سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:جيئي سنڌ

 

صفحو : 11

سلام سنڌ

هي سنڌ پنهنجو ساهه آهه جان آ حيات آ!

هي پنهنجو روح راحت آهه پنهنجي مٺري ذات آ!

هي پانهنجو بهار آهه باغ آ برات آ!

هي سونهن آ سڀاڳ آ سهارو آهه ڏات آ!

اهوئي پنهنجو ديس آهه اهڙو با صفات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا صلات آ سلام آ!

بهارين ۽ برڪتن جو مينهن توتي عام آ!

عظيم تنهنجو شان آ سعيد تنهنجو نام آ!

سدائين خوش رهين صنم! دُعا هي صبح شام آ!

دُعا هي صبح شام آ دُعا هي ڏينهن رات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

هي صوفين جو ديس آ، لطيف جي زمين هي؛

هي سامي وارو آستان، ماڪن عارفين هي؛

سچل جو همت دراز آهه سازِ آهه دين هي:

هتي آ دين عشق و اُنس، آ بَلَد امين هي!

هت آ بشر برادري، هتي نه ذات پات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

اي سنڌ تنهنجو نيڪنام ۽ وقار خوش رهي!

اي سنڌ تنهنجو فيض عام ۽ سُڪار خوش رهي!

جو هند ۾ آ سنڌ ۾ آ تنهنجو يار خوش رهي!

جو تنهنجو يار غار آ هزار بار خوش رهي!

اهوئي پنهنجو شعر آ بيان آهه بات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

اي سنڌ تنهنجي سرزمين جو رنگ ويو هوا مٺي،

هوا مٺي نوا مٺي زبان جي هر ادا مٺي؛

ثقافت آ ضيافت آ شرافت آهه ڇا مٺي!

اسان جي لاءِ سنڌ! تنهنجي آب و عزت آ مٺي!

اهائي پنهجي تاڻ آ، اهائي پنهنجي تات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

مِٺو آ تنهنجو شهر بر، هي کير ٿي ملهير ٿر؛

سُٺو آ تنهنجو ساهتي سِرو ۽ لاڙ پارڪر؛

مُنهين دڙو ٺٽو نگر ڪراچي روهڙي سکر؛

لذيذ شهر ’حيدر‘1 آهه سنڌ جو دل ۽ جگر!

اِرم اهوئي آهه هُو2 ته وهم ۽ واهيات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

سدائين سنڌو سنڌ مان وهي وسي هلي چلي؛

انهيءَ جي کير پير مان ٿي سنڌ سڀ ڦُلي ڦَلي؛

انهيءَ جي پاڪ رس منجهان ٻچو ٻچو جِئي پلي؛

انهيءَ لئي سلسبيل کي زبان تي آ: ”بلي! بلي!!“

هي عِز و شان نه نيل کي، نه مٽ سندس فرات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

هي ڇاجي لئي شڪار آهه جهنگ ۾ بزار آ!

ڇو عيش برقرار آهه ڏيهه ۾ ڏڪار آ

غريب سنڌ جي مٿان هي بار بار بار آ!

هي رشوتن نوازشن غلامين جو ڄار آ!

هي لهو لعب جرم جي وسيع واردات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

غريب هي ديار آ غليظ هت شڪار آ؛

مدار ملڪ جو مڙئي گداگري اُڌار آ؛

ٿيو چنبي سامراج ۾ شڪاري اڄ شڪار آ!

شڪار سان شراب آهه گڏ ته شر شرار آ:

هي صاف صاف بات آ، بيانِ واقعات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

شڪار عيش بند ٿئي، ڪلام حق بلند ٿئي؛

علوم جو فنون جو شعاع ٿئي سڳند ٿئي؛

حسين ڪاروبار ساڻ هرڪو ارجمند ٿئي؛

مزور هاري حق لَهي مِحَن مان پورهيو قند ٿئي!

اُدم قدم حيات آهه، عيش ۾ ممات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

ڇو سنڌ سان آ دشمني قديم پاڪ نام سان!

مٽي بَدلجي ڪيئن ٿو حلال حق حرام سان؟

دغا ۽ ڌوڪو ڪيستائين هلندو هي عوام سان!

ڇو زور ظلم جبر آهه جاري احتشام سان؟

ڪري جو توسان دشمني ڪمينو آ ڪُذات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

اي بي خبر ستمگر، اسان سان جنگ بند ڪر؛

سڏائي ڀاءُ ڀاءَ تي تبر تفنگ بند ڪر؛

جفا جا جيل ٽوڙ، سوختِ پتنگ بند ڪر؛

ڇڏي ڏي جند سنڌ جي، هي ڍونگ ڍنگ بند ڪر،

اصولِ ڀائپي فقط خلوص اِلتفات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

اُٿو اُٿو اي سنڌيئو! ڪُلهن مٿي ڪفن ڪيو!

”فنا ۾ آ بقا“ بپا اهائي انجمن ڪيو!

سڳوري سنڌ سان اهو سچو پڪو وچن ڪيو!

ڏسو ٿا ويٽ نام ۾ ته ڪهڙو ڪم اٿن ڪيو!

جتي هي احتجاج آ: نجات آپگهات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

اي نوجوانو سنڌيئو، جواني جوهر آ ڪٿي؟

جو سنڌ تي نثار ٿئي اُهو دلاور آ ڪٿي؟

تباهه ناس خاڪ ٿيو عدو جو خنجر آ ڪٿي؟

بچاء سنڌ پياري لئي بپا ٿيو محشر آ ڪٿي؟

اُٿو اُٿو ته صبح ٿئي، انڌاري ڪاري رات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

جهان ۾ ڪيئي ظالمن جا قيد ڪوٽ اُڏي ويا!

سپاهي هوا ڪ شير هوا دلير گهوٽ اُڏي ويا!

هو حق پرست جي هٿارون کائي چوٽ اُڏي ويا!

سهي سگهيا نه بت شڪن جي هڪ مروٽ اُڏي ويا!

جلايو جت به سومنات آ لات منات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

اي سنڌ تو حُضور ۾ قبول هي ڪلام ٿئي!

عصائي انقلاب هي حقير جو سلام ٿئي!

جوان پير مرد زن ۾ جوش عام جام ٿئي!

جو سنڌ لئي عذاب آهه ناس سو نظام ٿئي!

هي آرزوئي حيدر آ اها رهِ نجات آ!

اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

                               پئمفليٽ، حيدرآباد سنڌ، 1954ع

اي سنڌي وڏيرا ڪجهه انسان ٿي!

(هي نظم اُنهن وڏيرن ڏانهن خطاب آهي جي هيٺ

مذڪور ڪارنامن جا اڪثر مرتڪب آهن.)

وڏيرا چَوَن ٿا: ”وڏا خان آهيون؛

”تُمندار سردار سلطان آهيون؛

”ضعيفن جي لئي قهرِ يزدان آهيون؛

”۽ ڏاڍن جا نوڪر ۽ دربان آهيون؛

”حُريت جي جذبي کان بيجان آهيون!“

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

وڏيرا وطن پنهنجو هارائي ويٺا؛

مِٺي سنڌ پنهنجي کي مارائي ويٺا؛

حقن پانهنجن کي ڪُهارائي ويٺا؛

ٻچن مائرن کي رُئارائي ويٺا؛

تڏهن ڀي آ دعويٰ: ”پهلوان آهيون!“

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

وڏيرا وٺي ووٽ ۽ مُعتبر ٿيا؛

وزارت وٺي صاحبِ ڪَروفر ٿيا؛

ڀري پيٽ پنهنجو ٿُلها جانور ٿيا؛

غريبن جي کائڻ جي لئي شير نر ٿيا:

”ٿيا خون ۾ لعلِ بَدَخشان آهيون!“

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

وڏيرا حڪومت جا چمچا سدائين؛

جهڪي ظالمن کي ڪَرن ”سائين! سائين!!“

غلامي سلامي خوشامد لنگهائين؛

ڪِريا ”جي حضوري“ ڪري ڪيستائين؛

چَون ٿا ته: ”خودار خاصان آهيون!“

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

وڏيرن مان غائب ٿي غيرت شَجاعت؛

وطن جي بچائڻ لئي ڪاٿي آ همت؟

بپا جي ڪيائون ته راشي حڪومت؛

فنا جي ڪيائون ته عزت عدالت؛

چوَن ٿا: ”محافظ نگهبان آهيون!“

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

وَڏيرا سڏيرا، سِرائي ٻِرائي؛

لقب ۽ شقب ٿا وٺن ڪيترائي؛

مَلِڪ ڄام ۽ رئيس ڪي چوڌرائي:

ڪو مير آ ڪو پير آ، ڏِسو آڪرائي!

لقب ڌار، پر يار يڪسان آهيون!“1

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

مَحلات ماڙيون اڏائي رهن ٿا؛

وڏي ٺاٺ سان جو اُٿن ٿا وهن ٿا؛

هُو پنهنجن کي ماري لَتاڙي ڪُهن ٿا؛

هُو غيرن جو هر ظلم ذِلت سهن ٿا:

”اوهان 1 جا مُلازم ثناخوان آهيون!“

Text Box: 162

 

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

 

وڏيرا مزورن جي محنت لُٽن ٿا؛

وڏيرا غريبن جي عِصمت لُٽن ٿا؛

هو آزاد طبعن جي عظمت لُٽن ٿا؛

جو آ قوم ۾ شان شوڪت لُٽن ٿا!

لُٽيرا نه سوچن ٿا: ”نادان آهيون!“

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

آ پيشي اِنهن جي ۾ پاٿاريداري،

هي ڌاڙا، هي ڦريون لٽيون ماراماري؛

بپا ڪن ٿا ماتام اندوه ڪاري،

غريبن ۾ جاري آ بس آهه و زاري؛

نه ٿا شرم ڪن: ”ڪيڏو نقصان آهيون!“

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

وڏيرن جا سهسين ئي زخميل ستايل؛

وڏيرن جا ڪيئي نه ڏنگيل ڏُکايل:

ڏکايل چِڪايل، چِڪائي مَرايل!

روئي ڇو نه انسان ڏسي ديس گهايل!

کلي ٿا چون: ”خوش ۽ خندان آهيون!“

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

ڇڏايو وڏيرن کان قومي قيادت؛

اِنهن جي قيادت کان آئي ذَلالت؛

ذلالت: عملدار شاهي جي لعنت؛

جفا جور ۽ ظلم جي قيادت!

چون ٿا ته: ”مؤمن مسلمان آهيون!“

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

هي کُهڙا، هي ڀُٽا، هي ميمڻ، هي قاضي

ٿيا، سنڌ وڪڻي، وزارت ۾ راضي؛

ڪيو ختم انهن کي 1 ٿين قصه ماضي!

ڪيو سنڌ کي پاڪ آزاد اراضي! 2

ڪڏهن ڪين چوندا: ”پشيمان آهيون!“

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

جنهين سنڌ ماري انهن ساڻ وير آ؛

ڏيئي ووٽ پنهنجا ڪيو تن انڌير آ؛

ڀلي ڪو وڏيرو آ، مير آ مٿير آ؛

وطن جو آ غدار، هر هڪ ڏڦير آ،

”سڄي سنڌ ۽ پاڻ3 قربان آهيون!“

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

جياريو اي هاري: وڏيرن جا ماري:

مِٺي سِنڌ پياري سڳوري سُنهاري!

ٻُڏن شرم ۾ ڀل وڏيرا ڏُهاري؛

ڪيو قوم پنهنجي تي احسان ڀاري،

”اسين هاري حُر مرد ميدان آهيون!“

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

 هي ووٽن جو قصو آ بندو قبازي؛

هي بندوقبازي ڪري بڻجو غازي

کٽو وَڏ وڏيرن جي هارائي بازي؛

۽ سلام ڪيو سنڌ جي سرفرازي!

وَچن ڏيو ته: ”سنڌي محبان آهيون!“

وچن ڏيو: ”وطن جو شرَفَ شان آهيون!“

اُٿو سنڌيئو! پنهنجي عزت بچايو!

وڏيرا ننڍيرا، شرافت بچايو!

هي وڏڙن سندي لاڄ شوڪت بچايو!

۽ اولاد لئي ڪجهه وِراثت بچايو!

چئو: ”سنڌ جنت جا رِضوان آهيون!“

”هي دولت_ اِنهيءَ جا سليمان آهيون!“

وڏيرا ۽ هاري! ڏسو سنڌ پياري،

پڪاري ٿي اَما، روئِي زاري زاري!

ڪڏهن تائين جيئڻ هي_ جنجال خواري!

ڪڏهن منهنجي ٻچڙن کي ايندي بهاري!

جواب آهه ڇا؟_ ”پاڻ درمان آهيون!“

”اسين مستحقِ گلستان آهيون!“

مبارڪ! جنهين سنڌ سان ڪئي سچائي!

مبارڪ! جنهين سنڌ سان ڪئي ڀلائي!

مبارڪ جنهين جان سنڌ پنهنجي جلائي!

ته ٿئي سنڌ سائي سڀ اڳي سدائي!

”اسان 1 نيڪ فالن جا نشان آهيون!“

”اسان خادم آهيون ۽ انسان آهيون!“

جگر جا ٽڪر سمجهو اَشعارِ حيدر!

هي آ جذبـﮧ هاري حقدارِ حيدر!

هي فرياد سنڌ آهه گفتارِ حيدر!

هي آ اِنقلاباتي اوزارِ حيدر!

پَٽيو ظلم جي پاڙ_ احسان ڪريو!

فرشتن کي سَجدي جو فرمان ڪريو!

                پئمفليٽ، حيدرآباد سنڌ. 12 مارچ 1967ع

Text Box: 166

 

 

 


 

حيوان انسان

 

آدمي حيوان مان انسان ٿيو؛

آدمي انسانِ عالي شان ٿيو!

جا بجا جاري سندس فرمان ٿيو؛

شمعِ قدرت، قوتِ يزدان!

هي ڏسي ڪون و مڪان حيران ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

آدمي قدرت؛ جو سو حصو ٿيو،

جنهن جو قدرت ساڻ ڪجهه جهڳڙو ٿيو؛

پنهنجي جرئت ساڻ ڪم سولو ٿيو،

پنهنجي پورهئي ساڻ هو پختو ٿيو؛

قدرتي قوات تي سلطان ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

آدمي جيتامڙو _ راڪاس ٿيو!

شير، هاٿي_ هن جي سامهون داس ٿيو!

مغز جو هڪ کوپرو_ آڪاس ٿيو!

ماس ذرڙو مرڪزِ احساس ٿيو!

ماس ذرڙو سخت ڪوهستان ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

آدمي_ هڪ مرد ٿيو هڪ زال ٿي،

زال ذات انسان لاءِ ڪمال ٿي:

ماءُ ٿي، معشوق ٿي، هم حال ٿي:

رحم راحت ناز حسن و جمال ٿي:

ڪهڙو پيارو ساٿي دلبر جان ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

”ٻي ٻي! هاها“_ ’تانسين‘ جي تان ٿي!

راڳ جي هڪ حور ’نورجهان‘ ٿي!

ڪهڙي جادوگر ٿي خوش آلحان ٿي!

ڪهڙي دل! هن کان نه جا شادان ٿي!

آدمي وحشت ڇڏي قربان ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

آدمي بيمار_ ’جالينوس‘ ٿيو؛

اِبن سينا جا بجا مقدوس ٿيو؛

هن جو ”القانون“ هڪ فانوس ٿيو؛

پنهنجو بُت مضبوط ٿيو مانوس ٿيو:

آدمي سهڻو قداور خان ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

آدمي جهنگلي مان ’ايڊيسن‘ ٿيو؛

شمع! اونداهو جهان روشن ٿيو؛

فونو! آوازن جو هڪ مخزن ٿيو؛

ساز مرده_ ساهه سان دمزن ٿيو!

معجزو جو وهم هو_ اِمڪان ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

آدمي عالِم ٿيو، مُحسن ٿيو!

’ڊارون‘ ٿيو، ’مارڪس‘ ٿيو، لينن ٿيو!

نيچ نسل اِعراج 1 جو ضامن ٿيو؛

اِنقلابي مولوي، ڪاهن ٿيو؛

اِنقلابي جاهل ۽ نادان ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

آدمي اڻ ڄاڻ_ ’انگرسال‘ ٿيو!

جَذبـﮧ، جوهر ساڻ مالامال ٿيو؛

بت پرستي، وهم هر پامال ٿيو؛

روح انسان روشني ۾ لال ٿيو؛

خوف اجايو مٽجي اِطمينان ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

آدمي ٿيو عدل ۾ ’نوشيروان‘!

ڪهڙو پيارو نانءُ، جسم جاودان!

ٿي ويو بغداد باغ داد مان!

حيف انسان! ڪاٿي آ دارالامان؟

حيف حجاجن 1 جو شان ۽ مان ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

آدمي مٽجي ۽ آدمخور ٿيو!

دشمن انسان سڀ کان زور ٿيو!

باز بڇڙو_ آدمي شهمور ٿيو!

ڊاڪو ۽ ڌاڙيل، خوني، چور ٿيو!

آدمي ڇا هو ۽ ڇا ارمان ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

آدمي ’گوتم‘ منجهان ’چنگيز‘ ٿيو:

خون فشان، خون خوار ۽ خونريز ٿيو!

حضرت انسان هن اڳيان ناچيز ٿيو؛

روڄ ۾ تاتار ٿيو تبريز ٿيو!

مرثيـﮧ خوان ماسڪو ايران ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

روحِ ’لِنڪن‘ ا ڦري ٿيو ’جانسن‘!

هِٽلري سَفاڪ آهي خنده زن،

زهر، گولا هن جا هرجا ٿا وسن؛

ظاهري ڊالر ۽ گندم ٿا چَوَن!

ويٽ نام افسوس قبرستان ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

امن جو رکپال ايٽم بام ٿيو!

بام!_ قتلِ عام جو پيغام ٿيو!

بام!_ ذات انسان جو انجام 1 ٿيو!

رشڪِ زندهه موت جو آرام ٿيو!

اشرفِ مخلوق شر شيطان ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

”مارشل لا“ مُلڪ جو دستور ٿيو؛

هڪ سپاهي گهر جو مالڪ مور ٿيو!

عقل ويچار ٿيو، مجبور ٿيو!

زورِ بازو قابض ۽ مغرور ٿيو!

”سڀ زبانون بند ٿيو!“_ اِعلان ٿيو!

آدمي حيوان مان انسان ٿيو!

آدمي ٿيو آدمي تي نڪتـﮧ چين!

آدمي نقاش ٿيو ۽ نقش بين!

آدمي ايجاد ڪيو هر ڪفر و دين!

آدمي ٿيو مدعي، شاهد، امين!

اسلام انسان، حيوان اَسلام!

اَلسلام امڪان، حيران اَلسلام!

                پئمفليٽ، حيدرآباد سنڌ، 24 اپريل 1967ع

جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

توتي سنڌ هزار سلام!

خوش رهه باغ بهار مُدام!

خوش رهه خندان با آرام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

”ڀاءُ آ پنهنجو هر انسان!“

پنهنجو آهي هي ايمان!

پنهنجو آهي هي اِسلام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

”ڪينو فتنو ٿئي برباد!“

”قرب محبت زندهه باد!“

پنهنجو آهي هي پيغام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

جِيئي سنڌ ۽ جِيئي سنڌ!

جامِ محبت پِيئي سنڌ!

خاص ۽ عام پِئن هي جام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

جِيئي هند ۽ جِئي سنڌ!

جِيئي جيء مٺو هر هنڌ!

پيار بهار ٿئي عام ۽ جام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

سنڌي سهڻو سادو صاف،

هن جي تلاش آ حق انصاف!

 

هن وٽ آهه نفاق حرام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

جِيئي پنهنجي مٺڙي زبان!

جِيئي پنهنجو شِعر بيان!

جِيئي پنهنجو عزل سلام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

جِيئي جمالو ڇلو ڏور!

جِيئي دِلو، سُرندي سور!

جِيئي ڏوهو، ڪافي ڪالم!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

جِيئي سنڌو جو درياهه!

جِئيي سنڌو!_ پنهنجو ساهه!

آبِ حيات آ جنهن جو جام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

جِيئي سکر جي بئراج!

جِيئي گدوُ جي گج گاج!

جِيئي ڪوٽڙي ڌُم ڌام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

جِيئي ٻيلو، نِم، ٻٻر!

جِيئي ڪيلو، سنڌڙي، سر!

جِيئي باغ بهار تمام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

جِئيي ڪاڇو، جِيئي ٿر!

جِيئي لاڙ، جِيئي ڪينجهر!

جِيئي منڇر انڇر جام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

جِيئي سنڌ زمين دلشاد!

جِيئي کيت کيت آباد!

جِيئي سر سبزي هر گام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

جِيئي هاري ۽ مزدور!

جِيئي هارياڻي پُر نور!

پورهئي اندر صبح ۽ شام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

جِئي سنڌي دلبر جان!

مرد ۽ زال ۽ هر انسان!

ٻچڙو ۽ ٻچڙي گلفام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

جِيئي سنڌين سان هي سنڌ!

سنڌين جي اَمان هي سنڌ!

سنڌين جو ناموس اِڪرام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

سنڌ جو نام ٿو مَٽجي ڪيئن؟

سنڌ جو نام ٿو گَهٽجي ڪيئن؟

هردم سنڌ جو زندهه نام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

ٻوڙا! سنڌ جي ٻڌ فرياد!

گُم ٿي ويا ڪيئي شداد!

ڪيئي نام ٿيا گمنام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

بي انصافي جو بنياد

ٿئي نابود ۽ ٿئي برباد!

آ تاريخ جو هي انجام!1

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

سنڌ جا دشمن! ڇڏ هي جَور!

دُور! هي جَور جو بڇڙو دَور!

سنڌ کي مار نه بي اِلزام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

سنڌ کي مار نه سمجهي هِيچ!

سنڌ کي مار نه سمجهي نِيچ!

سنڌ کي سمجهي هڪ گُگدام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

سنڌ سٻاجهڙي رنج نه ڪر!

رنج رسائي ۽ گنج نه ڪر!

ڦر لُٽ آهه تمام حرام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

فوج ۽ جنگ تي باور ڇڏ!

تير ۽ تفنگ تي باور ڇڏ!

ڪَٽجي ويا فوجن جا امام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

حاڪم وارو ڪر نه خُمار!

ڀاء سان ڀاء مثال گذار!

ڀاء جي کٽ جس ۽ انعام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

حاڪم وارو ڪر نه غُرور!

سور ڏيئي ٿو ٿئين مسرور!

گهر ۾ پَوَندءِ رڙ ماتام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

سنڌ، سمجهه! آ سُتل شير!

ڪينڪي رهندو تنهنجي زير!

سنڌ ۾ سهسين سُورهيه ڄام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

سنڌي پيارا! صلح پسند!

ظالم ڪيئن ٿو سمجهي پند!

ظالم جا ظالم احڪام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

هيرا، موتي هينئن نه هار!

بي قدرن وٽ ڇا ويچار؟_

ڪوڏين کان گهٽ تنهنجو ڪلام:

”جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!“

سنڌي پيارا! همت ڪر!

هار نه مڃ، ڪجهه جرئت ڪر!

ظالم جي ڪر هام تمام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

همت سان آ سڀ آسان!

قرباني ڪر، ٿي قربان!

 

جِيئي سنڌي: خاص ۽ عام!

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

سنڌ جو سڏ آ_ چَو لَبيڪ!

پنهنجو آهه ”سلام عليڪ!“

پنهنجو آهه ”عليڪ سلام!“

”جِيئي سنڌ!“ ”جِيئي سنڌ!!“

سڻ هي حيدر جو آواز

آواز آهي ڇا انداز!

آواز آهي يا اِلهام!_

جِيئي سنڌ! جِيئي سنڌ!!

                پئمفليٽ، حيدرآباد، سنڌ. 1 مئي 1967ع


1- اسان وڏيرا.

2- اوهان حاڪمن جا.

1- اعراج = عروج، بلندي.

1- انجام = خاتمو.

1 وعدو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: