عبدالڪريم پلي
آءٌ ”عبدالڪريم“ ولد ’خانصاحب عطا محمد‘ پلي،
تاريخ 21 آگسٽ 1940ع تي پنهنجي ڳوٺ ”خانصاحب عطا
محمد پلي“ ۾ ڄائس. لامحدود ذريعن ۽ وسيلن جي
باوجود به ڪن زماني جي حوادث سبب خاطر خواهه ۽
قابلِ ذڪر تعليم حاصل نه ڪري سگهيس، جنهن جو شديد
احساس ۽ افسوس اٿم. هن وقت فخر سنڌ ڀٽائي سائين جي
هن زرين ۽ لافاني قول:
”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي!“
کي مشعل راهه بنائي، انهيءَ تعليمي ڪميءَ جي تلافي
جي سعي
’اورينٽيل ڪاليج‘ حيدرآباد ۾ داخلا وٺڻ سان ڪري
رهيو آهيان.
منهنجي ’ڪافين‘ جي شاعري انهن فقيرانه ۽ صوفيانه
ڪچهرين ۽ محفلن جي رهينِ منت آهي، جيڪي مرحوم والد
بزرگوار جن وٽ سندن آخرين دور فقيرانه ۾ هر وقت
لڳيون پيون هونديون هيون، جن ۾ اسان اکيون کوليون
۽ پرورش پائي سنِ فهم کي رسياسون.
ادب سان شغف ۽ اديب و شاعر احبابن جي بدولت ٿوري
ٿوري موزون شاعري به ڪندو آهيان. موزون شاعريءَ ۾
اصلاح جناب ”جليل سروري“ جن کان وٺندو رهندو
آهيان.
شاعريءَ ۾ ڪٿي پنهنجي نالي جي آخري حصه ”ڪريم“ ۽
ڪٿي پنهنجي ذات ”پلي“ ۽ ڪٿي ٻنهي کي تخلص طور ڪم
آڻيندو آهيان. ڪجهه مثال عرض آهن:
(سندن تفصيلي سوانح عمري ڪتاب جي شروع ۾ ڏنل آهي.-
اسد جمال)
ٿلهه: |
جيءَ ۾ جوڙي جانب جايون،
وَنَحَن وايون خود فرمايو، |
پوءِ به پاڻ لڪائين ٿو؛
وريو ڏور ڏسائين ٿو! |
(1) |
سهسين سانگ بنائي سهڻا،
رمزون تنهنجيون مان ڇا ڄاڻان، |
سڀ ۾ پاڻ سمائين ٿو؛
رمزون سَوَ رچائين ٿو! |
(2) |
مچ محبت جو من ۾ منهنجي،
لوڪئون لڪيو لالڻ مون سان، |
مٺڙا خوب مچائين ٿو،
لئون اچيو تون لڳائين ٿو! |
(3) |
ڪڏهن ڪريو ڪاوڙ مون تي،
ڪڏهين پرچي پيارا پرتئون، |
مون کان منهڙو مٽائين ٿو؛
پيچ پرت جا پائين ٿو! |
(4) |
سرڪ چکائي سڪ جي سوائي،
ڪڏهين قرب ”ڪريم“ ڪري تون، |
سهڻا خوب سڪائين ٿو؛
پاڻ ”پليءَ“ کي پسائين ٿو! |
*
ٿلهه: |
جانب نٿيون جڳائن،
هيڏيون ڪجن نه هرگز، |
توکي ايهي جدايون،
هيڻن سان يار هايون! |
(1) |
منهن تان پلو هٽائي،
ديدن جا دام پائي، |
جلوو پرين پسائي،
گهڻيون دليون تو گهايون! |
(2) |
جيءُ ٿي جدائي جهوري،
اچ تون خدارا اوري، |
ساعت سري نه تو ري،
واري وصال وايون! |
(3) |
ٻيائي جيون ڳالهيون ٻاري،
وَ نَحَن جا واعدا پاري، |
وحدت جا ورق واري،
اچي جوڙ جيءَ ۾ جايون! |
(4) |
ڪري مهر محب مون تي،
ته پيچ اڄ نوان ڪي، |
اچين تون ”ڪريم“ هت جي،
”پلي“ پرت جا پايون! |
ٿلهه: |
پيچ پرين سان تون پائي ڏس، |
|
پائي ڏس، لئون لائي ڏس ... |
(1) |
لوڪئون لڪيو لالڻ اچيو، ڪيئن ٿو دليون
گهائي ڏس- |
|
گهائي ڏس، لئون لائي ڏس ... |
(2) |
دور نه آهي دلبر تو کان، نيڻ اندر ۾
نائي ڏس- |
|
نائي ڏس، لئون لائي ڏس ... |
(3) |
باري بار برهه جو سارو، مرد ٿي مرڪي
چائي ڏس- |
|
چائي ڏس، لئون لائي ڏس ... |
(4) |
پرت منجهاران ”پلي“ هر دم، ڳڻ تون
”ڪريم“ جاڳائي ڏس- |
|
ڳائي ڏس، لئون لائي ڏس ... |
*
ٿلهه: |
مهر ڪري مون تي منٺار،
ويا سڀئي لهي ويچار، |
اڄ اڱڻ مون آيو آهي،
سهڻي پاڻ پسايو آهي! |
(1) |
پير اڱڻ ۾ منهنجي پائي،
بخشي بديون منهنجيون يار، |
محبت مان مون کي ڳل لائي؛
پنهنجو پاڻ ڀلايو آهي. |
(2) |
چوکيون جايون جيءَ ۾ والاري،
پياري پرينءَ جي پياري پيار، |
پٽ پرت جا پر پياري؛
مون کي مست بنايو آهي. |
(3) |
مدح محب جي ڪريان ڪيهي،
دل گهري، دلبر، دلدار، |
وڙ ڪري لِکَ مون وٽ ويهي؛
وهم دوئي جو وڃايو آهي. |
(4) |
وصل جا وڻندڙ واءَ ورائي،
پاري ”پلي“ سان اڄ اقرار، |
من مرادون مڙيئي پڄائي؛
”ڪريم“ ڪرم فرمايو آهي! |
ضميمو-1 (راڄ محمد پلي)
راڄ محمد پلي مرحوم جو شمار سنڌي ادب جي انهن
تاريخدانن ۾ ٿئي ٿو، جن تمام گهڻو پڙهيو ۽ تمام
ٿورو لکيو. پر، جيترو به لکيو، واهه جو لکيو. سندس
تحريرن ۾ نه صرف تحقيق ۽ ڄاڻ جي گهرائي آهي، پر
ٻوليءَ جي سلامت ۽ ميٺاڄ به اهڙو آهي، جو عام
ٻهراڙيءَ ۾ ڳالهائڻ جا لفظ به وڏي علمي ۽ ادبي
حيثيت وٺي بيهن ٿا. اها ڪيفيت سندن ابتدائي تحريرن
کان وٺي زندگيءَ جي آخري تحريرن تائين برقرار رهي.
سندن ڪچهري سدائين علميت واري ۽ سفر سدائين مطالعي
وارو. گفتگوءَ تي ته کين وڏي دسترس حاصل هئي.
جاهلانه ڪچهرين ۽ گفتگوءَ کان نه صرف پرهيز ڪندا
هئا، پر منع ڪندا هئا.
سندن طبيعت ۾ الله سائينءَ هڪ خاص صوفيانه مزاج
پيدا ڪيو هو. انهيءَ ڪري، عام دنياوي ذريعن ۽
وسيلن تي ڪڏهن به سندن اک ڪونه ٻُڏي. سنڌ جي هڪ
اهم شخصيت، خانصاحب عطا محمد مرحوم جو فرزند هو.
خانصاحب عطا محمد کي وڏو جاه و جلال ۽ دنياوي ٺَٺُ
نصيب هو. جن کي اعتبار نه اچي، ته اهي مرحوم محمد
عثمان ڏيپلائيءَ جي ”سانگهڙ“ ناول جا اُهي 15 صفحا
پڙهن، جي خانصاحب جي زندگيءَ جي صرف هڪ ’ڪلاڪ‘ تي
لکيل آهي ۽ ان مان اندارو ٿي ويندو ته خانصاحب جي
باقي زندگي ڇا هوندي! خانصاحب عطا محمد اهڙي
’ڏَيا‘ وارو شيرِ مرد هو، جنهن جي جهوليءَ ۾
انگريز سرڪار انعامن- اڪرامن، تمغن، سَندن ۽
تلوارن جا اڻميا تحفا ڀري ڇڏيا، پر هُن انهن کي
کنگهيو به ڪونه ۽ وقت اچڻ تي انگريز سرڪار جي
موڪليل آفيسر مٿان پستول ڇڪي بيهي رهيو. ايڏي وڏي
ماڻهوءَ جي فرزند، راڄ محمد پليءَ ڪڏهن به
وڏماڻهپي کي اهميت ئي ڪونه ڏني. هُو وڏو ماڻهو هو،
ته صرف علم ادب جي جهان جو. پر، انهيءَ جهان ۾ هُن
علم ادب ۽ عالمن ۽ اديبن جي خدمت ڪئي. ڪڏهن به پاڻ
ڪونه پَڏايو. راڄ محمد پلي، خانصاحب عبدالرحمان
جهڙي بخت ور وڏيري جو ننڍو ڀاءُ هو. عبدالڪريم
”ڪريم“ پليءَ جهڙو هيرو ماڻهو، جيڪو ٻه دفعا ’سنڌ
اسيمبلي‘ ۾ ميمبر رهيو، راڄ محمد جو وڏو ڀاءُ هو.
ولي محمد ”وفا“ چئني ڀائرن ۾ ننڍو، مال، ملڪيت،
سياست، اسيمبليون خواهه هيڏي وڏي ’راڄ‘ جي اڳواڻي-
سڀ شيون گڏجي به راڄ محمد ۾ غرور، تڪبر، هَٺُ ۽
وڏائي نه آڻي سگهيون. سدائين مُهذب ۽ سادگي پسند.
علمي ڪچهرين جو ڪوڏيو. سنڌ ۾ خانصاحبن جي ته کوٽ
ڪونهي، پر هيڏو وڏو علمي تَونگر ۽ ادب سان مالدار
گهراڻو اڻلڀ آهي. اڄڪلهه ماڻهو علمي ادبي نالن جي
معرفت دنياداري ڏانهن ٿا واجهائين. مگر هنن سخي
مردن پاڻ کي دنيا کان پاسيرو رکي. علم ادب ڏانهن
واجهايو. پنهنجي مال ملڪيت ۽ پئسي ڏوڪڙ کي سنڌ جي
اديبن ۽ شاعرن جي ملڪيت ٺاهي ڇڏيو. راڄ محمد صاحب
هيڏي وڏي جاگيردار گهر ۾ رهي به پنهنجي مٿان
’وڏيرائپ‘ جي عام عيبن کي حاوي ٿيڻ نه ڏنو، بلڪه
اهو مثال قائم ڪيو ته اصل ’وڏيرو‘ ڇا ٿيندو آهي.
نه ڪنهن جو حق کائڻ، نه ڪنهن جا ٻه ايڪڙ ٻنيءَ جا
تاڙڻ، نه ڪنهن غريب جي پُٺيءَ تي لڪڻ وهائڻ، نه
ڪنهن جو چوپايو مال ڍَڪَ تي ڏيڻ، نه جيپ ڪار جي
شرط، نه سُوئر ڪُتا ۽ ڪُڪڙ ويڙهائڻ، سياست ۽
اليڪشن ورڪ جي معاملي ۾ به پنهنجي راءِ جو اهڙي
سليقي سان اظهار جو اڳئين جي دل ٺَريو پوي، نه
ڪنهن کي اکيون ڦوٽاري ڏيکارڻ، نه صوبيدار تپيدار
جو ڊپ ڏيڻ، نه پنهنجي ڪيل مدد جو طعنو تُنڪو ڏيڻ.
اگر ڪنهن اميدوار جو ورڪ ڪندا هئا ته به هڪ دفعو
پنهنجي اوڙي پاڙي ۽ راڄ ۾ وڃي، اڪثر اڪيلي اڪيلي
چئي ايندا هئا. اهو ڄڻ ته فيصلو ٿي چڪو. هميشه
پنهنجي تائيد ڪيل اميدوار جون چڱايون ۽ وابسته
ڳالهيون ڪندا هئا. ٻئي اميدوار جي گلا اصل نه ڪندا
هئا. سندن گفتگوءَ جا لفظ ايترا چِٽا ۽ طاقتور
هوندا هئا، جو انڪار جي حجت ئي ڪونه رهندي هئي.
سندن شخصيت جو اثر، گفتگو جو ڪمال ۽ فيصله ڪُن
نگاهون ايترو ته موثر هونديون هيون. جو اڪثر سطحي
سوچ وارا اديب خواهه ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ کي تقويت ڏيڻ
وارا ڪامريڊ وٽانئن ڪوءِ کائيندا هئا. اگر ڪڏهن ڪو
اهڙو سخت گير لهجي وارو فيصلو عبدالڪريم صاحب کي
ڪرڻو هوندو هو ته پاڻ اهو فيصلو راڄ محمد صاحب
ڏانهن منتقل ڪندا هئا ۽ اڪثر منتقل ٿيندي ئي ڌريون
فيصلو سمجهي ويندا هئا.
’ڏاهپ‘ ۽ ’وڄا‘ جو عجيب مظهر هو، راڄ محمد صاحب،
تزڪيه نفس ۽ تقويٰ شعاري ته ڄڻ سندن ننڍپڻ کان کين
قدرت جو تحفو هو. ڪي ماڻهو علم پڙهي پوءِ پاڻ کي
سوڌيندا ۽ سنواريندا آهن، مگر راڄ محمد صاحب جي
شخصيت اڳ ۾ ئي سوڌيل ۽ سنواريل هئي ۽ علم ۽
مطالعي مان ان جي چٽائي بعد ۾ ٿي.
سندن هڪ تصنيف ”وڙهيا، واڳيا، واپريا“ مون ترتيب
ڏئي، سندن اداري ”اداره نواءِ ادب“ ڳوٺ خانصاحب
عطا محمد پليءَ مان ڇپرائي آهي. سندن ٻيو مجموعو
تحقيقي مقالن ۽ مضمونن جو ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهي.
انهن ٻن ڪتابن کانسواءِ سندن خط، علم ادب جو وڏو
سرمايو آهن. خط- جيڪي پاڻ لکيائون يا جيڪي ڏانهن
لکيا ويا. هنن خطن ۾ سنڌ جي مشهور اديبن، شاعرن ۽
محققن جا علمي خط وڏيءَ اهميت وارا آهن.
انشاءُالله حياتي رهي ته خطن جو اهو مسودو به
ڇپائبو.
راڄ محمد صاحب پنهنجي دور جو سڄاڻ ۽ سجاڳ شخص هو.
نه صرف سندس علمي ۽ ادبي قد اوچو هو، پر سندس
رابطو، تعلق ۽ دوستي لڳ ڀڳ سنڌ جي سڀني اديبن ۽
شاعرن سان هئي. پر، سندن وفات بعد، سندن اديبن ۽
دوستن جو قلم بلڪل ائين خاموش رهيو، جيئن ”گرامي“
صاحب مرحوم تي، گرامي مرحوم تي لکڻ وارو به صرف
راڄ محمد صاحب هو، گرامي صاحب ته شروع ۾ ئي هڪل
ڪئي هئي ته هي ٿر ۾ ’گرامي ثاني‘ ڪٿان پيدا ٿيو
آهي! راڄ محمد صاحب نه صرف گرامي صاحب سان اهو
تعلق نباهيو، بلڪه وفات بعد به گرامي صاحب جو حق
نباهيو. ليڪن، جن کي گراميءَ سنڌ جا ’ڀلوڙ‘ شاعر
ٺاهي ڇڏيو، انهن جي قلم جي ڀلوڙ ڊوڙ گرامي صاحب
ڏانهن نه ٿي سگهي. اهڙيءَ طرح، راڄ محمد صاحب خواه
عبدالڪريم صاحب ڏانهن به سندن حلقه احباب جو رويو
لڳ ڀڳ ساڳيو ئي آهي.
راڄ محمد صاحب جيئن ”گرامي صاحب جي شخصيت ۽ فن جو
مطالعو شايد ئي ڪنهن اديب ڪيو هجي، راڄ محمد صاحب
جا ”نوائي سنڌ“ ۾ مضمون پڙهندي ئي گرامي صاحب،
خانصاحب عبدالڪريم کي خط لکيو ته هي ٻيو گرامي
ڪيئن اچي ٿر جي صحرا ۾ پيدا ٿيو آهي، مون کي ساڻس
ملاقات جو شوق آهي ۽ پوءِ گرامي صاحب ۽ راڄ محمد
صاحب جي دوستي هميشه لاءِ پختي ٿي وئي.
بغير ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽي جي سرٽيفڪيٽن جي هي
ٻئي عالم ڪيترو وقت سنڌي ادب کي پنهنجي قلم سان
احسانمند ڪندا رهيا، ٽماهي مهراڻ جي ڏهه ساله نمبر
بعد راڄ محمد صاحب جي اها تجويز هئي ته افسانه
نمبر، مقالا نمبر، فهرست نمبر ۽ ”لاهوتي لڏي ويا“
کي نمبر طور ڪڍجي ۽ نظم جو پڻ انتخاب شايع ڪيو
وڃي. جڏهن ڪجهه وقت ٽماهي مهراڻ ۾ شاعري جو حصو
بند ڪيو ويو ته سڀني کان پهرين راڄ محمد صاحب
گرامي صاحب ڏانهن احتجاجي خط لکيو جيڪو ٽماهي
مهراڻ ۾ شايع ٿيل آهي.
بعد ۾ راڄ محمد صاحب، مولانا گرامي صاحب کي خط
لکي ”گرامي- اڪيڊمي“ ٺاهڻ جو اظهار ڪيو، ”جشن
گرامي“ جون تياريون پڻ شروع ٿيون ۽ ماهوار رسالو
”گرامي“ ڪڍڻ لاءِ پڻ غور و فڪر جوآغاز ٿيو. ماهوار
”روح رهاڻ“ کي ”گرامي نمبر“ ڪڍڻ جي تجويز موڪلي
ويئي. بزرگن جي وچ ۾ اها خط و ڪتابت هلي پئي ته
1976ع ۾ گرامي صاحب جي وفات سان هي رفاقت ٽُٽي پئي
۽ گرامي صاحب ۽ راڄ محمد صاحب جي وچ ۾ طئه ٿيل سنڌ
جي صوفي مڪتبه فڪر جو نمائنده ماهوار ”شهادت“ به
ترتيب جي ابتدائي مرحلن ۾ رهجي ويو.
هن حيات ناپائدار ۾ انسان ڇا ڇا نٿو ڪرڻ چاهي ۽
حسرتن جا الائي ڪيڏا وڏا جبل پاڻ سان سنڀالي رکي
ٿو، پر انهن سڀني حالتن ۾ علم وارن جون حسرتون
ڪجهه ٻي طرح جون آهن. سرمائيدار پنهنجو سرمايو
گهڻو ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي، ظالم، جابر، قاتل ۽
گنهگار انسان پنهنجي گناهن جي لسٽ وڃن ٿا طويل تر
ڪندا، نيڪ انسان سدائين توبهه استغفار جي ورد ۾
مصروف آهن، ٻار وڏي ٿيڻ جي شوق ۽ وڏا وري ٻاراتڻ
جي حسرتن ۾، اهڙي ”گورک ڌنڌي“ واري جهان ۾ ماڻهو
ويهي علم وارن جي سوچن جا اندازا لڳائي ته هو ڇا
سوچيندا رهيا آهن ۽ ڪهڙي سرمائي جي وڻج واپار جي
کين ورونهه لڳل هئي.
گرامي صاحب هڪ خط ۾ خانصاحب عطا محمد مرحوم جي
چئني فرزندن لاءِ هيءُ شعر لکيو ته:
ہیں
کرنیں
ایک
ہی
سورج کی،
کچھ فرق نہیں
ہے
چاروں
میں۔
راڄ محمد صاحب وقت کان پهرين ڳالهيون سمجهي سگهندو
هو. اهي سندن اوطاق طرف ايندڙ مهمان متعلق هجن يا
ڪنهن تحرير جي خالق متعلق هجن. هُو وک مان من جي
منشا سمجهندو هو. اها قدرت جي وڏي دين هئي. ساڳئي
ڪيفيت عبدالڪريم صاحب جي به هئي. عبدالڪريم صاحب
ڪٿي لکيو آهي ته اگر راڄ محمد صاحب ”ديوانِ طالب
الموليٰ“ تي نه لکيو، ته پوءِ سنڌ ۾ ڪير به لکڻ
وارو ڪونه بچيو آهي. اها ڳالهه اڄ تائين سورنهن
آنا سچ آهي. راڄ محمد صاحب کي قدرت جيتري ظاهري
سونهن ۽ صورت ڏني هئي، اوتروئي اندر جي ’اڇائيءَ‘
سان نوازيو هو. هن ڳالهه جو ثبوت سندس ڊائريون آهن
۽ انهن ۾ ٻين ڳالهين کان علاوه وفات ناما تمام
اعليٰ علمي ڪارنامو آهي. بلڪل، جيئن گرامي صاحب
ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ وياسي وينجهار لکندو رهيو، ائين
راڄ محمد صاحب به ڪنهن به شخصيت جي وفات جو ٻڌڻ
وقت انهيءَ جو خاڪو پنهنجيءَ ڊائريءَ ۾ انهيءَ وقت
جي تاثرات سميت نوٽ ڪندو هو، اهو سندس علمي صداقت
جو وڏو ثبوت آهي.
راڄ محمد صاحب جهڙي باڪمال شخص تي لکڻ لاءِ ته
گهڻو وقت ۽ گهڻا صفحا گهرجن. پنهنجي وطن سان پيار
ڪندڙ هن موحد ۽ متوڪل، اديب، عالم ۽ شاعر کي اسين
ته صرف خراج پيش ڪري سگهيا آهيون. سندس علمي، ادبي
۽ سماجي خدمتن جو احاطو ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. جهڙيءَ
طرح، وقت جي حاڪمن طرفان ڏنل تحسين ناما، ستارا ۽
تمغا هنن شخصن جا مُتلاشي آهن. بلڪل اهڙيءَ طرح
هنن وڏين شخصيتن تي لکڻ سان هنن جو قد ته نه ٿو
وڌي، بلڪه لکندڙ قلم جي عزت ۾ اضافو ٿيو وڃي.
هيستائين راڄ محمد صاحب جون صرف چار ڪافيون ڇپيون
آهن. پاڻ ابتدائي ادبي سالن ۾ ئي شاعريءَ سان گهٽ
شوق رکيائون. جڏهن مون کي شاعريءَ جو شوق ٿيو، ته
”معمور“ يوسفاڻي صاحب (بابا سائين)، راڄ محمد صاحب
جو تخلص ”جمال“ مون کي عنايت ڪيو.
آءٌ پنهنجي لاءِ اهو اعزاز ٿو سمجهان، جو نه صرف
راڄ محمد صاحب جو تخلص منهنجي حصي ۾ آيو. بلڪه
سندس تحقيقي ڪم جي سهيڙ به منهنجي ذمي آئي.
انشاءُالله وقت پري ناهي، جو سندن انهيءَ سڄي علمي
ڪم کي منظر تي آڻجي.
الله پاڪ کين پنج فرزند عطا ڪيا: (1) خانصاحب انور
علي، (وفات 1- آگسٽ 2010ع )، اختر علي، حاجي اصغر
علي، اظهر علي، سرور علي (وفات 19- سيپٽمبر
2018ع) ۽ اڪبر علي.
سندن وفات 16 ڊسمبر 1991ع تي ٿي ۽ عمرڪوٽ لڳ
پنهنجي آبائي قبرستان شهيد محمد علي شاهه- کيجراڙي
۾ دفن آهي. (ايڊيٽر)
ضميمو-2- (معمور يوسفاڻي)
تعليمي سندون:
1. سنڌي فائنل (1952) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن، 2.
اديب (1957ع)،3. اديب عالم سنڌي (1958ع) ٽيون
نمبر، 4. اديب فاضل سنڌي (1959ع) فرسٽ ڪلاس ٻيو
نمبر، 5. ايس.وي (1961ع) پهريون نمبر، 6. اردو
فائنل (1962ع) فرسٽ ڪلاس، 7. اديب اردو (1962ع)،
8. مئٽرڪ (1963ع)، 9. اديب عالم اردو (1963ع)، 10.
اديب فاضل اردو (1964ع)، 11. منشي فارسي (1968ع)
پهريون نمبر، 12. منشي عالم فارسي (1969ع) پهريون
نمبر، 13. انٽرميڊئيٽ (1969ع)، 14. بي.اي.
(1970ع)، 15. منشي فاضل فارسي (1970ع) پهريون
نمبر، 16. بي.ايڊ (1971ع)، ايم.اي. سنڌي (1973ع)
پهريون نمبر (گولڊ ميڊلسٽ)
ملازمت:
3 نومبر 1954ع کان تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار
ڪيائون.
(الف) 20 سال پرائمري ٽيچر، (ب) 5 سال سيڪنڊري
ٽيچر، (د) بيٽ آفيسر، (هه) 12 سال اورينٽل ڪاليج
حاجي محمد عالم پليءَ ۾ اعزازي طور سنڌيءَ ۾
ليڪچرار، (و) هڪ سال سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ ”سبجيڪٽ
اسپيشلسٽ سنڌي“.
نوڪري جا هنڌ:
مختلف وقتن ۾ هيٺين اسڪولن ۾ نوڪري ڪئي.
(الف) پرائمري اسڪول (1) پاهڙ دل، (2) چِيلهه، (3)
حاجي عبداللطيف پلي، (4) اوطاق پير موسيٰ جان
سرهندي، (5) هوندو پلي.
(ب) سيڪنڊري اسڪول: (1) فقير غلام علي لغاري، (2)
هاءِ اسڪول عمرڪوٽ، (3) مڊل اسڪول صوفي فقير،(4)
دولت لغاري.
(ج) بيٽ آفيسر: بيٽ پٿورو. (د) سجيڪٽ اسپيشلسٽ،سنڌ
ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄام شورو. (هه) اعزازي ليڪچرار:
م.د. اورينٽل ڪاليج حاجي محمد عالم پلي. (و) ميمبر
سنڌ ادبي بورڊ ۽ ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ ٽماهي مهراڻ
ڄامشورو.
ٻيون مشغوليون:
علمي مطالعو، شاعري، ادبي جدوجهد، ادبي مقابلا،
ادبي ڪانفرنسون، مشاعرا ۽ سيمينار منعقد ڪرائڻ.
ادبي حيثيت:
(الف) شاعري 1954ع کان. (ب) نثر 1950ع کان. (ج)
لوڪ ادب جي سهيڙ 1956ع کان. (د) ثقافتي تحقيق ۽
تنقيد 1960ع کان.
تصنيفات:
هن وقت سندن لکيل ٽوٽل 89 ڪتاب.
(الف) شاعريءَ ۾ 36 ڪتاب. (ب) نثر ۾ 53 ڪتاب.
اشاعتي سلسلو:
(الف) سندن اشعار، مضمون، مقالا ۽ لوڪ ادب بابت
ٿيل ڪم، سنڌ جي سڀني اخبارن، رسالن ۽ مخزنن ۽ لوڪ
ادب جي ڪتابن ۾ شايع ٿيندو رهيو.
اصناف سخن:
(الف) شاعريءَ جون سڀئي صنفون. (ب) نثر جون سڀئي
صنفون.
پسنديده موضوع:
مذهبيات، لطيفيات، لسانيات، گرامر، تاريخ،
جاگرافي، ڪلچر، لوڪ ادب، تنقيد وغيره.
ادبي وابستگي:
پنهنجي دؤر جي سنڌ جي اڪثر ادبي ادارن جا ميمبر ۽
عهديدار رهيا، جن جو تفصيل هن طرح آهي:
1. انجمن علم و ادب صوفي فقير، 2. بزم علم و ادب
صوفي فقير، 3. بزم طالب الموليٰ شاخ پٿورو شاخ
حبيب آباد ۽ شاخ صوفي فقير، 4. بزم طالب الموليٰ
سنڌ(مرڪزي ميمبر)، 5. جميعت الشعرا سنڌ، 6. لٽرري
سوسائٽي حيدرآباد، 7. سنڌي ادبي سنگت سنڌ، 8.
اداره نوائي ادب- ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي، 9.
مهراڻ ادبي سنگت سنڌ، 10. مهراڻو اڪيڊمي- سنڌ، 11.
پلي اڪيڊمي- سنڌ، 12. تحريڪ تعمير ادب- سنڌ، 13.
گرهوڙي يادگار ڪميٽي، 14. ٿرپارڪر ڪلچرل سوسائٽي،
15. ٻارڙا پبليڪيشن عمرڪوٽ، 16. سنڌ لطيف ادبي
مجلس، 17. محمد بن قاسم ادبي سوسائٽي حيدرآباد،
18. تاج اڪيڊمي جهڏو، 19. صائم اڪيڊمي ٽنڊو محمد
خان، 20. قاصر اڪيڊمي ميرپورخاص،21. پاڙيچا
پبليڪيشن عمرڪوٽ، 22. چانڊيا پبليڪيشن- دڙيلو، 23.
رهبر ادبي سوسائٽي، 24. تنظيم فڪر و نظر سنڌ، 25.
لاڙ ميوزم- بدين، 26. پلي ميوزم- لطيف نگر.
انعام اعزاز ۽ سرٽيفڪيٽ:
شاعري، مقاله نگاري، لوڪ ادب، ٻاراڻي ادب، ڊرامه
اداڪاري، موسيقي، لطيفيات (صدر پاڪستان طرفان ٻه
دفعا هڪ هڪ لک ۽ هڪ ٻئي سڄاڻ طرفان هڪ لک رپيا) ۽
ٻين مقابلن ۾ ڪافي انعامي ڪپ ۽ بهترين ڪارڪردگي
سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيل اٿم، انهيءَ کانسواءِ پراڻ ادبي
ايوارڊ ۽ هجري ايوارڊ لوڪ ادب ايوارڊ، عالم لطيف
ايوارڊ (صدارتي) ۽ سنڌ سرڪار طرفان شاهه لطيف
ايوارڊ (محقق ڪئٽگري) تي پڻ مليا.
ادبي تعاون:
(الف) سندن تعاون ۽ نگراني هيٺ ريسرچ انسٽيٽيوٽ
اورينٽل ڪاليج حاجي محمد عالم پلي، مهراڻو اڪيڊمي
سنڌ ۽ ٿرپارڪر ڪلچرل سوسائٽي وغيره جي سڏ تي ڪافي
سنڌي اديب تحقيقي مقالا لکي چڪا آهن.
(ب) ٻين ادارن سان تعاون:
§
سنڌ پراونشل ميوزم ۾ سنڌ جي هنرن تي مقالا لکائڻ
جي سلسلي ۾ جيڪا ڪميٽي ٺاهي، ان جو ادبي سيڪريٽري
رهي مختلف هنرن تي 64 مقالا لکايم.
§
بدين ثقافتي ميلي ۾ ادبي ڪميٽي سان تعاون ڪري کين
12 مقالا لکائي ڏنم ۽ هڪ طويل مثنوي بدين تي لکي
جيڪا بدين ضلعي جو مطالعو ۾ شايع ٿيل..
§
سنڌي ادبي بورڊ طرفان، لوڪ ادب اسڪيم ۾ ڪارڪن رهي،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگراني ۾ لوڪ ادب سهيڙڻ
۽ سموهڻ ۾ ڪئين سال ڪم ڪيائون.
§
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز سان تعاون ۾ رهندي، نه رڳو
پاڻ مختلف سرن تي مقالا لکيا آهن، بلڪ ٻين کان به
مقالا لکائي ڏنائون.
§
ٽماهي مهراڻ جي مشاهير نمبر لاءِ بزرگن، عالمن تي
مقالا لکائي موڪليائون.
§
ٿرپارڪر ڪلچرل ڪميٽيءَ تحت ”ٿرپارڪر جو مطالعو“
لاءِ اديبن کان مقالا لکايائون ۽ پاڻ مڪمل ڪتاب
لکيائون.
§
شاهه ولي الله اڪيڊمي جي لاءِ پڻ ڪيترن ئي بزرگن
جي سوانح لکي چٽا ڀيٽيءَ ۾ پهريون نمبر حاصل
ڪيائون.
لکيل ڪتابن جي لسٽ:
(الف) شاعري جا ڇپيل ڪتاب سندن حياتي ۾:
1. آڏي ڍال مَ ڍار (1965ع واري جنگ وقت لکيل شعرن
جو مجموعو) 1966ع ۾ ڇپيل. 2. پکن منجهه پساهه
(ڪافين جو مجموعو )1967ع ۾ ڇپيل. 3. ستا اُٿي جاڳ
(اصلاحي، تعميري ۽ انقلابي شعرن جو مجموعو) 1968ع
۾ ڇپيل. 4. ڏاهر لعه (راجا ڏاهر بابت تفصيلي حقيقت
شعر ۾) 1968ع ۾ ڇپيل.
(ب) شاعري جا اڻ ڇپيل ڪتاب:
5. ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگ (غزلن جو مڪمل ديوان) 6.
مصريءَ جون تڙون (حمد، نعت، مناجات ۽ مدح) 7. ننڊ
مَ هيريو نيڻ (ٽيهه اکريون، هفتا، ڏينهن، راتيون)
8. گاهن ڪيا گلزار (مختلف قسمن جا نظم) 9. وساريان
نه وسرن (غزلن جو مجموعو) 10. سڄڻ ياد پيوم (دوها
۽ بيت) 11.سونهن وڃايم سومرا (وايون ۽ ڪافيون) 12.
کوکا، ڪوڪڙ ۽ ڪريون (قطعه، رباعيون، فرد) 13. لڳو
ڏونڪو ڀير تي (سانيٽ، ترائيل، هائيڪا، آزاد نظم)
14. پنهوارن پاٻوهيو (لوڪ ادب جون لعلون) 15.
وڙهيا واڳيا وترا (مناظرا ۽ مقابلا) 16. ٿيون
ڳالهيون ڳائجن (واقعاتي شاعري) 17. آزاديءَ جا
انگور (مزاحيه ۽ طنزيه شاعري) 18. گل ۽ ڪنڊا (جديد
قصيدا) 19. وڏيرا ويا (وڏيرن ۽ هارين بابت شاعري)
20. ممڙو قنڌاري (قصيدا، نظم ۽ قطعا) 21. حقيقت هن
حال جي (انقلابي ۽ قومي شاعري) 22. ٻجهڻ وارن
ٻجهيو (حقيقتون) 23. تتي ٿڌي ڪاهه (مختلف صنفون)
24. نڪا خبر نه خواب (سنڌ جي مشاهيرن بابت چيل
شعر) 25. ڀيچ مانٽي (ٿري زبان ۾ چيل اشعار) 26. اڪ
جي ڪاٺي، نم جو پايو (ٻارن لاءِ لکيل شعر) 27.
مارو ۽ ملير (ٿربابت) 28. ناسيندي نگاه (غمناڪ جي
تخلص سان شاعري) 29. سڻي سڏ پرينءَ جو (ارمغان
خالد) 30. ڪٺيس ڪويڄن (استادن جي هلت بابت) 31. نه
سي جوڳي جوءِ ۾ (ارمان وارو نظم) 32. سڄڻ ۽ ساڻيهه
(ملڪي قومي نظم) 33. مُئي هاٿيءَ مامرو (ترڪڻ
پسندن بابت نظم) 34. ڳالهيون ڳنوارن جون
(لوليون مورا وغيره) 35. مري ٿيا نه مات (سنڌ جي
عظيم انسانن کي خراجِ عقيدت) 36. بديڻن جي ڀلاري
سرزمين (مثنوي).
نثر ۾ لکيل ڪتاب:
1. مهراڻي جا مور (ناري مهراڻي جي مشهور شخصيتن جو
احوال) 2. هو مارو هو ماڳ (سنڌ جا چونڊ بزرگ) 3.
ويٺي جنين وٽ (ٿرپارڪر جي بزرگن جو احوال) 4.
ٿرپارڪر جا ديني درسگاهه (ٿرپارڪر جي عالمن، معلمن
۽ مدرسن جو احوال) 5. نيڪ محمد باطن (سوانح ۽
ڪلام) 6. مير محمد عنصري (سوانح ۽ ڪلام) 7. حافظ
درمحمد پلي (سوانح ۽ ڪلام) 8. قائم الدين ماڇي
(سوانح ۽ ڪلام) 9. صوفي صديق فقير صادق (سوانح ۽
ڪلام) 10. سومرن جو سردار (صوفي قلندر بخش شهيد جو
احوال) 11. ميون قاسم ڪالرو (ميين جي سوانح، ٻول ۽
پرزا) 12. گرهوڙي گهوٽ (شهيد حضرت عبدالرحيم
گرهوڙيءَ جي سوانح ۽ ڪلام) 13. پنجواڻي (پنجواڻي
پاڙي جي پلين جو شجرو ۽ تاريخ) 14. ٿرپارڪر جي
مختصر تاريخ (تعليمي کاتي جي پروگرام تحت لکيل)
15. نه ڪتو نه ڪوڪار (ٿرپارڪر جي شڪارين ۽ توبچين
جو تذڪرو) 16. ڪنگ ويچارو ڪير؟ (شيخ مبارڪ اياز جي
شاعريءَ جو جائزو) 17. ٻگهن مڇن من (جي.ايم.سيد جي
تحريرن جو جواب) 18. جدت جو فريب (جديد سنڌي
شاعريءَ جو جائزو) 19. پنهوارن پچار (تاريخي آثار)
20. ٿرپارڪر جي ادبي تاريخ (ٿرپارڪر جي قديم ۽
جديد شاعرن جو تذڪرو) 21. مکيءَ جا مٿير (پهرين حر
هلچل ۽ حرن جا ڪارناما) 22. هي ڀونگا هي ڀيڻيون
(ٿرپارڪر جا آثار قديمه) 23. ناري سب ڊويزن جو
ادبي جائزو (ايم.اي سنڌي لاءِ لکيل مقالو) 24.
ٿرپارڪر جا پراڻا وهڪرا، ڀڙا ۽ کنڊر 25. ماروئڙا
ملير جا (ٿرپارڪر جي سياڻن ۽ سگهڙن جو احوال) 26.
ڪائو ڪمايوم (مضمونن جو مجموعو) 27. سرتيون ۽ سُئي
(سنڌ جي ڀرت جي تاريخ) 28. شاهه جو سفرنامو
(ٿرپارڪر جو سير ۽ سفر) 29. ڀٽ ڌڻيءَ جا سورما
(سنڌ جا سورهيه ۽ سخي) 30. لطيفي لغار (شاهه بابت
لکيل مقالن جو مجموعو) 31. سنڌڙيءَ جا سينگار (سنڌ
بابت ڪلچرل مضمون) 32. مهراڻي جون محفلون (ڊايالاگ
۽ ڊراما) 33. ڪڙٻ ڪڙٻان (افسانن جو مجموعو) 34.
دنيا دم گذر (مضمونن جو مجموعو) 35. ٿرپارڪر جون
لوڪ ڪهاڻيون 36. ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا (ٻاراڻيون
ڪهاڻيون ۽ ٻول) 37. رهاڻيون ۽ رس (سنڌ جو لوڪ ادب)
38. پپون، پيرون، ٿيڳ (مزاحيه ۽ تعميري ٽوٽڪا) 39.
سنڌيءَ گرامر (سنڌي ادب جي روشنيءَ ۾) 40. سنڌي
ٻولي (سنڌي ٻوليءَ بابت مختلف قسمن جا مضمون) 41.
مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا (ٿرپارڪر جو لباس) 42. ٿرپارڪر جا
ملهه ۽ ملاکڙا 43. ٿرپارڪر جي صحافت 44. ٿرپارڪر
جي جاگرافي 45. ٿرپارڪر جي ادبي، سماجي ۽ سياسي
تاريخ 46. لطيفي سورميون 47. لطيفي ڪلام جا سرچشما
48. ٿرپارڪر جا صوفي بزرگ 49. سنڌ جا هُنر 50. مير
نورمحمد ٽالپر جو ڪلام 51. محمد ڪامل عاصي جي ڪلام
جو تجزيو 52. بدين ضلعي جون لوڪ ڪهاڻيون 53. تحريڪ
آزادي ۾ ٿرپارڪر جو حصو.
معمور صاحب جي وفات بعد ڇپيل ڪتاب:
1. ست سورهيه ڏهه ڏاتار 2. لطيف جا ٿر تان ڀيرا 3.
ڍوليو ڍٽ ڌڻي 4. ڀٽائي جو مطالعو 5. سنڌ ۾ شاهه
ولي الله جا همعصر بزرگ 6. ڪائو ڪمايوم 7. مُهراڻي
جا مور 8. مهراڻي جو مير 9. مذهب ۽ تخليقِ ڪائنات
(حامد علي) ترجمو 10. پنهوارن پچار 11. پکن منجهه
پساهه (ٻيو ڇاپو) 12. پنهوارن پچار 13. ٿرپارڪر جو
مطالعو 14. ديوان معمور.
سندن شخصيت متعلق ڪتاب: سندن وفات بعد سندن شخصيت
جي مطالعي، مطالعو معمور جي سر هيٺ هيٺيان ڪتاب
شايع.
اُهي ڪتاب جيڪي سائين جي ترتيب، مشاورت، معاونت،
رهنمائي ۽ سرپرستي ۾ شايع ٿيا.
1. ٻارڙا پبليڪيشن جا چار ڪتاب (1) گلڙن رنگ لاتو
(2) وليون وڻ ڦُلاريا (3) جيڪي آهي اڄ. (صوفي صادق
نمبر) (4) جي تو بيت ڀانئيا (لطيف نمبر) 2. وٺا پٽ
پراڻ جا (مير اصغر ٽالپر) 3. سنيها سرير جا (ڪمال
اختر چانڊيو) 4. ڪلام خادم (محمد عرس خادم مڱريو)
5. ڏونگر ڏُک ۾ ڏي (عبدالعليم شاهه آزاد) 6. اشارن
جي دنيا (زاهد ڪنڀار) 7. ڀڳت نارائڻ داس (زاهد
ڪنڀار) 8. تنهن سورهيه کي شاباس (لياقت
جوڻيجو/محمد علي مخمور) 9. اوسيئڙو (قاصر جماڻي)
10. سڄڻ ياد پيوم (پريتم پياسي) 11. مهراڻو (مرتب
معمور يوسفاڻي) 12. امراڻو 13. ڏيهي ڏور ٿيا (مرتب
معمور يوسفاڻي/ عاصي عبدالواحد هَڪڙو).
پاڻ جمعي ڏينهن 24 ڊسمبر 1993ع تي دارالبقا ڏانهن
روانا ٿيا.
نَوَ نير ڏهه ڏاوڻيون، پندره پيند پياس،
جڏهن سڄڻ ياد پياس، ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي. (شاهه)
(ايڊيٽر)
بردبار شخص پنهنجي مقدر جا اندر ۾ ايندل جهير
برداشت ڪندو رهيو.
”وفا“
صاحب جو شاعريءَ ۾ استاد ”معمور“ يوسفاڻي هو. هيءُ
اهو دؤر هو، جڏهن ڳوٺ ’خانصاحب عطا محمد پليءَ‘ ۾
’اداره نوائي ادب‘ جو بنياد وجهي، ڪريم صاحب، راڄ
محمد صاحب ۽ ”معمور“ صاحب هن علائقي ۾ هڪ وڏو ادبي
تحرڪ پيدا ڪيو. هن ئي دؤر ۾ جهوڪ شريف جي حضرت
صوفي ارشاد عباس ۽ هالا شريف جي قبله مخدوم محمّد
زمان ”طالب الموليٰ“ جي ناري پَٽَ جي علمي ادبي
مشاعرن ۽ محفلن ۾ اڪثر جلوه افروزي ٿيندي هئي.
هنن ٻنهي گادي نشينن جي جماعتن جا
ناري پٽ جا
اڪثر معززين ۽ سهروردي ساٿ جا اڳواڻ هنن ادبي رس
رهاڻين جا ميزبان هوندا هئا. خاص طور جناب فقير
صوفي خدا دوست، صوفي طالع محمد ”ناز“ سروري ۽ حاجي
فتح محمد راڄڙ هنن خدمتن ۾ اڳرا هوندا هئا. هنن
رهاڻين جو مرڪز ۽ محور ’خانصاحب عطا محمد پلي‘ جي
ڳوٺ ۾ خانصاحب عبدالرحمان پلي وٽ هوندو هو. هن دؤر
جي مشاعرن ۾ علم، ادب، فن ۽ تهذيب جا قدر وسارڻ جا
ئي نه آهن. اهي مشاعرا نه، ڄڻ تربيتي ڪئمپون هيون.
اهو ماحول 1950ع کان 1965ع تائين عروج تي هو.
عمرڪوٽ جي زرخيز مٽي، جتي اڳ ۾ ئي پختا ۽ صاحبِ فن
شاعر موجود هئا؛ هن ماحول ويتر ڪيترائي نوان شاعر
پيدا ڪيا، جن جي رهنمائيءَ جو اڪثر ذمو ”معمور“
يوسفاڻي صاحب جو رهيو.
”وفا“
صاحب جي نوخيز جوانيءَ جو هيءُ ئي دؤر هو، جو پاڻ
ننڍيءَ عمر ۾ وڏن مشاعرن ۾ شريڪ ٿي، وڏن شاعرن سان
گوڏو گوڏي سان ملائي، پنهنجي شاعرانه پختگيءَ جي
منزل تمام جلد حاصل ڪيائين. قبله مخدوم محمد زمان
”طالب الموليٰ“ جي صدارت ۾ محترم ”سرشار“ عقيلي ۽
”امير“ قريشي جهڙن ڪهنهء مشق استاد شاعرن جي
موجودگيءَ ۾، مشاعري ۾ شعر پڙهي خوب داد حاصل ڪرڻ،
اهو
”وفا“
صاحب جي شعر جي ابتدا جو ماحول هو. اڳتي هلي،
”وفا“
انهيءَ معيار تي پهتو، جو چوندو هو ته: مُستند ہے
میرا
فرمایا
ہوا.‘ آئون چوندو هئس ته:
”وفا“
سائين! فلاڻي استاد شاعر هيءَ ڳالهه هيئن به چئي
آهي، ته چوندو هو ته: ”لازم نہیں
کہ قیس
کی
ہم پیروی
کریں.“
اها به خاص ڳالهه آهي ته جنهن خاندان ۾
عبدالڪريم”ڪريم“
پليءَ جهڙو سهڻو ۽ سيبتو شاعر موجود هجي، اتي
”وفا“ صاحب جهڙو نوعمر ۽ نوآميز مڃتا ماڻي، پير
کوڙي ۽ پنهنجو خاص مقام ٺاهي وڃي؛ ائين اسان کي
سنڌي ادب ۾ گهٽ نظر اچي ٿو.
هڪ دفعي لاڙڪاڻي جي هڪ محترم شاعره، ”وفا“ صاحب کي
خط لکي ملاقات جي خواهش ڏيکاري ۽ جڏهن حيدرآباد ۾
”وفا“ صاحب جي بنگلي تي اُها ملاقات ٿي، ته آئون ۽
برادرم علي نواز پلي اتي موجود هئاسين. سڄيءَ
ملاقات ۾ اسان کي اِهو محسوس نه ٿيو، ته هيءَ
شاعره ڪا ”وفا“ سان پهريون دفعو ملي آهي. ”وفا“
صاحب اڃا پنهنجي شعر جي هڪ سِٽَ ٿي پڙهي، ته هُن
محترمه ٻي سِٽَ پوري ٿي ڪئي. اهو سندس شعر جو
پنهنجي مداحن تي اثر هو.
هڪ دفعي ملتان جي سرائڪي پٽي جو هڪ ايس.ڊي.ايم
ظفرالله خان، عمرڪوٽ بدلي ٿي آيو. کيس علم جي
اُساٽ آڻي وفا صاحب جي بنگلي تي پهچايو، پاڻ وفا
صاحب جي هيٺين شعر تي خوب داد ڏنائين ته:
ڪا تمنا، ڪا آرزو ڪانهي،
زندگي ائين به ڪو گذاري ٿو.
”وفا“ صاحب چيس ته ظفرالله خان! داد ڏيڻ ته سولو
آهي؛ پر ڪنهن تمنا ۽ آرزوءَ کان سواءِ زندگي ته
ٺهيو، پر هڪ ڏينهن ته گذاري ڏيکار. ميان ظفرالله
خان جو وات ڦاٽل رهجي ويو ۽ چهري تي حيرت ۽
مونجهاري جون ڪيئي ريکائون نروار ٿي آيون. کيس
اندازو ئي نه هو، ته ”وفا“ صاحب داد تي خوش ٿيڻ جي
بجاءِ ايترو اُتانهون ڳالهائيندو.
ساڳئي غزل جي مطلع تي ڳالهائيندي هڪ دفعو چيائين،
ته عابده پروين صاحبه منهنجي انهيءَ غزل جي مطلع
کي عام رواجي سمجهي ڳايو آهي. ان ڪري اعرابن سان
انصاف نه ٿيو آهي ته:
تنهنجو مشتاقُ، دِيدَ ساري ٿو،
آ وڇوڙي جو موت ماري ٿو.
چيائين: مشتاق ڏسڻ لاءِ آتو هجي، ڪهڙي نئين ڳالهه
آهي. پر، مون هيئن لکيو آهي ته:
تنهنجو مشتاقِ ديد، ساري ٿو.
صرف زيرِاضافت جو اچڻ ۽ ڪاما جو ديد کان پوءِ اچڻ
شعر جي معنيٰ، حُسن ۽ دلڪشيءَ ۾ ڪيڏي جاذبيت پيدا
ڪري ٿو.
پنهنجي ڪتاب ”درد هزارين هڪڙي دل“ ۾ غزل لاءِ
لکيائين ته: ”منهنجي پسنديده صنفِ شاعري ’غزل‘
آهي. غزل، جيئن مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب
’ديوان طالب الموليٰ‘ ۾ لکيو آهي ته هڪ پرڏيهي صنف
آهي، تنهن کي عربي ۽ فارسي لفظن ۽ ترڪيبن ۽ تلميحن
سان سنواري سگهجي ٿو. جنهن ۾ هنديءَ جا لفظ ۽ سنڌي
جا پراڻا اکر، جي هاڻي متروڪ ٿي چڪا آهن، هروڀرو
نه ٽنبجن. غزل، قطعه، نظم، رباعي، بلڪ تمام عروضي
شاعريءَ ۾ عربي ۽ فارسي ترڪيبن ۽ محاورن کي عيب
نه، بلڪ شاعريءَ جو سينگار ٿو سمجهان ۽ زيرِاضافت
به. باقي ٺيٺ سنڌي ڪلاسيڪي صنف وائي ۽ ڪافيءَ لاءِ
عربيءَ ۽ فارسيءَ کي هاڃيڪار ٿو ڄاڻان. گيڙو رنگ
غزل جو مخالف آهيان ۽ ڌوتي بند غزل سان متفق نه
آهيان. غزل جي پنهنجي زبان آهي. غزل لاءِ لوازمات
لازم آهن، سي آهن ۽ رهڻ کپن.“ |