سندس لکيل بهترين سنڌي افسانا، فلم اينڊ فلوٽ
انگريزي ۾ شاهه لطيف بابت سهيڙ تي مشتمل مجموعو،
”پيار جا نو گيت“ جرمن شاعري جو منظوم ترجمو، ڪاڪ
محل ڊرامو، روشن تارا ٻارن لاءِ لکيل گيتن ۽ نظمن
جو مجموعو ۽ ٻيا ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب جيڪي سندس
حياتي ۾ ڇپجن ها ته کيس وڌيڪ سرهائي ٿئي ها.
سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،
سرِ عام هر بات چوندا رهياسين،
اوهان ڪيترو ئي دٻايو، ڌتاريو،
اسين رات کي رات چوندا رهياسين.
بدقسمتي سان سندس چواڻي ۽ مٿئين ڏنل شعر مان سندس
باغي ذهن جي عڪاسي نظر اچي ٿي، جنهنڪري کيس سندس
حصي جي مڃتا هي سماج ۽ وقت جا ناخدا نه ڏئي سگهيا.
سچ جو مچ متل آهي، اچي جيڪو اچي
دونهين دردن جي دکيل آهي، اچي جيڪو اچي.
مچ تي ميڙ ڪرڻ وارو ته ٻيو ڪو ڪونهين،
حيدري آهي سچل آهي اچي جيڪو اچي.
سندس اهڙي سچائي ۽ دردن جا دونهان دکائي مچ تي ميڙ
ڪٺي ڪرڻ واري سوچ ۽ پوءِ خود اهو محسوس ڪرڻ ته
اهڙي مچ تي سچل، حيدر ئي هوندو باقي ٿي سگهي ٿو
ڪير اچي. سندس اهڙي سوچ، طبيعت جي ڪري هن سدائين
سادگيءَ واري زندگي گذاري ۽ اهو چوندو رهيو:
زندگيءَ جا سؤ سال
ڪير ٿو پورا ڪري؟
آهي ڪو مائيءَ جو لال،
آهي ڪو حاتم جي همت جو مثال،
موٽ ۾ ماڻي محبت جو وصال،
زندگيءَ جا سؤ سال،
ڪير ٿو پورا ڪري؟
ڇو جو زندگي جنهن انداز ۾ هن گذاري پئي، سا ڏاڍي
ڏکي، بکي پر پوءِ به ڪن اصولن ۽ آدرشن سان سلهاڙيل
هئي. ان ڪري هن پنهنجي لفطن کي سونهن ۽ سچ جو
پانڌيئڙو بڻايو، هن جو هينئڙو سنڌ جو عاشق هو. ان
ڪري هن هميشه بغاوت جا اعلان ڪيا، هن سمجهيو ٿي ته
غلامي سڀ کان وڏي گار آهي، هن سمجهيو ٿي ته
ڪمپرومائيز جو ڪلچر ڪنهن به شاعر ۽ اديب لاءِ
بدنما داغ آهي. ان ڪري هن هميشه چارڻ وارو چنگ
چوريو، هن ڪڏهن به پنهنجي جيون ۾ خوشين جي خيرات
جي سين نه هنئين ۽ نه ئي ڪا تمنا رکي. هن هميشه
اها جدوجهد ڪئي ته ڪاش اڄوڪي سنڌ جون سورن هاڻيون
اکيون کلي وڃن، هن هميشه سسئي وانگر سفر ڪيو، جنهن
۾ جاکوڙ هئي، جنهن ۾ خواب هو ته ڪاش سنڌ جا مايوس
نوجوان خودڪشين جو خيال ترڪ ڪن، هو سنڌ جو اهو
ڪوري هو جيڪو ٽٽل دلين جا ڌاڳا جوڙيندو هو، هن جي
دل غمِ حسينؑ سان سرشار هئي، هو حق ۽ سچ جي قافلي
جو سپاهي هو، جنهن وقت جي هر ڪربلا ۾ ڪسجڻ قبول ٿي
ڪيو پر ڪڏهن به يزيديت هٿان شڪست نه ٿي قبولي. هن
اهو محسوس ڪيو ٿي ته حسينؑ فقط نينوا جي نگري جو
نالو نه آهي، پر حسينؑ اهو سچ ۽ حق جو آواز آهي،
جيڪو سموري سنڌ ۾ شاهه عنايت شهيد کان وٺي بينظير
ڀٽو تائين هر ڀيري نئين تاريخ رقم ڪندو رهيو آهي ۽
يزيد هر دؤر جي سچ ۽ عشق سان جنگ جوٽي رت سان
پنهنجي هٿن کي رڱڻ جي مشق ورجائي آهي پر سچ ۽ عشق
جا پانڌيئڙن مقتل مان هر ڀيري نوان رستا جوڙي وقت
جي يزيد کي للڪاريو آهي ۽ ائين شمشير ان فڪر سان
سلهاڙيل جوڌو هو جنهن پنهنجي نظمن، گيتن ۽ نثرن ۾
يزيد کي هر وقت للڪاريو هو ۽ سندس الوداع به اهڙي
ئي ڏينهن تي ٿي جنهن ڏينهن تي سندس سوچ، محور تي
ڇانيل وقت جي امام جي ٿي.
