي. جنهن کنگهي کنگهي اوسي پاسي جي ننڊ حرام ڪئي آهي. اهوئي سبب آهي جو وقت گذارڻ لاءِ تو جهڙي لذيذ دوست کي خط لکي رهيو آهيان. ڇا ڪجي ننڊ ته اچي ڪا نه ٿي ۽ نه ئي رات کٽندي. ڇو ته هي جهاز ايتري ته تيز رفتار سان وڃي رهيو آهي جو آخري منزل جرمني پهچندو ته به رات هوندي. ڪراچيءَ کان روم يارهن ڪلاڪن جو سفر آهي ۽ پاڪستان جي وقت مطابق روم ۾ ڏينهن جو ساڍي نائين بجي پهچنداسين، پر روم ۾ ته ان وقت پنج  ۽ رات هوندي، ڇو جو روم ۾ سج چار ڪلاڪ دير سان ٿو اڀري!

اهڙي نموني هي جهاز سمورو سفر رات ۾ پورو ڪندو. دراصل رات ۾ بحري يا هوائي جهاز هلائڻ آسان ٿو رهي. ڏينهن جو ته فقط سج آهي، پر رات جو ڪيترائي تارا آهن ۽ رستو ڳولڻ ۾ آساني ٿي رهي. حالانڪ دنيا جو هڪ هڪ حصو نقشن تي ماپيل ۽ ميل هوندو آهي، ان هوندي به تارا وڏي مدد ڏيندا آهن. ان کان علاوه جهاز کي هوائي اڏي تي هيٺ لاهڻ ۾ پڻ آساني ٿي ٿئي. اڃان جهاز بلنديءَ تي ئي هوندو آهي، ته هوائي اڏي وارا جنهن رستي تي هوائي جهاز کي لاهڻو هوندو اٿن، ان جي ٻنهي ڪپرن تي لڳل سفيد ۽ آسماني بلبن جون قطارون ٻاري ڇڏيندا آهن، جي شهر جي بتين کان بلڪل الڳ ۽ صاف نظر اينديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو هوائي اڏو شهر کان پري ٺاهيو ويندو آهي. ڪراچي يا حيدرآباد جو هوائي اڏو ته ايترو پري ناهي. هوائي اڏا ڪن ڪن شهرن جا ته ٽيهه چاليهه ميل به پري ٿئن.

تهران جهاز پورن ٽن ڪلاڪن بعد پهتو. ڪجهه مسافر لٿا ۽ ڪجهه چڙهيا. ٻه جرمن، هڪ فرينچ ۽ ٻه عرب زال مڙس پنهنجي عربي لباس ۾ ملبوس چڙهيا. عربي لباس اهڙو ته ٺهي رهيو هون، جو ٻاهرن ملڪن جا سڀ ماڻهو هتي جي روايتي لباس کي تعريف جي نگاهن سان ڏسڻ لڳا. واقعي هر ملڪ جي ماڻهوءَ کي پنهنجو روايتي لباس زيب ٿو ڏئي. ڪراچيءَ مان جيڪڏهن ڪو سنڌي لباس ۾ اجرڪ ويڙهي چڙهي ها يا شيرواني مٿان جناح ٽوپي پائي چڙهي ها، ته سوٽ ڪوٽ کان وڌيڪ سمارٽ لڳي ها. ڏٺو وڃي ته هر ملڪ جو لباس سندس ملڪ جي موسم، رسم ۽ رواج ۽ تهذيب مطابق درست ۽ آرام ده آهي. سنڌ جهڙي گرم علائقي ۾ سٿڻ کان وڌيڪ آرام ده ڪهڙو ٿي سگهندو؟

سائنس پڻ اهو ثابت ڪيو آهي ته سٿڻ جا گهڻا ور جو Vaccum خلا ٿا پيدا ڪن، سو گرمي ۽ سرديءَ کان بچائي ٿو ۽ ايئرڪنڊيشننگ جو ڪم ڏئي ٿو. پر اسان خبر ناهي ڇو جسماني طرح ته آزادي حاصل ڪري ورتي آهي، پر ذهني طرح اهي ئي گورن جا غلام آهيون ۽ مغربيت جي انڌي تقليد ڪري رهيا آهيون. هو تنگ سوٽ پائيندا ته اسان به هنن سان برابري ڪرڻ لاءِ اهو ئي لباس اوڍينداسون. يورپ جون عورتن وار ننڍا ڪرائينديون ته اسان جون عورتون به وار ڪٽائڻ ۾ فخر محسوس ڪنديون. ڀورا وار ڪرڻ لاءِ ميندي يا هائيڊروجن پر آڪسائيڊ هڻنديون ۽ ٻيا طرح طرح جا جتن ڪنديون. اهو ڪڏهن به نه سوچينديون ته ڊگها يا ڪارا وار ته سونهن جي نشاني آهن ۽ يورپ جي موسم اهڙي آهي جو عورتون وڏا وار رکائي نٿيون سگهن ۽ مجبور ٿي هنن کي ننڍا ٿا ڪرائڻا پون. ڪاش هو يورپ جي عورت جي دلين جو جائزو وٺي سگهن ته هنن کي ڪيڏي حسرت آهي ۽ هو ڪيترو نه چاهين ٿيون ته سندن وار به ڪارا هجن ۽ سندن موسم به اهڙي هجي جو ڊگهار ڊگها وار ۽ چڳون لٽڪائي مشرقي عورت وانگر ناز سان هلن!

اسان وٽ هر روز عورت لاءِ آزادي وڌي رهي آهي (دراصل ان کي آزادي سڏڻ ته لفظ آزادي کي غلط استعمال ڪرڻ  آهي) ۽ ان کي فارورڊينس، فيشن ۽ سوسائٽي ۾ رهڻ جو طريقو ٿا سمجهون، ڇو ته اسان جي مغربي ڀائرن وٽ به ائين آهي. پر يار تون ڪنهن مغربي مرد کان دل جو احوال نه وٺ ته هو ان آزادي مان ڪيترو اچي ڦاٿا آهن. مرد سمورو سڪون وڃائي چڪو آهي. عورت مان اعتماد نڪري چڪو اٿس ۽ نه ئي هو هاڻ پنهنجي ڇڙواڳ عورت کي وري گهرو قسم جي عورت بنائي سگهي ٿو. ساڳي وقت عورت مرد کان به وڌيڪ مصيبت ۾ گرفتار نظر اچي ٿي. هوءَ ان قسم جي غلط آزادي حاصل ڪري سڀ کان وڏي ڳالهه ته پنهنجي حفاظت وڃائي چڪي آهي. هوءَ غير محفوظ بنجي چڪي آهي. اهي اهي ڪم جي اصولي ۽ اخلاقي طور مرد جي بلي هئا، سي هاڻ کيس سرانجام ڏيڻا ٿا پون. هن کي گهر هلائڻ ۽ پئسو ڪمائڻ خاطر مرد سان گڏ ڪم ڪرڻو ٿو پوي. گهر جو سيڌو سامان خريد ڪرڻ، ٻارن لاءِ اسڪول جو بندوبست ڪرڻ، گهر ۽ گاڏي جي مرمت ۽ ٽئڪسن لاءِ آفيسن ۾ ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ، مطلب ته انيڪ قسمن جي جهنجهٽن ۾ اچي ڦاٿي آهي. ادا، سچ ته هي آهي ته مغربي عورت پنهنجي نسوانيت ئي نابود ڪري ويٺي آهي. تون جيڪڏهن ڪنهن مغربي عورت کي ڏسندين ته سندس منهن ۾ اها روشني، اهو نيمڪ، اها سونهن نظر نه ايندي جو مشرقي عورت ۾ موجود آهي. مغربي عورت هڪ مشين بنجي چڪي آهي ۽ هر روز وڌندڙ ذميوارين کيس وقت کان اڳ گسائي ۽ پيسي ڇڏيو آهي. مغرب جا ماڻهو ذهني سڪون ۽ دلي خوشيءَ کان هٿ ڌوئي ويٺا آهن. هي ٽيڊيزم، نيوڊڪالونزم Nude Coloniusm، هيپي ازم، هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ اهي سڀ ذهني سڪون ۽ دلي آرام حاصل ڪرڻ لاءِ ناڪام ۽ عجيب و غريب طريقا ۽ ايجادون آهن. سڄي سڄي رات پاڳلن وانگر نچڻ، چيخڻ، چلائڻ ۽ شراب ۾ ٻڏڻ، اهي سڀ ڪم عارضي خوشي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش لاءِ آهن ۽ هو ان ڪوشش ۾ آهن ته من ڪو ان مان ذهني سڪون حاصل ٿي سگهي جو هنن وٽان پيار، محبت، سچي همدردي جهڙا جذبا، وڏي ڳالهه ته مذهب نڪري چڪو آهي. اسان ڇو هنن جي نقالي ڪري هيپي ازم جهڙيون شيون اپنايون. اسان وٽ هر لطيف جذبو موجود آهي ۽ اسان کي ته اهو سڪون عبادت مان ئي ملي سگهي ٿو. سڄي سڄي رات نچڻ، ٽپڻ ۽ ڪلبن ۾ دل وندرائڻ بعد جڏهن ڪو صبح جو ان هوٽل، بار، ڪلب يا پب مان نڪري ٿو ته ذرا ان جي چهري کي به ڏسو ۽ هڪ اهو انسان جو صبح جو سوير اٿي فجر نماز پڙهي مسجد مان ٿو نڪري، ان جي چهري کي به ڏسو. تو کي زمين آسمان جو فرق نظر ايندو. توکي نمازيءَ جي چهري تي سڪون ۽ خوشيءَ جا تاثر نظر ايندا ۽ هوڏانهن نراسائي ۽ بيچيني نظر ايندءِ. ائين محسوس ٿيندءِ ڄڻ ڪو هارايل جواري هجي. پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته اسان هي اکيون ٻوٽي مغرب جي هر شيءِ جو نقل ڪري فخر محسوس ڪري رهيا آهيون ڪهڙي ڪارڻ؟ منهنجو ڪو اهو مطلب ناهي ته نقل نه ڪجي. نقل ضرور ڪجي، پر سٺين شين جو. سٺين ڳالهين جو. ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جي مغرب جون قابل تعريف آهن، جهڙوڪ: وقت جي پابندي، ڊيوٽي ۽ ڪم جي سچائي، محنت وغيره وغيره. ڪاش اسان انهن سان ڪلهو ملائڻ لاءِ سندن اهي ڳالهيون اپنايون! خير ادا، مان تو کي ڳالهه هن عرب جوڙي جي پئي ٻڌائي، جي عربي لباس ۾ دهران جي هوائي اڏي تان چڙهيا. اهڙا ته ٻئي ڄڻا ٿلها هئا، جو ڇا ڳالهه ڪجي، جيڪي ڪجهه ٿلها مسافر اڳ ويٺل هئا تن به شايد اهڙا ٿلها ماڻهو ان کان اڳ نه ڏٺا هئا، جو انهن جو به ڏسڻ سان وات ڦاٽي ويو هو. سندن ويهڻ جي جاءِ بلڪل اڳيان هئي، سو جهڙو اڳتي وڌي رهيا هئا ته ڪنهن پٺيان چيو ته: ”هاڻ جهاز جو پرواز ڪرڻ ناممڪن آهي، قاهره تائين خشڪي ذريعي هلندو.“ سڀ اچي کل ۾ ٻڏيا. اسانکي دهران جي هوائي اڏي تي لهڻ جي اجازت نه هئي ۽ سڀ اچي پوءِ قاهره (مصر) لٿاسين. پر دهران ۾ جهڙو ئي جهاز بيٺو ته اسان ڄڻن لهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته ايئر هوسٽس لهڻ کان منع ڪندي چيو ته هينئر نه لهو پوءِ لهجو. تنهن تي منهنجي دوست پري کان ئي دانهن ڪئي چيو ”بابا، هينئر ڪير نه لهي، جڏهن جهاز هلي ته پوءِ در کولي لهجو.“ هڪ دفعو وري اچي کل ۾ پيا.

جهاز ۾ ٻه دفعا ماني ڏنائون، پر ٻئي دفعا سوئر جو گوشت هو، سو اسان مان ڪنهن به نه کاڌو، نه فقط ان ڪري ته پاڻ لاءِ حرام آهي، پر آهي ئي اهڙو گندو. ڏسڻ سان ڪراهت محسوس ٿيندي آهي. ان کان علاوه ٻيو جيڪي کاڌي لاءِ ڏنائون سو به ٺيڪ طرح پچيل نه هو چانهه ۽ ڪافي به بيڪار ۽ ٺريل ملي. انهن مڙني ڳالهين کان وقت جي پابندي کان ۽ خدمت ۽ آرام کان پنهنجي ملڪ جي ايئر لائين پي.آءِ.اي اعليٰ Text Box: ٥٦

 

آهي. اهو ئي سبب آهي جو زياده مسافر P.I.A کي سفر لاءِ منتخب ڪن ٿا ۽ اڪثر P.I.A جا جهاز ٽٻ ٿا رهن ۽ ان ئي ڪري اڄ اسان هن جرمن  هوائي لائين ۾ سفر ڪري رهيا آهيون. منهنجي ڀر ۾ ويٺل سک کي ٻه دفعا گهرڻ تي به پاڻي نه مليو ته ايئر هوسٽس کي پنهنجي منهن ڏاڍيون پنجابيءَ ۾ گاريون ڏنائين. بقول ”زين پٺاڻ“ جي، هٿ تي رومال ويڙهي پوءِ بجو ڏنائين. دراصل ان وقت ائير هوسٽس ٻين کي چانهه ڏيڻ ۾ مشغول هيون. هن جهاز ۾ خدمت لاءِ ڪل چار هوسٽس آهن. ٻه جرمن آهن ۽ ٻه جپاني. توکي تعجب ته لڳندو ته جهاز جرمن ٿي ڪري جپاني ايئرهوسٽس ڇو رکيون اٿن. ڇا جرمن ڇوڪرين جي کوٽ آهي؟ ڇا جرمن ڇوڪرين لاءِ جرمني ۾ سخت پڙدو آهي؟ پر نه دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته ٻي جنگِ عظيم کانپوءِ جرمن ڇوڪريون ڪو ورلي نوڪري ڪندي نظر اينديون. ٻي جنگ کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته هر هڪ پنهنجي پنهنجي ڊيوٽي پوري ۽ سچي دل سان سر انجام ڏئي مرد جو ڪم آهي آفيسن، ڪارخانن ۽ زمين تي ڪم ڪرڻ ۽ سپاهي ٿي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ ۽ عورت جو صحيح مقام گهر آهي. کيس کپي ته اعليٰ قسم جي House – wife ( گهرو عورت) ٿي رهي ۽ ٻي هر ڪم کان آجي ٿي گهر ۽ ٻارن جي پوري پرورش ڪري، جو سندس گهر ملڪ جو اعليٰ گهر سڏجي ۽ ٻار، ملڪ ۽ قوم لاءِ فخر سڏجن. ان فيصلي تي ڪيتري قدر عمل ڪيو ويو ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جرمني ٿوري ئي عرصي ۾ ڪيتري قدر ترقي ڪري ورتي آهي، حالانڪ ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجهه تباهه ٿي چڪو هو، جرمنيءَ جي ڏتڙيل حالت هئي ۽ عورت جو مثال ان مشهور چوڻي مان اندازو لڳائي سگهبو جا اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ عام آهي. جيئن: ”اهڙي گهريلو ۽ وفادار جهڙي جرمن عورت“ ۽ اها پڻ عام چوڻ آهي ” جرمن ڪار ۽ زال ڪڏهن به دوکو نه ڏيندي.“ ان جا مثال تو کي پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڪيترا ملندا.

 

Text Box: ٥٧

 

ادا، جڏهن به آءٌ قاهره (مصر) مان ٿو لنگهان ته منهنجي اکين اڳيان P.I.A جو اهو حادثو ٿو ڦري جنهن ۾ اسانجا ڪيترائي صحافي اسان کان هميشه هميشه لاءِ جدا ٿي ويا ۽ اسانجي صحافت کي ڄڻ ته في الحال يتيم ڪري ويا ۽ اسانجي ملڪ جي بي بها صحافت جي دولت چند گهڙين ۾ لٽجي ويئي.

 

قاهره (مصر) جو هوائي اڏو ڪافي خوبصورت ۽ دلڪش آهي. جهاز مان لهڻ سان آءٌ سڌو هوٽل ۾ آيس ۽ اچي ماني کاڌيم. هوٽل جا بئرا جُبن ۽ ترڪي ٽوپين ۾ مودبانه انداز ۾ بيٺا هئا، جن کي ڏسي مون کي الائي ڇو الف ليليٰ جون ڪهاڻيون ۽ ڪتاب ۾ ڏنل تصويرون ياد اينديون آهن. هتي جي واپارين ۽ ٻين ڪيترن عرب ملڪن جي ماڻهن جي الائي اها ڇو عادت آهي ته شل نه ڪو ٻاهريون ماڻهو ڏسن. اصل ابتي کل لاهيندس، ٽڪي جي شيءِ جو رپيو ٻڌائيندس. (گهٽ اسانجي ملڪ جا به نه آهن، پر هي گهڻو زور آهن) ايئرپورٽ تي ڪيترائي دڪان هئا جن تي هر قسم جون شيون ۽ مصر جي ننڍن ڪارخانن ۽ گهريلو هنرن جون شيون رکيل هيون، پر ڏٺم ته اگهه ايڏا ته ڳرا پئي ٻڌايئون جو ڪنهن جي به دل ڪا به شيءِ وٺڻ تي نٿي چاهي. پاڪستان خط لکڻ لاءِ ٽڪليون ورتم ته ٻارنهن آني کن جي ٽڪلين جا ٽي رپيا ورتائين. سمجهيم ته سڀ پئي، جو انهن ملڪن جي سڪي ۽ حساب ڪتاب کان چڱيءَ طرح واقف آهيان پر سچ ته مون کي ايڏو شرم پئي آيو جو ڪڇيس ڪو نه. باقي موٽايل ريجو به ٽِپ طورڏئي ڇڏيومانس.

باقي مصر جي حسن جي ڳالهه نه پڇ جا تعريف ٻڌي هيم سا اکين سان ڏٺم. شايد دنيا جو ڪو ملڪ مصر جي حسن جو مقابلو ڪري سگهي. مسڪرائيندڙ سدا بهار مشرقي چهرو، اکيون وڏيون ۽ نيري ڍنڍ جهڙيون انگ انگ ۾ چقمقي ڪشش مصر جي هر عورت ڪلوپيٽرا نظر ايندءِ. واپسي تي ايئرپورٽ ۾ داخل پئي ٿيس ته دروازي وٽ هڪ دڪان تي هڪ دوشيزه هٿ جو ٺهيل سامان وڪڻي رهي هئي. آءٌ جيئن اتان لنگهيس ته سڏي پٿر جي ٺهيل ڪلو پيٽرا ڏي ڌيان ڇڪائيندي پڇيائين:

”وانٽ ڪلوپتراءِ؟ (Want Cleopetra)

مون ان ڪلوپيترا جي مئل بت ڏي گهٽ ۽ سندس جيئري جاڳندي چهري ڏي زياده گهوريندي پڇيومانس:

”ڊيڊ آر الائيو (مئل يا زنده)؟“

منهنجي چوڻ جي نموني مان يڪدم چرچي جو مطلب سمجهي وئي ۽ شرمائڻ لڳي. مشرقي حياءُ سندس چهري مان صاف نمايان هو. منهنجي مستقل تڪڻ تي ساه منجهڻ لڳس ۽ ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ لڳي. ڳچيءَ ۾ سوني زنجير پئي هيس جنهن ۾ ٻڌل ننڍڙو هوائي جهاز سندس اڌ اگهاڙي ڇاتيءَ تي هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. مون کي زياده دير ائين گهوريندو ڏسي وڌيڪ شرمائجي وئي ۽ هوائي جهاز مٿان هٿ رکي چوڻ لڳي:

”هوائي جهاز پسند آهي ڇا؟“

”نه. هوائي اڏو.“

وڌيڪ چرچو منهنجو برداشت نه ڪري سگهي ۽ شرم وچان کڻي پٺ ڏنائين. سڏ ڪيومانس، پر نه نهاريائين. اتي لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ٿيو ته ”لفٿنسا جا مسافر جهاز ۾ پنهنجي جڳهه اچي والارين، جهاز چند منٽن ۾ پرواز ڪرڻ وارو آهي....“ سڀ مسافر هوائي اڏي اندر داخل ٿي چڪا هئا. آءٌ به اڳي وڌيس. ٿورو ئي اڳتي وڌيو هوندس ته زنده ڪلو پيٽرا سڏ ڪيو:

”تعال- هنا. ارجوڪ“

”لا – في امان الله _ يا حبيبي.“ هٿ لوڏي جواب ڏنو مانس. تکو تکو اچي جهاز ۾ پهتس. سڀ مسافر ويهي چڪا هئا. زمان منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. هن کي شايد اهو ڊپ هو ته مون کي مصر ۾ ڇڏي جهاز هليو نه وڃي.

”ائين ڪبو آهي. ايڏي دير! جهاز هليو وڃي ها ته پوءِ اتي ئي رهجي وڃين ها“

سيٽ تي ويهڻ سان، پنهنجي بهترين موڊ جو مظاهرو ڪرڻ خاطر، ادا سان چيومانس:

”ته قبلا هينئر وري آءٌ ڪهڙو توهان سان پيو هلان.“

”ڇا، وڦلي رهيو آهين؟“ زمان وائڙو ٿي ويو پر پوءِ يڪدم منهنجو چرچو سمجهي وراڻيائين.

”ته، دل اتي ئي ڇڏي آيا آهيو. هاڻ يورپ ۾ ڇا ٿيندو.“

”پرواه نه ڪر.. دل وئي ته وڏي ڳالهه ناهي. جگر، ڦڦڙ، جيرو آنڊا ته سلامت آهن“ ۽ اسان اچي کل ۾ ڇٽڪياسين. اوسي پاسي وارا اسان ڏي ڏسڻ لڳا. ڀر ۾ ويٺل پوڙهي سک کان وڌيڪ صبر نه ٿي سگهيو، سو کنگهندي کنگهندي آخر پڇيائين:

”او – ڪي گَلِ ہے؟ سانو ڀي تو دَسو؟“

ادا، هن وقت اسان اٽلي ملڪ مٿان پرواز ڪري رهيا آهيون. اٽلي جي مشهور شهر نيپلس جون بتيون نظر اچي رهيون آهن. اڌ ڪلاڪ اندر روم به اچي ويندو. زمان هيٺ بتين طرف ڌيان پيو ڇڪائي ته ڏسان، پر آءٌ جلدي خط ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ٻيو خط روم يا يو گوسلاويا مان لکندس. اجهو هينئر مسافرن کي سگريٽ نه پيئڻ ۽ بيلٽ ٻڌڻ لاءِ چيو پيو وڃي. سو في الحال خط بند ڪري بيلٽ ٿو ٻڌان.

 

سلام دعائون سڀني دوستن لاءِ

_ تنهنجو پنهنجو

 

 

 

 

اسپلٽ (يوگوسلاويا)

ٽيون ڏينهن روم (اٽلي) کان هوائي جهاز ذريعي يو گوسلاويا جي مکيه شهر زگرب ۾ پهتس. اتان پوءِ ٻئي جهاز رستي يو گوسلاويا جي بندرگاهه اسپلٽ (Split) شهر ۾ آيس. ان ڏينهن روم پهچڻ سان، روم ۾ مقيم اسانجي آفيس جي ايجنٽ اسانجي آڌر ڀاءُ ڪئي. رهائش جو بندوبست اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏيو هئين، سو اسان سڌو ”هوٽل پئرس“ ۾ آياسين، جا وچ شهر ۾ ۽ وڏين هوٽلن مان آهي. روم جو هوائي اڏو يورپ جي وڏن هوائي اڏن مان آهي. جتي هر پنجن منٽن کانپوءِ ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جو هوائي جهاز لٿو ٿي. يورپ جا ملڪ صفائيءَ کان مشهور آهن. هر شيءِ صاف سٿري ۽ سليقي سان سجايل. رستا ۽ عمارتون چمڪنديون نظر اينديون. اهڙي صفائي قائم رکڻ لاءِ سرڪار ڪا ڀنگين جي فوج سڄي شهر ۾ نه بيهاري ڇڏي آهي. جيڪڏهن کڻي هر چپي تي ٻهاري سان بنگي بيهارجي ته به اهڙي صفائي قائم ٿي نه سگهندي. جيستائين هڪ هڪ شهر واسيءَ کي خود صفائيءَ جو خيال نه هجي. صفائي رکڻ کان وڌيڪ گندگي نه پکيڙڻ ضروري آهي. هتي ڪچري ڦٽي ڪرڻ لاءِ هر هنڌ ڪو نه ڪو دٻو رکيل آهي. ائين نه ته جتي سگريٽ پيتو اتي ڦٽو ڪيو، ميوو کائي، کلون اتي ڦٽيون ڪيون يا چاڪليٽ کائي، ڪاڳر هوا جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنا ته پيا اڏامن. جپانيءَ ۾ چوڻي مشهور آهي ته : هر ماڻهو جيڪڏهن فقط پنهنجي گهر جي اڳيان گهٽيءَ جو حصو صاف ڪري ته سڄو شهر چمڪندو نظر اچي _ هڙتالون ۽ اسٽرائيڪون هتي به ٿين ٿيون. شاگرد پنهنجي غصي ۽ ٿيل نا انصافيءَ جو اظهار هتي به ڪن ٿا پر اسان وانگر هرگز نه، ته ڳالهه ڳالهه تي اسٽرائيڪ. ۽ غصي ڪڍڻ جو اسان وٽ فقط اهو طريقو رهيو آهي ته پبلڪ بسون ساڙجن، قومي عمارتن کي نقصان رسائجي وغيره ۽ ٻين اکرن ۾ پنهنجو پاڻ کي ۽ ملڪ کي ڇيهو رسائجي. ۽ خاص ڪري هر ڳالهه ۽ مسئلي ۾ شاگردن کي دخل اندازي ڪري، پنهنجو قيمتي وقت وڃائي هڙتالون ڪرڻ بلڪل زيب نٿو ڏئي. اسان جو ملڪ ته اڃا ترقي پذير آهي. اسانجو ته هڪ هڪ منٽ قيمتي آهي. اسان کي ته اهو ڪي ڪرڻ کپي، جنهن سان ملڪ ترقي ڪري ۽ ملڪ جي خوشحالي، اسانجي خوشحالي آهي. هتي جا شاگرد به پنهنجي غصي جو اظهار ڪن ٿا، جائز مطالبا مڃرائين ٿا، پر شهر کي بربادي ۽ قومي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ کان هميشه گريز ڪن ٿا. هو اسانجي ملڪ جي شاگردن وانگر ڪڏهن به سياستدانن يا شر پسند عناصرن جو غلط هٿيو بنجي ٻين جي جائز ۽ ناجائز مطالبن لاءِ پنهنجو وقت نٿا برباد ڪن. خبر ناهي ڇو اسان وٽ ٿوري ٿوري ڳالهه تي هڙتال ڪرڻ کي فخر سمجهيو وڃي ٿو. جرمنيءَ ۾ هڪ ڪارخاني ۾ مزدورن سان گفتگو ڪندي مون هڪ کان پڇيو ته توهان هڙتالون ڇو نٿا ڪريو؟ هن جواب ڏنو:

