سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: وڻجارن وايون

 

صفحو:12 

مون ”وفا“ صاحب جي شاعريءَ جو غور سان مطالعو ڪيو آهي. مون کي سندس اڪثر شاعريءَ جي پس منظر ۽ پيش نظر کان به آگاهي آهي. مون کيس شاعريءَ جي انهيءَ منزل تي ڏٺو، جتي هُو فن ۽ هيئت جي ضرورتن تي خاص توجهه نه ڏيندو هو ۽ سڀڪجهه خودبخود ٿيندو هو. انهيءَ ڪري، سندس شاعريءَ ۾ ڪسب آهي ئي ڪونه. پاڻ نه ڪڏهن پنهنجي لکيل شعر تي نظرثاني ڪيائون ۽ نه وري ڪنهن ڪاپيءَ ۾ فيئر ڪيائون. سندس سڀ شاعري مون ئي فيئر ڪئي. انهيءَ وقت مون کي ڪيترائي غزل اهڙا مليا، جن جو يا نه مطلع لکيو هئائين ۽ نه مقطع. ڪجهه اهڙا به غزل آهن، جن جي مطلع ۾ ئي تخلص موجود آهي. ”وفا“ صاحب، شاعريءَ جي آمد جو مظهر هو. ڪڏهن ڪڏهن 15-16 غزل هڪ ئي نشت ۾، ته ڪڏهن وري بلڪل چُپ. ڪجهه غزلن جي هر ڪنهن سِٽَ ۾ قافيو ۽ رديف به موجود آهي. سندس شاعري هر عمر جي شاعري آهي ۽ اهم ڳالهه اِها آهي ته هُو ڪنهن به پنهنجيءَ هڪ ’سِٽَ‘ کي ڊس اون (Disown) نٿو ڪري.ڪنهن به ’بند‘ تي توبه تائب نه آهي. پنهنجي شاعريءَ جي مڪمل مالڪي ڪري ٿو. سندس شاعريءَ ۾ هڪ خاص شيءِ اِها به آهي، جو جيئن جيئن ڪو اڻواقف شخص سندس شاعري پڙهي ٿو، ته ائين ٿو لڳي ته ڄڻ هُو ”وفا“ صاحب جو پراڻو دوست آهي.

منٺار فقير (کاڻي) جي درگاهه تي ۽ خانصاحب جي ڳوٺ ڪافي اديبن ۽ شاعرن سان ڪچهريون ٿيون ۽ شمشيرالحيدريءَ سان ڪراچيءَ ۾ ڪچهريون ٿيون. مون کي هنن ڪچهرين ۾ شمشير ۽ علي بابا کان سواءِ خود ”وفا“ کي به وڌيڪ سمجهڻ ۾ آساني ٿي. ٻه دفعا اسان تاجل بيوس سان به ڪراچيءَ ۾ ڪچهريون ڪيون. امداد حسينيءَ سان گڏ منٺار فقير (کاڻي) جي درگاهه تي ۽ ساڳئي وقت مخدوم محمد امين ”فهيم“ صاحب سان به اتي ”وفا“ صاحب سان گڏ ڪچهريءَ ۾ موجود رهيس. منٺار فقير جي درگاهه تي ”وفا“ صاحب سان گڏ مون ”نياز“ همايوني، ”پروانو“ ڀٽي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ مرحوم عبدالله ورياهه سان به ”وفا“ صاحب جون ڪچهريون ٻڌيون. نه صرف ٻڌيون، پر انهن ڪچهرين جو حصو رهيس. هڪ دفعي خانصاحب جي ڳوٺ سائين مخدوم جميل الزمان آيا، ته اسان ٽنهي هڪ دلپذير ڪچهري بلڪل تنهائيءَ واري ماحول ۾ ڪئي. مذڪوره سڀني صاحبن سان منهنجيون ڪچهريون، ملاقاتون ۽ تعارف ته اڳ ۾ ئي هو، مگر ”وفا“ صاحب سان ڪچهرين جو ماحول ئي ٻيو هو.

”وفا“ صاحب جي اوطاق تي سنڌ جا اڪثر ڳائڻا، ڪلاسيڪل کان وٺي ’يڪتاري‘ وارن تائين، ڳائيندا رهيا. پنهنجي شخصيت پرستي ۽ تشهير جي شوق کان بي نياز وفا صاحب ۽ سندس ڀائرن، ڪڏهن به اِهو نه چاهيو ته فنڪار صرف سندن ڪلام ڳائين. هُو اگر چاهين ها، ته ريڊيو پاڪستان ۽ پي.ٽي.وي تي سندن سوين ڪلام رڪارڊ ٿيل هجن ها. اها به غنيمت ٿا سمجهون ته غلام قادر لنجواڻي، عابده پروين، سينگار علي سليم ۽ ڪجهه ٻين فنڪارن ريڊيو پاڪستان تي جيڪي ٿورا  ’ڪلام‘ رڪارڊ ڪرايا، ”وفا“ صاحب کي ياد ڪرڻ لاءِ وري به ڪافي آهن. هنن سڀني فنڪارن کان سواءِ، مقامي فنڪارن- شادي فقير، اڪبر فقير مڱڻهار ۽ شفيع فقير به ”وفا“  کي ڀتن- پوتن ۽ ميلن- ڏهاڙن تي جهجهو ڳايو آهي. ننڍي هوندي کان ئي شادي فقير مڱڻهار جو ڳايل هڪ غزل دل تي ڇاپ هڻيو بيٺو آهي ته:

وڃون ٿا ديس تنهنجي مان مٺا هاڻي خدا حافظ،

ٿيون مجبور ٿا توکان، جدا هاڻي خدا حافظ.

اهي الفاظ ۽ گهڙيون، وساريان ته به نٿيون وسرن،

وڃڻ ويلي چيو هو تو، وفا هاڻي خدا حافظ.

”وفا“ صاحب سنڌ سطح جي ڪافي مشاعرن جي صدارت ڪئي. مون کي ساڻس گڏ گهڻن ئي مشاعرن ۾ شرڪت جو موقعو مليو. ڪيترن ئي ادبي ميڙاڪن ۽ ڪانفرنسن ۾ آئون کيس حجت ڪري ڪوٺي ويس. انهن گڏجاڻين جا تفصيلَ وري ڪنهن ٻيءَ نشست ۾ ڏبا. ”وفا“ صاحب جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا- ”لونءَ لونءَ منجهه لغار“ ۽ ”درد هزارين هڪڙي دل“ شايع ٿيل آهن. ”درد هزارين هڪڙي دل“ جي اشاعت ۽ ترتيب جو ڪم فيئر ڪرڻ کان وٺي نالي رکڻ تائين مون ڪيو. مون کي چيائين ته منهنجي ڪتاب جو مهاڳ ’امداد حسينيءَ‘ کان لکاءِ . مون سندس حڪم جي پوئواري ڪئي. اهو ڪتاب ’اداره نوائي ادب‘ طرفان ڇپيو. تازو، ساڳيو ڪتاب محترم ”ناز“ سنائي صاحب بغير اجازت جي، حجت ڪندي پنهنجي اداري طرفان اسڪين ڪري شايع ڪرايو ۽ هڪڙي حجت واري چِٺي ”وفا“ صاحب ڏانهن لکي مون کي ڏنائين. ”وفا“ صاحب ان ڳالهه تي ڪوبه رنج ۽ غصو نه ڏيکاريو ۽ ”ناز“ کي لکيائين ته شاعري عوام جي امانت آهي ۽ ماڻهن تائين پهچي. مون کي اوهان سان ڪابه شڪايت ناهي. مون جڏهن اهو خط ”ناز“ سنائي صاحب کي ڏنو ته هُو تمام گهڻو خوش ٿيو، ته ”وفا“ صاحب منهنجي حجت قبول ڪئي آهي.

”وفا“ صاحب جو خاندانُ سڄو سياسي ۽ سندس مزاج بلڪل غير سياسي. يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو، ته هڪ ڏينهن به ’يونين ڪائونسل خانصاحب عطا محمد پلي‘ جو ڪار وهنوار نه وڃي هلايائين. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم پنهنجي نئين ٺاهيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان 1970ع وارين چونڊن جي تياريءَ ۾ عمرڪوٽ آيو، ته انهيءَ جلسي جا منتظمين مرحوم عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي صاحب ۽ حاجي شمس الدين ڇورو هئا. جلسي کان ٿورو پهرين مرحوم غلام محمد وساڻ اچي خانصاحب جي ڳوٺ پهتو. هُو ٿرپارڪر جو معروف ليگي ليڊر هو ۽ خانصاحب وارا سندس سياسي سفر ۾ هميشه حامي رهيا هئا. ڳوٺ پهچندي شرط خانصاحب عبدالرحمان کي محبت سان چيائين، ته خانصاحب عطا محمد جي گهر مان ڪوبه شخص ڀٽي صاحب جي جلسي ۾ نه ويندو ۽ عبدالڪريم صاحب ۽ راڄ محمد صاحب کي به پاڻ وٽ سڏائي ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳو. هن موقعي تي خانصاحبن کي پيپلز پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو اعلان پڻ ڪرڻو هو. هتي ڪنهن کي به وهم گمان ڪونه هو، ته ”وفا“ صاحب به ڪو سياسي وک کڻندو. ”وفا“ صاحب ڏٺو ته سڀ وڏا ڀاءُ پنهنجي خانداني روايتن کي مانُ ڏيندي وساڻ صاحب وٽ ويهي رهيا آهن. تڏهن پنهنجيون گاڏيون به ڇڏي، ٽئڪسي ڪار کڻي ۽ عمرڪوٽ پهچي، پنهنجي خاندان جو پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان ڪيائين ۽ سڀ ڀائر ۽ دوست، مرحوم وساڻ صاحب سميت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيائين.

هڪ دفعي مون کي چيائين ته منهنجي اِها وصيت اٿئي ته منهنجي تربت تي هيءُ ڪتبو لکجان ته:

روئندو آيو،

روئندو رهيو،

روئندو ويو!

مون چيو ته ”وفا“ صاحب! جي آئون اڳي ته پوءِ. چيائين: بلڪل نه، تون مون کان پوءِ به گهڻو لوڙهيندين. اڄ تائين اهو سڀ سچ آهي.

حياتيءَ جو باقي سڄو حصو ڪتابن، رسالن، اخبارن، ريڊيو ۽ نيوز چئلن سان سندس ناتو مضبوط رهيو. وفات کان ٻه ڏينهن پهريائين حيدرآباد جي مقامي اسپتال ۾ چڪاس لاءِ آيو. تڪليف صرف هڪ ڏينهن ٿي. اربع جي ڏينهن شام جو بيهوش ٿي ويو. رات جو 10 بجي مون اختر عليءَ سان گڏ سندس آخري ديدار ڪيو. ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي، ته هاڻ ”وفا“ صاحب اسان سان گڏ ڪونهي. رات جو دل برداشته گهر آيس. 11:40 تي اختر عليءَ ”وفا“ صاحب جي وصال جي خبر ڏني. اِنالله و اِنا اليھ راجعون. مون فيض کوسي کي اِها ڏکوئيندڙ  خبر ٻڌائي ۽ انور علي راڄڙ کي فون ڪري اطلاع ڪيم ۽ اوڇنگارون ٻڌم.

سندس وفات تي نه صرف نارو پَٽُ سوڳوار هو، بلڪ سڄي سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ غم  جي ڪيفيت غالب هئي. ”وفا“ صاحب جا فرزند- ميان محمد اسماعيل ۽ محمد ميڪائيل ۽ سندس ڀائٽيا- خانصاحب عطا محمد، اختر علي، حاجي اصغر علي، ڊاڪٽر رسول بخش ۽ منظور علي سميت سڀ هن غمناڪ وڇوڙي ۾ غمگين هئا. خميس جي ڏينهن (18 اپريل 2019ع) صبح جو 9 بجي سندس ڳوٺ پهتس.

سندس جنازي نماز بعد جڏهن سندس کٽ کي ڪلهو ڏنم، ته عجيب ڪيفيت هئي. خبر نٿي پئي ته هي ڪيڏيون ڪربناڪ گهڙيون آهن. عمرڪوٽ کان پنج ڪلوميٽر ڏکڻ ’شهيد جي قبرستان‘ ۾ جڏهن سندن تدفين ٿي، ته مون کي احساس ٿيو ته اڄ آئون پنهنجي هڪ وڏي بزرگ، دلبر دوست، محبوب شاعر ۽ ڇپر ڇانوَ کان محروم ٿي ويو آهيان. سندس قرب ڀرين ڪچهرين ۽ مرنجان مرنج شخصيت تي لکڻ جي مون ۾ سگهه نه رهي آهي. بس، هي منتشر ذهن مان نڪتل بي ربط ۽ ڇڙوڇڙ خيال آهن ورنه اڃا نه اکين مان لڙڪ سُڪا آهن، نه پٿر جا ڪک.

ڏسي سو جي دنيا ته ديواني ٿي پئي، 

اسان جيئن ڏٺو آ، اسان جو ڏٺو آ. (وفا)

(ايڊيٽر)

هن ڪتاب بابت

 

”ادارهء نواي ادب“ جي هيءَ پهرين پيشڪش وڻجارن وايون“، پنهنجيءَ نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌي شاعريءَ جي اوائلي صنف، ’ڪافيءَ‘ کي ايتريءَ ضخامت ۾ يڪجا ڪيو ويو آهي. جملي چوئيتاليهن ڪافي گو شاعرن جو ڪلام هن ڪتاب ۾ آندو ويو آهي، جنهن ۾ فوتي ۽ زنده، ڪهنه مشق ۽ نوآموز، هر موضوع  ۽ خيال جي شاعرن کي شامل ڪيو ويو آهي.

ڪافيءَ جي صنف سنڌ جي آڳاٽي ۽ پنهنجي صنف آهي، تنهنڪري ان ۾ خيال ۽ اظهار جي اصليت، ۽ هتي جي مخصوص ماحول ۽ مزاج جي عڪاسي، ٻين صنفن جي مقابلي ۾ زياده اثر ۽ آزاديءَ سان ڪري سگهجي ٿي. سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پنهنجي ديس جي اصليت جا اهڙا ڀاري ڀنڊار، شعر ۽ ادب جي هر موضوع تي موجود آهن، جن کي پوري ڌيان ۽ شوق سان گڏ ڪري، شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي. ”ادارهء نواي ادب“ انهيءَ ڏس ۾ هيءُ پهريون ڪامياب قدم کنيو آهي، جنهن کي قدر جي نگاهه سان ڏسڻ جڳائي. هيءُ ڪتاب نه صرف سنڌي ادب جي حفاظت ۽ ترقيءَ جي سلسلي ۾ هڪ اضافو آهي، بلڪه اسان جي جديد شاعرن کي پڻ زبان ۽ هنر جي تربيت لاءِ هڪ ضروري مطالعو مهيا ڪندو. هر طبقي ۽ خيال جو ادب ذوق هن ڪتاب کي پنهنجي لئبرريءَ ۾ رکڻ پسند ڪندو.

شهر توڙي ٻهراڙيءَ جو هر شخص ”وڻجارن وايون“ خريد ڪندو، پڙهندو، جهونگاريندو، پنهنجو روح ريجهائيندو.

- شمشيرالحيدري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org