سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي تنقيدي مطالعو

 

صفحو:7 

دوهو: سِٽاءُ، اؤسر، مختصر تاريخ ۽

شيخ اياز جي دوهن جي ادبي پرک

شيخ اياز جديد سنڌي ساهت جو اُهو سج آهي، جنهن جي سهائي ۽ سوجهري سان سنڌي ادب، خاص ڪري جديد سنڌي شاعريءَ جو سنسار وڌيڪ سُندر ۽ موهيندڙ محسوس ٿئي ٿو. هُن جي شاعري فهم، فڪر، فن، ادراڪ، احساس، ترنم، تخليقي ٻوليءَ توڙي جماليات ۽ جدت جي لحاظ کان ايتري ته همه گير ۽ حُسناڪ آهي، جو اُن سان ماڻهن جي وڏي اڪثريت محبت ڪري ٿي. اياز سان ڪجهه فرد اختلافِ راءِ به رکن ٿا، پر اُن جي باوجود سندس شاعريءَ جي رومانوي رنگيني، مزاحمتي لب و لهجي، لهرن جهڙي روان رڌم، موضوعاتي وسعت، وجداني جمال، تخليقي تازگي ۽ تخيلي اُڏام جو، هُن جا سخت مخالف به صدقِ دل سان اعتراف ڪن ٿا ۽ اُها ئي هڪ مَهان تخليقڪار جي پنهنجي دؤر ۾ مَڃوتي ۽ حقيقي مڃتا هوندي آهي.      

اياز جي شاعريءَ جو، نه فقط موضوعاتي ۽ فڪري ڪينواس وسيع ۽ ڪشادو آهي، پر اُهو فن، صنفن، اظهار ۽ پيشڪش جي حوالي سان پڻ منفرد آهي. هُن ڪيترين ئي جديد صنفن تي لکڻ سان گڏوگڏ اوائلي، لوڪ ۽ ڪلاسيڪي صنفن ۾ پڻ پنهنجن خيالن، خوابن ۽ احساسن جون خوبصورتيون اوتيون آهن.

اياز جنهن سَليقي ۽ سِيبتائيءَ سان جديد صنفن جهڙوڪ: غزل، گيت، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، هائيڪي، ترائيل ۽ ڏيڍ سٽي ۾، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ اُنهن صنفن ۾، پنهنجي مِٽيءَ ۽ ماڻهن جي محبتن جي مَهڪ کي سمايو آهي، سندس اُهو عمل قابلِ تحسين آهي. خاص طرح غزل، جنهن لاءِ ائين چيو ويندو هو ته، اُن جي زمين ايتري پائجي ۽ کِيڙجي چُڪي آهي، جو اُن ۾ نه صرف ڪنهن نئين خيال ۽ فڪر کي سمائڻ جي گنجائش گهٽ آهي، پر اُن ۾ نين تشبيهن، ترڪيبن، استعارن، قافين ۽ رديفن جي استعمال جا امڪان پڻ محدود آهن، ليڪن اياز جڏهن غزل جي ناقابلِ ڪاشت بڻيل زمين ۾، پنهنجن خيالن ۽ خوابن جي فصل جي پوکي جو ارادو ڪري، اُن تي عمل ڪيو، تڏهن هُن اُن بنجر زمين کي نه رڳو پنهنجي تخيل، فڪري تغير، فني نُدرت، مثالي پورهئي، بي مثل ڏات ۽ باڪمال ڏانءَ سان زرخيز بڻايو، پر اُن کي گُل و گلزار ڪري ڇڏيو.

سنڌي غزل، جيڪو فارسيءَ جي اَهل ۽ اَڌ رنگ جي بيماريءَ ۾ ورتل هو، جنهن مان پاروٿي ۽ خراب ٿي ويل ميوي جهڙي بوءِ ايندي هئي، تَنهن جو هُن وَن ۽ واسُ ئي مَٽائي ڇڏيو، اُهو ’گيڙو ويس غزل‘ بڻجي پيو ۽ اُن مان مِٽيءَ جي مَهڪ ٿي آئي. ائين هُن گيت ۽ نظم کان وٺي ٻين سمورين جديد صنفن ۾، فن ۽ فڪر جي اهڙي حسين ڪائنات سَمائي آهي، جنهن کي پَسي، نه رڳو روح واڙيءَ ــ ڦُل وانگر مَهڪي ۽ ٻَهڪي پوي ٿو، پر عملي، احساساتي ۽ فڪري طرح روميءَ جي مَقولي، ’شاعري جُزو اَست اَز پيغمبري‘ ۾ پڻ ايمان پُختو ٿي وڃي ٿو.

ساڳيءَ ريت اياز، اساسي ۽ ڪلاسيڪي صنفن ۾، جدت ۽ نُدرت جو نئون جهان تخليق ڪيو آهي. بيت، سورٺو، دوهو ۽ وائي، جن ۾ قاضي قادن، مخدوم نوح، شاهه ڪريم، خواجه محمد زمان، شاهه عنات رضوي، لطف الله قادري ۽ شاهه لطيف هر طرح جو ڪمال ڪيو آهي ۽ اُنهن صنفن جي زمين ۾، فڪر ۽ فن جو اهڙو فصل پوکيو آهي، جنهن جي اُپت مان انيڪ نسلن اَڻ مئيو کاڌو ۽ کَپايو آهي، پر پوءِ به اُهو کُٽو ناهي ۽ نه ئي ڪڏهن کُٽڻو آهي. خاص طرح لطيف سائين بيت ۽ وائيءَ ۾، جهڙيءَ ريت پنهنجي فن ۽ فڪر جي باغباني ڪئي آهي، اُن ۾ ڀانت ڀانت جا گُل ۽ ٻوٽا پوکيا ۽ وَڙ وَڙ جو وَکر وَرتايو آهي، اُن ۾ بظاهر ڪا وِٿي نظر نه ٿي اچي، جتي ٻيا ڪي چار داڻا پوکي، اُن مان ڪا اُپت ۽ اُپراسو حاصل ڪري سگهن ۽ لڳ ڀڳ ٻن صدين تائين ائين ٿيو آهي. لطيف کان پوءِ سنڌ ۾ هزارين شاعر آيا، اُنهن شاعريءَ جي ڌرتيءَ کي خوب کِيڙيو ۽ اُن ۾ پنهنجي فڪر ۽ فن جو ٻِجُ ڇَٽيو، پر پنهنجي فصل مان کين ڪو ايڏو وڏو اُپراسو ڪو نه ٿيو، نتيجي ۾ گهڻو ڪري سنڌ صدين کان ڀٽائيءَ جي وائين ۽ بيتن جو وِردُ ئي وَرجائيندي ۽ وِرهائيندي رهي آهي.

لطيف جي شاعري بي مثل ۽ بي بدل آهي. هُن پنهنجن بيتن، وائين ۽ دوهن ۾، زندگيءَ جي حُسن ۽ حقيقتن جي جهڙي جامع ۽ همه گير انداز سان تشهير ۽ تشريح ڪئي آهي، اُها موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. اُن جي جوت سدا جَرڪندي رهندي، ڇو ته اُن جو جوهر ڪڏهن به جَهڪو ٿيڻو ناهي.

شيخ اياز جي عظمت جو هڪ حوالو اُهو به آهي ته، هُن لطيف جي پيروي ڪندي به، پنهنجن رَندن ۽ پَنڌن جي مَسافت ڪئي آهي. اياز بيت، دوهي، سورٺي ۽ وائيءَ ۾ به ائين ڪيو آهي. هُن اُنهن جو بنيادي ڍانچو، سٽاءُ ۽ انداز ساڳيو ڪلاسيڪي رکيو آهي، پر اُنهن ۾ موضوعن، فن، فڪر ۽ تاثريت جو روح ۽ رنگ پنهنجو سمايو آهي، اُنهيءَ ڪري سندس شاعري جو رشتو پنهنجي اَساس سان جُڙيل به آهي ته، اُها جدا ۽ پنهنجي تاثر ۽ تازگيءَ ۾ نِرالي ۽ نئين به آهي.

شاهه لطيف جهڙي عظيم شاعر ۽ دانشمند جي موجودگيءَ ۾، سنڌي شاعريءَ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۽ هڪ الڳ مَقام حاصل ڪرڻ، شيخ اياز جو نه فقط وڏو ڪمال ۽ ڪارنامو آهي، پر سندس مَهان ڏاتار هجڻ جي گواهي به آهي. ڀٽائي سنڌي شاعريءَ ۾، فڪري ۽ فني جماليات جو سمنڊ سوجهيو آهي ۽ اياز اُنهيءَ جي جَرَ ۾ جاٽون هڻي، ڪجهه هيرا ۽ جواهر کڻي آيو آهي.

ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۾، ’وائيءَ‘ کان پوءِ ’دوهو‘ اهم ۽ ترنم واري صنف آهي، جنهن ۾ قاضي قادن کان وٺي شاهه ڪريم، شاهه لطيف ۽ ٻين ڪيترن سِرجڻهارن تائين مِڙني شاعرن پنهنجن احساسن جي مَڌ اوتي، اُن کي اهڙو موهيندڙ ۽ مسرور ڪري ڇڏيندڙ بڻايو آهي، جو اُن مان جنهن به چُڪي چَکي آهي، اُهو مَدهوش ۽ مَستان رهيو آهي. اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعرن کان پوءِ جديد دؤر ۾ دوهي جي صنف ۾، ڪيترن جديد شاعرن پنهنجن جذبن ۽ احساسن جي اُپٽار ڪري، اُن کي نه رڳو زندهه شعري روايت جو حصو بڻايو آهي، پر اُن کي عصري حالتن سان هم آهنگ پڻ ڪيو آهي.

شيخ اياز پڻ ’دوهي‘ جي صنف تي سُٺي طبع آزمائي ڪئي آهي. اياز جي دوهي جي جمالياتي نُدرتن، فڪري وسعتن، فني حُسناڪين، تخليقي تجربن ۽ وجداني ڪيفيتن تي روشني وجهڻ ۽ اُنهن جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان پهريان ضروري آهي ته، دوهي جي لفظي ۽ لغوي معنى، فني تاڃي پيٽي، موضوعاتي ڪئنواس، مجموعي تاريخي اؤسر، پسمنظر ۽ پيش منظر تي هڪ طائرانه نظر وِجهندا هَلون.

 

دوهي جي لفظي ۽ لغوي معنى

لفظ ’دوهو‘ جو اشتقاق ڪنداسين ته، اُهو ٿيندو ــ (دُو = ٻه + هرا = پڇاڙي) يعني ٻن پڇاڙين وارو شعر. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اُن لفظ جو ڇيد هِن ريت ڪري ٿو: ”دوهو (ج) دوها: ذ. سن. دو = ٻه، جوڙو ــ جُفت ــ ٻن مصرعن جو شعر ــ ٻه تُڪو بيت. ڏوهيڙو ــ دوهيڙو.“(1)

مختلف لُغتن ۾، دوهي جي لفظي ۽ لغوي معنى بابت وڌيڪ وضاحت هِن ريت مِلي ٿي:

“Doha (Duidha) A rhyming couple, in which each line consist of half lines made up of feet of 6+4+3(13) and 6+4+1(11) = 24 matras respectively.(2)

اردو، هندي ۽ انگريزي ڪلاسيڪي ڊڪشنريءَ موجب:

“Doha: An old and popular couplete of prakrit and hindi meter, each line consist of 24 matras respectively.(3)

جڏهن ته وِڪيپيڊيا ۾، دوهي جي وصف هِن طرح بيان ڪئي وئي آهي:

“Doha (Hindi, Urdu: دوہا) is a form of self-contained rhyming couplet in poetry composed in Matrika metre. This genre of poetry first became common in Apabhraa and was commonly used in Hindi and Urdu/ sindhi poetry. Among the most famous dohas are those of Sarahpa, Kabir, Rahim, Tulsidas, Jamiluddin Aali, Surdas.(4)

دوهي بابت اُهو پڻ چيو وڃي ٿو ته: ”دوهو اپڀرنش يعني وي ڀاشا پاوي ڀرشٽ جي صنف آهي. اُهو دراصل سرائيڪي جي لفظ، ’دودها‘ مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب ڪنهن شيءِ يا ڪَپڙي جي ٻن تَهن ۾ وِيڙهجڻ يا ٻن جي معنى ۾ به استعمال ٿي سگهي ٿو.“(5)

آغا سليم لکي ٿو: ”منهجو ذاتي رايو آهي ته، ’دوهو‘ لفظ ’ڌروا‘جي بگڙيل صورت آهي، جيڪو ’پرٻنڌ‘ ۽ ’ڌروپد‘ مان اُسري، ’ڌرو‘ يا ’ڌروا‘ بڻيو، جنهن مان ’دوهو‘ لفظ ٺهيو آهي.“(6)

ناگپور يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ايڇ. ايل. جئن، جنهن کي جديد دوهي جي ماهر جي حيثيت ۾ هڪ سَندَ سمجهيو وڃي ٿو، تنهن جو دوهي بابت چوڻ آهي ته: ”ڏوهو (ڏوهڙو= ڏورڙو= ٻيڻو) به ڳاهه وانگر اول ڪن اَڪيلين سِٽن ۾ چالو ٿيو آهي. پنجين صدي عيسوي ڌاري دوهي ۾ مختلف ماپ جي سِٽن وارا ڪي جوڙا پڻ پاڻ ۾ جُڙندا نظر اچن ٿا. اُنهن جي عنوان ۽ مضمون جو بنياد پڻ ڳاهه وانگر ئي تاريخي قصن ۽ حقيقي واقعن تي رَکيل آهي، جن کي چارڻن ۽ ڀَٽن ڳائڻ شروع ڪيو.“(7)

دراصل دوهو هندي، اردو توڙي سنڌي شاعريءَ جي اهڙي معروف ۽ مقبول شعري صنف آهي، جيڪا ٻن سِٽن يا ٻن مصرعن تي مشتمل هوندي آهي ۽ اُنهن ٻنهي مصرعن جي آخر ۾ قافيو ايندو آهي. دوهي جي هر مصرع کي ’دَل‘ چئبو آهي ۽ اَها ٻِن چَرنن يا پَدن ۾ وِرهايل هوندي آهي. اهڙي ريت دوهو ڪُل چَئن چَرنن يا پَدن جو ٿيندو آهي، جنهن جي پهرين ۽ ٽين چَرن کي ’وِشم پَد‘ سڏيو ويندو آهي، جڏهن ته اُن جي ٻئي ۽ چوٿين پَد کي ’سم پَد‘ چيو ويندو آهي. دوهي جي چئن چَرنن جي وچ ۾، جيڪي وقفي يا ساهيءَ جون نشانيون هونديون آهن، جن کي هندي ۾، ’يتي،‘ اردو ٻوليءَ ۾، ’وِسرام‘ ۽ وياڪرڻي (گرامر جي) زبان ۾، ’اَڌ دَمُ‘ (،) ۽ ’سَڄو دَمُ‘ (.) سَڏيو ويندو آهي، اُنهن جي پڻ وڏي وقعت آهي، ڇو ته اُهي ماترائن جي ڳاڻيٽي کي واضح ڪرڻ سان گڏوگڏ ترنم کي پڻ قائم رکنديون آهن.     

دوهي کي هنديءَ ۾، ’شلوڪ‘ به ڪوٺيو ويندو آهي، جنهن جي معنى آهي، ’ساراهه يا تعريفي ڪَلمات‘. عام طرح شلوڪ چئن پَدن ۽ ٻن هم قافيا مصرعن تي مشتمل هوندو آهي، جنهن کي هندي /سنسڪرت/ اپ ڀرنش ۾، دوهو/ دوها سڏيو ويندو آهي ۽ سرائيڪيءَ ۾ اُنهيءَ کي ڏوهڙا / دوهڙا پڻ ڪوٺيو ويندو آهي.

دوهو پنهنجي فني لطافت ۽ غَنائيت، فڪري گهرائي ۽ معنوي حُسناڪي، اختصار ۽ احساس جي بي ساخته اُڇل سبب صدين کان مشرقي ادب ۾، نه رڳو رائج رهيو آهي، پر مُترنم ۽ مختصر هجڻ  ڪري، اُهو عوام جي وڏي اڪثريت جي من پسند صنف پڻ رهيو آهي.

 

دوهي جي هيئت ۽ وصف

دوهو ٻِن سِٽن تي مُحيط اساسي/ڪلاسيڪي/ جديد هندي ۽ سنڌي شاعريءَ جي مختصر ۽ مترنم اهڙي شعري صنف آهي، جيڪو پنهنجي مختصر هيئتي وجود ۾، نه رڳو وڏو فڪري، احساساتي ۽ جمالياتي مواد رکي ٿو، پر اُن ۾ ڪمال جو ترنم به هوندو آهي. اُهو ئي سبب آهي ته، دوهو پڙهڻ ۾ پُرلطف ۽ روان هجڻ سان گڏوگڏ جهونگارڻ ۽ ڳائڻ ۾ پڻ ايترو ئي رَسيلو ۽ موهيندڙ آهي. دوهي جي هر سِٽ ٻِن پَدن يا چَرنن تي مشتمل هوندي آهي. اُن جي پهرين مصرع جو پهريون پَد تيرهن ماترائن جو ۽ ٻيو پَد يارهن ماترائن (13 +11 = 24) جو هوندو آهي، جڏهن ته ٻي مصرع به ساڳي ماترڪ جوڙجڪ تي مبني هوندي آهي.

هي ڌرتيءَ جي ڌرتتي، تتو هانءُ هِي هاءِ!
ڪنهن جي چَڳَ جي ڇانوَ ۾، ويهي رهه پل لاءِ.
              (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص.29)

 

مصرع ــ 1  پهريون پد،     ٻيو پد،        قافيو

         13 ماترائون،  11 ماترائون،   = 24

 

مصرع ــ 2 پهريون پد،     ٻيو پد،                قافيو

13 ماترائون،   11 ماترائون،   = 24

 اُها ماترڪ ترتيب ئي دوهي جي خاص خوبي ۽ شناخت آهي، ڇو ته شاعريءَ جي ڪيترن ئي پارکن جو چوڻ آهي ته، ”دوهو فقط اُهو آهي، جنهن جي هر مصرع 24 ماترائن جي ۽ ٻئي مصراعون 48 ماترائن تي مشتمل هجن. جيڪڏهن ماترائن جي تعداد ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي ته، اُن کي دوهو نه چئبو، ڇاڪاڻ ته ماترائن ۾ جيئن جيئن اضافو ٿيندو، تيئن تيئن اُن جا نالا به بدلبا.“(8) پر جديد دوها  نگارن رڳو دوهي جي مذڪوره مخصوص ماترڪ سٽاءَ تي اڪتفا نه ڪيو آهي، ليڪن اُن جي هيئت ۾ ڪيترائي فني تجربا ڪري، اُن کي وڌيڪ تخليقي ۽ تازگيءَ ڀريو بڻايو آهي.

فارسي علم عروض وانگر هندي ڇند جا به ڪجهه اصول آهن، جن مان ٻه تمام اُهم آهن. پهريون هڪ حرفي اصول (هڪ متحرڪ اکر)، جنهن کي ’لگهه ماترا‘چئجي ٿو. اُن جي نشاني (^) آهي. ٻيو ٻه حرفي اصول (جنهن ۾ هڪ متحرڪ اکر سان گڏ هڪ ساڪن اکر ٿيندو آهي)، جنهن کي ’گُر ماترا‘ چيو وڃي ٿو، جنهن جي نشاني هيءَ (ــــ) آهي.

”ڇند وديا ۾ بحر ٻن قِسمن جا هوندا آهن. هڪ ’ماترڪ ڇند‘ ۽ ٻيو ’ورنڪ ڇند.‘ ماترڪ ڇند ۾، سمورو دارومدار اصولن جي تعداد تي هوندو آهي. اصول کي ڇند وديا ۾ ماترا چيو ويندو آهي. اُنهن بحرن ۾، ماترائن جو مقرر ٿيل تعداد نظر انداز ٿيڻ نه گهرجي. باقي اُهو ضروري نه آهي ته، حرفن جو تعداد برابر هجي . . . ورنڪ ڇند يعني حرفن وارو، جنهن ۾ رُڪنن جي پابندي لازمي آهي. يعني ٻن مصراعن ۾ هڪ جهڙا ’گن‘ هجڻ گهرجن. اُنهيءَ پابنديءَ جي ڪري فقط ’گُر‘ ۽ ’لگهه‘ ماترائن ۾ مطابقت ضروري نه آهي، پر حرفن جي تعداد ۾ به هڪجهڙائي هجڻ گهرجي.“(9)

ساڳيءَ ريت اوائلي دوهي لاءِ اُهو شرط پڻ لازمي هو ته، اُن جي ٻنهي مصراعن يعني پهرين ۽ ٽين پَد جي شروعات جَگن/ گُر رُڪن سان ڪڏهن به نه ٿيڻ گهرجي، پر اُن جي ٻي ۽ چوٿين پَد جي پُڄاڻي هر حال ۾ سَگنَ/ لگهه ماترائن سان ٿيڻ ضروري هئي، پر حقيقت اُها آهي ته، جديد دوهي ۾، شاعرن نه رڳو موضوعاتي ۽ فڪري حوالي سان وڏي وسعت پيدا ڪئي آهي، پر فني لحاظ کان پڻ اُنهن دوهي ۾، ڪيئي نوان ۽ تخليقي تجربا ڪري، اُن کي نئين فني رنگيني ۽ تازگي عطا ڪئي آهي، جيڪا سِيبائتي ۽ سونهندڙ آهي.  

عام طرح سان قديم توڙي جديد دوهي جي ٻنهي سِٽن ۾، هڪ ٻي انوکي فني يڪتائي ۽ هم آهنگي به ٿئي ٿي. اُها هي ته، اُن جو پهريون ۽ ٽيون پَد 13 + 13  =(26) ماترائن جو ٿئي ٿو، جڏهن ته اُن جو ٻيو ۽ چوٿون پَد 11 + 11 = (22) ماترائن جو هوندو آهي. اهڙيءَ ريت ٻنهي مصرعن جي چئني پَدن جو ڪُل ماترڪ انگ 48 بيهندو آهي. پَدن ۾ اُنهيءَ ماترڪ هڪجهڙائيءَ ۽ هم آهنگيءَ ڪري دوهي ۾، رواني ۽ ترنم پيدا ٿئي ٿو.

عام دوهي جو مثال:

تون ئي منهنجي ننڊ آن، تون ئي منهنجي جاڳ،
مان آهيان تنهنجي ڄِڀي، تون آن منهنجي آڳ.
                                  (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص35)

 

ٿورن لفظن ۾ دوهو ٻن سِٽن تي مشتمل اهڙو شعر آهي، جنهن جون ٻئي مصراعون هم قافيه هونديون آهن. دوهو پنهنجي هيئتي ڏيک ويک ۾، غزل جي مطلع جي هم شڪل لڳندو آهي. غزل جي مطلع ۽ دوهي ۾، ٻولي، مزاج، ترنم، اظهار ۽ لهجي جي فرق کان علاوه هڪ فرق اُهو به آهي ته، غزل جو مطلع علم عروض تي آڌاريل هوندو آهي ۽ دوهو ڇند وديا تي سِرجيو ويندو آهي. دوهي جو وزن گهڻو ڪري مقرر ۽ طئي هوندو آهي، جڏهن ته غزل جا ڪيئي ۽ مختلف وزن ٿي سگهن ٿا.

دوهي کي انگريزيءَ جي ڪَپليٽ (Couplet) ۽ فارسيءَ جي ’مفردات / فرد‘ سان پڻ مُشابهه سمجهيو ويندو آهي، پر ٻن سِٽن جي هڪجهڙائيءَ کان علاوه اُنهن ۾، ٻي ڪائي مطابقت ۽ مناسبت ڪونه ٿي ملي. دوهو اُنهن ٻنهي کان نه صرف وزن، پر مزاج، ٻولي، ترنم ۽ لهجي جي مِٺاس جي لحاظ کان پڻ منفرد ۽ نرالو آهي.

سنڌيءَ ۾ گھڻو ڪري دوهو ڪلاسيڪل دؤر کان وٺي هِن وقت تائين قديم/ عام دوهي، يعني (13 + 11= 24) ماترائن تي جهجهي انداز ۾ لِکيو ويو آهي، پر جديد شاعرن دوهي جي هيئت ۽ ماترڪ سٽاءَ ۾، ڪيتريون ئي خوشگوار ۽ تخليقي تبديليون ڪري، اُن کي گهاڙيٽي جي حساب سان ڪيترن ئي قِسمن ۾ وَنڊيو ۽ وِرهايو آهي، پر ڇند جي ماهرن خاص ڪري دوهي جا ٽي نمونا ٻُڌايا آهن. پهريون هري پد دوهو، ٻيو لَلِت پد دوهو ۽ ٽيون غير مساوي يا بي جوڙ دوهو. هيٺ ٽنهي قِسمن جي دوهن جي مختصر وضاحت ڪجي ٿي.

1. هري پد دوهو

عام دوهي جي مصرعن جي پهرين پَدن ۾، ٽن ماترائن جي اِضافي سان هري پد دوهو جُڙندو آهي. يعني هري پد دوهي جي هر مصرع (16 + 11 = 27) ماترائن جي هوندي آهي، ۽ اُن جون ٻئي مصراعون 54 ماترائن جون ٿينديون آهن. عام دوهي توڙي هري پد دوهي ۾، ردم ۽ موسيقيءَ جو تمام گهڻو رَچاءُ ٿئي ٿو. خاص طرح سان هري پد دوهي ۾، ايتري نغمگي ۽ ترنم هوندو آهي، جو پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ، اُن جي دلفريب موسيقيءَ جي لهرن ۾ پاڻ کي تَرندو محسوس ڪندو آهي. اُهو ئي سبب آهي، جو شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾، هِن دوهي جي قِسم کي گهڻو اَپنايو ۽ اُن تي جَهجهي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شعري مجموعي، ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي دوهن مان گهڻا دوها هري پد دوهي جي سٽاءَ ۾ ملن ٿا. اياز جي شاعريءَ مان هري پد دوهي جا ڪجهه مثال:

 

چوڏينهنءَ جي چانڊوڪي آهي، پرين به آهي پاس،
تو کي ڇا ٿيو آ منهنجا من، تون ڇو آنهه اداس!
                                      (ص32)

**

صبح سويري نيسر هيٺان نينگر ڇوڙيا وار،
اُجلي اُجلي تن تان مَهٽيا، گدلا گدلا پيار.
                     
    (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص33)

2. لَلِت پد دوهو

هِن دوهي جي هر سِٽَ (16+12 = 28) ماترائن تي مشتمل هوندي آهي. هِن جي پهرين ۽ ٽين پَد ۾، 16 ماترائون ۽ ٻي ۽ چوٿين چَرن ۾، 12 ماترائون ٿينديون آهن. اُن طرح ٻنهي مصراعن ۾ ڪُل 56 ماترائون ٿينديون آهن. للت پد دوهي جا مثال:

چوريءَ چوريءَ پهچي من ۾، لڪي ليئا پائين،
آءُ هَلي، هي گهر تنهنجو آهه، منهنجا مِٺڙا سائين!
                                                 (ص34)

**

ويجهو آهين، وَس ۾ ناهين، پري نه آهين پاڻان،
رنگ رنگ ۾، روپ روپ ۾، توکي آءٌ سڃاڻان.
                       (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص35)

 

3. غير مساوي يا بي جوڙ دوهو

ڪجهه دوها گهٽ وڌ ماترائن تي پڻ لِکيا ويندا آهن، جن ۾ جدا جدا ڇَندَ استعمال ڪيا ويندا آهن. فرض ڪريو جيڪڏهن دوهي جي هڪ مصرع (16+ 16 = 32) ماترائن جي هوندي ته، ٻي مصرع ۾، (16+ 14= 30) ماترائون هونديون ۽ سڄو دوهو 62 ماترائن جو ٿيندو. يا وري پهرين مصرع (16 + 16 = 32) ماترائن جي ۽ ٻي مصرع (16 + 12 = 28) ماترائن جي هوندي ۽ پوري دوهي جو ماترڪ انگ 58 بيهندو ته، اهڙي دوهي کي ’غير مساوي يا بي جوڙ دوهو‘ چيو ويندو آهي. هِن قِسم جو دوهو فني حوالي سان ته دوهي جون گهرجون پوريون ڪندو آهي، پر ماترائن جي گهٽ وڌائي ڪري، اُن ۾ اُها رواني ۽ موسيقيت نه رهندي آهي، جيڪا دوهن جي ٻين قِسمن ۾ مِلي ٿي. سنڌيءَ ۾ هِن قِسم جا دوها شيخ اياز چڱي تعداد ۾ لِکيا آهن، جن ۾ پنهنجي نوع جي رواني ۽ رنگيني آهي، پر اردو ۾ اُن سٽاءَ جي دوهن تي گهڻي طبع آزمائي ٿي آهي. هيٺ اياز جي شاعريءَ مان غير مساوي دوهن جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:

 

هي دنيا آهه سراءِ هتي، تون چار ڏهاڙا رهڻو آن!
ڌرڻو ماري ويهه نه پيارا، نيٺ هتان تون ڪَهڻو آن!

                             *

تون نه اگر رهندين  او پيارا! دنيا پوءِ به هَلندي  رهندي،
بسنت رُت ۾ سونهن سرنهن جي، ڦُلندي ڦَلندي رهندي.
        
                      (سانجهي سمنڊ سپون، 1996ع، ص122)

دوهي جي هڪ هم روح ۽ هم جيسي صنف ’سورٺو‘ آهي. دوهي وانگر سورٺو پڻ ٻِن سِٽن تي مشتمل هوندو آهي. هِنن ٻنهي صنفن ۾، هڪ گهرو سُٻنڌ اُهو آهي ته، اُنهن ٻنهي جا بنياد ساڳيا آهن. سِٽن جي ترتيب جي ٿوري ڦير ڦار سان، اُنهن ۾ وڏي هم آهنگي ۽ هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. اُهي هڪ ٻئي جي وجود مان آساني سان جنم وٺي سگهن ٿا. دوهي جي پَدن جي ترتيب کي اڳتي پوئتي ۽ تبديل ڪرڻ سان سورٺو، ۽ سورٺي جي پَدن کي اڳتي پوئتي ڪرڻ سان دوهو ٺهي سگهي ٿو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو، ”دوهي جي پَدن کي ڦيرائي اُبتو رکبو ته، سورٺو ٿي پوندو.“(10)

دوهي جيان سورٺو به ٻن مصراعن جو هوندو آهي، پر اُن ۾ فرق اُهو آهي ته، دوهي جو پهريون ۽ ٽيون پَد 13 ماترائن جو ۽ ٻيو ۽ چوٿون پَد 11 ماترائن جو هوندو آهي ۽ قافيو ٻنهي مصراعن جي آخر ۾ ايندو آهي. جيڪڏهن دوهي جي (11+11) ماترائن وارا پويان ٻئي پَد، جيڪي هم قافيا هوندا آهن، اڳيان رکجن ۽ (13+13) ماترائن وارا اڳيان ٻئي پَد پويان رکجن ته، سورٺو جُڙي پوندو. نموني لاءِ اياز جو دوهو هيٺ ڏجي ٿو.

ساري جَڳ تي تون وَسين، جيئن ساوڻ جو مِينهُن،
منهنجي من جي بوند جو، آهي توسان نينهن.
     
              (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص 35)

 

مٿين دوهي مان سورٺو هِن ريت ٺاهي سگهجي ٿو.

جيئن ساوڻ جو مينهن، ساري جَڳ تي تون وَسين،
آهي توسان نينهن، منهنجي من جي بوند جو.

 

دوها، سورٺا جي ڌار صنفن کان علاوه دوها سورٺا ميل جا نمونا پڻ ملن ٿا، جن ۾ ڪڏهن پهرين سِٽَ دوهي (13+11) جي، جنهن کي تڻويري دوهو پڻ چئجي ٿو ۽ ٻي سِٽَ سورٺي (11+13) جي هوندي آهي، جنهن کي بڙو دوهو سڏجي ٿو ته، ڪڏهن وري پهرين سِٽَ سورٺي ۽ ٻي سِٽَ دوهي جي هوندي آهي. ٻنهي جا هيٺ مثال پيش ڪجن ٿا.

تڻويري دوهي جو مثال:

هاڪَ وَهندي هاڪڙو، ڀَڄندي ٻنڌ اَروڙ،

بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سَمي ويندا سوکڙي.

        (ماموئي فقير)

**

بڙو دوهو جو مثال:

سڄڻ منجهه هئام، مون اُٿي ويا اُوٺيا،
هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا، هينئين جاڙ وڌام.
                                       (  قاضي قادن)

دوهي جو پس منظر ۽ اؤسر

شاعريءَ جي قديم ۽ اَوائلي صنفن مان، دوهو هڪ اهم ۽ ٻن هم قافيا سِٽن تي مشتمل اهڙي مختصر ترين صنف آهي، جنهن اتهاس جي مختلف دؤرن مان گذري، نه فقط اؤسر جا مختلف مرحلا طئي ڪيا آهن، پر اُن پنهنجو وجود برقرار رکيو ۽ سماج جي مختلف طبقن ۽ الڳ مڪتبه فڪر جي ماڻهن ۾ مڃتا ۽ مقبوليت پڻ ماڻي آهي. حقيقت ۾ دوهو هڪ عوامي شعري صنف آهي، جنهن کي عام ماڻهن کان وٺي ڌرمي لوڪن تائين سڀني ساڳي محبت ۽ عقيدت سان اَپنايو آهي. عام طرح سان دوهي کي هندي شاعريءَ (جنهن ۾ اپڀرنش، برج ڀاشا، کڙي، پوربي، راجستاني ٻوليون وغيره شامل آهن) جي صنف چيو وڃي ٿو، جنهن جا ابتدائي آثار پنجين ڇهين عيسويءَ ۾ ملن ٿا، جڏهن اَپ ڀرنش ٻوليون اُسري ۽ اُڀري رهيون هيون.

دوهو، هندي شاعريءَ جي ماحول ۽ مِٽيءَ مان اُسريو ۽ نِسريو آهي. اُن جي پرورش ۽ پالنا لوڪ شاعريءَ ڪئي آهي ته، اُن کي جوانيءَ ۽ جوڀن تي ڪلاسيڪل شاعريءَ پهچايو آهي.

ڪنول ظهير دوهي جي حوالي سان پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿي: ”دوهو هندستان جي هڪ اوائلي شعري صنف آهي، جنهن جو هِن وقت تائين سنسڪرت ۾ ڪو به وجود نه ٿو ملي، (اُن جو هڪ سبب اهو به آهي ته، سنسڪرت ۾ آهنگ ۽ لفظي ترنم ته آهي، پر اُن ۾ قافيو نه آهي) ٻيو سبب اُهو آهي ته، سنسڪرت عوامي نه، پر خاص طبقي جي ٻولي هئي. اُن جي برعڪس پراڪرت عامي ٻوليون هيون، جن ۾ لوڪ شاعريءَ جو جَهجهو ذخيرو ملي ٿو، جيڪو وڏي عرصي تائين سينا به سينا منتقل ٿيو آهي.... راجستان ۽ يوپي جي ڪجهه علائقن جي قديم داستانن، جن کي ’آلها ۽ دل‘ سڏيو وڃي ٿو، اُهي دوهي جي بحر ۾ آهن. اُن کان علاوه ٻُڌمت جي ساڌن جا ڇهين ۽ ستين عيسوي صديءَ ۾ لکيل دوها پڻ ملن ٿا. اُن بعد طويل داستانن جو دؤر آيو، جنهن ۾ اهڙا بند ترتيب ڏنا ويا، جنهن جو اختتام دوهي شعر تي ٿيو ٿي.... تيرهين صديءَ ڌاري برج ڀاشا هڪ نئين انداز سان اُڀري سامهون آئي، اُنهيءَ نئين روپ کي امير خسرو جي ’هندوي ڪلام‘ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.“(11)

دوهي کي سنگيت پڻ سُٺي مقبوليت بخشي آهي. خاص ڪري سيلانين، ساڌوئن، سنياسين، ڀڪشوئن ۽ ڌرم جي پرچارڪن، اُن کي ڳائي، نه رڳو پنهنجي من کي شانت ڪيو ۽ تن کي تازگي بخشي آهي، پر ٻين جي دلين تان ’دوئي‘ ۽ ’دُک‘ جي دز کي دؤر پئي ڪيو آهي. دوهي کي گورگناٿ جي ناٿ پنٿين پنهنجي ڌرمي پرچار لاءِ پڻ استعمال ڪيو آهي. اُنهن دوهن جو موضوع توڙي جو نفس ۽ خواهشن کي مارڻ ۽ پنهنجي اصل ڌڻيءَ کي تلاش ڪرڻ آهي، پر پوءِ به اُنهن جي پوربي ۽ بهاري ٻولين جي نرمل لهجي سبب اُنهن ۾ ترنم ۽ تازگيءَ جو حسين رَچاءُ ملي ٿو.

ٻارهين صديءَ ڌاري هڪ معروف جيني ساڌو هيم چندر مختلف دوها نگارن جي دوهن تي مشتمل هڪ ڪتاب، ”هيم چندر شبد انوساشن“ ترتيب ڏنو، جنهن ۾ موضوعاتي لحاظ کان ويرگاٿائون، رزميه، ڌرمي، اخلاقي، اصلاحي، رومانوي ۽ جمالياتي انداز جا دوها ملن ٿا. اُنهن مان هڪ دوهو نموني طور ڏجي ٿو.

 

بھلا ہوا جو ماریا٬ بھینی امہارا کنت،
لجی تو وین سے رہو٬ جئے بھگا گھر اینت .
 

(چڱو ٿيو، جو منهنجو ڪانڌ وِڙهندي ماريو ويو، جي هُو گهر ڀَڄي اچي ها ته، سڄي عمر مان پنهنجن ساهيڙين اڳيان ڪنڌ نه کڻي سگهان ها.)

ساڳي خيال ۾ ڪجهه سونهندڙ ۽ سُندر اضافا ڪري، لطيف ڪيڏي نه ڪمال ۽ اثرائتي انداز سان، اُن وارتا کي پنهنجي هڪ بيت ۾ هِن ريت پيش ڪيو آهي:

 

ڀَڳو آءٌ نه چوان، ماريو ته وسهان،
ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
تان پڻ لڄ مَران، جي هونس پُٺ ۾.

                            (شاهه لطيف)

دوهي جي جنم ۽ اؤسر بابت پروفيسر محمد آصف خان، نامياري محقق رگهونند شاستري جي ڪتاب ’هندي ڇند پرڪاش‘ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو: ”گايتري ڇند مان اشٽ ڇند، اَشٽ ڇند مان پراڪرت يا اُپ ڀرنش جو ماترڪ ڇند، اُن مان آري ۽ آريءَ مان وري هندي دوهي جنم ورتو آهي.“ (12)

گائتري ڇند کي ويدن جو ڇند تسليم ڪيو ويندو آهي ۽ اُن ڇند کي خود گوتم ٻُڌ تمام گهڻو پسند ڪندو هو. وِيدن جا ڇند ورنڪ يعني ڳڻپ وارا هوندا هئا، جيڪي چَرن، ماترائن جي بنياد تي نه، پر اکرن جي ڳڻپ جي حساب سان قائم ٿيندا هئا. گايتري ڇند ۾، ٽي چرن هئا ۽ هر چَرن اَٺن اکرن تي محيط هو. يعني ٽنهي چَرنن جي اکرن جو ڪُل تعداد 24 ٿيندو هو، جيڪو دوهي جي ٻِن پَدن جو ماترڪ وزن آهي.

قديم دوهي کي مضمون توڙي موضوع جي لحاظ کان ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي. هڪ ديومالائي، افسانوي ۽ عوامي قصن ڪهاڻين تي مشتمل دوها، جيڪي هڪ سِٽ تي مبني هوندا هئا، جن جا مؤجد گھڻو ڪري يوگي، سنياسي، ڀَڪشو، ڀَٽَ، ڀانَ ۽ چارڻ هئا. اهڙي قِسم جا دوها هيم چندر جي گرامر جي ڪتاب ۾ موجود ملن ٿا، جيڪي مختلف ماپ ۽ جدا جدا اکرن تي محيط آهن.

ٻي قسم جي دوهن جو موضوع ۽ مضمون روحاني، اصلاحي ۽ ڌرمي هو. هِن قسم جا دوها جين ۽ ٻوڌي ساڌن، سنتن، جوڳين ۽ ويراڳين جام تخليق ڪيا آهن. خاص طرح سان ٻوڌي ڀڪشوئن، ويراڳين، جوڳ پنٿين ۽ ڀڳتي ساڌوئن، دوهي کي پنهنجي ڌرمي ۽ اَنتر گيان جي پرچار جو ذريعو بڻائي، اُن کي نه صرف هڪ مذهبي ۽ روحاني حيثيت عطا ڪئي، پر دوهي جي ٻن مصرعن واري سٽاءَ کي پڻ قائم ۽ دائم رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ساڳي قسم جي روايت سنڌي دوهن ۾ پڻ ملي ٿي.

دوهي بابت ملندڙ ادبي تاريخ جي وثوق جوڳن تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو ته، دوهي جا ابتدائي نمونا يقيناً ڇهين ۽ ستين صدي عيسوي ۾ ملن ٿا، پر حقيقت ۾ اُن تيرهين ۽ چوڏهين صدي عيسويءَ ۾، نه فقط هندستان جي مَقامي ٻولين ۾ مقبوليت حاصل ڪئي، پر اُن باقاعدي پنهنجي حيثيت ۽ وقعت تسليم ڪرائي. پندرهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ اُڀرندڙ ڀڳتي تحريڪ، دوهي کي نه رڳو هڪ صنف طور عروج تي رَسايو، پر اُن کي مذهبي، روحاني ۽ داخلي اظهار جي ٻين انيڪ احساسن ۽ جذبن جي بيان سان گڏوگڏ امن، محبت، رواداري، مساوات ۽ انساني اَخوت جي پرچار ۾ پڻ ڪاميابيءَ سان ڪَتب آندو. هِن تحريڪ جي علمبردارن ۾ رامانند، آنند تيرٿ، نام ديوَ ۽ ڪبير جا نالا سرفهرست آهن، جن گهڻو ڪري پنهنجن احساسن جو اظهار دوهي ڇند ۾ ڪيو آهي، اُنهن جي فڪري اثرن ۽ شاعراڻي فن جي گهڻ طرفي ڦهلاءَ جو تفصيلي ذڪر اڳتي ڪنداسين.

دوهي جي تخليقڪار جي حوالي سان، جنهن شاعر جو پهريون نالو ملي ٿو، اهو جئندو (Joindu) نالي هڪ يوگي ۽ سنياسي هو. تياڳ ۽ تپسيا سان گڏ شاعريءَ سان هُن کي انوکو اُنس ۽ عشق هو. هُن جو دؤر ڇهين صدي عيسوي ٻُڌايو وڃي ٿو. هُن جي پرچار جو پَرو ۽ سندس ’جوڳ سار دوهن‘ جي مشهوري ڏکڻ سنڌ کان وٺي ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين هئي. هُن جي دوهن تي مشتمل ٻه مجموعا، ’پرمپياس‘۽ ’جوڳ سار‘ پڻ مليا آهن. ”ان کان علاوه رام سنها منيءَ جا ’پاهڙ دوها‘، گياني ديوسين جا ’ساويه ڌرم دوها‘ ۽ منطق تي لکيل ڪتاب، ’نيايه چڪر‘ (جيڪو سڄو دوها ڇند ۾ لکيل هو) ۽ سپر آچايه جا ’ويراڳ سار دوها‘ آڳاٽي اپڀرنش ڪويتا جي بهترين نموني مان ڪي چونڊ مثال آهن.“(13)

مختصر لفظن ۾ دوهي لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته، مَقامي هندي شاعريءَ جي هِن نرمل صنف، دنيا جي ٻين شعري صنفن وانگر لوڪ شاعريءَ مان جنم ورتو آهي، ڇو ته اُهو لوڪ گيت وانگر عام جي اظهار ۽ اُمنگن جو ترجمان رهيو آهي ۽ اُن جو سِرجڻهار پڻ عام ماڻهو ئي رهيو آهي، جنهن پنهنجي اندر جي اَڻ جهل جذبن، قدرت جي مظهرن جي مشاهدي، مذهبي اعتقادن توڙي پيار ۽ محبت جي اظهار لاءِ اُن کي اَپنايو آهي.

دوهي، زرعي سماجن ۽ ڳوٺاڻي ماحول ۾ پروش پاتي آهي، اُنهيءَ ڪري ابتدا کان وٺي اُن جي ٻولن ۾، ڳوٺاڻي ڪلچر ۽ زرعي زندگيءَ جو حُسن ۽ حصار ملي ٿو. ٻين شعري صنفن وانگر دوهي ۾، شعري صنعتن جي ايتري مجبوري نه هوندي آهي، ڇو ته اُهو پنهنجي فطري سڀاءُ سبب اُنهن کان سواءِ ئي سُندر، مترنم ۽ موهيندڙ محسوس ٿيندو آهي. دوهي جا موضوع به اڪثر ڪري، فطرت، انساني جذبا، محبت ۽ وڇوڙي جا ورلاپ ۽ قدرت جا منظر ۽ اسرار آهن، جيڪي اُن کي مخصوص ۽ منفرد شناخت عطا ڪن ٿا. دوهي جا ڪلاسيڪل موضوع ’ڀڳتي، جوڳ، محبت جون مسرتون ۽ جدائي جا روڳ‘ رهيا آهن.

دوهي جي لفظيات ۽ لغت به مخصوص رهي آهي، جيڪا گهڻي حد تائين هندي آميز لهجي، ڪومل، مُلائم، مِٺاس ڀرئي ۽ رسيلي لفظن تي محيط رهي آهي. حيرت جي ڳالهه اُها آهي ته، مخصوص ٻولي، مقرر هيئت، محدود سٽاءَ، طئي ٿيل وزن ۽ مختصر سِٽن جي باوجود، اُن ۾ ڪمال جي جدت ۽ فڪري وسعت ملي ٿي.

دوهي مختلف دؤرن ۾ اؤسر جا مختلف مرحلا طئي ڪيا آهن. ڪڏهن اُن صنف ۾ مذهبي خيالن جو اظهار ڪري، ماڻهن اُن کي مقبول بڻايو آهي ته، ڪڏهن اُن ۾ رومانوي ۽ سماجي مسئلن جي اُپٽار ڪري، انسان جي اصلاح ڪئي ۽ اُن جي جذبن ۽ احساسن کي اظهاريو ويو آهي.

پارکن ۽ عالمن موضوعاتي توڙي فڪري لحاظ سان اُن دؤر ۾ سِرجندڙ دوهن ۽ ٻي شاعريءَ کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي. پهريون جوڳ /يوگ شاعري، ٻيو ڀڳتي شاعري، ٽيون رومانوي/ جمالياتي ۽ معروضي شاعري. اُنهن ٽنهي قسمن جي شاعريءَ جو اثر نه رڳو هندستان جي ادبي ۽ معاشرتي جيوت تي پيو، پر خاص ڪري سنڌ ڌرتي ۽ اُن جي ساهت تي پڻ اُن جا ديرپا اثر رهيا آهن، جن تي اڳتي هلي تفصيلي روشني وجهنداسين.

مجموعي طور ڀڳت ڪَوين ۽ مسلمان صوفي شاعرن پنهنجي پنهنجي مَسلڪ جي پرچار ۽ مَن کي ريجهائڻ لاءِ هر دؤر ۾ جَهجهي انگ ۾ دوها سِرجيا آهن، جن جا فڪري، فني ۽ احساساتي اثر، نه رڳو پنهنجي آس پاس جي ماڻهن ۽ ٻولين تي پيا آهن، پر اُنهن جا اثرَ ٻين ڀاشائن، لوڪن ۽ ساهتيائن تائين پڻ پهتا آهن. هيٺ چند چونڊ ٻولين ۾، موجود دوهن جو مختصر فني ۽ فڪري جائزو پيش ڪجي ٿو، جن جو عام طرح سنڌي شاعريءَ ۽ خاص طرح شيخ اياز جي فن ۽ فڪر تي چڱو اثر رهيو آهي. 

 

هندي دوهو

هندي ٻولي، (جنهن ۾ اپڀرنش، برج ڀاشا، پراڪرت، کڙي، پوربي ۽ راجستاني شامل آهن)، جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو، تڏهن اُنهن ۾ دوهي جا قديم نمونا مِلن ٿا، جن ۾ سڀ کان پُراڻا دوها ساڌن ۽ ناٿ پنٿي جوڳين جا نظر اچن ٿا. ساڌن پنهنجن دوهن ۾، اپڀرنش ۽ قديم هندي جي ادبي روپ کي اَپنايو آهي، جڏهن ته ناٿ پنٿين دوهي ۾، هنديءَ جي تاڃي پيٽي کي پنهنجايو آهي، جنهن ۾ اپڀرنش، شورسيني، برج ڀاشا ۽ کڙي ٻولين جي آميزش وڌيڪ رَسُ ۽ رَنگُ پيدا ڪيو آهي. هنديءَ ۾ دوهي کي ڌرمي پرچار ۽ روحاني تقدس واري حيثيت حاصل رهي آهي، اُنهيءَ ڪري اُهو هند توڙي سنڌ ۾ چڱي تعداد ۾ لِکيو ۽ ڳايو وڃي ٿو.

اُن حوالي سان ڊاڪٽر اعظم ڪريوي لِکي ٿو، ”هندي شاعريءَ ۾ (دوها نگارن) جو اَڻ ڳڻيو تعداد آهي، پر اُنهن مان مُستند ۽ مشهور ڪي ٿورا ئي آهن، جن ۾ امير خسرو، ڪبير، ملڪ محمد جائيسي، ميران ٻائي، تُلسيداس، عبدالرحيم خانِ خانان، شاهه عالم ثاني ۽ شيخ بو علي قلندر جا نالا سرفهرست آهن. هِي دوهي جا اُهي باڪمال شاعر آهن، جيڪي ادب جي آسمان تي هميشه آفتاب بڻجي چمڪيا.“(14)

هندي دوهي کي نه فقط هندو ڪوتاڪارن اَپنايو ۽ اظهاريو آهي، پر مسلمان شاعرن پڻ اُن کي اَپنائي، ساڳي محبت سان، اُن ۾ پنهنجن خيالن، خوابن ۽ احساسن جو اَمرت اوتيو آهي. هندي دوهي جي حوالي سان هيٺ چند اَهم ڪوتاڪارن جي دوهن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

شيخ بو علي قلندر (744هه-1323ع) جا دوها ايتري گهڻي تعداد ۾ ته ڪونه مِلي سگهيا آهن، پر جيڪي مِليا آهن، اُهي ٻوليءَ جي سادگي، فڪري سَلاست ۽ لهجي جي لَطافت ۽ نِرملتا جي لحاظ سان موهيندڙ ۽ ڌيان ڇِڪائيندڙ آهن. اُنهن ۾ هڪ طرف دوهي جي فني پُختگي مِلي ٿي ته، ٻي طرف ڪمال جي رومانوي رنگيني ۽ مَن کي ڇُهندڙ جمالياتي حِسيت محسوس ٿئي ٿي. نموني طور سندس هيٺيون دوهو پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ ڪمال جي فڪري گهرائيءَ کان علاوه فني جماليات ۽ احساساتي نُدرت موجود مِلي ٿي.

 

سجن سکارے جائيں گے اور نين مريں گے روئے،
بد
ہنا ايسی رين کر، جو بھور کدھی نہ ہوئے.

 

امير خسرو (1253ع-1325ع) فارسيءَ جو معروف ۽ مقبول شاعر آهي. هُن جي تصنيفن جو تعداد 99 ٻُڌايو وڃي ٿو. خسرو، حضرت نظام الدين اُولياءَ جو ٻالڪو هو. هُو نه صرف شاعريءَ جو وڏو پارکو هو، پر هُن جي موسيقيءَ سان پڻ وڏي روحاني رَغبت ۽ چاهت هئي. هُن جي شاعريءَ جو فارسيءَ ۾ وڏو ذخيرو مِلي ٿو، پر هندي دوهي جي حوالي سان پڻ سندس وڏو نانءُ ۽ ناموس آهي.

امير خسرو جي دوهن جو فڪري ۽ موضوعاتي رنگ ۽ ڍنگ پنهنجي نوع جو آهي. هُن جي اظهار جا موضوع توڙي جو سماجي ۽ روايتي آهن، پر هُو جنهن انداز سان اُنهن کي اظهاري ۽ بيان ڪري ٿو، اُهو تخليقي ۽ نِرالو آهي، اُنهيءَ ڪري سندس اظهار ۽ بيان جو تاثر پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي تازگي ۽ احساساتي تشفي بخشي ٿو. هُن جا دوها ٻوليءَ جي مِٺاس ۽ رومانوي رچاءَ ۽ رنگينيءَ سان ٽمٽار آهن. نموني طور سندس هيءُ دوهو ملاحظه ڪريو.

 

پنکھا ہو کر ميں ڈلی ساتی تيرا چاءُ،
منجھ جلت
ی جنم گيا تيرے ليکھن باءُ.

امير خسرو جا دوها فني لحاظ سان مخلتف ۽ مروج ڇندن تي مبني آهن، پر سندس اڪثر دوها، دوها ڇند (13+11=24) تي رَچيل مِلن ٿا. دوها ڇند جيئن ته، روان ۽ تمام گهڻو مترنم آهي، اُنهيءَ ڪري خسرو جي دوهن ۾، خيال جي خوبصورتيءَ سان گڏ رواني ۽ ترنم جي خاص خوبي مِلي ٿي، جنهن جي جَهلڪ سندس هن دوهي ۾ پڻ چڱيءَ پَرِ پَسي سگهجي ٿي.

گوری سووے سيج پر، مُکھ پر ڈارے کيس،
چل خسرو گھر اپنے، سانج بھئ
ی چوديس.

امير خسرو جون دوهي جي وزن تي لِکيل ڪيئي ’پهيليون‘ پڻ مِلن ٿيون، جن ۾ پنهنجي هڪ فڪري گهرائي ۽ علامتي حُسناڪي آهي، جنهن کي نه رڳو اردو ڪوتاڪارن، پر سنڌيءَ ۾، شيخ اياز کان علاوه ڪجهه ٻين شاعرن پڻ اَپنايو آهي. اياز، امير خسرو جي تتبع تي ’لوڪ گيت پِروليون‘ لِکيون آهن، جن ۾ ترنم سان گڏ ڳوڙهي فڪر ۽ تخيل جو حَسين اِمتزاج مِلي ٿو. 

ڀڳت ڪبير (1398ع-1518ع) هندي دوهي جو تمام وڏو نالو آهي، جنهن جي فن ۽ فڪر جا اثر نه صرف هندستان، پر پوري برصغير جي شاعريءَ ۾ نمايان نظر اچن ٿا. ”ڪبير جي دوهن جي ٻوليءَ جي سادگي ۽ اسلوب جي شيريني ايتري اعلى ۽ بي مثال آهي، جو سندس ڪيترائي دوها ضرب الامثال جي حيثيت اختيار ڪري چڪا آهن. هندي دوهن جي مقبوليت جو صحيح معنى ۾ آغاز ڪبير کان ئي ٿئي ٿو.“(15)

ڪبير جي دوهن جي هڪ وڏي خوبي ۽ خوبصورتي اُها آهي ته، اُنهن ۾ فڪري ۽ معنوي حوالي سان وڏي وسعت آهي. اُهي ڌرمي ۽ روحاني رازن ۽ رمزن جي عڪاسي به پيش ڪن ٿا ته، دنياوي ۽ دلي خيالن ۽ حقيقتن جو عڪس ۽ احساس به پَسائن ٿا، اُنهن ۾ فطرت جا مظهر ۽ منظر به پنهنجي پوري جوت ۽ جمال سان نظر اچن ٿا ته، انساني جيوت ۽ جذبات جا رنگَ به جهلڪندا محسوس ٿين ٿا، اُهو ئي سبب آهي، جو ڪبير جي دوهن کي هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو نه رڳو پڙهي ٿو، پر اُنهن کي هنئين سان هنڊائڻ جي ڪوشش پڻ ڪري ٿو.

 

پريم چھپايا نا چھپے، جا گھٹ  پرگھٹ ہوئے،
جو پے  لکھ  بولے نہیں، نين ديت ميں روئے.

 

 (محبت لِڪائڻ سان نه لِڪندي آهي. جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو زبان سان محبت جو اظهار نه ڪري سگهندو آهي ته، اُن جا نيڻ ٽِمي نينهن جو اظهار ڪندا آهن.)

ڪبير وٽ ڏات ۽ ڏانءُ جون حُسناڪيون، ٻئي هڪ ئي وقت نه رڳو موجود مِلن ٿيون، پر هُو هڪ پارکو جوهري وانگر اُنهن کي ڪَتب آڻڻ جو حَسين هُنر به خوب ڄاڻي ٿو، تنهن ڪري ئي هُن جي ڪوتائن ۾، يَڪرنگيءَ بدران گهڻ رُخائي، نواڻ، نُدرت ۽ رنگيني مِلي ٿي. توڙي جو هُن جي شاعريءَ ۾، تصوف حاوي موضوع طور نظر اچي ٿو، پر سندس شاعريءَ ۾، رومانيت جي رنگيني ۽ پيار جي پچار پڻ پنهنجن مِڙني جمالياتي رنگن ۽ رعنائين سان موجود مِلي ٿي، جنهن ۾ ڪمال جي تاثريت، فڪري گهرائي ۽ احساساتي تازگي آهي. 

 

سانجھ پڑی دن بيتوی، چکوے دیہاں روءِ،
چل چکوا او ديس کو، جہاں رين
نہ ہوءِ.

 

 (شام ٿي، ڏينهن لهي ويو. اُهو ڏسي چڪوريءَ روئي چڪور کي چيو، اُنهيءَ ديس هَلُ، جتي رات نه ٿيندي هجي.)

ڪبير فني حوالي سان پڻ سگهارو ۽ سُرت ڀريو سِرجڻهار آهي. هُن دوهي ۾ مختلف فني ۽ تخليقي تجربا ڪيا آهن. هُن دوهو،’دوهري‘ جي نموني تي به لِکيو آهي، جنهن جو ماترڪ انگ (12+11=23) هوندو آهي. مثال:

 

ہوں بره کی لاکڑی، سمجھ دھوں دھاؤں،
چھٹ پڑوں يا بره تيں، ج
ی ساری ہی جل جاؤں.

 

ان کان علاوه هري پد دوهي (16+11=27) تي پڻ هُن چڱي طبع آزمائي ڪئي آهي.

 

امبر برسے دھرتر بھيگے، رہ جانے سب کوئے،
دھرت
ی برسے امبر بھيگے، بوجھے باولا کوئے.

 

ڪبير نه صرف فڪري لحاظ سان سگهارو ڪوي آهي، پر فني طور پڻ هُن جي دوهن ۾، ڪيترائي تخليقي تجربا مِلن ٿا، جن کي ڪلاسيڪي شاعرن قاضي قادن ۽ شاهه لطيف کان وٺي شيخ اياز ۽ ٻين ڪيترن ئي جديد سنڌي شاعرن اَپنايو آهي.

خاص ڪري لطيف جهڙي مَها ڪوي هُن جي فن ۽ فڪر کان متاثر ٿي، نه رڳو سندس ڪيترن ئي خيالن جو اَمرت پنهنجي اظهار جي پيالي ۾ اوتيو آهي، پر ڪبير جي ڪيترن ئي دوهن جا سنڌيءَ ۾ حَسين ۽ تخليقي ترجما پڻ ڪيا آهن.

 

آئو ساجن موہنا، پلک موند تو ہی ليئوں،
نا ميں ديکھوں اور کو، نا تو ہی ديک
ھنے ديئوں.

(کبیر)

 

ڀٽائي، ڪبير جي مٿين دوهي جو، ترجمي جي صورت ۾، نه فقط روح ۽ رنگ پنهنجي شاعريءَ جي هيٺين سِٽن ۾ پَرٽيو آهي، پر ڪمال فني ڪاريگريِ سان، اُن کي سورٺي جي صورت ۾ پيش پڻ ڪيو آهي.

وَنين ۾ ٿي ويهه، ته آئون واري ڍڪيان،
توکي ڏسي نه ڏيهه، آئون نه پَسان ڪي ٻيو.
                                  (شاهه لطيف)

 

عبدالرحيم خانِ خانان (1557ع-1627ع) هندي ٻوليءَ جو نامور شاعر آهي. هُن شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر ”هُن کي هندي ادب ۾، جنهن شيءِ زندهه جاويد بڻايو، اُهي سندس دوها آهن، جن ۾ هُن عاشقاڻي، عارفاڻي ۽ اصلاحي موضوعن کي نهايت دلڪش ۽ اثرائتي انداز سان بيان ڪيو آهي.“(16)

ڪبير وانگر خانِ خانان جو فڪر ۽ زندگيءَ جو فلسفو مذهبي تنگ نظري ۽ تعصب کان پاڪ آهي، اُنهيءَ ڪري سندس شاعريءَ ۾، محبت، سيڪيولر سوچ ۽ آزاد فضائن جو فرحت بخش احساس مِلي ٿو.

رحمن دھاگا پريم کا، جن توڑو چٹکا جاءِ،
ٹوٹ
ی سی جُڑے نہیں، بيچ گانٹھ پڑ جاءِ.

 

 (رحمن! پيار جي سَڳي کي سختيءَ سان ٽوڙڻ جي ڪوشش نه ڪر، اُهو جيڪڏهن ٽُٽُي پيو ۽ پوءِ اُن کي جوڙبو ته، اُن ۾ ڳنڍُ ٿي پوندو.)

هُن جي دوهن ۾، تشبيهن ۽ استعارن جي نُدرت سان گڏ ٻوليءَ جي نفاست ۽ اثر انگيزي ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. نموني طور سندس هيءُ دوهو پيش ڪجي ٿو.

 

کمت چند پرني ديوس بڑہا ماس ماس کڑہيائے،
تو دُو مکھ مدھ رائ
ی لکھے پھيکو پڑ گھٹی جائے. 

 

 (چنڊ جيڪو هر مهيني وڌي ۽ گهٽجي ٿو، خبر آهي ته ائين ڇو ٿو ٿئي! جڏهن هُو پهريان نڪرندو آهي، تڏهن پنهنجي حُسن جي غرور تي وڌندو ئي ويندو آهي، پر جڏهن تنهنجي چهري تي سندس نظر پوندي آهي، تڏهن ويچارو شرم ۾ ٻُڏي، لَڄي ٿي آهستي آهستي اُجهامڻ لڳندو آهي.)

ميران ٻائي (1504ع-1558ع) هندي ۽ گجراتي ٻولين ۾ ڀَڄن ۽ گيت لِکيا آهن، پر هُن جي سِرجيل دوهن ۾ به ڪمال جو سوز ۽ گداز آهي، اُنهيءَ خوبيءَ سبب ئي شيخ اياز هُن کان گهڻو مرغوب ۽ متاثر هو. هُن جي دوهن ۾ هڪ عجيب درد ۽ بي چيني جي آنڌ مانڌ مِلي ٿي. هوءَ اُن درد کي ’روڳ‘ بڻائي، خود قياسي ۽ نرگسيت جو شڪار نه ٿي بڻجي، پر اُن کي ’روشني‘ بڻائي، خود شناسي جو سفر ڪري ٿي. اُهو ساڳيو انداز ۽ احساس، شاهه ۽ اياز جي شاعريءَ ۾ پڻ مِلي ٿو. مِيران جو درد نِدامت ۽ اَجائي روڄ راڙي وارو نه آهي، پر اِستقامت ۽ جياپي وارو آهي، تڏهن ئي ته چوي ٿي:

دھان نہ بھاوے نيند نہ آوے بره ستاوے موئے،
گھائل س
ی گھومت پھروں رے ميرا درد نہ جانے کوئے.

 

سورداس (1483ع-1563ع) جو هندي شاعريءَ ۾ وڏو مَقام ۽ مَرتبو آهي. هِن نور کان محروم ۽ دل جي دَهي ۽ شعور جي روشنيءَ سان مالا مال شاعر جي، هندي شاعريءَ ۾ اُها ئي حيثيت ۽ وقعت آهي، جيڪا نظامِ شمسي ۾ سج جي هوندي آهي. سورداس ٻين صنفن سان گڏ خاص ڪري دوهي جي صنف ۾ تمام گهڻي طبع آزمائي ڪئي آهي. هڪ اندازي موجب هُن پنجهتر هزار دوها لِکيا آهن. هُن جي دوهي سان ايتري لڳاءَ، اُن صنف کي وڌيڪ تقويت ۽ شُهرت بخشي ۽ دوهو هندستان جون سيمائون اُڪري ٻين ديسن تائين پهتو.

سورداس جي ٻن ڪوتا - ڪتابن، ’سور ساگر‘ ۽ ’سورا ولي‘ تمام گھڻي شُهرت ۽ ناماچاري ماڻي. سورداس جا دوها اندازِ بيان، ترڪيبن، تشبيهن ۽ رومانوي لب و لهجي جي لحاظ کان منفرد ۽ نرالا آهن. مثال طور سندس هڪ دوهو هِتي ڏجي ٿو، جنهن مان هُن جي فڪر ۽ فن جي اُڏام جو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

 

پريم پريم تيں ہوئے، پريم تيں پر ہے جيئے،
پريم بندھو سنسار، پريم پر مارتھ حيئے.

 

هندي دوهي جي حوالي سان شاعرن جي هڪ وڏي ڪهڪشان آهي، جنهن ۾ ڪاليداس ۽ تلسي داس کان وٺي بهاري لال، سُندر داس ۽ ٻيا انيڪ ڪوتاڪار شامل آهن، جن دوهي جي پنهنجي فڪر ۽ دانش سان آبياري ڪري، اُن کي نه فقط عروج تي رَسايو آهي، پر اُن کي ڏورانهن ڏيهن تائين پڻ پهچايو آهي.

هندي دوهو پنهنجي نرمل لهجي، لفظي مِٺاس، آبشار ڌارا جهڙي ترنم، تخليقي تازگي ۽ فڪري گهرائيءَ سبب، نه رڳو پنهنجن ديس واسين ۾ مقبول رهيو آهي، پر اُن انيڪ سيمائون اُڪري، دنيا جي دلين ۾ ديرو ڄمايو آهي. اُهو ئي ڪارڻ آهي، جو اياز هندي دوهي بابت لکي ٿو، ”مون کي هندي دوهي سان بيحد محبت آهي. هندي دوهي جهڙي مَن جي مِٺڙي پيڙا ڪنهن به ٻئي شعر ۾ نه آهي.“(17)

واقعي هندي دوهي جو، نه رڳو پنهنجو منفرد لب و لهجو ۽ ٻوليءَ جو رَسيلو ۽ لطافت ڀريو سٽاءُ آهي، پر اُن ۾ خيال جي گهرائي، درد جي لطافت، فڪر جي وسعت، اظهار جي اَڇوتائي ۽ احساس جي ڪمال دلڪشي پڻ موجود مِلي ٿي.

 

اردو دوهو

اردو دوهو، هندي دوهي جي پيداوار آهي. دوهي کي اردو ۾ متعارف ڪرائڻ وارن ۾ امير خسرو ۽ مسعود سلمان جا نالا وڏي اهيمت جا حامل آهن. امير خسرو توڙي جو عروض جو شاعر هو ۽ هُن جي دوهن تي پڻ اُن جا اثر نمايان نظر اچن ٿا، پر اردو دوهي کي بنياد هُن ئي فراهم ڪيا. اُن جي ترقي ۽ ترويج ۾ قتيل شفائي، الطاف پرواز، جميل عظيم آبادي، قدرت نقوي، وحيد قريشي کان وٺي عرش صديقي، صهبا اختر، نگار صهبائي، شبي فاروقي، احمد شريف، مقبول احمد پوري، رشيد قيصراني، بلال مرزا فاني، جليل منظر، جابر آفاقي، شاعر صديقي، شارق بلياوي، عمر فيضي، عابد صديقي، شجاعت علي راهي، انور انجم، اعتبار ساجد، ذڪيه غزل، جمال پاني پتي، عالم تاب تشنه، تاج سعيد، پرتو روهيله، رضيه اسماعيل، ڪشور ناهيد، ثروت ظفر ۽ ٻين ڪيترن جديد شاعرن تائين، سِرجڻهارن جي هڪ طويل فهرست آهي، جن دوهي کي سِيبائتو ۽ سُندر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ۽ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.

”پاڪستاني دوها نگارن ۾، سڀ کان پهريون نالو خواجه دَل محمد جو اچي ٿو. هُن جي ڪتاب، ’پريت کي ريت‘ (جيڪو پنج سؤ دوهن تي مشتمل آهي) سان پاڪستان ۾ (اردو) دوهي جي روايت جو باقاعدي بنياد پيو، پر دوهي کي (موجوده دؤر ۾) عوامي سطح تائين جنهن شاعر پهچايو، اُهو جميل الدين عالي آهي.“(18)

جديد دؤر ۾ عالي جي دوهي سان محبت ئي، اُن کي اردو جي شعري صنفن ۾ پنهنجي جوڳي جاءِ جوڙڻ جي قابل بڻايو آهي، پر ابتدا ۾ جن شاعرن اردو دوهي کي جنم ۽ جيئدان ڏنو، انهن ۾ خواجه دل محمد (1884ع-1961ع) جو نالو سرفهرست آهي. خواجه دَل جو وڏو ڪارنامو اهو به آهي ته، ”جنهن وقت هندي دوهو شاعري ۾، پنهنجي اصل وقعت وڃائي رهيو هو، اُن وقت پنجاب جو هي ڪهنه مشق شاعر اُن کي اردو جي هڪ صنفِ سخن جي حيثيت سان دنيا اڳيان پيش ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هو.“(19)

خواجه دَل محمد جي دوهن جي خاص خوبي اسلوب جي سادگي، ٻولي جي نفاست، اظهار جي لطافت ۽ خيال جي گهرائي آهي. هُن جو لهجو عوامي، تخيل ۽ تخليقي احساس شاعراڻو آهي، اُهو ئي سبب آهي، جو کيس اردو دوهي جو ’تلسي داس‘ سڏيو ويندو آهي. هُن جي دوهن ۾، اصلاحي ۽ احساساتي نقطن سان گڏوگڏ فڪر ۽ فلسفي جي جيڪا گهري اُپٽار مِلي ٿي، اُها پڙهندڙ جو نه رڳو ڌيان ڇڪائي ٿي، پر کيس ويچارن جي سُندر وادين جو سير ڪرائي، خودشناسيءَ جو اَنوکو احساس پڻ آڇي ٿي. 

 

پيٹ بھرے کب لوبھ کا، اگنی اس کو جان،
جون جون ايندھن ڈاليے، نکلے اور زبان.
**

کام، کرودھ اور لوبھ سے، سمرن جس کے صاف،
اُس زاہد ب
ی لاگ کا، کعبہ کرے طواف.

