خوش نصيب وڇوڙو
اخبار نويس مان تعلقات عام آفيسر ٿيڻ، ۽ پوءِ ان اشاعتي ڪمپنيءَ
جو مئنيجر ٿي ڪم ڪرڻ، مون لاءِ ڪو گهڻو مٿي جو سور
نه هو. ڪُميءَ وانگر صابر ۽ ماٺيڻي طبيعت جو آئون
به ڪونه هوس جنهن کان ايري غيري ڪڪڙ ڌاڪو ڄمائي
زندگيءَ جي بازيءَ ۾ گوءِ کڻي وڃي. ڪُميءَ ۽ ڪڪڙ
جي ڳالهه ته ٻڌي هوندَوَ ته ڪمي هڪ ئي وقت ڏهه
هزار بيضا لاهي ٿي، پر ماٺ مٺوڙي ۾ لاهڻ ڪري ڪنهن
کي خبر به نٿي پوي. هوڏانهن ڪڪڙ فقط هڪ بيضو لاهڻ
لاءِ ڪيڪري ڪيڪري سڄي جهان کي اطلاع ڪري ٿي، ڄڻ ته
ڪو وڏو ڪم سرانجام ڏيئي رهي هجي. نتيجي ۾ ڪُمي
ڪنهن به حساب ۾ نٿي آئڙجي ۽ سڀ ڪو ان کي ڌڪاري ٿو
۽ هوڏانهن ڪڪڙ کي هرڪو مانُ ڏئي ٿو. ان مان ظاهر
ٿيو ته اشتهاربازيءَ ۾ وڏا گڻ سمايل آهن.
سو اشتهاربازيءَ کان مون به گهٽايو ڪونه ٿي. خاص ڪري پنهنجي
اخباري ڪالم مان پورو پور فائدو وٺندو رهيس ۽ نئين
عهدي جي حساب موجب جهٽ پٽ اهو سکي ويس ته عوام ۽
پنهنجي فرم وچ ۾ ڪيئن سمجهوتو قائم رکجي. ان کان
علاوه ڪاغذن تي حساب ڪتاب ڪرڻ، ڏيئي ليتي ۽ نفعي
نقصان جو ڇيد ۽ اپت ڪرڻ ۽ ناڻي کي چڱيءَ ريت ڪتب
آڻڻ جون راهون ڪڍڻ جهڙا ڪم ڪرڻ نه رڳو ڳولي ورقم
پر انهن کي چڱيءَ ريت سرانجام پڻ ڏيڻ لڳو هوس.
پر مون کي اها ڄاڻ هرگز نه هئي ته آفيس واري ڪم ڪرڻ کان علاوه
ماڻهن جي دلي مسئلن جا منجهيل سٽ سلجهائڻ جي پڻ
مون ۾ ڏات موجود آهي. اهاڳالهه تڏهن ظّاهر ٿي جڏهن
ڪمپنيءَ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد احمد تاج الدين،
جنهن کي سندس دوست فقط
MAT
(مت) سڏيندا هئا، مون کي ڪنهن اهم ڪم لاءِ اڪيلائي
۾ سڏايو . ڪمپنيءَ جي پي. آر. او (تعلقات عام
آفيسر) جي حيثيت ۾ مون اهي ڀلي ڀت ڄاتو ٿي ته
ڪمپنيءَ جي مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻ پي. آر او جو
ئي ڪم آهي. ان ڪري جڏهن وڏي صاحب محمد تاج الدين
عرف ’مت‘ ٻڌايو ته هن جي اڳيان هڪ مسئلو آهي ته
مون کي بنهه تعجب نه لڳو ۽ سمجهي ويس ته روز مره
جي عام مسئلن مان ئي هڪ هوندو. جيڪي اسان جهڙي وڏي
۽ مشهور فرم کي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ درپيش اچي
سگهن ٿا.
”سائين توهان بلڪل فڪر نه ڪريو،“ اهو سوچي ته مزورن جي يونين جا
ليڊر ئي سندس جان پٺيان آهن، مون کيس آٿت ڏني،
”موجود يونين جا مڙيئي نمائندا پاڻ سان ڳجهيءَ طرح
ٺهيل آهن. ڪوبه اهڙو ڦڏو ناهي جيڪو هنن سان اوري
نه سگهجي.“
پر ’مت- صاحب‘ منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري چيو ته مسئلوان
نوعيت جو نه آهي. پوءِ ڪلراٺي ڌرتيءَ تي اجايا
گهڻا هر ڏيڻ بدران هن هڪدم ڳالهه ڪئي ته هن جي هڪ
گرل فرينڊ آهي. ۽ اها پيٽ سان ٿي پيئي آهي.
آئون اهو ٻڌي هڪو ٻڪو ٿي ويس. خير ايترو ته سمجهيم ٿي ته
ڪيترائي شادي شده مرد ڪڏهن ڪڏهن پٽي تان لهي ويندا
آهن ۽ پنهنجين زالن سان ڪانفرنسن ۽ ميٽنگن جا
بهانا ڪري ڪلب، بار يا سئنيما هال۾ دل وندرائي
وٺندا آهن ۽ اسان جو صاحب، مت يعني مسٽر محمد احمد
تاج الدين به ڪو اهڙو ساڌ پات نٿي ٿي سگهيو جيڪو
بنهه ڪنڌ هيٺ ڪري گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر
پهچي. پر سندس واتان اهو ٻڌڻ ته هن جي هڪ سريت آهي
۽ سا به بان- چت! (ملئي لفظ: معنيٰ پيٽ سان.)
”سائين هن کي مسئلو ته چئي نٿو سگهي،“ آخر هوش سنڀالي مون
ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”هيءَ ته تباهي چئبي.“
منهنجو مطلب آهي- صاحب اسان وارو شادي شده هو ۽ سندس شريف زال
کي ته اها بنهه خبر نه هئي ته سندس مڙس ڪي اهڙا
ڪڌا ڪم به ڪري سگهي ٿو. هن کيس هيڪاندو شريف
سمجهيو ٿي ۽ مت پڻ چاهيو ٿي ته سندس زال اهڙيءَ ئي
غلط فهمي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ هجي. ڇو جو زال کي جي
معلوم ٿي ويو ته هوءَ بيحد غمگين ۽ رنجيده ٿيندي.
”سائين مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟“ مون نيٺ پنهنجو پارٽ پڇيو ۽ هن
ٻڌايو ته هو جڏهن پينانگ ۾ هو ته هن چيني ڇوڪريءَ-
مس يئان لِنگ سان سندس ملاقات ٿي هئي ۽ هاڻ هوءَ
نازڪ حالت ۾ آهي. کيس سگهوئي پينانگ کان هتي
ڪوالالمپور آندو وڃي ته سٺو...... پر سوال اهو هو
ته ڪوالالمپور ۾ کيس ڪٿي رهايووڃي.
