سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:جيئي سنڌ

 

صفحو : 7

اگرچه منهنجو وطن ۽ مزار آهه عرب

مون ڪيئي ڀيرا ڪيو آهه سير ڪفرستان.

·

’تحفهء سنڌ‘ ڪتاب پورو ٿيو

آزاديء قوم

(مخمس)

”مرا در دي ست اندر دل اگر گويم زبان سوزد،

وگر دم در کشم ترسم کـﮧ مغزو اُستخوان سوزد“.

اِنتساب

هڪ هندستانيءَ ڏانهن

بياتا گل بر افشانيم و مئي در ساغر اندازيم

فلک را سقف بشگافيم و طرح نو در اندازيم

اگر غم لشکر انگيز د کـﮧ خون عاشقان ريزد

من و ساقي بهم سازيم و از پايش بر اندازيم.

_ حافظ

حيدر بخش الهداد خان جتوئي

(ساڪن بکو ديرو، ضلعو لاڙڪاڻو)

سنڌ پراونشل هاري آفيس، ويسٽ ڪَچا،

حيدرآباد، سنڌ.

پهريون ڇاپو مارچ 1947ع

Text Box: 76

آزاديء قوم 

يه لاش بي کفن اسد خسته جان کي هي

حق مغفرت کري عجب آزاد مرد تها

_ غالب

عام خيال:

1

ڪهڙو هي شور ۽ آواز آ آزاديء قوم

ڪهڙو راڳ آ نئون انداز آ آزاديء قوم

بيوقوفن جو فقط ناز آ آزاديء قوم

ديس جي لاءِ دغاباز آ آزاديء قوم

هان خبردار! خلل ساز آ آزاديء قوم.

2

قيد، قرباني: اهو راڳ ۽ رنگ آهي ڇا

خواب جي زِيست2 ۾ ناموس ۽ ننگ3 آهي ڇا

عيش عِشرت ڇڏي خونريزي ۽ جنگ آهي ڇا

هند جو ماڻهو چريو مثل پتنگ آهي ڇا

اي شرربار4 شرر ساز5 آ آزاديء قوم.

3

واهه دهمان ۽ ڌڌڪو آ عملداريءَ ۾

وهه وِقار1 آهه حُڪومت سان وفاداريءَ ۾

ڇا مُيَسر نه آهي نوڪري سرڪاريءَ ۾

ڪهڙو نقصان آهي قوم سان غداريءَ2 ۾

ڇا جي بڪ بڪ  آ تگ و تاز3 آ آزاديء قوم.

4

ڇو ٿا انگريز تي ڪاوڙ ڪيو هندي هر هر

پنهنجا ڀائر ٿيا آهن جي بني نوع بشر4

پاڻ کي مان ڏين ٿا جو رکن ٿا نوڪر

جانور کان به بَترَ5 ڪونه ٿا سمجهن اڪثر6

ڇاهي جي پاڻ تي طَناز7 آ آزاديء قوم.

5

هندي چاليهه ڪروڙن جا نگهدار ڪِبار8

ٿا چون سولجر9 آهن هتي پنجاهه هزار10

واهه جُرئت آ جوانن جي ۽ بندوق ترار

هر هڪ آ اٺ هزارن ئي ڪنن جو مختار11

خوش رهن هرهڪ غَماز12 آ آزاديء قوم.

Text Box: 78

6

قومي آزادي ملي وئي ته چڱي البتـﮧ آ

ٿورو نقصان انهيءَ ۾ آ گهڻو فائده آ

ڪوشش ان طرف ڪبي، دل ۾ پيو اهڙو پـﮧ آ

ڇا ڪري سگهبو، ڄڻو هڪڙو، ڀڄي پيئي چـﮧ آ

آلودا! اڄ مگر اي ناز آ، آزاديء قوم.

7

ڪٿي انگريز جو لشڪر ڪٿي ديسين جو جٿو

ڪير ٿو ڦاڙي وڃي پنهنجو جبل ساڻ مٿو

جي مٿو ويو ته بچو ڇا ٻيو، ڪم سارو لٿو

هندواسين کي اهو عقل اچي ڇا کان نٿو

خون ريز[1] آ، قَبَق انداز2 آ آزاديء قوم.

8

هرڪو ناگريزي حڪومت ۾ سکي آ سڌريل

ڇانو انگريز ۾ آسيس ڪيو هي پلپل

آخرت تائين هلي هيءَ حڪومت هت شل

سُوَراجي3 نه کپي تنهنجي هي بڪ بڪ هل هل

ڇا هي! انگريز جي قِيماز4 آ آزاديء قوم.

9

 

جنگ جهيڙن کي ڇڏي گڏ ڪريو جيڪر پئسو

اهڙو سچار، سدا ٽهل ۾ نوڪر پئسو

مائٽ اهڙو نه ٻيو جهڙو برادر! پئسو

پئسو جنهن کي نه ٺهي کوهه جي اندر پئي سو

هند ۾ کوهه نه ٻيو ساز1 آ، آزاديء قوم.

10

اي اچو ديس جي ڀائن کي هدايت ڪريون

هند ۾ ڇاهي، هلو سيرِ ولايت ڪريون

عيش عشرت وٺي خوش دل کي نهايت ڪريون

قوم انگريز جي هر طرف حِمايت 2 ڪريون

جن جي ”مِس“3 ”ميم“4 جو اِغماز5 آ آزاديء قوم.

11

جاهل آهن اهي انگريز 6 کي جي ڪن دشمن

پاڳل آهن جي نه ٿا پنهنجو وطن لنڊن ڪن

قوم انگريز جي رمزن کي ڪي سڌريل سمجهن

هنديئو! جلد حوالي ڪيو تن تن من ڌن

جن ڪيو بند هر آواز آ آزاديء قوم.

Text Box: 80

12

ڪڇ ڪرڻ گهرجي ته انگريز جي خوشنوديءَ لئي

ڪڇ مرڻ گهرجي ته انگريز جي بهبوديءَ لئي

ڪڇ جئڻ گهرجي ته بس ديس جي نابوديءَ لئي

قوم جي ڪاري ڪرڻ لاءِ، نه محمودي 1 لئي

خوار زار 2 آهه، نه اِعزاز 3 آ آزاديء قوم. 

13

سرڪش4 آهي جي طبيعت ته ڇا اڙٻنگ ڪريون

داخل انگريز جي لشڪر ۾ ٿيون جنگ ڪريون

قوم آزاد ڪٿي آ ته هلي تنگ ڪريون

پاڻ جان تن کي غلاميءَ ۾ وجهون ننگ ڪريون

فقط انگريز جوحق ناز آ آزاديء قوم.

14

هندي هر چيز بري آ، رَوِشون 5 ڪل جنگلي

ديسي ڪپڙي ۾ لڳي ماڻهو ٿو بلڪل جنگلي

بوئي گل هند جي جي جنگلي، آهي بلبل جنگلي

جا بجا ڇو ٿا ڪن آزاديءَ جو هل جنگلي

سور مٿي جي لئي ساز آ آزاديء قوم.

15

واهه جي آهه ولايت جي لٽن ۾ لذت

ڇا ڏجي چلڪو ۽ ڇا شان شرافت راحت

ٺاهي نازڪ بدنن لاءِ خدا هي نعمت

ڀل کدر پوش سڙن پنهنجي ڏسي خوش قسمت

جن جو بس باعث اِعزاز آ آزاديء قوم.

16

اهل ذوق اچو، رکو تازه و تر محفل کي

ڪجهه جوانيءَ جي غنيمت مان ڪيو خوش دل کي

غرق ڪيو مئي1 جي مزي نشي ۾ هر مشڪل کي

طرز هن سان ئي ڪيو دوستو طي منزل کي

بلبل عشق جي لئي باز آ آزاديء قوم. 

17

ڪاهلي ساڻ جواني هي ڇو برباد ڪريون

ڇو نه شيشي سان صنم2 شوخ سان دل شاد ڪريون

۽ نوان عيش جا انداز ڪي ايجاد ڪريون

ساهه آزادي جي آزار کان آزاد ڪريون

عيش لئي عَرب5 آهواز4 آ آزاديء قوم.

Text Box: 82

18

عيش آسان آ، اگر رنج ۽ محنت ناهي

ناهه پرواهه اگر همت ۽ حَشمت ناهي

درد سر آهه، سزا آهه، حڪومت ناهي

زينت آ طَوقِ1 غلامي، اها ذلت ناهي

ڪهڙو ٽڪساٺ آ ٽڪساز آ آزاديء قوم.

 

19

شاعرو! عشقيه اَشعار2 اچو ٺاهيون ڳايون

رَگ گل3 سان پَر بلبل کي ٻَڌون جهوُلايون

ميڪده4 ملڪ ڪريون، دل صنمن لايون

جو مليو هاڻ مليو، ٻيو رڳو ڳالهيون رايُون5

قيد آ، ڪوڙ جو آواز آ آزاديء قوم.

20

نيٺ هن لنبي حڪايت جو خلاصو6 سمجهو

دور دنيا کي عجب رنگ ۽ تماشو سمجهو

دل کي هر عيش ۾ عشرت ۾ لڳايو سمجهو

حُور ۽ جنت جو فقط سهڻو دلاسو سمجهو

ڪهڙي مڪار آ دمباز7 آ آزاديء قوم.