 

هُن جي دوهن ۾ شاعراڻي حُسناڪي ۽ تخليقي بي ساختگي به آهي ته، اظهار ۽ پيشڪش جو نِرمل ۽ نِرالو ڏانءُ به. هُو خيال کي پوپٽ جا پَرَ ڏئي، احساس جي آڪاش ۾ اُڏارڻ جا سمورا گُر بخوبي ڄاڻي ٿو، اُنهيءَ ڪري هُن جي دوهن ۾، گلاب جي پنکڙين جهڙي نفاست ۽ نرملتا به آهي ته، اُنهن ۾ بهار جي سُڳنڌ جهڙو وڻندڙ احساس به مِلي ٿو. هُن جي تخيل ۽ مشاهدي ۾، پرن بنا پرواز جهڙي حُسناڪي به آهي ته، ٻار جهڙي معصوميت به. سچ ته هُن جي دوهن جي سِٽ سِٽ ۾، مور جي رقص جهڙي رنگيني ۽ دلفريبي مِلي ٿي.

مستی کی رُت آ گئی، ناچيں پھول اور پات،
شاخين مجھے بُلا ر
ہيں، لمبے کر کر ہات.
 **

سجنی! کيسے نبھ سکے؟ تيرا ميرا سنگ
تو پھولوں ک
ی باسنا، ميں پھولوں کا رنگ.
**

ناچے بن ميں موروا، من ميں اُٹھے ترنگ،
سو سو آنکھيں کھول کر، ديکھ خدا کے رنگ.

 

خواجه دَل محمد جي مٿي ڏنل ٽين نمبر دوهي جهڙي، احساس جي حُسناڪي ۽ صوفياڻي فڪر جي سُڳنڌ، شيخ اياز جي هيٺئين بيت ۾ پڻ نظر اچي ٿي.

سمجهايان آهي خدا، توکي ٻيو مان ڪيئن!
کنڀ کنڊيري جيئن، ڇو نه ڏسين ٿو مور کي!
                  (سورج مکيءَ سانجهه، ص.37.)

خواجه دَل محمد جي ڪيترن دوهن مان، شاهه لطيف جي شعري آهنگ، فڪري گهرائي ۽ جمالياتي جذب ۽ مستيءَ جو حُسن ۽ هڳاءُ محسوس ٿئي ٿو، جنهن مان لِڳي ٿو ته، هُن لطيف جي شاعريءَ جو سُٺو مطالعو ڪيو آهي. مثال طور خواجه جا هِيٺيان دوها پڙهي ڏسو، جن تي ڀٽ ڌڻيءَ جي خيال ۽ فڪر جي ڇاپ نمايان نظر اچي ٿي:

 

سيوه جن کا کام ہے، راس نہ رکھيں پاس،
سوئ
ی ننگی خود رہے، سب کا سيئے لباس.

*

پاتشاهي نه پاڙيان، سرتيون سُئي ساڻ،
ڍڪي ساري جڳ کي، رهي اُگهاڙي پاڻ،
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، اِبر جي اوصاف کي.

(شاهه)

**

مرے وہی جو مر مٹے، مرن مٹن کا نام،
زنده جن کے کام ہیں، زنده رہیں
مدام.
 

مَرڻا اڳي جي مُئا، مَري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.
                             
     (شاهه)

**

نيکی ان کی ريت ہے، جن کے نيک اصول،
کانٹے پر بھ
ی دھوپ ميں، چھتری کھولے پھول.
 

کَمُ! کَمندن کَٽيو، هارايو هوڙنِ،
چَکيو نه چوَندنِ، هو جو ساءُ صبر جو.
                                   (شاهه)
                   **

فانی فانی کيوں کہیں، نادانی سے لوگ
لافانی سے روح کا، لافانی سنجوگ.
 

مري جِي ماڻئين، جانب جو جمال،
ٿئين هوند حلال، جي پَندِ اِها ئي پارئين.
                                  (شاهه)

خواجه صاحب جي دوهن ۾، صوفياڻي رمزيت کان علاوه، رومانوي رنگيني ۽ ٻوليءَ جي سَلاست ۽ سُندرتا جا ڪيئي موهيندڙ رنگ مِلن ٿا، جيڪي سندس دوهي جي انفرادي شناخت آهن.

 

جميل الدين عالي (جنم 20 جنوري 1925ع، وفات 23 نومبر 2015ع) جي جديد اردو دوهي جي حوالي سان وڏي حيثيت ۽ مقبوليت آهي. هُو اردو ۾ جديد دوهي جو، نه رڳو حقيقي باني مباني آهي، پر هُن ئي دوهي جي ٻن سِٽن جي مختصر سٽاءَ ۾ خيالن جو عميق ساگر سمائي، اُن کي پنهنجي ديسي روايتن جي روح ۽ ٻوليءَ جي نج نبار حُسناڪيءَ سان اردو شاعريءَ ۾، نه فقط هڪ روايت طور متعارف ڪرايو آهي، پر اُن کي عام ۽ خاص ۾ مَقبول پڻ بڻايو آهي.

عالي، هندي دوهي جي تتبع ڪرڻ بدران صرف اُن جو سانچو کڻي، اُن ۾ پنهنجي ٻولي، ثقافت، تهذيب، تمدن، ڪلچر ۽ پنهنجن داخلي تجربن ۽ احساسن جو روح سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اُهو ئي سبب آهي، جو هُن جي توسط سان اردو ۾، دوهي جي هڪ انوکي ۽ اَڇوتي روايت جو بنياد پئجي سگهيو آهي. هُن دوهي ۾، هيئت، اسلوب، ٻولي، فڪر ۽ فن جا ڪيئي تجربا ڪري، اُن کي منفرد، مختلف ۽ تخليقي بنائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ هُو گهڻي حد تائين ڪامياب پڻ ٿيو آهي.

جميل پنهنجن دوهن ۾، فڪر جي وُسعت پيدا ڪرڻ کان علاوه اُنهن ۾ ڪٿي ڪٿي نظم جو تسلسل پڻ پيدا ڪيو آهي. خاص ڪري سندس شعري مجموعي، ’لاحاصل‘ ۾، مسلسل دوهن جا جَهجها مثال مِلن ٿا، جن ۾ ترنم جي تازگي ۽ ڪمال تاثر جي حُسناڪي نظر اچي ٿي. شيخ اياز پڻ پنهنجن دوهن ۾، ساڳي نوع جا تجربا ڪري، اُنهن ۾ ڪيئي تخليقي ۽ فني حُسناڪيون پيدا ڪيون آهن.   

جميل الدين جي دوهي ۽ هندي دوهي ۾ هڪ بنيادي، وڏو ۽ اهم فرق اُهو آهي ته، ”هُن هندي دوهي جي ماترائي بحر بدران پنهنجي دوهي لاءِ ’رُڪن‘ کي بنياد بڻائي (جيڪو علم عروض سان نسبت ۽  وڌيڪ ويجهڙائي رکي ٿو) هڪ نئين ۽ منفرد بحر (جنهن جو وزن ’فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فاع‘ آهي) کي جنم ڏنو آهي، جنهن کي هُن هندي دوها ڇند ۽ اُن جي مختلف قِسمن کان بلڪل الڳ ڪندي، ’عالي چال‘ جو نالو ڏئي، پنهنجي هڪ شعر ۾ هِن ريت بيان ڪيو آهي.

 

کيا بھرمر کيا شربھ پيودھر کيا کھچپ کيا بيال،
اپنا چھند الگ ہ
ے جس کا نام ہے عالی چال. 20

دوهي جي فن، ساخت، سٽاءَ ۽ وزن جي حوالي سان، فراز حامدي ۽ تاج قائم خاني پڻ پنهنجا رايا منظوم انداز ۾ هِن ريت ڏنا آهن.

تيره، گياره ماترا، بيچ بيچ وشرام
دو مصرعوں کی شاعری، دوہا جس کا نام.
       
          **

نا مانگے پچيس یہ، نا راکھے تئيس،
دوہ
ے کی ہر سطر ميں حرف سجيں چوبيس.

 

عالي پنهنجن دوهن بابت اُهو پڻ چيو آهي ته:

تم کہو دوہا تم کہو بيت اور تم کہو سرسُی چھند،
نہيں مری من ندی کا طوفاں ناموں کا پابند.
          
         **

نا مجھے سورٹھا کہنا آيا نا دوہا نہ سويا،
اپنی ہی موج ميں بہتی جائے ميری کويتا نيا.
                    **

سور، کبير، بهاری، ميرا، رحيمن، تلسی داس،
سب ک
ی سيوا کی پر عالی گئی نہ من کی پياس.

 

۽ اُنهيءَ مَن جي پياس ئي عاليءَ کان اُهو سڀ ڪجهه ڪَرايو، جو هُن شاعريءَ جي روايتي، جديد ۽ مقبول فارمن کي ڇڏي، غير روايتي ۽ ڪلاسيڪي دوهي جي صنف کي اَپنايو، ۽ اُن ۾ غير معمولي فني ۽ تخليقي تجربا ڪري، اُن کي اردو شاعرن توڙي عام پڙهندڙن ۾ متعارف ڪرائي، قبوليت جوڳو بڻايو.

عالي جي دوهن جي جتي گهڻي تعريف ٿي آهي، اُتي ڪجهه نقادن مٿس تنقيد ڪري، اُنهن تي ڪجهه اعتراض پڻ واريا آهن. سندس دوهن تي هڪ وڏو اعتراض اُهو به ڪيو ويو آهي ته، اُهي دوهي جون فني گهرجون پوريون نه ٿا ڪن، ۽ محض غير مردف غزل جي مطلع جهڙا آهن. اردو جي معروف شاعر قتيل شفائيءَ چواڻي، ”عالي جي دوهن کي فن ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ڪنهن به طور تي دوها چئي نه ٿو سگهجي، ڇو ته اُهي دوها نه، پر متفرق شعر يا غزل جا مطلع آهن.“(21)

عالي جي دوهن تي ڪجهه نقادن ۽ پنهنجن همعصر شاعرن جي تنقيدن باوجود اردو ادب ۾، اُنهن جي پنهنجي هڪ وقعت ۽ مڃتا آهي، ڇو ته دوهي ۾ عالي جي ڪيل تخليقي تجربن جي، نه رڳو سندس همعصرن پوئواري ڪئي آهي، پر پوءِ واري ٽهيءَ ۾، تاج سعيد کان وٺي تاب تشنه ۽ پرتو روهيله تائين مِڙني دوها نگارن عالي جي آهنگ ۽ اسلوب کي هڪ روايت طور اپنايو ۽ اڳتي وڌايو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org