پوري سنڌ ۽ ان جا سڀئي ڏاها، شاعر، اديب، مفڪر،
ميڊيا جا مهندار ان ڳالهه جا ساکي آهن ته شمشير هڪ
برهنا تلوار وانگي سدائين بک، بدحالي، ناانصافي،
انياءَ، ڏاڍ، جبر، اڻبرابري واري نظام خلاف لفظن
جي تلوار وهائيندو رهيو ۽ ثابت قدمي سان هن پنهنجو
ڪردار نڀايو. ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ۾ پنهنجن ڪردارن
سان سڃاتا ويندا آهن. بيشڪ شمشير جهڙو الله لوڪ
ماڻهو آخري وقت ۾ هڏڙن جي مٺ هو، جنهن جون اکيون
نور به وڃائي چڪيون هيون. پر سندس پاڪيزه سوچ کيس
ڪنهن پهاڙ جيڏو ڏيک ڏياريو ٿي، سندس گهڻ رخو ڪردار
سنڌ ۽ سنڌ وارن لاءِ هڪ امر ڪردار آهي. ماڻهو
پنهنجي حياتي ان انداز ۾ به جي سگهي ٿو ۽ فنا کان
پوءِ به ماڻهن جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل رهي ٿو، سو
اسان سڀني لاءِ هڪ زنده مثال آهي. ڪاش اسين به پاڻ
۾ شمشير بڻجڻ جهڙي قوت رکون.
هڪرو شمشير هو زماني ۾،
سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.
مولائي ملاح
شمشير- جنم جنم جو جوڳي !
اَڄُ شمشير جـﻫـڙي جوڳيءَ، مست الست، قلندريءَ
جـﻫـڙي شخصيت تي لکڻ لاءِ ڪنـﻫـن ڪتاب جي ضرورت
ناهي؛ ڇوته هو پاڻ سڄي حياتي کليل ڪتاب رهيو آهي.
جيڪڏهن ڪائي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ته اُها اِها
ته سندس زندگيءَ ۾ ڪيل علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين
کي سـﻫـيڙ جي! جيڪا وقت جي ضرورت ۽ اسانجي قومي
ذميواري آهي. کيس مفلسيءَ سبب سڄي حياتي ڄڻ ته اهو
ڀؤ هيو ته متان ڪٿي ويسر جي واءَ جي وَرِ نه چڙهي
وڃان؛ جيئن سندس هي شعر آهي ته:
متان ياد ۾ ئي نه گم ٿي وڃين تون
اُهي ئي ته آهن وسارڻ جون
ڳالهيون (شمشير )
اڄ، توڙي شمشير اسانجي وچ ۾ ناهي، پراسان ائين
چونداسين ته شمشير وڇڙيو آهي پر وسريو ناهي؛ ان
لاءِ ته سندس ڪيل ڪمن کي سـﻫـيڙڻ وارو ڪم جاري
آهي. جيستائين هي جاکوڙي ماڻهو ڊاڪٽر ايوب شيخ،
زُهير حسين حيدري، ادي مـﻫـرالنساءِ لاڙڪ،
ايازجاني (ايڊيٽر پندرنهن وار همرچو)، همسفرگاڏهي
(ايڊيٽر ماهوار افيئر)، ادي ثمينا ميمڻ (ايڊيٽر
ٽماهي مـﻫـراڻ)، عبدالعزيزعقيلي (سيڪريٽري ثقافت)،
ميڊم ياسمين ميمڻ (چيف ايڊيٽر ماهوار پيغام)
ساڃاھوَند روپ ۾ ڪنـﻫـن ادارن ۾ آهن تيستائين
شمشير جـﻫـڙا جاکوڙي ۽ مزاحمتي ڪردار زنده رهندا.
انـﻫـن ماڻهن مان ڪن ڪتاب آندو ته ڪن وري پنـﻫـنجي
رسالي ۾ شمشير جي شاعريءَ تي مضمون ۽ انٽريو، خاص
نمبر، وغيره آڻي کيس زنده رکيو. اهڙا باشعور ماڻهو
جيستائين انـﻫـن ادارن ۾ موجود آهن ۽ شمشير کي
ججھي انداز ۾ پڙهندڙ ۽ لکندڙن جو حلقو موجود آهي،
تيستائين شمشير ڪنـﻫـن کان به وسري نه ٿو سگھي.
بيشڪ، هو پنـﻫـنجي ڪم ۽ ڪردار ۾ هميشه زنده رهندو.
هن سنڌي ادب ۾ جدت جي جيڪا جوت جڳائي، اُها ئي
جديد صنف اڳتي هلي سندس سڃاڻپ بڻي؛ جيڪا کيس
شاعريءَ جي کيتر ۾ جيئاريندي رهندي. جيستائين سنڌي
ادب ۾ ‘ آزاد نظم’ جا لکندڙ، آزاد نظم کي لکندا
رهندا ۽ شاعريءَ سان چاهه رکندڙ پاڙهو نوجوان آزاد
نظم کي چاھ سان پڙهندا رهندا، تيستائين تاريخ جي
ورقن مان شمشير کي ڪوبه ميساري ۽ وساري نه ٿو
سگھي.
شمشير، جنـﻫـن انداز سان ۽ جن حالتن ۾ آزاد نظم جي
صنف کي متعارف ڪرايو، اُها هڪ نثري خيال کي نظمائڻ
واري ٽيڪنڪ هئي، جنـﻫـن اڳتي هلي آزاد نظم جي صورت
اختيار ڪئي. شمشير، جي سرجيل ‘آزاد نظمن’ کانپوءِ
سنڌي ادب ۾ نظم ۽ آزاد نظم سرجڻ لڳو. آزاد نظم جي
رواج اچڻ کان پوءِ ڪيترائي شاعر پيدا ٿي پيا.
شمشير سنڌي شاعريءَ ۾ تجربو ڪري سنڌي شاعريءَ جي
مکيه فني، تاريخي، مسئلن کي ڇيڙي ان ۾ سنڌي
شاعريءَ جي “ڪُل” ۾ آزاد نظم جي “جُز” کي پيش ڪيو
آهي؛ جيڪو تجربو سندس ڪامياب ثابت ٿيو. اهو سندس
سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏو ڪارنامو هيو.
شمشير چواڻي ته: ‘آزاد نظم’ جديد شاعريءَ جي هڪ
نئين روايت آهي، جنـﻫـن کي سمجھڻ لاءِ جديد دؤر جي
پس منظر کي الڳ نٿو ڪري سگھجي. نون تجربن جي سلسلي
۾ هيءَ صنف به هڪ شعوري ڪوشش آهي. آزاد نظم جيئن
ته سنڌيءَ جي ‘جديد شاعريءَ’جو ئي جُز آهي ليڪن
جيڪي ان تي اعتراض ٿيا سي شاعريءَ جي هڪ صنف طور
نه، بلڪ گھڻو ڪري جديد شاعريءَ سان اختلاف ڪرڻ
واري رويي هيٺ ڪيا ويا.
فرينچ ۽ انگريزي ٻولين ۾ آزاد نظم جو تاريخي
پسمنظر، جنـﻫـن کي شمشير پنـﻫـنجي ڪتاب : ‘سنڌي
شاعريءَ جو اڀياس’ ۾ لکيو آهي ته: ’آزاد
نظم’ فرانسيسي ادب جي ‘علامت نگاريءَ’ واري دؤر
جي پيدائش آهي. حقيقت ۾، ان جو باني فرانسس ويلي
گرئفن(Francis
Viele Graffin) نالي
آمريڪي شاعر آهي، جيڪو 19هين صدي عيسويءَ جي آخر
ڌاري پئرس ۾ رهندو هو ۽ فرينچ ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندو
هو. شاعريءَ ۾ پنـﻫـنجي ان نئين تجربي سبب ئي کيس
اڄ به هڪ اهم شاعر مڃيو وڃي ٿو. دراصل اهو هڪ اهڙو
حيرت جـﻫـڙو ڪم هو، جيڪو ڪنـﻫـن به فرانسيسيءَ جي
وس کان ٻاهر هو. فرانسيسي روايتون ايتريون پراڻيون
۽ ايڏيون سخت گير هيون، جو انـﻫـن کي ٽوڙڻ نـﻫـايت
مشڪل هو. فرانسيسي ماڻهو مصوريءَ ۾ ڳوڙهن رنگن ۽
شاعريءَ ۾ نون لفظن جي استعمال جا عادي ڪونه هئا؛
بلڪ سندن عروضي قائدا ان وقت جي انگريزي شاعرن کان
به سخت هئا. ويلي گرئفن نه رڳو فرينچ ڪلاسيڪي (Alexandrine) شاعريءَ
جي روايتن کي قطعي طور ختم ڪري ڇڏيو، بلڪ انـﻫـن ۾
انگريزي بحر وزن جو استعمال به شروع ڪري ڏنائين.
پنـﻫـنجي تصنيف: “جئائيز” جي ديباچي ۾ هن فرانس ۾
رائج هڪڙيءَ صنف کي پنـﻫـنجن انوکن عروضي اصولن
سان ’Le
Verse est Libre‘
جو نالو ڏنو. فرانس وارا سندس انهيءَ قسم جي بحرن
کي‘Verse
Libre’جو
نالو ڏنو. فرانس وارا سندس انهيءَ قسم جي بحرن کي verse
libre’’
(آزاد شاعري) چوندا هئا. دراصل سندس شاعري رڳو
ايتريقدر آزاد هئي، جو ان جي بحرن جا رڪن سڀني
مصراعن ۾ هڪ جيترا نه هئا.
فرينچ ٻوليءَ ۾ انگريزيءَ وانگر مقرر پدن (syllables)
تي زور (Stress) نٿو
ڏنو وڃي: ۽ 1880ع جي زماني تائين عروضدان ماترائن
جي تعداد کي فرانسيسي نظم جو بنيادي اصول سمجھندا
هئا، جنـﻫـن تي عام طرح ڪلاسيڪي (Alexandrine) شاعرن
عمل ڪيو. وڪٽر هيوگو ڪلاسيڪي سختيءَ کي نرم ڪرڻ
شروع ڪيو ۽ علامت نگار شاعرن سندس پوئواري ڪئي.
انگريزي شاعرن مان جيڪي پـﻫـرين آزاد نظم کان
متاثر ٿيا، سي فرينچ شاعريءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪندڙ
شخص آهن، جن مان ٽي. اِي. هيوم (T.A.Hume)،
ايف.ايس.فلنٽ (F.
S. Flint) ،
رچرڊ آلڊنگٽن ( (Richard
Aldington،
ايزرا پائونڊ (Ezra
Pound) ۽
ٽي. ايس. ايلئٽ (T.
S. Eliot) مکيه
آهن.
ڊاڪٽر سحر امداد، پنـﻫـنجي ڪتاب ’شعور، شاعر ۽
شاعري‘ ۾ لکيو آهي ته: اٽڪل هڪ صدي اڳ شايع ٿيل.
وٽمئن جي ڪلام جو مجموعو،’ليوز آف گراس‘ (Leaves
of Grass) آزاد
نظم جي جڳ مشـﻫـور تصنيف آهي ۽ غالباً وٽمئن ئي
اڪيلو شاعر آهي، جنـﻫـن ڪُلي طرح آزاد نظم کي
پنـﻫـنجي اظـﻫـار جو وسيلو بنايو.
شمشير جي مالي مفلسيءَ جي ته هر ڪنـﻫـن ڳالهه ڪئي
آهي پر ان جي مالي سـﻫـائتا جي ته ڪنـﻫـن به ڳالهه
ناهي ڪئي...!! جن مـﻫـربان دوستن هن جي مفسليءَ جي
ڳالهه ڪئي آهي، انـﻫـن پاران سندن مالي سـﻫـائتا
نه ڪرڻ وارو عمل به تاريخ جو ورق ٿيڻ گھرجي. هن جي
مسڪيني حال جي هر ڪنهن کي خبر هئي، هن کان گھُريو
نه ٿيو ۽ ڪنهن کان ڪرڻ نه پُڳو. شمشير دل جو ڪيڏو
نه امير ماڻهو هيو، جنـﻫـن پنـﻫـنجي ڪمال مفلسيءَ
جي ڳالهه پنـﻫـنجن لفظن ۾ هيئن ڪري سڀني کي حيران
ڪري ويو آهي:
اهڙو مفلس نه ڪنـﻫـن ڏٺو هوندو
هڪ دل، سا به ڪٿ وساري ويو (شمشير)
شمشير، سٺ جي ڏهاڪي ۾ پنـﻫـنجي شاعريءَ جو 80 صفحن
جو ڪتاب سـﻫـيڙيو، پر ان کي ڇپرائڻ جي نه ته ان وٽ
سگهه هئي، ۽ نه ئي سندس دوستن ۽ ادبي بورڊ جي ڪا
نيت هئي. ان کي پوءِ، غلام نبي مغل ۽ طارق اشرف
قريشيءَ جن پنـﻫـنجي قائم ڪيل اداري ‘ادارا ادب’
پبليڪيشن پاران ڇپرايو. ان اداري جي قيام جي
ڪـﻫـاڻي به عجيب آهي. ادي غلام نبي مغل پئي ٻڌايو
ته:“ اسان وٽ سرمايو ڪونه هيو، پوءِ هڪ وي. سي رکي
سين، جنـﻫـن مان اسان کي 400 روپيه هٿ آيا، جنـﻫـن
مان شمشير جو شاعري مجموعو‘ لاٽ’ جي نالي سان
1963- 1962ع ۾ ڇپايو سين.” ان ئي ڪتاب جو ٻيون
ڇاپو سندس پٽ سليم حيدريءَ سهيڙيو؛ جيڪو ڊاڪٽر
ايوب شيخ، شمشير جي زندگيءَ ۾ئي جولاءِ 2012ع ۾
نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو؛
جيڪو جلد وڪري ٿيڻ سبب وري ٽيون ڀيرو آگسٽ 2012ع ۾
ڇپرايو ويو آهي.
اهڙي عمل تي جس لـﻫـڻن، غلام نبي مغل، طارق اشرف،
ڊاڪٽر ايوب شيخ، ثقافت کاتي جا سرواڻ ميڊم سسُئي
پليجو (وزيرثقافت کاتو)، عبدالعزيز عقيلي، زُهير
حسين حيدري، همسفرگاڏهي، اياز جاني، ميڊم ياسمين
ميمڻ، ادي ثمينا ميمڻ، مـﻫـرالنساءِ لاڙڪ، جن ذاتي
ڪوششون وٺي شمشير جي زندگيءَ تي ڪتاب، ڪالم ۽ سندس
انٽرويو ڇاپي عوام آڏو آندا آهن. شمشير تي اڃا ڪن
ادارن ۾ ڪم هلندڙ آهي، جيڪو وقت اچڻ تي عيان
ٿيندو.
شمشير، سدابـﻫـار شاعر هيو جنـﻫـن کي پڙهندي،
ٻڌندي ڪڏهن به ڪنـﻫـن کي بوريت يا ٿڪاوٽ جو ڪو
احساس ڪونه ٿيندو آهي؛ سندس شاعريءَ ۾ اهڙي ته
محبت جي مٺاس آهي، جو جنـﻫـن کيس هڪ ڀيرو پڙهيو يا
ٻڌو، اهو سندس مداح بڻجي ويو؛ ڇو ته هن جو شاعراڻو
اسلوب نرالو آهي. هن جي نظمن ۾ لفظن سان گڏ تخيل
جي به نواڻ آهي. سندس مقبول‘ آزاد نظم’ همسفرو!،
پيشڪش، ڪاڪ محل، الوداع، پيدائش، آرزوجو سفر، …
آهن، جن کي هڪ ئي ساهيءَ ۾ ماڻهو پڙهي وڃي ٿو.
شمشير، نظم، آزاد نظم کان علاوه گيت به لکيا. جن
تي عوام کيس ڀرپور موٽ ڏني. سندس شاعري، شخصيت جي
اها مهانتا، مقبوليت آهي؛ جو هن جيڪو ڪجھه لکيو،
ان کي عوام دل سان قبول ڪيو. جيئن شازيه خشڪ جي
آواز ۾ چيل سندس هن گيت جي ٻُولَ ٻُرَڻَ تي هر عمر
جو ماڻهون گد گد ٿي جھومي پوندو هو. ته:
حسينه پـوپَــري آهــي ، عجب جــي ڇوڪــري آهــي
ڇوڪري ڙي توکي ڪير
ماڻيندو ڀاڳن وارو ماڻيندو. (شمشير)
شمشير مفلس ماڻهو، پنـﻫـنجي علم، عقل ۽ ڏاهپ ۾
تمام وڏو ماڻهو هو. هن پنـﻫـنجي زندگيءَ ۾ جيڪا به
شاعري سرجي، تنـﻫـن کيس تمام وڏو ماڻهو بڻائي
ڇڏيو. شاعري هڪ قدرتي ڏات آهي، جنـﻫـن جي سرجڻ کي
هي اٽڪل چوندو هو. ميڊم مـﻫـتاب اڪبر راشديءَ
چواڻي ته: “خبر ناهي ته اُها ڪهڙي اٽڪل هئي جنـﻫـن
کيس وڏو شاعر بڻائي ڇڏيو.” شمشير، شاعريءَ ۾ لفظ
ڏانءَ جي جاءِ تي ’اٽڪل‘ استعمال ڪندو هو. شاعريءَ
جي ڏانءَ بابت کانئس پڇڻ تي جواب ڏيندو هيو ته:
“مون شاعري ڪرڻ واري اٽڪل سکي ورتي آهي.”
شمشير، جي حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ سرجيل شاعريءَ
جي هنن سٽن ۾ تخيل جي ڪيڏي نه گـﻫـرائي ۽ فن جي
ڪيڏي نه اٽڪل رکيل آهي:
جـﻫـــانِ عشــق جــو ســــردار آخــري آهــيان
حضور حسن ۾ حاضر وري وري آهيان
ملنــگ مســت الســـتي قلنــــدري آهــيان
عجيب آهيــان هـزارن ۾ حيـدري آهيان
شمشير، پنـﻫـنجي شاعريءَ ۾ حسن بانوءَ جو ذڪر ڪيو
آهي؛ حسن بانو، جيڪا حياتيءَ جو روپ ڌاري مٿس
وارد ٿي هئي، تنـﻫـنجي وارن جي واس جو ذڪر به هن
ڪيڏي نه ڪمال جي اٽڪل سان ڪيو آهي ته:
تنـﻫـنجي وارن جو واس جنـﻫـن ورتو
وقـت جـي سيـنڌ کــي سنــواري ويــو
شمشير، جي سڄي شاعريءَ ۾ اسان کي رومانويت،
جماليات کان وڌ مزاحمت وارو پاسو سگھارو نظر اچي
ٿو؛ هو پنـﻫـنجي مزاجن جيان پنـﻫـنجي شاعريءَ ۾ به
مزاحمتي هو، جيئن سندس هڪ شعر آهي ته:
سـدا ظلم جي مـات چونـدا رهيـا سـين
سرِ عــام هــر بـات چونـدا رهيــا سـيـن
اوهــان ڪـيـتــرو ئــــي ڌتــاريـو دٻــايــو
اسان رات کي رات چوندا رهيا سين
شمشير، سجاڳ ذهن ۽ روشن خيال ماڻهو هيو، هن
پنـﻫـنجي شاعريءَ ۾ به قوم کي اهڙو ئي پيغام ڏنو
آهي؛ جيئن پنـﻫـنجي هڪ نظم ۾ چوي ٿو ته:
اُٿو جو هاڻي فيصلي جو سج پيو ڪني ڪـڍي
اُٿو جو هاڻـي هـڪ نئـون جـﻫــان پيو جـنم وٺـي
ڏسـو ته هـو روايتن جـا ڪـاڪ مـحل پيـا ڪـرن
ڏسـو ته هُـــو غــلامـين جــا ڪــوٽ ڍير پيـا
ٿـيـن
اُٿـو جـوهـاڻ پـنـﻫـنـجي هـيءَ ، جنـگ آهـي آخـري
سـنڀـالـيو پـنـﻫـنـجا مـورچـا، مـحاذ تي وري وري
شمشير، پنـﻫـنجي ٽـﻫـيءَ جو، سنڌ جو اُهو يگانو
شاعر آهي، جنـﻫـن وڏن ميڙاڪن ۾ عام ماڻهن توڙي
پنـﻫـنجن پرستارن کان علاوه، همعصر شاعرن کان جتي
پنـﻫـنجي لکيل شعرن تي داد حاصل ڪيو، اُتي هن
1967ع ۾ پنـﻫـنجي نظرياتي استاد محمد ابراهيم جوئي
کان به ڀرپور داد حاصل ڪيو. محمد ابراهيم جوئي
چواڻي ته: “مون کي ته شمشير جي هنن لفظن ۾، شايد
کانئس به زياده ، اعتماد آهي.”
حقيقتن کي طبيعت جي روشـني پــﻫـتي
اڄو ڪـي دؤر جو دانا ڪـري پيــو محنت
زمانـو طـئي ڪـري آيـو خيــال جي بـســتي
نرالي نور کي روڪي نٿي سگھي طاقت
شمشير، عام زندگيءَ ۾ جيترو سادو ۽ محبتي ماڻهو
هيو، عمل ۽ ارادن ۾ به اوتروئي سگھارو ۽ ارڏو
ماڻهو هيو. هن ڏکين حالتن ۾ به ارڏائپ جي عَلم کي
بلند رکيو، آمريت اڳيان آڻ نه مڃي؛ هن ضيائي آمريت
جي دؤر ۾ به صحافت جي سگهه کي جاري رکيو. هن 1984ع
۾ ابراهيم جوئي سان گڏ “ هدايت ” جي نالي سان
اخبار جاري ڪري، ان ۾ ضياءَ شاهيءَ خلاف ڀرپور
آرٽيڪل، ايڊيٽوريل لکيا؛ جيڪا جون کان جاري ٿي ۽
ڊسمبر تائين مس هلي سگھي؛ آمريت سان اختلاف سبب ان
تي سرڪاري پابندي پئجي وئي.
شمشير، جنم جنم جو جوڳي ۽ سنڌ جو روڳي آهي. سنڌ
سان سلهاڙيل اُها ڪـﻫـڙي شيءِ آهي، جنـﻫـن تي
شمشير کليل نموني پنـﻫـنجي راءِ نه ڏني هجي؛ هن
سنڌ جي يگاني عاشق، سنڌ جي حقن جي ڳالهه هر دؤر ۾
ڀير تي ڏونڪو هڻي ڪئي آهي. سندس شعر جو هڪ بند آهي
ته:
ڪنهن طرح اسين ظلم جا قائل نه ٿيا سين
زنـجــيـر کـــان وڌ پنـهنـجـو دمـسـاز نه آهــي
شمشير پنـﻫـنجي وس، وت ۽ ڄاڻ آهر، سنڌ ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ
پاڻ پتوڙيو آهي. هن پنـﻫـنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي
تاريخي ڪم ڪري، اعزاز ماڻيا آهن. سنڌي ادب ۾ هن جي
سڃاڻپ: آزاد نظم جو خالق، ٽيليويزن تي سنڌيءَ ۾
پـﻫـريون سنڌي ڊرامو“زينت ” جي لکڻ کان وٺي
پـﻫـريون سنڌي ڪمپيئر ٿيڻ واري رهي آهي، جنـﻫـن
تي کيس اعزاز حاصل ٿيا آهن. |