سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي تنقيدي مطالعو

 

صفحو:2 

ڊاڪٽر فياض، شيخ اياز جي لوڪ گيت، ’مَڻهيار ڙي‘جي حوالي سان لکي ٿو ته،”اياز پنهنجي هِن گيت ۾ احساسن جي اهڙي منظرنگاري ڪئي آهي، جو هُن جي لوڪ گيت جي لفظن مان، نه رڳو مَڻيهارَ جي ڪِرت، ڪم، ڪردار ۽ رولاڪين جو عڪس ۽ نقش چِٽو نظر اچي ٿو، پر گيت جي ٻولن ۾ موجود اندروني غَنائيت ۽ اظهاريل علامتي رنگ پڻ عيان ٿي سامهون اچي ٿو. ٿري زندگيءَ جو وڏو دارومدار مِينهن تي آهي. جڏهن ڪڪر ڪارونڀار ڪري وَرندا آهن، تڏهن ماروئڙن جا مَنَ مَهڪي پوندا آهن، ٽوڀا ترايون تار ٿيڻ سان پاڻياريون ٻيلهڙن سان گيت ڳائينديون اچي، پڻگهٽ جي حُسن کي وڌائينديون آهن. چَڙن جي چونگار سان مال ڀَٽارو وَٿاڻن ڏي ورندو آهي. ڌنارن جي بانسرين جي وَڄت سان گڏ ٻَنين ۾، هارين جي ’همرچي‘ ۽ ’راڻليئي‘ جو راڳ ٻُرندو آهي.

سانوَڻ رُتِ جو لوڪ گيت،’همرچو‘ ٻَنين مان گُڏَ ڪڍڻ (گند گاهه ڪڍڻ) مَهل ڳائبو آهي، خاص ڪري جڏهن ’ڇِيڙَ‘ ڪَبي آهي، تڏهن چار پنج ماڻهو گڏ ٿي ڳائيندا آهن.’همرچي‘ جو مقصد ۽ مطلب ٻين کي سَڏڻ يعني،’همراهه اچو‘ گڏجي ڪم کي اُڪلايون، آهي. ٿر ۾ لوڪ گيت،’همرچي‘ جون مختلف روايتون ملن ٿيون. شيخ اياز ’همرچي‘ لوڪ گيت جي رَچنا اهڙي ڪئي آهي، جو ٻَنيءَ ۾ ڪم ڪار ڪرڻ کان وٺي قومي ۽ اجتماعي ڪاڄ تي به، شيخ اياز جو هَمرچو ڳائي سگهجي ٿو. اياز جي هَمرچي جي تَرنم ۾، احساساتي توانائي آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي هِمٿائي، جوش ۽ ولولو اَرپي ٿي. ڀِني جي خوشبوءَ ۾ وِيڙهيل وَسڪاري جا رنگ ۽ روپ مَن ۾ تازگي پيدا ڪن ٿا“.

ٿري لوڪ گيت ’لمڪيان ڙي لو‘ ۾ ’ماروهر‘ ۽ ’ميگهار‘ جي وَستين واري پٽي جي’مهت‘ ۽ ’ساجن‘ جي پريم ڪهاڻي آهي، جيڪا ’مهت‘ جي سهيلي ’ساران‘ ڳائي آهي. شيخ اياز ’لمڪيان ڙي لو‘ جون سِٽون بحر وزن تي آڻي، خوبصورت گيت سِرجيو آهي، جنهن جي پسمنظر ۾، ڏُٿُ نه، پر جوئر جو کيت آهي. تانگهه ۾ تاوڙي ٿي، ڪامڻي پنهنجي پرديس پڌاريل وَرَ تي ڪاوڙجي ٿي، اُتر جي ٿڌي هِيرَ ۾، ڪانهن جهومن ٿا، پر سانوري جي ٻانهن ٻُٽي آهي.

ڊاڪٽر فياض لطيف ٿري لوڪ گيت ۽ شيخ اياز جي ’لمڪيان لو ڙي‘، جي ترنم، نِرت ۽ خيالن جي اُڏام تي سُهڻو لِکيو آهي. انتظار ۽ وڇوڙي جي ڪيفيتن ۾، سِرجيل ٿري لوڪ گيت ’ڪرهو‘ مومل راڻي جي لوڪ داستان سان لاڳاپيل آهي. لوڪ گيت، ’ڪَرهو‘ ٿر ۾، اُوٺي سفر ۾ ڳائيندا آهن. شيخ اياز جي لوڪ گيت، ’ڪرهي‘ جو سِٽاءُ  ٿري لوڪ گيت ’ڪَرهي‘ وارو نه آهي، پر اُن ۾ ساءُ ساڳيو ٿري لوڪ گيت وارو ئي آهي.

سانولڙي جو

ڳِيچُ چَئو ڪو،

سانت بُري آ،

سانت ڪيو ڇو؟

گونج  اُڀاري ڪا ته گَلو  هو،

هُڙڪ هَلو هو، ڌِيمان هَلو هو.

علم بشريات جي ماهرن جي راءِ آهي ته، ’انسان جي اندر ۾ ڪي سرگرمي جا جزا پاتا وڃن ٿا‘. سماجي سائنس هن راءِ جي بنياد تي سرگرمي کي انسان جي ثانوي جبلت قرار ڏيندي چيو آهي ته، ’انسان پنهنجي هستي متوازن بنائڻ ۽ فطرت کي پنهنجي حق ۾ موڙڻ جي لاءِ ان ثانوي جبلت کي استعمال ڪري ٿو‘. جيتوڻيڪ اُنهن راين کي رد نٿو ڪري سگهجي، پر پوءِ به انسان جي متحرڪ ۽ سرگرم هجڻ جا ثبوت انساني تاريخ مان اَخذ ڪري سگهجن ٿا. انساني تاريخ ۾، انسان جي ترويج واري تحريڪ ۾، جتي ٻين فڪرن اُتساهيو آهي، اُتي شاعريءَ جي آرٽ به پنهنجي مڪمل نظرياتي جوهر سان گڏ انساني ترويج واري تحريڪ کي اُتساهڻ ۾ ڪامياب ويئي آهي.

شيخ اياز جي هِن لوڪ گيت، ’ڪَرهي‘ کي پڙهي يا ٻُڌي ڪير چوندو ته، شاعريءَ جي انساني ترويج واري تحريڪ کي اُتساهڻ واري راءِ ۾ وزن نه آهي. اياز جي لوڪ گيت،‘ڪَرهي‘ ۾، انقلابي آدرشن جو اُڀار آهي، پنهنجي مقصد جي مومل ماڻڻ جي لاءِ اوکا پنڌ جاري رکڻ جو جذبو آهي.

هُڙڪ هَلو هو، ڌيمان هَلو هو ــ

پَنڌُ پَري هو،

ڪير ڪَري هو،

واٽَ اَواٽي،

ڏِيلُ ڏري هو،

پو به پرينءَ جو پَنڌُ ڀَلو هو،

هُڙڪ هَلو، ڌيمان هَلو هو...

فرانسيسي شاعر ارٿر رمبائڊ پنهنجي هڪ نظم ۾ چيو آهي ته، ’رقص کي ويڙهه ۾ مٽايو ۽ ويڙهه کي رقص ۾‘. ساڳيءَ طرح شيخ اياز لوڪ گيت جي رقص کي ويڙهه ۾، ۽ ويڙهه کي رقص ۾ بَدلايو آهي. اياز جي هِن لوڪ گيت کي ٻُڌڻ سان منهنجي اَندر ۾، ڀٽائي جي بيتن، ’هڻ ڀالا، وِڙهُه ڀاڪرين‘ ۽ ’ڪاري ڪڪر هيٺ مون جهيڙيندي ڇڏيا‘ واري ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي. ساڳي وقت آئرش شاعر ۽ گلوڪار تهامس مور جو مشهور نظم ’The Minstrel Boy‘۽ ديوندر ستيارٿي جو گيت’چلو ابھی اور آگے چلو‘ تصور جي اِسڪرين تي تَري ايندا آهن.

’پرولين‘ وارا لوڪ گيت، شيخ اياز، اَمير خسرو کان متاثر ٿي لِکيا آهن. فني طور تي شيخ اياز ’دو سخنن‘ ۽ ’ڪَهه مَڪرنين‘ کي مِلايو ۽ ’ڀَڃڻي‘ اميرخسرو جي پِرولي وانگر رکي آهي. اَمير خسرو جي ڪجهه چونڊ پِرولين، ڪَهه مَڪرنين، ۽ دو سخنن جا نمونا هيٺ ڏجن ٿا:

پرولي:

 

چالیس من کی نار کہلائے سوکھی جیسے تیلی

کہنے کو پردہ کی بی بی لاکھوں رنگ رنگیلی (کہکشاں )

 

ڃڃڄڄ

جل میں اپجے، جل میں رہے

 آنکھوں دیکھا، خسرو کہے (کاجل)[1]

ڪهه مڪرني:

اونچی اڑیا پلنگ بچھایا،

میں سوئی میرے سر پر آیا،

کھل گئی انکھیاں بھئی آنند،

اے سکھی ساجن، نا سکھی چند ( چاند)[1]

 

ایک سجن وہ کہرا  پیارا

جائے گھر میرا  اجیارا

بھور بھئی تب بدا میں کیا

اے سکھی ساجن، نا سکھی دیا ( دیا)

 

ایک سجن مورے دل کو بھاوے

جائے مجلس کھڑی سہاوے

سووت سنوں اٹھ  دوڑوں جاگ

اے سکھی ساجن، نا سکھی راگ ( راگ)

دو سخن يا دوسخنو :

انار کیوں نہ چکھا - وزیر کیوں نہ رکھا ( دانہ نہ تھا )

 

شيخ اياز ڪهه مڪرنيءَ جو تذڪرو ڪندي، امير خسرو کي هِن ريت ڀيٽا پيش ڪري ٿو:

ڪهه مڪرني ناهيان اُتي ئي آئون،
خسرو ڏنائون مون کي پوري کنڊ ۾.

ڊاڪٽر فياض لطيف ننڍي کنڊ جي لوڪ ادب ۾، پروليءَ جي پوري سفر کي بيان ڪرڻ سان گڏ شيخ اياز جي پرولين جي فني فڪري گهرائي ۽ جمالياتي سونهن آسان ٻولي ۾ بيان ڪئي آهي. فياض، شيخ اياز جي پرولين بابت لکي ٿو ته،”شيخ اياز جي لوڪ گيت ــ پرولين ۾، تاثراتي ۽ مرڪزي لحاظ کان توڙي جو اَڻ لکو هُڳاءُ ۽ ساءُ لوڪ پرولين جو به محسوس ٿئي ٿو، پر اُن جي باوجود اياز جون پِروليون سندس فڪري دانش ۽ شاعراڻي وجدان جو نتيجو آهن. هُن جي لوڪ گيت ــ پِرولين ۾، فني سُندرتا ۽ فڪري حُسناڪي، هُن جي پنهنجي بي پناهه ڏات ۽ فني ڏانءَ جو ڪمال آهي. اياز جون سَتَ ئي پِروليون مَنظوم آهن ۽ اُهي هُن علم عروض تي لِکيون آهن، جن مان پهريون ٻه سِٽون (فعلن فعلن فعلن فعلن) تي، جڏهن ته ٽين ۽ پنجين سِٽ (فاعلن فعلن) ۽ چوٿين سِٽ (فعلن فعلن) جي وزن تي آڌاريل آهن. هي لوڪ گيت ــ پِروليون خيال ۽ سِٽاءَ جي لحاظ کان لوڪ ــ پِروليءَ جي ’سوال جواب ــ پرولي‘ سان گهڻي مماثلت رکن ٿيون. اياز جي پِرولين مان هر پروليءَ جي پهرين ٻن سِٽن ۾، ’ڳُجهه ۽ راز‘ سمايل آهي. سندس هيءَ پِرولي پَڙهو ۽ اُن جي معنى ۽ مفهوم جي پَروڙ لاءِ اُن تي ٿورو غور ۽ فڪر ڪريو:

هر هر انڌياريءَ اوجهڙ ۾،

ساري رات اُنهيءَ جو لِيئو ــ

ڇا سَکي، ساجن؟

اُن هوُن، اُن هوُن،

اي سِکي، ڏِيئو.

(وڄون وسڻ آئيون، ص198)

شيخ اياز جي لوڪ گيت ــ پِرولين ۾، وان گوگ جي پينٽگنس وانگر احساسن ۽ ڪيفيتن جا مختلف ۽ منفرد عڪس ملن ٿا. هُن جون پروليون ڪنهن تجريدي آرٽسٽ جي ذهني اختراع ۽ نرگسيت جي شڪار دانشور جيان اَجائي، بي معنوي ڳوڙهائي ۽ ڳَرائي رکندڙ نه آهن، جن کي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهي يا اُڪتائجي، بيزار ٿي ڪتاب بند ڪري رکي ڇڏي، پر هُن جي پرولين ۾، رنگ ــ رَتي ۽ تارن ڀري آڪاس جهڙي جاذبيت به آهي ته، اُنهن ۾ واڙيءَ ــ ڦلن ۽ سرنهن جي ڦولار جهڙي ڪشش ۽ محبوبيت به ملي ٿي، جيڪا تصوراتي ۽ احساساتي طرح ڪجهه ساعتن لاءِ ماڻهوءَ جو هينئون هُٻڪارون ڪري ڇڏي ٿي“.

شيخ اياز ’پرولي لوڪ گيت‘ لِکي، لوڪ گيت جي هِن نموني کي سنڌي ادب ۾ پَروان چاڙهڻ لاءِ راهه هموار ڪئي آهي. نوجوان شاعر سرواڻ سنڌي پرولي لوڪ گيت ۾ پنهنجو تجربو ڪندي، شيخ اياز کي هِن ريت ڀيٽا پيش ڪري ٿو:     

گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽائون،

سنڌڙي جو آواز ــ

ڇا سرتي، ساجن؟

نه سرتي، شيخ اياز.

اهڙيءَ ريت شيخ اياز جي سِرجيل لوڪ گيت، ’ڇيڄ‘ کي ڏِسبو ته، اُن ۾ هُن ردم ۽ روانيءَ سان گڏ ڪمال جو فڪر ۽ شاعراڻو احساس سمايو آهي. سندس ڇيڄ جو هر ٻول دلين جي آسمان کي نه رڳو دلفريب بڻائي ٿو، پر اُن ۾ موجود منظر نگاري روح کي تازو ۽ توانو ڪري ڇڏي ٿي. ڊاڪٽر فياض لطيف، شيخ اياز جي پنجني ڇيڄن، ’اڙي چنڊ اڙي چنڊ‘، ’تون هلي آءُ‘، ’ڪانگ لنوين وو‘،’چِيڻو‘ ۽ ’هونئن وڏيرو هِل ڙي‘ تي سير حاصل بحث ڪيو آهي. هُن اُنهن ڇيڄن جي، نه رڳو گهاڙيٽي، ٻوليءَ ۽ موضوعن جي مفصل ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، پر اُنهن لوڪ گيتن ۾ موجود، لوڪ روايتن، ثقافتي اُهڃاڻن ۽ جمالياتي حُسناڪين تي پڻ ڀرپور نگاهه ڌَري آهي.

شيخ اياز جي لولين جي پڻ پنهنجي لات آهي. اُنهن لولين ۾، ماءُ جي ممتا به آهي ته، والد جي آسَ ۽ اُمنگ به. شيخ اياز، نئين نسل کي چاهت جي چادر اوڍائي، ننڊ ــ ديويءَ جي آغوش ۾ لُڏڻ لاءِ اُتساهي نه ٿو، پر سنڌو تهذيب جي رنگن ۽ روپن ۾ رَچي ريٽو ٿيڻ ۽ پنهنجي مِٽي ۽ ماڻهپي سان ’پاڻ‘ ملهائڻ جو آدرشي سَنهيو پڻ ڏئي ٿو. شيخ اياز جي لولين ۾، سٽاءُ جي سونهن سان گڏوگڏ موضوع جي وسعت، ترنم جي تازگي ۽ ٻوليءَ جو مِٺاس به ملي ٿو. ڊاڪٽر فياض، شيخ اياز جي لولين ۾، جديد دؤر جي حسيت، حقيقت، تخليقي ۽ فني حُسناڪي، تاثر جي تازگي، خيال جي اُڇل سميت سمورن احساساتي رنگن ۽ اُمنگن جو تفصيلي جائزو ورتو آهي.

ڊاڪٽر فياض، لوڪ گيتن جي هِن اڀياس ۾، شيخ اياز جون ڪجهه وايون لوڪ گيت طور مطالعي هيٺ آنديون آهن، اُنهن واين ۾، ’بادل ڙي بادل ڙي‘، ’منهنجا نيڻ نٿا بس ڪن‘، ’ٿالهه کڻي روپڙو، ميندي پُسايو، دودل گهر آيو‘، ’متان ڳالهايو، ڳوڙها ڳاڙيو ڳُجهه ۾‘،’لوري ڪيئن لڳي، او آيل! آيل! لوري ڪيئن لڳي‘، ’گَرجُ گَرجُ اي گونگي ڌرتي! ڀَرجُ ڀَرجُ ڀٽياڻي‘ وغيره شامل آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعر، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر اسحاق سميجي پنهنجي ڪتاب،’شيخ اياز جي شاعري‘ ۾، اياز جي مختلف صنفن جي وِرڇ ۽ ترتيب جي حوالي سان ڪي ئي مونجهارا پيدا ڪيا آهن، جنهن ۾ هُن، ڪٿي گيت، نظمن ۽ واين جي حصي ۾، ته ڪٿي وايون ۽ نظم گيتن واري ڀاڱي ۾ شامل ڪيا آهن. ڊاڪٽر فياض لطيف پنهنجي اڀياس ۾، شيخ اياز جي اُنهن واين ۾ موجود لوڪ گيتن جي وجود جي حوالي سان مضبوط موقف رکيو آهي، جيڪو اڄ، نه ته سڀاڻي،اُنهن واين ۾ اُڻيل سهري، ڳيچ ۽ لوڪ گيت جي ساءُ ۽ سِٽاءَ سبب اياز جي پڙهندڙن کي نه فقط متوجهه ڪندو، پر کين گهڻي قدر فياض لطيف جي مٿين راءِ سان سمهت ۽ متفق پڻ ڪندو.

’گَرجُ گَرجُ اي گونگي ڌرتي! ڀَرجُ ڀَرجُ ڀٽياڻي‘جا ٻول، شيخ اياز ڪارونجهر جي ڪوي چنديرام ڀاٽ جي لوڪ شاعريءَ کان متاثر ٿي لِکيا آهن. پارڪر جي سوڍن ۽ ڪولهين جي انگريزن سان مَتل معرڪي کان پوءِ پارڪر جي مِٽي ماٺ ٿي وئي، ايتري ماٺ، جو هاڻي ديومالائي پهاڙ ڪارونجهر کي ڪُرٽڻ جي لاءِ مانگر مَڇ وڌي رهيا آهن. ڪو سوڍو راڻو، ڪو روپلو ڪولهي نه آهي، جو اُنهن کي لَلڪاري. فرنگين سان  ٿيل پارڪرين جي مزاحمت کي ڳائيندي، چارڻ ڪوين چيو هو ته:

چندن گڍ چاوو ڪيو، جوڌي مَچائي جنگ،
لڙيو ساٿ ڪرڻ رو، اوئان رجپوتان نان رنگ.

(چندن گڊ چاوو (گوڙ) ڪيو، جوڌن جَنگ مَچائي، راڻي ڪرڻجي جي ساٿ ۾، جيڪي راجپوت هئا، تن سورمن کي جَس آهي).

 

ڪارونجهر ري ڪونگري، گهرا واجي ڍول،
راوتان ۾ ڪوڙي روپلو، ونڪا ٻولي تو ٻول.

(ڪارونجهر جي ڪونگرن (ٽڪرين) تي ڏاڍيان دُهل وَڄي رهيا آهن، ۽ بهادرن ۾،روپلو ڪولهي وِيرين کي للڪاري رهيو  آهي.)

ڊاڪٽر فياض لطيف، شيخ اياز جي لوڪ گيتن سان گڏ جتي استاد بخاري، نياز همايوني، ابراهيم منشي، بردو سنڌي، امداد حسيني، تاجل بيوس، تنوير عباسي، سرمد چانڊيو، قمر شهباز، شمشيرالحيدري، آثم ناٿن شاهي، علي گل سانگي، علي دوست عاجز، روبينه ابڙو، ماڻڪ ملاح، شبير هاليپوٽي ۽ ڪوي سميت ڪيترن ئي جديد سنڌي شاعرن جي لوڪ گيتن جو تذڪرو ۽ اڀياس ڪيو آهي، اُتي هُن اَوائلي سنڌي لوڪ گيتن کي به مطالعي هيٺ آندو آهي. ساڳي وقت هُن ڀڳتي تحريڪ جي نامور شاعره ميران ٻائي ۽ اردوگيت جي منفرد ڪوي ميراجيءَ جي گيتن جون حُسناڪيون پڻ پَسائيون آهن. ڊاڪٽر فياض مذڪوره مقالي ۾، پنجابيءَ جي لوڪ شاعريءَ جي صنف، ’ماهيا‘ ۽ پشتو جي،’ٽپا‘کي به ڪونه وِساريو آهي. لوڪ ماهيا ۽ لوڪ ٽپا، لوڪ گيتن جهڙي حُسناڪي رکن ٿا.

اي ماءُ! منهنجون چَڳون نه وَڍ،

وَڍيل وَڻ تي بازَ نه ويهندا آهن. [7]

                ___

منهنجي دل ۾ تنهنجي محبت ايئن  لاڳيتو پئي وڌي،

جيئن ڀلي زمين جو فصل وڌندو آهي.

___

ہتھ میرا واگ ماہیا،

بھی منظور کراں پردیس نہ جا  ماہیا،

___

دو پتر اناراں دے،

ساڈے  دکھ سن کے چناں، روندے پتھر پہاڑاں دے.

ڊاڪٽر فياض لطيف هڪ محنتي محقق جي حيثيت ۾، مجموعي طور تي گهڻ رُخو مواد مِيڙي، شيخ اياز جي لوڪ گيتن کي گهرائيءَ سان ڏسڻ ۽ پرکڻ جي جستجو ڪئي آهي. هِن ڪتاب ۾، سندس هڪ مقالو، شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪن بابت آهي. اياز جا سنگيت ناٽڪ، ’مندن جو منڊل‘، ’دودي سومري جو موت‘، ’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘، ۽ ’ڀڳت سنگھه کي ڦاسي‘ مِلن ٿا. اُنهن مان ٻه ناٽڪ، ’دودي سومري جو موت‘ ۽ ’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ سندس شاعريءَ جي مجموعي، ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘ ۾ شامل آهن. جڏهن ته سندس ٽيون سنگيت ناٽڪ، ’ڀڳت سنگھه کي ڦاسي‘ الڳ ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي ۽ ’مندن جو منڊل‘ پهريون ڀيرو ’ماهوار رسالي، ’گلستان‘ جي مارچ 1947ع جي پرچي ۾ ڇَپيو هو. اياز جي اُنهن سمورن سنگيت ناٽڪن کي ڊاڪٽر اسحاق سميجي هڪ ڪتاب ۾ سهيڙي، ’شيخ اياز جا سنگيت ناٽڪ‘ جي نالي سان شايع ڪرايو آهي.

مَها ڪوي ٽئگور پنهنجي هڪ نظم ۾ چيو آهي ته:

’تون منهنجي وجود لاءِ قطبي تارو آهين،

هاڻي سَفرِ حيات ۾ آئون ڪڏهن ڀٽڪندس ڪونه،

تنهنجي روشني منهنجي رهنمائي ڪندي رهندي‘.

بلاشبهه شيخ اياز جون تخليقون به سنڌي ادب جي آسمان جو’قطب تارو‘ آهن، جن نه رڳو اياز جي همعصرن کي ادب جي ريگستان مان گذرڻ دوران اُتساهه ڏنو ۽ رهنمائي ڪئي آهي، پر پويان ايندڙ هر ٽهيءَ هُن جي تخليقن جي قطب تاري جي آڌار، پنهنجو گهاڙو ڳولي منزل پئي ماڻي آهي. شيخ اياز جنهن به صنف ۾ لکيو آهي، اُن کي هُن پنهنجي تخليقي حُسن جو رنگ ۽ روپ ڏيئي، آرٽ جي بُلنديءَ تي رَسايو آهي. سنڌي ادب ۾ سنگيت ناٽڪ جي صنف ۾ طبع آزمائي ڪري، شيخ اياز پنهنجن سنگيت ناٽڪن ذريعي هڪ نئين روايت کي جنم ڏنو آهي. توڙي جو سنڌي ۾ اڳ به سنگيت ناٽڪ ملن ٿا، پر اياز جي اظهار، اسلوب، فڪر ۽ فن جو رنگ ۽ ڍنگ ئي نرالو آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ تي پنهنجي سگهاري ڇاپ ڇڏي آهي.

شيخ اياز جا سنگيت ناٽڪ فني توڙي فڪري حوالي سان هڪ شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. اياز جي سنگيت ناٽڪن ۾، سچائي جو سورج بَهانن جي بادلن پويان لِڪي نه ٿو، نه ئي آدرشن جا سورج مُکي ڪٿي اداس ٿين ٿا، پر هُن جي شاعريءَ ۾ سندس جرئت ۽ مزاحمت جو جهنڊو جهولندو نظر اچي ٿو. شيخ اياز پنهنجي فن ۽ شعور کي تاريخ جي اَمانت سَمجهي، پنهنجي ’وطن جي مِٽي‘، ’آدرشن جي جوتي‘ ۽ ’جيون جي جماليت‘ کي پنهنجن سنگيت ناٽڪن ۾ مُتبرڪ بڻائي، انتهائي منفرد انداز سان ڳائي پنهنجو فرض ۽ قرض ادا ڪيو آهي.

شيخ اياز پنهنجن سنگيت ناٽڪن ۾، نه فقط ڪمال جو ترنم پيدا ڪيو آهي، پر اُنهن ڪردارن کي به تخليق ڪيو آهي، جن ڪردارن کي ننڍي کنڊ ۾، ڪوي ڪاليداس کانپوءِ ٻيو ڪو به شاعر پنهنجن سنگيت ناٽڪن ۾ تخليق نه ڪري سگهيو. شيخ اياز پنهنجي سنگيت ناٽڪن ۾ نئين دؤر جو ’وِڪرم‘ به آهي ته، ’ڪاليداس‘به، پر هُن جي ’اروشي‘ جُڳن جي جهوني سنڌ آهي. اياز کي معلوم آهي ته، ’ڪمار سنڀو‘ جو ڪاتڪيا نئين دؤر ۾ ڪهڙي روپ ۾ ڦري رهيو آهي. شيخ اياز پنهنجن سنگيت ناٽڪن ذريعي سوچ ۾ اُها لوچ ڏني آهي ته، رِڻَ ۾ راڙا ڪيئن اُٿندا آهن، دودا، جوڌا ٿي ڪيئن وِڙهندا آهن، مِٽيءَ جي مَهانتا ڪيئن مَلهائبي آهي. ڌرتيءَ جو ڀاڳ ڪيئن جاڳندو آهي، سازُ، سَڏُ بڻجي، آوازَ ڪيئن جهٽيندو آهي. تاريخ جا وِسريل ڪردار نئين نسل جي اڳيان ڪيئن رکبا آهن. هن ڌرتيءَ تي مُندن جا مَنڊل ڪيئن جُڙندا آهن. بهارن جا جهوٽا ڪڏهن ايندا آهن، ڪَتيون ڪيئن ڪَرَ موڙينديون آهن، ڪَڪَر ڪارونڀار ڪري ڪيئن وَرندا آهن، ٻَنيون ڪيئن ٻَهڪنديون آهن، اُتر جي اُوت ۾ پارا ڪيئن پوندا آهن ۽ وارياسي ۾ گُلَ ڪيئن ڦُٽندا آهن.

شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪن جي موسيقي ترتيب ڏيڻ لاءِ هِن وقت تائين ڪائي ’سچترا مترا‘ ته نه مِلي سگهي آهي، پر اسان کي هڪ محنتي محقق ۽ آدرشي استاد ڊاڪٽر فياض لطيف ضرور مليو آهي، جيڪو نه رڳو شيخ اياز جي شاعريءَ تي مسلسل محنت سان لِکي رهيو آهي، پر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، نوجوانن کي اياز شناسيءَ جي حوالي سان نوان فڪري درس به ڏئي رهيو آهي. ڊاڪٽر فياض جو شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪن تي لِکيل هيءُ اڀياس سچ ته پڙهندڙن جي روح کي پنهنجي گِرفت ۾ آڻي، اُنهن تي پنهنجا گهرا فڪري ۽ احساساتي اَثرَ ڇڏي ٿو.

فياض لطيف هِن مقالي ۾، ناٽڪ جي وجود ۽ ’سنگيت ناٽڪ‘ سان نسبت رکندڙ ٻين صنفن جي وضاحت کان علاوه انگريزي ادب ۾، (poetic play or verse drama) جي اهميت، اوپيرا جي وصف، دنيا ۾ اوپيرا جو سفر ڪٿان شروع ٿيو، ڪهڙن ڪوين پنهنجي ’رزميه شاعريءَ‘ جي ڪري مَڃتا ماڻي، يورپ ۾ شيڪسپيئر، روايت کان جِدت ڏانهن ڪيئن وِکَ وَڌائي؟ اُنهن سمورن سوالن کي سُلجهائيندو، هُو يونان ۽ اٽليءَ جي سرزمين کان ٿيندو، ننڍي کنڊ ۾، سنگيت ناٽڪ جي سفر تي پهچي ٿو. سنڌي ادب ڏانهن ايندي، ڊاڪٽر فياض لوڪ ادب توڙي ڪلاسيڪل ادب ۾، ڳوٺاڻين ڪوتا ــ ڪچهرين، نِرتيه  مَنڊلين، راڳ رنگ ۽ ڀڳتن جي محفلن ۽ سُگهڙن جي منظوم ڪٿائن، تاريخي ۽ نيم تاريخي ڪردارن جي تذڪرن کي منظوم ناٽڪن جا قريبي نمونا سمجهي ٿو، پر اُنهن کان وڌيڪ سنڌي ادب ۾، منظوم ڊرامي جي ويجھي ۾ ويجھي لوڪ ادب جي صنف ’مناظرا‘ کي قرار ڏئي ٿو.

شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪ، ’ڀڳت سنگھه کي ڦاسي‘ جي مهاڳ ۾، رشيد ڀٽي ’سانگ‘ جي صنف کي منظوم ڊرامي جي قريب ڄاڻايو آهي، پر فياض لطيف جو چوڻ آهي ته، ”’سانگ ۽ اوپيرا‘ جو سنگتيت ناٽڪ سان تعلق سواءِ هيئت جي هڪجھڙائي جي، ٻيو ڪوئي سُٻنڌ ڪونه آهي. اُهي هڪٻئي کان موضوع ۽ مواد ۾ پڻ بنھه جدا ۽ الڳ آهن. ’اوپيرا‘ جو موضوع گھڻو ڪري الميه (Tragedy) ٿيندو آهي، جڏهن ته ’سانگ‘ جو موضوع اڪثر ڪري طربيه (Comedy) هوندو آهي“.

ڊاڪٽر فياض لطيف هِن مقالي ۾،نه رڳو سنگيت ناٽڪ جي سفر تي ڀرپور روشني وِڌي آهي، پر هُن وڏي محنت سان تحقيق ڪري، شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪن جي گهڻ رُخي خوبين ۽ خوبصورتين کي عيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هُو پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو: ”سنڌي ادب ۾، پهريون سنگيت ناٽڪ مرزا قليچ بيگ 1880ع ڌاري ’ليلى مجنون‘ جي نالي سان لکيو. اُن کان پوءِ 1966ع ۾ ڪوي ارجن شاد، ’ڏاهيون ڏک ڏسن‘ جي عنوان سان هڪ منظوم ڊرامو سِرجيو، جنهن کي گورڌن ڀارتي اسٽيج تي پيش ڪري چڱو ناماچار ماڻيو. ادبي تاريخن ۾، آغا غلام نبي صوفيءَ جي سنگيت ناٽڪ، ’دنيا دو رنگي‘ (1914ع) جو حوالو پڻ ملي ٿو، جيڪو مُقفى نثر ۽ مُنفرد نظم جو حسين امتزاج آهي. جديد دؤر ۾ ڪجھه سرجڻهارن جا لکيل سنگيت ناٽڪ پڻ ملن ٿا، جن ۾ اعجاز منگيءَ جو، ’مَڪليءَ مٿي چنڊ‘، يوسف سارنگ جو پاڻي جي مسئلي تي سِرجيل منظوم ڊرامو، ’جڏهن درياھ سُڪي ٿو‘، اياز امر شيخ جو،’آزادي‘ ۽ علي دوست عاجز جو اوپيرا، ’سوني باگو‘ انتهائي اهم آهن، پر شيخ اياز جا لکيل سنگيت ناٽڪ، پنهنجي موضوع، اظهارِ بيان ۽ فڪر جي بلندي جي لحاظ کان نه رڳو نرالا ۽ منفرد آهن، پر ترنم، فني سٽاءَ، منظر نگاري، لساني خوبصورتي ۽ احساساتي تاڃي پيٽي جي حوالي سان يڪتا ۽ انفرادي حيثيت جا حامل آهن“.

سنڌي سنگيت ناٽڪ جي شروعات مرزا قليچ جي ’ليلا مجنون‘ کان  ٿي يا شاعر امام بخش خادم جي ’هير رانجهي‘ کان، پر سنگيت ناٽڪ جي پيڙهه کي مضبوط بنائڻ ۽ اُن جي عمارت سازيءَ ۾ شيخ اياز جو وڏو هٿ ۽ ڪردار آهي. اياز جا سنگيت ناٽڪ، موضوع جي انفراديت، اظهار جي سگهه ۽ پنهنجي تخيل جي اُڏام ذريعي سنڌي سنگيت ناٽڪ کي عالمي ڌارائن سان جوڙين ٿا.

 ڊاڪٽر فياض لطيف، شيخ اياز جي پهرين سنگيت ناٽڪ، ’مُندن جو مَنڊل‘ جي حوالي سان لکي ٿو: ”شيخ اياز جو هي پهريون منظوم ناٽڪ آهي، جيڪو فقط ڏهن صفحن جي مختصر مواد ۽ چئن منظرن/سينُنُ تي مشتمل آهي. هيءُ ناٽڪ نه صرف پنهنجي فني تاڃي پيٽي ۾ مختلف تخليقي تجربن، جهڙوڪ ترنم، تجنيس حرفي، تڪراري لفظن، مختلف هيئتي تجربن، صوتي تازگي، اندروني ۽ مقرر قافين، بحرن وزنن جي بَدلاءَ ۽ ٻين انيڪ شاعراڻين خصوصيتن ۽ خوبصورتين سان مالا مال آهي، پر اُن ۾ ڪمال جو موضوعي ربط، فطرت جي منظرنگاري، اظهار جي دلڪشي، موهيندڙ مڪالما نگاري، خيال جي سلوڻائي ۽ فڪر جي اهڙي گهرائي ملي ٿي، جيڪا  هڪ طرف ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ ويچارن ۾ ويڙهي ڇڏيندڙ آهي ته، ٻي طرف اُن ۾ موجود ٻوليءَ جو مِٺاس ۽ ردم جو رَسُ ۽ چَس تن کي تازو ۽ مَن کي مَسرور ڪري ڇڏي ٿو“.

فياض لطيف جو هيءُ اڀياس پڙهندڙن جي اڳيان اُهو چِٽيءَ ريت پڌرو ڪري ٿو ته، ٻاراڻي ڪردارن تي سِرجيل هِن سنگيت ناٽڪ ۾، شيخ اياز پنهنجي نوجواني جا نِبور جذبا پنهنجي آرٽ جي ڪماليت ذريعي فطري حُسناڪي سان سَجائي ڪيئن نه سُهڻي پيرايي ۾ پيش ڪيا آهن.

سنسڪرت جي مهان ڪوي ڪاليداس جي نوجواني جي دؤر جي تخليق ’رتو سنهار‘ ۾ پڻ ساڳي صورتحال مِلي ٿي، جنهن ۾ هُن پنهنجن 156 شلوڪن ۾، نه صرف ڇهن مُندن جو احوال اوريو آهي، پر پنهنجي اَلهڙ جوانيءَ جا اُڌما ۽ احساس به ڪمال ڪاريگريءَ سان اظهاريا ۽ پيش ڪيا آهن. فرق فقط اُهو آهي ته، ڪاليداس جي ’رتو سنهار‘ جي سرزمين اجين آهي، جڏهن ته شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪ ’مُندن جو مَنڊل‘ جو محور ۽ مرڪز سنڌ ۽ اُن جي ڀلاري ڀونءِ جا ماڻهو آهن. ٻاراڻن ٻولن ۾، اياز پنهنجي اَباڻي ڌرتيءَ جي اُلفت کي بيان ڪندي چوي ٿو:

گهُمي جهان ڏٺو مگر، وطن وَري به آ وطن،

وطن وري به آ وطن.

اسين ڪڏهن سِري نگر، ڪڏهن مَها بليشور،
ڪٿي اها فضا نه هئي، اُڪير ئي اُها نه هئي،
سنهي سُئيءَ سِبيو اياز! سنڌ سان مُدام مَن،

وطن وري به آ وطن.

فياض لطيف، شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪ، ’دودي سومري جو موت‘ جو فني توڙي فڪري حوالي سان جائزو پيش ڪندي، سڀ کان پهرين سنڌ جي ڏاهي ۽ شيخ اياز جي وڏي نقاد محمد ابراهيم جويي جي راءِ ڏني آهي ته، ”اياز جو ناٽڪ، دودي سومري جو موت هڪ علامتي ڊرامو آهي، جنهن جا ڪردار پراڻا به آهن ۽ هاڻوڪا به آهن. اصل ۾ هيءُ ڊرامو، زندگيءَ ۽ موت بابت ٻن مختلف نظرين جو عملي اظهار آهي. هڪ نظريو، جنهن ۾ موت کان ايترو ڊپ ۽ زندگيءَ لاءِ اهڙو موهه آهي، جو انسان هر قيمت تي جيئڻ ۽ جيئڻ جو لطف وٺڻ گهري ٿو.اُن سلسلي ۾، عزت، ذلت توڙي ٻيو ڪو به اخلاقي قدر يا انفرادي نوع جو احساس، هُن لاءِ بي معنى آهي. ٻيو نظريو اُهو آهي، جنهن ۾ زندگيءَ لاءِ ايترو پيار ۽ پاٻوهه ۽ موت کان ايتري لاپرواهي ۽ بي اونائي آهي، جو جيئڻ لاءِ جيڪڏهن ماڻهوءَ کي مَرڻو به پوي ته، تڏهن به بي ڌڙڪ موت جي مُنهن ۾ هليو وڃي“.


1. امیر خسرو کی پہلیاں عادل اسیر دہلوی، ملک بکڈیپو دہلی،  ص 38 .

2 . کلیات ہندوی امیر خسرو، گوپی چند نارنگ، ساہتیہ اکادمی، ص 176.

3.امیر خسرو کا ہندی کلام، گوپی چند نارنگ، امیر خسرو سوسائٹی آمریکا،  ص60.

4 . کلیات ہندوی امیر خسرو، گوپی چند نارنگ، ساہتیہ اکادمی دہلی ، ص 188.

5. کلیات ہندوی امیر خسرو، گوپی چند نارنگ، ساہتیہ اکادمی دہلی ، ص 188.

 6.کلیات ہندوی امیر خسرو، گوپی چند نارنگ، ساہتیہ اکادمی  دہلی، ص 194 .

7. ٹپے، لوک ورثہ اشاعت گھراسلام آباد ، ص 23.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org