سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ

الطاف شيخ

صفحو :1

ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ

(هيروڊيٽس، ٽالسٽاءِ ۽ موپاسان جي لکڻين سان وڌايل نئون ڇاپو)

 

الطاف شيخ

 

انتساب

مخدوم محمد زمان ’طالب المولى‘ نالي

مخدوم صاحب جن کي ڏاڍو مس ڪيان ٿو. تعليم توڙي نوڪريءَ دوران ٻاهران ٿي، پنهنجي ڳوٺ هالا اچڻ تي مخدوم صاحب جن سان ضرور ملندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچي ته سندس طبيعت صحيح نٿي رهي، کين ڪيترائي ڪم آهن ۽ مصروف ٿا رهن، منهنجي وڃڻ ڪري هنن جي آرام ۾ رُخنو نه پوي، آئون نه ويندو هوس ته ڏينهن پڻ بعد پاڻ ئي ماڻهو موڪلي مون کي گهرائيندا هئا، ۽ منهنجي لکڻين ۾ نَون ڇپيل ڪتابن بابت پڇندا هئا ۽ وڌيڪ لکڻ لاءِ تمام گهڻي همت افزائي ڪندا هئا. اهو سندن ادب لاءِ چاهه هو، جو مون جهڙن جي عزت افزائي ڪئي ويندي هئي.

ملائيشيا وڃڻ کان اڳ ۾ پاڻ مون کي ان پاسي جي ملڪن جي شاعريءَ تي ڪجهه لکڻ يا ترجمو ڪرڻ لاءِ صلاح ڏنائون. شاعري پڙهڻ يا سمجهڻ مون لاءِ ڏکيو سبجيڪٽ رهيوآهي. البت ملئي، ٿائي، سنگاپوري، انڊونيشي اديبن جا جيڪي افسانا پسند آيم ٿي، سي ترجمو ڪندو پئي ويس. اهڙيءَ طرح هي ڪتاب ’ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ‘ وجود ۾ آيو. 1987ع ۾ ملائيشيا کان موڪل تي ڳوٺ آيس ته هي ڪتاب ’نيوفيلڊس پبليڪيشن‘ طوفان ڇپجي چڪو هو ۽ مخدوم صاحب جن کي پيش ڪندي چيم: ”شعر ته نه پر افسانا ترجمو ڪيا اٿم.“ پاڻ افسانن جا عنوان ڏسي مرڪندا رهيا.

اڄ ڏهاڪو سالن بعد ان ساڳي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ’روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو‘ ڪڍي رهيو آهي. پهرين ڇاپي وانگر هي وڌايل ڇاپو پڻ مخدوم صاحب جن کي منسوب ٿو ڪريان. پر افسوس جو هي ڪتاب کين پريزنٽ ڪري نه سگهندس جو پاڻ اسان کان جدا ٿي چڪا آهن.

مخدوم محمد زمان ’طالب المولى‘ صاحب جن تي گهڻو ڪي ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر هتي سيد مرتضى ڏاڏاهي جو مخدوم صاحب جي شخصيت بابت فقط هي جملو ورجائيندس ته، ”پاڻ نهايت ئي درگذر ڪرڻ وارا، صابر، شاڪر، سهڻا سٻاجها، ماکيءَ کان مٺا، ملنسار ۽ مهربان طبيعت جا مالڪ هئا.“

پاڻ سٺا ۽ مشهور شاعر، ممتاز اديب ۽ بااصول سياستدان هئا. سياستدانن جي خبر نه اٿم پر اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن تي ڏاڍو مهربان هئا. هالا ۾ ننڍي هوندي کان شعر و شاعريءَ جون محفلون ڏنيونسين. پاڻ بزم طالب المولى سميت ڪيترين ئي ادبي انجمن جي سرپرستي ڪيائون، ويتر سٺي ڳالهه اها آهي ته ادبي محفلن ۽ شعر و شاعريءَ سان لڳاءُ سندن فرزند مخدوم ’امين فهيم‘ ۽ سندن پوٽي مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ ۾ پڻ تمام گهڻو آهي.

اڄ جي دور ۾ جڏهن تعليم ۽ ڇپائي عام ٿي وئي آهي، تڏهن به سنڌ جي ڪيترن وڏن شهرن ۾ ڇپائيءَ جي ڪا پريس نظر نٿي اچي، پر هالا جهڙي شهر ۾جيڪو اڄ کان اڌ صدي اڳ هڪ ڳوٺڙو هو، اتي مخدوم صاحب جن ’الزمان‘ نالي پرنٽنگ پريس 1948ع ۾ لڳرائي، جڏهن پاڻ اٺاويهين اوڻٽيهن ورهين جاهئا. ان پريس مان ان وقت ’پاسبان‘ ۽ ’الزام‘ هفتيوار اخبارون نڪرنديون هيون. 1950ع ۾ هالن مان هڪ ماهوار رسالو ’فردوس‘ سندن سرپرستيءَ هيٺ جاري ٿيو. ’فردوس‘ سڄي سنڌ ۾ تمام مشهور ٿيو. ان ۾ شعر، افسانا، سوال جواب ۽ فلمي فوٽو ۽ خبرون هونديون هيون، ۽ لکڻ وارن جي گهڻائي  جو تعلق هالا سان هو. بلڪه هن پريس، هن رسالي ۽ مخدوم صاحب جن جي همت افزائيءَ هالا جي ڪيترن ئي ماڻهن کي اديب ۽ شاعر بنائي ڇڏيو. اسان جيئن ئي لکڻ پڙهڻ سکياسين ته پرئڪٽس لاءِ ’الوحيد‘، ’فردوس‘، ’نئين زندگي‘ ۽ ’گلستان‘ اخبار ۽ رسالن جي صفحن کي پڙهڻ لڳاسين. فردوس هالا ۾ ڇپبو هو، گهر گهر ۾ نظر ايندو هو. ان ڪري سڀ کان گهڻو ان رسالي سان واسطو پيو. اڄ به ان رسالي ۾لکندڙ ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن جا نالا دماغ ۾ ڦري رهيا آهن: الهه بچايو ’فيروز‘، عبدالحي ’سليم هالائي‘، انور هالائي، شفيع محمد ’شهنشاهه‘، علي احمد ’گل چين‘، عبدالرحمان ’انجم‘، ’اختر هالائي‘، شوڪت ابڙو ’شوڪت‘، عبداللطيف ’ساقي‘ وغيره وغيره. ان کان علاوه مخدوم صاحب جا شعر، غزل، گيت، ڪافيون پڻ ان ۾ ڇپبيون هيون. سندن ڪافيون ۽ وائيون نه فقط پڙهندڙن ۾ پر ڳائڻ وارن ۾ پڻ مقبول ٿيون. اسان به ”تو دلڙي يار ڌتاري، پو ير ڪانه ڪيئي پوئيواري“ جهڙيون ڪافيون پهرين ڳوٺ جي صدا بهار ڳائڻين: قدم، گلزار، آمون شيدياڻي ۽ ڦاپو مڱڻهار کان ٻڌيون، پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ ٽي ويءَ تان ۽ هاڻ هر بس ۾ رونا ليلى جي آواز ۾ ڪئسٺ وڄندا رهن ٿا:

”تنهنجو ’طالب مولا‘ آهي،

ٻي ساڻ ڀلا ٻيو ڇاهي؛

رس تنهن کي قرب مان ڪاهي،

ٻيا لڳ لاڳاپا لاهي؛

ڇڏ وير ورهَ  جي واهي،

ڪير سينو توسان ساهي؛

اها طاقت ڪنهن کي ناهي،

اچ مون وٽ گاهي ماهي؛

لاءِ بره جي يار بهاري!

الا ير ڪانه ڪيئي پوئواري!

سائين طالب المولى جن جي ٻي هڪ ڪافيءَ جا خوبصورت ٻول جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن:

جيڪي برهه ۾ بيپرواهه دليون- اهي آهن شهنشاه دليون،

جيڪي پورن ۾ پيون روز پچن- جيڪي بره جي باهه ۾ ڌار ڌڳن،

جيڪي دردن جو درمان نه ڪن، سي سهڻن جون ٿيون ساهه دليون.

