سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: وڻجارن وايون

 

صفحو:2 

حاجي احمد علي ”مجذوب“ 

جناب حاجي احمد علي ”مجذوب“ جن جي قوميت دَل آهي. پاڻ ڳوٺ ”سومار دَل“ ديهه ٻريجي تعلقي ساماري جا رهواسي آهن. شعر ۽ شاعري کين وراثت ۾ ملي آهي. سندن والد ’پاهڙ دَل“ جنهن جا بيت نڙ تي چيا ويندا آهن، سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي. سندن وڏن ۾ ’صالح فقير‘، ’ڪنڊو فقير‘ ۽ ’ٻڍو فقير‘ شاعر هئا. علاوه ازين سندن چاچو ’حاجي ابراهيم‘ مثنوي نويس مشهور شاعر آهي، جنهن جي مثنوي ”عمر مارئي“ زنده جاويد ڪارنامو آهي.

پاڻ فارسيءَ جي تڪميل ’مخدوم معين الدين‘ سيوهاڻي جن وٽ ڪيائون.  عربي زبان تي به چڱي دسترس اٿن. سندن شعر انهيءَ ڪري گهٽ آهي جو پاهڙ فقير تلقين ڪئي هئن ته ”شعر نه چئج، ۽ شڪار نه ڪج، ڇو جو شاعر جي دل تي هميشه ڪلفت ۽ رنج رهن ٿا، ۽ تنگدست گذاري ٿو!“ تاهم پاڻ شعر شروع کان چوندا آيا آهن، هر دؤر ۾ خيالات جي تبديليءَ سان گڏ تخلص پڻ بدلائيندا رهيا. ابتدا ۾ جمالياتي شعرن ۾ ”مجروح“ تخلص آڻيندا هئا، تنهن بعد ملڪي آزادي جي جدوجهد جي وقت خيالات تي هميشه جهاد غالب رهندو هو، ۽ شعر به مجاهدانه چوندا هئا ته تخلص ”مجاهد“ نباهيندا هئا. آخر اهو به زمانو آيو جڏهن ڪابه حسرت باقي نه رهي، ۽ گوشه نشين ٿي ويا. هن وقت مٿن هر وقت مجذوبيت طاري رهي ٿي، ۽ ”مجذوب“ تخلص ڪم آڻين ٿا. سندن ڪردار سندن شعر ۾ بلڪل واضح رهي ٿو، ۽ شعر ٻڌائڻ وقت مٿن اُها ئي شعر واري ڪيفيت طاري ٿيو وڃي. هيٺ ڏنل شعرن مان ”ڪڏهن ايندا“ رديف وارو شعر ٻڌائڻ وقت مٿن دل جو دورو ٿي پيو، جنهنڪري لکائڻ کان معذرت ورتائون، ۽ ريڊيو جنهن تان ”طربيه نغما“ نشر ٿي رهيا هئا، بند ڪرائي ڇڏيائون. انقلابي تحريڪ وقت سندن ٽي دفعا تلاشي ٿي- (جنهن ۾ هڪ دفعي ملٽري تلاشي ٿي، ۽ ٻه دفعا پوليس سرچنگ ڪئي) جنهنڪري ڪيترو ئي ادبي سرمايو دست برد ٿي ويو. سندن لکيل مثنوي ”هير رانجهو“ (سرائڪي) پڻ ان وقت هيٺ مٿي ٿي ويئي. جنهن لاءِ اڄ تائين ڪفِ افسوس مليندا رهن ٿا. فارسي، اُردو، سنڌي ۽ سرائڪي زبانن ۾  شعر چوندا آهن، جن مان گهڻا غزل ۽ مثنويون آهن، ۽ سنڌيءَ ۾ بيت پڻ آهن. انقلابي تحريڪ دوران کيس ’شيخ عبدالمجيد‘، ’شيخ عبدالرحيم فراري‘ ۽ ’مولانا عبيدالله سنڌي‘ جن جي صحبت نصيب ٿي، تنهن کان سواءِ ’شيخ محمود الحسن‘ اسير مالٽا، ’ابو الڪلام آزاد‘ ۽ مولانا ’جوهر‘ جن سان خط و ڪتابت هلندڙ هئن، جنهنڪري ’ريشمي خطوط“ جي سلسلي ۾ سندن تلاشيون ٿيون، ۽ 12 مهينا جيل پڻ ڀوڳڻو پيو. هن وقت پاڻ گوشه نشين ٿي گذارين ٿا. سندن مطالعو وسيع آهي. قرآني تعليم نهايت ئي عميق اٿن.  ’علامه اقبال‘ ۽ ’مولانا آزاد‘ جن جو رنگ مٿن ايتريقدر ته غالب آهي، جو انهن جي تتبع تي اهڙا ئي شعر چيا اٿن- افسوس جو اهڙيون هستيون جلد ئي حقيقي منزل طرف وڃڻ واريون آهن، ۽ اسان سندن خاطر خواهه قدر نه ڪري سگهيا آهيون!

 

ٿلهه:

دلاسا درد وارن کي،

ڏکوين سان ڏکن ڀائي-

ڏيڻ وارا ڪڏهن ايندا؟

ٿيڻ وارا ڪڏهن ايندا؟

(1)

نه ڪو همدرد آهي هت،

سدا سورن ۾ شامل ٿي-

نه سورن جو ڏسان ساٿي،

جيئڻ وارا ڪڏهن ايندا؟

(2)

سڄو سنسار سورن جو،

ڏکن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي-

غمن ۾ وقت گذري ٿو،

بيهڻ وارا ڪڏهن ايندا؟

(3)

وڇوڙي ۾ ورهه گذريا،

ڪلها ڏيئي قبر تائين-

حياتي ڄاڻ ٿي پوري،

نيڻ وارا ڪڏهن ايندا؟

(4)

سڪي ”مجذوب“ ساري دل،

پيالا پرت جا گڏجي-

اکيون پياسي پسڻ ڪارڻ،

پيڻ وارا ڪڏهن ايندا؟

 

ٿلهه:

پون ياد پل پل،

وساريان نه وسرن-

کٻڙ کيٽ کيريون،

ٻاٻاڻن جون ٻيريون!

(1)

گنگهر ڏينهن گهاريان،

سنگهاريون ٿي ساريان-

هنجون روز هاريان؛

کاهڙ جون کٿيريون!

(2)

پرهه ياد پون ٿيون،

وهاڻيءَ وڄن ٿيون-

چونگاريون چڙن جيون؛

ڇنن منجهه ڇيريون!

(3)

پون ياد پيرون،

ڏين جهڻ کي جهيرون-

ولهارن جون ويرون؛

سنگهارون سويريون!

(4)

کٽون تنهنجيون کايان،

لڱن تان نه لاهيان-

پٽولا نه پايان؛

مارن جون هي ميريون!

(5)

”مجذوب“ ماڙيون،

ويهون ٺاهي ويڙهيون-

پکا ڏيئي نه پاڙيون؛

هنڌن ڪين هيريون!

 

ٿلهه:

وسي آب اوتون،

ڪئي پلر پالوٽ-

ڪري ٿو ابر مان،

ڪاري ڪڪــــــــــر مان.

(1)

ڀريون مينهن ڀرپور،

ڀري دلڙا آيون-

تلــــــــــيون تــــــــــرايون؛

پنوهاريون پلــــــــــر مان.

(2)

ڪئي بوند برسي،

اٺي جي اچي ٿي-

بهاري ڀٽــــــــــن تي؛

ٿڌي هير ٿر مان!

(3)

ڦلاريا آهن ڦوڳ،

عطر جي اچي ٿي-

ٻهڪــــــــــي آ ٻاٽي؛

عُمر بوءِ بــــــــــر مان!

(4)

گولاڙن ڪيا گُل،

کٿوريءَ جي خوشبو-

پيا ٻُوهه ٻهڪن؛

اچي جهنگ جهر مان.

(5)

وٺو  ملڪ ”مجذوب“،

ڪڍي ڇڏ عمر تون-

ٿيون سرهيون سنگهاريون؛

نماڻي نيــــــــــر مــــــــــان.

 

محمد خان ”غني“

 

جناب محمد خان ”غني“ پنهنجي خود نوشته تعارف ۾ هن طرح رقم طراز آهن:

نالو ’محمد خان‘، تخلص ”غني“، ولديت ’محمد دائود‘ ”مومن“، سنڌ جي مشهور شاعر حافظ حاجي حامد ٽکڙائيءَ رحه جو پوٽو. پئدائش 18 ذوالحج 1320 هجري، ”ٽکڙ“ تعلقه گونيءَ ۾. شاعريءَ جي ابتداء 1913ع غزل سان.

تصنيفات: ڏوهيڙن جو ڪتاب ”بادل ۽ بوندون“، ”مثنوي حاليءَ“ جي ترجمي تي ”ڊيولپمينٽ بورڊ“ طرفان 500 روپيا، مثنوي ”فاتح سنڌ“ تي ’ادبي بورڊ‘ طرفان 700 روپيا انعام يافته. هن وقت گيت، ڪافيون، ڏوهيڙا، غزل ۽ قصيده وغيره تي طبع آزمائي جاري آهي.

1916ع کان ادبي دنيا ۾ قدم.

1924ع کان باقاعدي پريس ۾.

1931ع کان مسلسل ايڊيٽر.

 

 

نوان ٿا ڏسون يار جا نت نظارا،

 

 

الاجي ڪندا ڪنهن مٿي محب مارا؟

 

(1)

نه ڪن ڪوڪ وسهر وڃي ڏاٺ ڏيئي،

 

 

تڏي تي ئي تڙپي اُٿن ٿا اُهيئي،

 

 

وَرن جنهن تي تنهنجا ڪري وار وارا.

 

(2)

اُهي جي اکين جي ڇڏيا گهور گهائي،

 

ويا ويڄ حڪمت اُنهن تي هلائي،

 

سَگهيون سي نه ساعت، چڪيا تن جا چارا.

(3)

سوا ساز سڀ سونهن سوڍل سري تو،

 

 

ڪيا قهر ڪهڙا هي وينگس وري تو؟

 

 

ڪهڻ لاءِ ڪنهن جي هي سينگار سارا.

 

(4)

پيارو پرينءَ کان مڏي مال ناهي،

 

گهُرن، گهور ڏيندس هي سينو سنباهي،

 

سندم ساهه سِر تي اوهان جا اُجارا.

(5)

اِها سخت منزل مٽڻ جيڪا مشڪل،

 

 

ڪري سِر، حضوري سراسر ٿئي حاصل،

 

 

اکين جا اچن جي فقط ڪي اشارا.

 

(6)

”غني“، غمزده ٿي گهڙيون جيڪو گهاري،

 

سندءِ نينهن چاڙهي ڇڏيو جو نظاري،

 

خبر خان لهه تون، اُنهيءَ جي خدارا!

 

 

 

 

 

 

*

 

اَٿم ايءُ عجب ڪيئن نه قسمت ڪياسين،

 

 

هئي جن سان هيڪاند وڇڙي وياسين!

 

(1)

لڪي لوڪ کان يار سان لنوءُ لڳائي،

 

 

خدا جو قسم سا مون ڏاڍي لڪائي؛

 

 

اکين آب آيو، ٿي پڌرا پياسين.

 

(2)

مون کي روڄ راتو ڏينهان جو ڏسن ٿا،

 

پراوا اچيو حال مون کان پڇن ٿا،

 

اکر عشق وارا اُنهن سان اَلياسين.

(3)

اٿم ڪالهه ڪانگل هنن ڏانهن هلايو،

 

 

ٿيو موت سامهون جي انڪار آيو،

 

 

مليو وصل وعدو ته جهٽ پٽ جياسين.

 

(4)

مون کي تنهنجا طعنا ڏئي عام اڪثر،

 

اُهي عشق آندا برهه بار برسر،

 

سڀئي سر مٿي سي کلي اڄ کنياسين.

(5)

”غني“، پاڻ پنهنجي پيا جان جهوريون،

 

 

اکر ڪِين اُڪلي جو احوال اوريون،

 

 

پڇيو جي پرينءَ ته به چپن ۾ چياسين.

 

 

 

 

 

 

 

فقير محمد ايوب آريسر *

 

اسم گرامي ’فقير محمد ايوب‘ خلف ’فقير محمد يوسف‘ قوم
’آريسر‘ سال 1919ع ۾ پنهنجي اَباڻي ڳوٺ ”هوندو آريسر“ متصل پٿورو تعلقه سامارو، ضلعي ٿرپارڪر ۾ تولد ٿيا.

قرآن شريف ۽ سنڌي فائينل تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ’حافظ حمزه صاحب‘ ۽ اُستاد ’مبارڪ آريسر‘ کان حاصل ڪرڻ بعد مزيد ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، مدرسه مظهر العلوم ”ولهيٽ“ تعلقه عمرڪوٽ ضلع ٿرپارڪر ۾ داخل ٿيا، جتي پنهنجي دؤر جي يگانه باعمل اهلِ الله عالم ’مولوي عبدالڪريم ساند مرحوم‘ جن وٽ سڪندر نامي تائين فارسي ۽ عربيءَ جا ابتدائي درس پڙهيائون. پاڻ استاد جي اطاعت ۽ خدمت کي فرض اولين سمجهي، اها ڪارِ سعيد بطريقه حسنه انجام ڏيندا هئا؛ انهيءَ ڪري استاد جي به نظرِ عنايت مٿن ٻين طالبن کان وڌيڪ هوندي هئي.

سندن شاعريءَ جو آغاز به انهيءَ زماني کان هڪ عجيب و غريب نموني سان ٿئي ٿو. آغازِ شاعري جو تفصيل هيئن آهي ته مولوي مذڪور (جيڪي نهايت ئي درويشانه ۽ فقيرانه طبع جا مالڪ هوندا هئا) ڪڏهن ڪڏهن طالب علمن کان غزل وغيره ترنم سان ڳارائي ٻڌندا هئا ۽ جڏهن اهڙي محفلِ سماع ٿي گذرندي هئي، ته فقير صاحب جن جي ڳائڻ کي پسند فرمائي، سندن آواز جي تعريف ڪندا هئا. هڪ ڏينهن فقير صاحب جن کي مولوي صاحب جن فرمايو ته ”ابا، اوهان شاعر آهيو، انهيءَ ڪري شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪريو.“ استاد جي زباني اهو ٻڌي فقير صاحب جن (جيڪي انهيءَ زماني ۾ شاعريءَ کان بلڪل ناآشنا ۽ ناواقف هئا)، وائڙا ٿي ويا، ليڪن استاد جي اڳيان انڪار يا عذر جي جرئت نه ڪري خاموش رهيا. نه معلوم استاد جي انهيءَ ارشاد ۾ ڪهڙو تاثير هو، جو ان ڏينهن کان فقير صاحب جن جي معمول ۾ تغير ۽ تبديلي پيدا ٿيڻ لڳي. سندن غذا، سندن ڳالهائڻ ۽ کِلڻ وغيره سڀ خودبخود گهٽجي ويا، ۽ هڪ غير معمولي ناآشنا غم کين کائڻ لڳو، ۽ پاڻ اَٺ ئي پهر هن خيال ۾ پريشان گذارڻ لڳا، ته استاد جي ارشاد جي تعميل ڪيئن ڪجي؟ آخر چند ڏينهن ائين مغموم و پريشان گذارڻ بعد هڪ ڏينهن کانئنس هڪ شعر ٺهي پيو، جو استاد جي خدمت ۾ پيش ڪيائون، جو قبول پيو، ۽ استاد طرفان ارشاد ٿيو، ”اوهان کي اڄ کان شاعريءَ جي اجازت آهي، پر في الحال مدرسه ’مظهرالعلوم‘ بدين ۾ وڃي باقاعدگيءَ سان مزيد تعليم حاصل ڪريو.“ ارشاد مطابق فقير صاحب جن مذڪور مدرسه ۾ وڃي داخلا ورتي، جتي مدرس مولوي ’غلام علي گوپانگ‘ جن وٽ فارسيءَ ۾ فارغ التحصيل ٿي نڪتا. ان بعد پنهنجي زمينداري ڌنڌي سان گڏ شاعري به باقاعده شروع ڪيائون، ۽ ڪجهه وقت پنهنجو فقيراڻو ٽولو ٺاهي، سنڌ جي ڳچ ڀاڱي جو سير پڻ ڪيائون.

حصولِ معاش جي سلسلي ۾ مقاطعدار جي حيثيت سان کين ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي رهڻو پوي ٿو. هن وقت پاڻ ڳوٺ ”سونپور“ تعلقي عمرڪوٽ ۾ رهن ٿا، ۽ زماني جي ٻين متعدد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ سان گڏ، شاعري (جا سندن زندگيءَ جزو لازم بنجي چڪي آهي) تنهن سان پڻ نڀائيندا اچن. پاڻ نام و نمود ۽ شهرت جي خلاف آهن، انهيءَ ڪري ڪلام جي حفاظت نه ڪرڻ باعث سندن ڪافي ڪلام گم ٿي ويو آهي، تاهم سندن ڪلام جو ڪافي ذخيرو موجود ۽ محفوظ آهي. سندن ڪلام ۾ فقيرانه ۽ صوفيانه رنگ هڪ جديد اسلوب، ۽ انفرادي انداز ۾ بدرجهء ڪثرت ۽ اُتم نظر ايندو- هتي سندن چند ڪافيون بطورِ نمونه پيش ڪيون وڃن ٿيون:

 

ٿلهه:

پري ٿيو پار ۽ پنڌڙو، پريتي پيچرو، چريون!

لکين لٽڪيو لڪن مان ٿيون، وڃن واپس وچان وريون.

(1)

ڪشالو قرب جو ڪاڍو، ڪٽڻ آهي ڏکيو ڏاڍو،

همت مردان سوا مشڪل، پسڻ ٿيو پار آ پريون.

(2)

نه جن ۾ آهه ڪا محبت، نه تن جو ڪو لڇڻ سهڻو،

رهن هر هر هميشه سي، چلت ۽ چال ۾ ڍريون.

(3)

لهر جوڀن لڄائي جن، وڃايو وقت ويسر ۾،

وٿيون ويڇا پين وچ ۾، کٽڻ بازي ڪنان کريون.

(4)

رڳو خالي رٿائين ۾، عمر ساري اديون ويئي،

اچو هاڻي اڳوڻو جو، ويل ويلو قضا ڪريون.

(5)

نڪو سرتيون نڪو سانگو، اچيو اُڃ ٿي وڪوڙي جت،

ڇپر ڇالا ڪري ڇنيون، پهڻ پيرن سنديون تريون.

(6)

”ايوبا“ اڄ الائي ڇو، نه آ رغبت رفيقن ۾،

ڪري ارمان ۾ آهون، اکيون هي آب سان ڀريون!

*

ٿلهه:

دنيا دور فاني، نه ڪنهن سان نڀائي،

هرگز هُئڻ جو، نه هيءُ ماڳ آهي.

(1)

’سڪندر‘ ۽ ’دارا‘ سوين ٻيا سپاهي،

قضا نيا ڪروڙين ڪئين ڪونڌر ڪاهي.

(2)

جنين لاءِ جڙيو جڳت جوڙ سارو،

سي رفتون روان ٿي ويا راهه راهي.

(3)

مٽي مرد منزل مدامي ملڪ تي،

لاڳاپا لٽي جا هليا لال لاهي.

(4)

سمجهه رک سياڻا سجاڳي سدائين،

سرت ڪر سنگت ويو سفر کي سانباهي.

(5)

”ايوب“ اڳ پوءِ آخر اوڏانهن،

هڪ ڏينهن هلبو هتي يار ڇاهي.

*

ٿلهه:

سي مرد ڀلي مَرڪن، هي جيئڻ اجاريو جن،

سانگ سڻائو سپرين سالم، اوکيءَ عيدون ڪن، ڀلو، سي....

(1)

عام کان اولي، ڳليون ڳولي، عاشق ايندا ائين اتي،

عين اشارو، نين نظارو، جلدي پهچي جيئن اتي،

واءُ کان واڌو، سالم ساڌو، الٿي اڀري سيئن اتي،

روز رهاڻيون، ڪشف ڪهاڻيون، قربي اچيو ڪن، ڀلو، سي....

(2)

منزل ماري، سفر سڌاري، پهتا پهرين پور وڃي،

دُر درويش، پيئڙا پيش، حاضر منجهه حضور وڃي،

هٿئون حبيب، عربي عجيب، معافي ٿين منطور وڃي،

لائق لاڳ، ملين ماڳ پنيون مرادون من. ڀلو، سي....

(3)

جوان جنگي، رنگا رنگي، رونق ماڻي راس ٿيا،

خلوت خاصي، پسي پياسي، خادم خاڪي خاص ٿيا،

سرت سياسي، وحدت واسي، پورهيت سيئي پاس ٿيا،

الڪو اون، آهي ڪون، ٻيائي ڪيائون ٻن. ڀلو سي....

(4)

عجب ”ايوب“، ٿي مجذوب، سانگا سورهيه صاف سٽي،

ناتا ننگ، سمجهي سنگ، ڪامل هليا ڪل ڪٽي،

دنيا ڌوڙ، رڳو ڪوڙ، جيئڙو تنهن ۾ ڪيئن جٽي،

مهڻا موڪ، ڏيندو لوڪ، تازو تن سان تن. ڀلو، سي.....

*

ٿلهه:

جوڳي ڪهڙيءَ جُوءِ، واڳي ويراڳي وچن ۾ ويئڙا!

(1)

سدا سناسين سهڻيون چاليون، لاڳ لڱن کي لائي لاليون؛

خاطر ڪنهن خوشبوءِ، سخت سٺائون سر تي سيئڙا.

(2)

الک آديسي جاڳي جڳائي، لونءَ لونءَ ۾ لئون لال لڳائي،

هو منجهه هردم هوءِ، ٿاڪ ٿانيڪا سي وڃي ٿيئڙا.

(3)

سپني اندر صورت ساڳي، پٽ اکيون جان ڏسان جاڳي،

باس نڪا هت بوءِ عام کان جدا قسمت ڪيئڙا.

(4)

”ايوب“ اويسي ايندا ڪڏهن، ننگ ته نماڻي نيندا ڪڏهن؛

روئان ساريو روءِ، پور تنين جا پل پل پيئڙا.

 

فقير قاسم علي صوفي القادري *

 

اسم گرامي ’فقير قاسم علي صوفي القادري‘ خلف رئيس ’فتح علي خان‘ ڪورائي بلوچ، ڳوٺ ”شهعلي خان ڪورائي بلوچ“ متصل ”صوفي فقير، تعلقو سامارو ضلعو ٿرپارڪر، تاريخِ ولادت نامعلوم. سندن عمر هن وقت تقريباً 63 سال.

سندن والد بزرگوار سنڌي ۽ فارسيءَ جي چڱي ڄاڻ رکندڙ راڄ جا چڱا مڙد ۽ ڳوٺ جا قاضي سڏبا هئا. پاڻ پنهنجي والد مرحوم وٽان قرآن شريف، ۽ رواجي طرح سنڌي پڙهيا. فقير صاحب جن جي طبيعت بچپن کان ئي آزادانه ۽ قلندرانه هئي، گويا قسام ازل کين ننڍپڻ ۾ ئي فقيرانه اوصافن سان نوازيو هو. سنِ بلوغت کي رسڻ تي سندن شاديءَ لاءِ والدين ڪافي ڪوشش ورتي، ۽ وٺندا رهيا. پر فقير صاحب (جيڪي الاهي محبت ماڻن ۽ نفس سان ”جهاد اڪبر ڪرڻ جو صميم ارادو ڪري چڪا هئا) هر دفعي انڪار ڪندا رهيا. آخر هڪ ڏينهن والدين ۽ احبابن کان موڪلائي، گهر کي هميشه لاءِ ترڪ ڏيئي، ’محمد فقير کٽياڻ‘ صوفي مرحوم، ساڪن ڳوٺ ”موسيٰ خان کٽياڻ“ ڏانهن روانا ٿيا، جتي پهچي جناب محمد فقير مرحوم جي دست حق پرست تي بيعت ڪري، کين طريقت جو مرشد ورتائون؛ ۽ کانئن ذڪر پڇي سندن سايهء عاطفت ۾ رهي، ڪافي رياضتون، محنتون ۽ ذڪر ڪري، حقيقت ڪمائي پايئه تڪميل تي پهتا، ۽ سندن آخري دم تائين ساڻن گڏ رهيا.

منصورِ سنڌ ’ محمد فقير سائين‘ مرحوم سان گڏ، ۽ پوءِ خواهه سنڌ خواه ٻاهر جي دور دراز علائقن جو سفر اختيار ڪري، سوين ڏک ۽ ڏاکڙا سهي، پا پيادا مشهور درگاهن ۽ زيارتگاهن (شاهه لاهوت وغيره) تي پهچي چلي ڪشي ڪيائون، ۽ اتي جي حيات بزرگن سان صحبتون ڪري مستفيض ٿيا. پاڻ جن بزرگن جي تمام ويجهو رهي، سندن چشمهءِ فيضان مان فيضياب ٿيا آهن؛ انهن جا اسماء گرامي هي آهن: جناب ’مخدوم غلام محمد‘ عرف ”گل سائين رح“، جناب ’فقير منٺار راڄڙ مرحوم، جناب ’مهدي شاهه جهانيه‘ ۽ جناب ’فقير سليمان ڪورائي‘ مرحوم (جي سندن مائٽ ۽ مشهور شاعر هئا)، ۽ صوفي ’فقير روشن الدين مرحوم‘ وغيره. جناب روشن الدين صوفي مرحوم جن جي ساڻن تمام گهري دوستي هئي، ۽ کين هميشه پاڻ وٽ رهائيندا هئا. سندن محلات ”روشن محل“ جو هڪ ’منارو‘ جو فقير صاحب جن جي نالي سان منسوب ٿيل هو، سو اڄ تائين ”قاسم عليءَ جو منارو“ سڏجي ٿو. علاوه ازين ’خانصاحب عطا محمد‘ پلي مرحوم جن جي آخري فقيرانه دور ۾ فقير صاحب جن سندن خاص مقرب، دلي دوست ۽ محرمِ حال هئا، انهن ٻنهي دوستن تي فقير صاحب جن کي وڏو ناز آهي، ۽ تازندگي رهندو. فقير صاحب طعباً سليم، حليم ۽ متحمل مزاج بزرگ آهن. سندن ذهني، روحاني ۽ علمي و عملي ترقي ۽ منزلت کانسواءِ سندن زندگيءَ جو سمورو احوال شاهه صاحب جن جي هن بيت ۾ سمايل آهي:

ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،

جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،

انين سندي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.

پاڻ جوانيءَ ۾ جذبهء عشق کان مغلوب و متاثر ٿي، ڪافيون ۽ دوهيڙا چوندا ۽ ٻين شاعرن جا ڪلام نهايت ئي خوش الحانيءَ سان ڳائيندا هئا، هن وقت شاعري ۽ ڳائڻ ٻئي ترڪ آهن، ۽ گوشه عافيت ۾ الله- الله ڪندي،وقت گذارين ٿا، خدا شل کين عمردراز ڏي، ۽ خوش رکي، هتي سندن ٻه ڪافيون پيش ڪجن ٿيون:

 

ٿلهه:

عاشقن الله جي، وائي سدائين وات اٿن،

ڪم نه ڄاڻن ڪو ٻيو، تن ۾ تنهنجي تات اٿن.

(1)

ڪشف ڪرامات کان، عاشق لنگهي اڳتي وڃن؛

طالب الموليٰ مذڪرٌ، اي سندن اوقات اٿن.

(2)

سانگا سٽي سنسار جا، ڪوپا ڪڏي ڪاهي اچن؛

منصور جان مخمور ٿي، پروان جان پڙ ۾ پچن.

(3)

بيرنگيءَ جي بحر ۾، ڪوڙين منجهان ڪي ڪي اچن؛

او ملڪ ملڪن کان مٿي، لعل لاهوتي لنگهن.

(4)

”قاسم علي“، ڪاپڙي، ان جوءِ تي جوڳي وڃن؛

سر ڏيئي صوفي ٿيا، هي خبر آهي خاص تن.

*

ٿلهه:

عشق جنين تي آيو، عام ڪنئون ٿيا آجا؛

رام ريجهائين پنهنجو، وڄن وجودي واڄا!

(1)

نام جپڻ، پرين پسڻ، رمز رندي منجهه رچڻ؛

اڳتي وڃڻ، سو ڏيهه ڏسڻ، لڪ لنگهي سڀ ”لا“ جا.

(2)

جيئري جلڻ، محب ملڻ، خوش ٿي کلڻ، سا راند کٽڻ؛

شرڪ ڇنڻ، هڪ سمجهڻ، ڀول وڃايئون ڀئو جا.

(3)

هي پنڌ اوکو آهي، سمجهڻ سوکو ناهي؛

ڪامل ايندا ڪاهي، گيان سڃاڻي گر جا.

(4)

”قاسم علي“ ڏس تجلي، برهه بهادر بجلي؛

ڪيف ڪڪوريل ڪجلي، ”ڪُن فيڪوني“ ڪا جا.


* مرحوم احمد علي مجذوب دل ولادت 1897ع، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي مرحوم جي اسٽيٽ جو ’عام مختيار‘ هو، بلڪ سندس علمي فضيلت سبب رئيس سندن گهڻو احترام ڪندو هو، پاڻ خلافت تحريڪ ۽ خاڪسار تحريڪ ۾ پڻ حصو ورتائون ۽ تحريڪ آزادي جا متوالا هئا، لنواري شريف واري معاملي ۾ پاڻ مولوي عبدالله مري (ڦلهڏيون) جي چوڻ تي پيشن گوئي پڻ لکيائون، جيڪا اسان وٽ گرهوڙي صاحب جي نالي منسوب آهي، 25 ڊسمبر 1966ع ۾ وفات ڪيائون.  جڏهن شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو صاحب ڪلام گرهوڙي جي جمع ڪرڻ ۽ ترتيب لاءِ گرهوڙ شريف ۾ اچي رهيو ته خانصاحب راڄ محمد پلي ۽ وڏيرو محمد عارب پلي، مجذوب صاحب کي وٺي، دائودپوٽي صاحب وٽ ويا ۽ کين سڄي آگاهي ڏنائون، دائودپوٽي صاحب چيو ته في الحال ڪلام سان گڏ رکون ٿا، پوءِ ڇنڊڇاڻ ڪنداسون، تڏهن مجذوب صاحب چيو ته سائين جيڪڏهن اوهان کي منهنجو ڪلام گرهوڙي صاحب جي ڪلام جهڙو لڳي ٿو ته پوءِ منهنجا ڀاڳ آهن گهڻو پوءِ مولانا غلام گرامي صاحب هڪ چوپڙي شايع ڪرائي جنهن جو راوي راڄ محمد پلي صاحب آهي. هنن حقيقتن کي واضع ڪيو آهي. (ايڊيٽر)

* سندن شاعري ۾ استاد مرحوم حافظ عبدالله بسمل هو، محمد هاشم مخلص سندس چاچو هو، جنهن وٽان صحافت جو ڪاروهنوار سکيو، پاڻ مسلمان اخبار جو ايڊيٽر رهيو، ادب ۾ سندس نالو تمام گهڻو عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو، سندس قلم مان ڪافي تصنيفون سنڌي ادب جي زينت بڻيون آهن. سندن فرزند محمد دائود تاج ٽکڙائي پڻ سنڌي ادب جو اهم نالو آهي. محمد خان غني 3 مارچ 1903ع تي پيدا ٿيو ۽ 1 مارچ 1979ع تي وفات ڪيائون. سندن تصنيفات مان ڪجهه اهم ڪتابن جا نالا هي آهن: (1) سنڌ جي جديد شاعري (2) گلزار غني کان علاوه اڻڇپيل ڪتابن ۾ (1) مثنوي مرغوب (2) پڪارون ۽ پار (3) ديوانِ غني (4) بياض غني (5) ڪليات غني (6) حمد و ثنا ۽ نعت مقبول (7) وندر ۽ واڪا (8) درٻار اڪبري (ترجمو). محمد خان غني مرحوم پهريان پرائمري استاد پوءِ تپيدار ۽ پوءِ سڀ نوڪريون ڇڏي صحافت جو شعبو منتخب ڪيائين. 1938ع ۾ مخلص نالي رسالو به شروع ڪيو هئائين.آهي. (ايڊيٽر)

* فقير محمد ايوب آريسر پنهنجي دور جو معتبر شاعر هو، عبادتگذار ۽ تصوف جي مطالعي ۾ اڳڀرو هو، سندس ڪلام ۾ نينهن جا نعرا به آهن ته عشق جا اعلان پڻ آهن، رندي رمزون به آهن ته محبت الاهي جا اسرار به آهن، پاڻ تصوف جي چادر پنهنجي تن تي عملي طور وڌائون. هڪ مصنوعي فقير اچي سندس روحاني رهبري جي هام هنئي، ايوب فقير سندس آڌرڀاءُ ڪيو پر دنياوي لالچ ۽ ٺڳيءَ واري مصنوعي رهنمائي گهڻو وقت نه هلي سگهي، ايوب فقير مصنوعيت جاسڀ پردا چاڪ ڪري ڇڏيا، هن سلسلي ۾ راڄ محمد پلي صاحب ۽ مولانا عبدالرحمٰن جمالي صاحب سندس مدد ڪئي ۽ مصنوعي فقير جي فريب کان فارغ ٿي وري حقيقي عشق جي جهان ۾ مصروف ٿي ويو، سندن ڪلام، محترم زوهيب آريسر ترتيب ڏئي، ڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ طرفان ڇپايو آهي، فقير صاحب 9 ذوالحج 1394هه مطابق 1975ع  ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. (ايڊيٽر)

* فقير صاحب پنهنجي آخري عمر ۾ اڪثر عالم استغراق ۾ رهندا هئا، ذڪر اذڪار سان ٽمٽار زندگي گذاري پاڻ 10 سيپٽمبر 1965ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائون، سندن سوانح تي محترم راڄ محمد پلي صاحب جو هڪ عاليشان مضمون هفتيوار ”همدرد“ ۾ شايع ٿيل آهي. (ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org