رچرڊ بادشاهه درويش جو گهڻو لحاظ ڪندو هو، ۽ ڪليسا
جي ڪار بردازن کي ججهي عزت ڏيندو هو، هن درويش جي
انهن ڌمڪين تي پاڻ هيڪاري مٽيو. جوش وچان زمين تي
لت هڻي چيائين: اوهين زالون توڙي هيءُ درويش، سڀ
اسان جي منهن تان هينئر ٽرو، نه ته قسم آهي
ته.......
متان قسم کڻندا آهيو! ائين چوندو حڪيم اندر هليو
آيو.
بادشاهه: اچو حڪيم صاحب، اوهين به شايد ڪو اهڙو
سوال کڻي آيا آهيو، جو اسان کي مڃڻ مشڪل ٿئي؟
حڪيم: قبلا، مون کي ڪنهن بلڪل ضروري ڪم بابت توهان
سان ڳالهائڻو آهي.
بادشاهه: اول اسان جي راڻيءَ ڏانهن مهڙ ڪريو ته
هوءَ ڏسي ته اهڙي بيماريءَ مان اسان کي ڪنهن
ڇٽايو،
حڪيم: (اکيون هيٺ ڪري) اسان مشرق جي ماڻهن لاءِ
پرائيءَ زال ڏي رڳو اک کڻي نهارڻ به وڏو گناهه
آهي.
بادشاهه: (زالن کي) تڏهن ڀلا توهين وڃو. هينئر
اسان کي وڌيڪ نه ستايو. توهان کي ايتري خاطري ڏجي
ٿي ته منجهند کان اڳي قتل نه ڪرائبس. بس، هاڻ ته
خوش ٿيون؟ ايڊٿ! هاڻ جي سياڻي هجين ته ماٺڙي ڪري
هلي وڃ.
اهي لفظ ايڊٿ ڏي اهڙي گهور ڪري چيائين، جو هن جهڙي
دلير به ڪُرڙي وانگر ڦٿڪڻ لڳي، راڻيءَ جون به
ڪليون پئي ڪنبيون. هو ٻيئي پوءِ پنهنجي شاهاڻي شان
جو ڪو به خيال نه ڪري ائين ڀڳيون جيئن کاريءَ
هيٺان ڪانءُ ڀڄي.راڻيءَ کي ڏاڍو ڏک هو، جو بادشاهه
کيس نرآدر ڪري ڪڍيو هو، پر ايڊٿ پنهنجو من نه
جَکايو، ۽ بردبار ٿي صبر اختيار ڪيائين.
باب نائون
تتل هنيانءَ تي ڇنڊو
حڪيم کي پنهنجي تنبوءَ ۾ هيئن اوچتو ۽ اُٻهرائيءَ
سان ايندو ڏسي، بادشاهه پڇيس: ڪيئن وڏا پير ڪيا
اٿوَ؟
حڪيم: قبلا، هن بندي جو هڪ عرض آهي، ڌڻيءَ اوهان
کي هٿ ڏيئي رکيو آهي ته،
بادشاه: ( وچ ۾ روڪي) ته اسين به ٻئي ڪنهن کي هٿ
ڏيئي رکون! اهو مطلب اٿوَ يا ڪو ٻيو؟
حڪيم: ائين،. قبلا! جنهن نيڪ سردار کي قتل ڪرايو
ٿا، تنهن جهڙي خطا ڪئي آهي، تهڙي خود ڏاڏي آدم به
ڪئي هئي، پوءِ هن کي ڪهڙي ميار ڏبي!
بادشاهه: آدم خطا ڪئي ته انهيءَ به موت جو ذائقو
چکيو. حڪيم صاحب، توهان جنهن مهل هتي پير پاتو،
تنهن مهل ئي اسان سمجهيو ته اوهين ڪهڙي ڪم لاءِ
آيا آهيو. پر مهربان ٻڌو، بادشاهه ٿي اسان هزارن
جو ڪوس ڪرايو هوندو، ۽ ڪيترن کي پنهنجن هٿن سان
پورو ڪيو هوندوسين. عجب جي ڳالهه آهي ته اڄ هڪ
خسيس ماڻهوءَ جي حق ۾ واجبي فيصلو ڪري، هن کي موت
جي سزا ملڻ جو حڪم جاري ڪيو اٿئون ته هوڏانهن اسان
جي راڻي ۽ سوٽِ، ته هوڏانهن اينگاڊيءَ وارو درويش
۽ اسان جو حاذق حڪيم سفارت ٺاهي، سندس سفارش ڪرڻ
آيا آهن! هو بيشرم اسان جي آبروءَ تي ٽِڪو لائي، ۽
اسين هن کي ڪا به سزا نه ڏيون! اسان کي ته اهڙيءَ
سفارش تي کِل پيئي اچي.
حڪيم: تڏهن قبلا، کلندڙ چپن مان موت جو فرمان جاري
ٿيڻ نه گهرجي. هاڻ هيءَ بندو اهائي اميد ٿو ڪري ته
توهان هن جوان کي سنديس جان بخشي؟
بادشاهه: توهين هزار قيدين جي ٻانهن گهرو ته اسين
اهي سڀ اوهان کي آزاد ڪري ڏيون. توهان جي قوم جا
اسان وٽ ڪيترا راجنيتي قيدي آهن. پنهنجن ديس-ڀائين
کي ڇڏايو ته ڀلي اهي وڃي پنهنجن ٻارن ٻچن وٽ سکي
ٿين، باقي هن هڪڙي ڄڻي جي ڇڏائڻ مان اوهان کان ڇا
هڙ حاصل ٿيندو؟ انهيءَ ڪمبخت جي حياتي هينئر ضبط
ٿيل ۽ ملڪ الموت جي قبضي سمجهڻ گهرجي.
حڪيم: اسان سڀني جي حياتي ضبط ٿيل ۽ ملڪ الموت جي
قبضي آهي، پر، اسان جو وڏو لهڻيدار نهايت رحيم
آهي، ۽ مدي پڄڻ کان اڳ هر گز تنگ طلبي نٿو ڪري.
بادشاهه: پر اسان کي پهريائين سمجهايو ته ڪهڙي سبب
توهان کي هن جو تاءُ ٿو اڀري، جو اوهين اسان کي
پنهنجي حڪم منسوخ ڪرڻ لاءِ هيترو ستايو ٿا!
بادشاهه ٿي اسان کي ضرور عدل ڪرڻو آهي، پوءِ اوهين
وچ ۾ ڇو ٿا پئو؟
حڪيم: بادشاهن کي نه رڳو عدل، پر فضل به ڪرڻو آهي.
اوهين عدل ۽ فضل جا صاحب ٿي، هروڀرو پنهنجي نه
هلو. هن بندي جو هڏ هن ڪري ٿو ڪرڪي، جو هن هڪڙي
ڄڻي کي جيئدان ملڻ ڪري گهڻين حياتين جو بچاءُ
ٿيندو.
بادشاهه: سو وري ڪيئن؟ سچي سچي ڳالهه ڪجو، ڪو ٺاهه
ٺاهي نه ٻڌائجو.
حڪيم: ٺاهه ٺاهڻ کان ڌڻي رکي! سچي سچي ڳالهه هيءَ
آهي ته جنهن دوا مان حضور جن توري ٻيا ڪيترا
شفاياب ٿيا آهن، سا هڪ طلسم آهي، جنهن جي جوڙڻ
لاءِ سعد ستارن جي پوري پوري ساعت تي خرض ڪرڻو پوي
ٿو. ڌڻيءَ ان جو جس هن بندي جي هٿ ۾ ڏنو آهي. هيءُ
غلام چڱي ويلا وٺي، اهو طلسم پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، جنهن
بيمار کي پياريندو آهي، تنهن کي جيءَ-ڏاڻ ٿي لڳندو
آهي.
بادشاهه: آهي برابر جيءَ-ڏاڻ؟ اهڙا طلسم جي حڪيمن
کيسي ۾ پائي کنيا ته ڦڪين سُتين جي ساٿ لڏڻ کان
اُٺ به ڇٽي پوندا! اسين سمجهون ٿا اهڙو طلسم رڳو
توهان وٽ ئي آهي!
حڪيم: غريب پرور، جنهن دوا مان فيض رسي، تنهن
بنسبت خندو ڪرڻ ناجائز آهي. اهڙو طلسم شايد ڪو ٻيو
جوڙي به سگهي، پر سڀڪنهن جي جاءِ نه آهي جو اهو ڪم
آڻي سگهي. هن طلسم کي ڪم آڻيندڙ تي گهڻا ٻنڌن آهن.
فاقا ڪڍڻا ۽ رياضتون ڪرڻيون پون ٿيون، ۽ عيش عشرت
کان ڪجهه عرصو گوشو ڪرڻو پوي ٿو. پر وڏو شرط هيءُ
آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ايتري جفاڪشي ڪئي، ۽ هڪ مهيني
اندر ٻارهن مريضن کي نه ڇٽايائين ته پوءِ طلسم جو
زور هليو ويندو ، ۽ پويون مريض ۽ خود حڪيم ٻارهن
مهينن اندر خوار خراب ٿي مرندا: هن بندي کي هينئر
ڪيئن به ڪري ٻارهون ڄڻو بچائڻو آهي، نه ته اسان
ٻنهي لاءِ زوال، ۽ هڪ سال اندر انتقال آهي.
بادشاهه: ٻاهر ڇانوڻيءَ ۾ جاچ ڪريو ته گهڻيئي مريض
ملي پوندوَ. توهين جنهن کي بچائڻ گهرو ٿا، تنهن جو
طب اسان جو جلاد پاڻيهي ڪندو، پر اسين ته سمجهي
نٿا سگهون ته هن کي جيئدان وٺي ڏيڻ ڪري اوهان جو
عدد ڪيئن پورو ٿيندو؟ اوهان جو ٻارهن ڄڻن جو عدد
تڏهن پورو چئبو، جڏهن اوهين ڪنهن کي پنهنجي حڪمت
سان ڇٽايو؟
حڪيم: حضور جن کي اول اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته
جتي ٻيا حڪيم ڇَٽَ پَٽن سان هڻي بيٺا ته تپ ڪو نه
کاڌو، تتي هن غلام رڳو ٿڌي پاڻيءَ پيارڻ سان
سائينجن کي ڪيئن نوبنو ڪيو؟ جڏهن اهائي ڳالهه
سائينجن کي سمجهه ۾ نه آئي، تڏهن هن طلسم جي باري
۾ ٻي ڪا ڳالهه جيڪڏهن سمجهڻ ۾ نه آئي، ته ان جو
ويچار ڪرڻ نه گهرجي. هن وقت بندي سان هيءَ جٺ آهي
جو اڄ صبح جو هڪ پليد جانور جو علاج ڪيو اٿس. جنهن
ڪري ٻئي ڪنهن کي طلسم جي وسيلي ڇٽائڻ کان خارج
آهي. هن باري ۾ وڌيڪ سوالن پڇڻ جو ضرور ڪونهي.
ايترو چوڻ بس آهي ته جيڪڏهن هن نيڪ سردار کي
ڇوٽڪارو ملندو ته حضور جن تان هڪ وڏي آفت ٽري
ويندي.
بادشاهه: حڪيم صاحب، اوهين به ڪنن مان ڪپهه
ڪڍي، اهو چڱي طرح ٻڌي ڇڏجو ته سوڻ ڳنڍڻ ۽ سنسي
جهڙين ڳالهين تي ڀرمجي وڃڻ، ٻڍڙين ماين ۽ اٻوجهه
ماڻهن جو ڪم آهي، جنهن جو نالو رچرڊ، سو اهڙين
واهيات ڳالهين کي ڌيان ۾ به ڪين آڻي، تنهن ڪري
يقين ڄاڻجو ته اوهان جي ڊيڄارڻ تي اسين ڊڄي ڪو نه
پونداسين. اسان جي کل سَهي! جِي کِل جي هجي ها ته
گهر کان ٻاهر پير ڪڍون ئي ڪين ها.
حڪيم: حضور جن ڀلي انهي ڳالهين کي واهيات ڪري
سمجهن پر ايترو يقين ڄاڻن ته بندي ڪي خلاف ڪو نه
چيو آهي، تنهن کانسواءِ به اهو انصاف آهي، جو هڪ
خسيس ڏوهه لاءِ ڪنهن کي معافي نه ڏيئي، ساريءَ
دنيا جي هر هڪ بدنصيب بيمار کي هن طلسم جي فائدي
وٺڻ کان محروم ڪجي!، بادشاهه سلامت، اوهين وري به
ويچار ڪريو، ڪنهن جي اک ڪڍڻ سولي آهي، پر وجهڻ
ڏاڍي ڏکي آهي. بادشاهه جيڪو مارڻ جو ڪم ڪن ٿا، سو
شيطاني آهي، حڪيم ڇٽائڻ جو ڪم ڪن ٿا، سو رحماني
آهي. توهان کي جڏهن ايتري به طاقت ڪانهي، جو ڪنهن
جو رڳو ڏاٺ جو سور لاهي سگهو، تڏهين هيءُ طلسم، جو
خلق کي فيض ٿو رسائي، تنهن جي فائدي وٺڻ کان انسان
ذات کي ڇوٿا آڏو ڦرو؟.
بادشاهه: (شوخيءَ سان) هيءَ حد گستاخي آهي، توهين
اسان جا حڪيم آهيو يا وزير؟.
بادشاهه جي شوخيءَ تي حڪيم ڍرو ته ڪين ٿيو، پر پاڻ
ٻه قدم مٿي ويو. رک رکاڻي اصل ڪانه ڪيائين. ڇوٽ
مان چيائينس: فرنگستان جا بادشاهه ٿي ڪري، منهنجي
ڀلائي جي عيوض مون کي اهو اجورو ٿا ڏيو، جو مون تي
اکيون ڪڍي ٿا اچو؟ هاڻ ڏسجو ته آءُ اوهان کي ڪيئن
ٿو چنگ چاڙهيان هينئر ديس پرديس اوهان کي بدنام
ڪندس، جتي قدردان ماڻهو هوندا، اتي اوهان جي
بيقدري ۽ بي شڪريءَ جو ڍنڍورو ڏيندس، جن اوهان جو
نانءُ ناموس به ٻڌو هوندو، انهن کي به آگاهه ڪندس
ته اوهين اول درجي جا ڳڻچور آهيو.
حڪيم جي اهڙن حرفن پٽي ڪڍڻ تي بادشاهه وڄ ٿي ويو.
يڪدم پنهنجي ترار ۾ هٿ وجهي چيائين: ڪميڻا، تون
اسان کي اهڙا وڍيل اکر ٿو ڳالهائين. هاڻ متان
پنهنجي حياتيءَ مان ڪڪ ٿيو آهين.؟ حڪيم بادشاهه جي
ترار ڀر بلڪل ڪين ڊنو، پاڻ اڳڀرو وڌي چيائين. هڻ،
هڻ، آءُ سمجهان ٿو ته منهنجا لفظ توهان کي ڏينڀن
وانگر ڏنگين ٿا، پر اهو ڪجهه نه آهي. حقيقتن
پنهنجي زبان سان آءُ اوهان کي ايترو خوار خراب ڪري
ڪين سگهندس، جيترو مونکي خون ڪرڻ سان توهين پاڻ کي
پاڻيهي خوار خراب ڪندا.
رچرڊ بادشاهه ٽانڊي تپڻو هو. هي مڙس تتو ته ڄڻ جن
متو. پوءِ ”نه تيڏا سُٽ، نه ميڏي ڪپاهه“ هيٺ مٿي
جي ڪابه سڌ ڪانه پوندي هيس. باقي اهو لڇڻ هوس ته
پنهنجي عزت آبروءَ جو ججهو خيال ڌاريندو هو ۽
ڀُليي ڀلائي به ڪنهن جو احسان ڪين وساريندو هو. هن
حڪيم جون مٿس مهرون لڳل هيون، جو کيس مئو جياريو
هئائين. اهو احسان ياد ڪري هيءَ امالڪ کانئس هٽي
پري ٿيو. دل ۾ چوڻ لڳو: جنهن مون کي ڇٽايو، تنهن
کي جي خون ڪندس ته سچ پچ پاڻ کي بدنام ڪندس ۽ پوءِ
ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ کڻي به ڪين سگهندس، اهو لوڪ لڄا
جو خيال ڌاري، هي وڌي حڪيم جي ويجهو ويو ۽
چيائينس: اسان جي تاج ۾ جيڪي هيرا جواهر لڳل آهن،
سي جيڪڏهن گهرو ها ته اسين انهن ڏيندي به ڪين
ڪيٻايون ها، پر جڏهن توهان پنهنجي لاءِ پاڻيهي
انعام چونڊيو آهي، تڏهن اسان کي به پنهنجو شاهاڻو
شان رکي، اوهان کي موٽائڻ مناسب نٿو لڳي. هاڻ اهو
سڪاٽلنڊ جو لعنتي اسان اوهان کي آيو پايو ڏنو:
اسين اوهان کي پروانو لکي ٿا ڏيون، سو وڃي اسانجي
مقربن کي ڏيکاريو ته اهي انهي نڀاڳي جي ٻانهن
اوهان جي حوالي ڪندا.
بادشاهه پوءِ ڪاغذ کڻي، ٻه اکر رهڙي ورتا ۽ اهو
پروانو حڪيم کي ڏيئي چيائين: انهي سڪاٽ کي اوهين
پنهنجو غلام ڪري رکجو ۽ جيڪو ڪم اوهان کي وڻي سو
هن کان وٺجو، ايترو چئجوس ته وري ڪڏهن ڀُليي
ڀُلائي به اسان جي منهن تي نه چڙهي.
هينئر حڪيم جي منهن ۾ پاڻي وريو، پهريائين جيڪا
تندي ٿي ڏيکاريائين، سا ڇڏي ٿڌو ٿيو ۽ وري اڳوڻڪو
تابعدارن جهڙو نمونو اختيار ڪري چيائين: حضور جن
جيئن فرمائين ٿا، تيئن اوس ڪبو.
بادشاهه: شاباس، اوهين هن کي چڱي طرح ذهن نشين
ڪرائجو ته پنهنجي سر جي جيڪڏهن سلامتي گهري ته وري
ڪڏهن به اسان جي اکين آڏو نه اچي. حڪيم صاحب،
اوهان کي ڪجهه ٻيو به گهرجي ته بلاشڪ گهري وٺو.
حڪيم: حضور جن پنهنجي سخا سان هن طاماعوءَ کي تار
ڪري ڇڏيو، هاڻ هن بندي کي ٻي ڪابه لوڙ ڪانهي، هيءَ
ئي بخشش گنج آهي.
بادشاهه: نه نه، اوهين حجاب نه ڪريو، اوهين جيڪي
طلبيندا، سو حاضر.
حڪيم: شڪر جو بندي جي هينئر ايتري خاطرداري ٿئي
ٿي. هاڻ جڏهن حضور جن وڌيڪ نوازش ڪرڻ لاءِ تيار
آهن، تڏهن رڳو اهو قول ملي ته ڪنهن به وقت هن بندي
جو ٻيو ڪو ڪم پوندو ته بادشاهه سلامت ناڪار نه
ڪندو؟.
بادشاهه: (هٿ هٿ ۾ ڏيئي) اسين اوهان سان شاهاڻو
قول ٿا ڪريون ته اسان تي جيڪا به فرمائش رکندا،
تنهن جي بنان دير پورائي ڪنداسين، اوهين به ايتري
مهرباني ڪجو، جنهن کي اسين ڪا سزا ڏيون، تنهن لاءِ
سفارش ڪرڻ نه اچجو، باقي ٻيو جيڪو به ڪم چوندا، سو
اکين سان پورو ڪري ڏبو.
حڪيم: ڌڻي شل اوهان کي وڏي ڄمار ڏيندو!
ائين چئي، حڪيم بلڪل ادب سان نوڙي سلام ڪري هليو
ويو. هن جي وڃڻ کانپوءِ بادشاهه سڄيءَ ڳالهه جو
مٿان وٺي ويچار ڪرڻ لڳو، چي، عجب جي ڳالهه آهي جو
هن مسلمان حڪيم کي سڪاٽلنڊ جي جوان جو ايترو نانءُ
ٿي اڀريو، جو اسان سان شوخ پوندي به ڪين گٿو.
شاباس هن مومن کي آهي جو جيڪي سندس ذات-ڀائي اسان
وٽ قيد آهن، تن جي آجاپڻ لاءِ وات ڪين وڌائين پر
اسان جي هڪ ذات-ڀائي جي آزادي لاءِ هيڏي هوڏ
ٻڌائين! ههڙو نيڪ مومن اسان يا عمر ڪو نه ڏٺو، پر
ٺهيو، اسان هن جي جان بخشي، هاڻ آسٽريا جي ڊيوڪ جو
ٽڪ مان ور لاهڻ گهرجي. پوءِ هڪل ڪري پڇيائين:
گلسلنڊ جو سردار حاضر آهي؟
بادشاهه جي هڪل تي سرٽامس امالڪ اندر پيهي آيو. هن
جي پٺيان اينگاڊيءَ جي مڙهي وارو سنياسي اهڙيءَ
رمز سان لڪي اچي بيٺو، جو بادشاهه کي ڏسڻ ۾ ڪين
آيو.
بادشاهه: (سرٽامس کي) اوهين هينئر جو هينئر شرناين
۽ توتاڙين وارا پاڻ سان وٺي نهايت شان شوڪت سان
آسٽريا جي آرڪ ڊيوڪ وٽ وڃو. هن وقت هو بيشرم کاني
تي هوندو ۽ سندس گهڻيئي ٽُڪريل اتي هوندا. انهن
سڀني اڳيان ٺاهي ٺوڪي چئجوس ته اسان جو فرمان آهي
ته انگلنڊ جو جهنڊو جو دغابازي ڪري گم ڪرايو اٿس،
سو هڪ ڪلاڪ جي اندر پيدا ڪري، نه ته کيس چڱائي نه
رسندي.
ٽامس: حضور، جيڪڏهن هو آلي وڃي ته پوءِ؟
بادشاهه: ائين جي سُڪيءَ ۾ ٽٻي هڻي ويو ته اسين سڳ
ڪڍي، کيس ثابت ڪري ڏيکارينداسين ته اها چوري پاڻ
ڪرائي اٿس ۽ پوءِ پنهنجي جيئڻ جو آسرو پلي ويهي.
ٽامس: قبلا، ٿورو ويچار ڪريو. هت اسين دشمن سان
ديني لڙائي ڪرڻ آيا آهيون ۽ نه پاڻ ۾ وڙهڻ آيا
آهيون!
بادشاهه: اوهين به ويچار ڪربو ته اوهان کي شاهي
فرمان جي بجاوري ڪرڻي آهي. ديني لڙائي! اسان جا
رفيق جڏهن سلطان سان صلح ڪرڻ لاءِ خواهان آهن،
تڏهن ديني لڙائي وري ڇاجي؟ اسان ڀانيو هو ته هتي
اچي جنگ جي ميدان ۾ پنهنجو ڌاڪو وجهنداسين. جڏهن
ائين ڪرڻ جو وجهه نه مليو، تڏهن پنهنجي آبرو ته
ڪَسِي ڪين ڪرائي هلنداسين. آسٽريا جو ڊيوڪ پاڻ کي
ڀلي ٽسينگ سمجهندو هجي. پر جنهن صورت ۾ انگلنڊ جي
جهنڊي جي فضيحتي ڪئي اٿس، تنهن صورت ۾ ساڻس جوڳي
جٺ ڪنداسين. بادشاهه جو اهڙو پڪو ارادو ڏسي،
سرٽامس صبر ڪري هليو ٿي ويو ته انگاڊي جي سنياسي
اشارو ڏيئي بيهاريس ۽ پاڻ وڌي بادشاهه جي ويجهو
وڃي بيٺو. هيءَ سنياسي جتي پرش هو. ڏاڍيون رياضتون
ڪيون هئائين، ۽ روزا رکيا هئائين، جنهن ڪري ڳري
ڪنڊا ٿي ويو هو. مٿي جا وار وڌي جٽائون ٿي ويا هئس
۽ سونهاري دن تائين پئي پهتس، مڇن جا وار وات
ڏانهن لڙيل ۽ ڀرون ڪجهه قدر اکين تي وريل هئس.
اکين ۾ تيج گهڻو هوس ۽ مڙس ڏاڍو ڏَيا وارو پئي
ڏٺو، بادشاهه ڏانهن ائين منهن ڪري بيٺو، جو ڄڻ ته
ڌڻيءَ وٽان سندس لاءِ ڪو فرمان آندو هئائين. هن
وقت جيتوڻيڪ بادشاهه خفي ٿيو ويٺو هو ته به هن کي
جوڳي تعظيم ڏنائين ۽ ساڳئي وقت سرٽامس کي حڪم
ڏنائين ته بنان دير حڪم جي بجاوري ڪر.
اينگاڊي جي سنياسيءَ وري به سرٽامس کي اشارو ڏيئي
بيهاريو ۽ بيپرواهن وانگر بادشاهه کي چيائين: آءُ
اوهان کي ڌڻيءَ جو اسم ۽ ڪليسا جو قسم وجهي چوان
ٿو ته اهو پنهنجو بيهودو حڪم بند رکو. هتي روضي
مبارڪ جي صدقي لڙڻ لاءِ آيا آهيون ۽ نه ڀائرن جو
رت ڇٽڻ آيا آهيون. آسٽريا جي ڊيوڪ کي به اوهان
وانگر سڳوري صليب جو نشان ڪلهي تي لڳل آهي، اهو
ديني نشان توڙي ڀائپيءَ جو اعلان وساري، جيڪڏهن هن
جي رڳو وار جو نالو وٺندا ته پنهنجو ننگ ناموس
ٻوڙيندا ۽ ياد رکجو ته ڌڻيءَ جو غضب اوهان تي نازل
ٿيندو!
بادشاهه: اهڙا دڙڪا ڏيئي، اسانکي ڊيڄارڻ جي ڪوشش
نه ڪريو. رچرڊ بادشاهه ائين ڊڄڻ وارو نه آهي. اسان
اوهان کي عزت ڏني....
سنياسي: (وچ ۾ روڪي) مون کي اوهان جي عزت خير ٿي
گهري! سچي سائينءَ کي عزت ڏيو، جنهن کي ڏيڻ جڳائي.
هتي اچڻ کان اڳ سڀني شهزادن سان ڀائپيءَ جي هلت
هلڻ جو قول ڪيو هُوَ. انهي انجام کي پاڻي ڏيئي
پنهنجي عزت وڌايو.
سنياسيءَ جا اهي پويان لفظ بادشاهه جي دل ۾ تير
وانگر چڀي ويا، آسٽريا جي ڊيوڪ تي جيڪا ڪاوڙ هيس
سا ڪافور ٿي ويس. ڏاڍو ککو وکو ٿيو. نيٺ گهڻيءَ
ٺهر سان چيائين: اسان کي ڀائرن سان ڦٽائڻي ڪانهي
پر اسان جي لکن جي آبرو ورتي اٿس، تنهن جو اسان کي
پلئو ضرور ڇڪڻو آهي.
سنياسي: اها اوهان جي گهر بلڪل واجبي آهي. شهزادن
پاڻ سمجهيو هو ته اوهين اهڙي ڳالهه لئي مٽي ڪري
ڪين ويهندا. هنن، تنهن ڪري پاڻ ۾ پهي، ٺهراءُ ڪيو
آهي ته انگلنڊ جو جهنڊو وري ساڳيءَ جاءِ تي قائم
ڪجي ۽ جنهن اڳئين جهنڊي سان حرڪت ڪئي هجي، تنهن کي
هٿ ڪري عبرت جهڙي سيکت ڏجي.
بادشاهه: آسٽريا جو ڊيوڪ ڇا ٿو چئي؟، حرڪت ته
سموري سنديس پيئي ڀانئجي.
سنياسي: هو ته قسم کڻي ٿو وڃي، تنهن هوندي به
جيروشلم جي وڏي پادريءَ تي اهو ڪم رکيو اٿن ته
آسٽريا جي ڊيوڪ جي سچائي، جنهن نموني پرکڻي هجيس
تنهن نموني پرکي.
بادشاهه: اسان سان دوبدو ٿي لڙندو؟، پاپ پلءِ نه
هوندس ته سوڀ اڻپڇو سنديس ٿيندي.
سنياسي: وڙهڻ جو نالو ٿا وٺو؟ تڏهن شابس آسٽريا جي
ڊيوڪ کي آهي جو پنهنجي قسم ۽ قول کي اوهان وانگر
وساري ڪين ويٺو آهي.
اتي بادشاهه هيڪاري ڦڪو ٿيو، سنياسيءَ کي چيائين:
جڏهن شهزادن جي منڊلي اسان جي جهنڊي کي وري
اڳوڻيءَ ريت مانُ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، تڏهن اسين
انهي باري ۾ ڪو به قدم نٿا کڻون.
بادشاهه پنهنجو ارادو ڦيريو ته سنياسي خوش ٿيو ۽
کيس دعا سلام ڪري هليو ويو. ٻاهر نڪري هنڌين ماڳين
اهو هوڪو ڦيريندو ويو ته دنيوي خيال وساري ديني
خيال ڌاريو. ڌڻي جي راهه ۾ جي مرندا ته اوهان کي
شهادت نصيب ٿيندي ۽ جي کٽندا ته ٻنهي جهانن ۾ جس
لهندا. سنياسيءَ جي انهي وعظ ٻڌڻ لاءِ ماڻهن جا
هشام اچي مڙيا. هن جي هن ننڍڙي تقرير ماڻهن ۾ گهڻو
اتساهه پيدا ڪيو. بادشاهه کي جڏهن انهي ڳالهه جي
سڌ پيئي، تڏهن هو سنياسي جي گهڻي ساراهه ڪرڻ لڳو.
هاڻ هن جي تتل هنياءَ تي هيڪاري ڇنڊو پيو ۽ پاڻ به
ساڙ وير وساري ديني خيال دل ۾ ڌارڻ لڳو.
باب ڏهون
ڀائرن سان پرچاءُ
سنياسيءَ جي وڃڻ کان پوءِ، ٽائر جو وڏو پادري
بادشاهه سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو. بادشاهه جي
بيماريءَ واري عرصي ۾ جيڪي ٿيو ٿايو هو، سو هن کي
ٻڌايائين، ۽ چيائينس: هينئر اها اميد رکڻ اجائي
آهي ته شهزادا ڪو ٻوٽو ٻاريندا، ۽ پئلسٽائين جو
شهر دشمن جي قبضي مان ڇڏائي سگهندا. هيڏانهن
پنهنجو گهر ڦٽو پيو آهي، ۽ سڀني کي آپو-آپ اچي لڳي
آهي، ته هوڏانهن سطان صلاح الدين جنگ لاءِ اڳي کان
به وڌيڪ گرما گرم تياريون ڪيون آهن ۽ ايترو ڪٽڪ
ڪٺو ڪيو اٿس، جو اهي جي ڪٽڪ هڪواريءَ ڪاهي ايندا
ته اسان جي لشڪر جا باردانا ڪڍي ڇڏيندا. فرانس جو
بادشاهه فلپ به سمجهي ٿو ته هينئر اسان جي دشمن
سان دال نه ڳرندي. هن هاڻ يورپ ڏي موٽي هلڻ جو پڪو
ارادو ڪيو آهي، پر رڳو اوهان جي سلامتيءَ جو اونو
اٿس. سندس رفيق ارل آو چئمپين جو به اهوئي ارادو
آهي، آسٽريا جي ليوپولڊ کي اهي ئي ساڙ آهن، جو
سڀني شهزادن اوهان کي کانئس مٿي فوقيت ۽ فضيلت ڏني
آهي. هو چوي ٿو ته وڙهون اسين ۽ نالو نڪري انگلنڊ
جي بادشاهه جو، تنهن کان موٽي پنهنجي ماڳ هلون، ته
اهو وڌيڪ چڱو آهي. ٻين شهزادن جا به اهڙائي خيال
آهن. هيڏانهن اچڻ کان اڳ قسم ته سڀني کنيو هو ته
ڀائرن وانگر يڪمشت ٿي رهنداسين، ۽ هن ديني لڙائيءَ
۾ پاڻ ڀليءَ ڀت موکينداسين، پر هينئر حسد اچي کنيو
اٿن. هر ڪو چوي ٿو ته آءٌ پنهنجو ڌاڪو وجهان، ۽
ٻئي ڪنهن جو نالو نه نڪري.
بادشاهه ماٺ ڪري هن جي ڳالهه ويٺي ٻڌي. هن جو هڪ
هڪ اکر دل سان پئي لڳس، ۽ جيئن انهيءَ ڳالهه تي
گهڻو ويچار ٿي ڪيائين، تيئن وماس ۾ ويڙهبو پئي
ويو. هن ڄاتو ٿي ته يڪي سر دشمن کان کٽڻ محال آهي،
تنهن هوندي به دل ٻڌي چيائين: ٻين شهزادن جي اها
ٻوڌي آهي ته پوءِ کٽن اسان جا ڀاڳ، پنهنجيءَ عزت
تي اسان کي ٽڪو لائڻو ڪونهي. اسين ويهن ئي ننهن جو
زور لائي، دشمن کي شڪست ڏيئي، پنهنجي ڪليسا جو
مانُ مٿي ڪنداسين. جيڪڏهن جيروشلم جي منارن مٿان
سڳورو صليب کڙو ڪري نه سگهياسون، ته پوءِ مر اُهو
اسان جي قبر مٿان قائم رهي!
پادري: اوهين راءِ لوڪ لالچي بيٺا آهيو، پر کرو
پيا ائين سندرو ٻڌن. هنن ته پاڻ پڪو ارادو ڪيو
آهي، ته هينئر پنهنجو هڪڙو ماڻهو به ڪين
مارائينداسين، بلڪ ڪنهن عيسائيءَ جو هڪڙو رت جو
ڦڙو به ڳڙڻ ڪين ڏينداسين.
بادشاهه: ائين ته سلطان به ڪين چاهيندو ته سندس
پهر مان ڪو هڪڙو ڄڻو به رتوڇاڻ ٿئي.
پادري: سو ٺهيو پيو آهي.
بادشاهه: تڏهن اوهان جي صلاح آهي ته صلح ڪجي؟
پادري: مارئي کان پڏايو چڱو. اسين جنهن مطلب لاءِ
هتي آيا آهيون، سو مطلب پورو ٿئي، ته پوءِ جنگ جدل
جو نالو ڇو وٺجي؟ عقل به ائين ٿو چوي، ته ننهن سان
ڇڄي ته ڪاتي نه وجهجي. سلطان اوهان جي نانءُ ناموس
کي ڏسي. سولو پلئو ڏئي ٿو. هو چوي ٿو ته حضرت عيسى
جو روضو عيسائين جي قبضي ڪبو، جيڪي عيسائي آئيندي
زيارت لاءِ ايندا، تن کي ڪا به اٽڪ ڪا نه وجهبي، ۽
هنن جي وار جو به نالو نه وٺبو. هُو ته ائين به
چوي ٿو ته ڀلي انگلنڊ جو حاڪم جيروشلم جو بادشاهه
۽ سنڀاليندڙ ٿئي. هن کان وڌيڪ اسان کي ٻيو ڇا
گهرجي؟
بادشاهه: هان! ائين چوي ٿو ته اسين ڀلي جيروشلم جا
بادشاهه ۽ سنڀاليندڙ ٿيون؟ ائين جي ٿيو ته پوءِ
چئبو ته اسان جي ساري سرس آهي، ۽ سڄي بازي اسان
کٽي. پر پادري صاحب، اوهان کي اعتبار اچي ٿو ته
سلطان صلاح الدين هن پاڪ مڪان تان سٿرو هٿ کڻندو؟
پادري: هو قسم کڻي ٿو چوي ته سڄي ملڪ جي ڪاروباري
انتظام ۾ ڪا به دست اندازي نه ڪندس، باقي ايترو
ٿئي ته انگلنڊ جي بادشاهه سان گڏ آءٌ به جيروشلم
جو بادشاهه ليکجڻ ۾ اچان. هو رڳو نالي کي ڪڙهي ٿو.
هو کليو کلايو چوي ٿو ته انگلنڊ جو بادشاهه اسان
سان سچو ٿي، مڱ ڳنڍي ته پوءِ مون ٽيهه ئي ٽوبا
ڇڏيا.
بادشاهه: هان، سڱ ڳنڍي! ايڊٿ سڱ ۾ کپيس. ويچارو
ڄاڻي ئي ڪين ٿو! (ويچار ڪري) پر اها ڳالهه اڳ ۾ به
اسان سان ڪنهن ڪئي ته هئي؟ پوءِ اسان جو حافظو
ڪجهه قدر گهٽجي ويو آهي، تنهن ڪري ياد نٿو اچي ته
سڪاٽلنڊ واري جوان ڪئي، يا حڪيم صاحب ڪئي، يا
اينگاڊيءَ جي مڙهيءَ واري سنياسيءَ ڪئي. ايترو
سجهي پيو ته ڪنهن مڙيوئي اهڙي واهيات ڳالهه بڪي
هئي!
پادري: اها ڳالهه اينگاڊيءَ واري سنياسيءَ ڪئي
هوندي. هن، انهيءَ ڏس ۾ پاڻ گهڻو پتوڙيو آهي. جنهن
وقت شهزادن جا وکا پڌرا ٿيا، ۽ ڏٺائين ته هنن مان
ڪو هاڻ ورڻو ڪينهي، تنهن وقت کان وٺي هن جي ننڊ
ڦٽي آهي. هو انهيءَ ڪري ٻنهي ڌرين وٽ ڀيرا پيو
ڪري. هو چوي ٿو ته عيسائي مذهب وارا جنهن مطلب
لاءِ سمنڊ جهاڳي ۽ هيڏا ڪشالا ڪري آيا آهن، سو جي
مطلب سمورو پورو نه ٿئي ته جيترو ٿي سگهي، اوترو
چڱو. خرخسو نه خالي، اَڌيو نه، نه پائلي.
بادشاهه: پر اوهين ڪي پنهنجو ويچار ڪريو ٿا ته
اسين مسلمانن ۾ ڪيئن سڱ ڏينداسين؟
پادري: البت پوپ سائينءَ سان صلاح ڪرڻي پوندي. روم
جي هاڪاري سنياسيءَ کي چئبو ته اهو ساڻس انهيءَ
ڳالهه جو ذڪر چوريندو.
بادشاهه: اسانجي پڇڻ کان سواءِ؟
پادري: (چَٽ ٻڌي) اول حضور جن جي منظوري، پوءِ ٻي
ڪا ڳالهه. مجال آهي ڪنهن جي جو سائينجن جي حڪم
ڌاران ڪو قدم کڻي سگهي!
بادشاهه: انگلنڊ جو بادشاهه مسلمانن ۾ سڱ ڏئي! مري
ويندس، پر ناشائستي ڳالهه نه ڪندس، اسين جي اهڙو
ڪم ڪريون ته پوءِ ته هرڪو ائين ئي چوندو ته: ويئي
سڱن کي، پر ڪن به ڪپائي آئي!
پادري: قبلا، اوهين انهيءَ ڳالهه جو خيال ڇو ٿا
ڪريو؟ اسپين ۾ گهڻائي عيسائي پنهنجون نياڻيون
مسلمانن سان پيا پرڻائين. اُهي ته پوپ سائينءَ کان
به ڪو نه پڇن. حضور جن رڳو اها ڳالهه ڳڻين ته اهڙي
سڱ مان ساري عيسائيءَ قوم جو ڪيترو ڀلو ٿيندو.
جيڪي ارڪان ڏسجن پيا تن مان ائين پيو سمجهجي ته
انهي مائٽيءَ ٿيڻ ڪري سلطان جيڪڏجهن پاڻ مسلماني
مذهب ڇڏي، ڪرستاني مذهب اختيار ڪري ته عجب ڪونهي.
بادشاهه: ڪرستان ٿيڻ جو ارادو ڏيکاريو اٿس؟ اسان
جي دين ۾ اچي ته پوءِ اسان کي سڱ ڳنڍڻ ۾ ڪو به
اعتراض ڪونهي.
پادري: قبلا، اڳي ته هو ڪٽر مسلمان هو، پر هاڻ
پادرين جا وعظ ٻڌا اٿس ته خيال البت ڦريا اٿس.
سلطان، جي ڪرستان ٿيو ته ڏسجو ته ٻيا ڪيترا مسلمان
هن جي پيروي ڪندا ۽ ائين اسان جو دين وڌندو.
بادشاهه: جيڪڏهن انهيءَ سڱ جو ذڪر ٻيو ڪو ماڻهو
اسان سان چوري ها ته انهيءَ دم ماري وجهونس ها، پر
جڏهن توهان جهڙي پادريءَ اهڙي ڳالهه ڪڍي آهي، تڏهن
اسين هن وقت ڪجهه نٿا ڪڇون. هينئر شهزادن جو ميڙ
مڙِڻو آهي، تنهنڪري اسين اوڏهين هلون ٿا ۽ هن
ڳالهه جو پوءِ ويچار ڪنداسون، حال ڀلي ته اها
ڳالهه بعينه ۾ رهي.
رچرڊ بادشاهه پوءِ شاهاڻو ويس وڳو ڍڪي، وڏيءَ ڌام
ڌوم سان مجلس ۾ ويو. ٻيا بادشاهه ۽ شهزادا اڳيئي
اچي ڪٺا ٿيا هئا، ۽ سڀ سندس لاءِ سيڙيا ويٺا هئا.
هن اچڻ ۾ ٿوري دير لاتي ته سڀڪو پنهنجو ساڙ وير
ياد ڪري چوڻ لڳو: ڏسو رچرڊ جا حال! اسين ڀانءِ ته
سندس زيردست هئاسين، جو پوريءَ مهل تي اچي حاضر
ٿياسين، ۽ پاڻ ڀانءِ ته اسان جو سردار آهي، جو
جنهن مهل وڻندس تنهن مهل ايندو؟ هيءُ پاڻ کي سمجهي
الائي ڇا ٿو! ڀانئين ٿو ته سج ڄڻ ته اڀري ۽ لهي ئي
مٿانس ٿو! هيڏو بانور الائجي ڪيو ڇاتي اٿس؟ هن کي
هاڻ ٺپي سنئون ڪرڻ گهرجي. هنن پوءِ پاڻ ۾ ارادو
ڪيو ته جنهن وقت ايندو، تنهن وقت سندس مرحبا رڳو
نالي ماتر ڪنداسين ته ڀلي مُنهن ڀِت سان لڳيس. |