جيڪي محبت ۾ ٿيون مست مچي، جيڪي طالب المولى ڪن نه ڪچي،

والله چوان ٿو سچ به سچي، اهي ڪن ٿيون ڪونه گناهه دليون.

1952ع ڌاري مخدوم صاحب جن جي سرپرستيءَ ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ ”شاعر“ رسالو پڻ تمام مشهور ٿيو ۽ معياري سمجهيو ويو ٿي.

مخدوم صاحب جن 1950ع ڌاري سياست ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيو، سندن رهنمائي چاچي مخدوم غلام حيدر جن ڪئي. 1953ع جي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبري تي بنا مقابلي جي چونڊجي آيا. پاڻ ان بعد مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ نه بيٺا. مارشل لا کانپوءِ نئين آئين جي چونڊ ۾ پاڻ مرڪزي اسيمبليءَ تي ميمبرچونڊجي آيا.

بقول جي ايم سيد صاحب جي، ”مخدوم محمد زمان ’طالب المولى جن جي طبيعت جو اصل لاڙو ادب ۽ ثقافت طرف زياده رهيو؛ پر مڪاني ضرورتن ۽ وقتي مصلحتن جي بنا تي پاڻ مجبوراً سياست ۾ حصو وٺندا رهيا.“

پاڻ پهرين مسلم ليگ ۾ هئا پر 1967ع کان ڀٽي صاحب جي قائم ڪيل پيپلزپارٽيءَ جا باني ميمبر ۽ سينئر وائيس چيئرمين رهيا. پاڻ 1970ع ۽ 1977ع ۾ قومي اسيمبليءَ جا ميمبر منتخب ٿيا.

مخدوم محمد زمان طالب المولى جن 9 محرم 1338 هجري بمطابق 26 سيپٽمبر 1919ع آچر تي هالا ۾ جنم ورتو. سندس والد بزرگوار جو نالو مخدوم غلام محمد هو. مخدوم صاحب ايشيا کنڊ جي نامور عالم دين، مبلغ حضرت غوث الحق المعروف مخدوم نوح سرور رح جي گاديءَ جو سترهون سجاده نشين هو. مخدوم نوح سرور رح پنهنجي وقت جو غوث، مجدد،وڏو عالم ۽ ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو لطف الله هو ۽ سندن والد صاحب جو نالو مخدوم نعمت الله هو. مخدوم نوح سرور رح ننڍي کنڊ (پاڪ وهند) جو پهريون عالم هو، جنهن فارسي زبان ۾ قرآن مجيد جو ترجمو ڪيو هو.

مخدوم صاحب جي زباده تعليم ۽ تربيت سندن والد بزرگوار غلام محمد ۽ چاچي مخدوم غلام حيدر جن جي خدمت ۾ ٿي. قرآن شريف جي تعليم انهيءَ وقت جي عالم ۽ درگاهه شريف جي مجاور حافظ ولي محمد کان حاصل ڪئي. سنڌيءَ جي تعليم استاد حاجي عبدالغفور وڪيلائي ۽ استاد عبدالرحمان انجم هالائيءَ کان ورتائون. فارسي عبدالحي ٺيڙهي واري پڙهائين ۽ انگريزي ۾ سندن استاد غلام رضا ڀٽو صاحب هو.

مخدوم صاحب جن جو وڏو فرزند مخدوم محمد امين فهيم هالا جي اسڪول ۾ مون کان چار سال کن سينئر هئا. پيٽارو وڃڻ کان ٽي سال اڳ جيڪي هالا جي اسڪول ۾ پڙهيو هوس، اتي اسان جو هيڊ ماستر سائين غلام رضا ڀٽو صاحب هو (سندن وڏو فرزند نواز علي ڀٽو، رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي اسان کان سال جونيئر هو.) اهڙيءَ طرح مخدوم صاحب جن جو انگريزيءَ جو استاد غلام رضا ڀٽو صاحب اسان جو پڻ استاد ٿي رهيو. سندن ٻئي استاد صاحب: انجم هالائي جن سان پڻ منهنجا ويجها تعلقات رهيا، جوانجم صاحب جو ننڍو فرزند عبدالرزاق پرائمري اسڪول کان وٺي انگريزي تائين منهنجو ڪلاس ميٽ رهيو ٿي. ۽ هو اسان جي ڀرواري گهٽيءَ ۾ رهيا.