“Because We Cannot Afford it!”

”اسان لاءِ هڪ ڏينهن جي هڙتال به ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ ۾ رنڊڪ وجهندي. جنهن جو اثر وري اسان ديس واسين تي اڄ نه ته سڀاڻي ضرور پوندو ۽ اسان ٻين قومن جي مقابلي ۾ هڪ ڏينهن پٺتي رهجي وينداسين.“

هاڻ ذرا سوچيو، ڪٿي جرمني ڪٿي اسانجو ملڪ. جيڪڏهن جرمني جهڙي ملڪ لاءِ ڏينهن ٻن جي اسٽرائيڪ رنڊڪ آهي ۽ نقصانده آهي ته اسان لاءِ هيتريون اسٽرائيڪون ۽ هيترن ڏينهن لاءِ، ڪيترو خراب آهي. ذرا سوچڻ جو مقام آهي. ڇا اسانجي شاگردن کي ايتري به سمجهه يا پنهنجي قوم يا ملڪ لاءِ پيار ناهي جو هو جرمني جي هڪ اڻ پڙهيل ۽ جاهل مزدور جيترو سوچي سگهن. اسانجي ملڪ جي شاگردن کي چين جي شاگردن مان سبق وٺڻ کپي. چين “China” ۾ مون ڏٺو ته اسڪول مان موڪل بعد سڀ ٻار رستا اچي صاف ڪندا هئا، وڻن جا قلم هڻندا، يا خوش خوش ٿي قومي ترقي لاءِ ٻين ڪمن ۾ مدد ڪندا. هر هڪ رستو ايترو صاف جو ڇا ڳالهه ڪجي. رستي جي ٻنهي ڪپرن تي ٽي ٽي، چار چار وڻن جون قطارون. هڪ هنڌ ته رستي جي هر هڪ ڪپر تي ڏهن ڏهن وڻن جون قطارون به ڏٺم، ڄڻ ٻيلو لڳو پيو هو. پڇا تي معلوم ٿيو ته هي سڀ ڪجهه هتي جي شاگردن جي محنتن جو نتيجو آهي. اسان وٽ ان جي ابتڙ ئي آهي، اسڪول، ڪاليج يا هاسٽل جي صفائي، سٺائي يا اڳيان گلڪاري رکڻ بدران نقصان رسائيندا رهندا. اسانجا شاگرد اسانجي ملڪ جو بيش بها سرمايو آهن. سڄي ملڪ جي مستقبل جون نگاهون اڄ جي شاگرد ڏي جهڪيل آهن ۽ ملڪ جي ترقيءَ جون آشائون ۽ اميدون شاگرد سان وابسته آهن. بهتر ٿئي جيڪر هو اها ذميداري محسوس ڪري، اهو ڪي ڪجهه ڪري ڏيکاري جو سڄي دنيا ۾ باعثِ تحسين ۽ باعث داد ٿئي. اسان جيڪڏهن چاهيون ته اسانجا شهر به روم، پئرس، شنگهائي بنجي سگهن ٿا. بلڪ ان کان به سهڻا، بس فقط هڪ مستقل ارادي جي ضرورت آهي.

ادا، روم جتي ڪجهه ڏينهن اڳ آءٌ هوس، هڪ تاريخي شهر آهي. اٽڪل چار هزار سال پراڻو ٿيندو. هن ۾ توهان کي تمام پراڻي ۽ تمام نئين قسم جون عمارتون نظر اينديون. دنيا جو وڏي ۾ وڏو چرچ ”سينٽ پيٽرس“ به روم ۾ آهي جو واقعي ڏسڻ وٽان آهي. ايترو ته منجهس ڪم ٿيل آهي، جو هڪ ٻن ڏينهن ۾ ته ڏسي نٿو سگهجي! ان کان علاوه ”وٽيڪان“ سِٽي جا دنيا ۾ ننڍي ۾ ننڍي حڪومت آهي ۽ پوپ ٿو حڪومت ڪري، سا پڻ هتي روم ۾ آهي. شهر ۾ جتي ڪٿي تمام وڏا پٿر ۽ ڌاتوءَ جا بت آهن. بگهاڙيءَ جو بت روم جي قومي نشاني آهي. ان بابت چيو وڃي ٿو ته روم ٻن ڀائرن ٺهرايو، جن کي ننڍي هوندي ان بگهاڙيءَ کير پياري وڏو ڪيو شهر جي وچ ۾ سوني گهوڙي جو بت آهي. چيو وڃي ٿو ته جڏهن ان گهوڙي جو سون بلڪل وٽڙي ويندو، ته پوءِ روم ختم ٿيندو. اسان کي گائيڊ هر شيءِ ڏسندو هليو ۽ ڏيکاريندو رهيو. گهوڙو سڄو سون جو ٺهيل نه آهي، پر سونو پاڻي چڙهيل اٿس، جو ڪٿان ڪٿان لهي چڪو آهي. هڪ ساٿيءَ گائيڊ کي ان طرف متوجه ڪري چوڻ لڳو، ”هي سون ته ختم ٿيڻ تي آيو ڪي آيو پوءِ روم _ توهانجو شهر ته ختم ٿي ويندو؟“ سڀ اچي کل ۾ پياسين.

هڪ وڏي عمارت نالي ”ڪمپيڊا گلو“ جا سو کن ويڪرا ڏاڪا هڪ عورت گوڏن ڀر پار ڪري رهي هئي. گائيڊ ٻڌايو ته هتي جي عورتن کي اڃا اهو وهم آهي ته ”ٻار نه ٿيندڙ عورت جيڪڏهن هي سڀ ڏاڪا گوڏن ڀر چڙهندي، ته ٻار ٿي ويندس!“ مون دل ۾ سوچيو ته پوءِ روم ۽ سنڌ جي انهن عورتن ۾ تمام ٿورو فرق آهي، جي جهنڊن ۽ قبرن کي هٿ ٻڌي ٻار جي گهر ڪنديون آهن!

”هيءَ اها جڳهه آهي جتان مسوليني بيهي تقريرون ڪندو هو ۽ هن چؤ واٽي تي ماڻهن جا ميڙي بيهي اهي ٻڌندا هئا“ _ اسان جو گائيڊ اسان کي ٻڌائيندو رهيو. ”هتي نيرو روم کي باهه ڏيئي پوءِ ويهي چنگ وڄايو هو. هيءَ اها جڳهه آهي جتي انگريزي فلم “Fall Of The Roman Empire”  فلمائي وئي هئي، هيءَ مشهور، Reconciliation Street آهي، هي سينٽ ميريا چرچ آهي، هي سينٽ پال چرچ آهي. هي تريوي جو مشهور ڦوهارو آهي. هي سينٽ اينجلو جو پراڻو قلعو آهي.“ سڀ کان وڌيڪ مونکي اهو ننڍڙو ٻيٽ وڻيو، جو شهر جي وچ مان وهندڙ ”تائيور“ نديءَ ۾ هو! سينٽ پيٽر چرچ جي کاٻي پاسي واري عمارت جي ٽيڪ لاءِ ٽن چئن ٿنڀن جون ڪيتريون ئي قطارون هيون ۽ سينٽ پيٽر چؤ واٽي وٽ هڪ اهڙي جڳهه آهي، جتان جيڪڏهن بيهي انهن ٿنڀن ڏي ڏسجي، ته فقط اڳين ٿنڀن جي قطار نظر ايندي، باقي پويون قطارون ٿنڀن جون اڳين ٿنڀن پويان ائين لڪي وينديون جو هڪ به پويون ٿنڀو نظر نه ايندو. اهو عمارت سازيءَ جو وڏو هنر آهي جو پراڻي زماني جي ماڻهن ٺاهيو. مائيڪل اينجلو جون تصويرون پڻ هتي ڏسڻ وٽان آهن.

روم، اٽليءَ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ماڻهن جي زبان اٽلين (Italian) آهي ۽ سڪي جو نالو ”ليرا“ ۽ ”سينٽ“ آهي. اٽلي فياٽ (Fiat) گاڏين کان مشهور آهي. هاڻ بحري ۽ هوائي جهازن لاءِ پڻ اٽلي فياٽ انجڻيون ٺاهي رهي آهي. روم ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ ٻي گاڏي نظر ايندي، نه ته جيڏانهن به نظر ڪبي ته فياٽ ڪارون ئي نظر اينديون. صبح جي وقت هر گهر ۽ بلڊنگ اڳيان خاص ڪري ننڍي سائيز واريون موٽرون ائين بيٺيون هونديون، ڄڻ ته ڪي رانديڪن جا ڍير هجن. روم ۾ گهڻو ڪري هر هڪ کي پنهنجي ڪار آهي. پر ان هوندي به سفر بسن ۾ زياده ڪن، جو اهو وڌيڪ آرام ده ۽ سستو پوي ٿو. جيڪڏهن بس ۾ سفر ڪرڻ بدران هر هڪ پنهنجي پنهنجي ڪار ڪڍي اچي، ته جيڪر رستن تي ٽريفڪ جام ٿي وڃي. هتي جي ڊرائيورن جي هڪ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته تمام خوش اخلاق آهن. پيادن ۽ هڪٻئي جو ڏاڍو خيال ٿا رکن. ڪڏهن به سنگل يا قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪندا. اهو ئي سبب آهي جو حالانڪ اسان کان وڌيڪ هتي جي ٽريفڪ آهي، ته به حادثا گهٽ ٿا ٿين ۽ ساڳي وقت پيادن ۾ پڻ اهو شعور آهي، ته ڪڏهن به غلط جڳهه تان رستو نه اڪرندا ۽ بس ۾ چڙهڻ لاءِ به صحيح ۽ مقرر هنڌ تان چڙهندا ۽ لهندا، پوءِ کڻي کين ڪجهه پنڌ پيدل ان لاءِ هلڻو پوي يا ڪجهه دير ترسڻو پوي. گهڻو ڪري بسون ۽ ٽرامون اليڪٽرڪ سٽي تي هلن. ان ڪري دونهون به گهٽ ٿئي.

عام طرح روم جي ماڻهن ۾ رکائي ۽ شوخي ڏاڍي آهي. ٻين ۾ ته ڇا پر دڪاندارن ۾ پڻ. اسانجي دڪاندارن جي ڇا ڳالهه ڪجي. گراهڪ تان قربان پيا ويندا. هڪ شيءِ بدران ڏهه ڏهه شيون پيا ڏيکاريندس ته من ڪو راڻو ريجهي. پر هتي اها ڳالهه ناهي. زياده تر دڪان ۽ هوٽلون عورتون هلائين. شهر ۾ ڪيترائي ڊپارٽمنٽل اسٽور آهن، جتي سئي سڳي کان موٽر ڪار تائين هر شيءِ ملي سگهي ٿي ۽ شهر جي قيمتن کان قدري گهٽ اگهه تي ملي. اٽلي جي ٻن حصن کان بحرِ روم (مڊيٽيرين سمنڊ) آهي ۽ هڪ طرف کان اڊار ڪٽڪ سمنڊ ۽ وينس ۽ ٽرسٽي جهڙا ڪيترائي خوبصورت بندرگاهه اٿس. يورپ جي ٻين ملڪن وانگر روم ۾ به ڪافي سردي هئي، پر هتي يو گوسلاويا ۾ تمام گهڻي آهي. ڏينهن جو ٻارهين لڳي به گرم ڪپڙا پائي ٿو وڃڻو پوي. هي خط مان توڏي يو گوسلاويا جي اسپلٽ شهر جي ”هوٽل مريان“ مان لکي رهيو آهيان. اسان ٻن ڏينهن کان هن ”هوٽل مريان“ ۾ رهيل آهيون.

سمنڊ جي ڪناري تي هيءَ هوٽل سڄي شهر جي وڏي ۾ وڏي هوٽل آهي ۽ ڪراچيءَ جي هوٽل انٽرڪانٽينينٽل جيڏي ٿيندي. اسان نائين ماڙ تي رهيل آهيون. جتان پوري شهر جو نظارو چٽيءَ طرح ڪري سگهجي ٿو. يو گوسلاويا جيتوڻيڪ سوشلسٽ ملڪ آهي، پر هتي ايتري چين جهڙي سختي ناهي. ماڻهن کي هر قسم جي آزادي آهي ته گهمن ڦرن، کائين پيئن ۽ پهرين. هتي جو سڪو دينار سينٽ آهي. پنهنجو هڪ رپيو اڍائي دينارن برابر آهي. هتي جي زبان يوگوسلاوين آهي ۽ لکڻي جيتوڻيڪ انگريزيءَ جهڙي آهي، پر اچارن ۾ فرق اٿس.

ٻين يورپ جي ملڪن وانگر هتي به مهلنگائي حد درجي جي آهي. معمولي شيءِ جا ڳرا ملهه آهن. ڪالهه هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ وياسين، جتي ٻاهر جي دڪانن کان هر شيءِ سستي ٿي ملي. هتي جا ڊپارٽمينٽل اسٽور ڏاڍا خوبصورت آهن، جي زياده تر ڇوڪريون ٿيون هلائين. ”محبوب ڪلاٿ مارڪيٽ“ ڪراچي جيڏو ٿيندو، ۽ چار منزله هو. مٿي چڙهڻ لاءِ خود بخود مٿي ويندڙ ڏاڪڻيون هيون. هر سيلز گرل کي ساڳيو يونيفارم هو. گراهڪن کان زياده وڪڻڻ واريون ڇوڪريون نظر اچي رهيون هيون. هتي انگريزي ڪو ڪو نه ٿو سمجهي. سو هر ڳالهه لاءِ اشارا ڪرڻا ٿا پون ۽ وات کي ابتو سبتو ٿو ڪرڻو پوي. منهنجو دوست سعيد ته هٿ جا اشارا به ڪندو رهندو آهي ۽ پنجابيءَ ۾ سمجهائيندو به رهندو آهي. جهڙي هنن لاءِ انگريزي تهڙي پنجابي. جيئن اسان وٽ ڪو ڌاريو ايندو آهي ته سڀ پيا ڏسندا اٿس، ۽ ڌاريون ماڻهون پري کان پڌرو، ساڳي ڳالهه اسان سان هتي آهي. اسان سون هزارن ۾ پڌرا. هتي جا سڀ ماڻهو قداور ۽ تندرست آهن. سرد ملڪ آهن ان ڪري خوب گورا يا ڳوڙها آهن. ننڍي هوندي ڪهاڻين ۾ پڙهبو هو ته راڻي سلامت يا شهزادي صاحبه ايتري ته سهڻي ۽ اڇي هئي جو پاڻي پيئندي هئي سو به پيو ڳچيءَ مان نظر ايندو. يا ٻين لفظن ۾ ”انڊس فئڪٽري“ ۾ ٺهيل هئي. بهرحال اهڙين راڻين يا شهزادين جو وجود سچو آهي، ته اهي پڪ هتي يو گوسلاويا جي ڪپهه جهڙين گورين سان تعلق رکندڙ هونديون. اسان کي ته هتي جي ماڻهن جي مقابلي ۾ بلڪل ڪارو سمجهج. ڪالهه ڏاڍو مزو ٿيو، شاپنگ سينٽر ۾ ٻه ڇوڪريون مستقل اسان ڏي ڏسي مسڪرائي رهيون هيون. ڪجهه پڇڻ ٿي چاهيون، پر غير واقفيت جي ديوار کين روڪي رهي هئي. آخر انهن مان هڪ دل ٻڌي اڳتي وڌي ۽ معصوميت سان پڇڻ لڳي، ”ڇا توهان آفريڪا جا شيدي آهيو-؟“

وڏي ادب سان جواب ڏنو مانس، ”پرين جي ڪهاڻين جي خوبصورت شهزادي، اسان افريڪن نه پر ايشين (Asian) آهيون. افريڪن اسان کان به ڪارا ٿيندا آهن.“ منهنجي انڪساريءَ تي شايد ٿورو مٿي تي چڙهي ويئي. چوڻ لڳي، ”آءٌ جيڪڏهن پاڪستان، ڪينيا، يا سلون وڃان ته جيڪر اتي جي ”مِس بيوٽي “ Miss Beauty” سڏجان.“

چيومانس، ”گهڻو خوش فهمي ۾ مبتلا نه ٿي. جيڪڏهن چٽي ۽ ڀوري چمڙي سونهن جي نشاني هجي ها ته هندستان جي مِس فرح ريتا ڪڏهن به عالمي حسن ۾ (Miss Universe)  نه منتخب ٿئي ها. مجنون ڪڏهن به سانوري صورت ليليٰ تي عاشق نه ٿئي ها.“

شام جو واپس هوٽل ۾ پئي آياسين ته هڪ گهٽيءَ مان اوچتو ٽي عورتون نڪتيون. سندن ڪپڙا ٻين وانگر نه هئا. پر بلڪل سادا ۽ الڳ فئشن جا. کين اسڪرٽ يا پتلونون نه هيون. پر ٽنهي کي مختلف ڳوُڙهن رنگن جا پڙا اوڍيل هئا، جي اسان وٽ اڪثر باگڙي فقيراڻيون پائينديون آهن. هٿن ۾ ڪپڙي جون رنگين ڳوٿريون هئين. هڪ کي ته ڪڇ ۾ هڙ هئي، شڪل ۾ صفا معصوم ۽ اکين مان ساديون لڳي رهيون هيون. اسان سمجهيو ته اهي هتي جون ڪي پينو فقيراڻيون آهن، پر پوءِ معلوم ٿيو ته هي ڳوٺاڻيون عورتون آهن ۽ ڀر واري ڳوٺ کان شهر ۾ خريداري وغيره لاءِ آيون آهن ۽ شهرن جي ماڻهن وانگر چالاڪ يا شوخ نه آهن. روم ۾ به هڪ دفعو اهڙي قسم جو واقعو درپيش آيو. شايد سڄي دنيا جي ڳوٺن جا ماڻهو هڪ جهڙا سادا، معصوم ۽ سٻاجهڙا ٿين ٿا.

هتي يورپ ۾ پري کان ته معلوم ئي نٿو ٿئي ته مرد آهي يا عورت! وار ٻنهي جا ننڍا ۽ اڄڪلهه سردي آهي، سو سڀ اوورڪوٽ ۾ ڍڪيل، سو سڃاڻپ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. ڪن ڪن کي ته ويجهو ڏسندي به خبر نٿي پوي ته آيا عورت آهي يا مرد.

هتي جون مارڪيٽون ڏسڻ وٽان آهن. هر قسم جي ڀاڄي صاف ۽ تازي. پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ ٿڌن ڪٻٽن ۾ محفوظ رکيل. گوشت جا مختلف حصا الڳ الڳ پاڪيٽن ۾ رکيا هوندا ۽ مٿان قيمت لکي پئي هوندي. جنهن کي جيڪو کپي اهو کڻي پئسا رکي. ڪن ڪن هنڌن تي هتي (۽ روم ۾ پڻ) ڏٺم ته دڪاندار به نه آهي. مختلف ڪٻٽ ٺهيا پيا آهن. ان ۾ جا شيءِ رکيل آهي ان جي شڪل ٻاهران ٺهي پئي آهي. قيمت جو سڪو مٿان سير مان وجهو ۽ هيٺان ٽافيون چاڪليٽ گرم گرم ڪيڪ، پسٽريز، چانهه، ڪافي يا مشروبات لفافي ۾ پارسل ٿي ٻاهر اچي نڪرندا. ڪيترن هنڌن تي، آفيسن، ايئرپورٽ تي آٽوميٽڪ کلندڙ دروازا عام جام آهن. اڃان ماڻهو ٻه قدم کن دروازي کان پري هوندو ته دروازي جا ٻئي طاق پاڻهي کلي ويندا ۽ گذرڻ بعد بند ٿي ويندا.

يوگوسلاويا مشينري کان مشهور آهي. انڪري مشينري کان علاوه هر شيءِ مهلنگي آهي. اسان جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ گهمڻ ڦرڻ جو خرچ هتي جي شپ يارڊ بلي آهي، جيسين جهاز تيار ڪري اسانجي حوالي ڪن. ان بعد هوٽل ڇڏي جهاز تي وڃي رهنداسين ۽ ٻئي ڏينهن هتان لنگر کڻي ٻئي ملڪ هليا وينداسين.

ڪالهه هوٽل جي رسيپشنسٽ (Receptionist) فون ڪري پڇيو ته هڪ دڪاندار معلوم ٿو ڪرڻ چاهي ته هتي جي هٿ جو سامان وٺندئو. هتي اهڙين شين جون قيمتون ايتريون ڳريون آهن جو ان کان ته هالا جا خوبصورت جنڊي ۽ ڪاشيءَ جا ٽپڙ سوين دفعا سستا آهن! دل ۾ چيم اسان وٺي ڇا ڪنداسين، اسان پاڻ ئي پنهنجي دل هٿن تي رکي چندر جو راڳ ڳائيندا وتون.

دل آهي هٿن ۾ ٿو خريدار ڳوليان.

سو فون تي انڪار ڪري چيومانس، ته :توکي پاڻ اسانجي دل و جان جو ڪو قدردان خريدار ملي ته ان کي اسان ڏي موڪلجانءِ.

ادا، هيءَ هتي جي خوبصورت ۽ وڏي هوٽل آهي، جنهن ۾ هر وقت ٻاهران سياه رهڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. انگريزي فلمن جو لوڪ پريه اداڪار ڊرڪ بو گرڊ ۽ يول برينر به هن پاسي جا آهن. ڪالهه يول برينر ڊنر تي پنهنجي ٻين هالي ووڊ جي مهمانن سان هتي آيو هو.

هتي يورپ جي ملڪن ۾ اسان جي ملڪن وانگر آسمان هميشه صاف ڪو نه رهي. سج يا چنڊ جو ته ڪڏهن ڪڏهن ديدار ٿو نصيب ٿئي، نه ته هر وقت جهڙ ۽ بارش لڳي رهي ٿي. ساڳيو عالم سمنڊ تي پڻ هو. پاڻ کي هتي جي بارش مان مزو بلڪل نٿو اچي. ڀلا اها به ڪهڙي بارش، جنهن جي ڪري گپ يا چڪڻ نه ٿئي. اها به ڪهڙي بارش جا سڄو سڄو ڏينهن وسي ته به رستا بلڪل صاف ۽ موٽر گاڏين جي ڦيٿن تائين به پاڻي نه رهي! دراصل ان ۾ هتي جي انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن جو ڏوهه آهي. جن رستا ۽ فوٽ پاٿ اهڙي نموني سان ٺاهيا آهن جو مينهن جو سمورو پاڻي وهيو وڃي ۽ اهڙا مضبوط رستا ٺاهيا اٿن، جو هيتري مينهن هوندي به رستن تي کٻا کوٻا نٿا ٿين. ڪنهن موٽر لاريءَ جي ترڪڻ يا گپ ۾ ڦاسڻ جو امڪان نه ٿو ٿئي. هڪ اسان جو ڳوٺ به آهي. ”بارش پوي ڇهه ڪلاڪ ته ڇنو ٽمي ڇهه ڏينهن“ جي مصداق اڌ ڪلاڪ اندر وچ مارڪيٽ ۾ ٻارن جي ترڻ لاءِ سوئمنگ پول ٺهي ويندا آهن ۽ توهان کي هتي جا ٻار بهترين تارو ملندا. ٿي سگهي ٿو ته اهو ئي سبب آهي جو سنڌ مان، سڀ کان وڌيڪ نيويءَ  ۾ پنهنجي ڳوٺ جا آهن! __ ولله اعلم باالثواب.

__ تنهنجو پنهنجو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org