سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: وڻجارن وايون

 

صفحو:7 

فيض محمد ”فيض حيدري“ *

محترم فيض محمد ’فيض‘، ذات ڪيريه، ڳوٺ ”ٽنڊو حيدر“ تعلقوحيدرآباد، ٽنڊي حيدر جا رهواسي هئڻ باعث کين اڪثر ”فيض حيدر“ ڪري چوندا آهن.

پاڻ 2- اپريل 1922ع تي تولد ٿيا، هن وقت پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ هيڊماستر آهن، سندن زندگي اڪثر خزائن جو دور ڏٺو آهي، پاڻ اردو ۽ فارسي زبانن جا سٺا ڄاڻو، ۽ عربيءَ سان روشناس آهن. خوشخطي، خوش ڪلامي، خوش مزاجي ۽ خوش خلقي سندن خاص وصفون آهن.

پاڻ شريعت جا پابند، طريقت ڏانهن راغب، صورت مولويانه ۽ سيرت صوفيانه رکندڙ ، زندگي جي فرسوده ۽ روايتي اقدار کان بيزار، قلندري خيالن ۾ مدهوش:

”لنگ ڪي زير، لنگ ڪي بالا،

نه غمِ دزد، نه غمِ ڪالا“

تن تنها زندگي بسر ڪندڙ آهن. علم و ادب سان سندن تخيل هميشه وابسته رهيو آهي. سندن ٻه ڪتاب 1. فرياد عورت ۽ 2. اوڇنگارون اشاعت هيٺ اچي مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن. سندن ٽيون ڪتاب ”لُڙڪ“ غير مطبوعه حالت ۾ وٽن موجود آهي.

شعر و شاعري سان سندن خاص شوق ۽ شغف آهي، سندن شاعريءَ جو بياض گم ٿي ويل آهي، جو اڃا تائين عنقا وانگي ناپيد آهي. سندن عوامي شاعري سنڌ جي اڪثر حصن ۾ آلاپي ويندي آهي، سندن ٻه ڪافيون نموني طور پيش ڪجن ٿيون:

ٿلهه:

ڪات پڇي پيو ڪنڌ، نيهن جو ناحق ورتم نالو!

(1)

هاڙهي هڻي هي هيرا موتي، هاڻ پرهيز جي لاهي پوتي؛

پار پرين جي پنڌ، ڪاف ۾ ڪنديس مان ته ڪشالو.

(2)

ڳريو گوشت گوندر غم ۾، هيڻا هڏڙا چنبڙيا چم ۾؛

سوز سٽيو سنڌ سنڌ، برهه بڇيو ڪو بت ۾ ڀالو.

(3)

روه رڱيا مون رت سان روئي، لعل ڪيم لڪ ڌوئي پوئي؛

رڻ، پَٽُ، رڃ ۽ رند، آب اکين جي ڪيڙو آلو.

(4)

”فيض“ نباهيان نيهن جو ناتو، برهه ۾ ڦاسي ٿيس بلاتو؛

پرت جو پيو پيوند، هوت هڻي ويو تن ۾ تالو.

ٿلهه:

هي ته تاريخون قيد ڪٽي، چوڙيلن ڏي وينديس چنڊ تي.

(1)

پيهڻ پچائڻ منهنجو پورهيو، چونرن ۾ مون چرخو چوريو،

سامايس سڱر سٽي، جنم جيڏين سان آندم جنڊ تي.

(2)

ڄم ته ڄنڊن ۾ ليکون لڳڙيون، سونهن تن کي ڪيئن سونيون سڳڙيون،

ڪيئن ويس ڪري وهان وارَ وٽي، نٿا نيڻ ورن هٿ منهنجا ننڊ تي.

(3)

ٽڪر پاروٿن تي جي پليون، مال مٺايون تن کي مليون،

گيهه، مليدا گره ٻٽي، کائي وهان ڪيئن خوشڪن کنڊ تي.

(4)

”فيض محمد“ سڳڙا ڦيڻا، ٻارين بند ۾ ٻارن ٻيڻا،

ماڙين ۾ مان مارو مٽي، مور نه وهنديس منتر منڊ تي.

احمد خان”آصف“ مصراڻي *

محترم احمد خان ”آصف“ خلف ’محمد اسماعيل‘ مصراڻي، پاڻ 8- جولاءِ 1922ع تي ڳوٺ ”مٺو ٻٻر“ تعلقو ڪَڪڙ ۾ تولد ٿيا. 1936ع ۾ فائينل پاس ڪري، تعليم کاتي ۾ سنڌي جا ابتدائي استاد مقرر ٿيا. 1943ع ۾ ٽريننگ جو پهريون سال، ۽ 1949ع ۾ ٻيو سال سٺن نمبرن سان پاس ڪيائون. ”مشرقي ٻولين“ جي امتحانن ۾ حصووٺندي، 1956ع ۾ ”اديب سنڌي“، 1957ع ”اديب عالم“ ۽ 1958ع ۾ ”اديب فاضل“ پاس ڪيائون.

تصنيفات جي سلسلي ۾، سندن لکيل ڪتابن مان: 1. ”همايون نامون“؛ 2. ”گلزار چنبيلي“؛ 3. ”زيب النسا“؛ 4. ”شڪسته حال شهزاديون“؛ 5. ”قصص الانبيا“؛ 6. ”سيرت بلال“؛ 7. ”سيرت خواجه اويس قرني“؛ 8. ”رومي جون رهاڻيون“ ۽ 9. ”ارمغانِ آصف“ شايع ٿي مقبوليت جو درجو حاصل ڪري چڪا آهن، ۽ ڪيترائي اڻڇپيل حالت ۾ موجود آهي.

سندن مضامين، اشعار، ۽ ڪافيون سنڌيءَ جي سڀني ادبي رسالن خواه اخبارن ۾ وقت بوقت شايع ٿيندا رهن ٿا، هتي سندن ٻه ڪافيون نموني طور پيش ڪجن ٿيون:

ٿلهه:

چارڻ چوريو چنگ، گوڙ متو گرنار ۾،

(1)

صدا ٿو سِرَ جي هڻي، آهي ڪو اڙٻنگ....

(2)

ڏاڍو راءِ ڏياچ کي، راڳ ڏنو رس رنگ....

(3)

جهوناڳڙهه جهونو ٿيو، جهري پيو جهرجهنگ....

(4)

”آصف“ هن اٻوجهه جو، آهي ننگيءَ تي تنگ....

ٿلهه:

پــــــرهــــــه ڦٽــــــي پــــــرڀــــــات،

ڪر ڪا سجاڳي سج ٿو اُڀري!

 

(1)

نيڻن کي تو ننڊ تي هيريو،

گيسر توکي آهي گهيريو؛

سک ٿي سمهين، سڄي رات-

غفلت ۾ تنهنجو ڏينهن ٿو گذري!

 

(2)

سڻ ته پکين ڪيئن چهه پهه لائي،

واحد جي ٿن وات ۾ وائي؛

لَنوَنِ مٺي ٿا ڪهڙي لات-

والي تن کان ڪين ٿو وسري!

(3)

”آصف“ دنيا فاني ساري،

يار نه رک تون ان سان ياري؛

رب جي رک تون تات-

نيڪن ۾ جيئن نالو نڪري!

 

 

 

 

 

 

 

 

مخدوم محمد امين ”فهيم“ *

 

جناب مخدوم محمد امين ”فهيم“ جن حضرت مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ مدظله جن جا پهريون نمبر فرزند دلبند آهن. سندن ولادت باسعادت 4- آگسٽ 1939ع تي هالا شريف ۾ ٿي. علم ۽ ادب، شعر و شاعري فهم ۽ فراست، وجاهت ۽ شرافت، وسيع نظري ۽ غريب پروري جهڙا اوصاف حسنه کين ورثي ۾ مليل آهن. هن ننڍي عمر ۾ پاڻ شاعريءَ ۾ چڱو مقام حاصل ڪري چڪا آهن، جنهن جي پيشِ نظر يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته مستقبل قريب ۾ پاڻ شعر و ادب جي دنيا ۾ اعليٰ ۽ ممتاز مقام حاصل ڪري وٺندا. پاڻ هن سال ’محڪمه قومي تعمير نو‘ طرفان ڪرايل سنڌي قومي نظمن جي مقابلي ۾ پوري سنڌ مان پهريون نمبر انعام -/500 سو روپيه حاصل ڪري چڪا آهن. شاعريءَ ۾ اصلاح پنهنجي والد بزرگوار جن کان وٺنداآهن. اوائل ۾ سندن تخلص ”امين“ هو، ليڪن بعد ۾ قبله ”طالب الموليٰ“ جن جي ارشاد سان ”فهيم“ تخلص اختيار ڪيائون، جنهن کي نباهيندا پيا اچن.

سندن شادي خانه آبادي 21- جون 1957ع تي اَڇ شريف جي پيرن صاحبن مان ٿي، انهيءَ مبارڪ تقريب جي موقعي تي هڪ عظيم الشان طرحي مشاعرو پڻ ٿيو، جيڪو هڪ وڏي يادگار  جي حيثيت رکي ٿو. کين 27- جولاءِ 1961ع تي قدرت فرزند جهڙي عظيم نعمت سان نوازيو. صاحبزاده جن جو اسم مبارڪ ’جميل الزمان‘ رکيو ويو آهي، اسان جي عاجزانه دعا آهي ته خدا شل کين شاد ۽ آباد رکي. (آمين)

ٿلهه:

ڪهڙي سبب مون کي ويٺين وساري،

ساهه ٿو سهڻل توکي ساري!

 

(1)

ايڏي ڪڏهن تو دير نه لاتي، موليٰ ڪري هجيئي وڏڙي حياتي؛

قرب ڪري وڃ منهڙو ڏيکاري....

(2)

توکي نه ساريان ٻيو ڪنهن کي ساريان، ڪنهن لئه ڀلا ٻيوهنجهڙيون هاريان؛

توريءَ ڪير ٿو دلڙي ڌتاري....

(3)

پيارا پرين پرديس وسايئي، نيٺ وطن جي ياد نه آيئي؛

توکان پري ڏک ڏيل ٿو ڏاري....

(4)

تنهنجي ”فهيم“ کي تات ۽ تاري، هجر ۾ ڳڻتين دلڙي ڳاري؛

تنهنجي پيارا پيس پناري....

ٿلهه:

چئج صبا سڄڻ کي، ڪا هاڻي ته لهجو سار!

(1)

روح کي هردم آهي اوهان جي، تات، طلب ۽ تار.

(2)

ڪهڙو قرار انهن کي هوندو، جن کان جدا ٿيا يار.

(3)

ڪونه سونهين ٿو ڪوبه عجيبا، ڌڻ ڌنارئون ڌار.

(4)

سنجهه صبوح بس آه ”فهيم“ کي، پيارا اوهان جي پچار.

ٿلهه:

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،

انهيءَ  رمــــــز  سان روحڙو   ريجهائينديس.

(1)

جيڪي چار گهڙيون توسان گهاريون اٿم، ساري عمر کان وڌ سي پياريون اٿم؛

تو وساري ڇڏيون، نه وساريون اٿم، مان ته پنهنجي پرت پڄائينديس.

(2)

تنهنجو مرڪي ملڻ، منهنجو عرض ڪرڻ، تنهنجي برهه ۾ سر جي بازي ڀرڻ؛

تنهنجي لاءِ جيڻ، تنهنجي لاءِ مرڻ، توسان ناتو نيٺ نڀائينديس.

(3)

تون اچين به نٿو، مان وڃان به نٿي، تو ڇڏي به ڏنو مان ڇڏيان به نٿي؛

جيڪا تو آ ڪئي ڪنهن کان به نه ٿي، اهو سڀڪي ڀاڳ کان ڀائينديس.

(4)

منهنجو تون ئي سڄڻ تولئه ٻيون به گهڻيون، نٿي توکي وڻان پر تون ته وڻيون؛

ڇا جا هار سينگار ڇا جا تيل ڦڻيون، ڪيئن زوري پاڻ وڻائينديس.

(5)

وڃي ويهي رهين مون کان ڏاڍو پري، تنهنجي ويئي سري منهنجي ڪيئن سري؛

تون ”امين“ ٿي اچ انصاف ڪري، ڀلا توکي ڪيئن ڀلائينديس.

ٿلهه:

ٿڪيءَ تي ڪنهن ٿوري، آءُ تون سڄڻ يار اوري....

(1)

نازڪ تنهنجي ناز نياري، پرت جو پاڪ پيالو پياري؛

چت ڇڏيو آهي چوري....

(2)

تون جي اچين هڪوار اڱڻ تي، ڪيئي اميدون آهن ملڻ تي؛

هوند ڏيان سر گهوري....

(3)

سور سٺم سر تي ڪيئي نيارا، پير پِٿون ڪيا پنڌ پيارا؛

ڏونگر ڏوري ڏوري....

(4)

جاني جدائيءَ کي اچ ڊاهي، دور رهڻ ۾ دلبر ڇاهي؛

ڪجهه ته تڪي ڏس توري....

(5)

پنهنجي”فهيم“جي ڏس نه ڪچائي، محب اچي مل ڪر ڪا ڀلائي؛

جيءَ کي جدائيءَ ٿي جهوري....

نثار ”بزمي“ *

          محترم قلندر بخش نثار ”بزمي“ مرزاپور تعلقو ڳڙهي ياسين جي ’جوڻيجه‘ خاندان جا چشم و چراغ آهن.

پاڻ فائينل پاس ڪرڻ بعد، پنج- ڇهه سال تعلقي ڳڙهي ياسين جي پرائمري اسڪولن ۾ سنڌي ماستر ٿي رهيا، ليڪن سندن طبيعت اتي راس نه آئي، ۽ تپيداري امتحان ڏيڻ لاءِ حيدرآباد جي تپيداري ڪاليج ۾ داخل ٿيا، جتان تپيداري پاس ڪري ڪجهه وقت گهوٽڪي تعلقي ۾ روينيو تپيداري ڪرڻ بعد، سروي ڊپارٽمينٽ ۾ هليا ويا؛ مگر اتي به سندن آزادي پسند دل کي ڪو سڪون ۽ قرار حاصل نه ٿي سگهيو، انهيءَ ڪري اهڙي پابندي ۽ پريشانيءَ کان آزاد ٿي اچي ڳوٺ ڀيڙا ٿيا، ۽ پنهنجي زمينداري ڪاروبار ۾ مشغول ٿي ويا.

پاڻ هڪ شاعر جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ ڪنهن به تعارف ۽ تعريف جا محتاج نه آهن، سندن شيرين، ۽ سرور آفرين اشعار سنڌيءَ جي سڀني ادبي رسالن خواهه اخبارن کي زينت ۽ لطافت بخشيندا رهن ٿا.

سندن صوفيانه ڪافين کي اپر سنڌ ۾ عام مقبوليت حاصل آهي. ڪيترائي فقير، راڳيندڙ ۽ ناچو سندن ڪافيون جتي ڪٿي ڳائيندا وتندا آهن.

پاڻ شاعريءَ کان سواءِ ڊراما نگاري، مضمون نويسي ۽ فن موسيقي تي به ڪافي دسترس ۽ قدرت رکن ٿا. تازو سندن ٻه سوشل ڊراما ”بيداري“ ۽ ”غريب جي آهه“ ’قربدارن جي ڪچهري‘ مرزاپور (جنهن جا پاڻ صدر به آهن) طرفان اسٽيج تي اچي مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن. ”نثار بزمي“ صاحب سير و سياحت جي سلسلي ۾ به پوئتي نه آهن، پاڻ پوري مغربي پاڪستان جو سير ڪري چڪا آهن، ۽ مغربي پاڪستان جي هر علائقي جي سٺي ڄاڻ ۽ معلومات رکن ٿا. راندين سان به سندن دلي شغف آهي، خصوصاً ”والي بال“ جا سٺا پليئر آهن. مرزاپور ۾ ”لطيف لئبرري“ سندن نيڪ ڪوششن جوشاندار نتيجو آهي؛ اها لئبرري ڳوٺ ۽ گرد و نواح جي هڪ عظيم خدمت انجام ڏيئي رهي آهي.

پاڻ 1960ع ۾ شادي ڪيائون ۽ قدرت کين جلدئي فرزند جهڙي نعمت عظيم سان نوازيو، جنهن جو نالو ’آفتاب احمد‘ رکيو ويو آهي. خدا شل کين ٻچڙي سميت شاد رکي، ۽ مزيد ترقي بخشي.

هتي سندن ٽي ڪافيون نموني طور پيش ڪيون وڃن ٿيون:

*

ٿلهه:

عجب تنهن جي صورت پسڻ آيو آهيان،

پرين پيار توکان پنڻ آيو آهيان!

(1)

نه هي ڏيهه توريءَ مون کي ڏانءَ آيو،

سڃاڻي اچي مون کي سورن ستايو؛

اُهي سور ساڳيا، سلڻ آيو آهيان.

(2)

ناهي سانگ سر جو ويو سر ته ڇاهي،

اهو آسرو مان ڇڏيو آهي لاهي؛

مرڻ کان اڳي مان مرڻ آيو آهيان.

(3)

مٽيا مور نانهن نظر جا نشانا،

اڏيا عشق ”بزمي“ اچي آستانا؛

رضا تي مان راضي رهڻ آيو آهيان.

ٿلهه:

عشق ڀلي ڪري آئين، رمزن سان ٿو ريجهائين.

(1)

توکي ڏنيون مان جيءَ ۾ جايون، مارين يا تون بچائين.

(2)

نڪي ڪڇان مان نڪي پڇان مان، تون ٿو ايئن فرمائين.

(3)

سر جو سانگو ڪوئي ڪونهي، توڙي کڻي تون ڪهائين.

(4)

راضي رضا تي ”بزمي“ آهي، فڪر ۾ ٿو ڦاسائين.

ٿلهه:

منهنجي آهه زاري، بار برهه جو بيشڪ باري.

(1)

کنيو وتن ٿا عاشق سر تي، خواريءَ جي کاري.

(2)

جن کي سر جو سانگو ناهي، تن جي آساري.

(3)

عشق جي واٽ اويڙي آهي، ڏولاون واري.

(4)

”بزمي“ جهڙا سورهه ڪيئي، چمڪيا چوڌاري.

حسين بخش ”خادم سروري“ *

محترم حسين بخش ”خادم سروري“ پنهنجي خود نوشته تعارف ۾ هن طرح رقمطراز آهن:

”آءٌ ’حسين بخش‘ ولد ’پير بخش‘ ذات ڀنگر 14 شعبان 1348هه شهر آراضي تعلقي سيوهڻ ۾ تولد ٿيس، ۽ تعليم سنڌي چار درجا به اتي ئي حاصل ڪيم. هڪ دفعي مرحوم ’سيد حبيب الله شاهه‘ جي معصومن هالن ڏانهن ڪم سان موڪليو، ان وقت سجاده نشين جناب حضرت قبله فقير دستگير مرحوم مرشد سائين ميان ’غلام محمد‘ صاحب جن هئا؛ مون اچي معصومن جو نيازنامو کين ڏنو. پاڻ وڏي حب سان وٺي پڙهيائون ۽ هن خادم کي ايترو پيار ڏنائون، جو دل چيو ته هن مردِ خدا وٽ هميشه لاءِ رهي پئجي. ڪجهه عرصي بعد مرحوم سائين غلام محمد صاحب جن بقا جي ملڪ ڏانهن راهي ٿيا. خبر پيئي ته سوز و گداز وڌندو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ ’دوست علي خان کٽياڻ‘ عام مختيار ٿي آراضي واري زمين تي آيو، هن کي سدائين مرحوم سائين غلام محمد صاحب جن جي ڳالهه زبان تي هوندي هئي ۽ درد وارو معلوم ٿيو. مون ڏٺو ته هي به انهيءَ محبوب جو ڌڪيل آهي، انڪري ساڻس دوستي ٿي ۽ نوڪري به وٽس ئي ڪيم. چند ڏينهن کان پوءِ مون حضرت سائين ”طالب الموليٰ“ جن جي دستِ مبارڪ تي تلقين ورتي. ٽن ڏينهن کان پوءِ اٽڪل ٽي يا چار بجي رات جو مرشد سائين مرحوم ’غلام محمد‘ صاحب جن جي خواب ۾ زيارت نصيب ٿي. پوءِ اک کلي ۽ آءٌ روئي اٿيس. ٻئي ڏينهن غير موزون شاعري شروع ڪيم، ۽ تخلص ’حسين علي‘ ڪم آندم. ٻن ٽن سالن بعد حضرت طالب الموليٰ سائين منهنجو تخلص ”خادم“ رکيو، جيئن ته شاعر آءٌ اڳي ئي هوس، وري استاد به حضرت ’طالب الموليٰ“ سائين جهڙو مليو، ته کير ۾ کنڊ!“

هن تعارف کان پوءِ ”خادم“ جن جي پاڪيزه ۽ سوز آور رندانه ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو:

(تعارف- اجازت سان، ڪتاب ”يار خاطر“ تان ورتل)

ٿلهه:

مرد نه آهن ممات، جوڳي رڳي ٿا جُوءِ مٽائن.

(1)

مرڻ اڳ مئا سي نه مرندا، آهن هميشه حيات،

قالو بليٰ جو ٿا قرب ڪمائن....

(2)

پاڻ وڃائي پرين پسن ٿا، حقي ڏسي حسنات،

قرب ۾ هو ٿا ڪنڌڙو ڪپائن....

(3)

راتو ڏينهان تن کي آهي، وحدت وائي وات،

رمز رندي جي ٿا راند رچائن....

(4)

لا اِلــٰھ وارا لانگها لنگهي سڀ- الله ڪري اثبات،

حال حقيقيءَ جو هُل ٿا مچائن.....

(5)

هردم مون کي تن جي آهي، طلب اندر ۾ تات،

قرب ڪري من پاڻ پسائن....

(6)

”خادم“ هردم حب سان رهجي، ’راهونڊن‘ وٽ رات،

پاڻ ڀلا ٿا ڀال ڀلائن.....

 

ٿلهه:

اکڙيون روز روئن،

ڏکيون ڏسڪا ڀرن،

نڪي ڪڇن پڇن،

پنهنجي پر ۾ پچن-

مٺيون ماٺ نه ڪن،

ايندين ڪڏهن پرين؟

ڪنهن کي ڪين چون،

ايندين ڪڏهن پرين؟

(1)

مُنجهي پين متيون،

تارن منجهه کتيون،

آهن صاف ستيون،

راهون روز ڏسن-

سک ڪين ستيون،

لڙيا ٽيڙو ڪتيون،

اٿن تو ۾ پتيون،

ايندين ڪڏهن پرين؟

(2)

مون تنهنجي مٺيون،

اوهيرن جيئن اُٺيون،

جڳ جون جام جٺيون،

مهڻا مر پيا ملن-

ڪهين قرب ڪٺيون،

اهڙيون اڳ نه ڏٺيون،

سڀئي سر تي سٺيون،

ايندين ڪڏهن پرين؟

(3)

راتو ڏينهن ڏکيون،

جانب جيءَ جکيون،

مٺڙا منهنجون اکيون،

اهي وهاٽيون وتن-

ساعت ڪين سکيون،

ڪيون برهه بکيون،

تنهنجي قرب ڪکيون،

ايندين ڪڏهن پرين؟

(4)

سيني منجهه سٽي،

منهنجي دلڙي ڦٽي،

نٿو مرض هٽي،

ڪيهون روز ڪجن-

هنيئي ڪان چٽي،

وئين منهڙو مٽي،

نٿي جان ڇٽي،

ايندين ڪڏهن پرين؟

(5)

اُڌمان روز اٿن،

باهيون بره ٻرن،

”خادم“ جي ته اکين،

لڙيو لڙڪ پون-

دونهان درد دکن،

محبت مچ مچن،

بيوس ڪين بيهن،

ايندين ڪڏهن پرين؟

ٿلهه:

هي ڪيفي ڪڪوريل، ڪنڍيون يار ڪاريون،

تو مارڻ لئه منهنجي، اي محبوب ڌاريون.

(1)

منٺار موهن مون کي مّن مهڻيون،

نه مٽ ڪو سندن آ، سدا سرس سهڻيون،

سوا سرمي سهڻا سونهن ٿيون سونهاريون.

 

(2)

عزم ساڻ اڀري امالڪ اچن ٿيون،

وڙهڻ لئه وريو سي وڪڙ ور وجهن ٿيون،

اسين پيا ادب ساڻ نرمل نهاريون

(3)

ڪشي قرب جا ڪان قهري هڻي وئين،

نماڻي نظر سان کسي دل کڻي وئين،

دکي دل کي هاڻي دم دم ڌتاريون.

 

(4)

اکيون ڪيئن ”خادم“! اڙن ٿيون اکين سان،

نه هرگز هلي ٿو ڪو حيلو هنن سان،

کٽي هاڻ قسمت، پوءِ جيتيون يا هاريون.


* فيض محمد مرحوم پنهنجي دور جو مشهور شاعر اديب ۽ خطيب هو، سندس ڪلام عوامي طرز جو ۽ ڪيترن ئي سگهڙن کي ياد هوندو هو، پاڻ سڄي ڄمار مجرد رهيا ۽ 31 مارچ 1968ع تي هن جهان فاني مان رحلت ڪيائون. (ايڊيٽر)

* مرحوم احمد خان آصف جي گهر تي ڌاڙيلن چڙهائي ڪئي ۽ انهن سان بهادري سان مقابلو ڪندي 14- جولاءِ 1989ع تي شهادت جو جام پيتائين. اسان جي والد محترم معمور يوسفاڻي سان سندس ويجها دوستانه تعلقات هئا، پاڻ صاحبِ ايمان ۽ متوڪل شخص هو. ادب ۾ قطع تاريخ تي سندس خاص ملڪو هو، بابا سائين ڏانهن سندس ڪيترائي لکيل خط مون وٽ محفوظ آهن،  سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:

(1) رومي جون رهاڻيون، (2) ٻاراڻا ٻول، (3) املهه ماڻڪ (بنا نقطي ڪلام)، (4) گلزار چنبيلي (حصو پهريون)، (5) تاريخ تعلقو خيرپور ناٿن شاهه (سنڌي/ اردو)،  (6) گلزار چنبيلي (حصو ٻيو)، (7) تاريخ تعلقو ميهڙ (سنڌي/اردو)، (8) ڪليات آصف (اڻڇپيل). سندن اولاد ٽي فرزند: (1) ڪئپٽن ڊاڪٽر اشرف آصف مصراڻي مرحوم، (2) ايڊوڪيٽ شريف آصف مصراڻي، (3) نظام الدين آصف مصراڻي ۽ ٽي نياڻيون: (1) سبحان خاتون مرحوم، (2) گلبانو شهيد (والد سان گڏ شهيد ٿي)، (3) گلبدن جاويد مرزا هئا.

سندن نياڻي گلبدن جاويد مرزا، ادب ۾ پنهنجي والد جي نالي کي روشن رکيو آهي، سنڌ جي عورت ليکڪائن ۾ سندن هڪ خاص مقام آهي، پاڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ۾ ملازم آهن ۽ هڪ طويل عرصي کان ماهوار ’سرتيون‘ جي ايڊيٽر آهي.  (ايڊيٽر)

* مخدوم محمد امين فهيم سائين جي ولادت 4 آگسٽ 1939ع مطابق 17 جمادي الثاني بروز جمعه 1357هه تي ٿي، کين الله پاڪ ست فرزند: (1) مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ (2) مخدوم شڪيل الزمان، (3) مخدوم عقيل الزمان، (4) مخدوم نجيب الزمان، (5) مخدوم خليل الزمان، (6) مخدوم جليل الزمان، (7) مخدوم ابومحمد عرف سنڌيار عطا ڪيا. سندن شاعري جو ڪتاب ’پيغام‘ شايع  ٿيل آهي. ٽماهي مهراڻ پڻ 4- مارچ 1016ع تي مخدوم محمد امين ’فهيم‘ خاص نمبر شايع ڪيو آهي. پاڻ سنڌ- پاڪستان جا نامور سياستدان هئا، پاڻ ٽائون ڪاميٽي هالا جا چيئرمين، 1970ع ۾ ايم.پي.اي سنڌ ۽ 1973، 1988، 1990، 1993، 1997، 2002، 2008 ۽ 2013ع ۾ 8 دفعا قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ چار دفعا وفاقي وزير پڻ رهيا، فوٽوگرافي ۽ شڪار سندن خاص شوق هئا، پاڻ درگاهه غوث الحق مخدوم نوح سرور جا 18 سجاده نشين هئا، حضرت مخدوم محمد امين فهيم صاحب 21 نومبر 2015ع تي وفات ڪيائون. (ايڊيٽر)

* نثار بزمي صاحب پنهنجي ڀرپور ادبي زندگي گذاري، انيڪ ڪلام، مضمون، ڊراما وغيره لکي، 7 جولاءِ 2000ع تي اسان کان وڇڙي ويو. (ايڊيٽر)

* حسين بخش ولد پير بخش ڀنگر (خادم سروري) 15 جنوري 1930ع تي، آراضي ڳوٺ تعلقو سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. حضرت مخدوم غلام محمد عرف گل سائين جي حاضري ۾ آيو ۽ پوءِ باقي عمر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي خدمت ۾ گذاريائين. پهريائين ڪافيون ۽ پوءِ غزل چوڻ شروع ڪيائين. سندن شاعري ۾ مڪمل رهنمائي قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪئي، کيس ’خادم‘ تخلص پڻ ڏنائين، خادم يڪتاري وارن فنڪارن ۾ پنهنجي دور جو سُريلو فنڪار هو، مخدوم صاحب کيس ريڊيو ۽ ٽي.وي تي پڻ موڪليو، 12 مارچ 1992ع تي رات جو محمد فقير کٽياڻ جي ميلي ۾ ڳائي وڃي آرامي ٿيو، صبح جو ڏسن ته فقير ابدي آرامي آهي. سندن هيءُ احوال مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ڪتاب يادِرفتگان تان ورتل آهي. (ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org