مخدوم صاحب جن جا ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتاب لکيل آهن. جهڙوڪ؛ رباعيات طالب، خود شناسي، شيطان، اسلامي تصور، امام غزاليءَ جا خط، ياد رفتگان، مثنوي عقل و عشق، ڪچڪول، شان سرور، ڪافي، ڇپر ۾ ڇڙيون، ديوان طالب، بي پير اکيون وغيره وغيره.

مخدوم صاحب جن ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرين شادي 1937ع ڌاري 18 سالن جي ڄمار ۾، اچ شريف تعلقي ٽنڊوباگو (ضلعي بدين) جي پيرن مان ڪئي هئائون جيڪا هن علائقي جي نامياري شخصيت علي بهادر شاهه جي پڦي هئي. اها ٽن سالن بعد 1940ع ڌاري گذاري وئي. جنهن مان مخدوم جن کي هڪ فرزند امين فهيم آهي. ٻيو نڪاح ڊسمبر 1941ع ڌاري مولانا فضل احمد غزنوي صاحب جي نياڻيءَ سان ڪيائون. ان مان کين مخدوم خليق الزمان، مخدوم رفيق الزمان، مخدوم شفيق الزمان، مخدوم سعيد الزمان ۽ مخدوم نويد الزمان اولاد آهي. مخدوم صاحب جي وفات کان پوءِ چاليهي جي موقعي تي فيبروري 1993ع ۾ مخدوم امين فهيم کي گادي نشين بنايو ويو. اهڙيءَ طرح مخدوم امين صاحب ارڙهون نمبر گادي نشين آهي. پاڻ سياست جي ميدان ۾ سدائين سرخرو رهيو آهي. اسيمبلي ميمبريون ۽ وزارتون ماڻيندو رهيو. مخدوم امين صاحب پڻ اديب ۽ شاعر آهي. پڙهيل ڳڙهيل، سياستدان، اديب، شاعر ۽ سنڌ جي باعزت خاندان جو فرد هجڻ ڪري، کين ڪيترن ئي ملڪن توڙي غير ملڪي اهم ۽ مشهور ماڻهن سان ملڻ جا موقعا مليا. آهن. ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شيخ اياز ۽ جميل الدين عالي تائين، جي ايم سيد ۽ پير پاڳاري کان وٺي غلام محمد گرامي ۽ ابن انشا تائين، سنگاپور جي لي ڪئان يو ۽ ملائيشيا جي مهاتر کان ياسر عرفات تائين، هو چاهي ته پنهنجي زندگيءَ جون يادگيريون قلمبند ڪري ادب جي وڏي خدمت ۽ عوام کي پڙهڻ لاءِ دلچسپ مواد ڏئي سگهي ٿو. ملائيشيا ۾ 1989ع ۾ ٿيندڙ ڪامن ويلت جي ليڊرن جي گڏجاڻيءَ ۾، سندن انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ ۽ ملائيشيا جي بادشاهه ازلان شاهه سان گڏ تصوير ڪڍڻ وقت، مون کيس اهڙي صلاح ڏني هئي ۽ هينئر به منهنجي اها خواهش آهي ته هو پنهنجو ڪجهه وقت ان قسم جي ملاقاتن ۽ يادگيرين کي قلمبند ڪرڻ لاءِ ڪڍن. ان حساب سان سندن فرزند ۽ مخدوم صاحب جو وڏو پوٽو جميل الزمان سياست سان گڏ چڱو وقت لکڻ پڙهڻ کي ڏيئي رهيو آهي؛ ۽ سندن هينئر ئي ٻه ڪتاب نثر ۽ نظم جا اچي چڪا آهن.

مخدوم طالب المولى جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور کين تمغئه پاڪستان 1990ع ڌاري، هلال امتياز ۽ 1991ع ڌاري حڪومت سنڌ طرفان شاهه عبداللطيف ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. سنڌ جو سڄاڻ سخنور مخدوم محمد زمان طالب المولى 11 جنوري 1993ع تي ٽيهتر سالن جي ڄمار ۾، علم ادب جي مشعل کي روشن رکندي راهه  رباني وٺي ويو. دعا آهي ته شال رب پاڪ کين جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي- آمين.

آديسي اٿي وَيا، وَيا وطَنؤن ڏُور،

قائم جن سان ڪچهريون، زنده هيون ضرُور،

اُهي مرد نه مُور، ٿيندا پيدا ٿَري چَوي.

 

الطاف شيخ

10 جولا 1998ع

ڪراچي.


 

 

 

ترجمي جو سفر

ٻين ٻولين جا ڪي ڪتاب پڙهندي خيال ايندو آهي ۽ اتساهه اُڀرندو آهي، ته ان ۾ ظاهر ڪيل ويچار، نظريا ۽ واٽون يا ان جي لکڻ جو وڻندڙ ڍنگ، اسان جي ٻوليءَ وارا به پڙهي ۽ ڄاڻي سگهن. ان لاءِ ان کي ترجمي ڪرڻ جو شوق ۽ جذبو جاڳندو آهي. يا وري ٻين ٻولين جي ڪن ڪتابن ۾ سياسي، سماجي ۽ قومي مسئلا، تعليمي، تهذيبي، اقتصادي ۽ نظرياتي حالتون اهڙيون بيان ڪيل هونديون آهن ۽ انهن جا حل پڻ پيش ڪيا ويندا آهن، جي اسان جي ديس جي مسئلن ۽ حالتن جهڙا هوندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾، ان جي ترجمي تي دل چاهيندي آهي، جيئن اسان جي پنهنجي عوام جي ماڻهن جو انهن مامرن ۾ ذهني ۽ قومي سوچ ڄاڻڻ لاءِ به انهن ملڪن جي ٻولين جا ڪتاب ترجمو ڪرڻ ڪارائتو ڪارج آهي. اهي آهن منهنجا پنهنجا خيالات ۽ لاڙا ترجمي بابت.

الطاف شيخ جي ترجمو ڪيل هنن ڪهاڻين مان ائين پيولڳي ڄڻ اسان جي ديس ۽ سماج جون ڪهاڻيون آهن، ۽ انهن جا ڪردار اسان جا ڏٺل وائٺل آهن. ماحول ۽ ڪردار اهڙا آهن، جو جي ماڻهن ۽ شهرن جا غير سنڌي نالا نه هجن ته ترجمي هجڻ جو گمان ئي نه پوي.

ڪهاڻي ”خوش نصيب وڇوڙي“ ۾ ليکڪ مزاج ئي مزاح ۾ ڪيترن ئي سماجي اوڻاين طرف صاف ۽ چٽو اشارو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ دولتمند يا نوڪر شاهي طبقي جي تصوير چٽي آهي ۽ اهو ڏيکاريو آهي ته پئسن جي زور تي مُلن ۽ ڪورٽن مان پنهنجي مرضي موجب ڪم ڪڍائي سگهجي ٿو. اهڙا مثال اسان جي ملڪ ۾ به آھن. البت يئان لنگ جهڙيون جرئتمند ۽ اڳتي وڌيل ڇوڪريون هتي گهٽ ملنديون .

”گرميءَ جي لهر“ ڪهاڻيءَ واري لورين جهڙيون سڪايل ڪنواريون هر ملڪ ۽ اسان جي ملڪ ۾ به آهن، جن لاءِ چادر ۽ چؤديواري بي معنى بنجيو وڃن، پر هتي لورين وانگر اڳتي وک وڌائڻ جو حوصلو پورو سارو اٿن.

”ٽيون ڏاڪو“ ڪهاڻيءَ ۾ ڏسجي ٿو ته ملائيشيا ۽ سينگاپور ۾ سنڌ وانگر، جي شهري ۽ صنعت تي زندگيءَ ۾ نه. ته به گهٽ ۾ گهٽ جاگيرداري سماج ۽ ٻهراڙيءَ ۾، پوڙهن جي عزت ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪنهن به نموني هنن جي دل دکائڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٿو. پر غريب ۽ پورهيت طبقي ۾ جڏهن پوڙهو بيڪار ۽ اپاهج بنجيو وڃي، تڏهن هنجي ٽهل ٽڪور آزار ۽ هن جو گذران ۽ علاج ڪٽنب لاءِ سهڻ کان ٻاهر بوجهه بنجيو پوي، ۽ پوءِ هو سوچڻ لڳن ٿا ته پوڙهو نه مري ٿو ۽ نه منجو ٿو ڇڏي. پوءِ جهالت ۽ وهم پرستيءَ ڪري ۽ خاص ڪري اقتصادي بدحاليءَ ڪري هو پوڙهي جي علاج واسطي ڦيڻن ڦوڪن ۽ تعويذن تي ڀاڙين ٿا. حقيقت ۾ هنن جي اها جهالت ۽ وهم پرستي به غربت ڪري آهي. البت هن ڪهاڻيءَ ۾ پوڙهن جي سنڀال جو ڪم حل ڪونه ٻڌايو ويو آهي. حل ته اهو آهي ته غير طبقاتي سماج قائم ٿئي، جتي پوڙهن جي سنڀال ۽ ٽهل ٽڪور جي ذميواري عوامي حڪومت تي هجي.

”قوناط جي خوشين ڀري زندگي“ ۾ ڏيکاريل آهي ته انڊونيشيا جو عوام به سنڌي عوام يعني هارين، مزدورن، شاگردن ۽ ڪلارڪن وانگر انقلاب چاهي ٿو ۽ ان واسطي سياسي جلسن ۾ جنون ۽ جذبي جو اظهار ڪري ٿو. پر اتي عوام به پاڻ مان اڳواڻ پيدا ڪرڻ بدران خانداني، جاگيرداري، رجعت پرست ۽ روايتي اڳواڻن ۾ اميد رکيو ويٺو آهي. ۽ اهي ليڊر به عوام کي ڍڳا ڍور يا رڍون سمجهن ٿا، جن جي ڌڻ کي هو جيڏانهن چاهين اوڏنهن هڪلي سگهن ٿا ۽ تقرير ڪري، نعرا هڻائي ۽ لکن ماڻهن جا ميڙ گڏ ڪرڻ سان پنهنجي ليڊري پيا چمڪائين ۽ جيڪي انقلاب جو نعرو ته هڻن ٿا پر انقلاب جي واٽ تي هڪ وک به نٿا وڌائين. هو پرمار طبقي جا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر جي بورجوا ذهنيت به ظاهر ڪئي ويئي آهي، جو پورهيت جي ڀيٽ ۾ هڪ وزير کي بچائڻ  ۾ پنهنجي آئيندي جي ترقي ڏسي ٿو.

”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“ ڪهاڻي ۾ سرمائيداري دور ۽ شهري زندگي جي ڀيٽ جاگيرداري نظام ۽ ڳوٺاڻي جيون سان ڏاڍي اثرائتي ۽ دلچسپ نموني ڪئي وئي آهي ۽ پڙهندڙ سرمائيداري دور کي مٿانهون سمجهڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿو ڪري. اسان وٽ به ٻنهي سرشتن جا نظارا ساڳئي وقت موجود آهن.

”سفيد گل“ ڪهاڻيءَ جي ماسترياڻيءَ ۽ ڪارٽنيءَ وانگر اسان وٽ به ڇوڪريون تعليم پوري ڪندي ڪندي ڪافي عمر جون ٿي وينديون آهن. پوءِ ڪا چڱي ملازمت ملندي اٿن ته پنهنجي تعليم ۽ عهدي جي گهمنڊ ۾پنهنجن مائٽن يا سماجي طرح پنهنجي طبقي وارن سان پرڻجڻ ۾ گهٽتائي محسوس ڪنديون آهن. ۽ پوءِ انهيءَ آسري ۽ خوشفهميءَ ۾ ته ڪو مالدار ۽ سماجي طرح اوچي طبقي جو نوجوان اچي ساڻن لائون لهندو، هنن جي عمر وڌي ويندي آهي ۽ هو شاديءَ جي عمر کان چڙهي وينديون آهن ۽ ساري ڄمار Miss يعني ڪنواري ٿي ڪاٽينديون آهن.