مون انگريزي اخبار
The Malay Mail
جا تازا ۽ پراڻا پرچا ڪڍي اشتهار وارا صفحا ٻهارڻ
شروع ڪيا. آخرڪار برڪفيلڊ
(Brickfield)
واري علائقي ۾ جالان برهالا تي هڪ خالي فليٽ جو ڏس
ملي ويو. مت صاحب هڪ مهيني جي اڳواٽ مسواڙ، ڪجهه
ڊپازٽ ۽ ڪجهه ڇيتيون فرنيچر جون ڏنيون. پوءِ مس
يئان لِنگ ڪوالالمپور گهرايوويو.
جيئن ته محمد تاج الدين کي پينانگ کان ايندڙ، پيٽ سان چيني
ڇوڪريءَ سان ريلوي اسٽيشن تي وڃي ملڻ جي همت نه
هئي، ان ڪري هن اهو ڪم به مون کي سونپيو. هو ملئي
هو آئون وري به چيني هوس ۽ هڪ چينائڻ سان ملندي
ڪنهن جي نظرن ۾ کٽڪي نٿي سگهيس.
ريلوي اسٽيشن تي پهچي هيڏي خلق ۾ مس يئان لِنگ کي سڃاڻڻ اهڙو
سولو ڪم هو جهڙو ساتي، (ملئي ٻوٽي ڪواب) کائڻ،
گاڏيءَ مان لهندڙ مسافرن مان مون کي فقط اها
ڇوڪري ڳولڻي هئي جيڪا اڪيلي هجي. ۽ ظاهر آهي جنهن
سان گڏ فالتو ڦيٿو پڻ هجي.
يئان لِنگ کي اهوڏسي افسوس ٿيو ته کيس وٺڻ لاءِ سندس يار محمد
تاج الدين پاڻ ڇو نه آيو. پر ان ڳالهه کي مون اهو
چئي ڍڪ ڍڪي ڇڏيوته هيترين ڪمپنين جو ڊائريڪٽر هجڻ
ڪري سخت مشغول رهي ٿو ۽ هينئر به کيس ڪجهه اهم
ميٽنگن ۾ وڃڻو هو نه ته ضرور اچي ها.
ان بعد ٽئڪسي ڪري مس يئان لِنگ کي سندس فليٽ تي اڪيلو ڦٽو ڪري
انهن ئي پيرن سان موٽيس.
”ڪيڏي عجيب سين چئبي،“ مون دل ئي دل ۾ مس يئان لِنگ بابت سوچيو،
”اصل رهاڪو تائپنگ شهر جي آهي. نوڪريءَ لاءِ
پينانگ کان وڃي نڪتي جتي اسان واري صاحب سان ٽڪر
ٿيس. هاڻ هوءَ ڪوالالمپور کان اچي نڪتي آهي- اڪيلي
ئي اڪيلي، هيڏي وڏي پيٽ سان. ڪي ڪي ڇوڪريون ڪيئن
نه پنهنجو پاڻ کي اچيو اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪن.“
ٻئي ڏينهن 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد به جڏهن محمد تاج الدين هن جي سار
نه لڌي ته چيومانس جنهن نموني سان هن فليٽ ۾ ڦٽو
ڪيو ويو آهي هوءَ ڪا فائيلن جو ڍير ناهي جنهن جي
مٿان رڳو مٽيءَ جو تهه چڙهڻو آهي. گرل فرينڊ توهان
جي چرندڙ پرندڙ ساهه وارو ماڻهو آهي- بلڪه ٻن ساهن
وارو. جن جي
جياپي لاءِ کاڌو
پيتو، دوا درمل ۽ ٻئي سامان جي وقت بوقت ضرورت
آهي.
هوءَ مٿين مهينن جي ويجهو اچي پهتي آهي ۽ ڪنهن وقت
به ڌماڪو ڪري سگهي ٿي.
محمد تاج الدين سنجيدو ٿي وراڻيو ته هو هن کي
باعزت زندگي گذارڻ لاءِ هنجي هر ممڪن مددڪندو. ان
بابت هن سان اڳهين ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي ته هو ٻار
ڪيرائڻ بدران هن سان شادي ڪري کيس سوسائٽيءَ جي هڪ
نيڪ اخلاق عورت ۽ ’گهر واري‘ بنائڻ جي حق ۾ آهي.
هوءَ به ان رٿ تي راضي آهي. ان ڏس ۾ مونکي ڪجهه
ڪرڻو پوندو.
مون اهوئي ڪيو، جيڪو ڪري سگهيس ٿي. يعني محمد تاج
الدين کان موڪلائي پنهنجي هڪ پراڻي دوست يونس بن
بجانگ وٽ پهتس، جيڪو ڪوالالمپور کان ڪجهه پري
ڪلانگ شهر ۾ رهيو ٿي. پنهنجي صاحب جو راز ٻڌائڻ
کان اڳ پهرين کانئس واعدو ورتم ته هو اها ڳالهه
ڪنهن سان به
نه ڪري. ويندي پنهنجي زال کان به ڳجهي رکي. يونس
کان واعدو وٺڻ بعد ٿيلهو کولي ٻلي ٻاهر ڪڍيم.
’منهن
۾ موسى‘ محمد تاج الدين جي افعالن جو ٻڌي يونس پڻ
پهرين ته وائڙو ٿي ويو.
”پنهنجي
ملئي زال هوندي هو هڪ چيني ڇوڪريءَ سان ڇو شادي
ڪرڻ چاهي ٿو؟“ هن پڇيو.
”بس
هڪ ته دلپشوريءَ لاءِ.“ مون وراڻيومانس،“ هونءَ ته
ڇوڪري ٻار ڪيرائڻ لاءِ به راضي هئي پر اسان واري
صاحب ائين ڪرڻ نه ڏس. ويتر شادي جا وڏا واعدا ڪري
کيس هتي گهرايو اٿس. هاڻ ساڻس باقاعدي شادي ڪري
زال بڻائڻ چاهي ٿو. ٻي ڳالهه ته هن کي پهرين زال
مان اولاد ناهي. پرايو ٻار وٺي نپائڻ بدران هو ان
ٻار کي پالڻ بهتر سمجهي ٿو، جنهن ۾ سندس شخصيت جا
جزا
(Genes)
هجن جيئن فخر سان چئي سگهي ته هو به مرد آهي ۽ کيس
ٻار پيدا ڪرڻ جي قوت آهي. سندس ماءُ ته پهرين سال
کان پٺيان لڳي اچيس ته ميان محمد تاج الدين پوٽن
بنا گهر ويڳاڻو آهي. سو محمد تاج الدين هڪ باعزت
ڪردار جو ماڻهو ثابت ٿيڻ لاءِ مس يئان لِنگ کي
قانوني زال ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ ٻار کي قانوني حق
ڏيڻ لاءِ نڪاح ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو.“
يونس اهو مڃيو ته محمد تاج الدين جي ٽوپي واقعي
هرڪو ماڻهوپائي نٿو سگهي. هي وڏي همت وارو چئبو
جيڪو پنهنجي بدناميءَ کي پنهنجوئي سمجهي ٿو. ان
ڪري پاڻ سندس مدد لاءِ واعدو ڪيو.
پوري هفتي بعد هن فون تي ٻڌايوته ان سلسلي ۾ هو
ڪيترن ماڻهن سان مليو آهي ويندي ڪلانگ شهر جي قاضي
سان پڻ. محمد تاج الدين جا گهرو مسئلا حل ڪرڻ لاءِ
اسان کي هن ريت قدم کڻڻا پوندا:
هڪ مسلمان مرد سان شادي ڪرڻ لاءِ جيڪو چار زالون
رکي سگهي ٿو، مس يئان لِنگ جو مسلمان ٿيڻ ضروري
آهي. جنهن ۾ طهر جي رسم به شامل آهي. (هتي
ملائيشيا جا شافعي مسلمان ڇوڪرين جو
طهر پڻ ڪرائين جيئن آفريڪا جي ڪجهه ملڪن ۾ مالڪي
فرقي جا ڪرائين ٿا.) ان ڪم لا يونس جو گهر صحيح هو
جيڪو ڪوالالمپور جي گوڙ شور واري زندگيءَ کان
پرٻهرو هو.
محمد تاج الدين جو پگهار جيئن ته ٽن هزار ڊالرن
کان وڌيڪ هو سو هو قاضيءَ کي مطمئن ڪري سگهيو ٿي
ته هن لاءِ
ٻي زال رکڻ ڪو مسئلو ناهي ۽ ان صورت ۾ پهرين زال
کان موڪل وٺڻ به ضروري نه آهي. سو اهي ڪي خاص
ڳالهيون نه هيون جيڪي آڏ بڻجي پريشان ڪن.
انهن مڙني ڳالهين جو احوال محمد تاج الدين کي
ٻڌايو جنهن پنهنجي وات سان مس يئان لنگ کي ٻڌايو
ته کيس مسلمان بنائڻ جو ڪم منهنجي حوالي ڪيو ويو
آهي. ان کان ڳالهه ڳجهي رکڻ لاءِ ان ۾ برسينڊنگ
(وليما دعوت) وارو حصو ڇڏڻوهو.
پوءِ هڪ ڏينهن شام جو، مس يئان لِنگ کي وٺي آئون
يونس جي گهر پهتس. يونس
سڀ
بندوبست ڪري ڇڏيو. ڪلانگ مسجد جي هڪ عورت طهرجي
رسم ادا ڪئي ۽ پوءِ ڪلانگ شهر جي قاضيءَ کيس ڪلمو
پڙهائي مسلمان ڪيو. ان موقعي لاءِ يونس چند نالي
ڪٺا مهمان گهرايا هئا. جن ۾ ڪجهه ته سندس ئي دوست
هئا، ڪجهه ڪمپونگ (ڳوٺ) جا پوڙها پڪا ۽ ڪجهه مسجد
جا جماعتي ۽ امام هو. جن مڙني جو واسطو ’مڪن ۽
منيوم‘ (ملئي لفظ:کاڌي ۽ پيتي) سان ئي هو. ڪير پيو
مسلمان ٿئي ۽ ڇو
پيو مسلمان ٿئي. ان بابت تفصيل سان ٻڌائڻ يا نه
ٻڌائڻ جو کين ذرو به رنج نه هو. مردو سرڳ ۾ وڃي
يا نرڳ ۾. مُلين جو ڪم غسل ڪرائڻ سان- وارو حساب
هو. شاهدن جي خاني ۾ هڪ ته مون صحيح ڪئي.
مانيءَ بعد جڏهن آيل مهمان روانا ٿي ويا ته پوءِ
گهر جي ماڻهن گڏجي ويهي ماني کاڌي.
مانيءَ دوران مس يئان لِنگ مون کي چيني زبان ۾
آهستي چيو ته طهر ڪرڻ واري عورت هن کي سڀ ڪپڙا
لاهڻ لاءِ چيو هو ۽ ان بعد ڪجهه ريمارڪ به
ڏيندي
رهي. طهر بعدکيس سرهي پاڻيءَ سان وهنجاريوويو هو
جنهن جي خوشبوءِ پوءِ به ايندي رهي.
يونس جي گهران
موٽڻ تي يئان لِنگ ٻڌايو ته هوءَ فليٽ ۾ اڪيلي رهي
رهي ڪڪ ٿي پيئي آهي. پينانگ ۾ سندس هڪ ساهيڙي آهي
جيڪا پنهنجي نوڪري ڇڏي ڪوالالمپور ۾ ساڻس گڏ اچي
رهڻ لاءِ راضي آهي. مون کي سندس اها ڳالهه بلڪل
صحيح لڳي ۽ کيس دلداري ڏيندي چيوته اها ڳالهه
پهرين فرصت ۾ محمد تاج الدين سان ڪندس.
۽
ٻئي ڏينهن جڏهن پنهنجي صاحب سان ڳالهه ڪيم ته هن
هائوڪار ڪندي چيو ته يئان لِنگ کي موڪل آهي ته
هوءَ ڀلي پنهنجي ساهيڙي فيفيءَ کي پينانگ مان
گهرائي پاڻ سان رهائي.
ڏينهن
تکا تکا گذرندا ويا ۽ پوءِ مون جهڙي جبلن ماٿرين ۽
ٻين قدرتي نظارن کي غور سان ڏسڻ واري شوقين هڪ
ڏينهن محمد تاج الدين کي ٻڌايو ته سائين وقت اچي
مٿان بيٺو آهي جو هڪ ٻي پل ٽپجي. هاڻ سوچڻو اهو
آهي ته ڪنهن وقت به يئان لِنگ کي جي اوچتو ويم جا
سور شروع ٿي وڃن ته ڪو ضرور موجود هجي جيڪو کيس
اسپتال پهچائي.
محمد تاج الدين چيو ته سوال ته واقعي اهم آهي. پر
ڪو رستو ڳول ته ڇا ڪرڻ کپي. ۽ پوءِ جيترو گهڻو ان
تي سوچڻ لڳس اوترو مونکي محسوس ٿيو ته آئون ماڻهو
نه پر ڪڪڙ ٿيندو وڃان، خير فيصلو اهو بيٺو ته آئون
پنهنجي اڪيلي جان کي يئان لِنگ جي فليٽ ۾ ئي محفوظ
رکان ۽ جنهن وقت قدرت کي آدمشماري وڌائڻ لاءِ سڏ
ڪرڻو پوي ته حاضر سائين
چئي يئان لِنگ کي اسپتال وٺي وڃان. پر ساڳئي وقت
هڪ ٻيو مسئلو مون کي منجهائڻ لڳو ته جيڪڏهن اتفاق
سان رات جي نوائيءَ ۾ هڪڙي يا ٻئي ڇوڪريون مون تي
زوريءَ جلهه ڪن ته ڪير مڃيندو ته هنن مون سان زوري
ڪئي يا مون هنن سان. ان کٽراڳ ۾ پوڻ جو سوچي مٿين
صلاح بدران، پنهنجي صاحب کي هڪ ٻي اسڪرپٽ پيش ڪيم.
سائين
هينئن ڇو نه ڪيو وڃي ته توهان جي ٻي زال يئان لِنگ
۽ هن جي ساهيڙيءَ فيفي فليٽ ڇڏي منهنجي گهر هلي
رهي جتي سِم ۽ منهنجي اماح (ملئي نوڪرياڻي) عزيزه
پڻ رهي ٿي ۽ هوءَ به ٽي گهٽ ماڻهو ٿيندا پر پنج
ماڻهن سان ميلو ٿيو. سو آڌيءَ مانجهيءَ ڪونه ڪو
گهر ۾ موجود هوندوئي هوندو. ان کان علاوه خرچ پکي
جي به بچت ٿي پوندي. فليٽ جي ماهوار مسواڙ جا پنج
سؤ ڊالر ته بچندا پر لائيٽ ۽ پاڻيءَ جو به خرچ بچي
پوندو.
محمد تاج الدين کي مون واري صلاح ڏاڍي وڻي. ان ڪري
نه ته ڪو هن جا پنج سؤ ڊالر ته
بچيا
ٿي پر ان ڪري جو فليٽ
۾
رهڻ
سان
هنگامي ۽ ڀڄ ڀڄان واري حالت ۾ سندس ڦروٽي جي ڄمڻ
جو امڪان هو پر گهر ۾ رهڻ ڪري هو پُرسڪون
ماحول
۾
وجود وٺي سگهيو ٿي. منهنجي گهر ۾ ٻه ڀاتي وڌيڪ
ٽڪائڻ جي عيوض مون واري صاحب
هر مهيني مون کي ڏيڍ سؤ ڊالر ڏيڻا ڪيا.
آخر
هڪ ڏينهن يئان لِنگ کي اهي ٻڏندڙ ترندڙ سور شروع
ٿي ويا، جنهن الارم وڄڻ سان کيس پنهنجي ڀڳل ڪار ۾
ڍوئي اسپتال وٺي آيس. هڪ ٻن سڃاڻن پري کان ڏسي
سمجهيو ته هوءَ ڪا منهنجي زال آهي ۽ نرس کي ته پڪ
هئي ته هوءَ منهنجي جوءِ
آهي
جو ڪيترا دفعا ڊاڪٽري تپاس دوران هوءَ کيس مون سان
گڏ
ڏسي
چڪي هئي.
ٻار ڄمڻ تي نرس مون وٽ آئي.
”تون
ئي آهين ٻار جو پيءُ؟“ هن پڇيو.
مون شرمائي ڍور وانگر نهڪار ڪئي.
”هون!“
نرس چيو، ”آئون به چوان ته ٻاهر ملئي مهانڊو
آهي
۽ تون ته ملئي لڳين نٿو..“
۽
پوءِ منهن جو موڙو ڏيئي پڇيو:
”ڪٿي
آهي ڀلا ٻار جو پيءُ؟“
”ولايت
ويل آهي“. اهوئي بهتر جواب هو جيڪو ڏئي سگهيس ٿي.
”ته
پوءِ تون ڪير آهين؟“
”سندس
فئملي دوست.“
مئٽرنٽي وارڊ ۾ سڀئي نرسون سياڻيون به نه هيون هڪ
نرس ٻار جي ڄم جو فارم ڀري مون ڏي صحيح ڪرڻ لاءِ
وڌايو. جڏهن مون صحيح ڪرڻ کان نٽائيندي ٻڌايومانس
ته آئون ٻار جو پيءُ ناهيان ته ڇڙٻ ڏيندي چيو:
”توهان مرد سڀ ا.ئين آهيو. مزو وٺڻ لاءِ اڳيان
اڳيان باقي مٿي تي جڏهن اچي ٿي ته پوءِ آئون هن جو
پيءُ نه آهيان. آئون هن جو پيءُ ناهيان. ڀلا ڪير
آهي هن جو پيءُ ۽ ڪٿي آهي اهو هن وقت؟“
”اهو
ولايت ويو آهي. آئون فقط هنن جو فئملي دوست....“
مون
نرس مان جان ڇڏائي صاحب کي ڌيءَ ڄمڻ جي خبر ٻڌائي
ته ٻار ۽ ماءُ ٻئي صحتمند حالت ۾ آهن.
يئان لِنگ جي خبر چار لهڻ لاءِ وري ٻئي ڏينهن جڏهن
اسپتال پهتس ته ان وقت ڊيوٽي
تي
ڪا
نئين نرس هئي- مبارڪون ڏيندي ڪجهه خرچيءَ جي آسري
۾ مرڪيائين. پر مرڪ جي موٽ ۾ جڏهن مون فقط
مرڪ ڏنيمانس ته هڪدم چيو ته هوءَ
چينين کي چڱي طرح سان سڃاڻي ٿي. چينين جو ڌيءَ ڄمڻ
جو ٻڌي منهن ئي لهيو وڃي. پوءِ آٿت
ڏيندي
چائين، ”مڙئي خير آهي. همت ڪر، ٻيو وارو به ايندو.
۽ ڪهڙي خبر ته ٻئي دفعي پٽ ٿئي.“
واپس اسٽوڊيو ۾- يعني آفيس ۾، پنهنجي صاحب کي فون
ذريعي گذريل چند ڪلاڪن جي رننگ ڪامينٽري ٻڌائيندي
چيومانس هاڻ ڊرامي جو آخري حصو ۽ آخري سين اچي چڪو
آهي ۽ ان کان اڳ جو اسپتال جا سڀ ماڻهو مون کي
جوابدار بڻائين بهتر ٿيندو پنهنجو پاڻ اچي پساءِ.
محمد تاج الدين منهنجي نازڪ حالت محسوس ڪري ورتي ۽
ٻئي ڏينهن مون سان گڏ يئان لِنگ ۽ ٻار کي ڏسڻ لاءِ
پهتو.
وارڊ سسٽر اسان کي ڏسي يڪدم چيو: ”تو ته چيو پئي
ته هي ولايت ويل آهي؟“
”بلڪل
ولايت ويل هو،“ مون چيومانس، ”فون تي اطلاع
ڏنومانس ۽ لنڊن کان سڌو اچي ٺڪاءُ ڪيو اٿس.“
منهنجو اهو ڀرم ته آئون هڪ سٺي ڪردار جو ماڻهو
آهيان هڪ دفعو وري
برقرار
ٿي ويو ۽ مون کي اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته ان
کانپوءِ نرسون ڪجهه مهربان نظر سان مون کي ڏسڻ
لڳيون. بلڪه جڏهن کين اها خبر پئي ته آئون
مشهورڪالم نويس ’ايس. ايڇ، تان‘ آهيان ته هو وجهه
ملڻ تي مون سان هيڪاندو گهڻو فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ
لڳيون. خاص ڪري ان وقت
جڏهن
مون وارو صاحب ملڻ لاءِ اندر ڪمري ۾ هوندو هو ۽
آئون وقت گذارڻ لاءِ ٻاهر ورانڊن ۾ هوا کائيندو
هوس. هڪ نرس ته منهنجي صاحب تي ٽوڪ ڪندي چيو ته هن
محمد تاج الدين جهڙو ڇسو نه ڏٺو هوندو جنهن
وفاداريءَ جي نالي ۾ پنهنجو ڪنڌ ڪاتيءَ هيٺيان رکي
ڇڏيو.
ان مرحلي بعد ٻيو قدم ايترو ڏکيو نه هو. محمد تاج
الدين پنهنجي زال کي اڳهين ٻڌائي ڇڏيو هو ته اولاد
نه هجڻ ڪري مون سندس پاران هڪ ٻار جو بندوبست ڪيو
آهي. اهڙيءَ طرح محمد تاج الدين ٻار کي اسپتال کان
کڻي سڌو گهر پهتو ۽ يئان لِنگ کي آئون پنهنجي گهر
وٺي آيس.
محمد تاج الدين جي زال کي فطري طور آنڌ مانڌ ٿي ته
اهو ٻار جيڪو کيس نپائڻ لاءِ ملي ويو آهي ڪٿان آيو
آهي ۽ ڪنهن جو آهي. هن ور ور ڏيئي مون کان ٻار
بابت تفصيل پڇيو. ”هن جو پيءُ ڪير آهي؟ ائين ته نه
ٿيندو ته ڪجهه سالن بعد ٻار جو پيءُ اسان کان
پنهنجو ٻار کسي وٺي؟“ وغيره. مون کيس آٿت
ڏيندي
چيو ته ٻار جو پيءُ ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪندو. ان
ڳالهه لاءِ ته چيومانس ته جتي چوين اتي هلي قسم
کڻان ته ٻار جو پيءُ اڳتي هلي ڪنهن به قسم جو ڦڏو
فساد نه ڪندو.
”ڀلا
ماءُ؟“ هن جو سوال نمبر ٻيو هو.
مون کيس پڪ ڏني ته ٻار جي ماءُ به سڀاڻي يا مستقبل
قريب ۾ ٻار جي گُهر نه ڪندي. ان بعد ڇنل ڌاڳا ڳنڍڻ
ڪاڻ ٻار جي ماءُ پيءُ جو نسل پڇيو. مون ٻڌايومانس
ته ٻار جي ماءُ چينائڻ آهي ۽ پيءُ ملئي.ا ن ڪري
ڏسي سگهين ٿي ته ٻار نه گهڻو اڇو آهي ۽ نه ڪارو
سانورو ۽ پوءِ سيني تي پٿر رکي- تمام وڏو،
ٻڌايومانس ته بي فڪر رهه. ٻار جو پيءُ
تمام نيڪ ۽ بلند اخلاق ماڻهو آهي ۽ ٻار وڏو ٿي
موڳو مٽر نه پر هن وانگر ذهين ثابت ٿيندو. باقي
جيسين سندس ماءُ جو سوال آهي اها کڻي ساڳي ليول جي
نه هجي پر گهڻو ڪا ڪريل ڪردار جي به نٿي چئي سگهجي
۽ پوءِ جڏهن محمد تاج الدين جي زال خوشامد ڪندي
اڃا به وڌيڪ معلومات
حاصل
ڪرڻ لاءِ چيو ته مون صاف صاف چيومانس ته سندس سڀني
تي وڏو ٿورو ٿيندو جيڪڏهن ان بابت پڇ پڇ نه ڪري. ۽
هوءَ ان چوڻيءَ تي عمل ڪري خوش رهي ته اڻ ڄاڻائي
وڏي رحمت آهي- ڇو جو گهڻي ڏاهي ٿيڻ ۾ ڏک ئي ڏک
آهن.
اهڙيءَ طرح ان معاملي کي ائين ٻنجو اچي ويو.
ڪجهه
ڏينهن
گذرڻ بعد آئون پتالنگ جايا شهر ۾ هڪ ننڍو گهر وٺي
وڃي رهيس. يئان لِنگ به پنهنجي ساهيڙي فيفيءَ سان
گڏ هڪ ڪمرو مسواڙ
تي
وٺي اتي وڃي رهي. جيڪو منهنجي گهر کان ڪو گهڻو پري
نه هو. ڏينهن گذرندا ويا ۽ پوءِ يئن
لِنگ ۽ اسان واري صاحب جي وچ ۾ کَٽ پَٽ شروع ٿي.
يا کڻي چئجي ته بيزاري شروع ٿي. ان لاءِ ڪيترائي
سبب هئا. يئان لِنگ جيتوڻيڪ وقت گذارڻ لاءِ نوڪري
شروع ڪئي هئي
پر تڏهن به گهر ۾ اڪيلي سر ڪيترو ڪير رهي سگهي ٿو.
اسان واري صاحب کي ڪڏهن ڪڏهن جي ٿوري گهڻي شهوت
کڻندي به هُئي ته هن ڏي رُخ نه رکندو هو. هوءَ
اڪيلي ئي پئي سڙندي پچرندي هئي. محمد تاج الدين ڄڻ
ته پنهنجي نوڪريءَ سان نڪاح ڪيو هو جو هر وقت
فائيلن ۾ گم هوندو هو. يئان لِنگ ڪجهه تفريح چاهي
ٿي، آزادي چاهي ٿي. وڏي ڳالهه ته جوان هئي. هن به
دل
وندرائڻ چاهي ٿي. آخر هن طلاق وٺي پنهنجي جان آزاد
ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو جيئن هوءَ هڪ
دفعو وري پهرين واري زندگي نئينءَ سنئينءَ شروع
ڪري سگهي. يعني ڪڏهن ڪنهن سان گڏ ته ڪڏهن ڪنهن
سان. ۽ ان دوران ڪنهن دل گهريي سان عشق ٿي وڃڻ تي
شادي پڻ ڪري سگهي.
”ته
اها ڳالهه آهي،“ مون سوچيو. ”ٿي سگهي ٿو ته هن جو
هينئر ڪنهن سان چڪر هلي رهيو هجي.“ منهنجي پڇڻ تي
ٻڌايائين ته ڪجهه ڏينهن کان هڪ چيني همراهه سان هن
جو معاشقو هلي رهيو آهي. هو جيتوڻيڪ غريب ۽ پورهيت
آهي پر هوءَ هن سان زندگي گذارڻ ۾ وڌيڪ عافيت
سمجهي ٿي. هو ايتري قدر جو پنهنجي موٽر سائيڪل تي
ويهاري کيس ڪوالالمپور جو چڪر به ڏيارڻ چاهي ٿو پر
هوءَ جيئن ته ڪنهن ٻئي سان پرڻيل آهي ان ڪري ائين
ڪري نٿي سگهي.
مون کائنس ايترو پڇيو ته آيا هوءَ هن سان شاديءَ
جو سوچي رهي آهي.
”في
الحال ته يقين سان ڪجهه چئي نٿي سگهان،“
هن چيو، ”پر.......“ آئون سڀ ڪجهه سمجهي ويس. ۽
اها پڪ هيم ته مون وارو ملئي صاحب به هن چڪر مان
هاڻ جان آجي
ڪري خوش ٿيندو. پر افسوس جو جڏهن ساڻس طلاق جي
ڳالهه ڪيم ته بنهه کڙي هڻي بيهي رهيو. چي هوءَ ان
شاديءَ کي سنجيدگي سان وٺي يا نه پر پاڻ بيحد
سنجيدو آهي ته اهو زندگي جو ڳانڍاپو آهي. کيس مون
گهڻو ئي
سمجهايو،
چٽ ٻڌي، صلاح ڏني پر سائين محمد تاج الدين ڪٿي ٿو
ضد
تان
لهي.
مون کي ته ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه پئي آئي. حقيقت ۾
محمد تاج الدين جو ههڙي معاملي کان پاڻ کي آزاد
رکڻ پاڻ سٺي ڳالهه هئي. اها ڪهڙي شادي ٿي جنهن ۾
نه اچڻ نه وڃڻ. نه ڏيڻ نه وٺڻ ۽ نه وري ازدواجي
حقن جي ادائيگي. هوءَ وتي ڌارين سان عشق ڪندي ۽ هن
جو اهو ضد ته طلاق
نه ڏيندس. ايتريقدر جو يئان لِنگ ڪا به گُهر نٿي
ڪري. ٻار سان ملڻ ۽ نه وري حق مهر گهرڻ يا کاڌ
خوراڪ پهچائڻ جي. هوءَ فقط اهو چاهي ٿي ته قانوني
طرح کيس آزاد ڪيو وڃي. مون
کي
يقين آهي ته يئان لِنگ جيان ٻيون زالون پڻ جيڪڏهن
پنهنجي لاءِ ان
قسم
جي آزادي جي گهرڪن ته ڪيترائي مرد ان کي پنهنجي
آزادي سمجهي، خوشيءَ وچان گوڏن تي ڪري رحم جي
ديويءَ جا شڪرانا بجا آڻين پر هيڏانهن هي اسان
وارو صاحب هو جيڪو پنهنجي ضد تي قائم هو ۽ جنهن نه
اڏڻ ٿي چاهيو نه ڇڏڻ ٿي چاهيو.
هوڏانهن يئان لنگ ان ڏس ۾ مدد وٺڻ لاءِ منهنجي
پٺيان لڳي رهي. ٻئي مذهب جو هجڻ ڪري مون کي مسلمان
جي شرعي قانون ۽ رسم رواج جي ايتري ڄاڻ نه هئي، سو
نيٺ ان ڏس ۾ وري يونس کي فون ڪيم ته ڇا ڪري سگهجي
ٿو. هن هتان هُتان پڇا ڳاڇا رکي. ان بعد گڏجي
ڪلانگ جي قاضي وٽ پهتاسين. بدقسمتي سان پهرين وارو
پوڙهو قاضي رٽائرڊ ٿي چڪو هو
۽ سرڪار
ان حد جو نئون قاضي مقرر ڪيو هو. اهو نوجوان ديني
ڳالهين کان ته بيشڪ وڌيڪ ڄاڻو ۽ پڙهيل ڳڙهيل هو،
پر ماڻهن جي نفسيات جي هن کي ڪا پروڙ نه هئي. سو
هن سان صلاح مشورو ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ هو. يونس
۽ آئون ان بعد ڪوالالمپور وزارت مذھبي امور جي
واسطيدارن وٽ وياسين. ان بعد پتالنگ جايا ۾ ان
کاتي جي شاخ جي عملدارن وٽ پڻ حاضر ٿياسين. سڀني
سان خير چار ڪرڻ بعد ان نتيجي تي پهتاسين ته
اسلامي قانون موجب مرد ته زال کي طلاق ڏيئي سگهي
ٿوپر عورت پنهنجي مڙس کان طلاق جي گهر فقط ڪن خاص
حالت ۾ ڪري سگهي ٿي. انهن مان هڪ ته ٽن
مهينن تائين مڙس زال کي کاڌ خوراڪ يا پئسو ڏوڪڙ نه
رسائي. ٻيو ته ٻين زالن برابر هن سان حق زوجيت ادا
نه ڪري.
۽
ٻي ڳالهه ته يئان لِنگ طلاق وٺڻ ۾ ڪامياب کڻي ٿي
به وڃي ته به هوءَ هاڻ اسلام ڇڏي واپس پنهنجي مذهب
يا عقيدي ۾ وڃي نٿي سگهي. ٻين لفظ ۾ هوءَ طلاق بعد
مسلمان ئي رهندي. ۽ فقط هڪ مسلمان سان ئي شادي ڪري
سگهي ٿي.
يئان لِنگ آخرڪار اهو فيصلو ڪيو ته واري وٽيءَ سان
هڪ هڪ ڪري آڏ ٽپجي. پهرين آڏ ته آسان هئي جو ڪجهه
مهينن کان گهر جي ماهوار خرچ پکي لاءِ محمد تاج
الدين کان مني آرڊر بند ٿي ويا هئا. ”معنيٰ ان
ڏينهن کان هن مون کي ڇڏي ڏنو آهي. نه ته هن کي
منهنجي نئين گهر ۽ ڪم واري جاءِ جي خبر هئي. ان
ائڊريس تي به موڪلي سگهيو ٿي. يا ڪنهن ماڻهوءَ
هٿان کاڌي لٽي جو سامان ڏياري سگهيو ٿي. باقي
جيسين حق زوجيت جو سوال آهي- اهو هو ڪنهن سان رکي
سگهيو آهي!“ هن ٽوڪ طور مرڪيو ۽ ماڳهين ٻڌايو
ته ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ هن لاءِ ڪو ڏکيو ڪم ناهي.
”ايستائين
به چئجي ته ٺيڪ آهي. پر نئين عاشق سان شادي ڪيئن
ڪري سگهين ٿي جيڪو مسلمان نه پر ٻڌ يا عيسائي
آهي.“ مون پڇيومانس. جواب ۾ پاڻ وراڻيائين ته هن
ان ڏس ۾ جاچ جونچ ڪئي آهي ۽ کيس خبر پئي آهي ته
پيٽ دوران
ڪابه
عورت مسلمان ٿي نٿي سگهي. ۽ جيڪڏهن آئون اهو ثابت
ڪري وڃان ته مذهب بدلائڻ مهل آئون پيٽ سان هيس ته
اهو ڪار نه ٿيندو.“ هن ٻڌايو ته جيئن
ته
مون کي ان بابت ڪا خبر نه هئي سو اهو آخر وارو
مسئلو يئان لِنگ تي ئي ڇڏيم ته هوءَ پاڻ ئي حل
ڪري.
ٻئي ڏينهن پنهنجي صاحب
کي
جڏهن يئان لِنگ جي رٿائن جو ٻڌايم ته هن سڄي ڳالهه
کل ۾ ٽاري ڇڏي. ڄڻ هوءَ يا آئون ڪو چرچو پيو
ڪريان. چوڻ لڳو: ”ڪلانگ يا پتالنگ جايا جي قاضيءَ
جيڪڏهن سڏيو ته سڏڻ ڏينس.“
مون هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجي عزت
جو خيال رکي جو هو شهر جي معزز ماڻهن مان هڪ آهي ۽
هڪ وڏي فرم جو اهم آفيسر پڻ آهي. هوءَ ڇوڪري طلاق
لاءِ واويلا مچائي ان کان اڳ بهتر آهي ته پهرين
قدم پاڻ کڻي يعني کيس هڪدم طلاق ڏيئي ڇڏي جيڪا هڪ
عام ڳالهه ليکي ويندي ۽ هر روز نه ته هڪ نه ٻئي
ڏينهن ڪونه ڪو مڙس پنهنجي زال کي طلاق ڏيندو رهي
ٿو ۽ اها
ڪا
نئين ڳالهه نه ٿيندي. پر هڪ عورت ڪورٽ ڪچهري ۾
پهچي طلاق لاءِ گهر ڪري- سو به انهن الزامن هيٺ
جيڪي يئان لِنگ سوچيا آهن، هڪ ٻڏي مرڻ جهڙي نيچ
ڳالهه ٿيندي. ٻيلي جي باهه وانگر اهو اسڪينڊل سڄي
ڪمپني ۽ شهر ۾ پکڙجي ويندو. اها ٻي ڳالهه آهي، مون
دل
ئي دل ۾ سوچيو، ته ٻين ڏنگن مڙسن لاءِ سبق ٿي
پوندو ۽ اخبارون ته اڳهين مرچ مسالا تيار ڪري
اهڙين ذائقيدار خبرن لاِءِ آتيون ويٺيون آهن. انهن
جو به ڀلو ٿي ويندو. اڄ تائين ته اڃا ڪنهن کي به
شڪ نه پيو ته اسان واري صاحب جي ڪا ٻي زال به آهي.
يا گهر ۾ پلندڙ ٻار ڪنهن جو آهي، پر هڪ دفعو
جيڪڏهن هو شريعت ڪورٽ ۾ سڏايو وڃي ته پوءِ سڀ راز
کلي پوندا. ۽ پوءِ ان جو سيڪ سندس اهم عهدي ۽ ڪمپنيءَ
جي ناموس کي به رسي سگهي ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته
سندس پهرينءَ زال کي ڪيڏو صدمو رسندو.
محمد تاج الدين ان جنگ جيتڻ لاءِ پنهنجي ڇنل گليل
۽ ڀڳل پلاسٽڪ جي راند وارين بندوقن کي چنبڙيو
رهيو ۽ مون ان جنگ جي ميدان مان پويان پير ڪيا.
يئان لنگ مون کي وري فون ڪيو. مون صاف صاف چيومانس
ته مون کي ان ڦڏي جي ڪم کان ٻاهر ئي رک. آئون ڇو
وتان ٻين جون ميريون چادرون ڌوئيندو. مون کي يئان
لنگ سان همدردي ضرور هئي جو هن سان سنئون
سڌو
انڌير هو ۽ هن کي آزادي ملڻ ضروري هئي. پر ان لاءِ
جڏهن سندس مڙس تيار نه هو ته آئون ڪير ٿيندو آهيان
وچ ۾ پوڻ وارو.
قدرت
به عجيب نمونن سان مسئلا سلجهائي ٿي. منهنجي ان
فيصلي کي مهينو به نه ٿيو هوندو ته هڪ ڏينهن مون
واري صاحب محمد تاج الدين فون ڪيو. سندس ڪنڀندڙ
آواز مان ئي سمجهي ويس ته سندس پڇاڙي بلڪل ويجهي
آهي. آخر هو ڳالهه جي ڳٽ تي آيو.
”توکي
ڪنهن ڳالهه جي خبر آهي؟“ هن پڇيو.
”ڪهڙي
ڳالهه جي؟“ مون چيومانس.
”مون کي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو سمن مليو آهي.“
”چڱو ٿيو-“ منهنجي وات مان ذري گهٽ اهي لفظ نڪرڻ وارا هئا پر
پوءِ پاڻ سنڀاليندي پڇيو مانس، ”ڪهڙي ڪارڻ؟“
”خلوت ڪري.“ (ملئي لفظ؛ معنيٰ ڪنهن ڌارئين ڇوڪريءَ سان ويجهڙائي
رکڻ. هتي خلوت جو مطلب ’زنا‘ پڻ آهي.“)
”ڪنهن سان؟“
”يئان لِنگ سان.“
يڪدم ڳالهه سمجهي ويس ته يئان لِنگ اسان واري صاحب کي سيکت ڏيڻ
لاءِ ڇا سوچيو آهي. رٿا موجب چئبو ته يئان لنگ نيٺ
قاضيءَ وٽ پهچي ويئي ۽ کيس ان ڳالهه ڏي ڌيان
ڇڪرايو اٿس ته هن کي جنوريءَ ۾ مسلمان بنائي شادي
ڪئي ويئي. مئي ۾ ٻار به ڄائو. اها حقيقت ثابت ڪرڻ
لاءِ جيئن ته سرڪاري اسپتال جا رڪارڊ شاهد هئا ان
ڪري ان ڪم لاءِ ڪنهن آئن اسٽائن يا ڪنهن ٻئي حساب
نويس جي ضرورت نه هئي جيڪو اچي ٻه واڌو ٽي ڪري.
هرڪو سمجهي سگهيو ٿي چئن يا پنجن مهينن ۾ ٻار نه
ڄمندو آهي ۽ نڪاح کان اڳ ٻار ٿيڻ اسلامي قانون
موجب زنا ٿي، جيڪو تمام وڏو ڏوهه آهي.
پر اسان جو صاحب سانتيڪو ٿي مسئلو سلجهائڻ بدران ڪاوڙ ۾ ڪٿان
پيو اچي ڪيڏانهن پيو وڃي. مون کيس ٿڌو ڪري يئان
لِنگ کي فون ڪيو جنهن اهوئي ڪجهه ٻڌايو جنهن جو
مون کي ڊپ هو.
”آئون ڀلا ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهان.“ يئان لِنگ ٻڌايو.
”واقعي ڪجهه به نه.“ مون ساڻس ها ۾ ها ملائي. پوءِ مون ڪا دير
ويهي هن کي چٽ ٻڌي ته بهتر ٿيندو ته ’جيئو ۽ جيئڻ
ڏيو‘جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي. آخرڪار اسان وارو
صاحب ڪوڌاريون ته نه آهي. هينئر کڻي پيار نه رهيو
آهي پر ڪو وقت ته هو جڏهن توهان هڪ ٻئي کي چاهيو۽
پيار ڪيو ٿي. ڇا هاڻ اها چاهت ايڏي ڪڙي ٿي پيئي
آهي جو سندن نالو ۽ ناموس گٽر ۾ ٻوڙڻ چاهين ٿي.
”ڀلا ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهان.“ هن ساڳيو جملو وري ورجايو. ان تي
مون ٻڌايومانس ته هوءَ ڇا ڪري سگهي ٿي. ۽ پوءِ
محمد تاج الدين کي فون ڪيم.
کيس سڄي رٿا سمجهايم ته هن کي ڪهڙي چال هلڻي پوندي. يئان لِنگ
جيڪو هن تي زنا جو ٺڪر هنيو آهي، قاضيءَ وٽ پهچي
هوءَ اهو واپس وٺندي. ۽ کيس ٻڌائيندي ته شاديءَ
کان اڳ ٻار جي ماءُ بنائڻ وارو لفنگو تو نه پر ڪو
ٻيو هو. بلڪ تون ته پاڻ نيڪيءَ جو فرشتو بڻجي يا
فلمن جي هيرو وانگر مهل تي پهچي، شادي ڪري، کيس
بدناميءَ کان بچايو ۽ هاڻ سندس حرامي ٻار پالي
رهيو آهين.
يئان لِنگ جي ان تقرير جي عيوض محمد تاج الدين کي کيس طلاق ڏيڻي
هئي. يئان لنگ طرفان حق مهر جي ڪا گهر نه ٿيڻي هئي
۽ نه وري کيس ڪو ٻار سان ملڻ جا حق ۽ واسطا قائم
رکڻا هئا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته سندس پهرين زال کي
ان سڄي ڊرامي جي ڪابه ڄاڻ نه پوڻ ڪري گهر ۾ ڪنهن
به جهيڙي جهٽي يا دنگل فساد جو امڪان ٿيڻو نه هو.
قاضيءَ وٽان موٽڻ بعد ٻئي مون سان مليا. اسان وارو صاحب خوشي
وچان ٻهڪيو پي. بهرحال ٻئي ڄڻا هي جدائي حاصل ڪري
ايڏو خوش ٿيا جو ميلاپ تي به نه ٿيا هجن.
ان ڳالهه کي ڪو گهڻو عرصو نه ٿيو هوندو جو پتالنگ جايا جي هڪ
سپر مارڪيٽ ۾ منهنجي يئان لِنگ سان گڏجاڻي ٿي
ويئي. سندس ڪڇ تي ٻن سالن جو ٻار هو- جيڪو نج ملئي
۽ چينيءَ جي گڏيل محنتن جو نتيجو لڳو. هو بيحد خوش
هئي ٻار کي منهنجي حوالي ڪري مرڪڻ لڳي. ڪجهه
ڪڇيائين ڪونه. پر سندس منهن مان بکيو پئي ته هوءَ
پرسڪون زندگي گذاري رهي آهي. هن اسان واري صاحب
محمد تاج الدين ۽ سندس پهرين ٻار بابت ڪجهه به نه
پڇيو پر آئون اها ڄاڻ ڏيڻ کان مڙي نه سگهيس ته
سرحد جي هن پار پڻ سب خير آهي.
مسٽر اي. ايڇ. تان
(Mr. A. H. Tan’)
]هن
ڪهاڻي جو مصنف ’مسٽر اي. ايڇ. تان‘ ملائيشيا جو
چيني آهي. پاڻ سنگاپور ۾ ڄائو. 1954ع کان 1978ع
تائين چوويهه سال ملائيشيا جي انگريزي اخبار
Malay Mail
۾ ڪالم لکيائين. ڇهه سال کن هڪ ٻي اخبار
New Straits Times
جو ايڊيٽر پڻ ٿي رهيو. ٻي وڏي جنگ ۾ ايئرفورس ۾ ڪم
ڪيائين ۽ جپانين جو جنگي قيدي پڻ ٿي رهيو.
[ |