حسينه ساند
هڪڙو شمشير هو زماني ۾ سو به اڄ دنيا مان گذاري
ويو
10 آگسٽ جي اڀاڳي ڏينهن تي اِهو ٻڌندي ته شمشير اڄ
اَسان کي ۽ سنڌ کي ڪو گهاءُ ڏئي هليو ويو ته جسم ۾
ڪنبڻي وٺي وئي، اکيون حيراني ۽ پريشانيءَ ۾
هيڏانهن هوڏانهن تڪڻ لڳن ٿيون اندر ۾ آنڌ مانڌ
جاڳي پوي ٿي. پر سواءِ خالي پن جي ٻيو ڪو به منظر
نظر نٿو اچي، اکيون آب هاري اندر کي آلو ڪن ٿيون.
وقت جو وار ڪنهن خنجر جيان اندر کي وڍي ٿو وڃي ۽
پوءِ اسان وٽ سواءِ افسوس جي ۽ هاءِ هاءِ جي ٻيو
ڪجھه باقي نٿو بچي.
هاءِ ڙي حياتي!
توکي ڪاٿي ڳولجي!
الائي ڇو؟ ڪنهن هيري جو قدر اسان کي وقت تي ڇو نٿو
ٿئي؟ هيءُ ڪهڙو احساس آهي. جو شمشير جي نالي جيان
ترار بڻجي به اسان جي جسم کي اسان جي روح کي ڪا
خوشبوءِ ارپي ٿو وڃي. چاهي هو ظاهري طور تي اسان
وٽ نه آهي ته به اسان جي سوچ جي سفر ۾ اسان ساڻ
آهي هُو اهڙو ته سچو ۽ کرو ماڻهو هو! جنهن ڪيتري
به تڪليف ۾ هوندي ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو هٿ نه
ٽنگيو، هميشه مرڪندي مسڪرائيندي جيون کي الوداع
چوندي، اسان کان موڪلائي هليو ويو. شمشير اُهو
اِنسان هو، جنهن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان ايڏي ته
محبت هئي جو سنڌ جي سجدي ۾ هميشه سربجود رهيو!
۽ اُن جي ئي عشق ۾ انالحق جو نعرو هڻندو رهيو! ۽
ڌرتيءَ جي خاڪ کي سرمو سمجهي اُن جي روشنيءَ ۾ ڏات
جا ڏيئا چمڪائيندو رهيو.
۽ پنهنجي ڏات جيان، هُو مٺڙو اِنسان پنهنجي ڏات ۾
به ائين حسين ۽ جميل شخص هو! هميشه پنهنجو رت ست
ڏئي ڌرتيءَ جي ماڻهن کي امرتا بخشڻ لڳو. هميشه سنڌ
جو هيءُ سهڻو ۽ ارڏو سپوت پنهنجي لفظن جي سچ سان
سونهن سان سوڀيا سان سنواريندو رهيو.
بلڪل هن شعر وانگي ته:
سونهن کي سنواريندا هلو!
ڪري روشنيون ٻاري آگُربو
ڏيڻ، ڏياٽيون ٻاريندا هلون
جتي نالو اچي سنڌ جو
اُتي سر گهوريندا هلو
ڪنڌ ڪپائيندا هلو.
هو هميشه پنهنجي مٺڙي ۽ سپاه لهجي سان سنڌ جي مان
۾ اڳي کان اڳرو رهيو. بقول سائين ابراهيم جويي جي
سائين شمشير جي دل ۾ ٻالڪپڻ کان ئي وٺي سنڌ جي سڪ
جو سوز سمايل هو. ۽ اُهو آخري هڏڪي تائين رهيو.
ايتري قدر جو الائي ڪيتري عرصي کان ايڏي پيڙا ۾
گذاريندي به هن ارڏي ماڻهوءَ پنهنجي گهر جي ڀاتين
کي به اُن وارتا کان بي خبر رکيو. جڏهن صفا
بيماريءَ، هن عظيم اِنسان جي هڏن جي رت ست کي چوسڻ
لڳي ته پوءِ ظاهر ٿيو. شمشير وانگي هن اڏول اِنسان
ڪيئن نه بيماريءَ کي جيهليو آهي.
ايڏي وحشت جهڙي بيماري ۾ گذاريندي جڏهن هن موتيءَ
جي داڻي جهڙي مٺڙي ماڻهوءَ جو آواز جهيڻو ٿيڻ لڳو
ته به هن جي من تي ڪا شڪايت نه هُئي. چوندو رهيو
بابا مون کي منهنجي سنڌ جيڪو ڏنو منهنجي لاءِ جنت
مثل رهيو. اڃا تائين مون اُن جي عبادت جي ته
شروعات ئي مس ڪئي هئي. اڃان ته مون تي ڌرتي ماتا
جو فرض باقي آ.
