قومي آزادي ملي ويئي ته هر چيز ملي
ديس جي اوڳ ملي، زيست جي تجويز ملي
تاب
پرواز مليو، همت پاڪيز 2 ملي
عيش ۽ شوق ۽ شوڪت جي سَندَ3 نيز4 ملي
شوڪت آ شاهه آ شهباز آ آزاديء قوم.
102
غريبن
ڏانهن:
جنهن کي دولت ملي تنهن کي نه ملي دل اڪثر
جي ملي دل ته اها ڀي ٿي پٿر، توڙي گُهَر
معدن 5 لعل مٿان ڪاٿي ڏٺوَ سبزي ۽ جر
ساوڪ ۽ ساهه کي ساڙي ٿا ڇڏن لعل ۽ زر
هاءِ ساڙي تنهين بوُ ناز 6 آ آزاديء قوم.
103
ڀل ٿئي سارو جهان پاهه، سکي ڍور آهن
رزق مولا کي ڪرڻ قيد ۾ منهن زور آهن
اهي ڌنوان نه سمجهو، هي وڏا چر آهن
مار 7 اندر ۾ ۽ ٻاهر ۾ اهي مور آهن
نه مگر، جن جو 8 دم و ناز آ آزاديء قوم.
104
خوش رهو، پنهنجي انهن کان چڱي قسمت آهي
بي خطر ڏينهن گهمو، بندگي محنت آهي
بي خبر رات سمهو، ڪاٿي به فرحت آهي
چور جو خوف نه پهري جي ضرورت آهي
هڪ ضرورت آ، طلب آز آ: آزاديء قوم.
105
اي اچو، ديس مٿان جان کي قربان ڪريون
او غريبو! او غريبيءَ جو مٿي مان ڪريون
اهل دولت به بچايون ۽ مٿن دان ڪريون
ديس جي دوس1 ۽ دشمن مٿي احسان ڪريون
عجب احسان آ انداز آ آزاديء قوم.
105
هندن
ڏانهن:
آريـﮧ
2
هندو، پرستارِ 3 بت و گمان هندو
ٿو ٿئي ديوسماجي 4 سِک 5 آسان هندو
جي اَڇوُت 6 آهه ۽ شوُدر 7 ته به شايان 8 هندو
دوستو! ڪهڙي سبب ناهه مسلمان هندو
جنهن سان ڪڇ ڪڇ رهي دمساز آ آزاديء قوم.
107
ڪاوڙ آ گاءِ ڪُشيءَ تي، ڇو ٿا کائو ٻڪر
هان، ڏسو هيٺ مٿي: جيءَ جو آ جيءَ تي گذر
ڊاهيو قدرت کي، 2 اچو ٺاهيو دنيا نئين سر 3
جاتي خون پنهنجي سوا ڪڇ نه حَلال اچي نظر
نه غلامي جتي نه آواز آ آزاديء قوم!. 4
108
ٿيون اگر قومون گهڻيون هند ۾“ ڇو ٿيون غمگين
دل جي سوڙهي نه ٿئي جا ٿئي سوڙهي ڪڏهين
ڪنئين قومن کي سمائي ٿي سگهي هند زمين
ههڙي سر سبز ۽ زربن، ڪشاده رنگين
نه فقط هند ۾ ممتاز آ آزاديء قوم.
109
گڏجي گهارڻ ۽ گذارڻ اگر آسان نه آ
کير ۽ کنڊ ٿيڻ جو اگر امڪان نه آ
گيت گيتا جو اگر قرئِت 5 قرآن نه آ
دوستو! ڌار ٿي گهارڻ کان تڏهن شان نه آ
ڪجهه به ناهي جي نه همراز آ آزاديء قوم.
110
جنهن کي انسان جو جامو مليو، اعليٰ آهي
ڪهڙو ردي نه هجي پنهنجو سڳوڀا آهي
ٿي انهيءَ طرح ئي پنهنجي
سڄي دنيا آهي
ورنـﮧ محتاج نٻل پاڻ کان وڌ ڇا آهي
ورنـﮧ ڇو پنهنجو ئي حق ناز آ آزاديء قوم.
111
مسلمان
ڏانهن:
پاڻ وٽ ڇا هي رهيو، ڳالهه ته آ صاف معَاف
فقط اِفلاس 2 ۽ اَسلاف 3 سبب لاف گزاف 4
ٿيو نه بدحال ڇڏي حال، ٿي انصاف خلاف
مذهب ايمان کي ڪيو عقل ۾ انصاف ۾ صاف
جيئن صاف آهه سرفراز آ آزاديء قوم.
112
اي مسلمان! لهو مان، ٿيو مرد مٿير
پاڻُ آزاد ڪيو، هموطنن کي به دلير
ڇا هي! اڄ پانهنجي پاڇي کان ڊڄو ڇو ٿا شير
ڪير آهي جو مسلمان جو اورناگهي پير
هديَـﮧ 5 جذبـﮧ جانباز6 آ آزاديء قوم.
113
خالق الله ته مخلوق ٿيو سارو جهان
جنهن ۾ هر اَرض
وسما2 آئيو، انسان، شيطان
دين الله جي مخلوق ته آ ڪُفر ڪٿان
ڀائرو! اشرفِ 3 مخلوق آ انسان، قرآن؟
ظالم جي زور سان ناساز آ آزاديء قوم!
114
ڪابه بيچُون4 جي تصوير تَصوُر5 غلط آ
ڀل کڻي ڇا به وسيع6 آهه ۽ فرحت نمط7 آ
هوُ اڃا آور آ، ڇا تابِ خيال آهه خط8 آ
هڪ بيان بيحد آ ڇا پاڻي جو قطرو فقط آ9
هتي هڪ وهم جو آواز آ آزاديء قوم.
115
بين باجي سان ڀڄي ڪيئن ٿي غازي10 جي نماز
اهڙي شيءَ ٽاڪُئين آهي ته ڇو آ مايـﮧ 11 ناز
اي مسلمانو! ڇڏيو ضعف12 تَمَسخُر 13 ۽ مجاز 14
ٿي فنا ذوق بقا 15 وٺو، ٿيو شير حِجاز 16
جنهن جي اَقوال 17 جو اِيجاز 18 آ آزاديء قوم.
116
چاهيو آخر ٿا هان سنڌ مان هندو نڪرن؟
محل ۽ مال ڇڏي هت، وڃي ڪٿ ڪٿ ڀٽڪن؟
هتي سِيلان ۽ برما مان مسلمان اچن؟
هرڪو پرديس ڪري ديس، ڪري گلشن بن؟
هي اوهان جو غرض آ راز آ آزاديء قوم.
117
ڇو نه شِيعن جي حوالي ڪجي ڪجهه ملڪڙو يار
جت صَحابن
تي وجهي لعنتون بڻجن ديندار 2
هر مذهبي کي ڏجي ڇو نه حصو ملڪ جو ڌار
هند جو نام نشان گم ڪري ڇڏجي يڪبار
هان مسلمان جو هي راز آ آزاديء قوم.
118
پاڪ پهريائين غلاميءَ کان ڪيو گهر پنهنجو
گڏجي اڄ هم وطنن ساڻ ڏيو سر پنهنجو
پوءِ ڇا هند آ، هر هنڌ آ ڪَر فَر3 پنهنجو
ڪير آ جو کسي آزادي جو زيور پنهنجو
قوم جي قصي جو اِيجاز آ آزاديء قوم.
119
ذوقِ تعليم آ، تهذيب ا، طاقت اگر آ
هند ۾ ڪونه مسلمان کي خوف آ خطر آ
ورنـﮧ انسان جو دشمن جگر آ پنهنجو گهر آ
جنهن جي لئه چاره ڪٿي آ نه ڪٿي چاره گر آ
جنهن لئي قيد آهه جو آواز آ ”آزاديء قوم!“
120
هند ۾ ٿي ڪري هندن سان عداوت
ڇاهي
ننگ پاڙي جو نبِين کي هو، آيت ڇاهي:
اي ”لَڪُم دِينُڪُم“2 اسلامي هدايت ڇاهي
”عالمن واسطي رحمت“ 3 جي عنايت ڇاهي؟4
هي وٺو راهه ته همراز آ آزاديء قوم.
121
ڀاءُ آ، عضوو آهي پانهنجو، انسان جو آهه
خير عضوي جو نه آهي ته خر جان جو آهه
غَير5 ۽ غُصو حصو دوستو! نادان جو آهه
آهي الله ته هندو جو مسلمان جو آهه
آهه اِعجاز ته اِعجاز آ آزاديء قوم.
122
عام
ڏانهن:
هنديئو! هند جي ڪڇ لاڄ، اي پيارئو! سمجهو
هندڪي ۽ ٻيو مسلمانڪي ماري ته ڇڏيو
ذات اصلي کي وٺو، نقل جي منهن ڌوڙ وجهو
اول انسان ٿيو، آخري انسان ٿيو
فقط انسان جو حق ناز آ آزاديء قوم.
123
جو غلامي ۾ به جي ٿو سگهي مذهب، ڇاهي
ماڻهو ماڻهوءَ ۾ ڌڪار آڻي، ته مطلب ڇاهي
غيرت ۽ فڪر سوا زيست جو مَنَصب
ڇاهي
هنديئو! پاريو، هلو، حال مُذَبذَب 2 ڇاهي
ماري ويئي سبب ناز آ: آزاديء قوم!
124
اي غلاميءَ جي جئڻ کان مرڻ ئي بهتر آهه
اي غلاميءَ جو رئڻ توڙي کلڻ خواري آهه
ڇو نه ٿو منهنجو ستت ساهه ڪڍين ياالله!
زندگي منهنجي ۾ ڇا تنهنجو جلال آهه ۽ جاهه
نه اگر منهنجو حصو ناز آ آزاديء قوم.
125
نه غلامن جي نماز آهه
نه حڪمت، نه جات2
نه غلامن جي ڪٿا3 پاٺ 3 نه ڦيري پرڀات4
نه غلامن جو خدا آهه نه مذهب نڪي ذات
اگر آهي ته آ حڪام ئي سندن لئي هر بات
بات آ ذات آ هر راز آ آزاديء قوم.
126
مذهبن سان نه ڪڏهن پاڻ کي نابود ڪيو
ذات انسان جو ڀلو منزل مقصود ڪيو5
خُون انسان اگر الله کي خوشنود ڪيو
ته 6 ٻيو ڳوليو، پيدا ٻيو معبود ڪيو
جستجو جهڙي ۾ جانباز آ آزاديء قوم.
127
جو به مذب آهي انساني محبت جي خلاف
آهه خالق جي خلاف، آهه سو قدرت جي خلاف
پنهنجي هستيءَ جي خلاف آهه، طبيعت جي خلاف
شان انسان جي خلاف آهه، شرافت جي خلاف
رمز هي سمجهو ته همراز آ آزاديء قوم.
128
ذات مذهب
آهي انساني محبت جي خلاف
گرچـﮧ2 هرڪو هڻي انساني اُخوت 3 جي لاف4
دين هرڪو ٿو دوئي 5 سان ڪري دنيا کي شگاف:6
”هڪڙا ان دين جي تابع، ٻيا ان دين خلاف:7
”مُعتقَد 8 جو ئي حصو ناز آ آزاديء قوم.“
129
جنگ دنيا جو نه جرمن تي نه انگريز تي ڏوهه
آ ضعيفن جي زر ۽ ملڪ تي هر ڪنهن جو موهه
هنديئو! زور ۽ شڪتي ڪيو پيدا
،
ٿيو لوهه
پوءِ ڪير آ اِهو ڌاريو جو ڪري ڊوهه ۽ ڇوهه
زور سان شور سان آنباز آ آزاديء قوم.
130
زندگي زندهه دلي زور زبردستي آهه
ورنـﮧ انسان ٿئي ڪيئن ها دنيا ۾ شاهه
ڇو نه مٽي سان پٿر ساڻ ڪري پيار الله
اگر آرام ۽ خاموشي آ مقصد جي راهه
اگر ان جاءِ لِڪل راز آ آزاديء قوم.
131
ناهه همت ته آزادي به هڪ بار ۽ ڄار
جا ٿي اُلٽو ڪري مالڪ کي گرفتار ۽ خوار
آدم ايڪي سان آهمسا3 به آ تلوار جي ڌار
جنهن اڳيان بيهي سگهي صاحب تاتار4 نه زار 5
جنهن اڳيان قرب جي قيماز آ آزاديء قوم.
132
ڀروسو دوستو! نَيرنگِ
جان تي نه رکو
جيڪي اڄ ٿي سگهي، هرگز هي سڀاڻ تي نه رکو
ڪڇ ڪريو ڪار، مدار آهه2 و فُغان2 تي نه رکو
پنهنجي طاقت تي ۽ دشمن جي خزان تي نه رکو
طاقت آ، تاب آ، اِجزاز3 آ آزاديء قوم.
133
سال صديون آ، غلاميءَ ۾ گهڙي پهر سهي
ڇو نه آ بي لڄي جيئڻ کان مٺو زهر سهي
اي ڪري لهر سهي، قيد سهي، قهر سهي
نه لڙو راهه حقيقت کان، لڙي دهر4 سهي
ساهه سر گهوريو، اِنجاز5 آ آزاديء قوم.
134
نفس هر ماڻهو جو فِرعون6 کان ڪمتر7 ناهي
ليڪ هر ڪنهن کي اهو زور اها زر ناهي
جوڙ انسان جي غلاظت سوا جيترو ناهي
خون، قرباني سوا چارو برادر! ناهي
خون قرباني سوا راز آ آزاديء قوم.
135
خون اگر آهه جفا خوف جفا آهه جفا
خون تي آهه ٻڌل ڪعبـﮧ،
ڪَلِيسا2 هرجا
خون جو درياهه نِهان3 زير4 عدالت گاهه آ
ڪاٿي آزاديء قوم آهه ملي خون سوا
خون اوزار آ اِحراز5 آ آزاديء قوم.
136
ڪهل باتيون ۽ بهانا ڇڏي سر گهور ٿي مور
خون ڪر رنگ حِنا، 6گهوٽ ٿي پير اورتي سور
لوهه کي لوهه وڍي ٿو، ٿو ڀڃي زور کي زور
شير جي چنبي اڳيان ڇا ٿو لڳي ڍور جو شور
جنهن جي لئي لٺ ڪٽي ڪاز7 آ آزاديء قوم.
137
خون تي ئي ٿو رکي ساهه ۽ هرڪار مدار
خون قيمت ٿي رکي آهه جي شيءَ لائقِ پيار
خون جو پيارو رکي ٿو آ سدا خوار ۽ زار
هنديئو! خون ڏيئي ۽ ڪيو پيدا گلزار
جنهين گلزار جو پرداز8 آ آزاديء قوم.
138
قيد ۾ آهه سدا جو ٿو رکي قيد جو ڏر
قيد کان آجو آ ٿيڻو ته ڪيو قيد کي گهر
قيديو!
ڇو رُلو بيفاعده ٿا، ٿيو اندر
رَشِڪ فردوس 2 ڪيو قيد کي، زنجير کي زر
قيد آواز آ درواز آ آزاديء قوم.
139
جيئرو آهه اهو جو ٿو ٻين لاءِ جئي
جيئرو آهه اهو سر جو ٻين لاءِ ڏئي
شاهه آهي جو شهادت 3 جو پيالو ٿو پئي
خون شهادت جي سبب پاڪ ٿو زَمزم4 کان ٿئي
پاڪ، پاڪائي سندو ساز آ آزاديء قوم.
140
ننڊ جي نيستي ڪيتر، اي برادر! ڪجهه جاڳ
اگر آهي ته ادم، جانفشاني5 آ ڀاڳ
خون جگر جي کان سواءِ ڪاٿي ٺهي رنگ ۽ راڳ
تحفه طور آهه ملي ڪاٿي حڪومت جي واڳ
واڳ آ واٽ آ مِهماز6 آ آزاديء قوم.
141
ڪاٿي ٿا حق آچن دڙڪن ۽ ڪوڪارن سان
ڪاٿي ٿا مُلڪ ملن منٿن ۽ نيزارن سان
جي ملن ٿا ته هٿن ساڻ ۽ ڪجهه ڪارن سان
جي رهن ٿا ته سرن ساڻ ۽ تلوارن سان
ڪار راز
آ قَدَر انداز2 آ آزاديء قوم.
142
ٺوڪرون کائي ۽ شب روز نه بي مان ٿي مرو
موت نيٺ ايندو سڀان، ڇو نه اڄ انسان ٿي مرو
گهر کي بِستر کي ڇڏي ديس تي قُربان ٿي مرو
خاڪي پتلو ڄمي، خورشيد3 درخشان4 ٿي مرو
اهڙو اِعجاز آ انداز آ آزاديء قوم.
143
هندين جهڙي ڪٿي بي حِس5 و مرده قوم آهه
هندين قوم جو نالو ڪيو آ ڪارو، 7 آهه!8
قوم انگريز! تَعَلقُ ڪو انهن سان9 چڱو ناهه
ماڻهن اهڙن تي حڪومت ڪرڻ ئي آهه گناهه10
جن جي نالي ئي سان ناساز11 آ آزاديء قوم.
144
هنديئو! شمس و قمر آهن اوهان کان غمگين
هنديئو! آهه هوا کي به اوهان کان کفرين
هنديئو! بس گهڻُ غمناڪَ ڪُيَو عرش بَرين2
هنديئو! بس گهڻو ناپاڪ ڪَيوَ هند زمين
هر جڳهه نالـﮧ 3 و آواز آ آزاديء قوم.
145
هنديئو! ڪيستائين هند جي هي خواري، هاءِ
ڪيستائين هي مِٺي ملڪ سان غداري، هاءِ
آ هِماليه جي لڄي رفعت رَفعَت 4 ۽ خودداري، 5 هاءِ
آهه آزاديء سنڌوُ به شڪي، زاري، هاءِ
وئي ڪري هند مان پرواز آ آزاديء قوم!
146
هندين جو هي ڏسي حال: جَواني جَوهر
هاءِ اڄ ڇو نه هماليه ٿئي ٽُڪر ٽُڪر
هاءِ سنڌو نه ڪيو بند وهڻ ڇو يڪسر6
هاءِ گنگا مان هي خون نه ٿو ڇو گهر گهر
شرمسار اڄ سببِ ناز آ: آزاديء قوم!
147
اي اکيون! روئو روئو، خون جگر ڪافي ناهه
دل رڳن جان سموري مان وهايو درياهه
جو ڪري غرق سڄو هند، بچي ڪاٿي نه ساهه
ڪائي ٻي قوم اچي هند وَسائي، ٿئي شاهه
جا چوي: ”پنهنجو رم
و راز آ آزاديء قوم“!
148
سوز ۾ جان سڙي خاڪ ٿي ڇا ڇا نڪتا
حيدر
اکين مان سندءِ باهه جا شُعلا2 نڪتا
ذري ذري مان اهي خاڪ مان واڪا نڪتا:
”ديس اج جيڪي به دشمن هوا، نڪتا، نڪتا
ڪراچي ملڪ هي ممتاز، آ آزاديء قوم!“
149
هنديئو! جاڳو، ڪيو ننڊ ۽ آرام حرام
لاهيو پنهنجي مٿان هي لقب ۽ نام ”غلام“
لاهيو پنهنجي مٿان قيد ڪڙين دام تمام3
پاڻ کي ماڻهو بنايو، نه ٿيو خام4 نڪام
در وٺو سو جو سدا باز5 آ: آزاديء قوم.
150
اي رکو مان وڏن جو ۽ کٽو ڪجهه دَرَ جو
شان بابر جو شڪي آهه ۽ عظم2 اڪبر جو
روح آرجُن 3 جو گهڻو رنج آ من شَنڪَر 4 جو
جهنگلي سمجهي ٿو جو معتقد آ باندر جو5
شير ٿيو، شير آ شهباز آ آزاديء قوم.
151
هنديئو! مانُ لهو ۽ ڇڏيو ورثي ۾ مان
جيئن پويان هي چون: ”واهه وڏا هوا ڪي جوان
”داستان جن جي کان دنيا آ هِراسان 6 حيران
”ڪيئن اڄ ٿو سهي نفرت جي نگهه هندستان
”جنهن جو انجام 7 آ آغاز8 آ آزاديء قوم.
152
”هندي جوهر کي ڀلي ڪير اچي جانچي پرکي
”ڪير انگريز! ڇهي پانهنجي گهر کي زر کي؟
”ڇا مجال آهه سڪندر کي يا هَر هِٽلر
کي
”هند جي لاءِ جو تيار ڪري لشڪَر کي
”صَفِ شڪَن2 آ، قدَر انداز 3 آ آزاديء قوم!”
153
زالن
ڏانهن:
هند جي لاڄ! اي ڪاهل نه ٿيو، خوار نه ٿيو
جنگ آزاديء قوم آهه ته بيزار نه ٿيو
پهلواني ۽ دليري ڇڏي مردار نه ٿيو
پنهنجي مردن کان مصيبت جي مهل ڌار نه ٿيو
هيءُ فرمان آ آواز آ آزاديء قوم.
154
هند جون زالون! اچو ڪڇ ڇڏيو آرام ۽ گهر
ڪيستائين اهو سينگار نزاڪت ۾ هنر
ويا سوين هندي مري بند ڪيو تير نظر
پنهنجي مردن سان ۽ ڀائن سان، ٻچن سان ڏيو سر
جيئن چوَن: زال به سر باز4 آ آزاديء قوم.
155
ڪهڙيون زالون هيون، جن لئي ٿو رُئي راجسٿان
جن جون ڳالهيون اڃا ڳائين ٿا انسان حيوان
جيڪڏهن جنگ جو ميدان ڇڏي آيو جوان
اندران گهر جي هي آواز ڏنس ٿي دل و جان؛
”بند دروازه ئي درواز آ آزاديء قوم“.
156
هاري:
سنڌ جا ساهه ۽ سردار ۽ دلبر هاري
تنهنجي احسان هيٺ آ بشر هي هاري
ٿو ڪڍين مٽي منجهان موتي ۽ گوهر هاري
ليڪ بيماري ۽ بک تنهنجو آ زيور هاري
دوُر تو کان نگـﮧ ناز آ آزاديء قوم.
157
پنهنجي طاقت تي ۽ حالت تي نظر ڪر هاري
اڄ زمانو ۽ زمين تنهنجا اٿيئي، پر هاري
جاڳ، يَڪُمشت 2 ٿي، ڪر ڀاءُ سڳو هر هاري
پوءِ ڏس حال زميندار ستمگر هاري
پوءِ ڏس ڪهڙو نه اِعجاز آ آزاديء قوم.
158
استادن
ڏانهن:
اهل علمِ، اهلِ هنر، اصل ادب،
عالي جَناب
حرف گستاخي معاف، آهه اوهان ڏي به خطاب
علم آ ڇا، هنر آ ڇا، ادب آ ڇا ۽ نصاب 2
ٿو ڪري جا ٿي غلاميءَ جو قدم جَلوه ۽ تاب 3
نه جتي هاءِ سر افراز آ آزاديء قوم!
159
پنهنجا شاگرد نه هڪ وَجـﮧ 4 مَعِيشَت 5 سمجهو
تن جي هر وقت سنڀال اصل سعادت سمجهو
تن جي تعليم ترقي ۾ غنيمت سمجهو
بي بها ديس جي دولت هي امانت سمجهو
جنهن ۾ اُمِيد فلڪ تاز 6 آ آزاديء قوم.
160
اي ڪڏهن ٻارڻو آهي ته اجهو اڄ ٻاريو
اي پڙهڻ ڇاهي، لکڻ ڇاهي، اُڏڻ سيکاريو
قوم جو ٻيڙو اڏاريو ۽ فلڪ تي تاريو
جنهن تي ڀل سير ۽ فرحت وٺي پنهنجو ڌاريو
هي غرض پانهنجو هي راز آ آزاديء قوم.
161
قوم شاگرد حوالي ڪيو اُستاديء قوم
تن جي دل ذهن ۾ ويهاريو برباديء قوم
تن جي رڳ رڳ ڪيو هر وار کي فريادي قوم
در و ديوار کي ڏيو جَذبـﮧ 2 آزاديء قوم
در و ديوار ٿئي آواز: ” آ آزاديء قوم!”
162
جي اوهان کان يه سبق ڪين مليو ڪنهن کان ملي
جي اوهان کان نه اهو فيض هليو، ڪاٿان هلي
جي اوهان کان ئي آدم ڪين ٿيو، ڪنهن کان ٿئي
جي اوهان جو ئي جگر ڪين جليو، ڪنهن جو جلي
اي جگر سوز3 جگر ساز4 آ آزاديء قوم.
163
شاگِردن
ڏانهن:
هاءِ ڪاليج! اي تعليم ۽ تهذيب جا گهر
هاءِ هي هندي جوان، چال چلن ۾ دلبر 5
هاءِ ٿيندا هي سڀان نيچ نفر ۽ نوڪر
هاءِ ٿيندا هي وڃي چور ۽ ڌاڙيل اڪثر
جن سان رنجيده آ ناساز آ آزاديء قوم.
164
نوجوانو! نه جواني هي لڄايو ٿيو خوار
آ قدم تي ئي سندوَ قوم جي قسمت جو مدار
آهه ڀارت
کي اوهان جو جگر ۽ جان درڪار آهه ڀارت کي
اوهان جي شرف ۽ شان جي تار شرف آ شان آ اِعزاز
آ آزاديء قوم.
165
شرف ۽ شان جو سامان آ آزاديء قوم
ساهه آهي، جگر آ، جان آ آزاديء قوم
ڌرم آ، مذهب آ، ايمان آ آزاديء قوم
نه مگر هند ۾ ارمان آ آزاديء قوم
نه هتي هاءِ سر افراز آ آزاديء قوم!2
166
قوم شاگرد! اي سورهيه ٿيو، سپاهي بڻجو
ديس جي قوم جي عزت سندا واهي بڻجو
ڦاهي کائي سهي دشمن جي لئي ڦاهي بڻجو
ديس لئي، قوم جي لئي لطف الاهي بڻجو
لطف آ لذت آ اِعزاز آ آزاديء قوم.
167
جيسين آزادي ملي، عيش ۽ عشرت ڪيو ناس
جيسين آزادي ملي، هان، ڪيو ماتم جو لباس
خاص ۽ عام جي دل ۾ وجهو قومي اِحساس
جنهين احساس سان ٿئي قوم جو ڪم يڪدم راس
جنهين اِحساس جو انداز آ آزاديء قوم.
168
هند محتاج آ، مظلوم آ، مسڪين آهي
هند بيمار آ، بيتاب آ، غمگين آهي
هاءِ اڄ ڪا ئي دوا آهه نه تَسڪين 2 آهي
نوجوانو! ڇا اوهان ۾ ائين ڪڇ ڪين آهي؟
نه رسيو درد جو آواز آ آزاديء قوم!
169
جيڪڏهن هند مئل آهه ته آ زندهه
ڪير
ڇاهي، چاليهه ڪروڙن جو آ مڙدن جو ڍير
ها! اڄ ڪو ئي مسيحا 2 ٿي گهمائي هت پير
جو جياري مئلن، ڪڍي سڀ وير ۽ مير
جنهن جي پيرن جو نشان ناز آ آزاديء قوم.
170
نگـﮧ اِنسان جي! ڏڪائي ڇڏي رب اَڪبر کي
ڪهڙي بات آهه رجائي اگر او پٿر کي
ڪهڙي ڳالهه آهه اُڏائي اَگر او لشڪر کي
جنهن تي باوَر 3 آهي يورپ جي ڪِـﮧ ۽4 مِهتر5 کي
جنهن ڀڄائي نگـﮧ ناز آ آزاديء قوم.
171
هندي فرزند! اُٿي، زور نظر پيدا ڪر!
جو وجهي ٿرٿلو دنيا ۾، اَثر پيدا ڪر!
نئون چرخ 6 ۽ نئون خورشيد و قمر پيدا ڪر!
نئون گلزار ۽ هٻڪار ۽ ڪَر 7 پيدا ڪر!
جنهن سان هر رنگ ۾ همراز آ آزاديء قوم.
”جان دي دي هــوئي اسي کـــي تهــي
حق تو يون هي کـﮧ حق ادا نـﮧ هوا!“
’آزاديء قوم‘ پورو ٿيو.
|