سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي تنقيدي مطالعو

 

صفحو:10 

شيخ اياز جو دوهي ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند جو وزن، جنهن تي هُن لڳ ڀڳ 265 دوها لکيا آهن، اُهو هري پد دوهو آهي، جيڪو (16 + 11 = 27) تي لکيو ويندو آهي. هيئت جي حساب سان هِي دوهو، جنهن جا مُهڙيان ٻه پَد سورهن ماترائن ۽ پويان ٻئي هم قافيا پَد يارهن ماترائن تي محيط هوندا آهن. هِن دوهي جي هڪ وڏي خوبي اُها آهي ته، اُن ۾ ردم ۽ رواني تمام گهڻي آهي، اُنهيءَ ڪري اُهو آسانيءَ سان ڳائي سگهجي ٿو.

اياز جي شاعريءَ جي مختلف خوبين ۽ خوبصورتين مان هڪ اهم ۽ نمايان خوبي اُها به آهي ته، سندس ڪوتائن ۾ آبشار ڌارائن جهڙي رواني آهي. اُها ساڳي رواني ۽ مَن جي تارن کي ڇِيڙي مَست بڻائيندڙ موسيقي، سندس هِيٺين دوهن ۾ بخوبي محسوس ڪري سگهجي ٿي. اياز دوهن ۾ ايترا ته گهڻ رُخا ۽ تخليقي تجربا ڪيا آهن، جو اُنهن کي پَسي حيرت ڀري سَرهائي ٿئي ٿي. هُن وٽ ترنم کي تخليقڻ جا پنهنجا انفرادي گُڻ ۽ گُر آهن، پر هري پد دوهي ۾، جنهن ڪمال ڪاريگريءَ سان هُن ردم جي رنگيني پيدا ڪئي آهي، اُها قابلِ رشڪ آهي. اياز جي اُنهن فني گُڻن ۽ گُرن کي پَسڻ ۽ پُرجهڻ لاءِ ضروري آهي ته، سندس هيٺين دوهن تي هڪ نگاهه وجهجي، جيڪي هري پد دوهي جي سِٽاءَ تي رَچيل آهن ۽ اُنهن ۾ نه رڳو سنڌوءَ جي لهرن جهڙي رواني موجود آهي، پر اُنهن ۾ خيال ۽ فڪر جي ڪمال نُدرت ۽ نواڻ به محسوس ٿئي ٿي.

 

اُڏري اُڏري ٿَڪجي پوندين، ڪنهن سان تنهنجو پيارُ!
 چنڊُ نه ڪنهن جو يارُ پکيئڙا، چنڊُ نه ڪنهن جو يارُ!
.
                           **

بهشت ڇاهي، دوزخ ڇاهي، ڇڏي اِهي ويچارَ،
مِٺڙي مِٺڙي ننڊ پرينءَ جي پاسي ۾ ڪر يارَ.

                           **

نينهن وڏو نادان اَديون ڙي، نينهن وڏو نادان،
چين نه پائي، روئي ڳائي، گھڙيءَ گھڙيءَ انسان.

                                                         (ص.32)

**

گھگھريءَ تي جو گھاگھر ڇُلڪي، ڇوريءَ ماريو ڇالُ،
آڏيءَ اَک سان ڏسي وَتو ڪنهن، انگ انگ جو حالُ.

ڀِري ڀِري من مُکڙيون ڳولي، لڳي ڀونر کي پياس،
ڦِري ڦِري هن ڦلواڙيءَ ۾، وَٺي سدائين واس.

                                          (ص33)

                          **

پريت ڪئيسي، گيت چياسي، ٿيو اهو انجام،
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳالهه اسان جي، نگر نگر بدنام.

                            **
ڪونجو! ترسو ترسو، اُڏران مان به اوهان جي سنگ،
پنهنجو پنهنجو ديس بڻايون، دنيا مان ٿي تنگ.

                 
       **

ڪُڇي نه ڪوئي، لُڇي نه ڪوئي، پُڇي نه ڪوئي هاءِ!
پوءِ به چوين ٿو، مون کي آهي تنهنجي جَڳ ۾ جاءِ!
.
                 
       **

ڏيهه ڏئي ٿو ڏوهه، اديون ڙي، ڏيهه ڏئي ٿو ڏوهه،
آنءُ چوان ٿي، ڏوهه سهي، پر مِٺڙو آهي موهه.

                                          (ص37)
                 
          **

مون چيو، ’ريتيءَ ۾ رُلندي جي ملندم ڇانوَ ته ڪيئن!‘
وار ڇڏيائين پنهنجا ڇوڙي، ڇِڪي چيائين، ’هيئن.‘

                 
      **

مون چيو، ’اوندهه ئي اوندهه آ، جَڳَ مان ٿيو هان تنگ،‘
هن چيو، ’مان تنهنجي چانڊوڪي، اچ اچ منهنجي سنگ.‘

                 
       **

مون چيو، ’ماڻهوءَ جو ماڻهو ٿو کائي اڄ ڪلهه ماسُ،‘
هن چيو، ’مُگري جي موسم آ، هلي وَٺون ڪجهه واسُ.‘
                    (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص44)

                        **

سانجهيءَ ٽاڻي، دور اُماڻي، ڌرتيءَ آندو ڌِيرُ،
گھڙيءَ گھڙيءَ جو ڪَڙيءَ ڪَڙيءَ جو، جيءَ ڇِنو زنجيرُ.

                    (وڄون وسڻ آئيون، 1989ع، ص29)

 

شيخ اياز جا مثال لاءِ پيش ڪيل مٿيان دوها تعداد ۾ ته تيرهن آهن، پر اُنهن ۾ هُن اُنهيءَ انگ کان وڌيڪ ٻيڻا، ٽيڻا تخليقي تجربا ڪيا آهن. اياز جي دوهن ۾، ترنم جي حوالي سان روايتي تجنيس حرفيءَ جو سونهندڙ واهپو ته هر سِٽَ ۾ وافر مقدار ۾ ملي ٿو، جيڪو يقيناً سِٽن کي وَڻندڙ ۽ مُترنم بڻائي ٿو، پر سندس شعر ۾ انيڪ ساڳين لفظن جي ٻِٽي وَرجاءَ جهڙوڪ: ’اُڏري اُڏري، مِٺڙي مِٺڙي، گھڙيءَ گھڙيءَ، انگ انگ، ڀِري ڀِري، ڦِري ڦِري، ڳليءَ ڳليءَ، نگر نگر، ترسو ترسو، پنهنجو پنهنجو، ڪَڙيءَ ڪَڙيءَ‘ کان علاوه ’گهڙي، ڪڙي، ٽاڻي، اُماڻي، ڪُڇي، لُڇي، پُڇي، ڪوئي، ٻُجهندي، کُٽندي، پائي ۽ ڳائي‘ جهڙن اندروني قافين جو استعمال پڻ اهڙي غَنائيت کي جنم ڏئي ٿو، جيڪا روح ۾، ’مي رقصم‘ جون وجداني ڪيفيتون پيدا ڪري ڇڏي ٿي.

مٿين دوهن ۾ هڪ ٻي انوکي خوبي ۽ خوبصورتي به ملي ٿي، اُها هيءَ ته، اُنهن ۾ ڪٿي ٻي دوهي وانگر پوري مصرع جو ورجاءُ ٿيل آهي ته، ڪٿي ڏهين دوهي جيان اُن جا ٻه پويان پد دُهرايل آهن ته، ڪٿي وري هڪ پَد يا اَڌُ پَد وَرجايل آهن، جيئن چوٿين ۽ ٻارهين دوهي ۾ آهي.

اُن کان علاوه ’خود ڪلاميه‘ ۽ ’مڪالماتي دوها‘ پڻ اياز جي دين آهن، جن ۾ ترنم جي جاذبيت سان گڏ ٻيون ڪيئي فني حُسناڪيون مِلن ٿيون. اُن کان علاوه انهن ۾ موجود نرالي خيالن ۽ اَڇوتي احساسن جون خوبيون پڻ اڻ ڳڻيون نظر اچن ٿيون.

شيخ اياز وٽ هري پد دوهي ۾، ٻٽي قافين جو استعمال پڻ مِلي ٿو. هُن فني لحاظ سان اُنهن دوهن ۾، دوهي- سورٺي جي مِيلَ جو انداز اَپنائي، پهريون ۽ ٽيون پد هم قافيا رکڻ سان گڏوگڏ اُنهن جو ٻيو ۽ چوٿون پَد پڻ هم قافيا رکيو آهي، جنهن سان هڪ طرف دوهي جو سٽاءَ سُپڪ ۽ سُندر بڻجي پيو آهي ته، ٻي طرف دوهي ۾ موجود، ’چوڻي، ڌوڻي، سُڻندين، کُرچيندين، ڏيندين، آهي، پگهاري جهڙن سهڪاري قافين، اُن کي وڌيڪ مُترنم ۽ موهيندڙ بڻائي ڇڏيو آهي.

چَوڻِي چَوڻِي ڌَنوڻي آهي، اُن مان آڳ لڳاءِ،
هي سارا زنجير پِگهاري، تون آجو ٿي ڳاءِ.
                (وڄون وسڻ آئيون، 1989ع، ص29)

                      **

منهنجي دانهن ڪڏهن تون سُڻندين، ماٽِئين ڏيندين کيرُ،
ڪيسين زخم پيو کُرچيندين، ڪڏهن ته ڏيندين ڌيرُ.
          (ڪونجون ڪرڪن روهه تي، 1997ع، ص368)

 

هري پد دوهي (16 + 11 = 27) کان علاوه اياز وٽ هڪ ٻيو ’ٻٽي قافيا ــ رنگ‘ جي دوهي جو تجربو مِلي ٿو، جنهن ۾ هُن ٻِٽي قافيي جو انداز ته ساڳيو مٿين دوهن جهڙو رکيو آهي، پر اُن ۾ ماترائن جو سِٽاءُ (11+16=27) مقرر ڪيو آهي، جيڪو دوهي ۾ فني حوالي سان هڪ نئين تجربي جو ڏَسُ ڏئي ٿو.

 

مان سنڌوءَ جي ڌار، نه روڪيو آ جنهن کي ڪنهن گهاٽَ،
لَهرَ لَهرَ تلوارَ، ڪندي وئي ڪُنَ ڪُنَ ۾ ڪَڙڪاٽَ.
 
                  (وڄون وسڻ آئيون، 1989ع، ص25)

 

غَنائيت ۽ ترنم جي خوبيءَ کان علاوه اياز پنهنجي هري پدي دوهي ۾، مسلسل نظم جو تاثير ۽ تصور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي، جنهن ۾ هُو گهڻي حد تائين سوڀارو رهيو آهي. هڪ ئي وزن، ساڳي سٽاءَ، تُز لفظن جي استعمال ۽ جَهجهي تجنيسي حرفن هُجڻ سبب سندس هيٺين دوهن ۾، درياهه جي لهرن جهڙي رواني ۽ ترنم جي تازگي ته آهي ئي آهي، پر اُن ۾ نظماڻي سٽاءَ ۽ شاعراڻي تخليقي حُسن جي ڀرپور جهلڪ به موجود ملي ٿي.

 

مُکڙيءَ مُکڙيءَ جي مُکَ تان، بس چُميون وَتيون سي چار،
پرين، اسان جو آهي سڀ سان پوپٽ وارو پيار.
                              **

ٺٽي نگر جي رات اسان کان وِسري ناهي يار،
ڪيئن مڪليءَ جي ماٺ مٿان ٿي چنڊُ ڦِريو چوڌار!.
                             **

گھاٽ گھاٽ ٿو توکي ساري، سکر نه ايندين يار!
ڪڏهن پتڻ تي پريت ڪنداسي، ڪڏهن نديءَ جي پار.
                               **

ڳَڙيا ڳلن تي هُن جي ڳوڙها، ڪِري ڪجل جي ڌار،
گهاوَ ڪري وئي اهڙا گهرا، ڪٽجي ڪيئن ڪٽار.
                          (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص31)

 

شيخ اياز للپت دوهي (16 + 12 = 28) سِرجڻ سان گڏوگڏ ٻن مختلف قِسمن جا ٻيا دوها به لِکيا آهن. خاص طور تي اُهي تجربا سندس شعري مجموعي، ’سانجهي سمنڊ سپون‘ ۾ نظر اچن ٿا. اُنهن دوهن مان پهرين مصرع جي ٻي پَد ۾، ٻن ماترائن (16 +14 = 30) ۽ ٻي مصرع جي ٻنهي پَدن ۾، چئن چئن ماترائن يعني (16 + 16 = 32) جو واڌارو ڪري، هُن نئين انداز ۽ سِٽاءَ تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هيٺ ٽنهي قِسم جي دوهن جا ترتيب وار ٻه ٻه مثال ڏجن ٿا.

 

تنهنجي ربُوبيتَ ۽ وحدت ڪئن، جھُٽلائي ڪوئي،
خوشبو هر رابيل ۾ ساڳي، آهه سمائِي تو ئِي.
                                                  (ص209)

                             **

هي دنيا آ رين ــ بسيرو، پوءِ ڪٿي آکيرو؟
ڪئن چئجي تون اُڏري مون وٽ، ٻيهر ڏيندينءَ ڦيرو!.
                                                  (ص212)

                            **

هن ڌرتيءَ جي ڌوڙ کڻي وَڃُ، ڏاڍو اُن کي ياد ڪندين!
عرش الا جي ڪهڙي وَستِي، سوچ ته آڱر ڏيئي ڏندين!.
                              
                   (ص225)

ڪير پئي ٿي جهانجهر لاهي، چانديءَ جهڙا پيرَ ڏسي؟
هِن چانديءَ ۾، هُن چانديءَ ۾، فرق پئي ٿي ڪير ڏسي؟.
                            
                    (ص226)

                           **

هرڻي! تنهنجي هوڏ اَجائي، رڻ ۾ رُڃ سوا ٻيو ڇاهي؟
آءُ ته ڪا واٽهڙي ڳوليون، جيڪا اُڃَ اسان جي لاهي.
                            
                   (ص227)

                         **

ڪو نه هلي ٿي ڳڀرو ڪنهن جي، عشق اڳيان هي هستي مستي،
ڪيڏا ٿيڙ ڏياري پيئي، وک وک توکي واٽ اَلستي.
                     (سانجهي سمنڊ سپون، 1996ع، ص233)

 

جيئن هڪ ڪوري پنهنجي آڏاڻي تي فني ۽ تخليقي فنڪاريءَ سان ڌاڳو ڌاڳي سان مِلائيندو ۽ ڪپڙو اُڻندو ويندو آهي، ائين اياز پڻ پنهنجي شاعريءَ جي اَرٽ تي فني حُسناڪين جا سلسلا جنميا ۽ جوڙيا آهن. هُن متوازن ۽ مختلف وزنن تي محيط دوها لکڻ کان علاوه ٻن ڌار ڌار وزنن تي ڪيترائي دوها سِرجڻ جا منفرد تجربا پڻ ڪيا آهن، جن کي غير مساوي يا بي جوڙ دوها چئجي ٿو.

شاعريءَ ۾ عام طرح سان ٻن مختلف وَزنن وَرتائڻ ڪري، رواني ۽ رڌم متاثر ٿيندو آهي، پر اياز پنهنجن هِنن دوهن ۾، صوتي رڌم کي قائم رکي، اُنهن ۾ رواني ۽ سَرلتا پيدا ڪئي آهي. هُن جي لِکيل غير مساوي/ بي جوڙ دوهن جو ڳاڻيٽو ته ڳچ آهي، جن ۾ هُن مختلف قِسم جا فني تجربا ڪيا آهن، پر پاڻ هِتي سندس ٻن مختلف وزنن تي مشتمل دوهن کي نموني طور پيش ڪنداسين، جن مان پهرين دوهي جي پهرين سِٽ جو وزن (16 + 14 = 30) ۽ ٻي مصرع جو وزن (16 +11 = 27) آهي ۽ اُن جون ڪُل ماترائون 57 بيهن ٿيون.

جڏهن ته ٻي دوهي جي پهرين مصرع جي ٻنهي پَدن جو وزن (16 + 14 =30) ۽ ٻي سِٽ جي ٻنهي چَرنن جو وزن (18 + 14 =32) آهي، اُن حساب سان اُنهيءَ جون ٽوٽل ماترائون 62 ٿين ٿيون.

 

هر ڪو ابدي خاموشيءَ ۾، ڪوئي اڳي، ڪوئي پوءِ،
سوچي پيئي ماڻهوءَ هيٺان، ڄڻ پيرن جي لوءِ!.
                                                  (ص218)

عشق اچي ٿو پهريون ڀيرو، من ۾ سَوَ طوفان کڻي،
ڄڻ ته ازل کان واقف آهي، اهڙا ڪي امڪانَ کڻي.
                     (سانجهي سمنڊ سپون، 1996ع، ص233)

 

شيخ اياز ڇند کان علاوه ڪجهه دوها علم عروض تي لِکڻ جو تجربو پڻ ڪيو آهي. جيئن سندس هيٺيان دوها، عروضي وزنن تي لِکيل آهن.

 

ڪيڏانهن وڃي ٿي وڻجارا! هيءَ واٽ ڪٿي تون ڄاڻين ٿو؟
ڇا لاءِ کِلي ٿو گل ۽ روئي ماٽَ، ڪٿي تون ڄاڻين ٿو!.
                 (مفعول مفاعيلن فعلن، مفعول مفاعيلن فعلن)

                       (سانجهي سمنڊ سپون، 1996ع، ص233)

                                   **

ڪٿي ته ٻُجهندي، ڪٿي ته ٻُجهندي، لُڇي لُڇي هيءَ لاٽَ،
ڪٿي ته کُٽندي، ڪٿي ته کُٽندي، وَڃي وَڃي هيءَ واٽَ.
                     (فعول فعلن فعول فعلن فعول فعلن فاع)

                            (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص34)

                                  **

ڪيڏانهن وڃي ٿي وڻجارا! هيءَ واٽَ ڪٿي تون ڄاڻين ٿو؟
ڇا لاءِ کِلي ٿو گُل ۽ روئي ماٽَ، ڪٿي تون ڄاڻين ٿو؟.
                 (مفعول مفاعيلن فعلن، مفعول مفاعيلن فعلن)

                         (سانجهي سمنڊ سپون، 1996ع، ص35)

 

شيخ اياز جي دوهن ۾ ٻوليءَ جي سونهن

شاعر ۽ سِرجڻهار ٻوليءَ جا نه فقط حقيقي وارث ٿيندا آهن، پر اُهي اُن جا گهاڙو ۽ وينجهار به هوندا آهن. جيئن هڪ صراف سُونَ کي اُجاري، گهڙي، اُنهيءَ مان ڀانت ڀانت جا ڳهڻا گهڙيندو آهي، ساڳيءَ ريت هڪ شاعر پڻ لفظن جو سپورنج ۽ سونارو ٿيندو آهي. هُو اُنهن جي تراش خراش ڪري، پنهنجي تخليقي مهميزن سان انهن کي نرم ۽ مُلائم بڻائي، اُنهن کي اُجاري، اُن قابل بڻائيندو آهي، جو هُو اُنهن ۾، پنهنجن خيالن ۽ خوابن، احساسن ۽ جذبن جو روح آسانيءَ سان اوتي ۽ سَمائي سگهندو آهي. شيخ اياز به هڪ اهڙو ئي سِرجڻهار آهي، جنهن پنهنجي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل ورثي کي نه رڳو سنڀاليو ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾، تخليقي انداز سان وَرتايو آهي، پر هُن انيڪ نوان لفظ تخليق ڪري، ٻوليءَ ۾ نيون وَرجيسون پڻ متعارف ڪرايون آهن.

 

پيرَ ڪَڙين ۾، چَنگُ چَپن تي، مَڌُ ۾ آلو ويسُ،
چاهين ڇا ٿو چارڻ؟ توکي چَريو چوي ٿو ديسُ.
                             **

هاءِ اُڃايون، آسَرونديون، وک وک تي وهلور،
منهنجون اکڙيون، هيڻيون هرڻيون، ڏسن اُفق ۾ ڏور.
                            **

اُڏرو منهنجا گيت ــ پکيئڙو، وڃو وهائوءَ واٽ،
دور ڌُڌڙ کان هن ڌرتيءَ جي، ڇُهو ڪَتيءَ جي ڇاٽ.
                                  (ڪلهي پاتم ڪينرو، 1987ع، ص37)

 

مٿين دوهن ۾، ’چَنگُ، مَڌُ، چارڻ، وَهلور ۽ وِهائو‘ لفظَ ڪلاسيڪي لفظ- ڀَنڊار مان وَرتل/ چونڊيل آهن، پر اُنهن کي اياز پنهنجي انداز ۽ خيال جي اظهار جي مناسبت سان، اهڙي فنڪاراڻي پيرايي ۾ بيان ڪيو آهي، جو اُهي لفظ اڳ ۾ ڪيئي ڀيرا ٻُڌل، سُڻيل ۽ پڙهيل هجڻ باوجود نين معنائن، نين علامتن ۽ نَوَن احساسن سان، پنهنجو هڪ نئون ۽ نرمل روپ کڻي سامهون اچن ٿا ۽ پُراڻي هجڻ باوجود نوان ۽ نرالا لڳن ٿا.   

هُن نه فقط ٻوليءَ جي صوتياتي اثرن ۽ تجنيسي وَکرن مان ترنم تخليق ڪيو آهي، پر پنهنجي شاعريءَ جي اظهار لاءِ انيڪ نوان لفظ، نيون تشبيهون، نوان استعارا ۽ نيون علامتون پڻ ايجاد ڪيون آهن. هُن پنهنجي شاعريءَ ۾، نه فقط نيون علامتون، نڪور استعارا ۽ اَڇوتيون تشبيهون تخليق ڪيون آهن، پر ڪيترين ئي پُراڻين علامتن ۽ اُهڃاڻن کي نئين رنگ ۽ روح سان پيش ڪيو آهي.

اياز جي شاعريءَ ۾ نه رڳو ’مِي ۽ متوالا، پروانا ۽ پتنگ، دارا ۽ سڪندر، اَروڙ ۽ آرڻ‘ جون علامتون ساڳيون نه آهن، پر اُنهن کي هُن پنهنجي دؤر جي ڪردارن ۾ پَرٽي، عصري حالتن جو عڪاس بڻائي، پنهنجي اندر جي اهڙي جولاني ڪيفيتن سان پيش ڪيو آهي، جو اُنهن ۾ ڌرتي ۽ ماڻهن جو درد، دل وانگر ڌڙڪندي محسوس ٿي رهيو آهي.   

 

سدا نه رهندو ڪو به سڪندر، ٿيندو نيٺ تباهه،
ايندا ويندا ڪيئي، وَهندو رهندو درياهه شاهه.
                            
 **

پَڄري پَڄري، نيٺ ته تنهنجو جيءُ ڪندو جاکوڙ،
وَسندا مينهن مِٽيءَ تي تنهنجي، اُٿندي نيٺ اَروڙ.
                             **

اَچو اَچو، اي ڄَر جا ڄاڻو، لُڇي پئي اَڄ لاٽ،
کوليو، کوليو هي کنڀڙاٽيون، ڳڻيو نه پنهنجا ڳاٽ.
                             **

’پيءُ پراڻو مَڌُ هِن مَٽ مان، اوري آءُ اَدل!‘
’هِن مان ساميءَ پياس ٻُجهائي، پيتي سُرڪ سَچل.‘
                       (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص39)

 

اياز پنهنجي شاعريءَ لاءِ نوَن موضوعن سان گڏ نئين ۽ نرمل ٻولي تخليق ڪري، اُن کي جديد دؤر جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪيو آهي، جيڪو سندس وڏو ڪارنامو آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، اياز جي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي فني خوبين، فڪري نفاستن ۽ جمالياتي نُدرتن کان آشنائيءَ ۽ اُن تي سندس دسترس جي حوالي سان لِکي ٿو، ”هُو سنڌي ٻوليءَ جي جَڙت ۽ فطري سونهن مان چڱيءَ طرح واقف آهي. الفاظن، اصطلاحن ۽ ترڪيبن تي بي پناهه قدرت حاصل اٿس. هُو ٻوليءَ لاءِ ٻين اديبن ۽ شاعرن ڏانهن واجهائي ڪونه ٿو. الفاظ خود بخود ڏانهس ڇِڪبا اچن ٿا ۽ هُو انهن کي پنهنجي ڄار ۾ تُڻندو وڃي ٿو. هُو نه رڳو لفظن جي دروبست ۽ نشت برخاست کان واقفيت رکي ٿو، بلڪ اڃا به هُو اُنهن جي زياده واضح ۽ روشن تر امڪانن تي نگاهه رکي ٿو ۽ منجهانئن نهايت ئي سُهڻا سُهڻا پيڪر ۽ تُز ٺهڪندڙ معنائن وارا فقرا جوڙي ٿو . . . اياز جي ڪلام ۾ سادن سودن لفظن ۾ به عجيب ڪشش پيدا ٿي وڃي ٿي. سندس اُها ڪرشما سازي شعر جي هر هڪ سِٽَ ۽ بندش مان ظاهر آهي.“(44)   

شيخ اياز جي شاعري فن، فڪر، تخيل توڙي ٻوليءَ جي حوالي سان خوبين جي کاڻ آهي، جنهن جو پورو تفصيل هِنن محدود پَنن ۾ پيش ڪرڻ مشڪل آهي، پر ڪَڻي مان خرار پرکڻ مصداق ڪجهه دوهن جا مثال ڏئي، هيٺ چند نقطن ۾ سندس شاعريءَ جي فني خوبين ۽ خوبصورتين تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.

 

اندروني قافين جو استعمال

شاعريءَ ۾ عام طرح سان مقرر قافيو وڏي اهميت جو حامل هوندو آهي. خاص ڪري اُهو دوهي جو اَٽوٽ ۽ لازمي عنصر آهي، جنهن سان دوهي ۾، نه رڳو ترنم پيدا ٿيندو آهي، پر اُهو سموري لفظي سٽاءَ جي ترتيب ۽ توازن کي قائم رکڻ ۽ جوڙڻ ۾ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي.

اياز جي دوهن ۾، مُقرر قافين سان گڏ اندروني قافين جي استعمال جو هڪ حسين سِٽاءُ مِلي ٿو، جنهن ۾ هڪ وقت هڪ ئي دوهي ۾، ٻن ۽ ٽن اندروني قافين جي استعمال سان گڏ ڪٿي ڪٿي مسلسل اندروني قافين جو هڪ حيرت ۾ وجهي ڇڏيندڙ سٽاءُ نظر اچي ٿو، جيڪو ترنم جي تازگي ۽ روانيءَ جي رنگينيءَ جا گُڻ ته پَسائي ٿو، پر اياز جي ٻوليءَ تي مضبوط گرفت ۽ فنڪاراڻي دسترس جو ڏس پڻ ڏئي ٿو. هيٺ ڪجهه مثال ڏجن ٿا، جن ۾ اندروني قافيي طور ڪتب آندل لفظن کي ’انڊر لائين‘ ڪيو ويو آهي. 

 

هاءِ اُڃايون، آسَرونديون، وک وک تي وهلور،
منهنجون اکڙيون، هيڻيون هرڻيون، ڏسن اُفق ۾ ڏور.
                     **

آهه ڳچيءَ ۾ منهنجي، گوري، تنهنجي گوري ٻانهن،
ننڊ پئي آ چانڊوڪيءَ ۾، منهنجي مَن جي دانهن.
                            (ڪلهي پاتم ڪينرو، 1987ع، ص37)

ڌرتِي ٻوڙيان، کيتَ وِلوڙيان، مان ساوَڻَ جو مينهن،
تون گهرَ جي پَرگهورَ، لڳو ڪئن تنهنجو مون سان نينهن!.
                     **

جڏهن نه ايندا اوڏا جيڏا، ٿيندو سوريءَ سَڏُّ،
تنهنجو پاڇو هلندو رهندو مُرڪي مون سان گڏُّ.
                     **

مرڻو آهين، ورڻو ناهين، پو به نه ٿو سمجهين!
پوءِ به ريتيءَ مان رانديڪا تون ويٺو ٺاهين!.
                     **

توکي جُڳَ جُڳَ جوت ملي آ، ڪيئي ديپَ جلاءِ،
ساري تن من کي واري، تون پنهنجو نينهن نڀاءِ.
                     (ڪلهي پاتم ڪينرو، 1987ع، ص29)

 

ٻِٽي قافيي جو استعمال

شاعريءَ ۾ قافيو، رواني ۽ رڌم پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ شعري صنفن جي سُڃاڻ، اُنهن جي هيئتي ترتيب ۽ توازن کي قائم رکڻ جو ڪم ڪندو آهي. اياز مختلف صنفن جي مُقرر ۽ اصولي قافين سان ته، خوب نِڀايو ۽ مختلف شعري صنفن ۾، نَوَن ۽ نرالن قافين کي استعمال ڪيو آهي، پر هُن دوهي ۾، ’ٻِٽن قافين‘ استعمال ڪرڻ جا ڪيئي منفرد ۽ موهيندڙ تجربا ڪيا آهن. هيٺ ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.  

سانجهيءَ ٽاڻي، دور اُماڻي، ڌرتيءَ آندو ڌِيرُ،
گھڙيءَ گھڙيءَ جو ڪَڙيءَ ڪَڙيءَ جو، جيءَ ڇِنو زنجيرُ.
                             **

روهاڪيءَ جي رڙ مون کي ڄڻ ڏيندي ويئي ويڻَ،
ٿوري دير نه گذري، نَڀَ ۾ نڪتا ڪيئي نيڻَ.
                             (وِڄون وسڻ آئيون، 2008ع، ص41)

                             **

مان ڪويل جي ڪوڪ، ڪڏهن مان ڪاري ڪاري رات،
مان سا اوندهه، جنهن ۾ ڪيئي ڏيئا ٻاري ڏات.
                                                      (ص47)

ڇَر تي چنڊ ستارا ڇايا، ڳائي پنڇي گيت،
ماڻهوءَ جو من ڳول، ته آهن جَر ۾ ڪيئي جيت.
                                                      (ص47)

                             **

چوريءَ چوريءَ پهچي من ۾، لِڪي ليئا پائين،
آءُ هلي، هي گهر پنهنجو آهه، منهنجا مِٺڙا سائين.
                             **

من کان کائي موٽ ڇُپي وئين، چندرما جي اوٽَ،
چندرما جي اوٽ ڇُپي وئين، ڏيئي چريءَ کي چوٽَ.
                          (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص 34)

 

مٿين دوهن ۾، ’اَنڊر لائين‘ ٿيل لفظ ’قافين‘ کي ظاهر ڪن ٿا، جيڪي اياز ’ٻِٽي قافيي‘ جي صورت ۾، پنهنجي فني مَهارت سان ڀرپور نموني نِڀايا آهن، پر آخري دوهو، جنهن ۾، ’ٻِٽي قافيي‘ جي استعمال کان علاوه اندروني ’قافيو‘ ۽ ’رديف‘ پڻ ملي ٿو، جيڪو دوهي ۾ سندس هڪ نئين ۽ منفرد تجربي جو ڏَسُ ڏئي ٿو.

 

قافيي سان گڏ رديف جو استعمال

دوهي ۾ مُقرر قافيي جو استعمال، اُن جو ضروري عنصر هجڻ سان گڏ دوهي جي هڪ اهم ۽ خاص شناخت پڻ آهي. دوهي ۾ ڪجهه شاعرن اندروني قافيا به ڪتب آندا آهن، جيڪو وَکر اياز وٽ پڻ جام مِلي ٿو، پر اياز دوهي ۾، قافين سان گڏ جيڪو ’رديف‘ جو استعمال ڪيو آهي، اُهو تمام گهڻو موهيندڙ ۽ نرالو آهي. هُن جي اهڙن دوهن جو انگ چڱو خاصو آهي، پر هِتي نموني لاءِ ڪجهه ’رديف ــ رنگ دوها‘ رکجن ٿا. 

 

ٻيهر ايندس ٻاجهه جهجهي ٿي، ڪهڙيءَ جهوليءَ ڏي،
لوليءَ ۾ ننڊاکڙو ٿي، مان ڪنهن جي ٻوليءَ ڏي.
                             **

هي جڳ ايئين ڇڏڻو ناهي، اُٿ اي پوڙها اُگھ،
هي جي آليون اکڙيون آهن، تن جا ڳوڙها اُگھ!.
                             **

موت ته آهي ننڊ جيان، ها، جاڳڻ آهي جَنڊُ،
جيءُ سڄي سنسار سان پنهنجو، واڳڻ  آهي جَنڊُ.
                      (ڪونجون ڪرڪن روهه تي، 1997ع، ص106) 

                             **

هن دنيا ۾ تو پنهنجي من ماني ته ڪئي، پر آخر؟
نيٺ ته ڪِرڻو آهين، تو جولاني ته ڪئي، پر آخر؟.
                         (سانجهي سمنڊ سپون، 1996ع، ص115)

**

رم جهم! ڪيئن جُوالا سان تو پريت لڳائي آهه؟
تنهنجو منهنجو ڪهڙو ناتو! پريت اَجائي آهه.
                                                              (ص35)

                             **

ها، پر منهنجي ڇَنَ ۾ ڇانورڙو ٿي آئي آنهه،
ها، پر منهنجيءَ ڇت تي چانڊوڪي ٿي ڇائي آنهه.
                              (وِڄون وسڻ آئيون، 2008ع ص36)

                             **

دل ۾ سير ڪرين ٿو جيڪر، ڪو به چمن اهڙو ناهي،
تون دنيا جا باغ گهمي ڏس، سروَ سمن اهڙو ناهي!.
                    
                               (ص121)

                             **

رات ڏٺو شهباز قلندر، آيو هو در تي،
باک ڦُٽيءَ جو ڪيف عجب ڪو، ڇايو هو در تي.
                                                    (ص126)

                             **

تنهنجو موت به اچڻو آهي، ڪانگ تڙي جئن بيٺو آن،
باقي ٿوري دير اَٿئي، سج لڙي جئن بيٺو آن!.
                             **

ڌرتي ٿي ڳِڙڪائي سڀ کي، ڀڀُ نه ان جو ڀَرڻو آ،
جي سڀ ڪنهن کي مَرڻو آ، پو اُن کان ڪهڙو ڏرڻو آ.
                                                (ص132)

                             **

جوڀن جاڙ ڪئي تو مون سان، سجُ ٻُڏي ٿو پاڻيءَ ۾،
هو جو اُڀُ اِسٿر هو اڄ، ڪيڏو نه لُڏي ٿو پاڻيءَ ۾.
                                                    (ص134)

                             **

شهر ته شور و شر آهي، تون پنهنجي گهر ۾ ويٺو رهه!
ٻاهر ڀل بندوق هلي، بي خوفو ڏر ۾ ويٺو رهه!.
                          
                      (ص138)

                             **

جنهن وقت پتڻ ڪو پُور ڪيو، چئجانءِ ته مان ڪو نه آهيان،
درياهه پُڇي جنهن وقت پتو، چئجانءِ ته مان ڇو نه آهيان!.
                                                 (ص129)

                             **

ڪوئي اُن ۾ خاص نه آهي، هر ڪوئي بس عامي آ،
چار ڏيهاڙا آهي دنيا، سمجهين ٿو ته دوامي آ.
                                **

ڪيڏانهن پئي تقدير ڇِڪي، سو ڪئن چئجي، سو ڪئن چئجي!
ڇا لئه ٿو سوچڻهارُ لِڪي، سو ڪئن چئجي، سو ڪئن چئجي!.
                                                        (ص133)

                             **

ٻيهر ڪنهن سان پيار ڪري سگهندين تون؟
پنهنجو مايا ڄار، ڪري سگهندين تون.
                                                 (ص136)

                             **

هي ٿورو وقت سَراءِ اَٿِي، بس رات گذاري نڪري وڃ!
جو وقت اٿِي هن جاءِ اَٿِي، بس رات گذاري نڪري وڃ!.
                                  (سانجهي سمنڊ سپون، ص128)

 

مٿين دوهن ۾، ’بولڊ‘ ٿيل لفظ ’قافيا‘ آهن، جڏهن ته ’اَنڊر لائين‘ ٿيل لفظَ ’رديف‘ جي نشاندهي ڪن ٿا، جيڪي ڪٿي هڪ لفظ، ڪٿي ٻن ۽ ٽن لفظن جي صورت ۾، رديف طور ڪَتب آيا آهن ته، ڪٿي وري پورو پَدُ رديف طور وَرجايو ويو آهي، جنهن سان دوهي ۾، لهرن جهڙو ترنم پيدا ٿيڻ سان گڏوگڏ هڪ عجيب ۽ انوکي معنوي دلڪشي پڻ پيدا ٿي پئي آهي، جيڪا پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ تي پنهنجا کيپ ۽ خمار طاري ڪري ٿي.

شيخ اياز وٽ ’ٻِٽن قافين‘ جي استعمال سان گڏ دوهي ۾،’ٻِٽي رديف‘ جي استعمال جو نرالو تجربو پڻ ملي ٿو، جئين مٿي آخري دوهي ۾،’اَٿِي‘، ۽ ’بس رات گذاري نڪري وڃ!‘ ٻِٽي رديف طور ڪم آيا آهن.

 

دوهن ۾ ٻِٽَن لفظن جو استعمال

”ٻِٽا معنى ٻِٽُ (گڏ) ٿي ڪم ايندڙ لفظ . . . لفظن جا اهڙا جوڙا، هڪٻئي جا جوڙيوال هوندا آهن ۽ گڏجي ڪم ايندا آهن . . . ٻِٽا لفظ ٻوليءَ کي رَسيلو، سَجيلو، سهڻو، سُپڪ ۽ سوادي بڻائين ٿا. ٻِٽن لفظن جي استعمال سان عبارت کي چُست، دلچسپ ۽ وڻندڙ بنائي، اُن ۾ رواني ۽ محاوري جي وسعت پيدا ڪري سگهجي ٿي.“(45)

ٻِٽي/ ٻيلهي لفظن جا ڪيئي قِسم ٿيندا آهن، جن مان ٽي تمام گهڻا اهم آهن. يعني هم معنى لفظَ، متضاد لفظَ ۽ اضافي/ مهمل لفظَ. اياز پنهنجي شاعريءَ، خاص ڪري دوهن ۾، اَنيڪ ٻِيلهي لفظ استعمال ڪيا آهن، جن سندس شاعريءَ ۾، نه صرف معنوي ۽ محاوراتي حُسن کي اُڀاريو آهي، پر اُن سان سندس دوهن ۾ اَروڪ ترنم ۽ تازگيءَ جو احساس پڻ پيدا ٿيو آهي. هيٺ سندس ڪجهه دوها ڏئي، ’ٻيلهي لفظن/ ٻِٽي لفظن‘ کي واضح ڪرڻ لاءِ ’بولڊ‘ ڪجي ٿو.

 

نيڻ مان جو نئن ڇُلي، ڪک پن ٿي ويا رنجَ،
نڪتيون تنهنجون ڳالهڙيون، جئن پاڻيءَ تي هنجَ.
                                                    (ص29)

**

ڦِري گهري، هن ڦلواڙيءَ ۾، جڏهن به کڻندينءَ نيڻ،
پن پن ڏيندءِ پيار اسان جا، وڻ وڻ ڏيندءِ ويڻ.
                                                    (ص30)

**

ڏِٺا ڏِٺا ڪنهن، ڏِٺا ڏِٺا ڪنهن، مِٺا مِٺا هو چَپَ،
ڪُڇي هڻي ويا ڪَپ اسان کي، ڪُڇي هڻي ويا ڪَپَ.
                                                    (ص30)

**

اُڏري آئي انهن تي اَک اَک، نظر نظر آ جهار،
چپَ پرينءَ جا اهڙا، جهڙي ڪَچي ڪَچي ڪَچنار.
                                                    (ص31)

**

صبح سويري نيسر هيٺان، نينگر ڇوڙيا وار،
اُجلي اُجلي تن تان مَهٽيا، گدلا گدلا پيار.
                              (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص33)

**

گھَڙي گھَڙي گلدان، انهيءَ ۾ رنگ برنگي پاپَ،
ڀَونر ڀَونر ٿي اُڏريا، جن مان اڄ منهنجا آلاپَ.
                           (ڪلهي پاتم ڪينرو، 1996ع، ص37)

**

گِرهه گِرهه تي مُهر پرينءَ جي، پَهر پَهر تي مَهر،
ڳُوڙهو وڃ ته هن جا آهن، قَهر به ڪهڙا قَهر!.
                             (سانجهي سمنڊ سپون، ص127)

 

دوهن ۾ تجنيس حرفيءَ جو استعمال

شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾، ترنم ۽ موسيقيءَ جو جادو مختلف ذريعن ۽ طريقن سان پيدا ڪيو آهي. خاص ڪري دوهي جي صنف ۾، هُن جيڪا غَنائيت ۽ نغمگي تخليق ڪئي آهي، اُها بي حد حسين ۽ حيران ڪندڙ آهي. هُو موزون ۽ متناسب لفظن واپرائڻ سان گڏوگڏ اندروني قافين، رديفن ۽ سونهندڙ حرفي تجنيس جي استعمال سان دوهي ۾، ترنم جي اهڙي دلفريبي ۽ دلڪشي پيدا ڪري ٿو، جو پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ جي دل جي ڌڙڪن، بي ساخته دوهي جي ترنم سان گڏ ڌڙڪڻ ۽ رقص ڪرڻ لڳي ٿي.

تجنيس حرفي ۽ اندروني قافين جو استعمال ته، ٻين به ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ ججهو ڪيو آهي، پر اياز جو وڏو ڪمال اُهو آهي ته، هُن اُهي وَرجيسون اهڙي تناسب ۽ توازن سان وَرتائيون آهن، جو اُهي ٽُنب ٽاڻ بدران بنهه فطري ۽ دوهي جو اَٽوٽ حصو ڀاسن ٿيون. اياز جي دوهن ۾، تجنيس حرفيءَ جي حُسناڪي پَسڻ لاءِ چند مثال ملاحظه ڪريو: 

 

ڳَڙيا ڳلن تي هُن جي ڳوڙها، ڪِري ڪَجل جي ڌارَ،
گهاوَ ڪري وئي اهڙا گهرا، ڪٽجي ڪيئن ڪٽارَ.
                                                     (ص31)

**

جهونجهڪڙي ۾ جَر جهڙي جنهن سَرهي سَرهي روءِ،
پرين اسان جو جنهن جي تن ۾ ڪوريءَ ڪنگريءَ بوءِ.
                                                   (ص31)

**

گھگھريءَ تي جو گھاگھر ڇُلڪي، ڇوريءَ ماريو ڇالُ،
آڏيءَ اَک سان ڏسي وَتو ڪنهن، انگ انگ جو حالُ.
                                                  (ص33)

**

مُکڙيءَ مُکڙيءَ جي مُکَ تان، بس چُميون وَتيون سي چار،
پرين، اسان جو آهي سڀ سان پوپٽ وارو پيار.
                              (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص31)

آهه پُراڻو پاپي هي من، چندرما جو چورُ،
هيءُ لُٽي جيون جي جڳ مڳ، جڳ کي ننڊ اَگھورُ.
                              (ڪلهي پاتم ڪينرو، 1987ع، ص38)

**

ساري رات اُڏاڻين ڪَرها، ڪاڪ ڪنڌيءَ کان دور،
ايئن لڳي ٿو توکي مومل، ملڻي ناهي مورُ.
                                                   (ص123)

**

هن ڦلواڙيءَ ۾ ڦولَ نه ڇڏ، وڃ وجهندو تن کي کاريءَ ۾،
تو هونئن ته سارا ڦول ڇِنا، بس باقي ٿورا ٽاريءَ ۾.
                                (سانجهي سمنڊ سپون، ص151)

 

مٿي اياز جا سَت دوها ڏنا ويا آهن، جن مان هر هڪ دوهي ۾، تجنيس حرفيءَ جي منفرد ۽ نرالي جهلڪ ۽ نُدرت موجود ملي ٿي. پهرين دوهي ۾، ’ڳ، ڪ، گهه ۽ ج،‘ ٻي ۽ ٽين ۾، ’جهه، ج، س، ر، هه، ڪ،‘ ’گهه، ڇ، ا، ل،‘ ائين چوٿين، پنجين، ڇهين ۽ ستين دوهي ۾، ’م، ک، چ، پ،‘ ’ج، ڳ،‘ ’ڪ، م،‘ ’ڦ، و ۽ ک،‘ جا اکر سِٽن ۾ اهڙو مترنم مانڊاڻ جوڙن ٿا، جن کي پَسي، مَن پِرهه ڦُٽيءَ جي ٽِڙيل گلاب جيان مُرڪي ۽ مَهڪي پوي ٿو.    

 

دوهي ۾ ساهي/ وسرام جو استعمال

شاعريءَ ۾، هر شعري صنف جا پنهنجا مقرر قانون ۽ قاعدا هوندا آهن، جن جي پاسداري ۽ پوئواري سان ئي، اُها صنف نه فقط پنهنجو مخصوص حُسن ۽ حيثيت قائم رکي سگهندي آهي، پر اُن مان مڪمل حِظ به تڏهن ئي ماڻي سگهبو آهي، جڏهن اُها پنهنجي انفرادي روپ ۽ رنگ ۾ هوندي آهي.

شاعري، شعور جو آزاد اظهار نه آهي، پر خيالن جي منظم ۽ بي ساخته اُڇل آهي، جيڪا متوازن ۽ مترنم لفظي سانچن ۾ پَرٽجي، سِٽاءَ جو اهڙو حَسين سرشتو جوڙي ٿي، جنهن ۾ توڙي جو خيال کان وٺي هر لفظ توريل ۽ تَڪيل هوندو آهي، پر پوءِ به اُن جي روانيءَ ۾، هڪ انوکي ۽ عجيب آزادي ۽ اُڏام جو احساس محسوس ٿيندو آهي.

اُهو سڀ منظم لفظي سرشتي ۽ شعري اصولن سبب آهي، جو شاعريءَ ۾، نه رڳو ترنم ۽ ترتيب قائم رهي ٿي، پر خيال پنهنجي پوري جوهر، تاثريت ۽ تازگيءَ سان نِکري نروار ٿيڻ سان گڏ ٻين تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪرشماتي قوت پڻ رکي ٿو. اُها خوبي فنونِ لطيفه جي مِڙني شعبن ۾ ملي ٿي، پر شاعريءَ ۾ اُتم درجي جي آهي، اُنهيءَ ڪري ئي صدين کان شاعريءَ کي فضيلت ۽ اهميت حاصل رهي آهي.

شاعريءَ ۾، ’وِسرام،‘ جنهن کي عام لفظن ۾، ’ساهي، وقفو يا دم‘ سَڏجي ٿو، جي وڏي اهميت آهي. خاص ڪري دوهي جي صنف ۾، اُن جي اُنهيءَ ڪري به وڏي وقعت آهي، ڇو جو وِسرام، نه رڳو دوهي جي سِٽاءَ ۾ ترنم ۽ توازن پيدا ڪندو آهي، پر دوهي جي پَدن کي ڌار ڪرڻ ۽ اُن ۾ ماترڪ سِٽاءَ کي واضح ڪرڻ جو ڪردار پڻ ادا ڪندو آهي.

اصولي طور دوهي جي ٻن مصرعن ۾، چار وِسرام هوندا آهن. پهرين مصرع ۾، تيرهن ۽ يارهن ماترائن کان پوءِ اَڌ دم (،) جي ساهي ايندي آهي، جڏهن ته ٻي مصرع ۾، تيرهن ماترائن کان پوءِ اَڌ دم (،) ۽ يارنهن ماترائن بعد پورو دم (.) ايندو آهي، جنهن سان دوهي جو وزن ۽ پَدن جي پرک به واضح رهندي آهي ته، پڙهڻ ۾ غَنائيت ۽ نغمگي به برقرار رهندي آهي.

اياز دوهي ۾، اُنهن اصولي پابندين جو ته پوريءَ طور پورائو ڪيو آهي، پر ڪجهه دوهن ۾، پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا موجب اِضافي وِسرام ڏئي، دوهي ۾ نئين نزاڪت ۽ نغمگي پيدا ڪئي آهي. اُن حوالي سان هيٺ چند دوها پيش ڪجن ٿا.      

بهشت ڇاهي، دوزخ ڇاهي، ڇڏي اِهي ويچارَ،
مِٺڙي مِٺڙي ننڊ پرينءَ جي پاسي ۾ ڪر يارَ.
                                                (ص32)

**

پريت ڪيسي، گيت چياسي، ٿيو اهو انجام،
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳالهه اسان جي، نگر نگر بدنام.
                            **

ڪونجو، ترسو ترسو، اُڏران مان به اوهان جي سنگ،
پنهنجو پنهنجو ديس بڻايون، دنيا مان ٿي تنگ.
                                                    (ص34)

**

ويجهو آهين، وس ۾ ناهين، پري نه آهين پاڻان،
رنگ رنگ ۾، روپ روپ ۾، تو کي آءٌ سُڃاڻان.
**

بن بن ڀٽڪي، تن من تڙڦي، هٺ هاري انسان،
دور دور ۾ پهتو آخر، تنهنجي در نادان.
                                                    (ص35)

**

ڏينم اهو تنبورو مون کي، ڪيسين سمهندين، شاهه!
ڏينم ته ڳايان، آڳ وِسايان، دليون ڪريان درياهه.
                           **

ڏينم اُهو تنبورو مون کي، مان ٿو تاڻيان تند،
ڏينم، ڀٽائي، ڏينم، ته تنهنجو روح رهي خورسند.
                           **

ڪافر ناهي، مومن ناهي، ’سچو‘ پوءِ به سچ،
سچ چوي ٿو، ’اچ، اچي سوريءَ تي لڙڪي نچ.‘
                     **

ڏيهه ڏئي ٿو ڏوهه، اَديون ڙي، ڏيهه ڏئي ٿو ڏوهه،
آنءُ چوان ٿي، ڏوهه سهي، پر مِٺڙو آهي موهه.
                          (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص37)

 

دوهي ۾ وَراڻ يا وَرجاءُ جو تَڪرار

ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۾، لفظي وَراڻ جي وَرجيس قاضي قادن، شاهه لطف الله قادري ۽ شاهه لطيف وٽ چڱي تعداد ۽ سهڻي پيرايي ۾ ملي ٿي. شاعريءَ ۾ وراڻ ۽ لفظي ورجاءَ جو مفهوم هي آهي ته، ”شاعر هڪ کان وڌيڪ شعرن ۾، ساڳئي مضمون کي ورجائڻ خاطر ڪي ساڳيا الفاظ، اصطلاح يا فقرا ورائي آڻيندو آهي. اُنهيءَ وراڻ يا تڪرار جو مقصد ڪنهن خيال يا ڳالهه جي تصديق، توثيق يا تاڪيد هوندو آهي.“(46)

عام طرح سان ڪلاسيڪي توڙي ڪجهه جديد سنڌي شاعرن وٽ ٻن يا ٽن قِسمن جو ورجاءُ يا لفظي وراڻ جو انداز ملي ٿو، پر جڏهن اياز جي بيتن ۽ دوهن جو اڀياس ڪجي ٿو، تڏهن هُن وٽ اُهو وَکر نه رڳو ٻين کان وڌيڪ ملي ٿو، پر اهو نرالو ۽ نيارو به نظر اچي ٿو.

”اياز ورجاءَ واري عمل مان وجد جي ڪيفيت پيدا ڪرڻ جو ماهر آهي. شعر ۾ لفظن کي وري وري دهرائڻ سان جيڪو مانڊاڻ مچي ٿو، سو انسان جي بنيادي جبلت (Instinct) يعني ناچ لاءِ هٿ پير، اکيون ۽ آڱريون بي ساخته مُوڙڻ، مَٽڪائڻ، مَچلائڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري.“(47) اياز جي دوهن ۾، ورجاءَ جون هيٺيون صورتون مِلن ٿيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org