21

شام ”جِمکاني“1 ”ڪِلب“ م هلي ڪجهه ڪار ڪيو

خوب پتن جي ڳڻ ۽ ڳوت، جُوا يار ڪيو

بخت ڪارو3 ئي اٿو ”برج“4 ۾ ويچار ڪيو

راڳ و روپ جو هر تار جو پرچار ڪيو

مالڪونس5 آهه نه شهناز6 آ آزاديء قوم.

22

رات ناٽڪ ۾ هلو ناٽڪ ئي آهي دنيا

زندگي ڪوڙ آ اوندهه آ ”سنيما“ کان سوا

ڇا سوا روپيو ڇا رنگ تماشا چرچا

حيرت ۽ قهر جو نظارو ڪنن بالا آ

جنهن جو آواز نظر ناز آ آزاديء قوم.

23

ڇوٽ سنگت ۾ پئڻ چروٽ ۽ سگريٽ کپي

پاڻي پيئڻ سان سدا ڪيڪ ۽ بسڪيٽ کپي

ڇا هي پاڻي ٺلهو، سوڊا کپي لمليٽ کپي

چاءِ ۽ پان سپاري سان ڀرڻ پيٽ کپي

تندرستي کپي، ڇا راز آ آزاديء قوم.

Text Box: 84

24

پائوڊر1 لائي ڪيو زالون اڇو منهن پنهنجو

حُسن ۽ رونق ۽ جلوو کڻي بازر برسيو

سينو ٻانهون ۽ ٽنگون کولي گهمو، آ صرفو

آهه تهذيب نئين، شرم حيا ويو ڇا ٿيو

مڇلي2 فيشن3 جي لئي قاز4 آ آزاديء قوم.

25

شاد زالون رهو، صدبار مبارڪبادي

بند سڀ ٽوڙي وٺو جلد ۾ جلد آزادي

جيئن چون: نيٺ وتي مرد جي گادي مادي

ليڪ آزاديء قوم! اِن ۾ اٿو بربادي

جهنگلي زالن جو سرنداز5 آ آزاديء قوم.

26

جيڪڏهن نوڪري ناهي ته حياتي بار آهه

ٿو لڳي زهر زمانو، پيءُ پڻ بيزار آهه

ڏاج ڏوڪڙ کان سواءِ ڀي نه ميسر ڪنوار آهه

موت ڀي آهه مري ويو، ٿيو ڪاٿي غار آهه

البته موت بجا ساز آ آزاديء قوم.

27

نوڪري ناهه ميسر ته وڪالت کي وٺو

هي شريف آهه ڌنڌو سڀ کان، شرافت کي وٺو

بدمعاش 1 جي ۽ خُونين جي حمايت کي وٺو

جي مليو پئسو ته سڀ ڪڇ ٿيو عدالت کي وٺو

پئسي سان ماڻهو ترو تاز 2 آ، آزاديء قوم.

28

آ فقط سوئي زميندار لقب جو حقدار

جنهن جي هارين تي غريبن تي سدا مار آ گار

ڏينهن جو مَحو 3 شڪار آهه ۽ رات او ۽ نگار4

دل قرض ساڻ گهڻي، علم هنر کان بيزار

توکي ڇا ڇا تي مگر ناز آ، آزاديء قوم.

29

وهه مزيدار خوش اَطوار 5 نه آ شاهوڪار

وياج تي وياج _ اها آهي سندس ساهه جي تار

سمجهي واپار حياتي ٿو، حياتي واپار

چلِم۽ بنديون، ڊگريون ۽ مساڻ آخرڪار

هان قرضدار دغا باز آ آزاديء قوم.

Text Box: 86

30

اگر انگريز ڇڏي ڀي ويو پروا ناهي

ڪونه ڪو ڌاريو سگهو هند تي ايندو ڪاهي

تنهن اڳيان چئو ائين هٿ جوڙي ۽ ٽوپي لاهي

”جي هجُور آئئين، توکي ڌڻي آندو آهي

”تو ڇڏايو اچي؛ دمباز آ آزاديء قوم. 

31

طبع پنهنجي ۾ آ نامردي غلامي مُضمر1

آهه نامرد سدا محور مصيبت، مُضطرَ2

تنهن کان انگريز جوان جي آ غلامي بهتر

وقت ڏاڍو پيو خوش گذري، گهڻن کان خوشتر

خود انهن کان جتي مُمتاز3 آ آزاديء قوم.

32

نائڪ انگريز پرستي ڪئي دشوار4 آهي

ڇا جي ئي پيرپرستي کان مگر عار5 آهي

ڪوُچي ڪوُچي6 تي ڏسو پير جي دربار آهي

جتي فيض آ گهڻو پر پئسي جي درڪار آهي

منڪر آ مُوزي آ خراز7 آ آزاديء قوم.

33

هنديئو ڪڇ وٺو سرڪاري لقب ۽ لهو مان

”سَر“1 لقب ۾ ٿو لڳي البتـﮧ ڪڇ وقت اڃان

”راءِ“ ۽ ”خان بهادر“ ٿيڻ آهي آسان

ڪافي ٽي چار ڪم ئي ديس خلاف آهن هان

شرف ۽ شان سان ناساز آ آزاديء قوم.

34

صاحبن کي ڏيئي دعوت ۽ ڪرايونِ شڪار

بندوبست اهڙو ڪيو جو ٿي وڃي خوش سرڪار

جهنگ ۾ رنگ لڳن خوار ٿئي بمبئي جي بزار

ڇيڙ جا ميڙ اچن، اَن _ خرارن جي هار

هار آ مار! اِعواز2 آ آزاديء قوم.

35

اي وزيرن جي ڪيو خوب خوشامد خوراڪ

اي وزيرن جا ٿيو اڙدلي پيرن جي خاڪ

ناهه ڪڏهين به ڪيو جن جي قلم ڪم ناپاڪ

ديس جي لاءِ ڪڏهن ٿي نه سندن دل غمناڪ

جاهه تنخواهه سان ناساز آ آزاديء قوم.

Text Box: 88

 

36

 

نوڪرو! بخت سندو واهه جو بلا آهي

نوڪريءَ تي نه آ ويساهه، وٺو گهر ٺاهي

زيردستن جي مٿي تي هڻو سڀ ڪم لاهي

ڪم انگريز جو هلندو پيو پروا ناهي

پنهنجو ڇا ٿو وڃي ڇا ناز آ آزاديء قوم.

 

37

نوڪرو! رُعب1 رکو خلق جي لَعنت2 هي سهي

ديسي هر چيز بري آهه مَحبت هي سهي

شان شوڪت سان رهو، وقت تي رِشوت هي سهي

نه ميل ڪڇ ته غريبن جو ٻيو رت هي سهي

جو انهيءَ ۾ ئي سڄو راز آ آزاديء قوم.


            ]اشارو: انگ = انگريزي؛ پ = پارسي؛ س = سنسڪرت؛ ع = عربي؛ هه = هندي[

            1- (پ) نمونو. 2- (پ) حياتي. 3- (پ) بي مانائي. 4- (پ) چڻگون وسائينندڙ. 5- (پ) چڻگون ڪندڙ.

            1- (ع) جاهه ۽ جلال. 2- (ع) دغابازي، نمڪ حرامائي. 3- (پ) ڊڪ ڊوڙ. 4- (ع) بني نوع بشر = انسان ذات. 5- (پ) = وڌيڪ خراب. 6- (ع) گهڻو ڪري. 7- (ع) ٽوڪ ڪندڙ؛ ناز نخري سان گهمندڙ. 8- (ع) ڪبير جو جمع = وڏا. 9- (انگ) انگريز سپاهي. 10- جنگ جي زماني کان اڳ، معمولي طرح صلح جي حالتن ۾. 11- (ع) مالڪ. 12- (ع) ٽوڪ ڪندڙ.

            1- (پ) رتو ڇاڻ ڪندڙ. 2- (پ) تير انداز. 3- (س) خود حڪومت، آزاد حڪومت جو طالب، سپاهي. 4- (ع) نوڪرياڻي.

1- (ع) لوهه جي ڪَڙي جا اڳي غلامن کي ٻڌندا هوا؛ ڳچيءَ جو زيور. 2- (ع) شعر جو جمع. 3- (پ) رڳ، تند. 4- (ب) شرابخانو. 5- (پ) راءِ، خيال. 6- (ع) حاصل ڪلام، جوهر، نچوڙ. 7- (پ) مڪار، فريبي.

1- (انگ) اٽو، خصوصاً، هڪ نفيس خوشبودار اٽو جو زالون (۽ ڪي مرد) منهن ۽ ٻانهن تي هڻندا آهن. 2- (هه) مڇي. (ناچو ڦرندڙ ڇوڪريون پڻ مڇلي نالي سان سڏبيون آهن.) 3- (انگ) طرز، دستور، پوشاڪ، غذا وغيره جو. 4- (ع) هڪ ڍنڍ جو پکي. 5- (پ) رئو.

1- (پ) بدچال، اهو ماڻهو جنهن جو گذران خراب ڪمن جي آمدني مان هجي. 2- (پ) تازو توانو. 3- (ع) غرق. 4- (پ) معشوق. 5- (ع) طور جو جمع، نمونو.

            1- (انگ) انگريزي لقب جو نالو = (Sir) سائين حضرت. 2- (ع) غريب ٿيڻ، مشڪل ٿيڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: