ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
.......
ماستر هريام ڳوٺ جي مڙني وڏن جي پسنديده شخصيت هو. جيتوڻيڪ ننڍا
نيٽا مٿس چرچا گهٻا پڻ ڪندا هئا. پاڻ ڏکڻ ٿائلينڊ
جي ٻهراڙيءَ واري هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو.
ننڍي هوندي کان وٺي، جڏهن اڃا هو ڳلن ڳاڙهو نوجوان هو، ويندي
ڦوهه جوانيءَ تائين، هن کي ڪڏهن به، پنهنجي اوسي
پاسي جي پررونق علائقي ۾ قدم رکڻ جو موقعو نه مليو
هو. وڌ ۾ وڌ واپار يا گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرندو هو. سو
ڀرپاسي واري ڳوٺڙي تائين. شهرن جي رنگينين کان ته
هوءَ ونءُ ويندو هو. هن جو اهوئي چوڻ هو ته اهڙين
وڏين جاين تي رهندڙ ماڻهو جراثيم کڻي هلن ٿا ۽ اتي
لاريون مٽرون ماڻهن کي ٽڪر هڻنديون وتن. ان ڪري
انهن جڳهين ۽ شهرن کان پاسو ڪرڻ کپي.
پر پوءِ هڪ ڏينهن ٿائلينڊ جي ماسترن جي ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ
حڪومت طرفان کيس بئنڪاڪ وڃڻ جي دعوت ملي ته اسان
جو يار- ماستر هريام، خوشيءَ منجهان ڪپڙن ۾ نه پئي
ماپيو. هو پنهنجي منهن ڪيترائي دفعا چوڻ لڳو.
آخر ڪار مون کي بئنڪاڪ گهمڻ جو موقعو ملي ويو. اعتبار ئي نٿو
اچي.“
ان وقت پاڻ پنجونجاهه سالن جو پوڙهو اچي ٿيو هو- جيتوڻيڪ هو ان
عمر کان گهڻو چڙهي چڪو هو، جنهن ۾ ايندڙ ويندڙ
ڇوڪريءَ کي هروڀرو اک ڀڃڻ تي دل چوندي آهي. پر
تڏهن به هو ڇا چوندا آهن ته بنهه نه کان دير سان
وري به بهتر. سو ان فلسلسفي ۽ سوچ مطابق پنهنجو
پاڻ کي ڌتاري هو بيحد گهڻو خوش ٿيو.
پنهنجي ان خوشي جي اظهار کي لڪائڻ جي هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي.
ان ڏينهن تي جڏهن هو بئنڪاڪ روانو ٿي رهيو هو ته هن ديسي پوشاڪ
پهرڻ بدران ولائتي ڊريس- يعني سوٽ ڪوٽ پاتو- جيڪو
گهڻو اڳ ٺهرائي رکيو هو ته ڪڏهن ڪا ماڊرن شادي ٿي
ته ان ۾ پائيندو. گهڻي وقت کان استعمال نه ٿيڻ ڪري
ان تي پڪا سنڌا ڄمي ويا هئا. هن ان سوٽ تي ننڍين
ٻانهن واري اڇي رنگ جي قميص پاتي. جيتوڻيڪ هن
ڊگهين ٻانهن واري قميص پائي ان تي گلن واري ٽائي
ٻڌڻ چاهي ٿي، جيڪا هن اهڙي موقعي لاءِ ڳجهه ڳوهه ۾
خريد ڪري لڪائي رکي هئي. پر هن کي دل تي هُريو پئي
ته سندن ڳوٺ جا ڇورا اهڙا نڀاڳا آهن جو اڳ ۾ به
جڏهن هن ٺٺ ٺانگر وارو ڪو وڳو پاتو ٿي ته هو کيس
چرچن ۽ ٽوڪن سان ورائي ويا ٿي. چي: ”واهه سائين
واهه! چاچا ماستر ٿورو خيال سان هلجو، متان ڪو ڪتو
ڀلجي کڻي دسانوَ.“
سو اهو سوچي هن وڌيڪ شوبازي ڪرڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. اهي فيشن
ڳوٺ کان پري بئنڪاڪ پهچي ڪري سگهيو ٿي. سندس غير
موجودگيءَ ۾ سڄو ڳوٺ مٿس تبصرو ڪندو رهيو. ڳوٺ
وارن کي اها هورا کورا هئي ته بئنڪاڪ جي جيتري
تعريف ٻڌي ويئي آهي. اهو واقعي اوترو عجيب ۽ وڏو
شهر آهي يا نه. ۽ آيا اهو شهر گهمي اچڻ بعد سندن
ڪراڙي ماستر صاحب تي ڪو اثر ٿيندو يا نه.
هن تي اثر ضرور ٿيو.
هن جي واپسيءَ تي ماڻهن غور ڪيو ته بئنڪاڪ کان موٽڻ بعد ماستر
صاحب جي هلڻي ئي ڦري ويئي آهي. سڌو ٿي هلڻ بدران
هو ڪلهن ۽ ٺونٺين کي ٿورو اڳيان ڪري هليو.
گهر پهچندي پهچندي ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻهو سندس چوڌاري اچي گڏ
ٿيا. مرد، عورتون، ٻار ويندي ڪراتوئي (کدڙا) پڻ.
وان نالي هڪ نوجوان ڇوڪري، ننڍ وڏائيءَ جو خيال نه
رکندي ٺهه پهه چئي ڏنس: ”چاچا ماستر! اهو ٺونٺين
کي اڳيان ڪري هلڻ سان بغلن کي هوا ٿا ڏيو ڇا-؟“
۽ چاچي هريام شڪي ٿي، يڪدم ڪلها کڻي پٺيان ڪيا ۽ دل ئي دل ۾
آئيندي وڏو ماڻهو ٿي ائين هلڻ جو ارادو ئي لاهي
ڇڏيو. پوءِ ڳوٺ جي گڏ ٿيل ماڻهن کي چوڌاري وهڻ ۽
ٿوري دير ترسڻ لاءِ چيو.
ان بعد ڪمري ۾ وڃي، سوٽ لاهي ڪاري رنگ جو ڍلو ڍالو پجامي نموني
جو وڳو چاڙهي ان مٿان بافتي جي گنجيءَ جهڙي ٿائي
نموني جي لنڊي قميص ۽ ڪلهن تي پوتڙو رکي ٻاهر آيو
۽ اکيون ڦاڙي هن کي غور ۽ تعريفي نگاهن سان ڏسندڙ
ماڻهن جي ميڙ جي وچ ۾ ويهي، هن ڏٺو ته سندس زال جو
منهن خوشيءَ مان کوهه جي پڳهه جيڏو وڏو ٿي پيو
آهي. هوءَ پنهنجي مڙس کي ايڏي گهڻي اهميت ملندي
ڏسي فخر محسوس ڪري رهي هئي. ميڙ مان ماڻهن ڳالهائڻ
شروع ڪيو.
”اسان جي ماستر صاحب ڏي ڏسو. هو ساڳيو ئي سادو لڳي رهيو آهي
جهڙو هتان ويو هو. پاڻ جيتوڻيڪ ٿائيلينڊ جي گاديءَ
واري هنڌ بئنڪاڪ مان موٽي آيو آهي، پر هن ۾ تر
جيتري به تبديلي نه آئي آهي.“
”ايڏيءَ پڪ سان به نه چئه. هن کي پهرين ڳالهائڻ ته ڏي. ٿي سگهي
ٿو ته هن کي پنهنجو ڏاکڻو لهجو ئي وسري ويو هجي، ۽
هاڻ هو فقط اترادي (بئنڪاڪي) لهجي ۾ ڳالهائي.“
”هُن عورت وانگر جنهن ٽن هفتن لاءِ بئنڪاڪ جي هڪ پوليس واري سان
شادي ڇا ڪئي، کانئس پنهنجو ڳوٺاڻو لهجو ئي وسري
ويو ۽ اها ته اصل هئي ڪير-؟ هڪ چالو عورت.“
”جي ها. ان عورت وانگر.“
سائين! بئنڪاڪ ۾ ڀلا ڪا لست ورتوَ؟“ هڪ پڇيو.
”سائين! اهو ٻڌايو ته اتي توهان ڇا ڪيو ۽ ڇا ڏٺو.“ يڪدم ٻئي
سوال ڪيو.
”۽ بئنڪاڪ جون ڇوڪريون ڪيئن آهن؟ مون ٻڌو آهي ته هو پنهنجي
سونهن سوڀيان کان مشهور آهن.“ هڪ ٽئي ڄڻي پڇيو.
ماستر صاحب پهرين هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ پوءِ هٿ کڻي هڪ ئي وقت
ايترا سوال پڇڻ بدران هڪ هڪ ڪري پڇڻ لاءِ چيو. ان
بعد وڏي اعتماد ۽ لئه سان ڳالهائڻ شروع ڪيو:
”جيتوڻيڪ بئنڪاڪ ۾ رهي مون ڪافي ڪجهه پرايو پر
افسوس جو بئنڪاڪ شهر مان آئون ڪو خاص خوش نه
آهيان.“
”اهو وري ڪيئن-؟“ ويٺل ميڙ مان هڪ پڇيو.
”ڇو چاچا ماستر-؟“ ٻئي پڇيو.
”بئنڪاڪ شهر تمام اڳتي وڌي ويو آهي. پئسي ڏوڪڙ ۽ مال ملڪيت جي
لحاظ کان هن ايڏي ترقي ڪئي آهي جو ماڻهو وائڙو ٿيو
وڃي.“ ”ماستر هريام ٻڌايو.
”غريب ويچارو بئنڪاڪ! ان ۾ ڀلا ان جو ڪهڙو ڏوهه.“ اڳيان ويٺل
وان رمارڪ ڏنو.
”بڪ بند ڪر، وان! نه ته مان ڪجهه به ٻڌائيندوسانءِ.“ ماستر
هريام وان کي ڇنڊ ڪڍندي چيو. ۽ ساڳي وقت ڪلهي تان
پوتڙو لاهي کيس هنيو. هن کي اهاڳالهه بنهه نٿي وڻي
ته جڏهن ٻيا سڀ کيس غور سان ٻڌي رهيا هجن ته وچ ۾
هي ڇورو ڳالهائي سندس لئه خراب ڪري.
”توهان کي بئنڪاڪ شهر ۾ خوشي هرگز نظر نه ايندي. لارين موٽرن جي
گوڙ سان ڄڻ ڪنن جون دهلڙيون ڦاٽن ٿيون. وڏين وڏين
عمارتن ۾ گهر ۽ آفيسون آهن پر هر وقت در ۽ دريون
بند رکڻ ڪري سج چنڊ جي روشنيءَ جو ته گذر ئي نٿو
ٿئي. بئنڪاڪ جو سڄو شهر ڄڻ پٿرن، سرن ۽ سيمنٽ جو
ٻيلو آهي.“
اهو چئي ماستر هريام ٿوري ساهي کنئي ۽ چوڌاري ويٺل ماڻهن تي نظر
وڌي ته آيا هنن سندس نئون گهڙيل اصطلاح: پٿرن سرن
۽ سيمنٽ جو ٻيلو“ سمجهيو يا نه. پر هن ڏٺو ته اها
ڳالهه ڪنهن به نه سمجهي ۽ ان جي سمجهڻ بناڪو حيران
پريشان ٿيو.
