سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: شمشير الحيدري (شخصيت ۽ فن)

باب:

صفحو:4 

شمشير، جنهن جي حيدرآباد ۾ خاص اوطاق ڪراچي هوٽل هئي، اُتي ئي ون يونٽ جي خلاف ڪم هلندو هو ته سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي جائز حيثيت ڏيارڻ لاءِ به لکپڙهه اتان ئي ٿيندي هئي، هن جدوجهد جي شروعات ۾ احتجاج جا مختلف طريقا به هتي ئي طئي ٿيندا هئا جن مان هڪ دلچسپ طريقو اهو به اختيار ڪيوسين جو شمشير، ناصر مورائي، ڄام ساقي، نذير چنا ۽ مون سميت ڪيترا ئي اديب حيدرآباد شهر ۾ بوٽ پالش ڪرڻ لڳاسين ۽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيوسين. اهڙيءَ طرح ننڍا ننڍا ادبي احتجاج ايم.آر.ڊي جي تحريڪ جي صورت ۾ وڃي پهتا، انهن ننڍن ننڍن واقعن مبالغ آرائي ڪري ڪيترائي اديب ۽ سماجي ڪارڪن سرڪار جو در وڏا عهدا پني آيا پر شمشير ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه جو ڪريڊٽ نه کنيو نه ئي ڪو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ ڊگهيريائين، جڏهن سنڌ جي هر وڏي مسئلي جو ڳوڙهو اڀياس ڪبو ته پهريان شمشير جو ڳنڀير چهرو نظر ايندو. سنڌي ادبي سنگت کي فعال ڪرڻ، ان جي ساک قائم ڪرڻ ۽ اديبن کي گڏ ڪري هلائڻ ۾ شمشير جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو به وسارڻ جي قابل ناهي، حقيقت ۾ هو سنڌ جي ’ٿنڪ ٿينڪ‘ واري حيثيت رکندو هو ۽ سندس ديانتداريءَ جي ڪري هرڪو مٿس ڀروسو ڪندو هو. تنهنڪري جيستائين شمشير حيدرآباد ۾ رهيو ته ادبي زندگي به نظر ايندي هئي، ڪراچي هوٽل، بسنت هال، لا ڪاليج جو لان، پاڪستان نيشنل سينٽر  ريڊيو پاڪستان جي عمارت ۽ پريس ڪلب توڙي اخبارن جون آفيسون اديبن جي ميل ملاقاتن جا وسيلا هيون. جڏهن ميل ملاقاتون هيون ته پيار ۽ خلوص به. جنهن جي ڪٿي به دل نه لڳندي هئي ته شمشير وٽ وڃي پهچبو هو جيڪو هر وقت ڪونه ڪو نئون خيال، فڪر يا فلسفو بيان ڪندو هو. سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۽ سنڌي شامن ۾ هوئي نوجوان اديبن جو ساٿ ڏيندو هو، هن جي توجهه جوئي نتيجو هو جو حيدرآباد جي ادبي زندگي ڀرپور انداز ۾ نه صرف ٻڌي هئي بلڪ نظر ايندي هئي، سکر، جيڪب آباد، نوابشاهه، دادو، بدين، ٺٽي ۽ ڪراچيءَ جا اديب به هت اچي نڪرندا هئا. شيخ اياز، جمال رند، عبدالڪريم گدائي، بردو سنڌي، غلام حسين رنگريز، شوڪت سنڌي، تاج صحرائي، تاج بلوچ، سراج، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، استاد بخاري، غالب لطيف ۽ ٻيا ڪئين شاعر اديب حيدرآباد ۾ پيا نظر ايندا هئا. جڏهن ته حميد سنڌي، مولانا گرامي، آغا سليم، نجم عباسي، غلام علي مغل، طارق اشرف، ناصر مورائي، اقبال آگرو، ظفر ڪاظمي، مراد علي مرزا، ع.ق. شيخ، رسول بخش پليجو، محمد ابراهيم جويو، ظفر حُسين، مهتاب محبوب، ليليٰ بانو، خيرالنساء جعفري، رعنا صديقي، سلطانه حقاني، تنوير جوڻيجو، ڄام ساقي، علي بابا، عبدالحق عالماڻي، امداد حسيني ۽ حيدرآباد جا ٻيا ڪئين اديب ۽ شاعر به هنن سان ملڻ لاءِ ايترا هوندا هئا.

حالانڪ وڏن نالن ۾ عهدن وارا اديب جهڙن تهڙن اديبن کي پڇندا به ڪونه هئا، پر جيڪڏهن کين  رٽز هوٽل يا ڪنهن ٻئي هنڌ دعوت ڏني ويندي هئي ته ضرور ايندا هئا، معزز هوندي به کين اها ضرورت ڇو هئي ته ڪير کين پڇي!

هنن ميلن ميڙاڪن ۾ به شمشير جو وڏو هٿ هوندو هو، هو مون کي اهو سمجهائيندو هو ته اديبن جو ملڻ تمام ضروري آهي، پوءِ هو چاهي سڃاڻن يا نه! مون کي ياد آهي ته ان دؤر ۾ شيخ اياز يا پير حسام الدين راشدي هروڀرو ڪنهن سان هٿ ملائڻ به ڪونه چاهيندا هئا. (حالانڪ هڪ وقت اهو به آيو جو هو دل گهريا بزرگ ساٿي بنجي ويا). شيخ اياز حيدرآباد ايندو هو ته رٽز هوٽل ۾ اچي رهندو هو جتي تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، غلام رباني، الياس عشقي، جمال رند ۽ ڪي ٻيا سندس اردگرد گهيرو ڪيو ويٺا هوندا هئا. (اهڙو سين مون ان وقت به ڏٺو هو جڏهن 1963ع ۾ سچل آرٽس ڪاليج ۾ ٿيندڙ هڪ مشاعري ۾ شرڪت لاءِ هنن کي وٺڻ ويو هئس). ليڪن شمشير کي ان جي ڪا پرواهه ڪانه هوندي هئي ۽ هميشه پنهنجي ڳنڀيرتا ۽ ڀرم کي قائم رکيائين. محفلن ۾ هو مون سان، امداد يا اقبال آگري سان رهڻ پسند ڪندو هو، ۽ ڪڏهن به ڊُڪ پائي اڳين سيٽ تي ويهڻ جي ڪوشش نه ڪيائين.

اها هن جي محبت ۽ شخصيت جي ڪشش هئي جو جڏهن سندس طبيعت تمام خراب به ٿي ته آءٌ ۽ تاج جويو وٽس آغا خان اسپتال ۾ ملڻ وياسين، هن جون اکيون به بند ٿيڻ کان اڳ ڏسڻ ڇڏي چڪيون هيون پر جڏهن هڏي جهڙي ٻانهن ۾ هٿ وجهي چيومانس، شمشير! ته هڪدم نهايت جهيڻي آواز ۾ چيائين قاضي خادم، ڪيئن آهين ۽ مون لڙڪ روڪي چيومانس: شمشير، تون ته لکوار آهين، اُهو به حيدري جو. دل ڇو لاٿي اٿئي، وري به آهستي چيائين ير اها مون کي دعا. ان وقت سندس چهري تي هلڪي مسڪراهٽ اچي وئي.

تاج کي ٿي سگهي ٿو ته حيراني ٿي هجي، ليڪن مون کي ڪانه ٿي. مون کي خبر هئي ته شمشير پنهنجي آخري سفر تي هو ۽ يقيناً منهنجي نالي سان کيس ڪيترا اهڙا واقعا ياد آيا هوندا، جن کي ياد ڪرڻ سان اڄ به آءٌ پنهنجو پاڻ مرڪي پوندو آهيان، اهائي مرڪ مراد علي مرزا جي منهن تي ان وقت آئي هئي، جڏهن سندس آخري وقت هو ۽ آءٌ محمد ابراهيم جوئي ۽ نصير مرزا سان گڏ سي.ايم.ايڇ ۾ هن کي ڏسڻ ويو هئس. اُت مون کيس ڪي اهڙا واقعا ياد ڏياريا، جن تي جوئي صاحب حيران ٿي پڇيس، ادا مراد، قاضي خادم ڇا پيو چوي؟ ڇا توهين رستي تي هلندي شيون وٺي کائيندا هئا؟

ان تي هن جي چهري تي خبر ناهي ڪٿان مُرڪ لڙي آئي، هي ته اها مرڪ هئي جيڪا مون شمشير جي چهري تي ڏٺي دوست سان موڪلائڻ جو وقت هو ۽ مرڪندي موڪلائڻ وڏي ڳالهه آهي.

شمشير جي باري ۾ لکڻ لاءِ ته گهڻا پنا گهرجن ليڪن ڪئين وڏيون ڳالهيون اهڙيون به هونديون آهن جن کي چند لفظن ۾ بيان ڪري سگهبو آهي ۽ ڪئين معمولي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ به ڪيترا ماڻهو لکي لکي ڍانڍا ٿي پوندا آهن، اهوئي سبب آهي جو جڏهن منهنجي دل شمشير جي باري ۾ ڪنهن دوست سان ڏک ونڊڻ چاهيو ته آءٌ حميد سنڌي وٽ هلي ويس، هن جو شمشير سان ساٿ پراڻو هو، جڏهن اسان ادبي ميدان ۾ قدم رکيو هو ته هو ان وقت هڪٻئي سان ائين جڙيل هئا، جيئن منڊيءَ ۾ ٽِڪ. هن شمشير ۽ نياز همايونيءَ سان بزمِ روح رهاڻ ۾ جيڪا محفل رچائي هئي اها به ڏسڻ وٽان هئي، بلڪ ائين چئجي ته سنڌي ادب ۾ حيدرآباد جي اديبن جي نهايت زرخيز دؤر جو تصور ايندي ئي اهي سڀ شخصيتون هڪ گلدستي جيان نظر اچن ٿيون. تنهنڪري مون کي حميد کان بهتر ٻيو ڪو ماڻهو ڪونه سُجهيو، جنهن وٽ هلي وڃان، اتي جيئن دوست کي ياد ڪيونسين ته اها به ڳالهه نڪتي ته شمشير جو ادبي دؤر ته وڏو رهيو، پر هن لکيو ان ڀيٽ ۾ تمام گهٽ! اهو ڇو؟

ان وقت مون کي جيڪو خيال آيو اهو مون حميد جي اڳيان چئي ڇڏيو، ير! ڪيترا ماڻهو چند لفظن ۾ به وڏيون ڳالهيون ڪري ويندا آهن ۽ ڪيترا وڏا فيلسوف اهڙا ٿي گذريا آهن جن جي ڪا لکڻي ڪانه ملي آهي پر هن جي افلاطون جهڙن شاعرن ۽ پونئيرن هنن جي باري ۾ لکي نه صرف هن کي پر پنهنجو پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو آهي، مثال طور سقراط جو نالو ساڍا ٽي سؤ قبل مسيح کان وٺي اڃا تائين فڪر ۽ فلسفي جي دنيا جو هڪ مثال رهيو آهي، جنهن لاءِ شمشير به هڪ شعر ۾ چيو آهي:

جو زهر پيتو هو سقراط ڪنهن زماني ۾

گلن جي ماڪ، ستارن جو نور بڻجي ويو.

هي به سنڌ جي سقراط کان گهٽ ڪونه هو، جنهن زندگيءَ جي سڏ جي وراڻي ان جي ضرورت جي مطابق ڏني ۽ هاڻ وڃي پيو مربو ته: مرڪندي.

 

ڊاڪٽر عابد مظهر

سُونهن جو درياءُ

 

شمشيرالحيدري مذهبي حوالي سان شيعه اثنه عشري هو. پاڻ خواجه هو. خواجه ٻن مڪتبهَ فڪر سان واسطو رکندا آهن. هڪڙا شيعه خواجه هوندا آهن، ٻيا اسماعيلي خواجه هوندا آهن. اسماعيلي خواجن جا امام، امام جعفر صادقؑ کان پوءِ زندهه هوندا آهن، هنن جو هاڻوڪو امام ”پرنس آغا ڪريم“ آهي، جڏهن ته شيعن جو ٻارهون امام مهديؑ غائب آهي. هنن جي عقيدي مطابق امام مهديؑ جو ظهور ٿيڻو آهي. شمشيرالحيدري ٻارهن امامن جو عقيدت مند آهي. ان ڪري پاڻ علي حيدر ڪرار جي نسبت سان حيدري سڏائيندو هو ۽ پاڻ کي حيدري سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو. مولا جي مهرباني سان هن جي وفات به 21 رمضان 1433هه مطابق 10 آگسٽ 2012ع تي ٿي. سندس مزار تاجل بيوس جي مزار جي بلڪل ڀرسان چوڪنڊي جي قبرستان ملير ڪراچي ۾ آهي. ياد رهي ته (21 رمضان حضرت عليؑ جي شهادت جو ڏهاڙو به آهي).

شمشير هڪ ئي وقت ڏاهو، عالم، دانشور، ترجمي نگار، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس ۽ شاعر به ٿي گزريو آهي، ان سان گڏوگڏ هو هڪ ڀلو انسان هو، جنهن جي دل صاف سٿري ۽ ٻيائي کان پاڪ هئي، هو پڪو مؤمن ماڻهو هو، جنهن جي ڳالهين مان پنهنجائپ جي خوشبوءِ ايندي هئي. مون هن سان گڏ ڪيترائي سفر ڪيا، سفر ۾ انسان جي ماڻ ماپ جي ڄاڻ پوندي آهي. تازو سفر اسان لاڙڪاڻي جو ڪيو هو. جنهن ۾ هدايت بلوچ، شمشير سائين ۽ مان هئاسين، لاڙڪاڻي جي جشن ۾ ذوالفقار سيال جي دعوت تي شرڪت ڪرڻ ويا هئاسين. سيال صاحب اسان ٽنهي کي ڀاڙي تي ڪار اوٽ موٽ ڪرائي ڏني هئي. اهو جشن سرڪاري طور ملهايو پئي ويو. ذوالفقار سيال ڇاڪاڻ ته لاڙڪاڻي جو MS هو، پر هو هڪ شاعر ۽ اديب هو، ان ڪري ادبي پروگرام ڪرائڻ ان جي حوالي هئا. اسان کي لاڙڪاڻي ۾ هڪ بهترين هوٽل ۾ رهايو ويو، ان هوٽل جي سامهون انيس انصاري جي نالي سان هڪ روڊ هو. انهي هوٽل ۾ هدايت ۽ شمشير سان ڏاڍي ڪچهري ٿي. اڄوڪو نوجوان اديب شمشيرالحيدري جي ڏاڍي عزت ڪندو هو، پيار به ڪندو هو. شمشير جي جڏهن نور ۾ نور هو تڏهن هو هر ڪنهن مانُ ڏيڻ واري کي پنهنجي اکين تي ويهاريندو هو. جڏهن هو نور کان بي نور ٿيو، تڏهن به هو نور تي توڪل رکندو هو ۽ پنهنجي چاهيندڙن کي پنهنجي آواز سان پنهنجي ويجهو ڪندو هو. اهو ئي سبب هو جو شمشير سان ملهايل شام جا آرٽ ڪائونسل ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ جي مدد سان ملهائي وئي. مدد ڇا پر مڪمل بندوبست ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ان جي ساٿين ئي ڪيو هو، ان شام ۾ شمشير جا مداح سڄي سنڌ مان آيا هئا. پنهنجي هڙان وڙان پنهنجي خرچ پکي تي ڪراچي جي هوٽلن ۾ رهيا هئا. سندس شاعري جو پهريون مجموعو ”لاٽ“ هو، جيڪو 1961ع ۾ شايع ٿيو هو. جنهن کي پڙهي اسان جهڙا ڪيترائي شاعر ٿيا. هاڻ سندس ٻيو ڇاپو پڌرو ٿيو آهي، پر جيڪا رس سندس پهرئين ڇاپي واري شاعري ۾ هئي ۽ جيڪا لاٽ سياسي ۽ سماجي حوالي سان جلائي هئي، اها هن ٻئي ڇاپي ۾ مون کي الائي ڇو گهٽ محسوس ٿي، بهرحال سندس زندگي ۾ اهو ٻيو ڇاپو آيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ جون گهڻيون محنتون آهن، اهو ڪريڊٽ سڄي جو سڄو ڊاڪٽر صاحب ڏانهن وڃي ٿو.

شمشير مذهبي حوالي سان کڻي ڪهڙي به فرقي سان واسطو رکي، پر اصل ۾ هو سنڌ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ هو، تنهن ڪري هن جو مزاج هڪ سچي صوفيءَ وارو هو. سڀن سان پيار ڪندڙ، سڀني کي مانُ ڏيندڙ، ڀاڪر پائي جيءُ ۾ جايون ڏيندڙ، فقيراڻي طبيعت ۽ مزاج رکندڙ هن وڏي ماڻهو جو سندس پهرئين ڇاپي ۾ سندس هي نظم پڙهي، مان ته جهومي پوندو هئس. اهو شعر ڄڻ صوفين ۽ درويشن جي مزاج وٽان هو، سندس شعر هو.

”مستن تي نه ميار او سائين مستن تي نه ميار“

ڪڏهن ايڪو ايڪ اڪيلا، ڪڏهن ٻه ڏون چار،

مستن تي نه ميار،

شمشير سائين انگريزي سان گڏوگڏ ڪيترين ٻين ٻولين تي دسترس رکندو هو. نظم جي شاعريءَ جو ته سنڌيءَ ۾ تخليقڪار ئي پاڻ هو. مون ڪڏهن به ايترين صلاحيتن هوندي به سندس زندگي ۾ ڪو غرور، تڪبر، هٺ ته مون عام اديبن جيان، هن ۾ ڏٺو ئي ڪين، سندس پهريون شاعريءَ جو مجموعو ”لاٽ“ سنڌي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي جي سِليبس ۾ ”جديد شاعريءَ“ واري سبجيڪٽ ۾ رکيل آهي، ان کان علاوه ”ڪاڪ محل“ ڊرامي جو ڪتاب به پڙهايو ويندو آهي. مددي ڪتابن ۾ ”آزاد نظم جي اوسر“ ۽ ”سنڌي شاعريءَ جو اڀياس“ به پڙهڻ لاءِ شاگردن کي چيو ويندو آهي، هي ٻئي ڪتاب سِليبس ۾ مددي ڪتابن جي فهرست ۾ شامل آهن. 

شمشيرالحيدري سنڌي ادبي سنگت جو يارنهن سال سيڪريٽري جنرل رهيو، هن انهي پليٽ فارم تان سنڌ جي حقن لاءِ ڪافي جدوجهد ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽون لکائڻ ۽ اينٽي ون يونٽ تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. ان کان سواءِ هو جنهن اداري ۾ ملازم رهيو ته هو پنهنجي ترقي پسند واري نظرئي سان سلهاجندڙ هر ڪم ڪندو رهيو، هن جي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو اهڙو شاهي فرمان آيو ته هو ٿڏي پنهنجي سنڌ جي مارن سان اچي قطار ۾ بيهندو هو. هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪيو، جنهن سان هن جي ادبي سرگرمين ۾ ڪا الزام جي بوءِ محسوس ٿئي. هن تي جڏهن به ڪا مشڪلات جي سوڙهه ٿيندي هئي ته مولا تي ننگ وارو جملو ورجائيندو هو ۽ مولا هن تي سڀ کان وڏي مهرباني ڪئي جو هن کي دل جو صاف سٿرو رکيو هو.

شمشير T.V جو پهريون سنڌي ڪمپيئر، ناٽڪ نويس ۽ ميزباني جي فرائض سرانجام ڏيڻ وارو هو. مون سندس ميزباني ۾ ڪيئي T.V، ريڊيو تي شعر پڙهيا، اتي جو اتي هو ڪيترن نوجوان شاعرن جي شاعريءَ جي اصلاح به ڪندو هو. هو ريڊيو ۽ T.V جو اهو ليکڪ هو، جيڪو پروڊيوسرن کي کڙهه تي کير پياريندو هو. اهڙو ڪوبه موضوع ڪونه هوندو هو. جيڪو T.V اسڪرپٽ لکڻ لاءِ کيس ڏکيو لڳي، اهڙو ڪو پروگرام جيڪو ٻيو نه ڪري سگهندو هو ته جلدي T.V، ريڊيو جي صاحبن کي شمشير ياد ايندو هو. سائين به هنن جا مسئلا جلدي حل ڪري ڏيندو هئن. هو انهيءَ معاوضي مان ئي زندگي جا آخري سال گذر سفر ڪندو هو، سادي زندگي گذاريندڙ هن شاعر جو هڪ اهم دوست هو هدايت بلوچ. جيڪو هن جو پڳ مٽ يار هو. هو ٻئي هڪ ٻئي جا پاڙيسري هئا. رات جي روشني ۾ گلاسن جي ٽڪرائجڻ جي مڌر موسيقي هنن جي محفل ۾ ٻڌبي هئي.

سائين شمشير نظم جو بيحد سگهارو شاعر هو، موسيقي سان سينگاريل نظم هن جا اهم شاهڪار هئا. نظم جي شاعري لاءِ ڪنهن ڏاهي لکيو آهي. ”نظم آهي اونهي اڀياس بعد اندر جي اڇل يا اندر جي اوت، جيئن ”مينهن ڪڻي“ سپ جي سيني ۾ موتي بنجي ٻاهر اچي، تيئن سندر سهڻو سپنو ۽ صحتمند خيال شاعر جي من ۾ حرفن جو هيرو بنجي ٻاهر اچي ٿو ۽ اوندهه ۾ ويٺل انسانن جي پنهنجي جوت جي جهلڪ سان رهنمائي ڪري ٿو“. هونئن ته سندس نظم کوڙ سارا سگهارا آهن پر مهراڻ جي پرچي جولاءِ، سيپٽمبر 1996ع ۾ سندس هڪ نظم ”الوداع“ جي نانء سان شايع ٿيو، ان نظم جو ٽڪرو پيش ڪجي ٿو، اصلي نظم ڪافي ڊگهو آهي. هن نظم ۾ موت کي مڪڙي گهوڙي سان تشبيهه ڏني آهي. مڪڙو گهوڙو به ڏاڍو تيز هلندو اک ڇنڀ ۾ ڪاٿي کان ڪاٿي وڃي پهچندو آهي. موت به ايندو آهي ته گهڙي پل جي به مهلت نه ڏيندو آهي.

سونهن جو درياءُ وهي پيو،

ناهي جنهن جو آر پار.

جنهن جي هر قطري ۾ نيرانين نگاهن جو خمار،

هر نظارو جنهن جو، قدرت جو نرالو شاهڪار،

حيرتن ئي حيرتن جي ڪاڪ، جنهن پاسي نهار!

آه ڏاڍي دير ٿي وئي، اي معزز حسن بانو!

مان ته ويٺو هئس هاڻي واپسي جي لئه تيار،

بس سواري جو ڪيم پئي انتظار،

ڪنهن به ٽاڻي اچڻو آهي آسماني مڪڙو گهوڙو

جيڪو ڪنهن مهلت بنا ٿيندو فرار.

ائين اوچتو ئي اوچتو شمشير جو انتظار ختم ٿيو، مڪڙو گهوڙو اوچتو آيو ۽ هن کي کڻي فرار ٿي هليو ويو ۽ اسان هٿ مهٽيندي ئي رهجي وياسين، هاڻ هن فقير مولائي، شاعر کي ڪٿي ڳولهجي، نه هاڻ اسان کي هدايت بلوچ وٽ ملندو، نه شاعرن ۾ نه ريڊيو نه TV تي. ها ملندو ته جنت جي باغ ۾ عليؑ جي هٿ ۾ شمشير جي صورت ۾، اهڙي طرح شمشير اسان کي 31 ڊسمبر 1931ع ۾ مليو ۽ هڪ تاريخ اڳ ۾ ئي اسان کان 30 آگسٽ 2012ع تي گم ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org