ڪهاڻي جي پرک جو منهنجو هڪڙو ماپو اهو به آهي ته ان ۾ طبقاتي سماج جي اپٽار ڪيتري آهي. الطاف شيخ جي ترجمو ڪيل هنن ڪهاڻين ۾ گهڻو ڪري هر هڪ ۾ طبقاتي سماج جي ڪنهن مسئلي کي اجاگر ڪيو ويو آهي، جيئن مون مٿي ڪن جي چنڊڇاڻ ۾ ڏيکاريو آهي. انهن ڪهاڻين کان سواءِ اهو به ڏيکاريوويو آهي ته سڃائي ۽ اڻ هوند ڪري ڪنهن نوجوان جي شادي نه ٿيڻ (ڪهاڻي: ضدي) يا سترهن سالن جي نوجوان نينگريءَ جي ستر سالن جي ڪروڙپتي ڪراڙي سان شادي ٿيڻ (ڪهاڻي: شادي).

اسين ڏسون پيا ته سنڌ ۾ به ساڳيون سماجي برايون آهن.

انهن ملڪن، جتي جي ڪهاڻيڪارن جون هي ڪهاڻيون الطاف کنيون آھن، اتي سامراج جو ڪافي غلبو آهي، ۽ مون کي پڪ آهي ته ڪن ليکڪن سامراج دشمن ۽ قومي آزادي لاءِ به ڪهاڻيون لکيون هونديون، پر الطاف شيخ جي هن چونڊ ۾ ڪا اهڙي ڪهاڻي نظر ڪانه ٿي اچي.

ترجمو ٿيل ڪم تي، ٿيل ترجمي جي خوبين ۽ خامين تي پنهنجو خيال ظاهر ڪجي، يا اصلي لکڻيءَ جي مواد تي؟ پڌرو آهي ته مواد لاءِ ذميوار ان جو اصل ليکڪ آهي.

الطاف جي ترجمي جي ٻولي سادي، سليس، روان، لذيذ، صاف سٿري ۽ ڌوتل پوتل آهي. هن دنيا جي ڪن سٺين ڪهاڻين سان سنڌين کي آشنا ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي. هنن ڪهاڻين پڙهڻ مان اهومعلوم ٿئي ٿو ته انهن ملڪن ۾ مقصدي ساهت لکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ عوام جا مسئلا آهن ۽ جن ۾ فني لحاظ کان چٽائي، ڪهاڻيپڻو ۽ دلچسپي ڀرپور  نموني موجود آهن. اهڙين ڪهاڻين جي چونڊ تي الطاف شيخ جي رويي کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. هي ڪهاڻيون دنيا جي ڀلين ۾ ڀلين ڪهاڻين ۾ ڳڻي سگهجن ٿيون.

مان سمجهان ٿو ته الطاف شيخ جو هي ڪتاب سندس ساهتي ڪاوشن ۾ خوشگوار تبديلي ثابت ٿيندو. سندس شروعاتي سفرنامن کي ماڻهن ان ڪري به وڏي شوق سان پسند ڪيو جو انهن ۾ ”سنڌيت“ کي چڱو خاصو حصو مليل هو. پوين سفرنامن ۾ هڪ ته ورجاءُ آهي ۽ ٻيو انهن ملڪن جا جاگرافي، پنهنجن سنگيتن، واقفڪارن ۽ شين جي خريداريءَ جا غير ضروري تفصيل ڏنا آهن. هئڻ ائين کپي جو انهن ملڪن جي سماجي جوڙجڪ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي ۽ اتي ظالم ۽ مظلوم يا پرمار ۽ پرماريل طبقن جون حقيقتون هٿ ڪري ڏنيون وڃن، ۽ جيڪي مظلومن ۽ پرماريلن جون هلندڙ تحريڪون آهن، انهن کي انقلاب جي روشنيءَ ۾ اجاگر ڪيو وڃي. خاص ڪري ان حالت ۾ جڏهن ماڻهوءَ کي اتي وچ عرصو ترسڻ جو وجهه ملي ٿو..... جيئي سنڌ!

نجم عباسي

8- اپريل 1987ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: