قاضي خادم پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته ”شمشير جنهن
جي حيدرآباد ۾ خاص اوطاق ڪراچي هوٽل هوندي هئي اتي
ئي ون يونٽ خلاف ڪم هلندو هو ته سنڌي ٻولي کي
پنهنجي جائز حيثيت ڏيارڻ لاءِ لکپڙهه به اتان ئي
ٿيندي هئي. هن جدوجهد جي شروعات ۾ احتجاج جا مختلف
طريقا به هتي ئي طئي ٿيندا هئا. جن مان هڪ دلچسپ
طريقو اهو به اختيار ڪيوسين جو شمشير، ناصر
مورائي، ڄام ساقي، نذير چنا ۽ مون سميت ڪيترائي
اديب حيدرآباد شهر ۾ بوٽ پالش ڪرڻ لڳاسين ۽ ماڻهن
کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيوسين. اندازو لڳايو. اڄوڪا
قوم پرست عام ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرائڻ
لاءِ بوٽ پالش ڪندا؟! اندازو ڪريو ته اڄڪلهه جا
قوم پرست يا ليکڪ بوٽ پالش ڪندا؟!
ياد رهي ته اڄوڪي سنڌي لينگئيج اٿارٽي جي قيام ۾
به شمشيرالحيدري جو به ڪجهه هٿ ۽ حصو آهي. هن
ماهوار پارس جي جون 1983ع واري ايڊيٽوريل ۾ سنڌ
سرڪار کان پرزور اپيل ڪئي هئي ته سنڌي لينگئيج
ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي وڃي.
اڄوڪو سنڌي ادب، سنڌي شاعري ۽ سنڌي صحافت گهڻو تڻو
ترقي پسند آهي ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته
شمشيرالحيدري، يارهين سال سنڌي ادبي سنگت جو
سيڪريٽري جنرل رهيو. انهن يارهن سالن ۾ رجعت پرست
سنڌي ادب ۽ صحافت اُسري ۽اُڀري نه سگهيا. هو سنڌي
ادب ۽ صحافت کي اهڙو موڙ ڏئي ويو جو ترقي پسند
تحريڪ زور وٺي وئي ۽ رجعت پرستي سنڌي ادب ۽ صحافت
۾ ڪمزور ٿيندي وئي نڪري وئي. پنهنجي ملازمت دؤران
سرڪاري خرچ تي شايع ٿيندڙ رسالن کي به هن ترقي
پسند تحريرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جيڪو ڏکيو ڪم آهي.
دوست اڄ به نئين زندگي کي ياد ڪندا آهن. جيڪو هڪ
سرڪاري رسالو هو جنهن ۾ به هن ترقي پسند شاعري ۽
ادب کي اوساريو اوڀاريو، نه ته سرڪاري رسالا فقط
حڪومتي پاليسين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نڪرندا آهن،
نئين زندگي ته شايد هاڻي به ڇپجي ٿي پر ڪير ٿو
پڙهي؟
هلال پاڪستان کان مهراڻ اخبار تائين سندس لکڻين ۽
اداريا بي ڊپا رهيا. ڪامريڊ هو پر ڪامريڊ هئڻ جي
لاڦ نه هڻندو هو، خاموشيءَ سان ڪم ڪندو هو. ويچاري
غير معياري اخبار مهراڻ جو ايڊيٽر ٿيڻ کان اڳ، ان
اخبار جي ان وقت جي مالڪ حضرت پير سائين پاڳاري
سان سندس تفصيلي ملاقات ٿي هئي. پير سائين سگار پي
رهيو هو، شمشير کي به سگار آفر ڪيائون، پر شمشير
کين چيو ته سائين منهنجو پنهنجو برانڊ آهي. پوءِ
شمشير کيسي مان ولس جو پاڪيٽ ڪڍيو ۽ پنهنجا سگريٽ
پيئندو رهيو. پير سائين پاران آڇيل سگار کان انڪار
ڪرڻ به ته مزاحمت جو هڪ مثال ئي آهي. ڳالهه ٻولهه
شروع ٿي، شمشير پير سائينءَ کي چيو سائين توهان جي
اخبار ۾ مان توهان جي ذات ۽ حُرن جون خبرون نه
هلائي سگهندس. اهو ڪونه لکندس ته حضرت پير سائين
هيڏي آيا هوڏي ويا. يا حُرن ڪهڙا ڪمال ڪيا. پنهنجي
منطق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هن پير سائين کي چيو،
سائين! انگريزي جي سڀ کان وڏي اخبار ڊان هارون
فيملي جي اخبار آهي، ان ۾ توهان ڪڏهن هارون فيملي
جي اٿ ويهه، رهڻي ڪهڻي يا سندن سرگرمين جي ڪابه
خبر نه پڙهي هوندي.
جنگ اخبار مير خليل الرحمان جي اخبار آهي اردو
زبان جي سڀ کان وڏي اخبار آهي، پر ان ۾ به ڪڏهن
مير خليل الرحمان يا سندن ڪٽنب جون خبرون توهان کي
ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ نه ملنديون. اهڙيءَ طرح مان توهان
جي اخبار کي به هڪ معياري اخبار بنائڻ چاهيان ٿو.
جيڪا توهان جي مريدن کان سواءِ عام ماڻهو، دانشور
۽ ٻيا ماڻهو به پڙهي سگهن. سندس منطقي ڳالهيون پير
سائين کي پسند آيون ۽ کيس اخبار هلائڻ جا ڪل
اختيار ملي ويا. پوءِ توهان ڏٺو ته جيڪا اخبار
مريدن ۽ چند مخصوص ماڻهن لاءِ ڇپبي هئي ان کي
شمشير جي قلم ڪٿان جو ڪٿي پهچائي ڇڏيو. اتفاق سان
اهو ايم.آر.ڊي جو دؤر هو. شمشير جا موقعي مناسبت
سان اهڙا ڀرپور اداريا ايندا رهيا، جو ڄڻ انهن ۾
بجلي وارو ڪرنٽ هجي. اخبار، جيڪا سون ۾ ڇپبي هئي
سا ڪيئي هزارن تي وڃي پهتي. اخبار کپي ويندي هئي
ته ڏهوڻي قيمت تي وري پئي وڪرو ٿيندي هئي. پير
سائين جي مريدن کي اخبار جونئون انقلابي انداز
سمجهه ۾ ڪونه آيو. هنن پير سائين کي منٿون ڪري
شمشير کي اخبار مان فارغ ڪرائي ڇڏيو.
آچر 27- جنوري 2013ع جي ڪاوش ميگ ۾ فيض کوسو جي
قسطوار تحرير ڇپي آهي، سنڌ جي اهم مزاحمتي هلچل
ايم.آر.ڊي-25 ايم.آر.ڊي تحريڪ جا چار ڏينهن ۽
شمشيرالحيدريءَ جو لکيل ايڊيٽوريل هن تحرير ۾
مهراڻ اخبار جي جمعي 19- آگسٽ 1983ع ۾ شمشير جي
لکيل ايڊيٽوريل جو حوالو ڏنو ويو آهي جيڪو پڙهڻ
وٽان آهي.
چيو وڃي ٿو ته مقداري لحاظ سان شمشير گهٽ لکيو
آهي، ٿورو لکيو آهي، ائين برابر آهي ته پوءِ ائين
ڇو آهي ته جن شاعرن، اديبن جا ڏهه ڏهه، ويهه ويهه
ڪتان ڇپيل آهن، ان هوندي به اهي ايڏا ڄاتا سڃاتا
نه ٿا وڃن جيترو ٿورو لکندڙ شمشير ڄاتو، سڃاتو وڃي
ٿو. نه فقط ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو پر دلي عزت، وڏي
پيار ۽ پاٻوهه سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ڪي ڪم پيش
منظر ۾ ٿيندا آهن. ڪي پسمنظر ۾ ٿيندا آهن هو يارهن
سال مهراڻ رسالي جو سب ايڊيٽر رهيو. يارنهن سال
نئين زندگي جو ايڊيٽر رهيو. انهن ٻاويهن سالن جي
ايڊيٽري ۾ هن ڪيترن ننڍن توڙي وڏن اديبن جي شاعري
توڙي مضمونن جي ايڊيٽنگ ڪري، صاف سٿرو ڪري، سهڻو
پڙهڻ لائق ڪري پيش ڪيو هوندو، ڇاپيو هوندو.
لاتعداد، بيشمار تحريرون سندس قلم جي نوڪ جي بيوٽي
پارلر مان سهڻيون ٿي نڪريون هونديون. ماڻهن کي
وڻيون هونديون ته ان پسمنظر واري ماڻهو جون خدمتن
کي ته ڪوبه ليکي ۾ نه ٿو آڻي.
مون تفصيل سان شمشير جي شاعري تي نه لکيو آهي اهو
به نه لکيو اٿم ته هو آزاد نظم جو باني هو يا
بانيڪارن مان هو. شمشير پاڻ ان ڳالهه تي چِڙ
کائيندو هو جڏهن ڪنهن شاعر جو مهاڳ لکندي، شاعر جي
شاعري جا ڪيئي ڪيئي صفحا حوالي طور ڇاپيا ويندا
هئا. جنهن ۾ اصل مهاڳ کان وڌيڪ شاعر جي شاعري اهي
صفحا والاري ويندي هئي، شمشير چوندو هو ته اهو
طريقو غلط ۽ جان ڇڏائڻ وارو آهي، پڙهندڙ پاڻ ڪتاب
پڙهندا ته مٿن سڀڪجهه عيان ٿي ويندو. ان سبب مون
شمشير جي شاعري جا ڪي به حوالا نه ڏنا آهن، پر
هڪڙي حجت ضرور ڪندس. اُها اِها ته لکندڙن شمشير جي
شاعري جا ٽوٽا ٽڪرا حوالي طور ڏنا آهن، مان
چاهيندس ته هڪ ئي سهي پر سندس پورو نظم هتي پيش
ڪريان جيڪو مون کي گهڻو وڻندو آهي ۽ جنهن لاءِ هن
دؤر جي سڀ کان وڏي شاعر امداد حسيني مون کي ٻڌايو
هو ته شمشير جو اهو نظم پڙهي اسان به ان وانگر يا
ان جي روشنيءَ ۾ نظم لکڻ شروع ڪيا. اهوئي آهي:
مشورا
چوي ڪير ٿو،
ڀلا ڪير ٿو توکي روڪي،
ته تون پنهنجي حسن- دو روزه تي نازان نه ٿي؟
جوانيءَ جي دولت تي شادان نه ٿي؟
چوي ڪير ٿو،
ته تون پنهنجي جوڀن جيارل، بهارن جي بخشيل، سريلي
۽
شفاف، نرمل ۽ نازڪ بدن تي،
صدا صاف، ريشم ۽ ڪمخواب و مخمل جي زرتار پوشاڪ
پهرڻ
ڇڏي ڏي،
نه ڪر سينڌ سرمو،
۽ پنهنجي خيالن کي دل جي ئي ويران خانن ۾ جڪڙي،
تبسم جي چپڙن تي شوخيءَ جي سرخي لڳائڻ ڇڏي ڏي؟
مگر ياد رک،
ته جوڀن جياريل، بهارن جي بخشيل، تنهنجو سريلو ۽
شفاف
نرمل ۽ نازڪ گلابي بدن ۽ زرتار پوشاڪ جو روپ رنگ-
فقط آب و رنگ.
اهو منهنجو حسن- نظر ئي ته آهي!
۽ تنهنجو تبسم؟
خيالن جي تاريڪ ويرانين جي گمنامين جو پڙاڏو،
فقط شور و شر
مقدر جي کهري ۽ ڪاري نرڙ تي،
نهايت ئي مبهم،
فقط چند ليڪا.
۽ صدين کان مان پنهنجي فڪر و عمل سان،
حياتي جي هڏ کي،
تحرڪ جو رت روح ڏيندو رهان ٿو
مصور جي دست- هنر جو ڪرشمو؟
اهو منهنجو خون- جگر ئي ته آهي!
مگر بنده پرور،
هي تنهنجو ۽ منهنجو فسانو ته ناهي،
ائين ئي،
خيالن جي لهرن تي لڏندي،
ستارن تي شايد نظر پئجي ويئي
ائين ئي سهي،
ڪڏهن تو به ائين ستارن تي سوچيو؟
محبت جي جذب و ڪشش جو عمل!
محبت جواني، محبت مقدر، محبت ئي تخليق جو روپ رنگ
محبت خدا!
ته اي مهربان، ڪڏهن منهنجي ميرن ۽ ڦاٽل ۽ بوسيده
ڪپڙن،
۽ دامن جي چتين تي نفرت جون نظرون سڃيندو نه ڪر
غريبن جي صورت ۽ حالت تي پنهنجي تبسم جا طعنا
تڃيندو نه ڪر،
محبت جو منهنڙو مٽيندو نه ڪر،
چوي ڪير ٿو
ته تون ڪجهه نه ڪر!
ورجاءُ ٿيندوجيڪو مان ڪرڻ نه ٿو چاهيان.
سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن هجي، سنڌي ادبي سنگت هجي،
پاڪستان ٽيليويزن هجي يا ريڊيو پاڪستان هجي هر
هنڌ، هر پروگرام شروع ڪندڙ، ڪمپيئر آرگنائيزر
شمشيرالحيدري هوندو هو نوجوانن کي همٿائيندو هو،
انهن جا اسڪرپٽ ٺيڪ ڪندو هو، منجهس ”مان“ نه هوندي
هئي. هو ”اسان“ جو عادي هو. ڪڏهن ڪنهن جي نه گِلا
ڪندو هو نه ٻڌندو هو.
هو ٽيڪن جو عادي ڪونه هو، ڊاڪٽر ايوب شيخ پنهنجي
مضمون ۾ اها ڳالهه لکي آهي: هو ڪرسي يا صوفا تي
ويهندو هو ته اُڀو ويهندو هوندو هو ڪرسي يا صوفا
کي ٽيڪ نه ڏيئي ويهڻ جي ڪوشش باوجود به نه سکي
سگهياسين. ڪجهه ماڻهن جي عادت ٿيندي آهي ته ڄنگهه
ڄنگهه تي اهڙي طرح چاڙهي ويهندا آهن جو بوٽ جو ترو
سامهون ويٺل دوست جي منهن طرف هوندو آهي. مون کي
ياد ناهي ته ڪڏهن شمشير اهڙيءَ طرح ڄنگهه ڄنگهه تي
چاڙهي ويٺو هجي جو سندس بوٽ جو ترو سامهون ويٺل
دوست جي منهن طرف ٿيو هجي.
منهنجو جگري جاني دوست هو، مون کي پنهنجا ڇپيل
ڪتاب تحفي ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکي ڏيندو هو، مان فقط
مثال طور سندس هڪ ڪتاب جو حوالو ڏيندس جنهن تي
جيڪو هن لکي ڏنو هو:
پنهنجي مٺڙي پياري لعل،
هدايت بلوچ لاءِ
25-4-1996
ڪراچي سنڌ |