مهاڳ
ڪامريڊ حيدر بخش جوتئي بابت ڄاڻ مونکي 1930ع کان
وٺي 1945ع تائين ايتري هئي ته هو ڏوڪري تعلقع جو
هو ۽ (ان لحاظ کان پاڙيسري) هو، سندس ڳوٺ ۾ منهنجا
چاچا ريزڪي دوڪان هلائنيدا هئا، جن کان اهو معلوم
ٿيندو رهندو هو ته هو هڪ ايماندار، نيڪ ۽ بي تعصب
ماڻهو هو، شايد 1931ع ۾ هو اسان جي ڳوٺ ڍل جي
وصوليءَ لاءِ آيو هو ۽ رات اسان جي اوطاق تي ٽڪيو
هو. معلوم اهو ٿيو ته ننڍن کاتيدارن جن تي بقايا
هئي، انهن جا برتڻ ۽ وهڙا به ڪوٽوار ۽ تپيدار ڪاهي
آيا هئا، جي حيدر بخش موٽائي مالڪن کي ڏنا ۽
تپيدار کي تنبيهه ڪئي ته هر جا اوزار ڏاند ۽ کاڌي
پيتي جا برتڻ ۽ سامان ضبط نه ڪرڻا آهن.
حيدر بخش جو لاڳاپو هاري تحريڪ سان 1935-1936ع کان
ٿيو، جڏهن هاري ڪاميٽيءَ جي آفيس ٽنڊي ڄام ۾ هئي ۽
انهيءَ وقت کان وٺي هو ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ ڪتاب پڙهڻ
لڳو. ان کان اڳ هن جو واسطو ٿياسافي
(Theosophy)
وارن سان به هو، جيڪي به سياسي ۽ سماجي ڪم ڪندڙ
هئا، انهي سان لهه وچڙ هئي. ان دور جي دوستن ۾
ڄيٺمل گلراجاڻي، جمشيد نسروانجي، جي.ايم.سيد، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، پروفيسر واسواڻي، ڪامريڊ
عبدالقادر ميوو خان (صدر هاري ڪميٽي) ۽ محمد امين
کوسو ۽ ٻيا ڪامريڊ حيدر بخش سان ملندا جلندا رهندا
هئا ۽ انهن سان حيدر بخش جي ڏي وٺ هئي، پر نوڪريءَ
۾ هوندي به سندس خيالات گهڻو اڳتي ۽ انقلابي هئا،
ان دور ۾ به هن نوڪري ڇڏي ڪل وقتي ڪارڪن ٿيڻ جو
سوچيو، مگر دوستن جي چوڻ تي اهو پروگرام ٽاريندو
رهيو.
1945ع ۾ ٻي جنگ عظيم جي خاتمي دنيا ڀر جي ملڪن ۾
انقلابن ۽ ڪميونسٽ تحريڪن ڀڙڪو کاڌو ۽ ان اڀار
واري دور کان حيدر بخش به شدت سان متاثر ٿيو ۽ هن
۾ عوام جي خدمت لاءِ نڪري پوڻ جو اجهل جذبو پيدا
ٿيو ۽ دوستن ۽ ساٿين جي سمجهاڻين ۽ جهلڻ جي باوجود
هن نوڪري ڇڏي ۽ هاري تحريڪ ۾ ٽپي پيو ۽ مرڻ گهڙيءَ
تائين هو هاري تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ رهنما رهيو
۽ هاري ڪميٽيءَ کي قومي ڪردار عطا ڪرڻ ۾ هن جو
نمايان حصو هو. هاري ڪميٽي هارين جي طبقاتي گهرجن
کان گهڻو مٿي ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ جو اڳواڻ دستو
(جٿو) بڻجي وئي.
1954ع کان 1969ع جي ٻڪر ٻوساٽ واري ماحول ۾ ون
يونٽ قائم ٿيڻ کان وٺي ان جي خاتمي تائين حيدر بخش
سنڌ جي هاري ليڊر هئڻ سان گڏ سنڌ جو قومي اڳواڻ،
سنڌ جي قومي اتحاد ۽ عوامي تحريڪن جي اتحاد جو
علمبردار رهبر ٿي انهن پندرهن سالن ۾ حيدر بخش
جتويئ ايوب شاهي ڊڪٽيٽرشپ ۽ پنجاب جي جاگيرداري
نوڪر شاهي سازشن کي بي نقاب ڪندو رهيو، جنهن ڪري
هو گهڻو وقت جيلن ۾ رهيو، پر جنهن وقت به هو ٻاهر
رهيو ته جاگيرداري سرمائيداري نظام خلاف قلمي ۽
تنظيمي جهاد ڪندو رهيو، ان دور ۾ هن ”جمهوريت يا
ڊڪٽيٽرشپ پاڪستان ۾“
(Democracy or Dictatorship in Paksitan – I, II &
III)
ٽن حصن ۾ شايع ڪيو.
جسٽس منير جي فيصلي خلاف ”ڊيمو ڪريسي ۽ جسٽس آف دي
چيف جسٽس“
(Democracy & Justice of the Chief Justice)
لکيو ۽ ”سنڌ جي زمينن جو حقدار ڪير“ ۽ ”سنڌ مٿان
ڍلن جو بار“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ۽ ڪتابڙا لکيا، جن
ذريعي حڪمرانن جي اوگهڙ ٿيندي رهي، جنهن ڪري هن تي
ملٽري ۽ سول ڪورٽن ۾ بغاوت جا ڪيس هليا ۽ کيس
سزائون مليون.
جڏهن به حيدر بخش جتوئي ٻاهر رهيو، پنهنجي ذات ۾
هڪ تحريڪ رهيو، نه پاڻ آرام ڪيائين نه حاڪمن کي
آرام سان وهڻ ڏنائين ۽ نه دوستن ۽ ساٿين کي
ٿائينڪو ٿي، ٿڌو ٿي وهڻ ڏنائين يا ساهي کڻڻ
ڏنائين.
”تتيءَ ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي“.
1958ع کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين هو ”سنڌ“، ”سنڌي
قوم“ سنڌ جي هارين جو علمبردار ۽ اڳواڻ ۽ هاري
پورهيت تحريڪن جو اڻ ٿڪجندڙ انجڻ جو ڪم ڏيندو
رهيو.
هن جي وفات کان پوءِ هاري تحريڪ ۽ سنڌجي وجود لاءِ
جدوجهد ۾ جيڪا ماٺائي آئي ان مان ثابت ٿو ٿئي ته
ڪي انسان پنهنجي شخصيت پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ٿين
ٿا.
حيدر بخش جتوئي جهڙو بهادر، مظلومن جو حمايتي، سنڌ
۽ هارين جي حقن لاءِ بي خوف
agitator
۽ دائينمو جي حيثيت رکندڙ شخصيت اسان هن وقت تائين
وري نه پيدا ڪري سگهيا آهيون. حيدر بخش جي همه گير
شخصيت، خلوص، شريف طبيعت ۽ بي عيب ذاتي زندگي ڪنهن
به تحريڪ لاءِ فخر جو باعث آهي ۽ هن پنهنجي سمورين
ذهني، روحاني ۽ جسماني صلاحيتن ۽ قوتن سان سنڌ جي
مظلوم ۽ پيڙيل عوام ۽ خاص طور هارين لاءِ جهاد
ڪيو.
حيدر بخش جتوئيءَ جي زندگي ٻن دورن ۾ ورهائي سگهجي
ٿي. 1945ع کان 1953ع تائين هاري تحريڪ کي منظم
ڪرڻ، ان کي هڪ انقلابي نظريه ڏيڻ ۽ ان لاءِ سنڌ جي
ڪنڊڪڙڇ ۾ اڌو اڌ بٽئي براجن جي زمين هارين کي
ڏيارڻ، پراڻي زمنيداري سرشتي هيٺ هارين جي حقن کي
مڃرائڻ ۽ وڏيراشاهيءَ جي رعب ۽ دٻاءَ کي للڪارڻ ۽
مقابلن جو دور ليکجي ۽ ٻيو دور 1954ع کان وٺي
1970ع تائين جنهن دور ۾ حيدر بخش (۽ سندس ساٿين)
جي جاکوڙ هاري تحريڪ کي سنڌ جي وجود ۽ آزاديءَ
لاءِ جدوجهد جو اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ جنهن
سبب کيس ”باباءِ سنڌ“ به ڪوٺجي ٿو.
باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي سان وقت بوقت ڪي سنها
ٿلها اختلاف به ٿيا. پر شابس آهي هن مرد مجاهد کي
جو ڪڏهن به ذاتي بغض يا سياسي بغضن تي وقت نه
وڃايائين ۽ اسان سان هميشه ساٿين دوستن ۽ ڀائرن
وانگر نباهيو. هو مون کان عمر ۾ ويهه سال وڏو هو،
پرڪڏهن به هن مون کي اهو سوچڻ جو موقعو نه ڏنو ته
سندس ”ننڍو ڀاءُ“ آهيان يا هو ”وڏو“ هو. 1945ع ۾
جڏهن مان گوبند مالهيءَ سان گڏجي ”نئين دنيا“
رسالي لاءِ لکيل مواد وٺڻ لاءِ وٺڻ ويس، تڏهن کان
هو منهنجو مهربان دوست، ساٿي ۽ جدجهد ۾ ساٿي ۽
سرواڻ رهيو.
باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾
وقت بوقت پاڪستان ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حڪمت عملي ۽
طريقه ڪار جو نڪته چين به رهيو، جنهن ڪري هن کي
”ڊسپلن“ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو هو، پر ڪميونسٽ
پارٽي ڪڏهن به هن کي پاڻ کان الڳ يا جدا نه سمجهيو
وقت بوقت هن سان صلاح مشورو ۽ تنظيمي رابطو برقرار
رهيو، حيدر بخش جتوئي پاڻ کي فخريه ڪميونسٽ سڏايو
۽ پنهنجي آخري انٽرويو ۾ به پاڻمرادو چيو ته هو
مارڪس، اينگلس، لينن ۽ اسٽالن کان متاثر هو ۽ انهن
مان ئي هن علم پرايو هو.
باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي هڪ اعليٰ درجي جو مفڪر
(Thinker, Philosopher)
انقلابي
(Revolutionary)
جذبن ۽ قوتن کي اڀاريندڙ
(Agitator)،
تحريڪن کي منظم ڪندڙ
(Organizer)
۽ ”سنڌ جي قومي وجود“ ۽ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد
جو سرواڻ ۽ انهن ٻنهي تحريڪن کي ڳنڍيندڙ پل جو ڪم
ڏيندڙ اڳواڻ هو. ڇوته سنڌ (۽ پاڪستان) جي عوام جي
پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ۾ هنن ٻنهي جهدن کي گڏڻ جي
اشدت ضرورت هئي ۽ آهي، ڇو ته انهن ٻنهي تحريڪن جي
گڏجي هلڻ ۾ ئي اسان جي نجات آهي.
سوڀو گيانچنداڻي
سوانح
حيدر بخش جتوئي -7 آڪٽوبر 1901ع ۾ ڳوٺ بکي ديري
تعلقع ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻه ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڀر
واري ڳوٺ پٺاڻ جي اسڪول ۾ ورتائين ۽ سنڌي فائينل
سڄي سنڌ ۾ پهرئين نمبر سان پاس ڪيائين ته پوءِ کيس
انگريزي پڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ سنڌ مدرسه لاڙڪاڻه ۾
ثانوي انگريزي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ايڏو ته هوشيار
هو جو ڊبل پروموشن وٺي مٽرڪ چند سالن ۾ امتياز سان
پاس ڪيائين، ان کان پوءِ ڊي.جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾
داخلا ورتائين ۽ 1927ع ۾ بي.اي امتياز سان فارسي ۾
بمبئي يونيورسٽي مان ڪيائين. 1928ع ۾ سرڪاري نوڪري
۾ گهڙيو ۽ ڏوڪريءَ ۾ هيڊ منشي ٿيو ۽ پوءِ هائر جو
امتحان پاس ڪري سموري سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو ۽
مختيارڪار ٿيو ۽ سنڌ جي مختلف تعلقن جهڙوڪ بدين،
ڊگهڙي، جيمس آباد، گهوٽڪي ۽ ڏوڪريءَ ۾ مختيارڪار
ٿي رهيو ۽ پوءِ جلد ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. هارين سان
محبت ۽ سندن بدحالي ڏسي حيدر بخش جتوئي 1945ع ۾
ڊپٽي ڪلڪيٽر جي عهدي تان استعيفا ڏني ۽ سڌي طرح
سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿي، هن سنڌ هاري ڪميٽي جي
نئين سر تنظيم ڪئي ۽ آئين پڻ تيار ڪيو.
حيدر بخش جتوئي گڏيل هندستان جي وقت کان وٺي
ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر رهيو ۽ آخري دم تائين
پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وفاق ۾ رهندي سنڌ جي صوبائي
حقن لاءِ وڙهندو رهيو ۽ ون يونٽ ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ
ون يونٽ جي سختيءَ سان مخالفت ڪيائين ۽ سنڌ جي حقن
لاءِ ڪيترا ڪتابچه لکيائين ۽ جيل ۾ رهيو، سنڌ جي
عوام کيس باباءِ سنڌ جو لقب ڏنو، جيڪو کيس پسند هو
۽ آخر ۾ ون يونٽ جي ٽٽڻ جو اعلان ٻڌي ڏاڍو خوش
ٿيو، باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي 21- مئي 1970ع تي
منجهند جو 3 وڳي آخري ساهه کنيو. کيس غلام شاهه
ڪلهوڙي جي مقبره جي ٿلهي تي دفنايو ويو آهي، سندس
شريڪ حيات مسز ممتاز جتوئي به ساڻس ڀرسان دفن ٿيل
آهي، جيڪا سندس جدائي جو ڏک برداشت نه ڪندي 20-
سيپٽمبر 1970ع تي وفات ڪئي.
پيش لفظ
باباءِ سنڌ 1970ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس وفات کان
ارڙهن سالن کان پوءِ سندس شاعريءَ جو مجموعو پيش
ڪري رهيا آهيون، بلڪ سندس ڪيترن ڪتابن ۽ پئمفليٽن
هوندي به سندس وفات کان پوءِ سندس هي پهريون ڪتاب
پيش ڪري رهيا آهيون. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته هن
مهان شخصيت کان پوءِ سندس لکيل هر لفظ سندس ڇپيل
هر لفظ ڪتابي صورت ۾ ترت ئي اچي وڃي ها ۽ هيلتائين
الائي انهن جا ڪيترا ايڊيشن نڪري چڪا هجن ها، پر
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سجاڳيءَ جي دعويٰ ڪندڙن
مان ڪنهن کان اها توفيق نه ٿي ته سندس مڪمل ورڪس
ته ٺهيو پر سندس شاعري جو مجموعو ئي کڻي ڇپائي.
هتي نيم خودمختيار سرڪاري ادارن کي ته ڏوراپو ڏيڻ
اجايو آهي جو اهي ته اها ’همت‘ نه پيا ڪري سگهن جو
سنڌ جي هن سڄاڻ ۽ بي باڪ رهواسيءَ جون لکڻيون
ڇپائي سگهن، جيتوڻيڪ سنڌ جي مفادن جو سودو ڪندڙن
جا ڪتاب ڇپائي البت ’آقا‘ آڏو سرخرو ضرور ٿيا آهن،
پر اها ذميداري اسان جي ان ليکڪن، دانشورن ۽
سياستدانن ۽ انهن سياسي پارٽين تي اوس اچي ٿي،
جيڪي ڪتاب ڇپائيندا رهندا آهن. افسوس جو انهن به
باباءِ سنڌ جو ڪوبه ڪتاب هيلتائين نه ڇپارايو آهي.
اهو ڪتاب ڇپائڻ جو قومي فرض به مون کي نڀائڻو پيو
۽ اهو به شڪر جو بابا کي اولاد هو، جنهن نيٺ ٻين
پبلشرن جو اوسيئڙو ڪري ڪري سندس مڪمل ڪتابن ڇپائڻ
جو ذمو پاڻ ئي کنيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيان ٿو ته
جي بابا کي اولاد نه هجي ها ته الائي ڪيترا سال
اڃا سندس ڪتابن کي منظر عام تي اچڻ جو اوسيئڙو
ڪرڻو پوي ها.
اسين سنڌي هونئن به پنهنجن انهن بزرگن تي جن سنڌ
لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو، انهن کي
وساري ڇڏيو آهي ۽ سندن نالن تي ڪابه يادگار
سوسائٽي نه ڪم ڪري رهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي ڪنهن
اداري طرفان انهن بزرگن جا يادگار ڏينهن ملهايا
پيا وڃن. البت باباءِ سنڌ جي سنڌ هاري ڪاميٽي ۽
شاگردن جي هڪ اڌ تنظيم ئي سندس ورسيون ملهائينديون
آهن.
اهڙي سوسائٽي ڪا حيدر بخش جتوئي جي نالي سان به
قائم هئي ها، پر حيدر بخش جتوئي جا پٽ نه پئسي
وارا هئا ۽ نه ئي وڏن عهدن تي هئا، جنهن مان هو
فائدو وٺي سگهن ها ۽ اهڙي طرح باباءِ سنڌ حيدر بخش
جتوئي جي يادگار سوسائٽي برپا ڪرڻ جي به ذميداري
نيٺ سندس اولاد کي ئي کڻڻي پئي ۽ اهڙي طرح گذريل
سال اسان باباءِ سنڌ جي يادگار ڪاميتي برپا ڪئي ۽
ان جو پهريون ڪم سندس ڇپيل ڪتابن کي ٻيهر ڇپائڻ ۽
سندس ٽڙيل پکڙيل لکڻين کي جمع ڪري ڪتابي صورت ۾
ڇپائڻ ۽ سندس بيانن ۽ تقريرن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت
ڏيڻ آهي.
اسان کي خوشي آهي ته اسين سڀ کان پهرين سندس مڪمل
شاعري سهيڙي ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏيئي شايع ڪرائي
رهيا آهيون. اها شاعري مختلف رسالن ۽ پمفليٽن ۾
ٽڙي پکڙي پيئي هئي ۽ انهن کي پراڻن رسالن ۽ اخبارن
مان ڳولي جمع ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم هو. اسان جي پوري
جاکوڙ جي باوجود ڪجهه شاعري اڃا رهجي ويئي آهي،
جيڪا اسان کي جڏهن به ملي ته اسان ان کي ٻي ايڊيشن
۾ شامل ڪري سندس شاعريءَ جي مجموعي کي مڪمل
ڪنداسون. اسان کي جيڪو اڃا بيت نه مليو آهي. جهڙوڪ
هڪ ترانو پاڪستان ٺهڻ کان پهرين لکيو هئائين، ”ڀلو
آ ساري جهان کان اسان جو هندستان.“ پاڪستان ٺهڻ
کان پوءِ 1948ع ۾ پڻ سندس اخبار ’هاري حقدار‘ جي
ڪنهن پرچي ۾ ”آزاد پاڪستان“ نظم لکيو هئائين. اهڙي
طرح ٻارن لاءِ هڪ نظم ’ريل گاڏيءَ تي آگ گاڏي‘ جي
نالي سان لکيو هئائين ۽ اهو هڪ رجسٽر ۾ سندس هٿ
اکرن سان لکيل هو. هڪ ٻيو نظم شاگرديءَ جي دوران
ڊي_ جي ڪاليج ڪراچيءَ جي مسيليني ۾ ڇپيو هو، جنهن
تي کيس انعام مليو هو، اهو به نه ملي سگهيو آهي.
اهڙي طرح هڪ نظم ’پنجابي‘ به لکيل هئس ۽ اهو به هٿ
اچي نه سگهيو آهي. آئون نه ٿو سمجهان ته انهن چئن
نظمن کان سواءِ بابا جو ٻيو به ڪلام هوندو، پر جي
ڪنهن سنڌ دوست جي نطر ۾ اهڙو ڪو ڪلام هجي، جيڪو
اڃا به رهجي ويو هجي ته، ان جي آجيان ڪنداسون، ڀلي
مڪمل ڪلام نه هجي، پر ان جو ڪو حوالو ڪا سِٽ ڪو
سِرو پڻ موڪلي ڏين ته ان جي ڳولها ڪرڻ ۾ سولائي
ٿيندي.
اسين هي سندس شعري مجموعو پيش ڪندي پاڻ کي بابا جي
طرفان ايندڙ نسل تي پيل ذميداريءَ کان پاڻ کي آجو
نه ٿا سمجهون. اسين جڏهن بابا جو ’مڪمل ورڪس‘ سنڌي
قوم کي ڏينداسون تڏهن وڃي اسين پهريون مرحلو پورو
ٿيل سمجهنداسون. ٻي مرحلي ۾ باباءِ سنڌ تي مڪمل
سوانح ۽ سندس سهيوڳن ۽ سندس پوئلڳن جون لکڻيون
ڪتابي صورت ۾ پيش ڪري باباءِ سنڌ کي ايندڙ نسل ۾
اهو مقام ڏيارينداسون جيڪو ماڻهن جون دليون
ڏينديون آهن ۽ جنهن کي ڪابه سرڪاري پروپئگنڊا نه
گهٽائي نه وڌائي سگهندي آهي ۽ جنهن کي تاريخ امر
ڪري ڇڏيندي آهي.
باباءِ سنڌ جڏهن بيماريءَ جي حالت ۾ مارچ 1970ع ۾
ون يونٽ ٽٽڻ جو اعلان ٻڌو ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪ
نظم ”اجها عيد آئي، اجها عيد آئي!“ جي عنوان سان
لکڻ شروع ڪيائين، پر اُن کي مڪمل ڪري نه سگهيو ۽
فقط ٻه بند لکي سگهيو، جو وڌيڪ بيمار ٿيندو ويو،
اِهي ٻه بند هن ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل آهن.
آخر ۾ آءٌ پروفيسر ظفر حسن شاهه ۽ محترم وليرام
ولڀ جو نهايت شڪرگذار آهيان، جن هن مجموعي کي
سهيڙڻ ۽ پروف ريڊنگ ۾ مدد ڪئي. آءٌ پروفيسر غلام
مصطفيٰ شاهه، سرجن علي بخش جتوئي، ڊاڪٽر هادي بخش
جتوئي، ڊاڪٽر حاتم جتوئي ۽ وسيم عثمانيءَ جو
ٿورائتو آهيان، جن هن ڪتاب لاءِ مالي امداد ڪئي.
سنڌ جي هڪ هڪ سنڌيءَ ڏانهن پيار ڀري سڪ ۽ محبت
سان.
دادن حيدر بخش جتوئي
ڪنوينر،
باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي اڪيڊمي |