سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي تنقيدي مطالعو

 

صفحو:15 

اياز جي سنڌي ٻولي سان محبت ۽ اُن کي عوام جو آواز سمجهي، پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهار ڪرڻ واري عمل جي تائيدي ڪندي، جويو صاحب لکي ٿو ته، ”قومون جڏهن پاڻ کي سُڃاڻڻ ۽ سمجهڻ لڳنديون آهن، تڏهن پهريان ئي پنهنجي ٻوليءَ کي سُڃاڻنديون آهن، ڇو ته ٻولي ئي سندن سڃاڻپ جو اصل نشان ٿئي ٿي. هر قوم جي پنهنجي پيڙهائتي ٻولي آهي. اُڌاري ۽ گاڏڙ ٻوليءَ تي هلندڙ قوم جي زندگي جُڙتو ۽ کوکلي ٿئي ٿي. جيتري نج ۽ نبار ٻولي، اوترو اُن قوم لاءِ پاڻ سُڃاڻڻ سولو ۽ پنهنجي آزادي ماڻڻ آسان ٿئي ٿي. اُهو ئي سبب آهي، جو تاريخ ۾ جڏهن به ڪنهن قوم پاڻ کي قوم سَڏائڻ جي لائق سمجهيو آهي، تڏهن پهريائين اُن پنهنجي ٻوليءَ کي جِياريو ۽ وڌايو آهي.... اياز پنهنجي شعري ٻوليءَ کي جيڪو قومي ۽ عوامي رنگ ڏنو آهي، سندس اُهو ڪم سنڌي قوم ۽ اُن جي آئيندي لاءِ آبِ حيات کان گھٽ نه آهي“(38).

  هِن مجموعي ۾، اياز جي اُها شُعلا بيان انقلابي ۽ رومانوي شاعري شامل آهي، جنهن نه صرف ماڻهن جي روح کي گَرمائي، اُنهن ۾ انقلاب لاءِ جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو، پر سندس شاعريءَ جي جمالياتي ۽ رومانوي لب و لهجي پٿر دلين کي به مِيڻ بڻائي، اُنهن کي سراپا ’مي رقصم‘ بنائي ڇڏيو.

هِن ئي مهاڳ ۾، جويي صاحب، اياز کي، ’صدين جو سِرجڻهار‘ ڪوٺي، سندس شاعريءَ جي بي ساختگي ۽ ٻوليءَ جي سادگيءَ سبب عام جي شاعري قرار ڏنو آهي، پر اُن سان گڏوگڏ کيس فلسفياڻي فڪر ۽ غير معمولي سُرت جو شاعر پڻ چيو آهي، جنهن جي شاعري اڄ ۽ ايندڙ وقت جي انسان لاءِ آهي. جويي صاحب جو هيءُ مهاڳ، توڙي جو اياز جي شاعريءَ تي گھٽ، پر سندس عملي ۽ ذاتي زندگيءَ جي ڪارگذاريءَ تي وڌيڪ روشني وجهي ٿو، پر پوءِ به اياز جي شاعريءَ کي سندس دؤر جي پسمنظر ۾ ڏسڻ ۽ پرکڻ جي حوالي سان هيءُ مهاڳ انتهائي اهم ۽ ڪارائتو مواد فراهم ڪري ٿو،.جيڪو اياز تي ڪم ڪندڙ محققن، عالمن ۽ اديبن جي سُٺي سهائتا ڪري سگهي ٿو.

6. راج گھاٽ تي چنڊ (1987ع)

شيخ اياز جي شاعريءَ جي مختلف صنفن،’بيتن، وائين، گيتن، غزلن، ٽه سٽن/ هائيڪن، نظمن، ۽ نثري نظمن‘ تي مشتمل هِن ڪتاب، ’راج گهاٽ تي چنڊ‘ جو مهاڳ محمد ابراهيم جويي لِکيو آهي، جيڪو 20 صفحن تي محيط آهي. هيءُ مجموعو پهريون ڀيرو 1987ع ۾ شايع ٿيو. هِن شعري ڳُٽڪي جي مهاڳ ۾ جويي صاحب، اياز جي شاعريءَ جي ڪجهه اهم نقطن، خاص ڪري سندس شاعريءَ ۾ موجود اَجهل ۽ بي ساخته غَنائيت تي تفصيلي روشني وڌي آهي. هُو اياز جي شاعريءَ ۾، غَنائيت واري خوبيءَ کي وڏي وقعت ڏئي ٿو.

اُن کان علاوه جويي صاحب هِن مهاڳ ۾، اياز جي فڪر جي گِهرائي، موضوعن جي وُسعت ۽ ٻوليءَ جي حُسناڪين تي پنهنجي عالمانه ۽ ناقدانه راءِ جو اظهار ڪرڻ سان گڏ اياز جي تخليقي سفر، ڪجهه عرصي جي اُداسين ۽ داخلي ڪَرب جي مختلف ڪيفيتن جو سربستو احوال پڻ اوريو آهي.

جويو صاحب لِکي ٿو ته، ”1976ع کان 1979ع تائينءَ جي وائيس چانسيلريءَ واري دؤر ۾، ۽ اُن دؤر کان پوءِ واري ڪجهه عرصي ۾ به، نه لِکڻ سبب، اياز جي شعري آمد ۾ اُها رواني نه رهي هُئي ته، هُن (1980ع ۾ وائين جو مجموعو، ’لڙيو سج لڪن ۾‘، (جن ۾ سندس اندر جي اُداسي ۽ اَفسردگي جهلڪي ٿي) ۽ 1982ع ۾ نثري نظمن جو مجموعو، ’پتڻ ٿو پور ڪري‘ لِکيا هئا. جيئن گرديو ٽئگور پنهنجي آخري دؤر ۾ ڪجهه ڪتاب نثري نظمن جا لکي، وري پنهنجي منظوم شاعريءَ ڏانهن موٽيو هو. ٽئگور وانگر اياز جي اُنهن نثري نظمن ۾ اُها ڳالهه نه هئي، جا شاعر مان متوقع هئي، .....ڇو ته ڪيترو وقت هُن جي تخليقي قوتن جا سرچشما بيٺل رهيا، اُن ڪري هُن پنهنجن نثري نظمن ۾، ڪٿي ڪٿي پنهنجي مطالعي جو سهارو ورتو آهي......هُن جي مطالعي ۾، اِن طرح ڪيترا شاعر، اديب، فلسفي آيل آهن، جن جو ذڪر هُن هنڌ هنڌ پنهنجي ’اندر‘ جي اظهار ۾ تمثيل طور ڪيو آهي.....ائين ٿو لڳي ته شعر ۽ ادب جي ساري دنيا هن جي آغوش ۾ آهي“ (39).

هڪ لوڪ چوڻي آهي ته، ’پهاڙن جي چوٽين کي پهاڙ ئي ڏسي سگهندا آهن‘ ۽ اياز جي تخليقي اُتار چڙهاءَ جي ڪيفيتن، داخلي ڪرب، قرار ۽ احساساتي حُسناڪين ۽ حقيقتن کي، جنهن گهرائي ۽ گيرائي، قرب ۽ قرابت سان، جويي صاحب پَسيو، پُرجهيو ۽ محسوس ڪيو آهي، ايترو شايد ٻي ڪنهن ڪيو هجي. اُهو ئي سبب آهي، جو جويي صاحب، اياز ۽ اُن جي تخليقن تي جهجهي ۽ موثر انداز سان لِکيو آهي.

شيخ اياز جي اڪثر نقادن، اياز کي پڙهي پوءِ اُن تي لکيو آهي، پر جويي صاحب، هُن تي جيڪو به لِکيو آهي، اُهو کيس پَسڻ ۽ پرکڻ سان گڏوگڏ،’پڙهي پُرجھڻ، ۽ پُرجهي پڙهڻ‘ کان پوءِ ئي لِکيو آهي، جنهن ڪري اُهو نه رڳو پنهنجي جوهر ۾ مُدلل ۽ وَزنائتو آهي، پر اُن ۾ تاثر ۽ تاثير جي نِرالي ڀرپوريت ۽ تازگي به محسوس ٿئي ٿي.

جويي صاحب، هِن مجموعي جي مهاڳ ۾، اياز جي شاعريءَ جي مختلف زاوين کان ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ شاعريءَ جي مختلف عالمن ۽ نقادن جي جديد تنقيدي ۽ جمالياتي پيمانن تي اُن کي پرکيو آهي، جنهن جي آڌار تي ئي، هُو اياز جي پوئين شاعريءَ کي ’جذبي جي ڌارا (stream of passion)  ۽ شعور جي اَڻ جهل اُڇل (stream of consciousness) جو حسين سنگم چوندي، لِکي ٿو ته، ”اياز جي اُنهيءَ جذبي جي ڌارا ۽ شعوري وهڪ جي باهمي ڪيفيتن جا مظهر..... ڪيترا نظم آهن، جن جي ڪائي مقرر ۽ طئي ٿيل صورت نه آهي، پر پوءِ به پنهنجي فني تڪميل ۽ منطقي نتيجي تي پوري آب تاب سان پهچن ٿا. توڙي جو اُنهن جي وچ جون سِٽون هم قافيه نه آهن ۽ اُنهن جا ڪي پادَ يا مصراعون به ناتمام هجن ٿيون ته، به اُنهن ۾ ترنم ۽ تاثر پابند شاعريءَ کان به وَڌِ مِلي ٿو، اُنهن جون تشبيهون ۽ استعارا بنهه نوان، جن جي نواڻ به نئين کان نئين پئي ڀاسي“ (40).    

ارسطو جا لفظ آهن ته، ’شاعري، فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿيندي آهي‘. اُن جو وڏو سبب اُهو آهي ته، شاعري، انسان جي داخلي ڪائنات جي فطرت ۾ زيادهه اونهو ڏسندي ۽ پنهنجن لفظن ۾ اندر جي اِسرارن ۽ روح جي صورتگري ڪندي آهي. اُن ۾ وقت، حالتن ۽ حقيقتن جو سچو عڪس هوندو آهي، اُنهيءَ ڪري اُن ۾، ٻنهي تاريخ ۽ فلسفي جي جهلڪ موجود هجڻ کان علاوه جذبن ۽ احساسن جي جيئري نقش ڪشي به هوندي آهي، جنهن ڪري اُن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ بظاهر جيترو آسان لڳندو آهي، ايترو ئي مشڪل ۽ اوکو آهي، پر جويي صاحب، اياز جي شاعريءَ جي، جنهن سلاست ۽ سادگي سان تشريح ڪئي، ۽ اُن جي اوکائين ۽ فني فڪري پيچيدگين کي آسانيءَ سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اُها قابلِ رشڪ ۽ داد لائق آهي.

جويي صاحب جو نثر جيترو جاندار، سليس ۽ جاذب آهي، ايتري ئي وٽس سُندر ۽ سگهاري شعر جي فڪري ساڃاهه ۽ سُرت به آهي. هِن مهاڳ ۾، هُن جهڙي سُپڪ ۽ سيبائتي انداز سان، اياز جي ٻن نظمن،’گيت به ڄڻ گوريلا آهن‘ (ص30) ۽ ’ڪالهه ڪڏهن مون وارياسي ۾‘ (ص210)، جي فني، معنوي ۽ فڪري تشريح ڪئي آهي، اُن مان نه صرف سندس شعر شناسي جي سُڌ پوي ٿي، پر شاعريءَ جي صوتي ۽ فڪري باريڪين جي چڱي ڄاڻو ۽ پارکو هجڻ جو پڻ پتو پوي ٿو.

هِن مهاڳ ۾ جويي صاحب ڪٿي ڪٿي، اياز جي اڳين شعري مجموعن تي لِکيل مهاڳن ۾ ڪيل ڪجهه ڳالهين کي وَرجايو ۽ ڪتاب مان سندس تمام گھڻي شعرن کي غير ضروري طور ڪوٽ‘ پڻ ڪيو  آهي، جنهن ڪري شايد ڪنهن عام پڙهندڙ کي اُهو احساس نه  به ٿئي، پر هڪ ’اياز شناس‘ ۽ جويي صاحب جي لِکڻين جي پڙهندڙ کي ٿوري اُڪتاهٽ ضرور محسوس ٿئي ٿي.  

7. بڙ جي ڇانو اڳي کان گھاٽي (1988ع)

جويي صاحب، پنهنجي ڪتاب، ’ادب، ٻولي ۽ تعليم‘ ۾ ڪٿي لِکيو آهي ته، ’ادب جي تخليق جو وڏي ۾ وڏو سرچشمو حُسن ۽ عشق آهي. سڄيءَ زندگيءَ جو تت آهي ئي زندگيءَ جي ڪوجهائيءَ کي گھٽ ڪرڻ ۽ اُن جي سونهن کي وڌائڻ. اديب يا فنڪار جي دل ۾، تخليقي اُڌمو اُٿي ئي اُنهيءَ لاءِ ٿو ته، جيئن زندگيءَ جي ڪنهن ڪُنڊ، ڪنهن پاسي ۾ حُسن پيدا ٿئي. شعر، شاعري، اسٽيج، ناٽڪ، مصوري، راڳ، رقص ۽ مجسمي سازي ــ اُها سڄي ڪاوش زندگيءَ ۾ حُسن کي جنم ڏيڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي‘.

جويي صاحب جا اياز جي تخليقن تي لِکيل مهاڳ پڻ مذڪوره سونهن جي تخليق جو تسلسل ۽ حصو آهن. هُن پنهنجي هر تحرير ۾، لفظن جي تُز ۽ ذميواراڻي استعمال، وِياڪرڻي سِٽاءَ ۽ سونهن، صوتي اثرن، ٻولي جي نفاست ۽ نزاڪت کان وٺي، اظهار جي اور ۽ خيال جي ابلاغ تائين، جنهن سِيبتائي ۽ سُچيتائيءَ سان ڪم ڪيو آهي، اُهو عمل بذات خود حُسن جي تخليق جي ذمري اچي ٿو.

شيخ اياز جي شاعريءَ جي مجموعي،’بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي‘ جي مُنڍ ۾، اياز جي هڪ نظم، ’چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان، ڄڻ تون هُئينءَ...‘ جي جويي صاحب، جنهن تخليقي ۽ جمالياتي انداز ۾ تشريح ڪئي ۽ لفظن جي باطن ۾ سمايل فڪري ۽ علامتي سونهن کي عيان ڪيو آهي، اُها ايتري موهيندڙ آهي، جو هڪ عام پڙهندڙ به اُن کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. اياز جي نظم ۾، پنهنجو لفظي ۽ تخليقي سَحر آهي، پر جنهن سَليقي ۽ سُندرتا سان جويي صاحب، هِن مختصر نظم ۾ موجود ڳوڙهي معنوي ۽ علامتي مانڊاڻ جي رنگين ۽ ريشمي تهن کي اُٿلايو ۽ کوليو آهي، اُهو ويتر نظم ۾، نه فقط جاذبيت ۽ جادوئي اثريت کي پيدا ڪري ٿو، پر اُن ۾ سمايل سموري رومانوي رنگيني ۽ حُسناڪيءَ کي حسين پيرائي ۾ بيان ڪرڻ جو ڏانءُ، هڪ پارکو پڙهندڙ کي پڻ حيرت ۾ وجهي ڇڏي ٿو.

هڪ طائرانه نظر، نظم جي تشريح تي وِجهندا هلون، جنهن ۾ جويو صاحب لِکي ٿو ته، ”هيءُ ٽن بندن جو مختصر مگر ڳُتيل ۽ هر طرح مڪمل نظم آهي. اُن جي پهرين بند ۾،’تون‘ جي اِشاري سان، انسان جي ڪنهن ويجهي کان ويجهي تعلق جي، ڪنهن خاص سُٻنڌ جي، ڳالهه ڪيل آهي، جنهن سان شاعر مخاطب آهي. ’تون‘ رابيل جي اُن ٻوٽي جيان، جيڪو چانڊوڪي راتين ۾ ٽڙيو بيٺو هجي، جنهن جا سفيد گُل، اُن چانڊوڪيءَ ۾ به، نور جيئن ٻَهڪندا هجن. ’تون‘ فضائن ۾ خوشبوئن ڀريل واءَ جو اُهو جهوٽو، جيڪو لڳندو ۽ گذري ويندو آهي، پر ڪڏهن نه وِسرندڙ ۽ سدا محسوس ٿيندڙ تازگي ۽ سُرهاڻ پوئتي ڇڏي ويندو آهي!....

     نظم جي ٻئي بند ۾، ’مان‘ جي اشاري سان، انسان جو پنهنجيءَ اُن ’تون‘ سان جيڪو ويجهي ۾ ويجهو، اَٽوٽ واسطو آهي، تنهن جي ڳالهه ڪيل آهي. مثلا: ’تون‘ جي وجود سان، ’مان‘ جو وجود ائين ٻَڌل ۽ هِڪُ ٿيل آهي، جيئن ’کير ٿر تي مٿي بيٺل گڊ جو هيٺ وَهندڙ نئين گاج سان‘ يا ’رڻ ۾ پاڻي ڏسي اُن ڏانهن ڊوڙندڙ هرڻ جو‘....

نظم جي ٽئين بند ۾، ’مان‘ ۽ ’تون‘ جي سڃاڻپ لازم آهي. ’مان‘ ته ظاهر آهي، شاعر پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ذات جي رعايت سان، ’عام انساني فرد‘ لاءِ ڪم آڻي ٿو ته، اُن ’مان‘، يعني فرد انسانيءَ جو اُهو خاص سُٻنڌ، ’تون‘، ڇا آهي، جنهن کان سواءِ ’مان‘، ’مان ئي ناهيان؟ ’تون‘ اُها جيڪا، ’مون‘يا ڪنهن ٻي انساني فرد  لاءِ نور به آهي، سونهن ۽ سرهاڻ به آهي، محبوب، مقصود يا ڪوئي ’ماڳ‘ ۽ ’منزل‘ به آهي،.... پر شاعر جي نظر ۾ اُها ’تون‘ ۽ اُن جو ’ماڳ‘ هڪ شيءِ نه، پر ٻه جدا شيون آهن. ’تون‘ جيڪا منهنجي ’سکي‘ آهين، منهنجو ساهه آهين، جنهن جي مِلڻ سان ڄڻ مون کي سارو ’جڳ‘ مِلي ويو، باقي مون کي ڇا کپي؟ پر اُن جي ’منزل‘، اُن جو ’ماڳ‘ وري به هُن کان الڳ، پري ڪٿي ٿو ڏسي، ۽ اُن ’ماڳ‘ تائين پهچڻ بلڪ اُن ڏانهن وڃڻ جي رڳو واٽ يا ’دڳ‘ ئي هُن کي مِلي ٿو ته، هُو سمجهي ٿو ته، سڀڪجهه هُن کي مِلي ويو، ۽ ٻيو ڪجهه هُن کي سچ پچ به ته ڪونه ٿي کَتو!“ (41).

جويي صاحب، نظم جي هِن تشريح ۾، مجازي محبت جي احساس کي، ڌرتيءَ جي ازلي ۽ حقيقي سُٻنڌ سان سلهاڙي، هڪ رواجي ۽ روايتي معنى کان مٿي زندگيءَ جي هڪ آدرشي ۽ ديرپا مفهوم جي احساس کان آشنا ڪيو آهي، جيڪو سچ ته، شاعريءَ جي رسمي تجزئي ۽ تشريح جي برعڪس، تخليق جي آفاقي ۽ غير معمولي حِسيت ۽ حُسناڪيءَ جو حقيقي ۽ نرالو عڪس پيش ڪري ٿو.

هِن مجموعي جي مهاڳ ۾، جويي صاحب زندگيءَ جي ’بي ثباتي‘ ۽ اُن جي ’بقائيت‘ ۽ ’اَمرتا‘ جي پهلوئن ۽ پاسن تي پڻ فڪري ۽ فلسفياڻو بحث ڪيو آهي. جيون هڪ مقرر ۽ محدود مُدت جو مهمان هُجي ٿو، ۽ هڪ ڏينهن نيٺ اُهو موت جي آنڌيءَ ۾، ڏيئي جيان اُجھامي وڃڻو آهي ۽ اُجهامي وڃي ٿو، پر ’بقا ۽ امرتا‘ اُن جي روشنيءَ جهڙي ’عمل ۽ ڪردار‘ کي آهي، جيڪو ٻين کي راهه ڏيکاري ۽ اُنهن جي آئي وقت ۾ رهبري ۽ رهنمائي ڪري ٿو.

شاعر ۽ سِرجڻهار پڻ خوشبودار گُل جيان هوندا آهن، جن جو جيون پنهنجي وقت جون بهارون ۽ خزائون پَسي ۽ پائي، هڪ ڏينهن مُرجهايل پنکڙين وانگر مِٽيءَ ۾ مِٽي ٿي ويندو آهي، پر هِنن جي خيالن ۽ احساسن جي خوشبو زندهه رهندي آهي ۽ اُها سدائين ماڻهن جي روح کي مُعطر ۽ شعور کي فڪر ۽ احساس جي تازگي سان تازو ۽ توانو رکندي آهي.

شيخ اياز جون ڪوتائون پڻ اهڙين خوبين ۽ خوبصورتين سان مالامال آهن. جويي صاحب، اياز جي هِن شعري ڳٽڪي، ’بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي‘ جو فڪري ۽ ڳردار مهاڳ لِکڻ سان گڏوگڏ اُن جي شعري ترتيب ۽ تقسيم جو ڪم به پاڻ سرانجام ڏنو آهي، جيڪو بذات خود هڪ علامتي معنى ۽ مفهوم رکندڙ آهي.

ڪتاب ۾ مختلف جاين تي ڇهه اسڪيچ ڏنا ويا آهن ۽ هر اسڪيچ پويان اياز جي ڪنهن وائي، گيت يا نظم مان ڪي خاص سِٽون ڪڍي ڏنيون ويون آهن، جيڪي اُن حصي جي سموري شعري مواد جو ڄڻ ته تت ۽ مجموعي تاثر پيش ڪن ٿيون. 

پهرين خاڪي جي پوئين صفحي تي، اياز جي شعر جي سِٽ، ’عمر ساري ٿي رهيو هان، آءٌ تنهنجو انتظار.....‘ ڏني وئي آهي، جيڪا انتظار، اوسيئڙي ۽ وِماس جي ڪيفيتن کي ظاهر ڪري ٿي. ٻي خاڪي، جنهن ۾ واريءَ مان لڏون ٺاهيندڙ هڪ نينگر جو نقش ڏنل آهي ۽ اُن جي پُٺئين صفحي تي، اياز جي نظم مان ڪجهه شعر ڪوري ڏنا ويا آهن، جن ۾ شاعر،ٿري نينگرڙي سان مخاطب آهي، جيڪو ڪارونجهر، ۽ پنهنجي گهر جي واٽ وِساري، واري سان ويٺو کيڏي ٿو. شاعر اُن معصوم ۽ نادان نينگر کي سَمجهائي ٿو ته، اُها ٿر جي مارئي جي ريت ته نه آهي. هُن ڇو نه ٿي، چوڏس کِڙيل چَنڊ سان ساٿ نِڀايو، جنهن جي سُهائيءَ ۾، هُو پنهنجي گهر جي واٽ لهي ٿي سگهيو“ (42).    

ائين ٽئين ۽ چوٿين خاڪن جي پويان، ’رات ڀر ڪائي پُڪارَ، ڄڻ سڏيندي ٿي رهي....‘ ۽ ’نيٺ ته ايندو، نيٺ ته ايندو، فصلِ بهاران نيٺ ته ايندو....!‘ اياز جون سِٽون ڏنل آهن، جن ۾ ماڳ جي اُڻتڻ، جاڳ جي ڪَٺن سفر جي بي چيني، ڪنهن سڏ ۽ پڪار جو گُمان ۽ بهار جي اچڻ جي پُختي وشواس جو احساس آهي. اهڙيءَ ريت پنجين خاڪي پٺيان، اياز جو هڪ ٽيڙو، ’ڪينرو گھٽ نه ڀانءِ!، ڪوٽ مٿان ڪنگرا، جهوري وئي جهانءِ! ڏنو ويو آهي، ۽ اُن حصي ۾، اهڙا چاليهه ٽه سٽا آهن، جيڪي هڪ لاڳيتي ۽ مسلسل نظم وانگر آهن، جڏهن ته ڇهين خاڪي جي پوئين صفحي تي، اياز جي وائي، ’ڏات جو ڪوئي ڏڪار، ڪو نه پوندو....‘ جا ڪجهه بند ڏنا ويا آهن. هِن حصي ۾، اياز جي شاعريءَ جا ڪُل 20 اسم آهن، جيڪي پنهنجي خيال، احساس ۽ تاثر جي حوالي سان نوان، نرمل ۽ نرالا آهن.

مهاڳ جي آخر ۾ جويي صاحب، اياز جي هڪ اهم نظم، جنهن جون ڪجهه ابتدائي سِٽون هي آهن،’تون جي مون کي ڪونه مڃيندين/ مون کي ڪا پرواهه نه آهي/ آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو/ جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي/ مون تي مِيلو مَچڻو آهي.‘، جي انتهائي بليغ ۽ جامع تشريح ڪئي آهي، جنهن جي هِتي ڪائي جهلڪ اُنهيءَ ڪري به پيش نه ٿي ڪجي، ڇو ته اُها سڄي جو سڄي تشريح، پڙهڻ ، پُرجهڻ ۽ هينئين سان هَنڊائڻ سان تعلق رکي ٿي، جيڪا اُميد ته پڙهندڙ ڪتاب ۾ مڪمل طرح پڙهي ڀرپور حظ ۽ سڪون ماڻيندا.

 جويي صاحب جو هيءُ مهاڳ، اُنهيءَ ڪري به اهم آهي، ڇو ته اُن ۾ هُن اياز جي شاعريءَ جي، نه صرف ڪجهه نظمن جي نرالي تشريح ڪئي آهي، پر اياز جي ڪيترن ئي داخلي، احساساتي ۽ فڪر جي ڳوڙهن ۽ پوشيده رُخن کي عيان پڻ ڪيو آهي.

”جويي صاحب جي شعر فهميءَ جو اصل جوهر، اُن جي فڪري سطح تي کول اُکيل ۽ تخليق جي ترڪيبي عمل ۾، خيال کي مرڪزي حيثيت ڏيڻ آهي. هُو شعر جي ظاهري جمالياتي عنصرن، ترڪيبن، تجنيسن، شعري صنعتن ۽ قافين جي فنڪارانه استعمال جي قائل هجڻ سان گڏ شعر جي فڪري طور پختگي، گهرائي ۽ آفاقيت کي اوليت ڏئي ٿو. هُو اياز جي شعر جو ڇيد ڪندي، شعر کي خارجي حقيقتن جو عڪاس ۽ پنهنجي دؤر جو ترجمان ۽ نمائنده سمجهي ٿو“ (43). 

مجموعي طور تي جويي صاحب جا، شيخ اياز جي ڪتابن تي لِکيل هي ست ئي مهاڳ، نه صرف اياز جي سياسي، سماجي ۽ ادبي دؤر، حالتن، جدوجهد ۽ سندس زندگيءَ جي ذاتي، نظرياتي، فڪري ۽ ٻين مختلف پاسن تي ڀرپور روشني وجهن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ هن جي نثري تخليقن ۽ شاعريءَ جي فن، فڪر، تخيل، ٻولي، احساساتي اُڏام، ڪردارنگاري، علامتن، استعارن، ترڪيبن، تجنيسن، تشبيهن ۽ جماليات جي وسيع ڪائنات جو جامع ۽ کُليل عڪس پڻ پيش ڪن ٿا. هيءُ مهاڳَ، اياز جي شاعريءَ جي عام پڙهندڙ کي بنيادي معلومات ۽ سُرتِ به ڏين ٿا ته، هڪ محقق ۽ نقاد کي فڪر ۽ تجزئي جا ڪيئي نقطا به فراهم ڪن ٿا.

حوالا

1.          شيخ اياز، ”خط انٽرويو تقريرون 2“، نيو فيلڊس پبليڪشنس، حيدرآباد، 1991ع، ص37.

2.         شيخ اياز، ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“، نيو فيلڊس پبليڪشنس، حيدرآباد، 1989ع،  ص60

3.         1يضا، ص47 ــ 148.

4.         چانڊيو، جامي (مرتب)، ’سنڌي ادب ۾ تنقيد ــ ائنٿالاجي ــ 1، شيخ اياز‘ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1998ع، ص10، 11.

5.         جويو، محمد ابراهيم، ”ڳالهيون ڪتابن جون“، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، 2000ع، ص2.

6.         سميجو. اسحاق، ڊاڪٽر، (مقالو) ”ابراهيم جويي جي شعر فهمي ۽ اياز شناسي“، ’ڪينجهر تحقيقي جرنل‘، شمارو ــ 16، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 2013ع، ص 22.

7.         چانڊيو، جامي (مرتب)، ’سنڌي ادب ۾ تنقيد ــ ائنٿالاجي ــ 1، شيخ اياز‘ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1998ع، ص10.

8.         شيخ اياز، ”ساهيوال جيل جي ڊائري“، نيو فيلڊس پبليڪشنس، حيدرآباد، 1986ع ص174.

9.         شيخ اياز، ”ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون“، 1989ع، ص60.

10.      سميجو. اسحاق، ڊاڪٽر، (مقالو) ”ابراهيم جويي جي شعر فهمي ۽ اياز شناسي“، ’ڪينجهر تحقيقي جرنل‘، شمارو ــ 16، ص23.

11.      جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، (تبصرو) ”ساهيوال جيل جي ڊائري“، ’ڪينجهر‘ تحقيقي جرنل، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، 1987ع، ص138.

12.     پشپ، لعل، (مضمون) ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، ’سارنگا‘، (ايڊيٽر، اسحاق سميجو)، جنوري، مئي 2011ع، ص22.

13.      ايضا، ص21، 22.

14.     سيد، جاويد اقبال، (مرتب) ”خط نگاري، مباحث، روايت اور اهميت“، قصرالادب، حيدرآباد، 2015ع، ص136.

15.      شيخ اياز، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، ساهت سڀا پبليڪيش، الهاس نگر، 1987ع،ص8.

16.     ايضاً، ص141.

17.     ايضاً، ص1 ــ3.

18.      ايضاً، ص114.

19.     ايضاً، ص175.

20.     ايضاً، ص30.

21.     ايضاً، ص102.

22.    جويو، محمد ابراهيم، مون ڏات انوکي آندي آ“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2012ع، ص39.

23.     شيخ اياز، ”وڄون وسڻ آئيون“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1989ع، ص206.

24.    ايضاً، ص221 .

25.     شيخ اياز، ”خط، انٽرويو تقريرون ــ 2“، نيو فيلڊس پبليڪيشس، حيدرآباد، 1991ع، ص43، 44

26.    ايضاً، 1991ع، ص49

27.    شيخ اياز، ”وڄون وسڻ آئيون“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1989ع، ص209، 210.

28.     ايضاً، ص206.

29.    ايضاً، ص205، 208.

30.     ايضاً، ص213.

31.      ايضاً، ص219.

32.     ايضاً، ص216.

33.     شيخ اياز، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ابن حيات، پبليڪيشنس، جحيدرآباد، 1970ع، ص2،3.

34.     ايضا، ص5.

35.     ايضا، ص26، 27.

36.     ايضا، ص28.

37.     شيخ اياز، ”وڄون وسڻ آئيون“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1989ع، ص216، 217.

38.     شيخ اياز، ”راج گهاٽ تي چنڊ“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1989ع، صIII،VI.

39.     شيخ اياز، ”وڄون وسڻ آئيون“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1989ع، ص14.

40.     شيخ اياز، ”راج گهاٽ تي چنڊ“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1989ع، صIIV.

41.     شيخ اياز، ”بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي“،نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1988ع، ص14، 15.

42.    ايضاً، ص10.

43.     سميجو. اسحاق، ڊاڪٽر، (مقالو) ”ابراهيم جويي جي شعر فهمي ۽ اياز شناسي“، ’ڪينجهر تحقيقي جرنل‘، شمارو ــ 16، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 2013ع، ص 44.

 

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ امن، محبت ۽

روشن خياليءَ جو تصور

 

عظيم شاعرن جي فڪري، تخيلي ۽ احساساتي اُڏار، آڪاش جون وسعتون ووڙيندڙ عقابن جهڙي هوندي آهي، پر سندن من ابابيل پکين وانگر معصوم ۽ ڪومل ٿيندا آهن، اُنهيءَ ڪري ئي هُو، نه رڳو اَمن ۽ محبت جا متلاشي هوندا آهن، پر اُنس ۽ انسانيت سندن ازلي دين ۽ ڌرم رهيو آهي. ”عظيم شاعر ۽ فنڪار ڪنهن فرقي، مذهب، زبان يا ڪنهن هڪ قوم جي ملڪيت نه هوندا آهن، پر هُو سج وانگر سڀ کي گرمي ۽ چنڊ وانگر سڀ کي روشني پهچائيندا آهن“(1).

ٽئگور صرف بنگال جو ڪوي ۽ سِرجڻهار نه آهي، پر سموري مشرق سان گڏوگڏ مغرب جي روشن خيال ۽ اوچ نيچ جي وِيڇن کان آزاد، سُچيت ۽ سُڄاڻ ماڻهن جو شاعر آهي، ڇو ته هُن جي شاعري، فطرت ۽ زندگيءَ جي حقيقتن ۽ حُسناڪين جي عڪاس ۽ عالمِ انسانيت جي دلين جي ترجمان آهي. ساڳيءَ ريت شيڪسپيئر، گوئٽي، مِلٽن، ورڊس ورٿ، عمر خيام، ڪبير، حافظ، ميران، غالب، باهو، بُلا شاهه، شاهه حسين، ماڌو لال، شاهه لطيف، سچل سرمست، سامي، شيخ اياز ۽ ٻيا دنيا جا سمورا حساس، حُسن پرست، صوفي لا ڪوفي، ترقي پسند ۽ روشن خيال سِرجڻهار عالمِ انسانيت جو گڏيل ورثو آهن. هُو نه فقط اَمن، محبت ۽ انسانيت جي اجتمائي فلاح ۽ بهبود جا حامي آهن، پر پنهنجي روشن خيالي، فڪري جستجو ۽ تخليقي سُرت سان ماڻهن کي زندگيءَ جا نوان گس ۽ پيچرا ڏَسي، کين منزلن تي رَسائڻ جو عملي ڪردار پڻ ادا ڪندا آهن، اُهو ئي سبب آهي، جو شاعرن ۽ تخليقڪارن کي پيار جو پيغمبر ۽ اَڻ ڏٺي راهن ۾، بنا ڪنهن رنگ، نسل، مذهب، فرقي ۽ مَسلڪ جي، عالمِ انسانيت جي روحاني ۽ فڪري رهبري ڪندڙ تسليم ڪيو ويو آهي. اهڙن شاعرن بابت ڪنهن عُشاق جو چوڻ آهي ته:

poets are such menfolk, who knows nothing but love to human and loyalty to their land. Poet`s madness is the first step towards un selfishness. His intuition and imagination is a source, by he bring us closer to those secrets, which we are unable to observe by an open eye and a simple mind.

(شاعرَ سماج جا اهڙا فرد ٿيندا آهن، جن جو انسانيت سان پيار ۽ ڌرتيءَ سان وفاداري ئي ايمان هوندو آهي. شاعر جي مجذوبي ئي ان جي وفا جو پهريون اهڃاڻ هوندي آهي. هڪ شاعر پنهنجي الهام ۽ تخيل جي طاقت سان، اسان کي اهڙن اسرارن سان آشنائي پيدا ڪرائيندو آهي، جن کي عام اک ۽ دماغ سان پَسڻ ۽ پروڙڻ ممڪن نه آهي.)

مُهذب سماج، مُلڪ ۽ قومون، پنهنجن قلمڪارن، عالمن ۽ دانشورن وسيلي سُڃاتيون وينديون آهن. جيئن مُلڪن جي سرحدن جا محافظ اُن مُلڪ جا غيور، جوان جوڌا ۽ جرنيل هوندا آهن، ائين ئي قومن جي وقار، تهذيب، تمدن، ڪلچر، ٻولي ۽ ادب جي بقا جو ضامن، اُن مُلڪ جا اديب، شاعر، آرٽسٽ ۽ سِرجڻهار ٿيندا آهن. ڪنهن به سماج، قوم ۽ مُلڪ ۾، هڪ عظيم ۽ آدرشي قلمڪار جي موجودگي، اُن جو قلمي پورهيو، سندس فڪري ۽ عملي ڪردار وڏي وٿ هوندا آهن. عام طرح روايتي سماجن ۾، عام فردن جو جنم افرادي قوت ۽ انفرادي انگ ۾ اضافي کان سواءِ وڌ ۾ وڌ اُهو ئي ڪارج ۽ ڪردار ادا ڪري سگهندو آهي، جو سماج جي روايتي رَندن ۽ پَنڌن جو حصو بڻجي، پنهنجي ذات ۽ وڌ ۾ وڌ پنهنجي ڪُٽنب جي ڀَلائي، بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ۽ ڪردار ادا ڪري سگهندو آهي، پر هڪ غير معمولي سِرجڻهار ۽ آدرشي انسان، پوري مُلڪ، قوم، سماج ۽ ماڻهپي جو طرفدار ۽ داعي هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي وجود ۾ عملي ۽ انقلابي به هوندو آهي، اُنهيءَ ڪري عّظيم انسان، آدرشي ماڻهو ۽ سگهارا تخليقڪار، نه صرف ڪنهن هڪ مُلڪ، ڪنهن هڪ قوم ۽ ڪنهن هڪ سماج جو سرمايو هوندا آهن، پر اُهي عالمِ انسانيت جو اَملهه اجتماعي اثاثو ٿيندا آهن، اُن ڪري ئي سولزي نٽسن چيو آهي ته، ’هڪ سچو اديب پنهنجي وجود ۾، خود هڪ حڪومت هوندو آهي‘. ۽ اُن جي قلم ۽ اظهار ۾ ايتري طاقت هوندي آهي، جو اُن کان نه رڳو وقت جا آمر ۽ جابر ڪَنبندا آهن، پر اُنهن جي مَحلن جون مَضبوط ديوارون به لَرزنديون ۽ لُڏنديون آهن. 

 آدرشي، ترقي پسند، انسان دوست ۽ سُچيت تخليقڪار، نه رڳو اُونداهي، اِستبداد ۽ ناانصافي جا اِنڪاري، اَمن جا پرچارڪ، محبتن جا امين ۽ سچ جا ساٿاري هوندا آهن، پر اُهي مارٽن ليوٿر ڪنگ (Martin Luther King) وانگر اَمن پسند، اُميد پرست ۽ انسانيت ۾ ويساهه رکندڙ به هوندا آهن، جنهن چيو هو ته:

I refuse to accept the view that mankind is so tragically bound to the starless midnight of racism and war that the bright daybreak of peace and brotherhood can never become a reality... I believe that unarmed truth and unconditional love will have the final word.”(2)

(مان اُن خيال سان ڪنهن به طور تي سهمت نه آهيان ته، ظُلم ۽ اِستبداد جي اونداهي، انسانيت جو ازلي مقدر آهي ۽ اُن ۾ اَمن ۽ انساني مساوات جي اوجر جو خواب ڪڏهن به تعبير ماڻي نه سگهندو. منهنجو اُهو ايمان آهي ته، اَهنسا جي سچائي ۽ بي لوث محبت سان ، هر چيز حاصل ڪري سگهجي ٿي.)  

ڪنهن به ملڪ ۽ قوم ۾، غيرمعمولي، غيور، محبِ وطن ۽ عظيم تخليقڪار، شاعر، آرٽسٽ ۽ آدرشي انسان روز بروز پيدا ڪونه ٿيندا آهن، اُنهن جي جنم لاءِ ڌرتيءَ ۽ قوم کي سالن ۽ صدين جا ڪشٽ ڪاٽڻا، اوسيئڙا ۽ اوجاڳا ڪرڻا پوندا آهن. تاريخ ۽ تهذيب، اَمن ۽ آشتي، سُندرتا ۽ سچ، محبتون ۽ مارڳَ اُنهن جي آمد لاءِ مُدتون منتظر رهندا آهن ۽ جڏهن اُنهن جو جنم ٿيندو آهي، تڏهن اُهي نه فقط پنهنجي دؤر جا روشن دماغ، سُچيت، سُڄاڻ، باضمير، اجتماعي ڀَلائيءَ جا ساکي ۽ سرواڻ ثابت ٿيندا آهن، پر هُو پنهنجيءَ ذات ۽ حيات ۾، ماضيءَ جي تاريخ ۽ تهذيب جو تسلسل، نئين ۽ روشن خيال فڪر جا ترجمان ۽ ايندڙ وقت جي حالتن جو ادراڪ ۽ احساس رکندڙ، اهڙا پُر دماغ، روشن خيال، ترقي پسند، ذهين ۽ پُر بصيرت ماڻهو ٿي اُڀرندا آهن، جن جا عَملَ ۽ ويچارَ، نه فقط پنهنجي مُلڪ ۽ قوم لاءِ رهنمائيءَ ۽ روشن راهه جو مثال بڻجي پوندا آهن، پر سچ جي سَر بُلندي خاطر، اُهي نه رڳو پتنگن وانگر حالتن جي آڙاهه ۾، پاڻ جَلائي ڇڏيندا آهن، ليڪن ڪڏهن به ڪنهن ڏاڍي، ظالم، جابر ۽ آمر آڏو سِرُ نه جُهڪائيندا آهن.

اهڙا ماڻهو صرف پنهنجي دل جي آواز کي ڪَنائي، سچ جي واٽ تي گامزن رهندا ۽ هر اُڀرندڙ پِرهه ڦٽيءَ سان گڏ، پاڻ سان اُهو اِقرار ڪندا ۽ وَچن وَرجائيندا آهن ته:   

 

Let the first act of every morning

 be to make the following resolve for the day:

I shall not fear anyone on Earth.

I shall not bear ill will toward anyone.

I shall not submit to injustice from anyone.

I shall conquer untruth by truth, And in resisting untruth,

I shall put up with all suffering’.

(اچو ته پاڻ سان هر صبح هڪ عَهد ڪريون ته، هِن روءِ زمين تي، مان ڪنهن کان به نه ڊڄندس، نه ڪنهن جو مَندو ٿيندس ۽ نه ئي ڪنهن جي مَندائي ۽ ناانصافي قبول ڪندس. مان ڪوڙ کي سچ سان فتح ڪندس ۽ ڪوڙ سان سِينو ساهڻ لاءِ، هر مصيبت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار رهندس.)

هر مصيبت کي برداشت ڪري، ڪوڙ کي ڪوڙ ۽ سچ کي سچ چوڻ، ڪا آسان ۽ سولي ڳالهه نه آهي، پر تمام ڏکيو ۽ نَنهن تي پاڻيءَ کي بيهارڻ مترادف اُهو تمام گھڻو اَهنجو ۽ آزمائش وارو ڪم آهي. اُن لاءِ نه رڳو وڏي جِگرَ ۽ جُرئت جي ضرورت آهي، پر اعلى فڪر، فهم ۽ آدرش جو هجڻ پڻ اَشد لازمي آهي.

اُهي شاعرَ ۽ تخليقڪارَ ئي اهڙو جوکم کڻي ۽ جرئت ڪري سگهندا آهن، جن جون دليون وطن ۽ اُن جي ماڻهن جي محبت ۽ ڏک سُک جي احساسن سان لبريز ۽ ڌڙڪنديون آهن. اُنهن سُجاڳ ۽ سُچيت تخليقڪارن جون تخليقي ڪاوشون، سمورين مظلوم قومن ۽ عالمِ انسانيت جي آواز ۽ احساس جي ترجمانيءَ جو حق ادا ڪندڙ هونديون آهن، اُن ڪري ئي شاعرن ۽ سِرجڻهارن کي عالمي طور انسانيت جو سفير ۽ محبتن جو امين سڏيو ويندو آهي. اُهو ئي سبب آهي، جو شاعرن لاءِ چيو ويو آهي ته:

Poets are real legislators of love and ambassadors of humanity….it is the poet, who gives innovation and newness to hoary things, gentleness to emotions, beauty to insolent, dainty to the obscure, faith to the cynical and sight to sightless and also he, who bestowed life to the dead words.’

(شاعر انساني قدرن جا قانوندان ۽ محبتن جا حقيقي سفير هوندا آهن. اُهو شاعر ئي هوندو آهي، جيڪو پُراڻي شين کي نئين نُدرت، جذبن کي نئين نِرملتا، ڪرختگيءَ کي ڪوملتا، معمولي کي غير معمولي، بي يقينيءَ کي ويساهه ۽ بي نوريءَ کي انوکي نور جي نزاڪت ۽ نفاست عطا ڪندو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اُهو شاعر ئي آهي، جيڪو بي جان لفظن ۾ احساسن جو روح اوتي، اُنهن کي زندگي بخشي ٿو.) 

سُماني ۽ سُڄاڻ شاعر، قومن ۽ سماجن جا اُهي مُحسن ۽ فرض شناس فرد هوندا آهن، جيڪي پنهنجن فڪري وجودن ۾ سراپا سمنڊ ۽ سرڪشيءَ جو نمونو ٿيندا آهن. هُو پنهنجي دؤر جي رواجن، روايتن ۽ طئي ٿيل رسمي سرشتي جي پيداوار نه هوندا آهن، پر هُو پنهنجي ذات ۽ زندگيءَ ۾ خود ئي راهه به هوندا آهن، ته روشني به. سُرت به هوندا آهن ته، سگهه به، جاڳ به هوندا آهن ته، جولان به، جيت به هوندا آهن ته، جرئت به. مطلب ته هُو پنهنجي وجود جي قطري ۾، بحرِ بي ڪران جو محبوب مثال ٿيندا آهن.

  شيخ اياز جو نالو به اهڙن آدرشي ۽ اَملهه سرجڻهارن ۾ شامل آهي، جن پنهنجي فڪري سجاڳي، عملي جستجو، تخليقي اظهار ۽ جرئتمنداڻي آواز سان پنهنجي مُلڪ ۽ قوم جي لاچار، بيوس ۽ اَٻوجهه ماڻهن جي تقديرن کي تبديل ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هُن جي شاعريءَ جو فڪري، فني ۽ موضوعاتي ڪئنواس هونءَ ته تمام گھڻو ڪُشادو ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي، پر ’امن، محبت، انسانيت ۽ روشن خياليءَ جون ڌارائون‘ هُن جي شاعريءَ جو وڏو محور ۽ مرڪز آهن، جن تي هيٺ تفصيل وار روشني وجهنداسين.

 

اياز جي شاعريءَ ۾ اَمن پسندي

جهڙيءَ ريت سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا عظيم شاعر، ’شاهه، سچل ۽ سامي‘ سنڌ جي تاريخ جي هڪ انتهائي اوکي ۽ بحراني دؤر جي پيداوار آهن، تهڙيءَ ريت جديد سنڌي شاعريءَ جي فڪري، فني ۽ احساساتي حوالي سان امامت ڪندڙ سِرجڻهار، شيخ اياز به پنهنجي دؤر جي نهايت مشڪل، انقلابي ۽ اڻانگي حالتن جي پيداوار آهي. اياز جي اَمن پسندي، روشن خيالي، ڌرتيءَ سان والهانه عشق ۽ انسان دوستيءَ جي قدرن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ اياز جي اُن سياسي، سماجي، ادبي ۽ تاريخي حالتن جو مطالعو ۽ پس منظر جاچڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته اياز جي اُن دؤر تي مختصر نظر وجهڻ کان سواءِ، نه فقط اياز جي شاعريءَ جي فڪري قدرن، جمالياتي احساسن، فلسفياڻي خيالن ۽ شاعراڻي ادراڪ کي سمجهڻ ۽ ساڃاهڻ ۾ دِقت ٿيندي، پر اياز جي شاعريءَ جو سفر، جيڪو لڳ ڀڳ مني صديءَ تي محيط آهي، تنهن کي پڻ پوريءَ طور سمجهي نه سگهبو.

شيخ اياز جنهن دؤر ۾ اُسريو ۽ اُڀريو، اُهو دؤر ادبي توڙي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حوالي سان انتشار، انتها پسندي، تضادن ۽ ٽوڙ ڦوڙ جو دؤر هو. هڪ طرف مذهبي طور اوچ نيچ جا وِيڇا پنهنجي اِنتهائن تي پُهتل هئا ته، ٻئي طرف نسل ۽ ڌرم جي بنياد تي مُلڪ جي ورهاڱي جي تحريڪ نه رڳو عُروج تي هئي، پر مذهبي انتها پسندن ۽ مطلبي ماڻهن جو ولولو، جُنون جون حدون اورانگهي رهيو هو. ماڻهو، ماڻهوءَ جو وِيري ۽ خون جو پياسو هو. رشتا، ناتا، تعلق ۽ دوستيون سڀ خود غرضي، خود مطلبي ۽ جنوني اَنائن جو بَکُ بڻجي ويون هيون. هر طرف نفسانفسي، خود فريبي، خون ريزي ۽ اَنارڪيءَ جو ماحول هو. سياستدان پنهنجن ذاتي مفادن ۽ اقتداري حوَس خاطر سچ جو خون ڪري رهيا هئا ته، مذهبي بنياد پرست، ماڻهن ۾ اشتعال انگيز جذبا اُڀاري، اُنهن جي روحاني معصوميت سان کِيڏي رهيا هئا. جڏهن اياز پنهنجي دؤر جي اُن بي رحمي، انساني درندگي ۽ سفاڪيءَ کي پَسي ٿو، تڏهن سندس حساس ۽ شاعراڻو روح تڙپي پوي ٿو ۽ بي اختيار سندس مَنَ مان هيءَ دانهن نِڪري ٿي:

            

او انسان!

 او انسان!

ڪنهن کي ٿو مارين!

هي ماڻهوءَ جو ٻَچڙو آهي.....

هُن جو توسان وير به ڪهڙو!

هُن جو ديس به ساڳي ڌرتي،

هي به ته ماڻهو آ تو جهڙو!

او حيوان! او نادان!

ڪنهن کي ٿو مارين......!!

                        (وڄون وسڻ آئيون، ص116)

 

هڪ پاسي مُلڪي ماحول اهڙو هو ۽ ٻي پاسي عالمي وايومنڊل ۾ به رِڻُ ٿي رَڙيو ۽ روز روح کي چَهڪَ ڏيندڙ واقعا رونما ٿي رهيا هئا، اُنهيءَ سموري صورتحال جو تجزيو ڪندي ۽ اُن تي روشني وجهندي، امير علي چانڊيو، شيخ اياز جي شاعريءَ تي لِکيل پنهنجي هڪ مقالي ۾ لِکي ٿو: ”اياز جنهن دؤر ۾ پنهنجي شاعريءَ جي ابتدا ڪئي، اُن وقت ٻي مَهاڀاري لڙائي پنهنجي حشر سامانين سميت ختم ٿي چڪي هئي. هِن جنگ ۾ پهريون ڀيرو ائٽم بم جو استعمال ڪيو ويو. ٻئي طرف غير منقسم هندستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ پنهنجي جوڀن تي هئي ۽ سنڌ بمبئي کان آزاد هڪ پرڳڻي جي حيثيت ۾ موجود هئي. اشتمالي انقلاب پنهنجا پير پختا ڪري چڪو هو. اُن جي لهر پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو.....اياز اُنهن حالتن جا اثر وٺي جيڪا راهه اختيار ڪئي، هُو اُن تان نه هَٽيو. هُن کي آزاديءَ کان پوءِ واري حالتن جو ڀرپور ادراڪ هو، اُن ڪري هُن اُنهن حالتن سان ٺاهه نه ڪيو، پر اُنهن خلاف ڀرپور رَدِ عمل جي ڦهلاءَ ۽ واڌاري لاءِ واچوڙن ۾ لاٽ ٻاريندو رهيو“. (3)

اياز اهڙين مشڪل حالتن ۾ به مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جو طرفدار بڻجي، اُنهن جي حقن جي حاصلات ۽ آزاديءَ لاءِ نه رڳو پنهنجي شاعريءَ جو آواز بُلند ڪندو رهيو، پر اُنهن کي پنهنجي ساٿ ۽ سهڪار جو آٿت پڻ هِن ريت آڇيندو رهيو: 

 

جي ڪوتا تنهنجي ڪاج اچي

مان تولئه ٻيهر ڳائيندس.

 

مون تُڙڳي رت ــ تلائن ۾

۽ گهرن گهرن گهاون ۾

جو ڳاتو هو ورجائيندس.

 

جي ويڻا ٻيهر وڍ ڏنا

۽ مرندي منهنجا نيڻ ڀنا

مان تو کان لڙڪ لڪائيندس.

 

جا آڳ اُجهامي وئي آهي

جا هُرکُر کامي وئي آهي

مان تنهن ۾ دونهن دُکائيندس.....

 

جي ڪوتا تنهنجي ڪاڄ اچي

مان تولئه ٻيهر ڳائيندس

مان ٻيهر ٻيڙيون پائيندس.

(چنڊ چنبيليءَ ول، ص16)

 

شيخ اياز پنهنجي مِٽي ۽ ماڻهن جي خوشحالي، اَمن ۽ آزاديءَ لاءِ نه فقط احساساتي ۽ فڪري طرح آواز بُلند ڪيو آهي، پر هُو وقت جي آمرن ۽ جابرن جي جبر، وحشت، دهشت ۽ ظلمن جو نشانو بنجڻ باوجود سدائين ثابت قدم ۽ اُميد پرست به رهيو آهي. توڙي جو ڪڏهن ڪڏهن هُن کي هيءَ دنيا هڪ گهاٽي ۽ ڀيانڪ جهنگل وانگر لڳندي هئي، جنهن کان هُو وقتي طور مايوس به ٿيندو هو، پر پوءِ به هُن جو آنند ۽ اطمينان ’هيءَ دنيا ۽ هِن دنيا جو اَمن ۽ انسانيت‘ هئا. حقيقت ۾ ’اَمن، آزادي محبت ۽ اُميد‘ ئي هُن جي فلسفي ۽ فڪر جو محور ۽ مرڪز به هئا ته، سندس شاعريءَ جو اصل روح ۽ آجپو به، جنهن لاءِ هُو سڄي زندگي جهيڙيندو ۽ جاکوڙيندو رهيو.    

اياز جو قلم ئي هُن جو وڏو هٿيار هو. هُن هميشه قلم سان ئي، نه فقط پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن جي اَهنجن ۽ سورن جو علاج ڪيو، پر اُن قلم جي قوت سان ئي هُن ڪيترن ئي وقت جي يزيدن، آمرن ۽ جابرن سان جهيڙي، سندن غُرور ۽ گَهمنڊ کي ٽوڙيو. هُو لِکي ٿو: ”هِن وقت تائين آمرن مون کي دَٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر مان هنن سان ڦيٽ کائيندو آيو آهيان، پر اڳتي شايد اها وِٿي به نه ملي. ممڪن آهي ته زندگي به وِٿي نه ڏئي ۽ مان جيل ۾ ئي مَري وڃان يا ماريو وڃان، اُن ڪري جيتري به زندگيءَ جي مُهلت آهي، ۽ اُن ۾ مون کي جو ڪجهه لِکڻو آهي، لِکي وٺان. ناظم حڪمت ترڪيءَ ۾ نَوَ سال جيل ۾ رهيو هو، پر هُو اُنهيءَ عرصي ۾ گهڻو ڪجهه لِکي نه سگهيو هو. جيتوڻيڪ هُن جو ڪجهه به لِکيو، اُهو اڄ انسان ذات جو اَمر وِرثو آهي. مون کي گهڻو ڪجهه لِکڻو آهي، سچ ته مون اَڃا ڪجهه لَکيو ئي ڪٿي آهي!“(4).  

اياز پنهنجي دؤر جي عصري حالتن، ماضيءَ جي تهذيبي، ثقافتي، تاريخي ۽ فڪري پسمنظر مان نه رڳو گهڻو ڪجهه پُرجهيو ۽ پِرايو، پر هُن پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي مان پڻ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو، جنهن سندس جيءَ ۾ تخليقي جوت کي جاڳائي، اهڙو ڀنڀٽ ڀڙڪايو، جنهن اڳتي هَلي نه فقط ٻاٽ ۾ لاٽ جو ڪردار ادا ڪيو، پر اُن پنهنجي جوت سان جُڳن کي جنجهوڙي، جَڳن جا جيءَ پڻ جَرڪايا.    

شيخ اياز جنهن سياسي، سماجي، فڪري، عملي ۽ انقلابي حالتن جي آڙاهه مان گذري آيو هو، اُن کيس ڪُندن بڻائي ڇڏيو. قوم، مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي وَهايل رت جي درياءَ ۽ طبقاتي تفريق جي تلخين، هُن جي حساس من کي جيڪي زخم رَسايا، اُنهن سندس سوچ، فڪر ۽ احساس تي، نه رڳو گِهرا اَثر ڇڏيا، پر هُن جي نَس نَس ۾ بغاوت، مزاحمت ۽ انقلاب جي باهه ڀڙڪائي، ۽ اُنهيءَ مان هُن پنهنجي شاعريءَ جو بدن بڻائي، اُن ۾ زندگيءَ جو روح بيدار ڪيو.   

اُن کان علاوه اياز جي اڳيان پنهنجي ڌرتيءَ جون صديون پُراڻيون ’امن، محبت، آشتي ۽ انسان دوستيءَ‘ جون روايتون پڻ موجود هيون. اُن سان گڏوگڏ پنهنجي ڪلاسيڪل دؤر جي عظيم شاعرن ’شاهه، سچل ۽ سامي‘ جو پيغام پڻ سامهون هيو. اُنهن ٽنهي آدرشي انسانن ۽ سُچيت سِرجڻهارن پنهنجي قلم ۽ ڪردار سان پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ماڻهن جي من ۾، جيڪو شعور، آزادي، اتحاد، پيار، اَمن، آجپي ۽ اَخوت جو ٻِجُ پوکيو، اُهو بي مثل ۽ بي بدل آهي.

ڀٽائي پنهنجن ماڻهن ۽ عالمِ انسانيت کي پنهنجي نماڻي، فڪري ۽ نفاست ڀرئي تصوف جي گيڙو رتي رنگن ۾ رَتل ’محبت، اَهنسا، عشق، جدوجهد، قرباني ۽ اُنس‘ جو درس ڏنو آهي ته، درازن جي تاج ڌڻي سچل سرمست، منصوري مَستيءَ ۽ عارفانه عُشاقيءَ سان ’خود شناسي‘ ۽ ’خدا شنانيءَ‘ جو فلسفو ۽ فڪر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سامي پنهنجن سلوڪن ۾، ويدانت جي ويچارن کي پنهنجن شبدن جي شاعراڻي آڱرين سان اُٿلائي پٿلائي ’مايا‘ جي مُنجهيل سُٽَ کي عام اڳيان سُلجهائي، عيان ڪرڻ جي جستجو ڪئي آهي. توڙي جو اندازِ بيان ۽ اظهار جي حوالي سان لطيف جو ’آواز‘ سرمست جي ’صدا‘ ۽ ساميءَ جي ’سلوڪن‘ جي رمزيت کان مختلف ۽ نَرالو آهي، پر اُنهن ٽنهي جي ’سَڏَ ۽ پَڙاڏي‘ جو فڪري ۽ احساساتي تاثر ۽ مجموعي مفهوم، ’اَمنِ عالم، انساني اخوت، سنڌ جو سُڪار ۽ عالمُ سڀ آباد‘ هجڻ آهي. هُو عالم جي آباديءَ سان ئي پنهنجي ڌرتيءَ کي خوشحال سمجهن ۽ اُن ۾ ئي پنهنجي داخلي سَرهائي محسوس ڪن ٿا.

’شاهه، سچل ۽ سامي‘ پنهنجن تخليقن ۾، سنڌي سماج ۽ عالمِ انسانيت لاءِ جنهن فڪر ۽ احساس جي اُپٽار ڪئي ۽ محبتن، اَمن ۽ آجپي جو پيغام سَمايو آهي، شيخ اياز جديد دؤر ۾، اُن فڪر، فلسفي ۽ نظريي جو وڏو شارح، شائق ۽ مُبلغ آهي. اياز پنهنجي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو ويدانيت ۽ وحدت الوجود جي رنگن سان گڏوگڏ جديد دؤر جي زندگيءَ جي مسئلن ۽ مامرن جي اهڙي احساساتي ۽ فڪري سنگم سان جوڙيو آهي، جو هُو نه فقط هِن صديءَ جو تمام سگهارو، سُچيت ۽ عظيم شاعر ٿي اُڀريو آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ جيڪا فڪري سگهه، سَرلتا، سماجي سُرت، اندازِ بيان جي نُدرت، ٻولي ۽ خيال جي بي ساخته اُڇل، فني حُسناڪي ۽ عالمِ انسانيت جو احساساتي درد ۽ اُلڪو موجود آهي، اُهو نه صرف منفرد ۽ مثالي آهي، پر اُهو کيس پنهنجن پيشروئن جو تسلسل هُجڻ کان علاوه ڌرتيءَ جو عيوضي، پنهنجي وطن جي جديد تشڪيل ۾ ڪردار ادا ڪندڙ، اَمن، محبت ۽ انسانيت جو حقيقي طرفدار شاعر ثابت ڪري ٿو.

هي سپنا منهنجي جهوليءَ ۾
هي آڌيءَ رات اُڻت لوڪو!
ڪجهه شاهه ڏني، ڪجهه شيخ ڏني
هِن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو!
            (وڄون وسڻ آئيون، 2008ع، ص197)

 

شيخ اياز خاص ڪري پنهنجن بيتن، دوهن ۽ واين ۾، ڪنهن حد تائين توڙي جو فڪري ۽ موضوعاتي طور ڀٽائيءَ جي صوفياڻي رنگ، روح، لوڪ روايتن، تاريخي لوڪ داستانن، فطري مظهرن ۽ سماجي منظرنامي کي اَپنايو آهي، پر اُن جي باوجود هُن پنهنجي شاعريءَ جي بدن ۾ نوَن احساسن، نرالين تشبيهن، انوکن استعارن، نج سنڌي ترڪيبن، تُز ٻوليءَ، حواسن کي ڇُهندڙ عڪسن ۽ جمالياتي منظرن کان علاوه داخلي توڙي خارجي دنيا جي هر اُن ڪيفيت ۽ احساس جو روح اوتيو آهي، جنهن جو تعلق زندگيءَ سان آهي ۽ اُهو عمل سچ ته اياز کي، سنڌي زبان ۾ ’شاهه، سچل ۽ سامي‘ جهڙن عظيم شاعرن جي موجودگيءَ جي باوجود هڪ الڳ، انفرادي ۽ تمام وڏي شاعر هجڻ واري شناخت عطا ڪري ٿو.

شيخ اياز پنهنجي ڪوتا ڪتاب، ’ڪَپر ٿو ڪُن ڪري‘ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته، ”مون سنڌ جي ڪهاڻين (لوڪ داستانن) وارا سڀئي سُر ٻيهر لِکيا آهن ۽ هر سُر ۾ ڪنهن خيال کي اُن جي توڙ تائين رَسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون کان اڳ هر سنڌي شاعر هر سُر ۾ وحدت الوجود جي فلسفي کي پيش ڪيو آهي، پر مون هر سُر ۾ هڪ نئون خيال پيش ڪيو آهي ۽ اُن جو سلسلو قائم رکي، اُن کي گُهربل نتيجي تي پهچايو آهي. مان ڀانيان ٿو ته ماضيءَ جي ادبي روايتن کان ناتو ٽوڙڻ هڪ جذباتي غلطي ٿيندي.... اُهو غلط آهي ته ماضيءَ سان رشتو قائم ڪري، شاعر حال کان ڪٽجي ويندو آهي. جي هُن ۾ ڏات آهي، سچائي آهي ۽ جي هُو پنهنجي ڀرپور جذبي، تجربي ۽ خيال جي گهرائي سان لِکي سگهي ٿو ته، هُو ماضيءَ سان رشتو جوڙي به، حال جو ترجمان ٿي سگهي ٿو“(5).

بيشڪ اياز ماضيءَ جو حال ۽ حال جو مستقبل سان رشتو جوڙي، سنڌي شاعريءَ کي فڪر ۽ فن جو نئون ۽ اَنوکو اُفق عطا ڪيو آهي، جيڪو هر وجهه حسين، موهيندڙ ۽ متوجهه ڪندڙ آهي. اياز جي شاعري، توڙي جو پنهنجي ڌرتيءَ جي صديون پراڻي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ لوڪ ڏاهپ سان گڏ جديد دؤر جي وشال موضوعاتي، فني ۽ فڪري شاهراهن تي طويل ۽ شاندار تخليقي مسافت ڪئي آهي، پر اُن جي باوجود اُن ۾ ڪٿي به ٿَڪاوٽ نظر نه ٿي اچي، پر هر لمحي تازگي ۽ تخليقي حُسناڪي جهلڪندي محسوس ٿئي ٿي.       

هيءَ جا منهنجي شاعري، ڪانڪهه وارو لَڪُ،
جنهن ۾ ڪوئي ٿَڪُ، مور نه ڏسندو ماروئو!.
                              (اَڪن نيرا ڦليا، 1998ع، ص24)

 

اديب ۽ قلمڪار پنهنجي عوام ۽ انسانيت جو ضمير ٿيندا آهن. جيڪڏهن سياستدان ۽ سماج جو ڪوئي ٻيو عام فرد وقتي حالتن سان سمجهوتو ڪري خاموشي اختيار ڪري ٿو ته، اُها ڳالهه اُن جي سياسي ۽ سماجي حِرفت ۽ حڪمت عملي جو حصو ٿي سگهي ٿي، پر اديب ۽ سِرجڻهار لاءِ سچ جي حوالي سان خاموشي ۽ ماٺ، ڪوڙ جي برابر هوندي آهي، ڇو ته هڪ ذميوار ۽ سماج وادي اديب ۽ قلمڪار جي احساس ۽ آواز سان قومي ۽ انساني آجپي جي صداقت سلهاڙيل هوندي آهي، اُنهيءَ ڪري ڪنهن حقيقي تخليقڪار لاءِ اول آخر ’سچ‘ ئي اَهم ۽ اُتم هوندو آهي، تڏهن ئي ته اياز چيو آهي:

ڏات وڏي شيءِ ناهي،
پر سچ وڏي شيءِ آهي.
۽ جو سچ مچائي،
سو مچ وڏي شيءِ آهي.

 (وڄون وسڻ آئيون، 2008ع، ص216)

فرانس جي قلمڪار ڪاڪشوءَ کان ڪنهن پڇيو هو ته، ’جيڪڏهن ڪنهن ڪمري ۾ باهه لڳي پئي ۽ اُن ڪمري ۾ اندر هڪ معصوم ٻار ۽ هڪ مورتي هُجي ۽ توکي رڳو ايتري فرصت مِلي، جو ٻنهي مان هڪ کڻي سگهين ته، ڇا کڻندين؟. ڪاڪشو بنا ڪنهن هَٻڪ ۽ سوچ ويچار جي وَراڻيو هو ته، ’مان اُها باهه کڻندس، جنهن سان معصوم ٻار ۽ خوبصورت مورتيءَ سان گڏ ٻيو گهڻو ڪجهه سَڙي رَکُ ٿي وڃڻ جو خطرو آهي.‘

شيخ اياز پڻ پنهنجي شاعريءَ جي جهوليءَ ۾، اُها حالتن ۽ ماحول جي ’ٻرندڙ آڳ‘ کنئين آهي، جنهن صدين کان سنڌ کي پئي ساڙيو ۽ جَلايو آهي. اياز کي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجن ماڻهن جي اهنجن ۽ عذابن جو پورو احساس ۽ ادراڪ هيو، اُنهيءَ ڪري هُن پنهنجن گيتن کي اُها صدا ۽ گونج عطا ڪئي، جنهن نه صرف مظلوم ۽ ويساهه وڃايل ماڻهن ۾، جرئت ۽ جوانمردي پيدا ڪئي، پر اُنهن ۾ جيئاپي جو نئون جذبو ۽ جوش به جاڳايو، نتيجي ۾، ڌرم جي نالي ۾ نفرتن جو پرچار ڪندڙ ۽ وقت جي اورنگزيبن سان ٻِٽُ ٿي، سنڌ جي سرمدن ۽ دارائن خلاف فتوائون ڏيندڙ ٽولو، هميشه اياز ۽ سندس شاعريءَ جو ويري ۽ دشمن بڻيو آهي.

اياز جي شاعري فقط اياز جي داخلي وارتائن ۽ شخصي ڪيفيتن جو عڪس نه آهي، پر اُها ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي دلين جو سُڏڪو ۽ صدين جي اِتهاس جي سچائيءَ جو آواز آهي. جنهن تعصب ۽ اوچ نيچ جي ڪٺورتا سان ڀٽائي اَڌ صديءَ تائين جهيڙيو، اياز به اُنهن محبت، اَمن، انساني سڪون ۽ شانتيءَ جي وِيرين ۽ اِستحصالين خلاف هميشه وِيڙهه ۾ رهيو آهي. اياز پنهنجي فڪري ۽ روحاني مُرشد لطيف سان مخاطب ٿي، پنهنجي هڪ نظم ۾ چوي ٿو:

 

منهنجــــــا گــــــيــــــت ڀٽــــــائــــــي تنهنجي
جــــــنــــــگ پــــــيــــــا جــــــوٽــــــن
تو وٽ جــــــو دنبورو هيو
تو ڪالهه تعصب جي سر تي ڦهڪايو هو
تو جا وائي ڳائي هئي، بيت به جيڪو ڳايو هو
سنڌ ديس جي ڌرتيءَ تي ڦهلايو هو
ان ۾ ڪائي جنگ هئي، ڌرتي ڪيڏو تنگ هئي
ڪالهه تعصب وارن کــــــان
تن ککيءَ جــــــي کارن کــــــان
ماڻهــــــوءَ ماڻهوءَ جــــــي مــــــن ۾
جــــــن ڪــــــا بــــــدبــــــو ڦهلائي هئي
هوءَ جــــــا تنهنجي جنگ هــــــئي
                          سا اڄ تائين جاري آ.........!

هڪ شاعر، زندگيءَ جي روح ۽ رفتار جو احساساتي ۽ جذباتي سونهون ٿيندو آهي. هُو پنهنجي ادراڪ ۽ احساس جي اندروني اک سان تاريخ جون اُهي سچائيون ۽ سندرتائون پَسي ۽ پُرجهي ويندو آهي، جيڪي سياستدان جي بساط ۽ بصيرت کان اوجهل هونديون آهن. اُنهيءَ ڪري ئي چيو ويندو آهي ته، هڪ سياستدان مَرندو آهي ته ٻيو پيدا ٿيندو آهي، پر جي ڪوئي سِرجڻهار ويندو آهي ته، عرصي تائين ڌرتي صدائون ڏيندي ۽ سُڏڪا ڀريندي رهندي آهي. چنڊ، ستارا اُن جي جاکوڙ ۽ جستجو جا ساکي بڻجي، اُن جي سارَ ۽ پَچارَ ڪندا رهندا آهن.

اي چنڊ ستارا ساکي ٿيو
اڄ رات لهوءَ جي ڇوليءَ ۾
ڪجهه آهن منهنجون رت ڦڙيون
جي گيت لڳن ٿيون ٻوليءَ ۾.

شيخ اياز فقط هڪ شاعر، اديب ۽ سِرجڻهار نه آهي، پر اياز اُن احساس ۽ آدرش، اُن جذبي ۽ عشق جو نانءُ آهي، جنهن پنهنجي آواز ۽ آلاپ جي تَند سان طاقتورن جي تلوارن جا تاب جُهڪايا آهن ۽ جنهن پنهنجي انفرادي غرض بدران ادب، آرٽ ۽ انساني آجپي جي بقا لاءِ جهيڙڻ کي هميشه اهم ۽ اُتم ڀانيو آهي.

’ساهيوال جيل جي ڊائري‘ ۾ پنهنجي جيون جي جدوجهد ۽ جاکوڙ جو مقصد ۽ تت ٻُڌائيندي، اياز لِکي ٿو ته، ”ٻيا اِقتدار لاءِ وڙهي رهيا آهن، پر مان آرٽ لاءِ وِڙهي رهيو آهيان. منهنجي شاعري اڳڪٿي آهي، جا اَڄ نه سُڀان، ڪڏهن نه ڪڏهن پوري ٿيڻي آهي، منهنجا خواب موجوده حقيقت (دقيانوسيت) جا وڏا دشمن آهن. ممڪن آهي ته جڏهن اُهي حقيقت جو روپ وٺندا، تڏهن مان نه هُجان، پر جي مان اُن جدوجهد ۾ ماريو وڃان يا مري وڃان ته منهنجي زندگي سَجائي ٿيندي“(6).

شيخ اياز جي شاعريءَ جو آواز ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جي پِيڙائن ۽ پُڪارن جو پَڙاڏو بڻجي، نه صرف سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ تائين رَسيو، پر اُن جي گونج اِقتداري اِيوانن تائين وڃي پهتي، نتيجي ۾ اياز کي ٻه مُنهين عُتاب ۽ عَذاب سان مُنهن مقابل ٿيڻو پيو. هڪ طرف رياستي طاقت جون اُرهه زواريون، جبر ۽ ڏاڍ هو، ته ٻئي طرف ادب ۾ رُدالين جهڙو ڪردار ادا ڪندڙ اُهي رجعت پرست ڌُريون هيون، جن لاءِ ترقي ۽ تبديليءَ جو نانءُ ڪنهن وڏي چِڻنگ ۽ چوچڙيءَ وانگر هو. جڏهن اُنهن جي سماعتن تائين اياز جي انقلابي ۽ ترقي پسند شاعريءَ جو پڙاڏو ٿي پهتو، تڏهن هُنن جون وايون بَتال ٿي ٿِي ويون ۽ هِٽلر جي سَفاڪ آرمي، نازي گسٽا پوپ جي سَرواڻ هَرمن گوئرنگ جيان ڇِتا ٿي ٿي پيا، جيڪو چوندو هو ته، ”مان جڏهن به ادب ۽ آرٽ جو نالو ٿو ٻُڌان، تڏهن منهنجو هٿ پستول ڏانهن کَڄي وڃي ٿو“(7).

          شيخ اياز تي مُلحد، باغي ۽ ڪافر جون فتوائون مَڙهيون ويون. کيس ڪال ڪوٽڙين ۾ باندي بڻايو ويو ۽ شهر بدر ڪيو ويو. سندس ڪتابن تي بندشون هنيون ويون، پر اياز جو آواز آمرن، جابرن ۽ ’اَنڌي اُونڌي وِيڄن‘ اڳيان جُهڪڻ ۽ جَهڪو ٿيڻ بدران عوام جي زبان ۽ احساسن جو ترجمان بڻجي، سنڌ جي شهرن، ٿرن برن ۽ ڀٽن ۾ گونجندو رهيو.

اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي
متان ائين سمجهين مُئا مور سارا.
              (وڄون وسڻ آئيون،2008ع، ص89)

 

اياز جي پنهنجي آدرشن ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان اُها فڪري، نظرياتي ۽ روحاني وابستگي ئي هئي، جيڪا هر اوکي ۽ آزمائش واري گهڙيءَ ۾ سندس ڏَڍُ بَڻي، ۽ هُن وقت جي فِرعونن کي به مُنهن تي سچ چَئي ڏِنو:

منهنجو اَگهه پُڇين ٿو آمرَ!

منهنجا گيت ڳنهي سگهندين تون.....؟

مان به ته هڪ وڻجارو آهيان،

پر مان سڀ کان نيارو آهيان،

گيت اندر جا گونجي آهي،

سا شيءَ منهنجي پونجي آهي،

مل مان جو مزدور اچي ٿو،

هرُ هڻندي جيڪو ٿڪجي ٿو،

۽ جو تو سان سينو ساهي،

پيرَ ڪڙين ۾ آيو آهي،

تنهن سان گيت ورهايان بيٺو!

چوواٽي تي ڳايان بيٺو!

جنهن وٽ ڪوئي لوڪ ڦڙو آ،

تنهن منهنجو هر گيت ڳِڌو آ،

تو وٽ لڙڪ ڪٿي ڪو آمرَ!

منهنجا گيت ڳنهي سگهدين تون؟

(وڄون وسڻ آئيون، ص188)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org