هِن بيباڪ ۽ بي ضرر اِنسان ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت
نه ڪئي هميشه هٿ ٻڌي سڀني جا ٿورا مڃيندو
مسڪرائيندو رهيو.
چوندو رهيو بابا دُعا ڪيو اڳتي جي سفر ۾ به اهڙي
سهڻي مون کي سنڌ ملي.
پوءِ ڄڻ ته جيون کي ٻي جند ملي.
۽ ڏسو! ڪيئن نه آخري عمر جي گهڙي تائين اُن کي
پنهنجون چيل ڳالهيون ۽ مٺڙا لفظ ياد هئا. جڏهن
آپا مهتاب راشدي هن کي چيو ته چانهه ٺاهي اچان ۽
جڏهن مُرڪندي پڇيو ته، چانهه ۾ کير ڪيترو وجهان. ۽
هن ان وقت به اِهو جملو ورجايو جيڪو ڪيترو وقت اڳ
هن ڳالهايو هو ته بقدر اشک چشم بُلبل. يعني بلبل
جي ڳوڙهن جيترو کير هجي.
اِهي هوندا آهن اُهي ذهن جن جي يادگيرين جا قصا
هميشه ياد رهندا آهن.
سائين شمشير جي نظم جون ڪجھه سٽون آهن.
گيت مالائون سريلن ٽهڪڙن جون،
۽ ڏکڻ جي هير جهڙين ٿڌڙين مُرڪن جون چانڊوڪيون
گرم لڙڪن جي ٻاٽ،
سادگي، سچائي، قرباني، وَفا، پاڪيزگي،
صبر ۽ حيا جا جيڪي چندن هار، مون ڏوري ڏٺا
تن جو ڪوئي ملهه نه هو!
۽ واقعي شمشير جي هن نظم جي ٽڪري جيان هن جي
حياتيءَ جي ڪنهن به احسان جو جيڪو هن اسان تي ڪيو
آهي، اُن جو ڪو ملهه ناهي. شمشير جي رڳ رڳ ۾ سنڌ
لاءِ اهڙي ته سڪ سمايل هئي جو هر ويل، هر هنڌ اِهو
چوندو رهيو ته
اهڙو مخلص ته ڪنهن ڏٺو هوندو
هڪڙي دل سا به ڪِٿي وساري ويو!
واقعي هُو حُسيني عشق ۾ حيدري سڏائيندي سنڌ جي عشق
۾ به ائين ئي حيدري رهيو. اها هوندي آ محبت جي
انتها ۽ جذبن جي سچائي. جيڪا اِنسان کي اُن منزل
تي پهچائيندي آهي، جتي اکيون بند ڪري اُن جي عشق ۾
سڀ ڪجھه ڇڏي ويهي رهڻ تي دل چوندي آهي!
بلڪل شمشير جي هن شعر وانگي ته
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو
ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو.
الا، الا اِها هوندي آ اِنسانيت جي پرک جيڪا
ماڻهوءَ کي مهانتا بخشيندي آهي، ۽ سائين شمشير
حيدريءَ جي محبتن جو وَهنوار اسان جي جيون تي ائين
ئي آهي جيئن ڪنهن ابهم ٻار سان ماءُ جو اڻ کٽو
پيار.
ڪاش! اسين وقت جي وار کي سمجهندي اهڙي سچن سپوتن
جو وقت تي غور ڪرڻ ساڃاهه رکون، ۽ سرخرو ٿيون! ۽
آخر ۾ شمشير جو چيل هن نظم جو ڪجھه ٽُڪر جي سنڌ
واسين جي نانءُ، ڪيان ٿي.
جن سان هو ايڏي محبت ڪندو هو ۽ آخري وقت به اِها
آس سانڍي هليو ته وري جيءُ اُٿي پوندس!
جي جنت بجاءِ به اُتي وري مون کي ساڳي سنڌ ملي!
۽ چوندو رهيو ته!
’مُنهنجي احساسن جو عنبر، مُشڪ جذبن جي ۽ يادن جو
گلاب‘
ساهه سان سنڀالي،
۽ هي سڀ ۽ فانوس
۽ مشعل سدا رکجانءِ روشن
جيئن اسان جي اڄ جي شاهد، هن اڪيلي وڻ کي انداهيءَ
جا پاڇا گم نه ڪن!
منهنجي پياري حُسن بانو،
الوداع! الوداع: منهنجي پياري سنڌ
الوداع
منهنجي پياري سنڌ
الوداع منهنجي پياري سنڌ
ڇا ٿي سوچين حسن بانو!
ڇا ٿي سوچين
منهنجي پياري سنڌ
مون کي وڃڻو ته آهي
توکي رهڻو ئي ته آهي
حسين نازل ٿئي، منهنجي وَڃڻ جي مهل،
ان ته ملهايو،
شادمانيءَ جو جشن
تنهنجي پياري، سُونهن ۽ منهنجي سهڻي پيار جي سنگم
روشن ڪيا سڀ ؟؟؟ ۽ مشعل
پوءِ گڏجي پاڻ ڏينداسين سلامي.
الوداع منهنجي پياري حسن بانو
الوداع منهنجي پياري سنڌ.
عبدالوهاب منشي
شمشيرالحيدري وري پيدا ڪونه ٿيندو!
هن ماڻهوءَ جي ڪردار ۽ شخصيت مٿان ڇا لکي ڇا لکجي،
هو هڪ سچو، ايماندار، مومن صفت ۽ نيڪ انسان هو،
جنهن ڪڏهن پنهنجي لاءِ ڪجھه ٺاهڻ بدران سدائين
سڀاڻي لاءِ چوندي نظر آيو ته، قسمت ۾ جيڪو اڄ کائڻ
آهي سو کائي وٺجي سڀاڻي جو بندوبست پاڻ موليٰ
ڪندو. هو سدائين چوندو هو ته، ”منهنجو موليٰ تي
ننگ آهي“، اڄ هو ماڻهو اسان جي وچ ۾ ڪونهي رهيو،
ها مان اهي لفظ سنڌ ڌرتيءَ جي سپوت بهادر ۽ بيباڪ
صحافي، نامياري اديب، محقق سائين شمشيرالحيدريءَ
تي رکي رهيو آهيان. اڄوڪو ڪالم شمشيرالحيدريءَ جي
متعلق لکڻ مان پنهنجي ضمير تي رهيل قرض ادا ڪري
رهيو آهيان. اڄ شمشيرالحيدري کي (مرحوم) لکڻ ۾ ته
منهنجي ڪيفيت تمام گهڻي غمزده آهي، جيئن ڪو ماڻهو
پنهنجي ڪنهن گهر ڀاتيءَ جي وڇوڙي تي سوڳوار هجي،
ها مان به اڄ سوڳوار آهيان، مان ائين سوڳوار آهيان
جيئن سڄي سنڌ ۾ شمشير جي لاڏاڻي تي سنڌ واسين ۾
سوڳواري واري ڪيفيت آهي. سنڌ جو هر اديب، صحافي،
ليکڪ، دانشور توڙي سول سوسائٽي جي هر ماڻهو جي دل
۾ شمشيرالحيدري جي موت جو تڏو وڇايل آهي. هو ڪو
عام ماڻهو ڪونه هو، دنياوي طور تي ضرور هو D/9 پاڪستان
ڪوارٽر جي هڪ ننڍڙي جهوپڙي نما گهر ۾ رهندو هجي،
پر هو ان سماج ۾ پنهنجو ڪردار ۽ آدرشن سان تمام
وڏو ماڻهو سڃاتو ويندو هو، هاڻ هو فاني دنيا مان
لاڏاڻو ڪري سنڌ ڌرتي کي هميشه هميشه لاءِ الوداع
ڪري هليو ويو. پر مان اڄ اهو تمام گهڻي پختگي ۽
ساک سان لکي رهيو آهيان ته شمشيرالحيدريءَ جي فڪر
۽ سوچ نه رڳو اسان جي موجوده پيڙهي پر اها سوچ
منهنجي پٽ محمد حسين منشي جي پيڙهي تائين هر سنڌ
واسي جي دل ۾ زنده هوندي، هو هڪ فقير صفت انسان
هو. جنهن کي موليٰ علي عليه السلام سان بي پناهه
عقيدت هئي. هو هميشه علي عليه السلام کي سخي چوندي
نظر آيو. هو موليٰ علي مشڪل ڪشيٰ جو پوئلڳ هو.
پوءِ ڇو نه قدرت ان شخص مٿان مهربان ٿئي، نيٺ سندس
زندگيءَ جو خاتمو 21 رمضان موليٰ عليؑ جي شهادت
واري ڏهاڙي واري ڏينهن تي هن دنيا مان کڻي کيس
هميشه لاءِ امر بنائي ڇڏيو. دنيا ۾ شمشيرالحيدري
جهڙا ماڻهو جتي پنهنجي سادي زندگيءَ گذارڻ ڪري جتي
سندن ضمير مطمئن هوندو آهي اتي هو مرڻ کان پوءِ به
سندن روح به سڪون جي ڪيفيت ۾ هوندو آهي. قدرت اهڙي
الاالمست شخصيت کي نه رڳو دنيا آڏو سرخرو ڪيو پر
کيس موليٰ عليؑ جي شهادت واري ڏهاڙي اجل سندس روح
قبض ڪري اها نشاندهي ڪرڻ ۾ سولائي ڪري ڇڏي ته هو
حيدري هو، هو علي موليٰ کي سخي مڃڻ وارو هڪ ڪميٽڊ
۽ باضمير فقير صفت انسان هو، جيڪو ساهه جي آخري
سسڪي تائين پنهنجي اصولي مؤقف تان هڪ انچ پوئتي
ڪونه هٽيو، منهنجي خوش نصيبي چئبي ته شمشيرالحيدري
اسان جي گهر جو هڪ ڀاتي هو ان پنهنجي زندگي جو وڏو
عرصو منشي هائوس ۾ رهي سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي ادب جي
جيڪا خدمت ڪئي اها سنڌ واسي ڪڏهن وساري نٿا سگهن.
شمشيرالحيدري کي جيڪڏهن مان پنهنجي گهر جو هڪڙو
حصو، بزرگ فرد لکان ته اهو سچ هوندو، هو منهنجي
وڏن مرحوم عبدالشڪور منشي، مرحوم محمد اسماعيل
منشي ۽ مرحوم فخرالدين منشي جو بهترين دوست هو. ان
خاندان لاءِ پڻ اهو اعزاز حاصل آهي ته
شمشيرالحيدري پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي صحافتي
ڪيريئر جو آغاز منشي هائوس مان نڪرندڙ نامياري
اخبار ”روزنامه هلالِ پاڪستان“ (جنهن جو مالڪ ۽
باني مرحوم عبدالشڪور منشي) هو. 1954ع ۾ هن بحيثيت
اسسٽنٽ ايڊيٽر هن حيدرآباد مان پنهنجي صحافتي
زندگيءَ جو آغاز ڪيو، پوءِ هو منهنجي بابا شهاب
الدين منشي جو دوست بنجي ويو. مان اهو لکندي فخر
محسوس ڪريان ٿو ته 1983ع کان 1989ع تائين بابا،
سائين شمشيرالحيدري کي جهڙي خطرناڪ دؤر ۽ آمريت
واري حالات ۾ پنهنجي گهر ۾ رهايو ۽ اتان
شمشيرالحيدري جهڙي طرح سنڌ جي ماڻهن جي حقن جي
جيڪا ترجماني ڪئي. جيئن ضياء جي آمريت خلاف جيڪا
ويڙهه ڪئي، يقينن اهو بابا جو معنيٰ خيز ۽
دؤرانديشي جو فيصلو هو، ٿي سگهي ٿو ته ضرور بابا
کي شمشيرالحيدري جهڙي مقناطيسي شخصيت ضياء جي
آمريت توڙي سنڌي ادب لاءِ جيڪو تاريخ ساز ڪم ڪيو
سو ڪڏهن وساري نٿو سگهجي، شمشيرالحيدري منشي هائوس
حيدرآباد ۾ رهي جنرل ضياء جي ڪاري دؤر خطرناڪ
مارشل لا، بندوق ۽ ڪوڙي جي دؤر جو جهڙي طرح مقابلو
ڪري سنڌي ماڻهن ۾ ويساهه پيدا ڪيو اهو سندس انيڪ
شخصيت جو وڏو ڪمال هو. مون پنهنجي اکين سان ڌٺو ته
شمشيرالحيدري جڏهن حيدرآباد واري اسان جي گهر ۾
رهندو هو ته اتي ساڻس ملڻ لاءِ سنڌ جي اديبن،
سياستدانن ۽ قوم پرستن جا هڪڙا قافلا ايندا هئا ته
ٻيا ميڙ ويندا هئا، سڄو ڏينهن هن فقير صفت ماڻهو
وٽ چانهه جو هنڊو چڙهيل هوندو هو. اتي ڪڏهن شيخ
اياز، استادي بخاري، عبدالواحد آريسر، علي بابا،
تنوير عباسي، طارق اشرف، حليم باغي، عابده پروين،
اسلم آزاد، علي محمد چنا، غلام رباني آگرو، ناز
سهتو، جي اين مغل، قاضي خادم، عبدالڪريم پلي، جي
ايم ڀڳت، مير حسن آريسر، دستگير ڀٽي، شهمير چوهاڻ،
ڊاڪٽر هرچند لوهاڻو سوڌو سنڌ جي سوين ماڻهن جو
شمشير وٽ اچڻ وڃڻ هو. پر سندس فقيري لنگر خاني ۾
ڪڏهن ڪا کوٽ ڪونه آئي، شمشيرالحيدري نه رڳو سنڌي
ٻولي جو ناميارو شاعر، صحافي، اديب، ليکڪ، آرٽسٽ،
سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جو باني
هو، پر هو روزنامه هلالِ پاڪستان، نئين زندگي
ميگزين ۽ روزانه مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر پڻ هو.
سائين شمشيرالحيدري سان خانداني طور تي ويجهو رهڻ
ڪري مون کي کيس مان تمام گهڻو سکڻ ۽ سمجهڻ جو
موقعو مليو. هو هڪ ڪمال جي شخصيت جو مالڪ هو، جيئن
هن ايوب خان جي آمريتي دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي
پليٽ فارم تان نه رڳو سنڌي ٻولي جي بچاءُ جو ڪيس
وڙهيو پر پير صاحب پاڳاري جي روزنامه مهراڻ اخبار
۾ ايڊيٽر هوندي جنرل ضياء جي آمريت خلاف جيڪي
تاريخي ايڊيٽوريل لکيا اهو سندس شخصيت جو وڏو ڪمال
هو. ڪو وقت هو ته مهراڻ اخبار فقط هڪ هزار ڪاپي
ڇپبي هئي پر شمشيرالحيدري جي لکڻ جي ڪري سنڌ جي
يونيورسٽين جا شاگرد فوٽو ڪاپي ڪرائي پڙهندا هئا،
اها اخبار سنڌ جي اسٽالن تي ڳولڻ سان ڪونه لڀندي
هئي. يقينن شمشير جو ادبي پورهيو تاريخ ۾ ڪنهن جو
محتاج ڪونهي. هو ته سنڌ ڌرتي لاءِ پنهنجو تاريخي
ڪردار ادا ڪري هليو ويو پر اسان شمشير لاءِ اهو
ڪجھه ڪونه ڪري سگهياسين جنهن جو هو حقدار هو، مان
هميشه چوندو آهيان ته اسين موجوده صديءَ ۾ مرده
پرست قوم آهيون. اسان وٽ انسان جو جيئري قدر ڪونهي
پر جڏهن هو هن دنيا مان موڪلائي وڃي ته اسان روڄ
راڙي پٽڪي جي سواءِ ٻيو ڪجھه نٿا ڪريون، پر شمشير
ته سنڌ جي مزاحمت ۽ ترقي پسند ادبي لڏي جو سرتاج
هو، شمشيرالحيدري اسان جي وچ ۾ هڪ مهتاب جي معنيٰ
رکندڙ انسان هو، جنهن جي روشني جي ڪرڻن سان سڄي
سنڌ جا اديب ۽ ليکڪ فيضياب ٿيندا هئا. هو پنهنجي
ذات ۾ هڪ ادارو هو.
مان هن ڪالم ۾ 19 مئي 2011ع ۾ جي هن يادگار شام جو
ذڪر ڪرڻ ضروري مناسب سمجهان ٿو ته ڪراچي آرٽس
ڪائونسل ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ جي محنت ۽ جفاڪشي سان
شمشيرالحيدريءَ جي اعزاز ۾ جيڪا شام ملهائي ويئي،
اها هڪ تاريخي شام هئي. 19 مئي جي صبح جو سائين
شمشيرالحيدري مون کي پاڻ فون ڪري چيو ته توکي اڄ
هر حال ۾ ڪراچي پهچڻو آهي، انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۽
ڊاڪٽر ايوب شيخ دوستن سان گڏ ڪراچي مهراڻ آرٽس
ڪائونسل ۾ مون سان هڪ شام ملهائي رهيا آهن، جنهن ۾
توکي مون تي ضرور ڳالهائڻو آهي. ها مان هن شام
مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي آڊيٽوريم ۾ پري کان ويهي
شمشيرالحيدري جي اکين ۾ هڪ مخصوص چمڪ ڏٺي. هو تمام
گهڻو خوش ڇو ته جيئن سنڌ واسين شمشيرالحيدري جو
ٻڌو ته ان پنڊال ۾ ماڻهن جو هجوم ڀريل هو، اهڙي
تقريب مون هڪ اديب ۽ شاعر لاءِ ڪڏهن ڪونه ڏٺي ته
ايترا ماڻهو ڪنهن دعوت ۾ موجود هجن. ها اتي سڀئي
ماڻهو فقط شمشيرالحيدري جي شخصيت لاءِ پهتا هئا.
جن شمشير کي سندس زندگي جي ڪيل پورهئي عيوض کيس
ڀيٽا ڏيڻ لاءِ آيا هئا. اتي تقريب ۾ شازيه مري،
يوسف شاهين، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، جي اين مغل،
ڊاڪٽر سليمان شيخ، غلام نبي مغل، رٽائر جسٽس ديدار
حسين شاهه، نصير مرزا، ايوب شيخ سوڌو سنڌ جا وڏا
وڏا اديب شمشيرالحيدريءَ کي ڏسڻ لاءِ ان پنڊال ۾
پهتل هئا. ان تقريب ۾ سندس ڪيل پورهئي جو قرض
چڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون مون اتي
شمشيرالحيدري کي پنهنجي تقرير ۾ ڳالهائيندي چيو ته
شمشيرالحيدري سنڌ جو ليجنڊ ۽ سنڌي قوم جو آئي ڪون
آهي. شمشير ٻيهر ڪڏهن تاريخ ۾ پيدا ڪونه ٿيندو ها
مان اڄ به پنهنجي لفظن جو پاسدار آهيان ته
شمشيرالحيدريءَ تاريخ ۾ ٻيهر ڪڏهن پيدا ڪونه
ٿيندو. ”بس هڪڙو شمشير هو زماني ۾ سو به دنيا مان
اڄ گذاري ويو“، پر شمشيرالحيدري جيڪا واٽ ۽ جيڪو
ادبي مواد اسان جي قوم لاءِ ڇڏي ويو آهي سو تاريخ
۾ وڏو اثاثو آهي. يقين ڪريو ته اڄ وري سنڌي صحافت
۽ سنڌي ادب کي شمشيرالحيدري جي واٽ تي هلڻو پوندو
ته جيئن اسان وري هڪ نئين خوشحال ۽ مستحڪم سنڌ جا
مالڪ ٿي سگهون. اڄ وري اسان جي اديبن، شاعرن، قوم
پرستن ۽ سول سوسائٽي جي ڪلهن مٿان اهو بار پوي ٿو
ته اسان شمشيرالحيدريءَ جي زندگي ۾ سندس ڇڏيل واٽ
۽ سندس اڻ ڇپيل ادبي مواد کي فوري طور شايع ڪرائي،
پنهنجي سنڌ جي نئين نسل ۾ متعارف ڪرايون ۽ تاريخ
آڏو پنهنجو پاڻ کي سرخرو ثابت ڪرڻ لاءِ شمشير جي
ڇڏيل واٽ تي ڪم ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي ڇاڪاڻ ته
گهٽ ۾ گهٽ هن صديءَ ۾ شمشيرالحيدري پيدا نٿو ٿي
سگهي.
نسيم حيدري
بهار جي خوشبوئن وارو ماڻهو، منهنجو بابا
شمشيرالحيدري
حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيرحه، جيڪو
فطرت جي مشاهدي جو وڏي ۾ وڏو شاعر، اعليٰ سوچ، ۽
سهڻي اظهار جو ڌڻي هو، تنهن ماڻهن ۽ پکين جي صحيح
پرک لاءِ پنهنجن خوبصورت خيالن جو اظهار هينئن ڪيو
آهي.
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
جيئن هنج ٻين پکين کان مختلف ۽ سهڻو هجي ٿو، تيئن
ڪي ماڻهو پنهنجي انفرادي خوبين، لياقت، پنهنجي الڳ
سوچ ۽ فڪر جي بنياد کان منفرد ۽ مٿاهان نظر ايندا
آهن، اهڙا ماڻهو بسنت بهار جي رت جي سڳنڌ جيان
هوندا آهن، بهار جي رت، سڀني رتن کان پياري ۽
نرالي هجي ٿي، جنهن جي اچڻ سان باغن ۾ گل ٽڙيو
پون، هر طرف هٻڪار ئي هٻڪار پکڙيو وڃي ۽ من ۾
تازگيءَ جو احساس جاڳيو پوي، انهيءَ ئي ڪري شاهه
سائين خاص ماڻهن کي هن خاص رت سان تشبيهه ڏني آهي.
هيءَ دنيا مختلف عادتن، طبيعتون ۽ ذهن رکندڙ انسان
سان ڀريل رهي آهي، هر انسان ٻئي انسان کان رنگ ڍنگ
۽ سوچ ويچار ۾ الڳ آهي، ڪيئي شاهه، شهنشاهه، امير
کان امير تر ۽ خوب کان خوب تر انسان هن دنيا ۾ آيا
۽ ويا، پر تاريخ ۾ ڪو نالو نشان ڪونهي رهيو ته
انهن انسانن جو نالو، جن دنيا ۾ ڪي ڪارناما انجام
ڏنا، جن زندگيءَ کي ڪنهن مقصد ڪارڻ گذاريو، دنيا
کي ڪو نظريو، ڪو فلسفو ڏنو، ڪا نئين سوچ ۽ اوچو
فڪر ڏنو، جن انساني ذهنن ۾ نوان خيال ۽ دلين ۾
نوان ولولا پيدا ڪيا. جن جو مقصد ٻين کي خوشيون
ڏيڻ ۽ ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪرڻ هو. سخت ڪشالن،
ڏکن ۽ ڏاکڙن جي باوجود هو پنهنجي مقصد جي واٽ تي
هلندا رهيا، ته جيئن ايندڙ نسل کي پنهنجي مستقبل
جون راهون نظر اچن.
سنڌ جي علم، ادب جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته خبر
پوندي ته سنڌ ڌرتيءَ پنهنجي صدين جي سفر ۾ ڪيترين
ئي وڏين ۽ مشهور شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، ورهاڱي
کان اڳ ۽ پوءِ ۽ هاڻ موجوده دؤر ۾ پڻ اهو سلسلو
جاري آهي، ورهاڱي کان پوءِ ڪيترين ئي شخصيتن سنڌي
معاشري ۾ تخليقي، تصنيفي، تحقيقي، ثقافتي ۽ لساني
ميدانن ۾ نمايان ڪارناما انجام ڏنا آهن. اهو جديد
ادب اديبن جي ڪارنامن جو دؤر هو، جديد سنڌي ليکڪن
جي قافلي، قومي سجاڳيءَ واري هلچل کي وڏي هٿي ڏني،
ون يونٽ خلاف لکيو، هارين ۽ مزدؤرن جي حقن کي
اجاگر ڪيو ۽ عملي ڪم پڻ ڪيو، مارشل لائن جا مختلف
دؤر ڏٺا، ۽ ان دؤر جون سختيون سٺيون، مٿن ڪفر ۽
ملڪ دشمنيءَ جون فتوائون ٺوڪيون ويون، ڪيترن کي ته
جيلن جو منهن به ڏسڻو پيو، پر سچائيءَ جي واٽ جا
شيدائي ساڻيهه تان سر گهوريندڙ اونداهيءَ ۾ لاٽ
جلائيندڙ، مقصد کي ماڻڻ لاڳيتي جاکوڙ ڪندڙ، سنڌي
عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪندڙ ان دؤر جا سرواڻ اهي شاعر
۽ اديب ئي هئا، جن اڳتي وڌڻ جون واٽون هموار ڪيون.
انهن وٽ سچا جذبا هيا، ڪجھه جنون هيو، عشق هو
پنهنجي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ سان، هو پنهنجي مقصد جي
مورچي تي اٽل هيا جن پنهنجي قلم جي تلوار کي ڪڏهن
به مياڻ ۾ نه رکيو، پنهنجو نور نچوئي تخليق جي
ڏيئي کي روشن رکيو، انهيءَ قافلي جي سرواڻن مان هڪ
سر موڙ شاعر، اديب، ڊرامه نويس، دانشور، مفڪر،
بااصول ۽ بي باڪ صحافي، پنهنجي غريبيءَ تي نازان،
پراعتماد ۽ باهمٿ، درويشاڻي طبيعت وارا، ”مولا تي
ننگ آ“ واري روش تي قائم، نهايت سٻاجهڙي، شفيق ۽
مهربان شخصيت جا ڌڻي شمشيرالحيدري جن هيا.
پاڻ هڪ نهايت مهربان، همدرد ۽ پيار ڪندڙ، ۽
انتهائي مخلص دل رکڻ وارا پيءُ هئا، انسان جياپي
جي جنگ ۾ هميشه سکن جو تمنائي رهيوآهي، پر بابا
سائين سدائين سخت مفلسي، ڏکن ۽ ڏاکڙن واري زندگي ۾
پراعتماد، خوش ۽ پرسڪون رهيا. سندن چهري تي ڪڏهن
به مايوسين جون ريکائون نظر نه آيون. نهايت باهمٿ
۽ تمام سادي طبيعت رکندڙ شخص هيا، دنياوي عيش و
آرام سان سندن ڪابه دلچسپي ڪانه هئي، پاڻ ڪڏهن به
ٺاٺ باٺ واري زندگيءَ کي پسند نه ڪيائون، ڪڏهن به
اوچي پائڻ ۽ اوچي کائڻ طرف توجهه نه ڏنائون،نهايت
فقيري ۽ درويشي طبيعت جا مالڪ هئا. ننڍپڻ کان وٺي
پوڙهائپ تائين مسلسل جدوجهد، جفاڪشي، محنت ڪرڻ،
ڪشالا ڪڍڻ، سخت ۽ اڻانگن پيچرن تي هلڻ، ڪٺن تڪليفن
کي برداشت ڪرڻ جا عادي هيا.
کيسي ۾ ڏوڪڙ هجن چاهي نه هجن ته به خوش، فڪر ناهي
ڪرڻو، هو ڏات جو ڌڻي هيو، ڏاتر کيس خاص مٽيءَ جي
خمير مان ٺاهي، بي انتها صلاحيتن ۽ خوبين سان
نوازيو هو، جهڙو سندس نالو تهڙي سندس شخصيت.
سندس نالي جي معنيٰ ”حيدر جي تلوار“، جيڪا نه ڪڏهن
ٽٽي نه ڪڏهن ڪنهن جي اڳيان جهڪي، هو حيدر جو حبدار
هو، اهو حيدري رنگ ئي هو جنهن کين ٻين کان الڳ
منفرد ۽ مٿاهون ڪيو هو.
”عجب آهيان، هزارن ۾ حيدري آهيان“
سندس ڪيترائي روپ ۽ پهلو آهن، شاعر، ڊرامه نويس،
ڪهاڻيڪار، صحافي، ڪالم نگار، ايڊيٽر، ڪمپيئر،
محقق، دانشور، فلسفي، مصور، حڪيم ۽ عظيم انسان،
سندس ڪهڙي پهلو کي اجاگر ڪجي، جيڪڏهن شاعر جي
حيثيت سان ڏسون ٿا ته سندس شاعري جيڪا تمام گهڻي
ڪونهي پر جيڪي به پاڻ شعر چيا اٿس، اهي معياري،
عاليشان ۽ اعليٰ مقام رکندڙ آهن، سندن ٻولن ۾ ترنم
۽ موسيقيت اهڙي نموني رچيل آهي جو زماني گذرڻ کان
پوءِ، اڄ به اهي گيت نوان، سدا بهار ۽ وڻندڙ آهن،
جن کي وري وري ٻڌڻ تي دل ڪري ٿو. جهڙوڪ مهه جبين
قزلباش جي آواز ۾ ڳايل گيت، ”تون ياد وري آئين“ يا
وري غفور گل جو ڳايل ”اڄ موج آئي من تي“ طاهره سيد
جي آواز ۾ ”بوند بهار واه واه“ زرينه بلوچ جو ”جبل
مٿي جهڙ“ محمد يوسف ۽ قزلباش جي آواز ۾ ”مون کي
توسان پيار آهي“ شازيه خشڪ جو ”حسينا پوپري“ ۽
”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو“ اهڙي طرح ٻيا به
ڪيترائي ٻارن لاءِ ڳايل گيت آهن جن جو مجموعو نالي
”روشن تارا“ ڇپجي چڪو آهي. سندن ڪيترائي شعر اسٽيج
جي سونهن بڻبا رهيا آهن، سندن بيان رواني، گهاڙيٽو
سڀ الڳ ۽ منفرد آهن، پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ آزاد نظم
جو باني پڻ هيو، جيئن،
چوي ڪير ٿو تون ڪجھه نه ڪر،
ڀلا ڪير ٿو توکي روڪي
هڪ اديب کي لکڻ لاءِ وقت ۽ ماحول جي ضرورت هوندي
آهي پر بابا سائين واحد اديب آهن جنهن جيڪو ڪجھه
به لکيو، گوڙ شور ۾ ٻين سان ڳالهائيندي ۽ ڪچهريون
ڪندي لکيو، شعر به پيا سرجندا ۽ ڪچهريون به پيون
هلنديون. ڪنهن چيو ته گيت لکي ڏيو ته 5 منٽن ۾ گيت
تيار، طبيعت ناساز هجي يا تپ بخار جو حملو، پوءِ
به روشن تارا پروگرام جو اسڪرپٽ تيار ٿي ويندو هو
يا وري ڪنهن ڊرامي جي قسط مڪمل ٿي ويندي هئي.
هو تخيل جي انتهائي بلندين تي پهتل هو، قلم جو ڌڻي
۽ لفظن جو جادوگر هو، لفظ سندن هٿن جي اشارن جا
محتاج هيا، بابا سائينءَ ٽيلي ويزن کي ڪيترائي
لازوال گيت ۽ ناٽڪ ڏنا آهن، هو ٽيلي ويزنن جو
پهريون سنڌي ڊرامه نگار آهي، هن ”زينت“ پهريون
سنڌي ڪامياب ۽ سلسليوار ڊرامو لکيو، بيشمار ڊرامه
لکيا جن ۾ ”ٺاهه، پلٽڻ، مومو، ساڳي واردات، ڪاڪ
محل، اي زمانن جا ضمير ۽ وفا ڪي پيڪر (حرن تي لکيل
ڊرامه) وغيره مشهور ۽ يادگار آهن، پاڻ ڪيتري ئي
وقت تائين پنهنجا آتم ڪٿا، ”فقير بيان ڪري ٿو“ جي
نالي سان ڪالم لکندو رهيو، پاڻ دلير صحافي هيو.
”مهراڻ“ اخبار کي ان جي ڪري ئي عروج مليو هو، پاڻ
نئين زندگي، مهراڻ رسالي ۽ هلال پاڪستان اخبار ۾
ڪم ڪيائون. انهن ادارن کي رجعت پسنديءَ ڏانهن نه
وٺي ويو، بلڪه ان جي معرف سنڌ جي ترقي پسند ادب کي
وڌائڻ ۾ هميشه ڪوشان رهيو. پي ٽي وي تي پهرين سنڌي
ڪمپيئر جو اعزاز پڻ کيس حاصل آهي.
پاڻ سنڌ جي مشهور سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽ
ايسوسيئيشن جي باني رڪنن مان هيا، سنڌي ادبي سنگت
جي باني رڪن جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيائون، اردو
ڊڪشنري بورڊ ۽ فلم سنسر بورڊ جا ميمبر پڻ رهيا. ون
يونٽ، ايم آر ڊي، سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ متحرڪ
رهيا ۽ ڪيترن ئي سماجي، سياسي تحريڪن جا سرواڻ
رهيا. |