”بئنڪاڪ ۾ ڪابه قدرتي سونهن ناهي جنهن کي توهان کڻي ڏسو. جيڪڏهن
لڏندڙ سارين جو فصل يا ننڍاکڙين نيڻن واريون
پنهنجيون ساهيڙيون: ڍڳيون مينهون ڏسڻ چاهيو ٿا ته
ان لاءِ توهان کي ٽئڪسي جو ڳرو ڀاڙو ڏيئي شهرکان
گهڻو گهڻوپري وڃڻو پوندو.“
”اتي جا ماڻهو پنهنجن ئي ڪمن ۽ خفن ۾ رڌل رهن ٿا. هنن کي توهان
سان ملڻ يا دوستي رکڻ جي پرواهه ئي ناهي. بس هر
وقت ڀڄ ڀڄان ۾ نظر ايندا. پاڻ وانگر ڪنهن هڪ هنڌ
ويهي، ڪا قربائتي ڪچهري ڪرڻ جو ته کين وقت ئي
ناهي.“
”پر چاچا هريام ائين به نه هوندو. هنن وٽ ڪجهه نه ڪجهه وقت ضرور
هوندو.“ وان جي ڀرسان ويٺل هڪ ٻئي ڇوڪري جوزف وچ ۾
ڳالهايو، ”مون کي پڪ آهي ته هنن وٽ وندر جون
گهڙيون گهارڻ لاءِ پاڻ کان وڌيڪ عياشيءَ جو سامان
موجود آهي.“
تنهنجي اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي. واندڪائيءَ جي وقت ۾ بئنڪاڪ جا
ماڻهو مالش گهرن ۾ وڃن ٿا. آئون هڪ ۾ ويوهوس.جنهن
لاءِ مونکي سؤ ڀات ڏيڻا پيا هئا. مون کي ته اڃا
تائين سمجهه ۾ نٿو اچي ته هتي ايتري مهنگائي ڇو
آهي. پاڻ وٽ ته ڪنهن کي مالش لاءِ چئه ته ڏهه ڀات
کن مس وٺي ٿو. ها اهو ضرور آهي ته اتي جون ڇوڪريون
توهان کي وهنجارين به ٿيون. جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ نٿو
ٿئي. پر ان لاءِ توهان کي هنن اڳيان سڄو اگهاڙو
ٿيڻو پوي ٿو. هڪ ته پئسا ڏجن ٻيو وري اگهاڙي ٿيڻ
جي جٺ سهجي.“ هو کين اهو ٻڌائڻ کان نٽائي ويو ته
پاڻ وٽ ڳوٺ ۾ ته مالش ڪرڻ واريون پوڙهيون پڪيون
مرد نما عورتون آهن. پر بئنڪاڪ ۾ اهو ڪم ننڍيون
نيٽيون ۽ نازڪڙيون ڪن ٿيون جن کي پسڻ سان اکيون ئي
ٺريو پون.
”آئون ته ڪڏهن به ان جو جيڪر نه سوچيان ته ڪيترا پئسا ڀرڻا پون
ٿا.“ وان خوابن جي دنيا مان ڳالهايو.
”سو انهن ڪمن مان آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته بئنڪاڪ جي
ماڻهن ۾ ڪوبه شرم حياءَ نه رهيو آهي!“ استاد هريام
منهن کي موڙو ڏيندي ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو.
”چاچا ماستر! ڇوڪرين ۾ به- ؟“ هڪ سورهن سالن جي ڇوڪريءَ پڇيو.
”اتي جون ڇوڪريون ته سڀ کان ويل آهن پر انهن جي ذڪر تي پوءِ ٿو
اچان. پهرين اهو ٻڌو ته بئنڪاڪ جا امير ماڻهو ڪيڏي
حد تائين بيوقوف آهن. هو وڏن گهرن ۾ رهن ٿا پر ان
جا در ۽ دريون بند ڪريو ڇڏين. نتيجي ۾ قدرتي تازي
هوا کان محروم رهن ٿا. پوءِ گهر کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ
ڀت ۾ لڳل وڏي گوڙ گهمسان واريون مشينون هلائين ٿا.
در دريون نه کولڻ ڪري گهر ۾ رڌ پچاءَ مهل ايڏي ڌپ
ٿئي ٿي جو ڄڻ بيهوش ٿو ٿجي. توهان ئي سوچيو ته
جڏهن در دريون بند هونديون ته اها ڪيئن ٿي ٻاهر
نڪري سگهي.“
”ڀلا هنن جون هوٽلون ڪيئن آهن؟“هڪ ٻي ڇوڪريءِ سوال ڪيو. ”ڇا
بئنڪاڪ ۾ به اسان جي ڳوٺ جي هوٽلن وانگر کاڌي جي
ميزن تي ٻليون ويٺيون هونديون آهن يا نه؟“
.... ۽ ميزهيٺان ڪتا ڪتيون چم چٽ ڪري رهيا هوندا آهن.“ميڙ مان
هڪ ٻئي نينگر سُر کڻائيندي چيو.
”اتي ڪتا ته نه.“ چاچي ماستر وراڻيو، ”پر البت ڪي ڪي جوڙا ڪٿي
ڪٿي پيار ونڊيندي ضرور نظر آيا ٿي. اڳتي هلي وڌيڪ
ڇا حال ٿئين، ان بابت چئي نٿو سگهان. باقي في
الحال اڄڪلهه ڳائڻيون هڪ ته ڪپڙا تمام گهڻو
بيهودا پائين. ويندي ڪي ڪي ڇوڪريون اسڪرٽ بيحد
استعمال انگيز حد تائين ننڍا ٿيون رکن. ۽ ٻيو ڊانس
ڪرڻ وقت اهڙا شرمناڪ دعوتي اشارا ڪن ٿيون جو ڪو
سوچي به نٿو سگهي.“
”دعوتي اشارا-! چاچا ماستر اهي ڪيئن؟ ڀلا ڪهڙيءَ طرح؟“ هڪ ٽرڙي
ڇوڪري اٿي بيهي چاچي پوڙهي کان پڇيو.
”چڱو چڱو هاڻ گهڻو ئي ٿيو.“ ماستر هريام کيس ماٺ ڪرائيندي چيو،
”هاڻي مونکي وڌيڪ نه کول.“
ميڙ ويٺلن نوجوانن هڪ ٻئي ڏي ڏسي ٽهڪ ڏنا.
”بئنڪاڪ جي ماڻهن کي پنهنجي صفائي رکڻ جو تمام گهڻو اونو نظر
اچي ٿو.“ ماستر صاحب وڌيڪ شروع ٿيو. ”جيئن ئي
توهان ڪنهن هوٽل ۾ گهڙندؤ ته بئرو توهان کي هڪ
خوشبودار آلو ٽوال هٿ منهن صاف ڪرڻ لاءِ آڻي
ڏيندو. مون سان گڏ رهندڙ هڪ ماستر صاحب هڪ ڏينهن
ان ٽوال کي چڱي طرح استعمال ڪيو. ٻئي ڏينهن هن جون
اکيون سُڄي سنگترا ٿي پيون. ٽوال ۾ ڪي جراثيم هئا.
پوءِ هن کي اکين جي علاج لاءِ ڪيتروئي ناڻو خرچ
ڪرڻو پيو. ان تان مون کي ياد آيو ته بئنڪاڪ جو
ڊاڪٽر رڳو اکين جا کوپا مٿي کڻي منٽ ڏسڻ لاءِ ڏيڍ
سؤ ڀات وٺي ٿو. ان کان علاوه دوا تي ڌار خرچ.
بئنڪاڪ ۾ وڃي رهڻ جو متان ڪڏهن سوچيو اٿاوَ.“
”ماستر هريام! ڇا واقعي سچ ٿا چئو-؟“
هريام ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي.
”بئنڪاڪ ۾ ايترا ته اڻ ڳڻيا ماڻهو رهن ٿا جو ڪنهن جي به زندگيءَ
جو ڪنهن کي ڪو قدر ناهي. ڪو مري ته مري وڃي. ٻئي
کي ان جي ذري به پرواهه ناهي. هڪ ڏينهن ته ڪار
واري، سوڙهي گهٽيءَ مان ايندڙ ماڻهوءَ کي اهڙو ته
زور سان ٽڪر هنيوجو واٽهڙو اتي رستي تي ئي مري
ويو. مون ڏٺو ته ان تي ڪنهن کي به ڪهل نه آئي. مون
کانسواءِ ڪو ٻيو سندس ويجهو به نه آيو. پر آئون
ڌاريون ماڻهو ڇا ٿي ڪري سگهيس. مون کي ته نه
اسپتال جي خبر نه رستن جي ڄاڻ.“
اهو ٻڌي سڀ تپرس ۾ پئجي ويا. ڪا دير ڪنهن لفظ به نه ڪڇيو آخرڪار
وان جي ڀر ۾ ويٺل هڪ ٻئي نوجوان ڳالهه جو موضوع
بدلايوِ:
”چاچا ماستر! اسان کي بئنڪاڪ جي ڇوڪرين بابت ٻڌايو. اهي ڪهڙا
ڪپڙا پائين ٿيون؟ اهي ڪيئن هلن ٿيون؟“
”اهي ڪهڙا ڪپڙا پائين ٿيو! ڪي بنهه ننڍڙا اسڪرٽ (پڙا) پائين
ٿيون. ايتريقدر جو اڳيان جهڪڻ سان سندن ڪڇا نظر
اچن ٿا. ڪي پيرن جي مرين تائين ڊگھا ته ڪي گوڏن
تائين بهرحال پڙا کڻي ڪنهن به ڊيگهه جا پائين پر
منجهائن چالو قسم جون ڇوڪريون ڳولڻ ڪو ڏکيو ڪم
ناهي. ساڳيو حال مٿئين فراڪ (چولي) جو آهي. جيڪي
ڊگها پائين ٿيون اهي وري واٽ ويندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ
لاءِ اڳيان پويان يا پاسي کان چاڪ ايترو ڊگهو،،
دُن تائين يا ڇاتيءَ تائين کولي هلن ٿيون جو ڏسڻ
وارو پهرين نظر سان هنن تي موهٿ ٿيو وڃي. ٻڌو
پيون. منهنجي ڳوٺ جو ڇوڪريون. توهان کي انهن کان
سبق سکڻ کپي ۽ ڪڏهن به هنن جيان هلڻ جي ڪوشش نه
ڪجو.“
ننڍن همراهن کي پوڙهي ماستر جي ڳالهه نه وڻي. خاص ڪري وان کي،
جنهن ٺهه پهه وراڻيو. ”پوڙهن جي اها عادت چڱي جو
پنهنجو وقت لئه ۾ گذاري هاڻ ٻين کي ويٺا نصيحتون
ڪن ته هيئن به نه ڪريو هوءَ به نه ڪريو. اسان
نوجوان ڇا ٿاچاهيون اهو کين هرگز خيال نٿو اچي.“
هريام هن جي ڳالهه کي ڪن ٽار ڪري پنهنجي ڳالهه جاري رکي: ”۽ هو
هلن ڪيئن ٿيون؟ ڪجهه ڪجهه توهان ڇوڪرين وانگر. پر
وڌيڪ اُڀو ٿي ۽ وڌيڪ نازڪ نخري سان. مون ته توهان
کي اهو شروع ۾ ئي ٻڌايو، يا نه، ته بئنڪاڪ جي
ماڻهن ۾ هاڻ ڪوبه شرم حيا نه رهيو آهي؟ ان جي
ثابتي بئنڪاڪ جي ڇوڪرين جي چال مان ملي سگهي ٿي جن
مان هر هڪ پنهنجو پاڻ کي ماڊل سمجهي ٿي. اڄڪلهه هو
ميوزڪ تي نانگ وانگر ور وڪڙ کائي پنهنجي شهوت
انگيز ڪپڙن ۽ ڪڇن جو نظارو ڪرائين ٿيون. توهان سان
ڳالهائڻ وقت سينو تاڻي اُڀو ٿي بيهن ٿيون ته لڳي
نٿو ته ڪي هو عزت واريون آحن. بئنڪاڪ ۾ وڃي رهڻ جو
ته ڪڏهن به دل ۾ ڌيان نه آڻجو نه ته توهان به انهن
ئي جهڙيون بي حيا ٿي پونديون.“
ماستر هريام اهو چئي پنهنجن ڪلهن کي ٿورو لوڏيو ۽ هيئٺين چپ کي
چڪ هڻي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو. پر محفل ۾ ويٺل
نوجوان ڇوڪرن جي اکين ۾ ڄڻ نشي کان خمار چڙهي رهيا
هئا.
وان، چياپ ۽ ٻين هيڪاندن ڏنگن ڇوڪرن جو ته وات پاڻي ٿي رهيو هو.
ماستر هريام پنهنجي منهن سوچڻ لڳو: ”هميشه ڇوڪريون ئي آهن جيڪي
پنهنجن واهيات نخرن ۽ جسماني اوگهڙ ذريعي مردن جي
جنسي خواهشن کي اُڀارين ٿيون. ۽ پوءِ جڏهن هو آپي
مان نڪري هنن سان ڪجهه ڪري ويهن ٿا ته هنن کي
’جنسياتي وحشي‘ جهڙا خطاب ڏيئي جيلن ۾بند ڪيو وڃي
ٿو. يا چريو سمجهي نفسياتي علاج جي لائق سمجهيو
وڃي ٿو. ڊاڪٽر، نفسياتي ماهر، ڪردار جو ڇيد ڪرڻ
وارا ملان مولوي، پروفيسر پنڊت ڪيتريون ئي ڳالهيون
ڪن ٿا ته انهن پاڳل ۽ وحشي ڪمن لاءِ جوابدار فقط
مرد ئي آهن ۽ ان جو ڪارڻ گهڻو اوچو کاڌو، راند
روند ۽ ورزش کان پري ڀڄڻ، هڪ گهرجو ٻئي گهر سان
مليل هجڻ، ڳتيل آدمشماري، پيريءَ ۾ مرد کي شهوت
ذري جو وري اچڻ چيو وڃي ٿو ڪوبه ان بابت عورت ذات
کي ڏوهاري نٿو سمجهي. ڪوبه ان گوڙ گهمسان جو سبب
عورت کي قرار نٿوڏ.ئي!“
ٻئي ڏينهن تي هريام جي زال کي هڪ ڄاتل سڃاتل هٿ لکڻيءَ ۾ هڪ
نياپومليو.
”منهنجي ڳولا ڪرڻ اجائي آهي. آئون هميشه لاءِ بئنڪاڪ رهڻ لاءِ
وڃان پيو- هريام.“
پينسري ڪائين سري
(Pensri Kiengsiri)
]هن
ٿائي افساني- ’ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ‘جي ليکڪا
پينسري ڊاڪٽر (فزيويٿراپسٽ) آهي. جنهن آسٽريليا
مان تعليم حاصل ڪئي. اڄڪلهه پاڻ ٻي ڪا نوڪري ڪرڻ
بدران سڄو وقت لکڻ پڙهڻ کي ڏئي ٿي. سندس افسانن جا
ٽي مجموعا ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه پاڻ ڪيترائي
ناول پڻ لکيا اٿس.جن مان پنجن تي فلمون ۽ هڪ تي ٽي
وي سيريز ڊرامو ٺهي چڪو آهي. پاڻ ٿائلينڊ جي
انگريزي اخبار
Bangok- Pos لاءِ ڪالم پڻ لکي ٿي.[ |